سنڌ سلامت پاران
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
هي ڪتاب 2020ع ۾ سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين عيسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com