مهاڳ - ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين تي هڪ نظر : ننگر چنا
انهيءَ تُز سوال جي تُز وُرندي ته تڏهن ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن اسان وٽ ڪجهه ٻين سوالن جا ڪي ٺهڪندڙَ جواب هوندا. مثال طور عالمي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟ يعني انگريزي، فرينچ، اٽالين، جرمن، روسي، چيني، جپاني، عربي، فارسي، هندي، دَرِي ۽ ٻي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟
يا وري اهو ته هندي، تَمل، ڪَنڙ، مليالم، گجراتي، مراٺي، اُڙي، سنهالي، اڙدو ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟ اڙدوءَ مان منهنجي مراد هندوستان جي اڙدو ڪهاڻي آهي.
يا وري پنجابي، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، براهوي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟
اهڙو ڪو مطالعو ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته هڪ ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙا نقاد نه هجڻ جي برابر آهن، جيڪي مٿيون ٻوليون ڄاڻندا هجن. اهڙا پاٺڪ ضرور آهن، جيڪي عالمي ادب جو مطالعو انگريزي ترجمن وسيلي ڪن ٿا يا وري اڙدوءَ وسيلي.
وري اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي آس پاس وارين ٻولين ۾ سرجندڙ ڪهاڻيءَ جو اهڙو گڏيل ذخيرو اسان وٽ تمام گھٽ اچي ٿو. ڪو به اهڙو وڏو ذخيرو آهي ئي ڪونه، اڙدوءَ ۾ ئي سهي، جنهن ۾ ڪي پنجاهه کن پنجابي يا مراٺي، گجراتي يا تَمل، ڪَنڙ يا مليالم، عربي يا فارسي، جون ڪهاڻيون هجن. يورپي ٻولين مان به گھڻو تڻو ڪلاسڪ لکارين جا ترجما شايع ٿين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جو تقابلي جائزو وٺڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
جيسيتائين سنڌي ڪهاڻي جو لاڳاپو آهي ته خود اسان جي ڪهاڻي به هڪ صدي پوري ڪري چڪي آهي ۽ ان لحاظ کان ڪو به ڀرپور مطالعو اڳيان نه آيو آهي.
منهنجي لاءِ ملڪ آگاڻيءَ تي لکڻ هڪ لحاظ کان سوکو آهي ته ٻئي لحاظ کان اوکو. سوکو هن ريت ته روايتي طريقي سان ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين تي لکان. انهن جا مرڪزي خيالَ، انهن جي ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائيمڪس تي. انهن جي ڪردارنگاري، ٻولي ۽ ٻين فني پاسن تي. يا وري سندس ڪهاڻين جي فڪري پهچ تي. اوکو هن ريت آهي ته سندس ڪهاڻين جي سنڌيءَ جي سيبتن ڪهاڻيڪارن سان ڀيٽ ڪجي يا وري پنجابي، هندي، تَمل، دري، عربي، گجراتي ۽ پشتو ڪهاڻيءَ سان ڀيٽ ڪجي. اهڙا تحقيقي ڪم ڪرڻ جو سنڌيءَ م اڃا تائين ڪو رواج ڪونهي ۽ نه وري ڪو ويجهي آئيندي ۾ نظر اچي ٿو.
ٽيون مطالعاتي پاسو فڪري تحريڪن جي اثر هيٺ ڪري سگهجي ٿو. هڪ وڏو ڪينواس ته نو آبادياتي ۽ بعد نو آبادياتي پس منظر جو آهي. نفسياتي تنقيد، سماجي تنقيد، مارڪسي تنقيد، سماجي حقيقت نگاري واري تنقيد سميت اڻ ڳڻين نظرين هيٺ اڀياس ڪرڻ به هڪڙو طريقو آهي.
ملڪ آگاڻي جي ڇپيل ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب هڪ اڳ ۾ ”لڄارو عشق“ جي نالي سان ۽ ٻيو هي، ”وڃايل راهون“ آهي جيڪي پڙهندڙن جي اڳيان آهن. سندس ٻه ناول، ”نيروليءَ جو ڪُن“ ۽ ”سج جا پاڇا“ ڇپيل آهن. ”نيروليءَ جو ڪُن“ پنهنجي طرز جو نيارو ناول آهي. ان ناول ۾ جتي اسان جي هڪ دور جي سياسي عمل تي، سياسي ڳنڍي ڇوڙائپ تي، سياست جي نالي ۾ ٿيل ڪلور تي تنقيد ڪئي وئي آهي، اُتي ٻن اهڙن رشتن جي وچ ۾ عشق ڏيکاريو ويو آهي، جن جي وچ ۾ ٿيڻ عام آهي. ملڪ آگاڻي جي ان ناول تي اُنَ دور ۾ ٿيل تنقيد ۾ سياسي ساڙُ گھڻو هو پر ادبي تنقيد گھٽ. ملڪ آگاڻيءَ پنهنجي ان ناول جي باري ۾ پاڻ لکي ٿو، ”۽ پوءِ جڏهن اڳتي هلي ”نيروليءَ جو ڪن“ ناول معجزاتي طور تي ٻن ڳالهين کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته همراهن جون وايون بتال ٿي ويون، پهرين اها ته سنڌ ۾ قومي سياست انتشار جو شڪار رهي. قومي ۽ کاٻي ڌر جون جماعتون پنهنجي منطقي انجام کي پهچي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون ۽ ٻيو ته بين الاقوامي طور تي اشتراڪيت جو زوال عمل ۾ آيو.“
”۽ پوءِ سنڌي ادب ۾ سياستدانن جي ڪردار تي زبردست تنقيد ٿيڻ لڳي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ گلف هوٽل لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڪهاڻي ويهڪ ۾ ”نيروليءَ جو ڪن“ جي اثر جو اعتراف ڪندي پنهنجي ڪهاڻي ”انقلابيءَ جو موت“ لکي، جنهن ۾ ڪميونسٽن جي ڪردار تي سخت تنقيد ٿيل هئي.“
(ڪجهه رنگ ”نيروليءَ جو ڪن“ جا، لکڻي: ملڪ آگاڻي، صفحو نمبر 5 ۽ 6، ڪتاب ”سج جا پاڇا“ 2005ع، ڪنول پبليڪيشن)
سندس ٻيو ناول ”سج جا پاڇا“ سنڌي قوم جي وير ڪٿا آهي، جنهن ۾ بقول ملڪ آگاڻيءَ جي، ”ظلم، جبر، لاچاريون، مجبوريون، بيوسيون، بي ڪسيون، فتحون ۽ شڪستون سمايل آهن ته وڏيرڪي راڄ ۾ ماڻهو ڪيئن نه بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. هن ناول ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ نظرياتي نقطن کي به بيان ڪيو ويو آهي. جن سان اڄ جو سنڌي ماڻهو منهن مقابل آهي. سنڌي قوم جون ڪي موروثي ڪمزوريون ۽ انقلابي نعري پٺيان شيطاني قوتن جي ڪٺي ٿيڻ وارا خيال به سمايل آهن. ”سج جا پاڇا“ ۾ اقتدار جي تبديلي کان پراڻين تهذيبن جي ڊهڻ ۽ نين تهذيبن جي ٺهڻ جا ڪي خيال به سمايل آهن. ته اسان کي ملڪ آگاڻي جي ڪهاڻين تي هڪ نظر وجهڻ گهرجي ۽ پوءِ ڏسجي ته مجموعي طور تي اسان ڪهڙن نتيجن تي پهچون ٿا. ان ۾ هڪ ڳالهه اڳواٽ عرض ڪري ڇڏيان ته مون سندس سڀني ڪهاڻين تي نه لکيو آهي، پر ڪجهه ڪهاڻين تي اک ڦيرائي آهي.
سندس ڪهاڻين مان پهرين ڪهاڻي ”ويچاري سنجها“ آهي. هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي جيڪا ٿوري گھڻي پڙهيل لکيل به آهي. ٿوري باشعور به آهي، ٿوري آزاد به آهي پر آهي ڳوٺاڻي. اهڙي عورت جيڪا پڇاڙيءَ تائين ويچاري ئي رهجي وڃي ٿي. سنجها جي ڪهاڻي اسان کي ضمير واحد متڪلم ۾ هڪ شخص ٻڌائي رهيو آهي. هڪ مختصر ڪهاڻي، جنهن ۾ سنجها پنهنجي پيءُ جي ساڻس ٿيل دست درازي، جيڪا جنسي عمل تي کٽي ٿي، جِي ڪٿا ٻڌائي ٿي. اهڙي عورت جيڪا مرد ذات کان هيسايل، هپايل آهي. جيڪا محرم کان، ڪائنات جي سڀ کان ٻاجهاري هستي، پيءُ کان جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿئي ٿي.
اهڙو پيءُ جيڪو وڏيرو آهي ۽ جابر آهي، سندس زال مري چڪي آهي. ملڪ آگاڻي ٻن جملن ۾ سندس تعارف هيئن ڪرائي ٿو: ”هُوءَ وڏيرڪي ماحول ۾ پليل نپايل شاهاڻي گهر جي ڇوڪري، شڪل و صورت جي قابلِ قبول پر آواز جي جادوگرياڻي. جو جڏهن ڳالهائيندي آهي ته سندس نڙيءَ مان لفظ امرت ڌارا جيان لار ڪري نڪرندا آهن.“
اهڙي سنجها، جنهن جي آواز ۾ ملڪ آگاڻيءَ جي چوڻ مطابق، ”سرائڪي ڪافيءَ وارو سوزُ ۽ مصري خان جي الغوزي جو درد سمايل هوندو آهي“ سا پنهنجي اندر ۾ ڪمزور آهي ۽ ٿيندڙ انياءَ تي ڪو به وڏو قدم نه ٿي کڻي سگهي ۽ جڏهن سندس پيءُ دل جي دوري ۾ هڪدم هليو ٿو وڃي، تڏهن سنجها ان جنسي هراسمينٽ واري ماحول ۾ ڪو آجو ساهه کڻڻ جي لائق ٿئي ٿي.
ڪهاڻيءَ ۾ ملڪ آگاڻيءَ Unity Of Impression جو ايترو ته خيال رکيو آهي جو ڪجهه جاين تي ڪهاڻيءَ جا ڪردار اجائي هيڻائي ڏيکارين ٿا، جيڪا اَسڀاويڪ آهي، تنهن هوندي به پڙهندڙ اها نوٽ ڪرڻ کان سواءِ يا وري نوٽ ڪندي به پڄاڻيءَ ڏي وڌي وڃي ٿو.
اسان جي سماج ۾ اڄ کڻي اها جنسي ڇڙواڳي (Sexual Perversion) ظاهر ٿيڻ لڳي آهي، پر جڏهن ملڪ آگاڻيءَ انهيءَ تي هيءَ ڪهاڻي لکي هئي، تڏهن اهو سڀ لکڻ لاءِ به وڏو ساهس کپندو هو.
سنجها جو پيءُ توڻي جو ٻين سان به زنا ڪندو هو، شرابي هو، جُوئاري هو، پوءِ ڀي سُڌَ ناهي ته ڌيڻس لاءِ جنسي موهه ڇو پيدا ٿيس؟ ۽ ڌيڻس جيڪا اهڙي جنسي ڏاڍائي ٿيڻ کان پوءِ به ٻُڪ ٽڪين جو کائي آتم هتيا ڪري ٿي ۽ بچي وڃي ٿي.ان سنجها جا خيال ڪجهه ههڙا هوندا هيا، ”روالور کڻي پيءُ کي شُوٽ ڪريان، بندوق ڀري ٻئي نالَ سندس سيني ۾ ٺوڪيان.“ پر ڪري ڪجهه نه سگهي. اهڙو مظلوم ۽ هيڻو ڪردار ملڪ ڇو تخليق ڪيو؟
ان ڪري جو هُنَ کي هڪ پاسي صدين جي ماريل، لويَل لَتاڙيلَ، ڪاري ۽ ڪميڻي عورت جو ڪيس جو رکڻو هو. هن کي اهو ٻڌائڻو هو ته ”هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾“ ۽ ڪالهوڪي مقتول سسئي ۽ سهڻيءَ جو تسلسل آهي هيءَ سنجها. تڏهن ئي ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته ملڪ آگاڻيءَ ڪهاڻيءَ جو سرو ”ويچاري سنجها“ ڇو رکيو؟
سندس ٻي ڪهاڻي آهي ”لڄارو عشق“ هڪ خوبصورت ڪهاڻي. ڇرڪائيندڙ ڪلائمڪس رکندڙ ڪهاڻي. اهائي پنهنجي سنڌ جي ڪهاڻي، جنهن سنڌ لاءِ هيئن چئجي ته اها گذريل ٻن هزار سالن کان تاريخ مان موڪل تي هئي ۽ جڏهن انگريز سامراج آيو ته سنڌ کي به موڪل پوري ڪري موٽي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو. وڏو عرصو تاريخ مان موڪل تي رهڻ واري سنڌ جي سماج ڪجهه اهڙو تخليق ڪيو، جيڪو اسان جهڙن ٻين گھڻن ئي سماجن ۾ تخليق ٿيو ۽ ان ۾ اسان به آهيون، وڏيرو به آهي، قبيلا ۽ ذاتيون به آهن. نفرتن ۽ محبتن جا، عشق ۽ پيار جا، مِٽي مائٽي ۽ ريت رواجَ جا پنهنجا پيمانا آهن. شايد اهي پيمانا اسان جو وڏو هٿيار به رهيا آهن.
هن ڪهاڻيءَ جو مرد بندوق سان گڏ شهر مان ڳوٺ جي لاريءَ ۾ چڙهي ڳوٺ وڃي ٿو. ڪهاڻي توڻي جو جنرل ضياءَ جي ڪاري آمريتي دور جي ٽائيم فريم ۾ آهي، سندس لوڪيشن ٻهراڙي آهي. مرڪزي خيال سروانتيس جي ڊان ڪوئيڪزاٽ جهڙي همراهه جو پاڻَ هُرتڙو عشق آهي. قبائلي جهيڙن جي ماريل سنڌ ۽ سِر کان تَتَل، اهو پليل مرد آهن، جنهن کي موت جي پاڇي ۾ به عشق جي جهوري لڳل آهي. يا هيئن چئجي ته اهڙي مرد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو صدين کان پنهنجي هلڪڙي ۽ ٽرڙي طبيعت جو اهڙو ته هيراڪ آهي جو گهڙي پل جي لاءِ به پنهنجي خسيس پڻي کان واقف نه ٿو ٿئي، يا وري اُهائي لاپرواهي سندس وجود جي بقا جو ڪارڻ آهي. ڏسڻ ۾ ته هُو آڙي ڪاپ لڳي ٿو. هن جي اٿڻي ويهڻي جيڪا عورتن جي باري ۾ ظاهر ٿئي ٿي، اهو به آگاڻيءَ جو ڪمال آهي جو ڪردارُ بس اسٽاپ تي اچي ٿو ۽ ويندي ڳوٺ جي اسٽاپ تائين، ان وچ ۾ هُنَ جي نفسي بُکَ، هن جي آنڌ مانڌ کي سُود پُود اهڙو چِٽيو ويو آهي، جهڙو اهو هوندو آهي. انهيءَ شڪاريءَ جو شڪار سندس قبيلائي دشمن ناهن، اها اَکَ ٻُوٽَ ته هلندي رهندي، پر ”لڄارو عشق“ جو نشانو مظلوم ۽ هيڻي عورت آهي، جيڪا هر مامري ۾ هيڻي آهي ۽ قربان ٿيڻ لاءِ پيدا ٿي آهي. همراهه بس اسٽاپ تي موجود ٻن عورتن جي ڪجهه حرڪتن تي ڀنڀلجي، پاڻ کي معشوق جي اک سان ڏسڻ لڳي ٿو ۽ لڳيس ٿو ته انهن عورتن مان هڪڙي مٿس عاشق آهي ۽ پوءِ هُو سڄي واٽَ اهو لڄارو عاشق تڙپندو هلي ٿو. هُو پاڻ کي انهيءَ عشق جي ڪوٽ کي فتح ڪرڻ لاءِ ڀانئين ٿو. کيس انهن عورتن جي چهرن تي کن پل لاءِ اداسي به نظر اچي ٿي وڃي پر کيس اها اداسي به عشق کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور نه ٿي ڪري. هن کي ته اها ڳڻتي آهي ته : ”ٺهيو، چئن سنگتين سان ڊاڙ هڻڻ جهڙو ته ٿيس، مان به ڀري بس ۾ ڪنهن سان عشق لڙايو. عشق لڙائي سگهجي ٿو!! ”پر پوءِ کيس سُڌَ پوي ٿي ته اهي عورتون قبيلائي دشمني جي ڪري هن جي بندوق کان ڊنل هيون. مايُون اسان جي هِنَ ڊان ڪوئيڪزاٽَ کي ڏسي ڀريل بس ۾ رانڀاٽ ڪرڻ واريون هيون پر منشيءَ جي دلجاءِ ڏيڻ تي وقت ڪڍي ويون.“
سڄي ڪهاڻي ۾ ڪردار جيڪو پاڻ وارتا بيان ڪندو ٿو هلي، ان جي ڪردارنگاري ۾ جان اهو ڪردار گھڙڻ ۾ ملڪ آگاڻيءَ وڏين تخليقي صلاحيتن کان ڪم ورتو آهي. هي اهو ڪردار آهي جيڪو اصل ۾ پنهنجي سطحي پڻي تي پاڻ ٽوڪ ڪري سگهي ٿو ۽ ان مان لطف وٺي سگهي ٿو.
ڪهاڻي ”لست جو زوال“ به اسان جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪا اڄ تائين مختلف قسطن ۾ جاري ۽ ساري آهي. سنڌ جي وڏي اسڪرين تي ان ڪهاڻي جا هزارين ايپي سوڊَ هلي چڪا آهن ۽ هڪ ئي وقت هلي به رهيا آهن. زوالي وڏيرڪي سوچَ جو زوال به ايترو ڊگھو ٿي چڪو آهي جو اڃا ته ان جو انت نظر ئي نه ٿو اچي. جرڳا، بديَ ۾ سَڱَ، اوطاقن جا خرچَ، چٽيون، دربدريون، ٻنين تي قبضا اهو سڀ ڪجهه اڄ به هلي رهيو آهي. نه ته ملڪ جي صدر بڻجي ويل زرداريءَ کي نوابشاهه جي ننڍن زميندارن جون زمينون ڦٻائڻ لاءِ اٽڪلن جي ضرورت نه پوي ها. هُنَ کي ته ڪو وڏو صنعت ڪار ٿيڻ گهرجي ها.
هيءَ اهڙي وڏيري جي ڪهاڻي آهي جيڪو اڳ ئي ڳيجهو بڻايلَ حضوري لاءِ جرڳو ڪري ٿو. حضوري کان اڳ سندس پيءُ الهه ڏتو به انهيءَ رئيس هٿان ذليل ٿي چڪو هو، پر اهو ڪردار به پنهنجي سرسي، اها ارڏائي جيڪا صدين کان پوءِ گڏ ٿيندي آهي ته ڀنڀٽ بڻجي پوندي آهي، ان ارڏائيءَ جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ وجهه وٺي رئيس جي سامهون ٿيو هو. سامهون ڪيئن ٿيو هو؟ پراڻو طريقو ورتو هئائين يعني چوري ڪري بيعزتي ڪرڻ وارو طريقو. طاقتور دشمن سان ڳجهي ويڙهه ڪرڻ جو طريقو. پر تاريخي شعور کان وانجهيل هجڻ جي ڪري حضورو اڪيلو وڙهيو هو . اهو هن سکيوئي ڪو نه ته ٻين کي به ساڻ کڻي هلجي.
الهه ڏني جو پُٽُ حضورو ساڳي رئيس جمال وٽ گهرايو ويو آهي ۽ ڪهاڻي انهيءَ جرڳي سان گڏ ڪجهه ٻين ننڍڙين ڪهاڻين کي به بيان ڪري ٿي. ملڪ آگاڻي منڍ ۾ هڪ آکاڻي بيان ڪري ٿو، ڪهاڻيءَ جي پاتر جي واتان، ”گلن واري ساٽياڻيءَ جي ڳالهه.“ جرڳو جيئن ته رئيس جي مڇيءَ جي کڏي مان مڇي مارڻ تي ٿيو آهي، تنهنڪري آگاڻيءَ ڪمال ڪاريگريءَ سان اُٿندي ئي کِکيءَ هاڻين جي قصي کان شروعات ڪري، پڙهندڙ کي انهيءَ خاص ماحول ۾ وٺي وڃي ٿو.ان کان پوءِ ٻي ڪهاڻي ايٿ تاري جي اڀرڻ سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائن جي آهي. انهن تي ويساهه جي آهي ۽ ان ۾ به توهان ڏسو ته ملڪ آگاڻي لوڪ روايت مطابق ايٿ تاري سان لاڳاپيل نحوستن جو ذڪر ڪندي اهو به چوي ٿو ته : ”ايٿ اڀرڻ سان جَرَ سُڪي ويندا آهن، مينهون مالَ کير گھٽائي ڇڏيندا آهن......“
ٻئي پاسي اڄوڪي جرڳي جي وحشت ۽ دهشت ڏيکارڻ لاءِ مثالن ۾ رئيس جمال جا اڳ ڪيل ڪجهه جرڳا بيان ڪيا وڃن ٿا. ماڻهوءَ کي اگهاڙو ڪرڻ، هڪ ٻئي جي جنسي آلتن ۾ هٿ وجهرائڻ، ميڙيون منٿون ڪرائڻ، ڪُٽي ڪُٽي رت ۾ ڳاڙهو ڪرڻ جهڙا ڪم ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪندو رهيو آهي اسان جو رئيس جمالُ. رئيس جمال وٽ سلطاني گواهه به آهن، جج به پاڻ آهي، عدالت سندس اوطاق آهي. پر مثال (Precedent) ۾ ابن ڏاڏن جا اهڙائي وحشت ڀريا فيصلا آهن. پر ڪهاڻي ۾ موڙ تڏهن ٿو اچي جڏهن رئيس جمال ريت رواج مطابق، اصل ۾ ڏاڍن جي ريت رواج مطابق سڱ چٽيءَ تائين اچي پهتو هو جو هڪ هڪل ٿئي ٿي، ”رئيسَ! سنڀال......... سنڀال، هروڀرو ننگن جا نالا نه ڳنهه! ايترا هيڻا به ناهيون.“
”اڙي !بس ڪر.“ پوڙهي هڪل ڪئي، ”تون ننڍو آهين، تنهنجو ڪم ناهي.“
پهرين هڪل هڪ نوجوان جي آهي ۽ ملڪ آگاڻي پاڻ سموري ڄمار انهيءَ هڪل جي آبياريءَ لاءِ جُهدَ ڪندو رهيو.
ڪهاڻي جي پڄاڻي ڏاڍي شاندار آهي. رئيس جو گھڙيل ٽڪساٽ ڊهي پوي ٿو ۽ ان هوندي به رئيس غلط فيصلو ڪرڻ لڳو.
ڪهاڻي ٻڌائي ٿي: ”رئيس جي گھٻراهٽ ۽ نوجوان جي بهادريءَ ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن ننڍڙي عمر واري جيتامڙي، عقل ۽ ڏاهپ ڀريا گفتا، جنهن بي ڊپائيءَ سان چيا، تنهن تي عام ماڻهن کي ڏاڍو عجب لڳو......... سندس حد درجي جي بي ڊپائي، خودداري ۽ بهادريءَ کيس ٻين کان علحدو ۽ نرالو ڪري بيهاريو، جنهن سبب رئيس وڏي مشڪل ۾ اچي ڦاٿو هو.“
وڏيرڪي لست جو زوال ائين ئي ٿئي ٿو ته رئيس دڙڪا داٻا ڏيندي، گاريون بَڪندي، ڌمڪيون ڏيندي راڄ وارن کي ۽ ملزم ڌُرِ کي نڪري وڃڻ لاءِ چوي ٿو ۽ پنهنجي ئي اوطاق مان پاڻ نڪرڻ لڳي ٿو. ائين ڄڻ ته هي ڪردار به پاڻ ئي پاڻ تي رحم کائيندي نظر اچي ٿو. لست جو زوال جيڪو ڪهاڻي جو مرڪزي نڪتو آهي، اهو زوال اوس اچڻو آهي ۽ اهوئي ملڪ آگاڻيءَ جو ارٿ هيو ۽ آهي.
”جهنگل ڪڍي پار“ ڪهاڻي هڪ ڊکڻ جي وارتا بيان ڪري ٿي. استاد جلال، ان جي گهرواري، جيڪي بي اولاد آهن. مجيد جيڪو هنن پالي وڏو ڪيو آهي ۽ ڪنهن ٻئي ڳوٺ جو آهي. ڊکڻ وٽ ڳوٺ ۾ پنهنجي جاءِ آهي ۽ استاد جلال جي مرگ کان پوءِ مجيد جيڪو هن پُٽ ڪري پاليو آهي، سو استاد جي جاءِ ۽ ڌنڌي جو وارث ٿئي ٿو. پر اهوئي وڏيرو جيڪواڄ تائين ناانصافي جو سمبل آهي، استاد جلال جي جڳهه ڦٻائڻ لاءِ مجيد کي ”سَت ڌاريو“ چئي، بيدخل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ٿو.
ڪهاڻي ڊَکاڻڪي ڪرت جي زوال کي بيان ڪري ٿي. ملڪ آگاڻيءَ استاد جلال کي بي اولاد ڏيکاري ۽ سندس پُٽيلي مجيد کي دربدر ٿيندي ٻڌايو آهي. هن ڄڻ ته استاد جلال جي پيڙهي نه هئڻ کي ڊکاڻڪي ڪرت جي روايت جي ٽٽڻ سان تشبيهه ڏني آهي ۽ پاليل شاگرد مجيد جي وسيلي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته جي اها ڪرت جاري رهڻي آهي ته انهيءَ کي نئين نسل مان ڪو اڳتي اچي ايڊاپٽ ڪري، تڏهن ئي جاري رهي سگهي ٿي. پر ان ۾ به پراڻو مُدي خارج سسٽم رڪاوٽ بڻيل آهي.
انهيءَ صديون پراڻي ڪرت جو اَپمانُ اصل ۾ اسان جي ڪلچر جي هڪ شاندار حصي جو اَپمانُ آهي ۽ سموري ڪلچر جو اَپمان آهي. اسان جي روايتي ۽ شاندار ڪرتن جي نڌڻڪائيءَ کي هيءَ ڪهاڻي وڏي سهڻي نموني بيان ڪري ٿي. اهڙي ئي ڪهاڻي آهي امر لغاري جي ”ناد وارو“ ۽ وري اهڙوئي ناول آهي اختر رضا سليمي جو ”جَندر“ ناد وڄائڻ وارا به ويا ته ٺاهڻ وارا به ويا. سليميءَ جو ناول پختونخوا جي هندڪو وسيب ۾ ٽَڪرين مان ڪرندڙ جهرڻن تي هلندڙ اَٽي پيهندڙ جَنڊَ جي چڪين تي آهي. اختر رضا سليمي هندڪو ڪلچر جي هڪ سَب ڪلچر جي معدوم ٿي وڃڻ جي وارتا بيان ڪئي آهي. ايئن ملڪ آگاڻيءَ به ”جهنگل ڪڍي پار“ ڪهاڻي ۾ ڊکاڻڪي ڪرت جي بي قدريءَ ۽ زوال تي لکيو آهي.
ڪهاڻيءَ جو سرو ”جهنگل ڪڍي پار“ به علامتي انداز ۾ ڪهاڻي جي مرڪزي خيال سان ٻن معنائن ۾ ڳنڍيل آهي. هڪ ڊکڻ جي ڪاٺ سان، جهنگ جو ڪاٺ ئي ڊکڻ جو سڀ ڪجهه آهي. جيڪڏهن ڊکڻ ئي نه رهندو ته جهنگ جي ڪاٺ کي ڪير مانُ ڏيندو. هڪ وجود وڻ ٻئي وجود يعني ڪنهن به ڪارائتي وٿ ۾ ڪيئن بدلبو؟
ٻيو هن معنيٰ ۾ ته سماج به هڪ جهنگل آهي ۽ اهو پنهنجي هڪ حصي جي نابود ٿيڻ تي پار ڪڍي رهيو آهي.
سندس ٻي ڪهاڻي آهي، ”هينئون هيڪل بَن ۾“. جنرل ضياءَ جي دَور ۾ سنڌ کي سڀ کان گھڻيون مصيبتون پلئِه پيون. هيروئن، ڪلاشنڪوف، مذهبي انتهاپسندي، فرقي واريت، شهري دهشتگردي ۽ ان زماني ۾هڪ نعرو عام جام لڳندو هو، ”پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشلا!“ انهيءَ دور ۾ سنڌ جي اُڀرندڙ وچئين طبقي جي مُنڍي ڀَڃڻ لاءِ سڀ کان وڏي آفت جيڪا مسلط ڪئي وئي هئي، تنهن جو نالو هو ”ڌاڙيل“ ملڪ آگاڻي اُنَ مصيبت جو اکين ڏٺو شاهد آهي. آگاڻين جي ڳوٺ جهڙا هزارين ڳوٺ هيا، جيڪي اُنَ قهر مان گذريا هيا. اها هڪڙي وڏي ٽريجڊي آهي، جنهن جي معمولي حصي تي هيءَ ڪهاڻي لکي وئي آهي. ڌاڙيل ڪلچر تي ان هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ئي ايترو ته مواد آهي جو ان تي ٿيسز لکي سگهجي ٿي. ڌاڙيلن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو، سندن ٻولي، ٽارگيٽ جي ريڪي ڪرڻ، ڀُنگَ جي وصولي جو طريقي ڪار، درياءَ جي ڪنڌيءَ ۽ ڪچي جي رهڻي ڪهڻي، ڌاڙيلن جي ٻولي، هنن جو قيدين سان ورتاءُ ۽ ها سچي! جنسي عمل!!
ملڪ آگاڻيءَ انهن ماڻهن/وحشي ٽولن جي جنسي لاڙن کي به هن ڪهاڻيءَ وسيلي ظاهر ڪيو آهي. اُنَ زماني جي سنڌ جا احساس، سنڌ جي سَنڌَن ۾ ڊُڪندڙَ ڊَپَ، سنڌ جي مزاحمت جو ڪنهن کي درشن ڪرڻو آهي ته ”هينئون هيڪل بَن ۾“ ضرور پڙهي. ضمير متڪلم واحد ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي اغوا ٿيل سنڌ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا اڃا تائين هڪ نه ٻئي ڌاڙيل ٽولي جي هٿيارن هيٺان ساهه مُٺ ڪيون تڳي رهي آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ اچي ٿو، ”پوءِ جڏهن منهن اونداهڙي جي وقت زنجير ۾ سلهاڙيل اسان سڀني کي دستور موجب کڏ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. واري واري سان هڪ هڪ کي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ زنجير ڄنگهه مان ڪڍندو ٻيهر جڪڙيندو ويو. پنهنجي واري تي مان به خلاصو ٿي آيس. ڪجهه ڄنگهان ساهيم، آرس ڀڳم. سڄو ڏينهن ويٺي ويٺي عضوا ئي ڪَڙجي ويا ٿي. جڏهن ڦري ڦلپوٽي جو وارو آيو. هن جي ڄنگهه مان زنجير نڪتو ته هن جُوانَ مڙس لامارو ڏئي ڳچيءَ کان جهلي کڻي پهريدار کي سوگهو ڪيو. هَڪل ڪيائين اسان کي،
”ڀڄي اچو، مڙس ٿيو.............“
ائين ئي سنڌ سڀني سنگهرن مان آجي ٿيندي ۽ پنهنجن مارن سميت آجي ٿيندي. ۽ اسان جي ڪهاڻين کي منزل ملي پوندي.
مون ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين جو جيترو مطالعو ڪيو آهي، مون کي انهن سڀني ڪهاڻين ۾ سماج اندر موجود جنسي لاڙن جا اولڙا به مليا آهن. مَلڪ جي ڪهاڻين جو اهو هڪ الڳ پاسو آهي. جيڪڏهن ڪو سوشيالاجيءَ جو شاگرد ”مَلڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ جنسي لاڙا ۽ رجحانَ“ جي نالي سان مطالعو ڪري ته کيس حيرت جو جهان نظر ايندو. مان ان جي لاءِ مَلڪ جي هن ڪهاڻيءَ جو نالو کڻڻ ئي ڪافي ٿو سمجهان. سندس ڪهاڻي آهي، ”وڃايل اُٺُ.“ سندس هن ڪهاڻيءَ جو منڍ ڏسو:
”مان هڪ بستيءَ ۾، بيد جي لَچڪندڙ چَهي جهڙي دوشيزه کي ڏٺو، جنهن جي الهڙ ۽ مست جوانيءَ کي، سونا زيور وڌيڪ چمڪائي رهيا هيا. منهنجي سرڪش جذبن جي پرواهه نه ڪندي هُوءَ ڊيل جيان لُڏندي لَمندي لنگهي وئي. لڳي ٿو، شايد پوڙهائپ جي پهريدارن اچي گهيرو ڪيو!!!“ (بلوچي شاعر بيرگ)
هي جيڪو بلوچي شاعريءَ مان نثري ترجمو ڏنو ويو آهي، ان شاعر جو نالو ڇپائي جي چُڪَ سبب غلط اچي ويو آهي. اهو اصل ۾ بِي بَرگ آهي. بلوچي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ڄام دُرَڪ ۽ مست تَوّڪلي، بالاچ گرگيزَ، جوان سال بگٽي سان گڏ هانِي، شَه مريد ۽ بِي بَرگ تائين وڏي کير ڌارا آهي. بِي برگ جي ڏنل اِنَ ٽڪري ۾ عاشق پنهنجي پوڙهائپ جي چوڪيدارن جي گهيري جي ڳالهه ڪئي آهي. ۽ هيءَ ڪهاڻي به هڪ اهڙيَ لست جيَ ماريل اُٺَ جي آهي، جيڪو وڳر کان وڇڙيل آهي ۽ پوڙهائپ جي چوڪيدارن جي گهيري ۾ آهي، جيڪو هر ڏاچيءَ جي پٺيان لڳي پوڻ جي ڪري ٻئي ڪُڙم قبيلي کان نڪتل آهي. جنسي وارداتون ڪندڙ شاهينگ جِي هيءَ ڪهاڻي سچ پچ ته حيران ڪري ڇڏيندڙ آهي. هڪ ڪردار جي جنسي سوڀن کي عدالتي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۾ ائين پيش ڪيو ويو آهي، جو هڪ ئي وقت ٻن مختلف علمن کي رَلائي ڪيس رکڻ ۾ ملڪ آگاڻيءَ جِي تخليقي ايپروچ جو معراج سامهون اچي ويو آهي. صفا عامَ جِي ٻوليءَ ۾ عامُ ڪَٿا، ”هَهه هَهه بار گڏهِه تي چنگهي کوتي!“، ”مان ڪا چَري آهيان يا لَٽا لاهي ڇڏيا ٿم جو ڏند ٿو ٽيڙين!؟“، ”اها هنگِ ترڪان ڇاجي آ!؟“، ”تو ۾ ته ٽڪي جو اَڦال ڪونهي!!“، ”تون به ته ڏس، سڄو ڏينهن ٽاپُن جي ڪڍ، هاڻي اچي...... جڏي ادي جي اچڻ جو ٽائيم ٿيو آهي.... هاڻي جُود ڪر جُود.“
اِهي ته مڙيوئي مثال آهن. خزانو ته ڪهاڻيءَ ۾ پوريو پيو آهي. مون کي نه ٿو سُجهي ته جنسي ڇڙواڳين تي، اهڙيَ آڙِي ڪاپَ ڪردار جي نفسياتي لاڙن ۽ سندس ترڪتالين تي اهڙي ڪهاڻي ڪا ڪنهن لکي هجي. ڪهاڻي ۾ رَنَ زال به آهي، نئين سامايل به آهي، ڪَچِي وَهِي به آهي، ٻارن ٻچن جي ماءُ به آهي، موٽ کائي آيل وَهِي به آهي، پر ”سڪندر دي گريٽ“ هڪ ئي آهي. مَلَڪ ڳالهه کي لڪائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو: ”نئون ناپٽ پَٽڻ لاءِ ڪهڙن نه تيز تِکَن گهوٻن جي ضرورت رهي ٿي! سٺو کير وٺڻ لاءِ ڪهڙي نه سُٺي ٽنڊوالي ڪرڻي پوي ٿي، اهو ته ٿيو وياٽو/ سُوا مينهن کان کير وٺڻ ڪيڏو نه ڏکيو جانِ جوکم جو ڪم آهي!! ان ڪنواري کير چکڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي، ڪهڙا ڪيڏا نه ٿا جتن ڪرڻا پون…… ڪهڙا ڪهڙا نه مضبوط ۽ جٽادار ونگ ٿا ونگڻا پون!! پوءِ هُنَ جيئن ئي تڪڙ ۾ اچي ڪري ونگ وجهي گُوهو ڪڍڻ چاهيو هو، اهڙيءَ ئي تيزيءَ سان ونگ ٽٽو هو ۽ تيز پَڇاڙ سندس سيني تي ڇُڙڪ جيان ٺڪاءُ ڪيو هو.“
اهي ڳالهيون ڪڙڪ، ڇتي آڙي ڪاپَ، رنڊي باز جون آهن.
اها ڪهاڻي پڙهندي مون کي ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جو ڪتاب ”بلوچ سماج ۾ عورت ڪا مقام“ ياد آيو. بلوچ سماج ۾ ڪنهن دَور ۾ عشق رڳو پرڻيل عورت سان ئي ٿيندو هو، ڪنواريءَ سان نه. هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ مٿان سنڌي سماج جا نوان اسرار کوليندي.
سندس هڪ ڪهاڻي آهي ”گمنام سپاهيءَ جي قبر“ اها ڪٿا اسان جي سماج ۽ اهڙن ٻين سماجن جي ان پرت جي آهي، جيڪا زندگاني جو وڏو حصو علم جو فيض ورهائيندي گذاريندي آهي. اسان سڀئي کيس استاد جي نالي سان سُڃاڻون. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال استاد جي رٽائرمينٽ کان پوءِ واري جيون تي آڌاريل آهي. اهو وڏو الميو آهي ته استاد، ليڪچرار، پروفيسر جيڪڏهن رڳو نصابي سرگرمين تائين محدود رهي پوءِ رٽائر ٿئي ته پوءِ سندس باقي زندگي رحم جوڳي گذرندي آهي. اسان جي آسپاس ڪيئي رٽائرڊ استاد آهن، جن لاءِ هاڻي وڏو مسئلو هي آهي ته هُو پنهنجو جبل جيڏو ڳرو وقت ڪيئن گهارين؟ هن ڪهاڻي جو ڪردار به اهڙين پِيڙا ڀرين ڪيفيتن مان گذري ٿو. اهو استاد اڪيلائي ۽ اٻاڻڪائي هٿان وهلور ٿي پنهنجن پراڻن سنگتين سان ملڻ لاءِ نڪري پوي ٿو انهيءَ ڳوٺ ڏي جتي هن ڊيوٽي ڏيندي وڏو وقت گهاريو هو، پر جڏهن اُتي پهچي ٿو ته ڪيئي ڄاتل سُڃاتل چهرا کيس کيڪارين به نه ٿا. تڏهن سندس اندر جهري پوي ٿو. حد ٿي وڃي ٿي جڏهن پنهنجي هيڊماستر سان ملڻ وڃي ٿو ۽ کيس چوي ٿو، ”مان کي سُڃاتُوَ!!؟ ڇا ان ماستر کي وساري ويٺا آهيو، جيڪو اوهان جي اولاد جي شيوا ڪندو هو؟ ڇا ان کي به وساري ويٺا آهيو، جيڪو توهان کي وڌ ۾ وڌ پيارو هو، جنهن سان گھڻي گھڻي رات تائين ويٺا ورونهه ڪندا هئا. ياد نه اَٿو ڪيئن نه ”گل ڦل“ ۽ ”هڪ ڪتيءَ مان ٻه ڪتيون“ جون ڳالهيون ڪري پيا وندرائيندا هئا.“
اُنَ هيڊ ماستر جي آخري ورندي ڪجهه هيئن هئي: “الائي ابا، وکت وکت جي ڳالهه آهي، سمي سمي جو سوال آهي، ماستر ته گھڻيئي رهي ويا، پوءِ تون الائي ڪهڙو!“
اِنَ ڪهاڻيءَ ۾ رڳو نه سُڃاڻجي سگهڻ جي پيڙا ناهي پر ميڪانڪي انداز ۾ جيون گهارڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه وئرٿ وڃڻ جو نانگ به ڏنگ هڻندو رهي ٿو. ايئن اهو رٽائرڊ استاد پنهنجي سڄي زندگي تي اک ڦيرائي ويڳاڻپ جي اوجَهه ۾ لهي وڃي ٿو. ۽ پوئتي رهجي وڃي ٿي گمنام سپاهيءَ جي قبر جهڙي زندگي. سندس آخري ويچار اهڙا ته روح رهڙيندڙ آهن جو پڙهندڙ کي اڻٽر طور تي رٽائرڊ استاد سان همدردي ٿي پوي ٿي:
”هڪ ماستر..... ماستر جنهن جي هن سماج ۾ ڪا عزت ڪا وقعت ڪانه، صرف ۽ صرف ٻن پيسن جو مزدور، مزدور جنهن جو جيئڻ ئي جنجال، جنهن جو زندهه رهڻ ئي اڪارتو. ڪاري اماس رات کان سواءِ ڪجهه ڪونه، ڪجهه ڪونه ۽ مرڻ کان پوءِ؟ مرڻ کان پوءِ گمنام سپاهيءَ جي قبر کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه، ڪجهه ڪونه ۽ شايد اهو به.........“
جيڪڏهن اها ڪهاڻي رٽائرمينٽ واري جيون جو پوتاميل آهي ته وري ”ڪارا ڪڪر اڀ تي“ اهڙي شخص جي وارتا آهي جيڪو واندو آهي. روزگار جي ڳولا ۾ آهي. خاص ڪري اهڙو ماڻهو جيڪو شگرمل جو مزور آهي پر ڇانٽين جي وَر چڙهي چڪو آهي ۽ جيڪو ٻارن ٻچن وارو به آهي. بيروزگاريءَ جي ڪري زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جيڪا گهپي ٿئي ٿي، جيڪا بيزاري جنم وٺي ٿي، رکي رکي هڪ ٻئي جي وجودن کان جيڪا ڪرڀ وٺينِ ٿي، جنهن ريت ماڻهپي مان نڪري وڃن ٿا، اهو سڀ مَلڪ آگاڻيءَ جي فڪر ۽ فهم جو ڪمال آهي. پورهئي جي ويڳاڻپ ڪيئن نه رشتن جي ويڳاڻپ کي جنم ڏئي ٿي، اُنَ جو وِستارُ جيئن آگاڻيءَ پيش ڪيو آهي سو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سڄي ڪهاڻي پنهنجي سماج جي دردڪٿا آهي، جنهن جي اسان جي سهڻي ٻوليءَ وسيلي وڏي اثرائتي انداز ۾ ترجماني ڪئي وئي آهي. ”لڀي لوڻ به ڪونه اَئون جهلي ڪانوَن جي مهماني..........“
سڄي ڪهاڻيءَ ۾ زال مڙس جي ڪِرڪِر آهي. طعنن تُنڪن جا چَهَڪَ آهن، تِکن لفظن جا گهاوَ آهن. ماڻهوءَ جي ٻيرا ٻيرا ٿيل اندر جي ڪٿا آهي، درد آهي، سُور آهي، پِيڙا ۽ پيڙا جا پڙلاءَ آهن. پر پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ڪجهه آهي سو ڪمال جو آهي. آگاڻيءَ زال مڙس کي جهنم جي وچ ۾ هوندي به جنهن ريت زندگيءَ جي سُونهَن ڏي، ماڻهپي ڏي موٽائيندي ڏيکاريو آهي، اُنَ کي پڙهندي سماج جي نيڪين ۽ چڱاين تي ويساهه پختو ٿي وڃي ٿو. ٻئي زال مڙس نه رڳو هڪٻئي جو مُلهه ڄاڻن ٿا پر هن سڄي مانڊي جي مانڊاڻ کي اڳتي وڌائڻ واري پنهنجي ايندڙ پيڙهي ڏي جيڪو ورتاءَ اٿن، اُهو برهمانڊَ جي باقي رهڻ جِي ضمانت آهي. هُو جيئڻ جي جبلت ۽ بک جي جبلت جي اڳيان بيوس هوندي به بيوس ناهن. هُو پنهنجن ٻارن سان گڏ سُڪِي وَيل ايري چانور چٻاڙيندي جيڪو مزو ماڻين ٿا، اهو مزو ئي ڪِرڀائتي جيون کي ڪو نئون موڙ ڏئي ٿو. توڻي جو ڪهاڻي ڏهاڙي واري کِٽِ پِٽِ کان پوءِ ڦِڪي ٻُسي جيون لاءِ اڳتي ڪا روشن راهه نه ٿي پَسائي، پر جيڪو آهي، جيئن آهي، سو ايترو ته سهڻو، مَنَ موهڻو آهي جو اڳتي جي ڳڻتي نه بيروزگارَ مرد کي آهي نه سندس زال کي، نه ڪهاڻيڪار کي ۽ نه مون کي. اِهائي ڪامياب ڪهاڻيءَ جي نشاني آهي ته سندس ”تاثر جي وحدت“ ايتري ته سگهاري هجي جو توهان سرجڻهار جي فريم کان ٻاهر نڪري سوچي به نه سگهو.
سندس ٻه ڪهاڻيون ”واشنگ مشين“ ۽ ”سج ڪَني نڪتي“ هِنَ ڪتاب جي مختصر ڪهاڻين مان آهن. ”واشنگ مشين“ ڪهاڻي سائنس جي ناڪاري پهلوءَ تي آڌاريل آهي. هِنَ ڪهاڻيءَ جا جيڪڏهن پهريان پنج صفحا هن ۾ شامل نه به هجن ها ته تڏهن به ڪهاڻي تي ڪو به اثر نه پوي ها، پر سُڌَ ناهي ته ملڪ آگاڻيءَ جهڙو ڪهاڻيڪار ڇو ائين ڪري ويو آهي؟ ۽ ڪهاڻي جو مرڪزي خيال به ڪو صحتمند خيال ناهي. جڏهن ته ٻي ڪهاڻي پِيرَ پرستيءَ جي پراڻي ڪوڙَهه تي لکيل آهي. هڪ پاسي ڪنهن به پِيرَ جي نالي تي باسيلُ اُهو وَهٽ آهي جيڪو جوان ٿيڻ تي اُنَ پِيرَ جي نالي تي خيرات ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ ناري آهي جا اَگهائيءَ هٿان وهلور آهي ۽ سندس دوا درمل جي لاءِ مُڙسهَنسِ وٽ ٽَڪو ناهي. هڪ پاسي نوجوانُ تنوير آهي، جيڪو انهن مدي خارج خيالن جو مخالف آهي ته ٻئي پاسي ملهار آهي، جيڪو پنهنجن پُراڻن ڀَرمن وِسوسن مان هٿ ڪڍڻ نه ٿو چاهي. پر سوڀَ سچائي کي ٿئي ٿي ۽ ائين سماج هڪ وک اڳتي وڌائي ٿو.
ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ ”موٽي محرم آيو“ ٻين ڪهاڻين کان هن لحاظ کان به منفرد آهي ته مَلڪُ فڪري طور تي ترقي پسند، وطن دوست سوچ جو هيو ۽ سندس ادبي لاڙو سماجي حقيقت نگاريءَ ڏي به هيو ته سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ ڏي به. سندس ڪهاڻين جي ٻئي ڳٽڪي ”وڃايل راهون“ ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ته آهن ئي هارين جي مسئلن، انهن جي ٻَڌي ۽ تنظيم تي لکيل. پر هِيءَ ڪهاڻي ۽ هڪ ٻي ڪهاڻي “مُٺِ ۾ ساهُه” وري سنڌ جي تاريخ جي هڪ خاص دَور، ڏاڍ ۽ جبر جي اونداهين دَور، يعني سنڌ ۾ ٿيل لساني فسادن واري عرصي جِي ترجماني ڪن ٿيون. هنن ٻنهين ڪهاڻين ۾ سنڌين سان ٻوليءَ جي بنياد تي، هندستان مان لڏي آيل پناهگير ڀائرن ڇا ڇا ڪيو؟ تنهن سڄي وارتا کي بيان ڪيو ويو آهي. هنن ٻنهين ڪهاڻين مان وري ”موٽي محرم آيو“ ٻن اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي حيدرآباد ۾ ٿيل فسادن کان پوءِ قاسم آباد نالي علائقي جِي ڪيمپ ۾ رهندڙ آهن ۽ اُهي ٻئي مسلڪي طور تي شيعا آهن. ان ڪري هيءَ ڪهاڻي الڳ به آهي، جو انهيءَ وسيلي ضمير متڪلم واحدُ اسان کي محرم جي اچي وڃڻ ڪري افسوس ۾ ورتل نظر اچي ٿو. هُنَ کي اها پريشاني آهي ته مهاجر ڪيمپ ۾ هجڻ ڪري هِنَ ڀيري محرم ڪيئن ملهائبو، ماتم ڪيئن ڪبو، مجلسون ڪيئن ٿينديون، تعزيا ۽ امام اصغر جا پينگها ڪيئن کڄندا، غازي عباس جو انگاسُ ۽ ذوالجناح جو ڇا ٿيندو ؟؟؟؟
هيءَ ڪهاڻي هڪ مرد ۽ عورت جي محرم سان محبت جي ڪهاڻي ته آهي ئي، پر ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ عزاداريءَ جو به پوتاميل پيش ڪري ٿي ۽ سنڌ ۾ عزاداريءَ جي مرڪزن، ماتمن، انگاسن، انهن سان لاڳاپيل ريتن رسمن ۽ مولائين جي اُڌمن ۽ احساسن جي نمائندگي به ڪري ٿي.
ٻه عاشق ۽ معشوق، جيڪي لساني فسادن جي ڪري پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿيا آهن، ڀَريا تُريا گهر ڇڏي آيا آهن، سندن محبت جي سڳي کي هڪ ٻِي ڏوري به مضبوط ڪيو بيٺي آهي. اِها ڏوري آهي مولا حسين جي حبدار هجڻ جي ڏوري، ڪربلا جي درد جو مشترڪ هجڻ به اُها ڪڙي آهي، جنهن جي ڪري ڪهاڻي درد جو عَلَمُ بڻجي پئي آهي.
هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ سان مون کي سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻي ”ڪالي شلوار“ ياد اچي وئي. منٽو جي ڪهاڻيءَ ۾ ڳاڙهي بازار جي ڪسبياڻي کي محرم مهيني ۾ ڪاري شلوار کپي ۽ سندس عاشق کي اُها وٺي ڏيڻ لاءِ چوري ڪرڻي پوي ٿي. پر هتي وري هيئن ٿئي ٿو:
”هڪ محرم تي ڪارن ڪپڙن جي فرمائش ڪا نه ٿي. فرمائش ڪا نه ٿي ته چيم ٺهيو ..... ڇُٽي وياسين ان خرچ خفي کان. پر پهرين محرم کان ٻه تاريخون اڳ جڏهن ملياسين ته مرڪي چيائين،
”ڇو..... کُٽي پيو آهين ڇا .......؟“
”وڃ ڀيڻان......!“ مان کان دانهن نڪري وئي، ”چڱو ٺُڪُ ٺاهيو ٿي.“
۽ پوءِ ريشم گليءَ وٺي هلي. ٻه جوڙا پاڻ لاءِ، ڪو هڪ اڌ مان لاءِ به ڦاڙايائين.........“
جڏهن ته ”مُٺ ۾ ساهه“ به حيدرآباد جي لوڪيشن تي ۽ ساڳي دَور تي آڌاريل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ وري سنڌي ڪاموري جي بيغيرتيءَ ۽ ڪانئرتا کي وائکو ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي مخالف گروهَه ”مهاجر“ جي بزدلي، موقعي پرستي، وطن دشمني کي بيان ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي سنڌي وچولي طبقي جي ابن الوقتيءَ جا به ڇوڏا لاٿا ويا آهن. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو ڪتاب، ”ڪرفيوءَ ۾ لکيل ڊائري“ ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي هڪ ڪهاڻي (شايد) ”مهاجر ڪيمپ“ به هن موضُوع تي پڙهندڙ جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏين ٿا.
”چري چاهت چت جِي“ نالي ڪهاڻي سنڌ جي وجود ۾ ناسور جيئن موجود ”ڪارو ڪاري“ جهڙي آپدا تي لکيل آهي. جڏهن ته ”سبق پهريون“ ڪهاڻي پڙهڻ سان چيني انقلاب سان لاڳاپيل ڪهاڻيون ياد اچي وڃن ٿيون. ”لانگ مارچ ڪي يادين“ ۽ ”گوريلون ڪي ياد داشتين“ جهڙا ڪتاب ۽ ”مان وطن دوست گوريلو ڪيئن بڻيس“ جهڙيون ڪهاڻيون هاڻوڪي پيڙهيءَ لاءِ رڳو هڪ حوالو آهن. پڙهندو ته ڪو ڪو هوندو. اُهي اسٽڊي سرڪل ئي ويا جَن ۾ اِهي ڪتاب پڙهايا ويندا هيا. هيءَ ڪهاڻي ماضيءَ ۾ هارين سان لاڳاپيل هڪ مامري ”بيگر“ تي لکي وئي آهي. هاڻي ته سڄو ڪم اچي مشينن والاريو آهي. کاٽي، لابُ، ڳاهه ۽ هاڻي ته رونبو به مشين ڪرڻ لڳي آهي، تنهنڪري اڄوڪي دَور جي ڀوتار کي هارپي واري ڪم ۾ بيگر جي ڳڻتي ناهي، پر سندس سڄو ڌيانُ سياسي بيگر تي آهي. هيءَ ڪهاڻي سليم نالي پڙهيل ڇوڪر جي، پيرل نالي هاريءَ جي بيگر نه وهڻ تي ساڻس ٿيل جُٺ جي خلاف بغاوت جو بيان آهي. هاري تنظيم ٺهڻ کان وٺي جدوجهد جي ڪامياب ٿيڻ تائين سڄي ڪهاڻي طبقاتي فڪر جي عڪاسي ڪري ٿي. پر هيءَ ڪهاڻي سليم جي جدوجهد کي ائين ڀِچائي پيش نه ڪري سگهي آهي جو هُو هڪ آئيڊيل ڪردار جيئن اُڀري اچي ها.
مَلڪ آگاڻيءَ جي گھڻين ڪهاڻين ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو اديبُ هڪ ڪردار طور ضرور موجود آهي. ڪهاڻي ”وڃايل راهون“ به هڪ اهڙي ئي ڪردار جي ڪٿا آهي، جيڪو اديب آهي ۽ ڪنهن جي لاحاصل محبت جي حاصل ٿيڻ ۾ اڃا آس رکيون ويٺو آهي. ثريا نالي اها ناري جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي ته راشد سان پريم ڪرڻ لڳي ٿي، پر پوءِ نثار نالي ڪنهن ٻئي همراهه جي لاري لڳي پوي ٿي. اڳتي هلي ثريا کي نثار وٽان دوکو ۽ طلاق ملن ٿا ۽ راشد وري به ساڻس ساڳيو چاهه رکندي ملندو رهي ٿو. ڪهاڻي ٻنهين ڪردارن جي آخري ملاقات کان شروع ٿِي آخري ملاقات تي ئي پوري ٿئي ٿي ۽ اسان کي وڃايل راهن ۾ ڇڏي وڃي ٿي.
مَلڪُ هڪ ڪردار واتان چوائي ٿو: ”اديب، جيڪي پياريون دل ۾ چڀندڙ ڪهاڻيون چوڻ ڄاڻن، اديب جيڪي ٻين جي خوابن جا تعبير ته ڪري سگهندا آهن پر پاڻ اڌورا ۽ اڻپورا ئي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن مرندا آهن، تڏهن ساڻن گڏ سندن اڻپورن خوابن کي به دفنايو ويندو آهي.“
اهي ويچار اصل ۾ ثريا جا آهن، جيڪا ماضيءَ کي وساري اڳتي وڌڻ وارو ڪردار نظر اچي ٿي. ڇو ته هُوءَ ماضيءَ هٿان ڏنگيل آهي، تڏهن ته ماضيءَ کان لنوائي ٿي ۽ راشد کي ماضيءَ ۾ پيار مليو هو تنهنڪري هُو ماضيءَ مان نڪرڻ نه ٿو چاهي. ڪهاڻي ماضي ۽ حال کي جهلڪين ۾ ڏيکاريندي هلي ٿي. راشد ۽ ثريا جي ملاقات ۾ راشد جو ساڳيو جهڪاءُ آهي، پر ثريا ٻن تجربن کان پوءِ فرد وانگر، هڪ خودمختيار انسان وانگر جيئڻ چاهي ٿي. هاڻ هُوءَ رڳو عورت ناهي، جيڪا مرد جي انا جي گهيري ۾ هوندي آهي پر هُوءَ پنهنجي ماضيءَ ۾ مليل درد کي ٻَلُ بڻائي جيئڻ چاهي ٿي. راشد جيڪو سَرِير جو چاهڪ آهي، جيڪو مستقبل کان بي پرواهه آهي ۽ حال جو لطف ماڻڻ چاهي ٿو، سو هڪ ڀيرو وري ثريا کي ناتو ڳنڍڻ جي آڇ ڪري ٿو، پر ثريا اهو سڀ ڪجهه رد ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٻئي وڃايل راهن جا مسافر اڻ ڄاتل پنڌ جا راهي ٿي وڃن ٿا.
”سج ۽ چنڊ“ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي، جيڪا طلاق مليل آهي ۽ سرڪاري نوڪري ڪندڙ آهي. اها عورت ٽيليفون تي اسان جي ڪهاڻي جي پاٺڪ سان لاڳاپا رکي ٿي. اهي لاڳاپا هُوءَ پنهنجي ڀاءُ سڏيل شخص جي چوڻ تي رکي ٿي ۽ ان همراهه جو خيال آهي ته ڪهاڻي واري پاٺڪ کي اُنَ مائيءَ سان وهانءُ ڪرڻ کپي. اِها مائي به ٽيليفون تي ڪچهري ڪندي هڪ پارسا خاتون جو ڏيک ڏئي ٿي. هُوءَ اسان جي پاٺڪ سان پنهنجي نام نهاد ”ڀاءُ“ کانسواءِ ملڻ به نه ٿي چاهي. اسان جو پاٺڪ پرڻيل آهي، سگهرو آهي، پر دوست جي چوڻ تي ٻي شادي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هِنَ عورت ۽ اسان جي پاٺڪ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڊگھيون ڊگھيون ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون.
اسان جو پاٺڪ هڪ ڏينهن پنهنجن دوستن سان گڏ اوطاق تي آيل ٻن ڪال گرل مايُن سان روح رچنديون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، پر جنهن مهل اهو ۽ سندس دوست جيڪو سندس ٽيليفوني محبوبا جو ”ادو“ آهي، ٻئي ڪمري ۾ اندر وڃن ٿا، جتي ٻه ڪال گرل ويٺل آهن. تڏهن اهو ”ادو“ ڪال گرلس مان هڪ کي سُڃاڻي وٺي ٿو ۽ کيس ڀُونڊو گهروڙي ڏئي ٿو. اِها ساڳي پارسا مائي آهي ۽ اسان جو پاٺڪ به کيس آواز تي سُڃاڻي وٺي ٿو. اُها مائي جيڪا ڪال گرل ٿي پهتي آهي، تنهن جي ننڍي ڀيڻ وري ”ادا“ سان ڪچهريون ڪندي آهي. ننڍي پاڻ کي ”چنڊ“ ۽ وڏيءَ کي ”سج“ چوندي آهي. ائين اهو ”سج“ لهي وڃي ٿو.
ملڪ آگاڻيءَ جي سياسي فڪر جون ساکي ڪهاڻيون تمام ٿوريون آهن، انهن مان هڪ ”ڪروڌي سنڌو“ به آهي. سندس هيءَ ڪهاڻي سياسي پرچار جو شڪار آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته هن ۾ ڪهاڻي پڻو گھٽ ۽ نعرا وڌيڪ آهن. دلاور جيڪو سنڌوءَ ۾ ٻوڏ اچڻ جي ڪري ٻار ٻچا، گهر تڙ، الهه تَلهه وڃائي تباهه ٿي آيو آهي. دلاور ٻوڏ ۾ لڙهندي بُنڊَ تي چنبڙيل اَڌ ساهو ٿيلُ، هڪ ڪراڙي ملاح کي هٿ اچي ٿو ۽ گهر ٻار جو سوچي وري آتم هتيا ڪرڻ چاهي ٿو. پر ڪراڙو ملاح دلاور کي سنڌوءَ جي ڪروڌ جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو. غلامي، وطن فروشي، بي غيرتائي ۽ اَڻ برابري. پوءِ دلاور وچن ڪري ٿو ته هُو سنڌ کي روشن ڪندو ۽ پرماريت ۽ ڌاري سامراجيت جي خلاف مهاڏو اٽڪائيندو ۽ ڪهاڻي هيئن سماپت ٿئي ٿي:
”نئون انسان جاڳي پيو هو!
ڦريل ماريل انسان جاڳي پيو هو!
تاريخ ضرور پنهنجو پاڻ دُهرائيندي!
سنڌي ساڻيهه ضرور سک جو ساهه کڻندو!
ڪروڌي سنڌو ضرور سامت ۾ ايندو!“
اسان سڀني جي به ساڳي سَڌَ آهي ته سنڌ سُکَ جو ساهه کڻي ۽ خوشحالي ڏسي.
ٻن ڪهاڻين، ”هن بنگلي ۾، هُنَ بنگلي ۾“ ۽ ”سونن سنجن وارا گڏهه“ ۾ هڪجهڙائي به آهي ته وري اِهي ٻئي ڌار پار به آهن. سنڌي ڪاموري جي سوچ ۽ نفسيات تي امر جليل جي ڪهاڻي ”پکي“ هڪ شاهڪار لکڻي آهي. مَلڪ به پنهنجين ڪهاڻين، ”مٺ ۾ ساهه“، ”هِنَ بنگلي ۾، هُنَ بنگلي ۾“ ۽ ”سونن سنجن وارا گڏهه“ ۾ انهن جي ساڳي تاريخي ڪردار ۽ نفسيات کي وائکو ڪيو آهي. اِهي ئي اُهي گڏهه آهن، جن تي سونا سنج پيل آهن ۽ باقي آهن ته گڏهه جا گڏهه. هڪڙو نوڪر اَهڙن گڏهن جا ڪارناما بيان ڪري ٿو ۽ خبر پوي ٿي ته انهن مان گھڻا تڻا ”مُنهَن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.“ واري ڪار تي عمل ڪندڙ آهن. راشي، زاني، بداخلاق، جنسي ڪج رَوِي جا ماريلَ، ”هيڻي تان لهينِ ڪانه، ڏاڍي تي چڙهينِ ڪانَه“ وارِي راهَه جا راهي. ”هِنَ بنگلي ۾، هُنَ بنگلي ۾“ وارو ڪامورو اصلي نسلي وڏيرو به آهي، تنهنڪري هُنَ ۾ بڇڙائپ جا گُڻَ ڪجهه سَرسُ آهن. هيءَ ڪهاڻي ڪافي پراڻي آهي پر اڄ ڪلهه ”نيب“ هٿان پڪڙيل ڀوتار/ڪامورا/سياستدان ڏسي مَلَڪَ جي ادبي وجدان تي رشڪ اچي ٿو.
اسان ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين تي ڳوڙهي نظر وجهنداسين ته سندس ٻوليءَ جو لهجو اُترادي آهي ۽ هُنَ پنهنجين ڪهاڻين ۾ اُنَ جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي. سڀئي ڪهاڻيون اهڙن اترادي لفظن سان ڀريل آهن. اُنَ لهجي ۾ به لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور وارا هڪ لفظ پنهنجي خاص ڍارَ سان ڪم آڻيندا آهن، جيڪو ٻين لهجن ۾ ايئن نه ورتائبو آهي. اهو لفظ آهي، ”ني“. مثال طور: ”چڱو، چڱو، هاڻي ڇڏ ني روئڻ کي.“ يا ”ڏس ني ٻيو ڀلا ڇا ڪيان؟“
اُترادي لهجي ۾ لفظن جو هڪڙو ٻيو نمونو به مخصوص آهي، جيڪو به وري سڀئي اُترادي ڪم نه آڻيندا آهن. ان نموني ۾ لفظ جو جمع معياري طريقي موجب نه ڪيو ويندو آهي. اهو طريقو اترادي رڳو مونث لفظن لاءِ ڪم آڻيندا آهن. مثال طور ”کٽ“ جو معياري لهجي مطابق جمع ٿيندو ”کَٽون“. پر اترادي لهجي ۾ اهو ”کٽان“ آهي. ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين مان ڪجهه مثال هن ريت آهن: ”لَتان، ٿُڪان، ٽيڪران ٽاپران، چُونڊان، ٽپالان، ڍُنڍڪران، ٽوڪان، ڦُسڙڪان، سِينڍان، رهڙان رهچان، بيڊڪان، پٺاڙڪان، ڄنگهان، مُڪان، جَکان وغيرهه. ائين ئي ”ڪڏهن“ جي جاءِ تي ”ڪَڏِي“، ”مون کي“ جي بدران ”مان کي“ جو استعمال به ڪيو اٿس.
ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ وڏي سڳنڌ آهي سنڌ جي ڳوٺاڻي محاوري جي، چوڻين جي، لفظن جي پر ڪٿي ڪٿي ڌارين لفظن جو اَڻ سُونهَندڙ استعمال به ڪري ويو آهي، جيڪو ملڪ آگاڻيءُ کي نه پيو سُونهين. هُنَ کي پنهنجي ٻوليءَ سان پريم هو، عشق هو. هُو پنهنجي قوم ۽ وطن جو عاشق هو. جيئن ته اهو فطري لقاءُ آهي ته ٻوليون ٻين ٻولين کان لفظ وٺنديون آهن، تيئن سنڌيءَ به ورتا آهن ۽ ملڪ آگاڻي چاهيندي/نه چاهيندي به اهي ورتائي ويو آهي. ڪجهه مثال هي آهن:
فاتحانه، ڪارندو، سرشار، بوکلاهٽ، پاسداري، اضطراب، حجاب، مسرت، طفلانه، خوشگوار، افاديت، اڪتفا، مدافعت، دفع ڪرڻ، جوشيلاپن، خصوصيت، غلبو، غيض، غضب، سرزد، فرض ادائگي، بچپن، بي ڪيف، بي مسرت، ناقص، سطحي، پيچيده، عاري، ڪشيدا ۽ ٻيا.
وري ٻئي پاسي سندس نج ٻوليءَ جو ڀنڊار ڏسو؛ “هَتر، سپورنجهه، ڇينڀ، ٽنڊوالي، ڪِن ڪهڄر، گيهَه، ناهر، موکُ، هَڙس، اُڃر، کڦڙتال، هتري، جُود، چِيهَه، ٽاڏيون، ڊَهو ڊَهه، پياڪ، ڪانڊر، سَٽر وَٽر، ڪُهڙ، دُڻي، هبيَ تبيَ، ٻڙٻٽ، اُگهَه سُگهَه، ٿلهو سَٻر، اوهراٽيو، ڌُرڙي، ڇينَهرو، هُڳاءُ، لهڪارجڻ، مِٺوئڙا، هرکيا، گهل گهل، ٻال جتي، ٽِمجَهڻ، هيڪل وَسوري، بيڊڪ، پٺاڙڪ، ويسند، اُٻَس، ٻوڪڙ، پينگڙيا، مُناڪ، گِرُ بيت، ڀنڊڻ، ڳڻ ڳوت، ڇَهند، دِسِ، سانجڻ، تلڦڙا، کوٽ ٽوپ، سِينوريون، تونگ، سُچر، ڏُڇر، ڪُلوَتُ، کنڌو، هرش ۽ ٻيا ڪيترائي.
سندس ڪهاڻين ۾ چوڻيون، محاورا، پهاڪا وڏي سهڻي انداز ۽ جهجهي مقدار ۾ ڪتب آندا ويا آهن ۽ اُهي هر جاءِ تي مُنڊيءَ تي ٽِڪَ جيئن ٺهڪندڙ آهن. مثال جي لاءِ ڏسو:
”رب جنهن کان رسي، تَنهن جي مت کسي، اپڻا مال هي روئسون به کائسون به، گھڻين ويهين سَئو آ، هَڙ ۾ ٽَڪو نه هجڻ، هريڙ وٺي ڦَڪڻ، نانگ جيان پڇڙيون هڻن، ڳن ونجهه ڏيڻ، سَت ڊوهي ڏيڻ، ڍڍر ئي ڍرا ٿي وڃڻ، هُڏيون ڏيڻ، ڪانڊر ڪري اچڻ، ٻاهي ٻاهي ٿڪجڻ، جک مارڻ، پورهيائي اڪارتا هجڻ، اوجاڳائي اجايا وڃڻ، ٻن زالن جو وَرُ، تنهن جو دوزخ ۾ گهر، لڀي لوڻ به ڪانه آئون جهلي ڪانون جي مهماني، ٺرئي کير کي ڦُوڪان ڏيڻ.“
سندس سڀ کان وڏو هنر ٻولي جي ورتائڻ جي حوالي سان ٺيٺ عوامي ٻوليءَ جي استعمال سان گڏوگڏ TABOO’S تي لکڻ ته آهي ئي پر ٽيبوز کي مرڪزي خيال بڻائي ڪهاڻيءَ جو ڪوٽُ اَڏڻ ۾ ته هُو ڪمال رکي ٿو. سندس ڪهاڻي ”ويچاري سَنجها“ ان جو عمدو مثال آهي. پر SEXUAL PERVERSION تي لکيل ڪهاڻي ”وڃايل اُٺُ“ سنڌيءَ ۾ اڻ لڀ ۽ پنهنجو مٽ پاڻ ڪهاڻي آهي. پائيلو ڪوئيلهو جو، ”يارهن منٽ“ هجي يا نجم عباسيءَ جو ترجمو ڪيل، ”زلزلو“ يا وري خوشونت سنگهه جو ”موهن ڪمار ڪِي سرگزشت“ پر هن ڪهاڻيءَ جو مزو ئي ٻيو آهي. اهڙا اولڙا پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ ۾ به ملن ٿا.
پر انهيءَ سان گڏوگڏ سندس ٻيو ڪمال هي آهي ته هن SLANG’S کي به خوب ڪم آندو آهي. ائين مون کي ڪو ٻيو ڪهاڻيڪار نه سُجهي. اسان گھڻو تڻو اخلاق جو بُنڊ کڻي جيئندا آهيون ۽ لکڻ ۾ ته تهائين وڌيڪ احتياط ڪندا آهيون. پر اگهاڙي ٻولي (گاريون، چوڻيون، محاورا) به ته اسان ئي ڳالهائيندا آهيون، گهرن ۾، دڪانن ۾، اوطاقن ۾، هوٽلن ۾، وڏي واڪي. پوءِ اهو سڀ ڪجهه اسان جي ڪهاڻين ۾ ڇو ناهي؟ اسان جا ڪردار ڇو نه ٿا ڳالهائن ؟؟
ملڪ آگاڻي وڏي حد تائين کليل ٻولي ڪم آندي آهي، ڪٿي ڪٿي ڍَڪُ رکڻ جو جتن به ڪيو اٿائين. ٿورا مثال هي آهن:
”هَهه هَهه، بار گڏهِه تي، چنگهي کوتي!“
”توکي به ..... ۾ ڪاٺي آهي“
”تهان جِي کور کي پٽڙو ڀت کارايان.“
”کوڙ ڏينهن کان وٺي ڏسين ٿي، تيڪيان ٿو.“
”ڄنڊيءَ کان وٺي ڀَرُ ڪڍائي ٺَڪاءُ جو چماٽ ڪراياس ته لِنڊَ ئي مڪروهه ٿي وڃنس.“
”اها هنگ ترڪان ڇاجي آهي!؟ ڪوٺي تي لهين ٿو هر چڙهين ٿو، سُوري ته ڪا نه ٿي پئي ٿي!!؟“
”چَوانسِ ڪري تنهنجا به هڏ پاڪ!“
”اهو چُگهه تنهنجو آهي،سُک توکي ٿو ڏي ڪِنَ....“
”اڙي منهنجن کي ڪو لهڻو هيئي ڇا...... منهنجن کي ڪي ڏنيون هيئي ڇا!؟“
”اِهي روب تاب انهن کي ڇو نه ٿو وڃين ڏيکارين جيڪي سڄو ڏينهن وتني ٿيون ڇَڙائينديون ڇنڊائينديون.“
”اسان کي ٿي خيرين صلين پنائين، باقي پڻهين جون سو اَڻ ڏُڌيون ڇُڙيون وڃن.“
سندس ٻوليءَ جو رس چس ڏسڻو هجيوَ ته ڪهاڻين جا صفحن جا صفحا شاهدي ڏيندا. هڪ ٻه مثال ڏئي سگهجن ٿا: ”سياري جي پڄاڻيءَ تي باغن ۾ ڳاڙها ڳٽول ٻير، کجين جي سِپُن جي کستوريءَ جهڙي خوشبوءِ، انبن جي ٻُور جي سرهاڻ، چوڏس پکين جون مٺڙيون ٻوليون، مٽرن ۽ چڻن ۾ پڪا ڦريون ۽ ڦوٽا، ويٺي ويٺي جهولن جي مُنهِن چَٽ ڪري ڇڏڻ پٺيان، ڪُڙمين جي گهل ڦرياس، دانهون رڙيون، ڪُوڪرا هُوڪرا، جهنگ جهر ۾ تترن، ڳيرن، ڪبوترن جا ولرن جا ولر، پير کِدر، پير کِدر، ٽيون ڪَڪَ ٽيون ڪَڪَ، ڪيڙو ڪيڙو ڪيڙو، گھُگھُو گھُو، گھُگھُو گھُو. نبي کوهه ۾ نبي کوهه ۾. اڳيان هوديون ۽ مارا، پٺيان وڏڙن توڙي ٻارڙن جا ولر، تڙيون ٽاهه کارائڻ پوءِ توبچن جا ٺڪاءَ، ڇِرن جو مينهن، وارو ڙي وارو، وٺو ڙي وٺو.“
ٻيو مثال: ”ساوڻي جو ڏينهن، سڄو سڄو ڏينهن سدا واهه ۾ تُڙڳڻ، ڏائي ٻُچي، تخت اسان جو ڄاريون ڪاريون ڪنڊيون ڏوريون، ڪُڙهيون ڪَڙوليون کامن ۾، کڏن ۾، ڍورن ۾، نالن ۾، پراڻن گهاڙن ۾ مڇيءَ جا مڻَ، پوتڙن ۾ بيڊڪان، ڪلهي تي پُٺاڙڪان، هٿن ۾ ڇنگلا، جهڙوڪر مڇيرن جا ٻار!“
منظرنگاريءَ لاءِ مان سندس ڪهاڻي، ”هينئون هيڪل بن ۾“ مان هڪ مثال ڏيڻ ڪافي سمجهان ٿو:
”ٻيڙو ڇا........؟ گهر ئي ته هو. هيٺ تري ۾ سَرن جي ٽُئي مٿان پيسِ جو تَڏو ۽ پَنِ جون تَونريون وڇايل. پاسن کان پڻ ٽوئَن جون ديوارون جن تي شيشي جون سِينَهريون، فلمي ستارن کان حد جي اسيمبلي ميمبر جون تصويرون، پاڇل ۾ هنڌ بسترا ۽ ٻيو گهرو ضرورت جو سامان، اڳيان آڳل ۾ جنڊ، تَئو، ديڳڙا چمچا، مٽيءَ جو چُلهو. اَن پاڻي ٻيو سامان سَڙو، صفائي لاءِ پکن جي پرن مان جُڙيل ٻهارو، ٻاهر داسن تي ويٺل شڪاري پکي سانهه، ڪنگ، ڪانئر، هيئن جو ٻيڙو هلي پيو ته ڄڻ ته هنج ٿو تري، ايڏو مزو، ايڏو مزو جو بس ڇا ڳالهه ڪجي.“
ملڪ جي ڪهاڻين ۾ فن آهي، سياسي لٻاڙ ناهي. ملڪ آگاڻي اسان جي ٻهراڙيءَ جي معدوم ٿيندڙ دنيا ۽ اتان جي ٻوليءَ جو عڪاس آهي. ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻيڪار اهو ڪم ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن، پر ملڪ آگاڻي اترادي ٻهراڙيءَ جي حُسناڪيءَ جو NARRATOR آهي ۽ تنهن ۾ به وري درياءَ جي ڪنڌيءَ واري ٻوليءَ جو ميٺاج ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ اسان جي عوامي مزاج کي نروار ڪيو ويو آهي. اسان جي ٻوليءَ وسيلي اها ڪاوڙ، اهو ڪروڌ، اهو ڪِينو ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو آهي، جيڪو اسان جي عوام پنهنجي اندر ۾ صدين کان اٻڙڪن ۽ اُڌمن جي شڪل ۾ سانڍيون پيو اچي. سندس ڪهاڻين ۾ هِتي هُتي سِلينگز آهن، اُگهاڙا جملا آهن، جنسي مامرن کي، جنسي عمل کي اظهاريندڙ پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون آهن. ڪهاڻي ”وڃايل اُٺ“ ته آهي ئي جنس (SEX) جهڙي بنيادي موضوع تي. سڄي ڪهاڻي هڪ فردِ واحد جي ڪهاڻي ناهي پر سنڌي سماج جي مجموعي اُڃَ، فرسٽريشن، دَٻايل هَپايل فطري جذبن، انهن جذبن جي موٽَ ۾ پيدا ٿيل ڇِتڪُتائي جي آرسي آهي. ۽ عورت جي پيڙا تي ”ويچاري سنجها“ هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي به رڳو SEXUAL PERVERSION جو اظهار ئي ناهي پر اها اسان جي سموري تاريخ جو سماجي ۽ معاشي PERVERSION آهي، جيڪو سيڪس کان سواءِ خبر ناهي ته ٻين ڪهڙين ڪهڙين صورتن ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿو.
اها ڪهاڻي هُونئن ته مٿين سطح تي مرداڻي معتبريءَ جي ڪٿا آهي، اُنَ معتبرائپ جو ڊاڙَ ۽ لٻاڙَ ڀَريو اَڇو چِٺو آهي، پر جي انهيءَ جي اندر لهي وڃو ته مڙس ماڻهائپ ۽ مرد جي برتري آهي. اها ڪهاڻي هجي يا ٻيون، سڀني ۾ اهڙو ڳجهو جهانُ آهي جيڪو ٻئي سماج ۾ ناهي. اهڙو جهانُ جيڪو ٻئي جي، ڌارئي جي، ٻاهرئين جي، ڏاڍي جي بيانئي (NARRATIVE) جي ابتڙ، اسان کي سوکي ۽ سَرل نموني سان پنهنجي، صدين کان هلندو ايندڙ بيانيي (NARRATIVE) کي اظهاري ٿو. اسان جي وطن جي ٻهراڙين جو اهو بيانيو هن وقت تائين هلندي ايندڙ يُڌ ۾ اسان جي بقا جو بيانيو آهي. اهوئي هڪ معنيٰ ۾ اسان جي الڳ هجڻ، اسان جي ”اسان“ هجڻ جو پڌرنامو آهي.