ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

سبق پھريون

موسم بهار جي آ، جيڏانهن ڪيڏانهن قدرت جا ڪرشما ڪرُ کنيون پاڻ پَسائي رهيا آهن. انبن جي ٻور ۽ کجين جي سپن جي خوشبوءِ روح کي راحت ڏئي رهي آ. پورنماسيءَ جو چنڊ پنهنجي رَٿَ تي سوار ٿيو، ڪيترن ئي گلڙن کي مرڪائڻ تي هرکائي رهيو آهي. روشنيءَ جي ديويءَ پنهنجا پر پکيڙي، ساري جڳت کي جرڪائي رکيو آ. رات جو ڳچ حصو گذري چڪو آهي. سڄي ڏينهن جي جاکوڙ کان پوءِ ساري لوڪ ننڊ جي ديويءَ جي دامن ۾ پناهه ورتي آ.
اهڙي سمي هڪ سليم ئي هو، جو گهر جي آڳر ۾ کٽ تي پلٿي ماريو ويٺو هو. سليم تازو تازو ايم اي جو امتحان ڏئي ڳوٺ رسيو هو. هو ڪيترن ڏينهن جي ساهه ۾ سانڍيل هاسٽل جي پڙاڏن کي پري ڌڪي، روح کي ريجهائڻ لاءِ روشن رات جو سهارو وٺي رهيو هو. هن جي سرير کي سُرور بجاءِ هزارين اوپرا ۽ اوٺا خيال منگهڻن جيان پٽيندا ٿي رهيا. هن من ئي من ۾ سخت مونجهه محسوس ڪئي ۽ ڪنهن اڻ چٽي احساس سببان پاڻ کي پڄرندو محسوس ٿي ڪيائين، ايئن ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو هجي............
اوچتو ئي اوچتو خاموش فضا جو سينو چيريندا، ليلائيندڙ انساني اُچار سندس ڪن ٿي پيا:
”سائين! اويڙو وقت آ، ڊڄان ٿو، متان ڦورو مون کان منهنجي جوڳ نه ڦري وڃن!“
هن کي آواز ڄاتل سڃاتل لڳو، جو سندس گهر لڳ رهندڙ پيرل هاريءَ جو هو. ڳوٺ جو پرمار هن کي بي وقتي بيگر چئي رهيو هو. هڪ طرف هاريءَ جي هيڻائپ کيس لَهسائي رکيو. ٻئي طرف هن حيوان جي گونجندڙ آواز ٻاٻرن ٽانڊن جيان کيس ڄرڪائي رکيو. هي سوچن ۾ پئجي ويو ۽ سوچيندي سوچيندي زندگيءَ جون ڪيتريون منزلون پٺتي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويو. هن کي ياد اچي ويو، جڏهن هو پرائمري پنجين درجي جو شاگرد هو، تڏهن ڪلاس ۾ کين استاد ظالم ۽ مظلوم جو فرق ٻڌايو هو:
”پُٽ، دنيا ۾ انسان جو سڀ کان وڏو ويري اهو آهي، جيڪو ٻئي جي ڪمائي ٿو کائي. پوءِ اهو وڏيرو هجي يا جاگيردار، مير، پير ۽ ڪو شاهوڪار هجي. وڏي ۾ وڏو مظلوم اهو آهي جنهن جي پورهئي جي اُپت ڦرجي ۽ کسجي ٿي. پوءِ اهو مزدور هجي يا ڪو ٻيو، جنهن جي پگهر تي پلجي اهي ظالم ڦورو ٿلها، متارا ۽ مڳ لڳا ويٺا هوندا آهن ۽ پوءِ به هو پورهيتن سان ڪارن آفريڪين وارو سلوڪ ڪندا آهن، جن کي يورپي لوڪ آفريڪا مان ڦاسائي، ڪنهن زماني ۾ آمريڪا ۾ گڏهن ۽ گهوڙن جيان وهائيندا هئا.“
پوءِ اسڪول جي دريءَ مان استاد سامهون هڪڙي ٿلهي متاري پيٽر جي اوطاق ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو:
”هو ڏسو، ڪيئن نه هو ڪم چور پنهنجي ڳوڻ جهڙي سوڻل جسم کي پيو زور ڏياري ۽ منرائي! انهيءَ حرام کائوءَ جي جڏهن ڦُوس مُنجهندي آهي ته به ڪنهن نه ڪنهن پورهيت کي سڏائيندو آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن پورهيت جو غرض منجهس اٽڪندو آهي ته ان کي هي پڇندو به ناهي!“ استاد جي ڳالهه کي ڪٽيندي، هڪ شاگرد سوال ڪيو هو:
”پورهيت جي محنت ۽ پگهر تي ته سڄو جڳ ٿو جيئي! جي هاري ۽ مزدور نه هجن ته هوند ڪير هن ڌوڙ کي سر سبز بڻائي ۽ ڪير هي محل ۽ ماڙيون جوڙي، ڪارخانا هلائي، رستا ٺاهي ۽ ٻيا هيترا سارا ڪم ڪري!“
استاد ٻارڙي واتان اهڙا لفظ ٻڌي، گهڻو خوش ٿيو هو ۽ دل ئي دل ۾ هن جي ذهن کي سوين آفرين چوڻ کان پوءِ هن چيو هو ته:
”پُٽ، ايئن برابر آهي، پر پورهيت اڃا پنهنجي تقدير بدلائڻ جو سبق ڪين سکيا آهن. اهو ئي سبب آ، جو منجهن اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي اڃا کوٽ آهي. پر مون کي پڪ آ، هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن هو ظالم سان ٽڪر کائي پاڻ موکيندا.“
استاد پوءِ کين ٻڌايو هو ته، ”دنيا ۾ زندهه رهڻو اٿوَ ته ڪو مقصد آڏو رکي جيئو! ۽ اهو مقصد هئڻ گهرجي.......... ظلم سان جنگ يعني هر ظالم پرمار سان جنگ، جن غريبن کي ڦري، لُٽي کين نستو، روڳي ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو آهي.“
اوچتو وڻ تي ويٺل چٻري جي آواز تي سليم جا خيال وکري ويا. هن ڪنايو، اڃا ان وحشي ظالم جو آواز گونجندو پئي رهيو!
چي، ”زمين کان جواب اٿئي! صبح ٿئي، ان کان پهرين لَڏِ..............!“
انهن لفظن هن کي ڪارائيءَ جيان ڪپي ڇڏيو. هن جي سرير ۾ سانڍيل ورهين جي نفرت جي چڻنگ ڀڀڙ جيان ڀڙڪو کائي، دکي پئي. هن جي اکين ۾ ازلي انسان جاڳي اُٿيو. هو لُوهه پائي کٽ تان اٿي، جوش ۽ جذبات جا وهڪرا پار ڪندو، وڃي هن جي سامهون بيٺو:
”رئيس، جڏهن ته سارو لوڪ سُتو پيو آ ۽ سڀ ڪڙمي، ڪاسبي پنهنجي کيتن کي سلام چئي، اچي آرامي ٿيا آهن. ساري ڏينهن جي جاکوڙ کان پوءِ مس ته ويچارن کي پگهر سڪائڻ جي ويسند ملي آ ۽ هيءَ جهٽ به هي تنهنجي بيگر جي حوالي! پيرل بيگر نه وهندو! ڇڏيو مسڪين جي پچر!“
سليم جي انهن لفظن ڄڻ ته هنجي ستن پيڙهين جي پڳ لاهي، هڪ هاريءَ جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏي هجي. سو هو ڪاوڙ مان نانگ جيان وٽ کائيندو، وهڙي جيان تاڏ ڪري سليم تي کُپي ويو. ڀر ۾ بيٺل سندس ڇاڙتن به خوب نمڪ ملهايو. هل هنگامي ۽ ڪتن جي باهوڙ تي ستل ماحول جاڳي پيو. سليم لوڪ جي لڄ کان جيئن تيئن ڪري پاڻ ڇڏائي، رات جي پيٽ ۾ ڪيڏانهن گم ٿي ويو.
اڄ مٿئين واقعي مٿان ڪيترائي وقت جا ڪانٽا لٽ وجهي چڪا آهن. وري ساڳيو بهار موٽيو آ. هارين ۽ پورهيتن ۾ اتحاد ۽ تنظيم، ٻڌي ۽ همت آئي آهي ۽ سليم به اڄ وٽن موٽي آيو آ. اڄ جيئن صبح جي اشا ديوي آشائن ۽ اميدن جا سوين سُر آلاپي رهي آ ۽ سڄي ڌرتي حقيقي بهار جي خوشي محسوس ڪري رهي آ، تيئن اڄ وستيءَ وارن جي واتان وري وري،
”جيئي هاري! جيئي سليم! جيئي سنڌ!“ جا نعرا گونجي رهيا آهن. گل ٽڙي پيا آهن ۽ انبن جي ٻور ۽ کجين جي سپن جي خوشبوءِ جا رنگ اٿلي پيا آهن. جيئن ٽارين تي پکي، تيئين گهٽين ۾ نچي ٽپي ۽ ڪوڪي ڪڏي رهيا آهن. ۽ آءٌ حيرت وچان وقت جي ڇاتيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿو. وقت مون کي بيرا ميٽر جيان اڳواٽ ئي هزارين اهڙن طوفانن ۽ تيز ڇوهن جي اچڻ جي ڄاڻ ڏئي رهيو آ، جن جي جهوٽن کان صدين جا ڪهنا ۽ ٿلها وڻ به پاڙان اکڙي، هميشه هميشه لاءِ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ نوان ڪونپل ڦٽندا آهن ۽ ڌرتيءَ کي ٻيهر سائو ستابو ۽ سهڻو، سدابهار ڪري ڇڏيندا آهن.