ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

ڪوڙڪي

ڪالهه واري سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان، وٺ پڄان ۽ سڄي رات ننڊ جي ديويءَ جي چرنن ۾ ستو رهڻ کان پوءِ ستل ۽ خاموش شهر هڪ ڀيرو وري آرس ڀڃي جاڳي پيو هو. هر جيءَ ننڊ جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائي مقرر پروگرامن موجب وري ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ڌنڌي ڌاڙي، محنت، مزدوريءَ ۾ اٽڪائي سڄو ڏينهن ريجهائڻ جي جستجو ۾ وڏيون وڏيون وکون کڻندو روڊ رستا لتاڙيندو، پنهنجي پنهجي راهه رمي رهيو هو.
اناج منڊيءَ جي مُهڙ کان ٻه ٽانگا نروار ٿيا هئا. ٻئي ٽانگا وڏي سامان سڙي سان سٿيل هئا. گهڻي بار هجڻ سبب لڳي رهيو هو، گهوڙا سنبن اڇلائڻ بجاءِ پيٽ ريڙهيون ڏئي ڄڪي ڄڪي هلي رهيا هجن. گهوڙن جي گيدائپ ۽ ڄڪڻ تي سئيس ڏوريءَ ۾ ٻڌل نيٽ جا لڪڻ هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. ٽانگن ۾ سئيسن ۽ سامان کان سواءِ هڪ ٻيو ماڻهو به ويٺل ڏيکارجي رهيو هو. جيڪو پڻ حاجين واري ويس ۾ لڳي رهيو هو. بس هينئر ئي هينئر حجاز مقدس کان موٽيو هجي. ٽانگا هلندي هلندي آخر صوفي رانجهڻ شاهه جي پڙ تي رڪجي ويا هئا. ٽانگن رڪجڻ تي پريان ڪُنڊڙيءَ ۾ ننڍڙي هوٽلڙي ۾ بينچن تي ويٺل، چانهه پيئندڙ، اناج منڊيءَ جي مزدورن ۾ چر پر اچي وئي هئي. هر هڪ پاڻ کي اوچو ڪندي ڪنڌ ڦيرائي ڦيرائي ٽانگن تي رکيل سامان ۽ لهندڙ حاجي صاحب کي چتائي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان ڪوشش ۾ هڪ ٻه مزدور چند قدم کڻي ٽانگن تائين به آيا هئا، تڏهن حاجي اقبال ڪنهن کي سڃاڻيندي سڏ ڪيو هو، جنهن تي مزدورن ۾ چر پر تيز ٿي وئي هئي. هڪڙو ايئن چئي اڳتي وڌيو هو ته،
”خدا نه ڀلائي آهي ته حاجي اقبال جو آواز“
”يار مان به چوان حق تي ته............“ ٻئي مزدور حاجيءَ ڏانهن وڌندي چيو هو ۽ پوءِ نه رڳو مزدور پر هوٽلڙي جو مالڪ به اسٽووَ تي ٽچڪندڙ چانهه کي ڇڏي اچي حاجي صاحب جي هٿن کي چمي ڀاڪر پاتو هو، جنهن جي پٺيان ٽچڪندڙ چانهه ٽچڪي ٽچڪي نيٺ اُڀامي هارجي پئي هئي. حاجيءَ جي هٿن چمڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪيترائي هٿ ٽانگن ۾ لڏيل سامان لاهڻ ۽ حاجي صاحب جي گهر پهچائڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي رهيا هئا. هڪڙا ماڻهو ته ان لاءِ کٿا نه ٿي پڳا ته ڀلاري پار کان مدنيءَ جي چائٺ چمي آيو آهي. ٻيا ان لاءِ جوش سان سامان لاهي ۽ ڍوئي رهيا هئا ته ايئن ڪرڻ سان حاجي صاحب مٿن راضي ٿي من نه من مدنيءَ جي ملڪ جي ڪنهن سوکڙي پاکڙيءَ سان نوازي. ٻيو نه ته ٻن سڪل کارڪن يا آب زم زم جي پاڻيءَ جي ٻن ڦڙن جو ثواب حاصل ٿئي ۽ ٽيان وري تڪڙ تڪڙ ۾ ان ڪري سامان گهر پهچائي رهيا هئا ته سندن ايئن ڪرڻ سان ساڻس وڌيڪ قرابت نظر اچي. تنهن بعد ڏسندي ڏسندي نه رڳو حاجي اقبال جو پراڻو گهر نئين قيمتي سامان سان سجي ويو هو پر سندس پاڻ کان وڏي عمر واري ماسيري زال ۽ پوڙهي سس جون واڇون به گودا هڻي ويون هيون، جيڪي ان وقت کٿيون نه ٿي پڳيون. حاجي اقبال تان اول گهول ٿيڻ لڳيون هيون. کن کان پوءِ ڏسندي ڏسندي ماڻهن سان سڄو گهر ڀرجي ويو هو. پاڙي پنبي جا ڪيترائي ٻُڍا توڙي ٻار، رنون توڙي اهِرَ حاجي صاحب کي ڀاڪرين پئي مبارڪ ڏيڻ جي بهاني سندس آندل سامان جو به نظرن ئي نظرن ۾ جائزو وٺڻ لڳا هئا. ان سامان کي ڏسندي ڏسندي ڪن هوس ڪئي هئي ته ڪن رِيس ۽ ڪي ته پنهنجي ساڙ ۾ ئي سڙي ويا. ان مبارڪن ۽ گوڙ شور ۾ ئي ڏسڻ ۾ آيو هو، هڪڙو ڪرڙ وڍ ماڻهو، جيڪو ماڻهن جي انبوهه کي چيريندو، لتاڙيندو، هڪلائيندو وڏي اُڪير مان حاجي صاحب طرف رڙهي رهيو هو.
”پري، پري ٿيو، پري، پري......... اچو سائين“ هن پٺيان ايندڙ مولودائن جي ٽوليءَ کي چيو هو ۽ پوءِ حاجي صاحب جي قريب ئي پهچندي ساڻس ڀاڪر پائڻ لاءِ وڌندي،
”شروع ڪيو، سائين شروع ............. اڙي بابا اچي وئين، مبارڪ هجئي صد مبارڪ“ هن حاجي صاحب کي ڀاڪر پائي مبارڪن ئي مبارڪن ۾ کيس تمام گهڻيون چميون ڏنيون هيون.
”اڙي سائين، ايڏا ڏينهن لائبا آهن، هت جو اسان............. اچڻ جو ڪو خط پٽ به نه، هاڻي به بچل اچي ٻڌايو ته حاجي صاحب آيو آ، تڏي مولودائن کي ڳولي ڦولهي ٽانگي کي ڊڪائيندي اچي نڪتو آهيان، ابا خوش ته آهين نه؟“
۽ پوءِ مولودن جي سر تال ۾ ئي هن سرگوشيءَ جي آواز ۾ ڪجهه چيو هو، جيڪا سرگوشي گهر ڌياڻين جي ڪنن تائين به پهچي وئي هئي.
”۽ ها جائي، پهريون ويلو مان وٽ ٿي، مان سڀ بندوبست ڪيون پيو اچان ۽ جي هاڻي ابا آيو به آهين ته اڳو پوءِ ڏينهن ٻن ۾ منهن اگهاڙا به ڪري ڇڏجن“ مولودائن جي ڪڙڪيدار آواز ۾ هن پويان لفظ چٻي چٿي نه پر ڪاڪڙي هيٺان زبان ڪندي چيا هئا. جن جي معنيٰ کي پروڙڻ لاءِ حاجي صاحب منجهس گُهور وجهي ڏٺو هو ۽ ٻنهي عورتن جا ڪن کڙا ٿي ويا هئا. تنهن بعد ڦڙتيءَ سان اٿي کيسي مان روپئي روپئي جا نوٽ ڪڍي حاجي صاحب مٿان گهوريندي مولودائن سڳورن کي ڏيندو رهيو هو. پوءِ ڳچ تائين مولودائن جا مولود، درود شريف ۽ الله اڪبر جي نعرن جون صدائون بلند ٿينديون رهيون. ڪجهه ساعتن جي مزي وٺڻ کان پوءِ آهستي آهستي جيئن ئي ماڻهو چُرڻ لڳا ته ايئن ڪندي ٻاهرين دروازي کان هڪ مرد ۽ عورت نهايت مسرت واري جذبي سان سرشار تڪڙيون وکون کڻندا حاجي صاحب جي قريب آيا. قريب ايندي ئي هو ٻئي حاجي صاحب کي ٻکين پئجي مٿس مِٺين جون مينهن وسائڻ لڳا.
”اڙي منهنجا پرديسي پٽڙا خداءِ آندئي، ايڏا ڏينهن لائبا آهن.“
عورت مٿس اول گهول ٿيندي نهايت پنهنجائپ واري جذبي هيٺ چيو هو.
”اڙي ڏس، ڏس.............. ڌيجهان مَتِ جي موڙهي، ايئن ڪو چئبو آهي مدنيءَ جي ملڪ لاءِ، متان وري اهڙو ڪُفر بڪيو ٿي.“ مرد، عورت کي هدايت ڪندي چيو هو ۽ پوءِ اٿي حاجي صاحب مٿان ڪجهه نوٽ گهوري مولودائن کي ڏنا هئا.
”هتڙي آ جو، او جڏي سڀني مائٽن ڏي خط پٽ آيا، تڏي وڃي پيٽ ۾ ساهه پيو“ کن کان پوءِ مرد چيو هو،
”ابا هلجي، ٻاهر بگي تيار بيٺي آهي“
”ماسڙ ڪيڏانهن!؟ حاجيءَ حيرت مان پڇيو.
”پنهنجي ئي گهر ٻيو وري ڪيڏانهن“
”هي به ته...............“
”ها ها، اسان وري ڪنهن جا آهيون، هت آهن جو نياڻيون سياڻيون، اوڙو پاڙو، اصلي گهر ئي ڀرجي ويو آهي. مان سڀ بندوبست ڪيون آيو آهيان.“ هن وڌيڪ حجائتو ٿيندي چيو هو ۽ عورت ويٺي ئي ويٺي چيو هو،
”اڙي ڇڏيس، ٻچڙي کي ساهه ته پٽڻ ڏي، هِت به راحتڻ ۽ ادي ويچاري...............“ چڱو چڱو پر مانيءَ جو تونکرو نه ڪجانءِ، اسان اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“
”اڙي ميان پريا مڙس، ڏسي وائسي ته هوڪا ڏي، هيڏانهن اسان وري ڇا تي.............. هت آ جو ڪُنا ئي چڙهي ويا آهن، هئي سا وات ٽڪاڻي سا به.................“ اڳئين همراهه کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”ماسات، تون ته صفا هيانءُ ئي کائي وئين، مان چيو ته...............“ هن پريان ٻيءَ کٽ تي ويٺل همراهه کي چيو هو پوءِ سرگوشيءَ وارو انداز اختيار ڪندي، حاجيءَ جي ڪن آڏو منهن آڻيندي چيو هئائين،
”ابا هو خفو به لاهڻو آهي، ٻيلي جواڻ وياءُ ويهاريو ڪو چڱو آهي، الاهي ساترا ماڻهو ٽوڪون هڻن ٿا مان به پئي ٻڌو. چيم،
”جيسيتائين اقبال موٽي تيسيتائين چئو ڀلي چئو“ هن جيتوڻيڪ رازداريءَ وارو لهجو اختيار ڪيو هو پر پوءِ به اها ڳالهه ڪيترن ئي ويٺلن، بيٺلن جي ڪنن تائين پهچي چڪي هئي. حاجي اقبال وائڙو ئي رهجي ويو ۽ ٻيا سمجهو ماڻهو پريان ئي بيٺي بيٺي ڪامينٽري ڪري رهيا هئا.
”جوفي جوءِ ................“
”ساهوءَ جا سالا به گهڻا، بُکئي جو ڀيڻيوو به ڪونه“
”اڳ به هو اهو اڪو ٿوڪو ڪن ماڻي اچي............ هاڻي يڪو ويٺو موج ڪري عيش اُڏائي“
”چئو سائين.............. ڀلا هُتِ وَهن نَوَ ننديون، عربن کي به پاڻيءَ جو، پئٽرول جو پئسو. سنبر يار ته پاڻ به هلون عربن جي ملڪ تي، هت ڇاهي، آهي ته سڀ ڪجهه اتي آهي، اجايو هڏ هڻي هڻي ڄوائي کائي ويا آهن.“
تنهن بعد نه رڳو ڪامينٽريون ٿيڻ لڳيون پر حاجي صاحب سان نسبت ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس اوري پري وارن مائٽن طرفان ڪافي حُجتون به اٿاريون ويون. هن کي نه رڳو مائٽن جي سُٺن طعامن کائڻ سان لست آئي پر کائنس گذريل وارڌاتن جا ٿيل ڏنا به ڪونه وسريا. مائٽن طرفان رهڙان رهڇان، يتيم ٿيڻ تي لولي لاءِ ڌڪا ٿاٻا، گهر گهر جون ٺوڪرون، پراڻن مساڻن، اسٽيشن تي بيٺل ريل جي ناڪارهه دٻن ۽ پائخانن ۾ لڪڻ ڇپڻ کان وٺي هن اڄ تائين ڪجهه به ڪونه وساريو هو. هن ته انهن گڏهن جي لغامن، ڏنڊڪين، لڪڻن ۽ وٽن ٿالهين کي به ڪين وساريو هو، جن جا نشان اڃا سوڌو سندس جسم تي ڇاپاڪا ٺهيا بيٺا هئا. هن جي ايتري ڇرڪڻ جي باوجود مائٽن منجهائنس هٿ ڪونه ڌوتا ۽ ٻئي پاسي جوڻس سدائين سندس ڪڇ ۾ رهي کيس سنڀالڻ جو ذريعو ثابت ٿي. البته پوڙهي سس سندس مائٽن طرفان ٿيل ڳالهين جي آڳي پيشي تي نهايت گهرائيءَ سان سوچيندي رهي هئي. هوءَ آزمودگار عورت هئي، سندس تَڙُ تَڙُ تانگهيل هو، ان ڪري هن لاءِ اهي ڳوٽان ۽ ڳجهارتون ڀڃڻ ڪي اوکيون ڪين هيون. ظاهر ۾ ته اهڙو ڪوبه رد عمل ڪين ڏيکاريائين پر ڪَنَ سيءُ مڙئي رکيون آئي. ان سڀ جي باوجود گهر جي ٺاهه ٺوهه ۽ ٻين معاملن ۾ پڻ وڌيڪ دلچسپي وٺندي رهي. هن نه رڳو فرج جو ٿڌو پاڻي پي پي پئي اندر ٺاريو پر نئين نڪور ٽنگن واري عينڪ سان ٽيليوزن، صوفه سيٽ ۽ نين ڪرسين جا به خوب مزا ماڻيا هئائين.
”اڙي هاءِ هاءِ، قرآن سنئون ڄڻ بت ئي وڃي پشم ۾ پيو“ هوءَ صوفه تي پاڻ اڇلائيندي چوندي، تڏهن پريان ئي ڪنهن ڪم ۾ رُڌل راحت هڪل ڪندي،
”هاڻي چڱيان هل، متان نڪ آئون وات وانگر وسن جهڙن ڪوچن کي به ناس سان ٿڦي ليساڙا ڪري ڇڏين، اڃا هاڻي آيا آهن، جن جي پوريءَ طرح بها به ڪانه لٿي آهي.“
”اڙي هائو هائو، خبر آهي ڇا ڪا مانکي، پاڻ وري اهڙي............ شکر جو تو ڪونه آندا آهن، نه ته جيڪر سانڍي وڃي سوگها ڪرين ها.“
۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن دعوتن جي ڊگهي سلسلي تي ڳالهائيندي، جيڪي سعوديءَ کان موٽڻ بعد اقبال کي مائٽن طرفان ڏنيون ٿي ويون.
”داعتون، داعتون، اهي مٺيون داعتون کُٽنديون به الائي......“
تڏهن اقبال بيزاريءَ مان چوندو،
”ماسي، بس رڳو راتوڪي دعوت کائي اچان، پوءِ........... مان پاڻ دعوتون کائي، کائي ڪَڪِ ٿي پيو آهيان.“
”پر به جاڪون جو آيو آهين ٿي ٿئي ڪا گهر جي ماني نصيب، هجني رڳو پرايون داعتون کائڻيون، پراوا ڪُنا چٽڻا“
راحت مرڪندي چوندي ۽ سندس دل ۾ جڳهه وٺڻ لاءِ وڌيڪ قريب ايندي،
”ڀلا مائٽن سان به ته منهن ڏيڻو آهي نه، اڳ اڃا ٻي ڳالهه، هاڻي جو پاڻ وِکَ وڌائي اٿائون..............“
”اهي مائٽ اڳ به هئا، ڪن هاڻي اچي نئينءَ مان ظاهر ٿيا آهن“
راحت سندس عضون کي مروٽا ڏيندي چوندي، ايئن ڄڻ اهو سڀ ڪجهه کيس خراب لڳندو هجي ۽ پوڙهي نڪ کي موڙو ڏيندي اڳڙيءَ سان ناس هاڻيون آڱريون اگهندي اٿي ٻئي پاسي ويهي چوندي،
”هُون............ ڪچيءَ ڪونه باقي پَڪيءَ هر ڪنهن جي سَڌَ.“
۽ پوءِ هو ته ان دعوتن جي ڊگهي سلسلي جي آخري دعوت مان لطف اندوز ٿيڻ ويو ۽ پٺيان ڇڏي ويو هو سس ۽ زال کي ڪنهن پڄرندڙ باهه ۾ ڳچ ڳچ رات تائين بسترن ۾ ليٽڻ کان پوءِ ٻنهي کي لوڇ پوڇ رهي ته رڳو دعوتن جي ئي رهي. راحت بي آراميءَ مان هرو ڀرو به پاسا ورائيندي ان دعوتن جي ڊگهي اڻ وڻندڙ سلسلي کي نظر انداز ڪرڻ چاهيو هو ۽ پوڙهيءَ ناس جو آخري ڊوز واپرائيندي اڳڙيءَ سان نڪ، وات ۽ آڱريون اُگهندي وات کي مِچڪايو هو.
”اهي داعتون، داعتون............. داعتون کُٽنديون به الائي........ خداءِ جي قدرت ته ڏِس، جان ته ڪو مائٽ ڳوليو ڪون لڀندو هوس، جان ته وري الائي ڪٿان اچي ڳجهن وارو ڳاهٽ ڪِوِلن واريون قطارون ڪري پنهنجن ٽنگڙن مان نڪري پيا آهن.“
پوڙهيءَ جي آخري جملي تي راحت به سُر سان سُر ملائڻ کان رهي ڪانه سگهي هئي،
”اڳ ويچارو وڻندو ئي ڪونه هو، هاڻي اچي مٺو لڳو آهي.“
”اڙي چوانءِ ٿي ڌَتِ ڪر پنهنجي چَگهَه کي، ملڪ ۾ پيون ٿي ڌوتيون متان ڪا وجهئيس نه جَفَرَ جو عِلم، اڳي ئي ٻڌين نه ٿي ته هرڪو کنيون ٿو ڏيسِ“ پوڙهيءَ نيٺ پنهنجو اوجهه اوڳاڇيندي ڪجهه خدشو ظاهر ڪندي ڳالهايو.
”بات آ، مان ڄڻ مري وئي آهيان، ڏيکاريانس وري ڏينهن جا تارا“ راحت غصي ۾ ٽمٽار بستري تي اٿي ويهندي چيو هو. ۽ پوڙهيءَ پنهنجي مراد ڪڍرائيندي اڃا به وڌيڪ ڳالهه کي ڳالهيئڙي وارو انداز ڏياريندي چيو هو.
”ٻيو نه ته، هي چوڻِ ڇا لاءِ ٿا وجهنس، مان ڪا.................“ هن جملي کي اڌ ۾ ڇڏي راحت کان ئي مڪمل ڪرائڻ چاهيو هو. راحت پنهنجي حيثيت جتائيندي چيو هو،
”مان ته نه اگهايون مان ني، وتن کاريءَ ۾ کڻي ڪوسا ڪُهَرَ ڪري کپائيندا“
”مُٺي خداءِ ته ڏي اَمانَ پر جي سچ به ڪو نئون ميوو چکي چريو ٿيو پوءِ ته پُکڙَ وجهيس جي مُڙي. ها رنگ کي سڃاڻ نه، هاڻي ته الائي ڪٿان اچي رنگ ڪڍيا اٿائين. ڏسين ٿي سٺن ڪپڙن ۾ ڪيئن نه ٺاڪ ڦوڪ سان ٿو هلي، الائي ته نيت ۾ ڪهڙو خلل ٿس“
”نه نه ايئن نه ٿيندو، ايئن نه............... هو مان کي دوکو نه ڏيندو، ايئن نه ڪندو، ايئن نه ڪندو“ هن پوڙهيءَ جي وار کان بوکلائيندي وڦلندي پاڻ کي ڪوڙي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ وڏي آواز ۾ چيو هو ۽ پوڙهي پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ جي جُهد ۾ هڪ وِکَ اڃا اڳتي وڌائيندي چيو هو.
”ايئن ڪندو، ضرور ڪندو، تون ڪير ٿيندي آهينس روڪڻ واري؟ توسان زور مس جي ميندي، توسان ڪهڙو سندس سڱ؟ تون ڪهڙو سندس هڏُ رت؟ اڄ هن وٽ ڏوڪڙ آهن، سمجهه آهي، پئسي هٿ ڪرڻ جو گُر آهي، اڄ هن جي ڪُٺي حلال آهي، هاڻي هن کي اُڏرڻ وارا پَرَ ڄاوا آهن. هو ڪڏهن به توکي آک ٿُو کٽا ڪري سگهي ٿو. اهو وقت کائي وئينءَ جڏهن تون کيس ننهن تي نچائيندي، آڱر جي اشاري تي هلائيندي هُئينءَ ۽ اڇي ڪاري جي مالڪاياڻي هُئينءَ. اڄ هو ڏندين ڏاند آهي. اڄ هو..............“ پوڙهيءَ کي پڪ هئي ته سندس ٻاڻُ خالي نه ويو هو. ان ڪري ڪنهن به نتيجي جو انتظار ڪرڻ بغير ئي عينڪ لاهي ويهاڻي هيٺان رکي آهستي آهستي آهلي پئي ۽ راحت، پوڙهيءَ جي سوالن کان لاجواب ٿيندي ويهاڻي ۾ منهن وجهي ڪنهن اوچتي ڪال جي ڊپ کان روئندي، سڏڪا ڀريندي ئي رهجي وئي هئي.
ڳچ وقت جي خاموش ڳوڙها ڳاڙڻ کان پوءِ هن ٻيهر دل ئي دل ۾ ساڳيا پهريان وارا ئي سوال دهرايا هئا.
”ڇا سچ به آک ٿو کٽا ڪري سگهي ٿو؟ ڇا سچ به هو مون کي ڇڏي ڏيندو!؟“ هن کي انهن سوالن جو في الفور ڪوبه جواب سمجهه ۾ ڪونه آيو هو، بس رڳو هڪ نظر پريان سُتل پوڙهيءَ جي بي سُرتي جسم تي وڌائين ۽ پوءِ هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻندي، ڊگهو ٿي سمهندي منهن تائين چادر تاڻي ڇڏي هئائين. هن پوءِ سُتي ئي ستي ڪافي وقت تائين پوڙهيءَ جي لفظن ۽ سندس مڙس ۽ پوءِ مائٽن جي گفتن تي سوچيو هو. هن جي سوچڻ واري انداز مان لڳي رهيو هو ته هوءَ نه رڳو پوڙهيءَ جي ڳالهين کان متاثر ٿي هئي پر هن کي پنهنجي مستقبل ۾ پيش اچڻ وارن هولناڪ حالتن جو به زبردست ڊپ ٿيڻ لڳو هو. ظاهر ۾ ته هوءَ سڀ ڪجهه يقين ۽ اعتماد جي آڌار تي رد ڪندي رهي پر اندر ئي اندر انتها درجي جو خوف کائي رهيو هئس. ان خوف، جلن، ساڙ، پچڻ پڄرڻ کان بچڻ جو وٽس ٻيو ڪو به رستو نه رهيو هو. سواءِ ان جي ته هوءَ گذريل، اقبال سان گڏ گهاريل گهڙين کي ياد ڪري ڪي کن تسڪين وٺي. يا ايئن کڻي چئجي، پوڙهيءَ واري ڪسوٽيءَ تي هڻي اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي هجي ته،
”ڇا اهو سڀ ڪجهه ٿي به سگهي ٿو؟“ جنهن جو خوف پوڙهيءَ ڏياريو هئس.
هن کي باسڻ لڳو هو ته، نه رڳو سندس ئي پنجويهن سالن جي جواڻ جماڻ مڙس سان بي انتها سڪ هئي پر سندس گذريل حياتيءَ جي ڪجهه لمحن ۾ (جيڪي هنن گڏ گذاريا هئا) اقبال اهڙو ڪو به تاثر ڪين ڏنو هو، جنهن مان محسوس ٿئي ته هن جي پاڻ کان ڪيئي سال وڏي ڄمار واري زال سان ڪا سڪ، محبت يا قرب ڪونه هو. هن ته کيس وڌيڪ ئي چاهيو هو. هو جڏهن به ٿڪو ٽُٽُو گهر ايندو هو ته راحت جي هڪ ئي مرڪ سندس سڀ دک دور ڪري ڇڏيا. نه صرف اقبال جا دک دور ٿيا پر هن به پنهنجي جسم کي اقبال جي ٻانهن ۾ سونپيندي ڪافي لطف ورتو. ايئن کڻي چئجي ته هڪ ٻئي کي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جو سهارو ئي سمجهي چنبڙيا رهيا ۽ ان چنبڙڻ ۾ راحت کي ڪڏي ڪڏي ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪناري کان به سندس وِکَ سوين قدم اڳتي کڄي وئي هجي.
ساري ساري رات ڀوڳ، چرچا، کِل مشڪريون، پيار پريت ۽ پوءِ صبح دير سان بستري مان نڪرڻ ۽ ان دير سان سجاڳ ٿيڻ تي پوڙهيءَ جو جهونگارڻ:
وِجهه ڪِيرُ ڪُمِرِ ۾، منهنجا مور لاڏا،
وَهندين ته ٺهندين، منهنجا مور لاڏا،
وِجهه ڪِيرُ ڪُمِرِ ۾، وِجهه ڪِيرُ ڪُمِرِ ۾...................
”اڙي مڙهي، هن عمر ۾ وري ڪهڙو سوز جاڳيو ٿي!؟ ياد ته نه پيو ٿي مرحيائت ماسڙ، ههه ههه ههه ههه...............“ هوءَ پوڙهيءَ جي جهونگارڻ تي بسترو ڇڏي، آرس ڀڃي، هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪڙا ڏيندي ڪمري کان نڪرندي چوندي، تڏهن پوڙهي سڳڙن واري عينڪ اکين تي چاڙهيندي جلدائيءَ ۾ کيس سڏيندي،
”مئي ماري، ڇڏاءِ ته قبر هن عينڪ جا سڳڙا ته ٻڌ، ڏينهون ڏينهن نظر کي به الائي ته ڇا ٿو ٿيندو وڃي“ پوڙهي پنهنجي پڇاڙيءَ جي نور جي شڪايت ڪندي ۽ هوءَ اڳتي وڌي پوڙهيءَ جي عينڪ جا سڳڙا سندس ڪياڙيءَ کان ٻڌندي. سڳڙا ٻڌڻ کان پوءِ پٺتي ٿيندي هڪ ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏيندي، اوٻاسي ڏئي آرس ڀڃي، ٻيهر چوندي،
”ماسي اهو اڳوڻي ڇا پئي چيئي، وري ته ٻڌائجانءِ“
”اڙي هاڻي ته ڍاپي نه ٿي ڍاپين............ چوانءِ ٿي رکي رکي کاءُ، رکي رکي کاءُ“
”تو کي ته وڏو سور آ، چوانس ڪري تنهنجا به هڏ پاڪ“ هوءَ پوڙهيءَ کي پسرائڻ خاطر چوندي.
”اڙي مان ڏيانس باهه، منهنجو ته ٿئي ٻچو، تنهنجي باهه لاهي ڀلي پيو ٿڌا ٺار ڪرائي. سڄي رات اهڙا ڪي سيڪا ٿو پٽئي جو ڪچڙي منجهند تائين هنڌ جي پچر ئي نه ٿي ڇڏين. نائون مهينو راتين جو گذريو آ، ويچاريءَ جو اڃا اوسو نه لٿو آ“
”ههه، ههه، ههه.............. هاڻي پئي سڙُ، پَچُ، تو به گهڻيون ئي وٽان ورتيون، هاڻي................“
”اڙي اها به دعا ڪر منهنجي سِرَ کي، جنهن سون جهڙي ڏنڊي ڏوٽي اڪڻ پٽ کي نوڙائي ڏنئي، منهنجو به جيڪر هڪ ٿورو نه لاهين، آئون ڀائين، نه ته هن وهيءَ ۾ ڪير کنگهئي به نه ها“
۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ئي سندن طعنا تنڪا ڏيڻ جي سمي جي کڻي اوچتو اقبال اچي نڪرندو ته پوڙهي خوشامند جي انداز ۾ چوندي،
”اڙي پٽڙا........... تنهنجي به ڪا وڏي ڄمار آهي، اصلي هاڻي هاڻي پئي توکي ئي سنڀاليوسين“
”اڄ ڪيئن سائينجن ساجهر ساجهر اچي نڪتا آهن!؟“ راحت پنهنجون خماريل اکيون سندس اکين سان چار ڪندي، مرڪندي سوال ڪندي.
”تنهنجي سِڪَ جو ستايو، چئه ڪو آرام ايندو“ هو پڻ مرڪ سان مرڪ ملائيندي جواب ڏيندو.
”ٻچڙا چڱو چڱو، پر ٽانگو ڪنهن جي حوالي ڪري آئين؟“
”ماسي هو ٻڌين نٿي هڻڪار، گهر ٻاهران بيهاري آيو آهيان، لڳي وئي هئي پاڙي جي سواري“ چوندي، چوندي گهوڙي جي هڻڪارن ڏانهن اشارو ڪندو ۽ پوءِ کيس ڪجهه ياد ڏياريندي چوندي،
”ٺهيو، ٺهيو پٽڙا، هو منهنجو ڪمڙو ڪيون آئين؟“
”ماسي ناس“ ڪجهه ياد ڪندي کيسي ۾ هٿ هڻندي، ”اڄ تنهنجي لاءِ اهڙي ته ڦسڪلاس ناس آندي اٿم جو اصلي دنيا خاب“ هو کيسي مان ناس جي پلاسٽڪ واري ٿيلهي ڪڍندي چپٽي وڄائيندي چوندو.
”اڙي پٽڙا، شل الهه اها جواني بشڪي ڏيندئي“ چوندي، چوندي هوءَ خوش خوش ٿي ٿيلهيءَ کي کوليندي، ”سچ به ابا، ناس ڪا الستي ٿي ڏيکارجي، اصلي نئون نمونو“ پوڙهي ناس کي چتائي هلڪي چپٽي ڀريندي، ”ماريا اسان جي پاڙي وارا دکاندار ته الائي ڇاٿا هٽ تي رکن، اصلي اوئين به گهوري“
”ماسي مان ٿو چوان اِمام سنئون، اهڙي ناس عمر ۾ نه ڏني هوندئي، اها ناس ته رڳو اسان وارو مرشد سڳورو ئي ڏيندو آ، ڏسينس ٿي خوشبوءِ.“
”سچ به ابا خوشبوءِ ڏاڍي ٿس“
”ماسي، تون به ڇا ياد ڪندينءَ، هجنئي ٿورا، روزانو نيون نيون ناسان، نوان نوان نمونا، نوان نوان قِسم“ راحت مرڪندي پوڙهيءَ کي پنهنجا احسان جتائيندي چوندي، پوڙهي چپٽي ناس جي نڪ کي ڏيندي چوندي،
”او هاءِ هاءِ................ اصلي مڳز ئي کُلي پيو“ ناس ڏيڻ سان پوڙهيءَ کي نڇ ايندي، جنهن تي اقبال ٽهڪن کي روڪيندي کيس گهڻي ناس واپرائڻ کان منع ڪندو.
”ماسي گهڻي نه ڏجانءِ گهڻي نه........... ناس اُگري متان..........“
۽ پوءِ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ناس پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏيندي پوءِ هڪ، ٻه، ٽي، تنهن بعد نڇن اچڻ جو هڪ يڪو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويندو.
”اوڇون........اوڇون..........اوڇون...........ابو مڳز ئي، اوڇون...... اوڇون.......... اوڇون.........“ پوڙهيءَ تي ڇڪن جا دورا پوڻ لڳندا، تڏهن ٻئي زال مڙس کِلي کِلي کيرا ٿي پوندا، ان ٽهڪن جي گونجار ۾ ئي هڪ ٻئي کي ٻکجي ويندا ۽ هنن جا اهي ٽهڪ ئي ته سندن زندگيءَ جو بي بها سرمايو هئا. هنن جا اهي اُڪير مان هڪ ٻئي کي وِڌل ٻَکَ ئي ته سندن زندگيءَ جو نه کٽندڙ خزانو هئا، جن جي سهاري هو زندگيءَ جا ڪسارا ۽ ڪڙا پل به سرور ۽ سڪون ۾ گذاريندا رهيا ۽ انهن ٽهڪن ڏيندي ئي ڪڏي ڪڏي پوڙهيءَ کي پنهنجي جوانيءَ وارا ٽهڪ ياد اچي ويندا، تڏهن رِيس ۽ هيس جي آگ ۾ جلندي پنهنجو پاڻ تي کِلون ۽ ٺٺوليون محسوس ڪندي چڙي پوندي.
”ڏاڍا ته هاڻي ٽهڪڙا ٿا ڏيو، اَٿَوَ رڳو ٽهڪ ڏيڻا ڪن ٻيو به ڪجهه سُجهيوَ ٿو، اهي خالي ٽهڪڙا به...............“
”ماسي، سچ پڇين ته هي اسان جا ٽهڪ خالي نه پر زندگيءَ جو سمورو سرمايو آهن ۽ اهڙو سرمايو جنهن کي سوين جيپون، موٽرون ۽ ريل گاڏيون به نه ٿيون ڍوئي سگهن.“
۽ پوءِ جڏهن ويٺي، ويٺي ٽهڪن جي گونجار ۾ ئي راحت آڏو ٽيبل تي پيل ننڍو آئينو کڻي پنهنجو منهن ڏسڻ لڳندي، تڏهن پوڙهي وڌيڪ ڇوهه ڇنڊڻ لڳندي،
”اڙي هاڻي ٺهيو، ٺهيو، تنهنجو ته ٻوٿ ٺهي نٿو ٺهي، توبهه، مائي توبهه جڏي ڏس تڏي آئيني آڏو، اهو ڪنو پونڊر آئون سرخي منهن تي ملي ملي ڇا ته پنهنجي شبي بنائي ٿي. هاڻي اچي اڇي مٿي ۾ خفت کنيو ٿس، ڇورا اهي سبق تنهنجا ته ڏنل نٿس، سچي ڇو نٿو ٻڌائين؟“
”صدقو ڪيانءِ ڏائڻ، درديلي، ساڙ سڙي، ڇو ٿو سور ٿيئي، اڳي ڏهاڙي، ڏهاڙي هڻندي هيس تڏي نه هاڻي جڏي ڇٺيءَ ڇهه ماهيءَ هنيم ته توکي ڇو ٿو ساڙ ٿئي. هجي ڪو ڀاڙي جيڪو تو کوليءَ ڏي اک کڻي ڏسي پوءِ ڏس ان ڳوهه جهڙيءَ کل کي کاٻر هڻي، هڻي ڪيئن نٿي چمڪائين، چلڪائين.“
”اڙي ڇاتي ٿي ٻه ٻه هٿ اڏامين، مان نه جڏي وهيءَ ۾ هئس ته تو پارن کي ساڻ به نه کڻندي هيس، ڀلي سردار سنئون، تون لوڪ پڇائي ڏس، خانوءَ واري کوهه تان جڏي نه پاڻيءَ جي گهاگهر ڪڇ ۾ ڪري ٽي دلا مٿي تي رکي، ٺوٺ تائين آج جي ٻانهينءَ واري ٻانهن هڻندي هلندي هيس، تڏي خداءِ ۾ پت ڪرين ته ڀل ڀليرن جي واڇ گودو هڻي ويندي هئي، سندن پيرن ۾ پنجوڙ پئجي ويندا هئا.“
”جنهن جي ڄم جو واقف تنهن جا ڏند ڇا ڏسجن. مان کي خبر آهي ڇا ڪا تنهنجي جوانيءَ جي، جوانيءَ ۾ وري ڪهڙا پَرَ لڳل هيئي وهيءَ ۾ به اها ئي دانگيءَ جو ترو هُئينءَ، وهيءَ ۾ وري ڪهڙو...............“
”اڙي هاڻي ٺهيو، ماسيءَ مان پئي وِڏان ڪڍين، قران سنئون ماسي اڃا وڳ مينهن جو لهئي.“
”ايئن ٻچڙا، تون ڪو بدر ڀَرِ، باقي هيءَ رنڙي ته اصلي دشمن ٿي بيٺي آهي“
”مان ته ڪو اهڙو ٽانڊو ڏنو اٿمانءِ، جو جڏي تڏي پئي ڪوسا پاڻي هارين.“ راحت سچ پچ چڙي رُسامي جي انداز ۾ چوندي، جنهن تي پوڙهي ناس جي دٻلي تريءَ تي هڻندي دٻلي کولي، چپٽي ڀريندي چوندي،
”اڙي هاڻي ٺهيو، ٺهيو، ڇو ٿي پاڻ پُڻائين، قرآن سنئون مان آهيانءِ اصلي بازن کان بڇڙي.“
”چڱو هاڻي ڇڏيو ان ٻڙڌڪ کي، ڇا چوندا پاڙيوارا“ هو ٻنهي کي خاموش ڪرائيندي، راحت جي هنج ۾ پيل هٿ کڻندي چوندو.
”مٺِي، ڇڏ ته وڃان ٻاهر گهوڙو بيٺي، بيٺي بليکم ٿيندو هوندو.“
ايئن ئي هڪ ڏينهن ويو ته وڃڻ کي ويو، نه ٻڌائڻ نه سُڌائڻ بس يڪي ٽٻي، هن جي يڪي ٽٻيءَ ساڻس بي انتها محبت ڪندڙ راحت کي بي چين ڪري ڇڏيو. ان بيچينيءَ مان هوءَ ويچاري ڪافي وقت انتظار، اوسيئڙي ۾ گهر جي آڳر ۾ اجايو ڦيريون پائيندي رهي هئي ۽ پوءِ به جڏهن هو نه آيو هو تڏهن بيزاريءَ ۽ خوف کان ٻاهرين دورازي ڏانهن وک کڻندي،
”اڄ الائي ڇو اَوير ڪئي ٿئين؟ چوڻ به ٿس ته سج لٿي کان پوءِ ڪاڏهن نه ويندو ڪر، ڇونه کڻي ڪو هزار روپيا ڏيئي.“
پوڙهيءَ ڪرسيءَ تي آرام سان ليٽي، ناس جون چپٽيون ڏيندي اڳڙيءَ سان آڱريون اگهندي چيو هو.
”اڙي سڪيلڌي، تون ايڏي پساري ۾ پئي ڇو آهين، اصل دم ٿو نڪرئي دم، ايئن ڀائين، جيڪر هڪڙي جهٽڙي به توکان پري نه ٿئي، لڳي هوندس ڪا پري جي سواري يا ڪنهن رَهلي ۾ اچي ويو هوندو. مڙس ماڻهو آهي، ڪا ڇوڪري ٿورئي جو ڪو ڪنن مان والا لاهي ويندس.“
هن پوءِ ٻاهرين در کان جهاتي پائي واپس اچي پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ تي سٽيو هو پوءِ هٿن کي مهٽي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍندي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هئائين،
”ڏس ته زمانو ڪهڙو نه ظهير لڳو پيو آهي، آهي ڪو ڪنهن جو سڄڻ، ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪپڙن تي به اعتبار نه رهيو آهي ۽ هي وري........ ڳالهه به پاڻ ٿي ڪيائين ته ڪئين ڪي شاهينگ ڊرائيور کي ماري جيپ ڪاهي هليا ويا.“
”جائي به خدا ته خير ڪري پر جي............. اسان مسڪينن جو روزڪار ان بگيءَ تي“ پوڙهيءَ اوچتو ڪجهه ياد ڪندي چيو،
”ماسي، ٻيو ته سک آهي، اٿي رڳو بگيءَ جي هاتِ تاتِ ڪن ڪا ٻي به اٿئي.“
”هاءِ، هاءِ............. هيءَ ڏس وري ٻوگهڙ پر چَگههُ تنهنجو آهي، سک توکي ٿو ڏي ڪن.............. منهنجو ڇا، مان ته موڙيءَ جي مالڪياڻي.“
”چڱو، چڱو هاڻي اهو چٻ جهڙو وات بند ڪر، سڄو وات نڪ ناس سان ٿڦيو پيو آهي، جيءُ جيرا تنهنجا جو بڇان به نه ٿي اچئي.“
پوءِ جيئن جيئن شهر جو گوڙ، شور جهڪو ٿيندو ويو هو تيئن تيئن راحت جي بيزاريءَ ۽ آنڌ مانڌ ۾ واڌ ايندي رهي هئي. ڪيتري ويچارڻ ۽ اوسيئڙي کان تنگ اچي هوءَ پوءِ ڪرسيءَ تان اٿي وڏا وڏا قدم کڻندي اندران برقعو کڻي پهريندي ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڃا وک مس کنئي هئائين جو پٺيان پوڙهيءَ هڪلايو هو،
”رن هن آويڙي وکت تون وري نڀاڳي کي ڪاٿي وڃي ڳولينديئن؟“ اڃا به وڌيڪ انديشو ظاهر ڪندي چيو هئائين،
”ڪٿي ڏنائين ته نه سچ به بگيءَ سوڌي گهوڙي کي مٺ، ڪيائين ته نه بر منهن، ٿي ته نه وئي کِل مان ظِل“
”چڱو هاڻي وائي ته سڻائي ڪڍ“ راحت پريان بيٺي ئي بيٺي چيو هو ۽ پوڙهي پير سوئڻ لڳي هئي،
”چئو، ڪو اٿس هنڌ ٺڪاڻو؟، پيران پير ان وسن جهڙي بگيءَ ڏي خير ڪجانءِ، اسان کي به ڪهڙيءَ ڪاريءَ کاڌو جو............“
”مڙهي اٿئي ڪو پير، مرشد، ڪن.............. منهنجو ٿو لُڪ خامي، توکي وري ڪاڪڙي تي زور، ڏاڍو ته اُلڪو ٿي، گهر ڀاتي ڇو الائي هن وکت تائين نه آيو“
”امڙ منهنجي وات ۾ تي ڪي ڪنڊا آهن، مان ته ويچاري اصلي وڻان ئي ڪانه ٿي، هونئن به سچ چئو ڏُور ٻَههُ، اڄ سچ چوڻ جو ته زمانو ئي ناهي.“
”ماسي، وسيلي کي ڏس، مان کي اجائي تاراج نه ڪر، منهنجو اڳي ئي مڳز جاءِ ناهي.“ راحت ٻاهرين دروازي طرف وڌندي چيو هو. پوڙهيءَ کيس ٽوڪيندي چيو هو،
”عقل جي اڪابر ته ڏس، ڪٿي پنهنجي عمر، ڪٿي وات مان کير وهندڙ ڪالهوڪو ٻار، ڪڇ ۾ تون آئون ٻڏڻ هاڻي مان پئي ٿيس، پر جي هاڻي............. الاههُ ته ڏي امان جي سچ به ڪاڏهن ڏنائين مٺ پوءِ ته تنهنجا الائي ڪهڙا پرڪار ٿيندا“
”مڙهي، ڏس پنهنجي دستگير ڏي، اجايو ڇو ٿي هرو ڀرو مان کي پاڻيءَ مان ڪڍين، ڏيانءِ نه گهر کي تيلي“ هوءَ چوندي، چوندي ٻاهر نڪري وئي هئي ۽ پٺيان پوڙهي عينڪ کي درست ڪندي ڪيترو ئي وقت عجب ۽ پريشانيءَ وچان ٻاهرين در ڏانهن نهاريندي ئي رهي هئي. تنهن بعد چيو هئائين،
”هئي ڙي مومل هئي............ وڃي جک مار، کُههُ گهر سندءِ، منهنجو ڪو اڌ جان ٽِهائي، نه جو جهل جهلينءَ، ساڳيو ئي لوڙ لوڙين ٿي نه“ پوءِ پنهنجي منهن راحت وارا ئي لفظ دهرائيندي، پاڻيءَ مان............ پاڻيءَ مان، پوءِ نه نڪر پاڻيءَ مان، ڪير ٿو ڪڍئي پاڻيءَ مان، پر هي سينڌ تي هٿ آ، جي ان گونگي پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي هڻي ٻڏي نه مُئينءَ ته ڏٺي نه کيڪارجانءِ، هون مير ماريو ٿَمِ“ پوڙهيءَ سندس اوائلي لفظ دهرائيندي، ٽوڪ زني ڪندي چيو، ”وڃڻ واري جو دڳ هڪڙو، ڳوليندڙ جا دڳ سوين، هن وڃي الائي ڪهڙا وڻ وسايا ۽ هيءَ نائين وري هاڻي ڳولڻ نڪتي اٿس.“
ان ڳولڻ ۽ جاچڻ واري حالت ۾ نه رڳو هڪ وڏو عرصو لڳي ويو هو پر گهر جو به وايو منڊل بلڪل بدلجي ويو هو. جنهن گهر ۾ پيار پلبو هو، خوشيون ورهائبيون هيون، اتي، ان گهر تي نراسائيءَ ۽ اداسيءَ پنهنجا پک پکيڙي ڇڏيا هئا. پوڙهيءَ کي پنهنجي ٻن پئسن جي ٽانگي ۽ پيٽ قوت جي ڳڻتي ڳاريندي رهي ۽ راحت جا پور پچايل پهه کن پل ۾ چڪنا چور ٿي ويل انهيءَ صدمي، انهيءَ پيڙا ۾ راتيان، ڏينهان روڄ راڙو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جڏهن ڪوئي ڪانگ ڪهي سندس اڱڻ آيو هو. ان وقت راحت ٿانوَ ٿپا ملي رهي هئي، سندس چهري تي هڪ قسم جي پريشاني پسجي رهي هئي ۽ پوڙهي ناس چپٽي ڏيندي کيس تسلا ۽ دلداري ڏيڻ جي ڪوشش ۾ کيس ٻيهر پنهنجي ڌنڌي شروع ڪرڻ لاءِ به منٿ ڪري رهي هئي.
”ڌيءُ، جيڪو باب لکيل هوندو سو ضرور پڙندو، روڄ راڙي، منهن سڄائڻ مان آخر ڇا حاصل؟ سياڻي ٿيءُ، ٻئي جي به ٻُڌ، ڀڳي پٺيان آخر ڪيترو ڀڄبو، چوندا آهن مرُ مرندن لاءِ، واٽان واهن لاءِ ڇا مرجي. جي مڙسيءَ جو هڪ به انگ هجيس ها ته جيڪر ايئن ڀاڙي ٿي نه ڀڄي ها ۽ هاڻي جي ڀڄي به ويو ته ڀڄڻ ڏينس پر مان هي رئو ٿي پيرن تي رکانءِ شروع ڪري ڏي پنهنجي ڌنڌي کي............. اڄ ڏسين ٿي............ جيڪي ٻه ڏوڪڙ گهر ۾ ٽريل هئا، سي به مئي کي هڻي ٽانگو خريد ڪري ڏنوسين ۽ هاڻي................“ پوڙهيءَ چوندي چوندي راحت جي چهري جا تاثر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ راحت پاروٿو ڀت ديڳڙيءَ مان ڪڍي، پري ڪانون آڏو اڇلائيندي چيو هو،
”ماسي، ايترو ڌَوَندي مٿو سور نٿو ڪرئي، پر توکي وڌو ڪنهن آ ان ڌونڪي ۾“
”اڙي مانکي ته بس تنهنجي ڳڻتي آ، آهي ڪو ٻيو آنديءَ ننيديءَ وارو“
”تون ماٺڙي ڪيون پئي ناس ڏي، خداءِ ڪندو اها تنهنجي ناس ڪانه کُٽندي، باقي هاڻي مان کان اهڙو ڪُڌو ڪم ڪيو ڪونه پڄندو ۽ نه ئي ٻيهر مانکي چئجانءِ ئي“ هن کيس خاڪ لڳل هٿ ٻڌندي چيو هو، تڏهن پوڙهيءَ غصي جو اظهار ڪندي چيو هو،
”ته پوءِ پِني پورائو ڪجانءِ“ چوندي، چوندي پوڙهي اٿڻ لڳي هئي.
”ها، ها مان پِني پورائو ڪندس، آهي رڳو تنهنجو ڀڀ ڀرڻو، ٻيو وري.............. اجايو ٻي کي به بيزار ڪرڻو“
ان وير ئي ٻاهران دروازي جو ڪڙو کڙڪيو هو، تڏهن ٻنهي ڪنائيندي ٻاهرين دروازي ڏانهن ڏٺو هو، تنهن بعد پوڙهي رڙهي در تي نڪري آئي هئي. در ٻاهران ٽپاليءَ کي بيٺل ڏسي پوڙهيءَ چيو هو،
”ابا، ڪنهن ۾ ڪم آهي!؟“
”پوڙهي، هي اوهان جو آيو آهي“ پوسٽ مين پوڙهيءَ جي هٿ ۾ هڪ چٽڪمرو لفافو ڏيندي چيو هو،
”پر پٽ، آهي ڪٿان جو؟“ پوڙهيءَ لفافي کي نهاريندي عجب ۽ ڳڻتيءَ وچان چيو هو.
”سعوديءَ مان، سعوديءَ مان“ ٽپالي چوندي، چوندي اڳتي وڌي ويو هو.
”سعوديءَ مان!؟ هون ڪهڙو وري نئينءَ مان اچي مائٽ پيدا ٿيو آهي؟“ پوڙهيءَ چنتا ڏيکاريندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي واپس گهر آئي هئي. اندر اچي هن لفافو راحت ڏانهن وڌايو هو،
”ڀائين مديني مان آيو آهي، الائي وري ڪهڙا...............“
”مان کي ڇا ٿي ڏين، ايڏهن پڙهائي وٺينس ڪنهن کان“ راحت ڀنل اکين کي رئي جي پلاند سان اگهي، ٿانون جو کارو کڻندي چيو هو.
۽ پوءِ خط ٻڌندي جيڪا خوشي محسوس ڪئي هُئائون، ان تي بي انتها خوشي ۽ مسرت جي جذبي وچان ٻئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڪري چنبڙي پيون هيون. ايسيتائين جو ان خوشيءَ جي گهڙيءَ کان پوءِ ڳچ ڳچ تائين راحت جي ڳلن تي ڳوڙها ٽمندا رهيا هئا ۽ مسرت ڀريل ڳوڙهن ڳاڙڻ لاءِ به انسان کي ڇا ڇا نٿو سَهڻو پوي، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي، ڪهڙا ڪهڙا نٿا رند راهه پڇڻا پون، ڪيترا نٿا ڪانگ اڏائڻا پون، هن زندگيءَ جو، جيڪو هيڏو سارو عرصو پرائيويٽ اَڏن جي قربان گاهن تي ٻل چاڙهيو هو، ان جي سڀ جي صلي ۾ کيس مليو صرف اهو، جيڪو ڇڳل ٽانگي، ڏٻري گهوڙي جو ڪرايو، ڪراڙي وهيڪيل مينهن ڍڳيءَ جو ملهه!؟ ايتري سستي ملهه هجڻ کان پوءِ به هن هار ڪانه مڃي هئي، شڪست ڪانه قبولي هئي. بي ساهي ئي سهي پر عياشگاهن جي تلاون ۾ ترندي ئي رهي هئي. پنهنجا بي سرتا قدم رکندي ۽ کڻندي ئي رهي هئي. ان ڪرت ڪرڻ لاءِ ڪوبه سمون مقرر ڪونه هو، ڪوبه ٽائيم ٽيبل ڪونه هو، مهل ڪمهل، ڀلا ڌنڌو جو ٿيو.
۽ ايئن ئي هڪ رات، ٻي کي سک رسائي پنهنجو سک ڦٽائي، جيئن ئي پنهنجا سست ۽ بي سرتا قدم کڻندي پنهنجي ڳوري جسم کي گهليندي مڇي مارڪيٽ واري سڃي اونداهين روڊ تي پهتي هئي، تيئين ئي کيس پريان هڪ پراڻو ٽانگو، ڏٻرو گهوڙو پاڻ ڏانهن ايندي نظر آيو هو. هن پوءِ ٽانگو چئي سڏيو هو. ٽانگي ويجهي اچڻ تي هن جيئن تيئن ڪري پنهنجو پاڻ کي ٽانگي جي هودي ۾ هنيو هو، تنهن بعد مس مس پاڻ کي گدن جي ٽيڪ تي پختو ڪندي سک جو ساهه کنيو هئائين. سڄي ڏينهن جي روڊ لتاڙڻ ۽ ماڻهو ڍوئڻ کان پوءِ ٿڪل گهوڙو سست رفتاريءَ سان پنهنجا ٿڪل قدم کڻندو آخري سواري کڻي اڳتي رڙهيو هو. ٽانگو ويهن پنجويهن سالن کن جو هڪ بت ۾ پترو ڀورڙو نوجوان هلائي رهيو هو ۽ ڪڏي ڪڏي گهوڙي کي ٿڦڪي ڏيندي هڪلائي به رهيو هو. راحت کن لاءِ پنهنجي دک کي ڀلائي پاسيرو ٿي گديءَ کي ٽيڪ ڏيندي کهڙي جي پراڻي بنگلي جي سڃي اونداهيءَ واري ماحول تي نظر وجهندي مرڪي چيو هو،
”تهان ٽانگي وارا به وڏا ڪم ٿا اٿلايو.“
”ٽانگو هلائڻ، هنن ملائڪن کي ڪنٽول ۾ رکڻ به ته سٿرو ڪم ناهي.“ هن پوءِ گهوڙي کي ٿڦڪي ڏيندي بغير ڪنهن رڪاوٽ يا بناوٽ جي نشي ۾ ڌت ڳالهايو هو.
”روز گهڻو ڪمائيندو آهين!؟“ هن تجسس ڀريل نگاهن سان کيس چتائيندي چيو هو.
”چار ساوا نوٽ، عيد براد، ميلي ملاکڙي تي اڃا سبيل ۽ ڪڏي ڪڏي ته اهڙي گهمري جو گهوڙي جو داڻو به ڪنڌ ۾“ هن سندس پائوڊر جي پلستر ٿيل چهري ۾ اکيون کپائيندي چرس ڀريل سگريٽ مان سوٽو هڻي ڏانهس دونهون اڇلائيندي مرڪي چيو هو.
”ايڏا پئسا ڪيئن کپائيندو آهين!؟“ هن عجب مان سوال ڪيو هو.
”ڏهڙي گهوڙي جي، پندرنهن مالڪاڻا ۽ باقي پنهنجي کيسي ۾.“
هن ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ ڳالهايو هو،
”پرڻيل آهين؟“
”نه“ گهوڙي کي ڳٽڪر ڏيندي، کيس تيز ڪندي چيو هئائين.
”پٺيان ڪير ٿي!!؟“
”هڪ پوڙهي هئي سابه پروڪين سردين ۾ وڃي پنهنجي ڏيهه پهتي، هاڻي آءٌ ۽ ڪانءُ.“
”پئسا پوريندو ٿو وڃين ڇا!؟ ايترن پئسن هوندي ههڙا حال، جهڙو ڪٽيءَ جي دڪان مان نڪري آيو هجين.“ هن پوئتي وڪڙ هڻندي چلڪڻي روڊ تي نظر ڊوڙائيندي چيو هو ۽ پوءِ ٽانگي واري خرچ جو وچور پيش ڪندي چيو هو،
”ميڙڻ تي پئجي ها ته هن وکت جيڪر غنياءُ هجان ها، مان ته بس هڪ گولي پيٽ، فلم جي ٽڪيٽ ۽ ڪڏي ڪڏي روح سٽ ڏني ته بهار پور جو پاسو، ڳاڙهي بازَرِ“
”ڳاڙهي بازَرِ ڪنهن ڏي ويندو آهين!؟“ هن مرڪندي سوال ڪيو هو.
”بس، ڪوسو پاڻي هارڻو، جيڪا آئي سا اَگِهي“ بغير ڪنهن شرم جي چئي ڏنو هئائين. ان وقت ٽانگو روڊ جي اڊڙيل پلستر سبب ذري گهٽ ڪلٽي کائيندي، کائيندي بچي ويو هو، جنهن تي راحت پاڻ کي سوگهي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ پوءِ ٻيهر ٺيڪ ٿيندي چيو هو،
”چڱيان، منهنجو ته ساهه ئي ڪڍي ڇڏيو هيئي.“
ڀلا گهوڙا آهن ملائڪ خدا جا، انهن جا اهي لوڏا ته آهن.“
”چوندا آهن گهوڙا چڪ پائيندا آهن، ها ڇا!؟“
”ٻڌ، نه پيو ٿَئي ڪنهن گهوڙي جو چڪ، ڀٽارا وات وجهڻ سکيا آهن پر ڪنهن وات ڪڍڻ سيکاريو ئي ڪونه اٿن. جنهن عضوي ۾ وات هنيائون، اتان سڄو ٻُوٽُ ئي ٻاهر“ هن کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ ڏوريءَ ٻڌل لڪڻ کي هوا ۾ لهرائيندي چيو هو،
”اَئي مٺيس، پوءِ تهان ڪيئن ٿا ساڻن منهن ڏيو!؟“ هن ڊيڄهڙي وارا انداز ۾ چيو هو. تنهن بعد کن جي خاموشي، سنبن جا آواز، روڊ جو ڪنجهي جي ٿالهيءَ جيان وڄڻ، هن جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ الائي ڇو هرو ڀرو به سندس دل ضد ڪري بيٺي هئي، تڏهن پڇيو هئائين،
”آهين ڪٿان جو؟“
”ڪهڙو وري دِس جو آهيان، اهو ئي ڪرما باغ واري محلي جو ۽ هاڻي ته عظيم شاهه تي“
”شادي نٿو ڪرين!؟“
”اسان لال جي آرسين کي وري ڪير ڏيندو؟“
”ايڏي عرصي کان بگي ٿو هلائين، ڪجهه ته ميڙيو هوندئي؟“ هن الائي ڇو اهو سڀ ڪجهه پڇڻ چاهيو هو، تڏهن اقبال صاف صاف لفظن ۾ جواب ڏنو هو،
”نه، ڪا ٽيڊي پائي به حرام“
”پوءِ جي ڪو سڱ ڏيئي به ته ڪيئن ڪندين؟“
”جڏي نه ڄائي، تڏي ڏٺو ويندو“ هن مرڪندي چيو هو ۽ پوءِ ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ راحت پوئتي دور پري ڏسندي چيو هو،
”مائٽ ٻائٽ ته هوندئي؟“
”نائين لِڇ، لک پاراتو، ڪَلَ ئي ڪانه ته ڪير مئو ڪير بچو“ هن وڊبائن جو سگريٽ دکائيندي چيو هو ۽ راحت جو چهرو ڪنهن اَڄاتي خوشيءَ کان ٻهڪي پيو هو. هن کي پهريون ڀيرو ئي اندر ۾ اٿليل هلچل جي ڄاڻ پئجي وئي هئي. پهريان ته هوءَ خود به سمجهي نه سگهي هئي انهن سوالن جوابن ۽ هڪ اوپري ٽانگي واري سان بي حجاب ٿيڻ جو سبب. هن آخر ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه پيش ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪندي چئي ڏنو هو.
”پوءِ ڌڻڪو ڇو نٿو ٿين، ننڌڻڪو ته ڪتو به چڱو ناهي.“ تنهن بعد پاڻ ئي پنهنجي چُڪ تي پڇتائيندي تيزيءَ ۾ ڦڙتي کاڌي هئائين،
”ڀلا جي سڄي ڏينهن لاءِ ٽانگو گُهرجي ته گهڻا وٺندين؟“
”جيڪو ڏنئي، سائن سان ڪهڙا ليکا“ هن سوال جي پهرين حصي جو جواب ڏيندي مرڪي سندس واسنا سان ڀريل جسم ۾ اکيون کپائيندي چيو هو.
”ڪجهه لاهو گاهو ڪجانءِ“ هن پڻ سندس نظرن سان نظرون ملائيندي مرڪي چيو هو.
”اسان به ساسي ساهه ٿا ماريون، پوءِ انصاف نه لهڻوسين، ڀلا جي نه ڏنئي ته سمجهندس ڄڻ گهوڙو جوٽيو ئي نه هئم.“
”ايئن ته ڪَسُ لڳي ويندئي“
”پوءِ لڳي ته لڳڻ ڏينس، پر جائي هلبو ڪٿي، اهو ته تو........“
”صوفي رانجهن شاهه جي مئخاني تي“
”اتي ڪنهن سان..............“
”اڙي نه چريا، اتي پنهنجو گهر اٿم، مان اتي ئي رهندي آهيان.“
”پوءِ ته هيڏهن اجايو وڪڙ ڪرڻو پيو.“
آخر ۾ ٽانگو اچي صوفي رانجهڻ شاهه جي پڙ تي پهتو، تڏهن راحت جوانڙي کي پٺيءَ تي هٿ رکندي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جنهن سان سندس جسم ۽ هڪ قسم جو ڪرنٽ اچي ويو هو. ان وقت ٻئي هڪ ٻئي کي عجيب نظرن سان تڪڻ لڳا هئا. سندن چهرن تي هڪڙا رنگ اچڻ ۽ ٻيا وڃڻ لڳا هئا. هوءَ لڄي ٿي جيئن ئي ٽپ ڏئي ٽانگي مان لٿي هئي تيئين ئي پائدان ۾ پاچو وچڙي ويو هئس ۽ ان تڪڙ ۾ ڪرڻ کان ته بچي وئي هئي پر شلوار جو پاچو ڦاڙائي ويٺي هئي. پاچي ڦاٽڻ تي جوانڙي افسوس ظاهر ڪيو هو ۽ هن ٿرڊ ڪلاس پرس مان چئن روپين جا نوٽ ڏانهس وڌائيندي مرڪي چيو هو،
”هي به تنهنجي کنڌي............... ۽ ها صبح پڪ ٿئي، ڪن بيانو ڏئي ڇڏيانءِ؟“
”تهان جي زبان ئي ڪافي آهي، بيانو وري................“
”هو ڏسين ٿو نه پريان ٽپڙيءَ وارو در، او اتي پر نيرن ڌاري اچي پهريان پڇي وڃجانءِ، هوءَ چوندي چوندي مرڪي اڳتي وڌي وئي هئي ۽ ٽانگو ٻيهر پنهنجي منزل طرف ڊوڙڻ لڳو هو.
هوءَ جنهن وقت ٽئين درجي جي هڪ پُٺ تي پيل گجڻ پور محلي جي هڪ پراڻي طرز، ڪچين سرن ۽ ڳچ سان لِتل گهر ۾ داخل ٿي هئي، تڏهن گهر جي صحن ۾ پيل هڪ اڌ پراڻي ڪرسي ۽ پراڻي ٽيبل مان هڪ ڪرسيءَ تي هڪ پنجاهه سٺ سالن کن جي پوڙهي آهليل هئي. هن جي اکين تي هڪ پراڻي سڳن سان ٻڌل نظر واري عينڪ چڙهيل ۽ آڏو ئي پراڻي ٽيبل تي ناس جي دٻلي ۽ ناس اگهڻ واري اڳڙي پيل هئي. پوڙهيءَ جي نڪ ۽ وات کي ناس ٿڦيل هئي. پوڙهي ننڊ ۾ الوٽ کونگهرا هڻي رهي هئي. پوڙهيءَ تي نظر پوندي ئي راحت کي بڇان وٺي وئي هئي.
”مئيءَ کي ننڊ به ڪا اکن سان ٻڌي پئي آهي، جڏي ڏس تڏي..............“ هن ايندي شرط برقعو لاهي پري ڪري ڦِٽو ڪندي هڪ ڪرسي سيري ڦهه ڪري پاڻ اڇلائيندي وڏو ساهه کنيو هو. اوچتي کڙڪي تي پوڙهي سجاڳ ٿي پئي هئي. هوءَ سجاڳ ٿيندي ئي راحت تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي هئي.
”ائي ڇو پئي آئينءَ، اڃا ته نه اچين ها، اڃا ته يارن سان راگها ڪرين ها، مان آهيان جو باشاهزاديءَ کي ڏسي، ڏسي ٿڪي آهيان ۽ هيءَ وري..............“
”ماسي مُزرا آهن توکي، ايڏي ننڊ، شهر آهي جو اڃا سوڌو کليو پيو آهي، رستا پيا وهن، توکي ساجهر ئي ننڊ، توبهه باهه ڏيانس، گرمي ته ڏس، ونجڻو ڪاڏي ڪيو ٿي؟“ هن رئي جو پلاند هوا ۾ لهرائيندي وڏا وڏا ساهه کڻندي چيو هو.
”اڙي ها، ها جهڪي ٿيءُ، جهڪي ٿيءُ، مان کي ٿي ننڊ جا مهڻا ڏين، پاڻ سو ڪندي ئي ڪانهين.“
”ڪئي ڇونه پر ڪنهن ٽيم جي، ڪن چارئي پهر ننڊ جي حوالي“
”ڪهڙو وري پاءُ گلن ۾ تُرڻ واري ميرن جي بالي آهين، جو تنهنجي مٿان ويهي پهرا ڏيان“ پوڙهي ٽيبل تان ناس جي دٻلي کڻي، هٿ جي تريءَ تي هڻي، ناس چپٽي ڏيندي چيو هو،
”هَهه هَهه هَهه، مڙهي بالي وري ڪهڙي عرش تان لهي آئي هوندي، اها به اسان ماڻهن جهڙو ماڻهو هوندي، ان کي وري ڪهڙا ٻه سِڱ مٿي تي هوندا.“ راحت ٽهڪڙا ڏيندي چيو هو.
”اڙي ٻُڌم، ٻڌم، پر اهو ته ٻڌاءِ ٿيو ڪو اُپراسو؟“
”اُپراسو؟ هَهه هَهه هان هي وٺ ساههُ نه نڪرئي“ هن پرس مان ڪجهه نوٽ ڏيندي چيو هو. ۽ پوڙهيءَ نوٽ ڳڻيندي چيو هو،
”ڇو اڄ خوشيءَ ۾ ماپي نه ٿي ماپين، ملي ته نه وئي ٿي ڪا سوني آسامي!؟“
”ڏاڍو سڻڀو شڪار، جي پوڻُ لڳو ته پَئون ٻارنهن، اصلي ڏوئي ڍڪڻ گيهه.“ هن آرس ڀڃي ڄنگهان ڊگهيريندي پوڙهيءَ تي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پوڙهيءَ نوٽ مٺ ۾ قابو ڪندي چيو هو.
”ها، مارجي ته مير مارجي باقي چاڪَرَ ڇا چُڪائجن“
”مڙهي، چاڪرن کي ڏي ٻَنِ، مان ته مير ماريو آهي مير“
”اڙي اهو آهي ڪير؟ مان کان به ڳجهائي؟“
”هل ڙي هل، تون پنهنجو وکت کائي وئينءَ“
”مُئي ماڻهو ٿي حرامي، رهزن، متان ڪو مٿيان پتڻ نه گهمائي ڇڏئي“ پوڙهيءَ چِتاءَ جي انداز ۾ چيو هو ۽ پوءِ راحت ٽهڪڙا ڏيندي رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو هو.
”مٿيان پتڻ، هَهه ههَه ههَه............ ڏٺي مکياري نه وڻئي ته مال مالڪن جو.“
”ڀلا آهي ڪير؟“ پوڙهيءَ بيقراريءَ مان پڇيو هو. راحت پنهنجي ڪرسي ڇڏي، هلي اچي پوڙهيءَ مٿان بيٺي هئي، مرڪي چيو هئائين،
”ڪير به هجي، تنهن سان تنهنجو ڪم، تون ته بس موڙيءَ جي مالڪياڻي“
”چڱو نه ڏس، باقي مان به ماريي آڏو پِتا پڌرا نه ڪيا مانءِ ته اهائي ڳالهه“ پوڙهيءَ خفي ٿيندي چيو هو.
”رن آهين ڪن راهو، هون............. پتا پڌرا ڪندي، پاڻ سو ستي جتي آهين، سڄا سارا راهه رند تنهنجا ڏيکاريل، هاڻي وري......... ٻلي سئو ڪوئا کائي حج هلي هئي.“ هن پوءِ چڙي رُسامي جو انداز اختيار ڪندي ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ تي سٽيو هو.
”مُئي ماري پوءِ ڇو ٿي ايڏو پسرائين، ڪرين ڇو نه ٿي نجرا“ پوڙهي نوٽ هڪ مٺ ۾ ڪندي ڪرسيءَ تان اٿندي،
”کُهه گهر سندس، ماريو چهڙو هجي يا چمار، مان ته بس هنن نوٽن سانڍڻ واري، تون ڄاڻ تنهنجو ڌنڌو.“
”چڱو هاڻي ڇڏ، هيانءُ ٿو چٿجي ڪو مانيءَ ڳڀو کاراءِ“
”ڇو ان سڃي سکڻي نه کارايئي ڇا، جنهن جي ساراهه ڪندي اصلي ڍاپين ئي نه ٿي“
”اڙي ڀَپَ اهو ته نئون شڪار آهي نئون، ان کي ته نئين چوڻِ وڌي اٿم“
”ڪير آهي؟ ڪٿي ويٺو آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟“ پوڙهيءَ هلندي هلندي هڪ هنڌ رڪجي کيس معنيٰ خيز نظرن سان گهوريندي چيو هو.
”اڙي ها، ها پيٽ نه ڦاٽئي، سڄي رات پئي آ، پهريان ڳڀو ته پيٽ ۾ وجهڻ ڏي“
”چڱو تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تَيترِ مان چانور پائي اچان پر ان دٻلڙيءَ جي پارت اٿي، متان لمڪي ۾ ڪيرائي نه رکينس، پوءِ سڄي رات.............“
۽ پوءِ صبح تي سوير ئي اٿي ٻئي ڄڻيون گهرو ڪم ڪار کي لڳي ويون هيون. گهر ۾ هر هڪ شئي کي سليقي سان رکي رهيون هيون، ڄڻ ڪو پير مرشد ايندو هجين. راحت سوير ئي پنهنجو ڪم ڇڏائي رات جي اوجاڳي، ٿڪ، صبح جي رئي، دز لٽيل جسم کي پاڪ پوتر بنائڻ لاءِ وڃي نلڪي جو پاسو ورتو هو ۽ پوڙهي ٻاهر آڳند کي ٻهاري رهي هئي. هر هر ڪنڌ هيٺ ڪرڻ ڪري سندس عينڪ کسڪي هيٺ ٿي رهي هئي. هوءَ هر هر عينڪ کي درست ڪري رهي هئي ۽ ڪڏي ڪڏي وڌيڪ خفي ٿيندي پنهنجي ئي منهن بڙ بڙ ڪري رهي هئي.
”هاڻي هڪ هنڌ کڻي ٺَهُه ته ڦهڪايانءِ نه ڀت تي، ڪهڙو نه اچي ڪارِهُه ڪيو ٿي“
کن کان پوءِ اوچتو ٻاهران ڪڙو کڙڪيو، پوڙهي ٻهاري هڪ پاسي اڇلائي گوڏن تي هٿ رکي اٿي ٻاهر وڃڻ لڳي هئي، دروازو ٻيهر کڙڪيو ۽ وري ٽيهر، پوڙهيءَ دروازي ڏانهن وکون کڻندي پنهنجي منهن بيزاريءَ مان چيو هو،
”ماريو، ڪو چڙهئي گهوڙي آيو آ، اصلي ڍنڍي ٻاري ڏني اٿائين.“ پوءِ جڏهن پوڙهي در تي آئي هئي، تڏهن ٻاهر اقبال کي ڏسي ڪجهه ياد ڪندي هڪي ٻڪي ٿي وئي هئي پر تڪڙو پاڻ سنڀالي، هروڀرو به پڪائي ڪندي پڇيو هئائين،
”ابا، ڪنهن سان ملڻو آهي؟“
”ماسي مان ٽانگي وارو آهيان، اڄ سڄي ڏينهن لاءِ ٻولايل.............“ هن قدري ڌيرج مان چيو هو ۽ پوءِ پوڙهي واپس مڙندي چيو هو،
”چڱو چڱو ٻچڙا مان اطلاع ڪيان ٿي“
۽ پوءِ ويندي ويندي هڪ دفعو ٻيهر کيس ٽيڏي اک سان ڏٺو هئائين، تنهن بعد اڳتي ويندي پنهنجي منهن ڀڻڪيو هئائين،
”ڇورو ته سون تي رتي آ پر خداءِ ڪري نيبهه ڪريس.“ پوڙهيءَ اندر پهچندي ئي ڦڪڙيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. نلڪي هيٺان سنان ڪندڙ راحت ڏانهن وڌندي پڪاريو هئائين،
”اڙي ڪاڏي وئينءَ، هيڏي ٻاهر ته نڪر“
”ٻيو ته سک آ، صبح مردان سان هنيانءُ ئي کائي ڇڏيو ٿي، وري ڪهڙي کاڻ کٽي ٿئي؟“ راحت نلڪي چوڌاري ڏنل ديوار کان منهن ڪڍي چيو هو ۽ پوڙهيءَ ڏانهس وڏيون وکون کڻندي چيو هو،
”مُنهن ڪاري، هيڏي ٻاهر ته نڪر، لاشڪ ته هو آيو ٿئي“ پوءِ سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيو هئائين،
”سچ..............!! پر ٻڌاءِ ڪيئن لڳئي!؟“ راحت خوشيءَ جي عجيب احساس وچان پڇيو هو. پوڙهيءَ کيس جلدي ڪرڻ لاءِ رهڙ ڏني هئي.
”اڙي هاڻي ڇڏ ني، هجني رڳو فتوائون وٺڻيون، وڃينس ٻاهر، ڇا چوندو پرائو مڙسالو“
”امڙ، تون به ڏاڍي ٿي ٻڌائين، ڏسين ٿي اڃا پورو بضون ئي ڪين ساريو ٿم، تون وٺي اچينس تيتر مان جلديءَ ۾ ڪپڙا پهري وٺان پر ڳالهه کي چوريندينءَ تون.“
”اڙي ها، ها، ڇو ٿو ساهه نڪرئي، اچڻ ته ڏينس، ڏس ته ڪيئن ٿي هٿن تي پِرتا ڪري ڏيکاريانءِ“ چوندي، چوندي پوڙهي ٻيهر ٻاهرين در ڏانهن وڌڻ لڳي هئي. در تي ايندي پوڙهيءَ اقبال کي اندر اچڻ لاءِ چيو هو، تڏهن هن وڌيڪ پڪ ڪندي چيو هو،
”ماسي، اندر اچان؟“
”اڙي تڏي ڇا، تون پنهنجو ٻچو آهين، توکان ڀلا ڪهڙو ڀئو“ پوڙهيءَ اڳيان، اڳيان هلندي اڇاترا قدم کڻندي هلي رهي هئي ۽ اقبال پٺيان، پٺيان سست ۽ ڍلا قدم کڻندو هلي رهيو هو. پوڙهيءَ کيس آڻي آڳر ۾ پيل پراڻين ڪرسين مان هڪ تي ويهاريو هو ۽ پوءِ پاڻ جلدائيءَ مان نلڪي طرف وڌي وئي هئي.
”مائي، ڇڏاءِ، يڪو ٿو تنهنجو اوسو لهي“ پوڙهيءَ هلڪي آواز ۾ چيو هو ۽ راحت ٽوال سان لِڱ اگهندي،
”بس، بس، تيتر تون کيس ريجهائي ويهار“
کن کان پوءِ آڊوڪن وارن کي ڇنڊڪا ڏيندي راحت، اقبال ڏانهن ايندي مرڪي چيو هو،
”ايترو ساجهر!؟“
”ڌنڌو جو آهي“
”شکر جو آئين، ماسي ته سِرُ پٽي وئي هئي“ هن وارن کي پٺتي وائکو ڪندي چيو هو، جنهن سان گڏ هوءَ وڌيڪ سندر لڳي رهي هئي. هن جي ڀِڳل ڳردار سيس ۽ واسنا ڀريل جسم تي آڊوڪو چولو چنبڙيل هو. سنهي لونِ جي چولي مان هن جو ڀورو ڳاڙهو اُرهه هروڀرو به اقبال کي مجبور ڪري رهيو هو ته سندس ڳردار جسم ۾ پوئڍاون جيان اکيون کپائي ڇڏي، هوءَ هلڪي مرڪ سان ڪرسيءَ تان اٿي هئي،
”مان، اجهو آيس“
۽ پوءِ جڏهن ٿورڙي جهٽ کان پوءِ واپس آئي هئي، تڏهن سندس هٿ ۾ سادي چانهن داني، سادا ڪوپ پڪڙيل هئا. هن پوءِ هڪ ڪوپ ۾ چانهن ڀريندي اقبال ڏانهن وڌائي هئي، ٻئي کن پوڙهيءَ پنهنجي ڏڪندڙ هٿن ۾ ڪوپ ڪندي مرڪي پڇيو هو،
”پوءِ پٽ ڪهڙي ڳالهه تي بيٺين؟ اسان ته سڀني ڳالهين ۾ مکياري ڇڏيو ٿي“
پوڙهيءَ جي اوچتي آواز تي اقبال ڇرڪي ڦڪي مرڪ مرڪندي، راحت جي اُرهه تان نظر هٽائيندي چانهن جي سرڪ ڀريندي چيو هو،
”ماسي، مان کي قبول آ“
هن جي اقرار سان گڏ راحت جي چهري تي هرو ڀرو به شرم جي لڪير اُڀري آئي هئي، پوڙهيءَ اڃا به وڌيڪ کيس هرکائڻ لاءِ چيو هو،
”ابا، ڪئي ڳالهه ڏور ويندي آهي، اڄ ڏسين ٿو ته ڀتين کي به ڪن آهن، تون ٻچو آهين، تو سان ڪهڙي ڳجهائي، اسان وٽ ڌڻيءَ جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي، مرحيائت منهنجي خاوند جا مليل ڳهه ڳٺا، ٿانوَ ٿپا، جيڪي سي چار ڪوڏيون هَڙَ ۾، بس هجي جيڪو سنڀالي“
”پوءِ مان کي اجازت، ٽانگو مالڪن جي حوالي ڪري اوکا پوکا پلي اچان.“ اقبال چانهه جو ڪوپ خالي ڪري ٽيبل تي رکندي، اٿي راحت جي چهري ۾ اکيون کپائيندي، مرڪي چيو هو.
”ڀلي، ڀلي تون پنهنجو سُوس پلي اچ، جڏي به اچين اسان جون اکيون ٿڌيون.“
اقبال اٿي هلڻ لڳو، جنهن سان گڏ راحت به اٿي ساڻس گڏ هلڻ لڳي هئي. پوڙهيءَ ٻيهر پٺيان آخري تير اڇلايو هو،
”آئون جائي، پنهنجو نلو پِلو ٽانگو به وٺي ڏينداسونءِ.“
هو ٻئي اڳتي وڌي رهيا هئا، ٻئي هڪ ٻئي کي عجب نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. راحت مرڪي پڪ ڪرڻ خاطر پڇيو هو،
”پڪ موٽندين ني؟“
”ٻڌ.............“ اقبال کيس يقين ڏياريندي چيو هو، تڏهن راحت وڌيڪ کائنس وچن وٺندي مرڪي چيو هو،
”مڙساڻو اقرار؟“
”ڏس هاڻي ايئن ڏٺو ٿي، هي کٻو هٿ ڪاڏي ويندو آهي“
”پوءِ مان اوسيئڙي ۾ رهنديس“ هن کيس در جي چائٺ ٽپائيندي آخري ڀيرو مرڪي چيو هو ۽ پوءِ جڏهن واپس آيو هو، تڏهن ساڻس جيڪي ڪجهه ساعتون گڏ گهاريون هئائين انهن جون يادون ساريندي، ساريندي هن کي ننڊ اچي وئي هئي. ان ننڊ ۾ هن ڀوائتو خواب ڏٺو هو. هوءَ پنهنجو پاڻ کي پراڻن، ميرن، گدلن ڪپڙن ۾ پنندي، ڪنهن ڦٽ پاٿ تي پيل هر لنگهندڙ آڏو هٿ ڊگهيري خيرات گهرندي، مڙس هٿان موچڙا کائي گهر مان تڙجندي، ڌڪا کائيندي، بي عزتو ٿيندي، مڙس کي ٻي ڪنهن نئين نويل ڪنوار جي آغوش ۾ مزا ماڻيندي ڏسندي رهي هئي. اهڙن بڇڙن حالن تي پوڙهي کِلون ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چٿرون ڪري رهي هئي.
”ههَه............ ههَه، ههَه........... احسان، احسان، احسان ڪير ٿو چوي تنهنجو هن تي احسان آهي، هن ته پاڻ توتي احسان ڪيو آهي. تون اهو اجاڙ وڻ آهين، جيڪو برپٽ ۾ بيٺي، بيٺي سُڪي، سڙي ويو هجي. تون اها وانجهه آهين، جيڪا سهسين سينگار ڪرڻ کان پوءِ به ماءُ بڻجي نٿي سگهي. تون اهو بيٺل پاڻيءَ جو دُٻو آهين، جيڪو بيٺي بيٺي سينوارجي بدبودار ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ، پوءِ ماڻهو ته ڇا پر ڪو ڪُتو ٻلو به نوسڻ ڪونه ايندس. تون اها ڪلراٺي زمين آهين، جنهن ۾ ڪوبه سَلو اڀري نه ٿو سگهي. هن کي سائو سلو گهرجي، هن کي ٻيو اقبال گهرجي، هن کي........... ۽ تون يا عمر رولو ڪُتيءَ جيان ڳڀي ڳڀي لاءِ پئي نوسيندي وتندينءَ، ٻچڪر تي پئي پڇ گسائيندينءَ“
”نه نه مان ايئن ڪرڻ نه ڏينديس، ايئن ڪرڻ نه ڏينديس، نه ڏينديس، نه ڏين......................“
هوءَ ننڊ ۾ سُتي ئي سُتي، وڏيون هيئين ڦاڙ دانهون ڪرڻ لڳي هئي، جنهن تي پوڙهيءَ سجاڳ ٿي کيس وڏي آواز ۾ سڏ ڪيا هئا،
”ڇا ڪرڻ نه ڏيندينءَ؟ سنجها وکت اهو ڇا پئي جابولين، لڳا ته نٿي موت جا مارون؟“ پوڙهيءَ جي آواز تي هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي هئي. هن جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو. سندس سڄو جسم پگهر ۾ شل هو. هن پنهنجي پريشاني لڪائيندي رئي جي پلاند سان منهن اگهندي گهٻرايل آواز ۾ چيو هو،
”ماسي!؟“ ايئن ڄڻ ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي مدد لاءِ واجهائيندي هجي.
”ڇڏ هاڻي في الحال، مان کي ننڊ ڪرڻ ڏي، سڄي ڏينهن ۾ اک به ٻوٽڻ ڪانه ڏني ٿي.“
”نه ماسي، اڄ مان توکي مورئون ننڊ ڪرڻ ڪانه ڏينديس، اڄ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن فيصلي تي پهچڻو ئي پوندو، ڪونه ڪو رستو لهڻو ئي پوندو.“ هن ڪي قدر پختي آواز ۾ چيو هو، جنهن تي پوڙهي ڪنهن اڄاتي خوشيءَ وچان ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي هئي. پوءِ ويهاڻي هيٺان عينڪ کڻي اکين تي چاڙهيندي،
”هئي.............. نور کان سواءِ به نسورو ڪوڙ آهي. ٻانهن واري عينڪ پائڻ به ڪهڙي نه سولي آهي.“
”ماسي، اڄ ڪنهن نه ڪنهن فيصلي تي پهچڻو ئي پوندو.“
”فيصلي تي ته پهتينءَ، اڳ ۾ مانکي ناس جي دٻلي ته هٿ ڪري ڏي، مٿو ٿو ڦري، ڪچي ننڊ مان اٿاريو ٿي.“ پوڙهيءَ ويهاڻي هيٺان هٿوراڙيون ڏيندي ناس جي دٻلي جاچيندي ۽ پوءِ دٻلي ملڻ تي، دٻلي هٿ جي تريءَ تي هڻندي ناس چپٽيون ڀري نڪ ۽ وات ۾ ڏيندي،
”هاءِ، هاءِ............. مس مٿو جاءِ آيو آهي. ها، هاڻي چئو ڇا پئي چيئي؟“
”ماسي، مان اهو ئي............. مان اهو ئي پئي چيو ته متان جائي به تنهنجو چيو سچ نه نڪري.“
”جي ايترو سڀ ڪجهه ڏسندي به گيسر جو گهر ٿيندينءَ، کيس ڀوليءَ وانگر چنبڙي پئي هوندينءَ ته پوءِ هڪ ڏينهن پاڻ به ڏيهڙپ ٿيندينءَ، مان مڙهيءَ کي به اڇي مٿي ۾ در در پنائيندينءَ.“
”ڀلا ڪا ٽِڪ سوچ، جيئن لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.“
”مائي جي مان کان ٿي پڇين ته پوءِ نه لال لڀندو نه پريت رهندي. ها، ايئن ضرور ٿيندو، نانگ به مرندو، لٺ به بچندي.“ پوڙهيءَ پنهنجو فيصلو ڏيندي چيو هو، جنهن کان راحت ڪنهن خوف وچان ڏڪي وئي هئي.
”نه نه ايئن نه ، ايئن نه ماسي ايئن........... اهو سڀ ڪجهه مان کان نه پڄندو، مان کان نه پڄندو، مان کان...............“
”اڄ ڀلا تڙ نه ڪرائينديئن ڇا؟“ اقبال مرڪي ساڻس مخاطب ٿيو هو ۽ هن لنوائڻ جي انداز ۾ چيو هو،
”نه اڄ مان کي مٿي ۾ سور آهي“
”چئبو اڄ سائين جن جي دشمنن جي طبيعت ٺيڪ ناهي“ اقبال مرڪي نلڪي طرف وڌندي چيو هو. هن پاسي جڏهن نلڪي گيڙڻ جا ڪافي آواز ٿيا هئا، تڏهن پوڙهيءَ وائر تي لت ڏيندي ٻنهي ڇيڙن کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽ اکين ئي اکين ۾ راحت کي رٿيل پروگرام جي تڪميل لاءِ اشارو ڏنو. راحت ڪرسي ڇڏي پريان ئي پريان ٻوڪڙ ڪندي سڏيو هو.
”اڙي جُود ڪر هيڏي............. ماسيءَ ٽي ويءَ جي وائر کي ڇني وڌو.................. هيڏي ٻاهر ته....................“
”هاڻي جو هلي پئي“ هن صابڻ هڻندي چيو هو.
”ماسيءَ ڪرسي سيريندي، وچڙائي ڇني رکي“ هن جي لرزندڙ آواز سان گڏ جسم به ڪُنبي رهيو هو. هن پوءِ اندران ئي چيو هو،
”وائر ڇڳي ته نه ڳنڍجي سگهبي ڇا، تون ڇو اچي پريشان ٿي آهين؟“ اقبال جي ٺاهوڪيءَ دلداريءَ تي راحت گنگ منگ ٿي بيٺي ئي رهي هئي، کيس هينئين هارايل ڏسي پوڙهيءَ ٻه وکان ڏانهس کڻندي چيو هو،
”نه، پوءِ وڃي يڪو وهنج، ٻچڙا ڏاڍو سٺو پروگرام هليو ويندو.“
تڏهن اقبال جلدائيءَ مان اڌوگابرو صابڻ لاهي ٽوال هيٺ تي ڪري وائر مٿان آيو هو ۽ راحت کي چيو هئائين،
”چڱو وڃ اندارن وڃي بٽڻ مٿي ڪرينس.“
راحت جي ويندي ئي پوڙهيءَ ڳالهايو هو،
”ماريي پئسا به ڊوڊهه جا ورتا، جائي اڄ ملڪ کي حرام کائي ويو آ“
”ماسي، تهان کي به اجائي جي تڪڙ ٻئي سان به ته صلاح ڪجي.“
۽ پوءِ اندران راحت آواز ڏنو هو بٽڻ مٿي ٿس“
راحت جي ٻڏندڙ آواز تي پوڙهيءَ پنهنجي لفظن جو پردو وجهندي چيو هو،
”ٻچڙا، ڏاڍو مزو ٿس.“
”ماسي، چوندي جو آهين ٽيليوزن اکين کي وٺي ٿي؟“ اقبال وائر جي ٻنهي ڇيڙن کي ڌار ڌار ٻنهي هٿن ۾ کڻندي چيو هو ۽ پوءِ جيئن ئي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندي ٻنهي ڇيڙن کي ملايو هئائين تيئين ئي بجليءَ جي جهٽڪي سان ڦَههَ ڪري زمين تي ڪريو هو. هن کان وڏي دانهن نڪري وئي هئي ۽ ان دانهن تي راحت اندران بدحواسيءَ جي عالم ۾ بٽڻ مٿي ڪرڻ سواءِ ئي تيزيءَ ۾ ٻاهر اچي اقبال کي بچائڻ جي ڪئي هئي، کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ جيئن ئي کيس پري ڇڪيو هئائين تيئين ئي پاڻ به ڦهڪو ڪري ڪِري پئي هئي، وائر جسم کي ويڙهجي وئي هئس. ان بعد پوڙهيءَ تڪڙو اٿي ڪوٺين جي دروازن کي بند ڪري وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون هيون.