ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

هن بنگلي ۾ هن بنگلي ۾......!!

ههڙي بي عزتي.............؟ ههڙو مُٺ ۾ ساهه...........؟ آخر، آءٌ هت ڇا لاءِ پيو ڳَهان، هِت منهنجو ڇا؟ ڪهڙا ڪارخانا، ڪهڙي جائداد“ هي بنگلو، هي پلاٽ، منهنجو ڪهڙو حصو پتي؟ اُهي ۽ اهڙا سوين سوال منهنجي مٿي ۾ ڦرڻ لڳا. مان قريب ستل زال ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڊپ ۽ ڪاوڙ وچان پنهنجي اٺن مهينن جي ڌيءُ کي ڪڪڙ جيان ڪوڙي ۾ لڪايون، اکيون ڇت ۾ اٽڪايون نه ڄاڻ ڪهڙن ويچارن ۾ ورتل نظر آئي. ڪيئن به پر ماحول ڏاڍو ڳنڀير هو. هن پاسو بدلائيندي پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو،
”نه، نه هت مان ڪانه رهنديسانءِ ۽ تون به............ چئه پنهنجي صاحب کي، ٻڌاءِ پنهنجي صاحب کي، مان کي، مان کي هن بنگلي کان سخت نفرت آهي ۽ تو واري صاحب کان به“
مان ڏٺو هن جي لهجي ۾ نفرت ۽ خوف ڀريل هو، هن جي دل تي جيڪو بار هو، سو لاهڻ لاءِ بي چين هئي، تڏهن به مان کيس منع ڪئي.
”نه، نه ايئن نه چئه، ايئن نه ڳالهائبو آهي صاحبن لاءِ“
”ڇو ڪونه ڳالهائبو آهي“ هوءَ وڌيڪ بگڙي پئي، ”ڪاڻيون ريهاڻيون ڪڍينس ته تون ڪڍينس، مان کلو به نه هڻانس“
”مار پَوَئي خدا جي هوش ڪر، هوش ڪر، اڄ ڏسين ٿي ڪنڌيءَ کي به ڪن آهن، ٿي نه پوي ڪا اُبتي سبتي“
”پر مانکي ته ٻڌاءِ“ هن ڪاڪڙي تي زور ڏنو، ”پرائي بزڪري ڏيندي ڏيندي عمر برباد ڪيئي، ڪهڙو سُک ورتوسين، اهي نوڪر جا نوڪر“
مان وڌيڪ ٽِيڪي ۾ پوڻ کان پاڻ پالهو ڪندي ڀر ۾ ستل ننڍڙي پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريو، جيڪو ٻليءَ جي ٻلونگڙي جيان اڃا سوڌو منهنجي ڇاتيءَ سان چنبڙيل هو. مان ڏٺو اڃان تائين خوف ۽ هراس مٿس ڇانيل هو. سندس سينو تنبوري جيان وڄي رهيو هو. ان وقت گهڙيال تي نظر وڌم، رات جا تقريبن ٻه ٿي چڪا هئا. زال کي چيم،
”ڏسين ٿي وقت ڇا ٿيو آهي، اٿ، اٿ بلب وساءِ“
”ها پر مان ڪانه ترسنديسانءِ“
”موڳي ڇو ٿي دل لاهين، يا ته اچڻ لاءِ به اڇاتري يا ته............“
”ها ها............ مان کي هن وقت، هن گهڙيءَ ڳوٺ پهچاءِ، ههڙيون بي عزتيون، ههڙيون تاديون، مان باهه ڏيانس ڪهڙيءَ ڪاريءَ کاڌو مان کي جو هن بنگلي ۾ آيس“ هوءَ هاڻي زبردست بغاوت تي لهي آئي هئي. مان ڄاتو ته هوءَ حق تي آهي پر هن وقت، هن گهڙيءَ............. ڪهڙي منهنجي حيثيت؟ ڪهڙا رعب هلايان. نوڪر، ٻن پئسن جو غلام ۽ غلام جي به پنهنجي ڪا مرضي!! چيم،
”پاڳل نه ٿيءُ، سج ته اڀرڻ ڏي، صاحب سان به ته وات ٽڪاڻي ڪيان“ مان ڏٺو منهنجي ڏڍ ڏيڻ تي به هن جي ڇتڪتائي ڍري ڪانه ٿي، هن جي ڇتڪتائي ته ڍري ڪانه ٿي رهندو منهنجي ڇتڪتائي وڌي وئي. ايئن لڳو ڄڻ زال گڏ هاڻي هاڻي مانکي به ڇتي ڪتي چڪ پاتو هجي!
”چئه پنهنجي صاحب کي، ٻڌاءِ پنهنجي صاحب کي“
اهي اهڙا ته اُڏام جيوڙا هيا جيڪي منهنجي رت ۾ ملي جسم ۾ ڊوڙي رهيا هئا. وڦلي پيس،
”ڀينسان چري................ ڪهڙي خبر کيس ته مان ڪهڙا نه ڪشالا ڪاٽي سندس گڏ رهڻ واري فرمائش پوري ڪئي ۽ هاڻي وري، ڪونه رهنديس........... ڳوٺ پهچاءِ........... نفرت آهي............ ڪهڙو سُک ورتوسين!!؟
مان کي ياد ٿو اچي جڏهن صاحب جيل جهليل هو ممي پيڪاڻي، تڏهن هڪ ڏينهن جڏهن مائٽ ڳوٺان ڪنهن بيمار کي کڻائي اچي بنگلي تي پهتا هئا ته اصلي کُٿي نه ٿي پُڳي. مائٽياڻين سان ڏاڍيون ڊاڙون ڊڇون هنيون هئائين، وڏي فخر سان پئي چيائين،
”ادي، هت ته بس مزا ئي مزا آهن، قسم خدا جو نويڪلو بنگلو، سُٺا اوچا کاڌا، ڪارين، جيپن جا چڪر، اديءَ کي چوان شهر بازارون گهمڻ جا مزا، بس مان ڇا ٻڌايان................!!“
ٻيو ته الائي ڇا ڇا چيو هئائين پر اهي لفظ ته مان پنهنجن گنهگار ڪنن سان ٻڌا هئا ۽ وري شاديءَ واري رات ئي واعدو ورتو هئائين،
”ڪاراچي گهمائيندين نه؟ پاڻ سان گڏ رهائيندين نه؟............. نه، نه مان مان هت اڪيلي رهي ساهيڙين جا مهڻا ڪونه سهنديس، اهڙي، اهڙي ته ڇڏ صاحبن جي نوڪري، بک هت به ڪونه مرنداسين.............. پر مان ڊاڙ هنئي آهي، هان، هان وٺي هلندين نه، پاڻ سان گڏ ڪرائيندي نه ڪاراچيءَ جا سير؟ رهائيندي نه پاڻ سان گڏ؟“
هن جو انگل ته پنهنجي جاءِ تي پر پرڻي کان اڳ ئي بابا چيو هو،
”پٽ صاحب وڏو اوئين توسان راضي پازي آهي، ڪرينس ڪو سوال شاديءَ کان پوءِ ٻار پاڻ سان گڏ رهائڻ جو“
۽ سهرو ته اڳ ۾ ئي تقريران ڪرڻ لڳو،
”ٻچا چوندا آهن، رن ران سان، گهوڙي لغام سان............ سو چڱو پڄئي ته جاتي پاڻ اُتي زال، متان پٺيان ڇڏيون وڃين ته پوءِ رنون وڙهي وڙهي ڍينگو ڍيري ٿي پون ۽ پوءِ وتو پيءُ پٽ ڇينهرا شبيرا ڪرائيندا“
۽ اڄ.............. اڄ جي ڳالهه ته پوءِ جي پر مان پنهنجي ڳالهه ڪريان، پنجين جماعت پڙهندو هئس جو هڪ ڏينهن وڏو صاحب ڳوٺ آيو، آيو به ايامن کان پوءِ هو. ٻين ماڻهن جيان بابا به صاحب سان ملڻ هليو، ساڻ مان کي به کنيائين. مان ته صاحب کي پهريون ڀيرو ڏٺو، مان کي ته صاحب ڏاڍو چڱو ماڻهو نظر آيو، ننڍي صاحب جهڙا ته ويهان لهي. صاحب بابي سان ڏاڍو حجائتو ٿي مليو.
”آءُ ڙي منهنجا يار غلام الله خان.............“
بابا ڊڪي وڃي پيرن تي ڪري پيس، صاحب وڏي کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي مرڪي چيو،
”نه، نه ايئن نه، ايئن نه“
وري بابا هيٺ منجليءَ تي ويهڻ جي ڪئي، پوءِ ته صاحب وڏو صفا چڙي پيو هو،
”اڙي.............!! تون ننڍڙي جو يار، تنهنجا به اهڙا ليکا ڇا، مان ڪو رئيس وڏو آهيان، اٿ، اٿ مٿي ٿي ويهه“
مان کي اڃان تائين ياد آ، بابا هٿ جوڙيندي نيازمنديءَ سان چيو هو،
”صاحب اسين ٿياسين راڄ، اسان جو ڪو اوهان جي جُتيءَ ۾ پير پوندو“
”اڙي هاڻي ڇڏ ڀيٽون، اٿ، اٿ“ ۽ پوءِ منشيءَ کي سڏيندي چيو هئائين،
”غلام الله کي ڪرسي کڻائي ڏي“
بابو ويهي ڇا صفا پِڙُ ڪڍي بيٺو،
”اها ڪنهن جي ڳالهه باشاهن سامهون.............“
پر پوءِ ٻين ڪيترن ماڻهن جو اچي ورايس، تڏهن مس مس ويٺو، سوبه ڪرسيءَ تي نه، مان کي ٻانهن کان وٺي هلي اچي کٽ تي ويٺو.“
ابوءِ............. ماڻهو ته صاحب وڏو ٻيو مڙئي ڪوڙ، ڪاٿي آهن اڄ اهڙا ماڻهو، وڏي صاحب لاءِ ته اڄ به مشهور آهي، ڀائين،
”صاحب وڏو جڏهن ڳڙيءَ چڙهيو، اها سندس پڙهائيءَ واري زماني جي ئي ڳالهه آهي. سندس والد رئيس شاهنواز خان منجهس رئيس ٿيڻ واري چوس وجهڻ چاهي هئي. هڪ ڀيري منشي ساڻ ڏئي بٽئي ڪرڻ واسطي ديري تي موڪليائينس، بٽئي وري ڇا............! سنئين راند سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي، منشين جي نه ڏٺائين ڀريل بندين ۽ ڪارن اکرن کي ۽ ٻيا حساب ڪتاب، ٽويا، ٽٻڻا ڪڍيائين ڪڙمين جا، قرض، تقابيون ۽ کڻتون معاف ڪري اَنَ جي اڌو اڌ بٽئي ڪري اچي گهر نڪتو. سندس اهڙن ارڪانن کي ڏسي وري نه ڪڏهن رئيس وڏي ٻيهر بٽئيءَ تي موڪليس. چي،
”پُٽ، توکان وڏيرپ هلائڻ ڏکي!“
رئيس شاهنواز لاءِ ته اهو به مشهور آهي ڀائين،
”اڇو ان پٽيءَ تي، ڇڏڻ سندس لاءِ گار هو، بٽئي کنئي کان پوءِ ويچاري هاريءَ کي سکڻو بوڇڻ ڪلهي تي، ٻارهو ئي رئيس جو ڳيجهو، باقي ڪڙمي وري اهڙا سياڻا جو ڪُڍي ڪاڍاري، پونجن پڙن بهاني پنهنجي وروءَ جيترو اَنُ، پلال ۽ بُهه جي کرن ۾ لڪايو ڇڏين ۽ پوءِ لپ چڪو ڪري گاڏيءَ جي منجي ۾، مٿان پلال، بُهه، هيٺان هڻي ايئن پيا پورهيو ڪندا هئا.
رئيس شاهنواز خان رعايا مٿان پنهنجا قاعدا، قانون زوريءَ مڙهيندو هو ۽ جيڪو به چون چران ڪندو هو ان کي ڳوٺ ڇڏڻ جو حڪم ٿيندو هو. اڃا به ڪنهن سُستي ڏيکاري ته سندس سڀ الهه تلهه ڦري رئيس جي گودام ۾ جمع ڪرائي کيس لتون، مڪون هڻي بي عزتو ۽ بڇڙو ڪري زمين تان بي دخل ڪيو ويندو هو. پوءِ زمين ته زمين، جاءِ جو سڀ سمورو سامان ڪاٺ ڪِلو، ڪچيون پڪيون سِران رئيس جي ملڪيت، پٽ ته هونئن ئي رئيس جي اختيار ۾. ايئن ئي ڪيترائي خاندان تڙجي ويا، ڏتڙجي ويا، پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي پرديسي بنجي ويا ۽ وري نه تن جو ڪو پتو کرو لڳو!!
رئيس جون دائمي بيگرون ۽ ٻيا حق خلق خدا مٿان بدستور قائم رهيا. ايئن ئي هن ڳوٺ جا مسڪين ۽ بي پهچ انسان رئيس آڏو گهاڻي ۾ ٻڌل ڍڳن جيان ڏينهن رات وهندا ۽ ڳهندا رهيا. رئيس جي حڪم سواءِ سندس ڳوٺ ۽ جاگير ڇڏي نه ٿي سگهيا.
رئيس زندگيءَ جا سڀ ڇيڙا نبيرا ڪندو، ماڻهن ۽ شين تي حڪم هلائڻ جا سڀ سمورا اختيار رکندو. ٻُڌڻ ۾ ته اهو به اچي ٿو ته هِن خاندان کي پنهنجا جيل هوندا هئا، ماڻهو ويچارا ڪاٺ ۾ واڙيا ويندا هئا! ماڻهو سوريءَ چاڙهيا ويندا هئا!
رئيس جي جاگير مان پکي، پُرنج ۽ هرڻ ڦاڙهو يا ڪو ٻيو جانور مارڻ جي منع! رئيس سڳوري جي سواريءَ آڏو اچڻ جي منع! رئيس جي ٻارن لاءِ اُٺن جا ڪجاوا ۽ ڍڪ گاڏيون، رئيس جي سواريءَ لاءِ اُٺ، گهوڙا، مافعا ۽ هندورا ۽ ماڻهن جي ڪلهن تي رکيل ڏوليون. انهن سڀني ساهه منجهائيندڙ، رت سڪائيندڙ مصيبتن سان گڏ رئيس جون خون چوسيندڙ بلائون، ڪاراوا، ڪمدار ۽ منشي مڙا هر وقت مُنڪر نڪير جيان ويچارن عام ماڻهن جي ڪلهن تي سوار!!
رئيس جي پوئين ٽائيم ۾ هندن جي هندستان لڏ پلاڻ وقت ڪنهن هندوءَ ڳوٺ جي غريب علي خان تي پنج، ست جريب زمين جو ڪو ايشپو ڪيو. هندوءَ پاڻ لکائي پڙهائي دستاويز ڪري ڏنس. پئي جو خبر رئيس کي تنهن ڪچو پڪو فصل لُڻائي زمين تان بي دخل ڪري ڇڏيس. جڏهن جو علي خان ٻه قرآن ڪڇ ۾، نياڻيون ساڻ ڪري بنگلي تي نڪتو ته رئيس مرحيائت صفا آپي مان نڪري ويو، قرآن کسائي بنگلي ۾ رکرايائين، علي خان کي بڇڙو بي عزتو ڪري ڳوٺ ڇڏايائين.
رئيس جي ڀيٽ ۾ سندس پٽ صاحب وڏو وري ڏاڍو قربائتو ۽ سيبائتو نڪتو. صاحب وڏي کان موڪلائڻ مهل صاحب پڇيو،
”غلام الله خان هي نينگر ڇا ٿيئي؟“
”صاحب پٽ آهي“ بابا چيو. جنهن تي صاحب دلچسپي وٺندي مرڪي چيو هو،
”اڙي جائي ڪر خبر گهڻو اولاد ٿئي؟“
”صاحب ٽي پٽ ٻه نياڻيون“
”چڱو ٿيو، چڱو ٿيو، اهي به گنج آهن“ صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو،
”ڀلا ڪو پڙهيو يا سڀ پنهنجي پيڙهيءَ تي؟“
”صاحب پهريٺي ته پڙهيو ڪونه، سو ته پاڻ سان گڏ پوکي راهيءَ ۾، خدا جي قدرت ٻيو ته مورئون اسڪول ئي نه ويو ۽ اجهو هي ٽيون ساماڻو آهي، جيڪو پنجون درجو پڙهي پيو.“
”پڙهائينس، پڙهائينس، پڙهڻ ڏاڍو چڱو آهي. ڏسين ٿو اسان کي، انهن ٻن اکرن هن مانيءَ رسايو آهي نه ته جيڪر...........“
”ها پر صاحب اڳتي جا خرچ ڏاڍا اڻاوا آهن“ بابي لاچاري ڏيکاريندي چيو هو، ”اسين غريب ماڻهو ڪونه ٿا پڄي سگهون، اجايو جو ويٺو ايمان ٻوڙيان، بس اهي پنج پڙهي پيو تڏي به گنج ٿيو، پڇاڙيءَ پير سوجهرو ته هوندس“
صاحب وڏي پوءِ ڪا گهڙي مان کي گهوريندي (مان کي اڄ به سندس اها گُهور ياد آهي) ۽ پوءِ افسوس جو ساهه کڻندي کيسي ۾ هٿ هنيو.
”غلام الله پڙهڻ ڏاڍو چڱو آهي............“ صاحب مان کي پنج روپيه خرچي ڏيڻا ڪيا، جيڪي بابا وٺڻ ڪين ٿي ڏنا. تڏهن صاحب چيو،
”ڇڏينس، ڇڏينس مان پنهنجي رضا خوشيءَ ٿو ڏيان“ ۽ پوءِ ڪجهه سوچي چيو هئائين،
”غلام الله نينگر مانکي ڏي ته پاڻ سان گڏ ورتيون وڃانس، مڙئي تنهنجي گهر جو بار هلڪو ٿي پوندو، پر جي ادا پڙهائينس ته خرچ ڏيڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
”صاحب اوهان جا لک لک ٿورا“ بابي جو احسانمنديءَ جي بار سبب ڪنڌ هيٺ ٿي ويو هو، تڏهن چيو هئائين،
”صاحب واريءَ جو پنڌ آ، اسان ٿڪجي پئون الائي اوهان، تهان جي هيءَ ئي عزت اسان لاءِ ڪافي آهي.“
ايئن ئي صاحب کان موڪلايوسين، گهر آياسين، بابا امان سان صاحب وارو سربستو احوال ڪيو، امان صفا پِڙُ ڪڍي بيٺي،
”اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني، مان کي پيٽ ڄڻيو آ ڪو لڌو ٿورئي اٿم جي کُهجي پيو آهين، نٿو پالي سگهين ته پوءِ ٻڌائين ڇو نه ٿو.“
بابي ڪيترائي سبز باغ ڏيکاريس، گهڻيون ئي لالچون ڏنس،
”تو، اسان کان سُکيو ٽُڪر کائيندو، پاڻ جيڏن کان چڱو پهريندو، پائيندو، ڪنهن جي محتاجي ڪانه ٿيندس، صاحب ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، صاحب گهٽ ڪونه گهرندس. شهر ۾ رهي شهري ٿي پوندو، چڱن جي صحبت کيس چڱو بڻائيندي، ٺهيو ٺُڪيو، پَهريو سَهريو جيپن ڪارن تي چڪر کائيندو، ڪاراچي ڪو معمولي شهر ٿورئي آهي، ڪاراچي ڪا هت ٿورئي آهي، ڪاراچي ڏسندو، ڪاراچيءَ جون بزارون گهمندو، کيل تماشا ناچ گانا ڏسندو ۽ هت ڇاهي............؟ ............ مان ڀانئيان ٿو جيڪي سي چار ڪوڏيون اسان ڏانهن به مُنجندو.“
پر امان چوي،
”اها ڪنهن جي ڳالهه، سوگهو ڪر اهو سڀ ڪجهه مان ٿي پري، پرديس تي معصومڙو ڪڍي ڏيان“
سچ پچ مان به دل هڻي ويس پر اهڙيون ڳالهيون ٻڌي کَلَ سَڙيي مان واري ڀاءُ جي دل هِرکي پئي،
”بابا مان ٿو وڃان صاحب وڏي ساڻ، هت اُس ۾ مال چاري چاري کَل ئي کري وئي آهي، ڇُٽي پوندس ههڙن ڏوجهرن کان“
پر پوءِ بابا هيٺيون مٿيون ڏنيون ته مان بلڪل تيار ٿي ويس، صاحب جيترا ڏينهن ڳوٺ رهيو، اسان جي گهر ڪروڌ ۽ ڀنڊڻ رهيو. ايسيتائين جو صاحب پاران بنگلي تان سڏ آيو ته زڪوات جا لٽا ڪپڙا ۽ روڪ پئسا وٺي وڃو ته امان اوڏانهن به نه وئي، جڏهن ته ڳوٺ جون کوڙ ساتريون مايون ڊُڪنديون ڀڄنديون ويون.
۽ آدم سِرُ الاهي آ، انسان ڏاڍو نِرڄو آهي، پيٽ به ڪهڙا نه ٿو ڪشالا ڪرائي. نيٺ روئي رڙي بابي، امان ۽ ادن کان موڪلائي وڃي صاحب جي گاڏيءَ ۾ ويٺس، ان ڳالهه کي اڄ چوڏنهن سال ٿي چڪا آهن. اڄ ٿو سوچان، ڪنهن چيو پئي ڪراچيءَ ايندس!؟ هن بنگلي، هن ماحول ۾ پلجي، نپجي، نوڪري چاڪري ڏيندي ڏيندي وڏو ٿيندس ۽ آخر ۾ خوار خراب ٿي نڪرندس!!
مان ڀانئيان ٿو اڄ منهنجي عمر پنجويهه کن سال ٿيندي، جڏهن ته نون سالن جي ڄمار ۾ هتي هن بنگلي ۾ آيو هئس. ان وچ ۾ ڪراچي صاحب وڏي يا ننڍي سان گڏ سندن بنگلي ۾ رهندي ڪيتريون ئي وڻندڙ اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٿي گذريون آهن، جن جي جيڪڏهن پُڇ کي وٺبو ته وينديون اينگهنديون، ڊگهيون ٿينديون، ان ڪري وٺ ڪم جي ڳالهه کي، اڄ وڏو صاحب ڪونهي، صاحب وڏي جا ملائڪ ٿا ٻڌن، اسان جو به پنڌ اوڏانهن آهي، ڳالهه انصاف جي ڪبي ته صاحب وڏو پنهنجي سِرِ ڏاڍو سٺو هو، وڏو خدا ترس، ديندار، حق پرست، کل مک ۽ ملنسار هو. نه رڳو وڏو صاحب پر سندس بيگم صاحبه جنهن کي اسان سڀئي نوڪر ممي ممي ڪري ڪوٺيندا آهيون سا به ڏاڍي سڀاءَ واري، ڀل چڪ معاف ڪندڙ، ڪهل ٻاجهه آڻيندڙ، اسان نوڪرن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندڙ.
وڏو صاحب پاڻ هڪ وڏو انجنيئر هو پر کيس ٻيا به کوڙ ساترا ڌنڌا هئا. هڪ هوٽل جيڪو ٺيڪي تي، هڪ اڏاوتن جي ڪمپني. ڪجهه سالن ۾ اڪيلي ۽ سڪيلڌي پٽ کي ولايت پڙهڻ لاءِ موڪليائون. گهر ۾ بس اسان نوڪر ۽ پاڻ ڇڙا ٻه سِرَ. مان سان ته سندس ٻٽيهه دليون هيون، او اصلي عيد براد تي به ڳوٺ موڪل ڪونه ڏين، البته پئسو ڏوڪڙ سو منهنجي مائٽن ڏانهن يا مان کي کوڙ ڏين. وري صاحب ڪنهن قضاني جي ڳوٺ سنبري ته مميءَ سان گڏ مان کي به ساڻ وٺي هلي. منهنجي عزت، لٽو ڪپڙو، ٺٺ ٺانگر ڏسي نه رڳو ڳوٺ جا ٻيا ٻار پر منهنجا پنهنجا ڀائر به پيا ريس ڪن، ”بخت ............. ڀيڻ جو ڪوري به ڪلارڪ ٿا ٿين، ها ادا ڪر مزا، اسان جي ڀاڳ ۾ هئا جو ٿاٻا لکيل“
خوش بابا به ڏاڍو هو، ڇو ته منهنجي موڪليل پئسن مان دڪاندار جو قرض سندس مٿان لهي پوندو هو. بس ڏکي هئي ته هڪ امان هئي، حالانڪه هن کي خبر هئي ته مان صاحبن وٽ ڏاڍو خوش آهيان. ڪا ڳڻتي ڳاراڻو ڪونهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا گهڻي محنت مشقت ڪرڻي ٿي پئي، پر جڏهن به ڳوٺ اچان ته امان اصل ڀاڪر ڪڍي ئي ڪونه، روئي روئي جو اصلي راههَ پاڻين جا، پرچائيندي ٿڪجي پئون.
بنگلي جو ماحول ڏاڍو ماٺو ۽ سنجيدو. ان ماٺي ماحول ۾ اوچتو ڦيرو تڏهن آيو، جڏهن ننڍي صاحب جا ولايت مان موٽڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا. ان ڏينهن بنگلي ۾ وڏو هنگامو ٿيو. پاڙو پنبو، اوري پري جي ڏيٺ ويٺ وارا وڏا وڏا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. ان ڏينهن صاحب وڏو ۽ ممي ڏاڍو خوش هئا. ڇو ته سندن اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ ولايت مان وڏا وڏا امتحان پاس ڪري وطن موٽيو هو. خوش اسان نوڪر به ڏاڍو هئاسين، وڌي واڙي لڳي ڀاڳ، ٻيو نه ته عيد براد، وڏي ڏڻ، وار تي وڏي صاحب ۽ مميءَ کانسواءِ هڪ ٽيون ماڻهو به کيسي خرچي ڏيندو، ولايت جي سوکڙين پاکڙين سان نوازيندو. نوجوان صاحب نون خيالن، نون نظارن بابت احوال ڏيندو، اوري پري سڄي شهر جا سير سپاٽا ڪرائيندو. گهر ۾ ناچ گانا، ٽي وي، وي سي آر، مزيدار محفلون مچائيندو. پر ٿيو ايئن نه، جيئن اسان سوچيو هو. ٿيو ايئن جو ننڍو صاحب وڏي صاحب ۽ مميءَ جي بنهه اُبتڙ طبيعت جو نڪري پيو. ننڍو صاحب ڇا آيو، اسان نوڪرن لاءِ ڄڻ قيامت آئي. سندس اهڙا نٽ نخرا ۽ الٽا سڌا سوال جواب جو اسان نوڪرن جو ته اصلي دم نڪري ويو ننڍو صاحب طبيعت جو رخو، سخت، شوم، آدم بيزار، تنهائي پسند، سخت هوڏي، اسان رات کي چئون رات ته هو چوي ڏينهن. هڪ ڏينهن سڏي چيائين،
”اڙي ڇورا، هي پکو ۽ بلب هڪ ئي بٽڻ تي ڪيئن ٿا هلن؟“
”فٽنگ دوران مستريءَ هڪ فيوز تي ٻه ڪنيڪشنون رکيون هيون“ ڊڄندي ڊڄندي چيم، جنهن تي ننڍو صاحب ڏاڍو چڙي پيو.
”ايئن ناهي، ايئن نه ٿيندو آ، هڪ فيوز تي ڀلا ڪي ٻه لائينون به هلنديون؟“
۽ مان چپ، صاحب ننڍو ڪنجوس به هڪ درجي جو، ليکي چوکي جو ڏاڍو ڀَڙُ، اصلي پائي پائيءَ جو حساب وٺندو. فوٽو اسٽيٽ ڪاڳر لاءِ هڪ روپيو ڏيندو ته پنجاهه پئسا به واپس وٺندو! ڪڏهن ڪڏهن سندس غير حاضريءَ ۾ سندس ئي ڪمري مان ٽيليفون ڪندس. هن کي اها ڪا خبر پئجي وئي. پوءِ جي ٻاهر وڃي ته فون جو ڊائل ڪڍيون وڃي. مان وري فالتو ڊائل هٿ ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊائل ڪڍڻ ڇڏي ڏنائين. هڪ ڏينهن اوچتو سندس سڏ ٿيو گهرائي دٻڙاٽ پٽيائين،
”ڏسِ ڪمينا، ڪنهن سان ڳالهائيندو آهين؟ ڪيڏانهن فون ڪندو آهين؟“
منهنجا ته وائيسر ئي ڍلا ٿي ويا، ڪڇان ته ڪڇان ڇا؟ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيس. پوءِ جو جاچ ڪريان ته ڪمري ۾ آٽو ريورس ٽيپ رڪارڊ آن لڳو پيو آهي. پوءِ ته مان به کنجي لاٿو مانس.
اسان پئي خوش ٿياسين، صاحب ننڍو ولايت مان پڙهي موٽندو، ڏاڍا مزا وٺرائيندو، گهمائيندو، کارائيندو پر هت ته معاملو ئي الٽو ٿي پيو.
ايئن ئي وقت ويندو رهيو، ڏينهن گذرندا رهيا، مان ڪافي وقت تائين ڳوٺ ڪونه آيو هئس ان ڪري صاحب وڏي کان اجازت وٺي ڳوٺ آيس. دل ۾ اهو ئي خيال ڪري ته هن ڀيري ٻارن کي ساڻ وٺي بنگلي تي رهائيندس. هونءَ شاديءَ کان پوءِ وڏي صاحب کان اهڙي اجازت به گهري هيم. صاحب چيو هو،
”ننڍي صاحب وارو نئون بنگلو جڙي راس ٿئي ته اتي ئي تولاءِ به رهڻ جو الڳ ڪواٽر ٺهرائيندس“ ۽ سو ڪواٽر به جڙي راس ٿيو. مان ڳوٺ اڃا انهن ئي صلاحن ۾ هيس ته جو اوچتو منشيءَ جو نياپو پهتو،
”وڏو صاحب گذاري ويو!! سو بنگلي تان فون آيو آ ته جلدي ڪراچيءَ پهچي وڃ!!“
”اڙي..............!!“ مان کان دانهن نڪري وئي، ”اڃان ٽيون ڏينهن ئي ته کائنس موڪلائي آيو آهيان، ايتري ۾...........!!؟“
پوءِ ته سائين ان جو ان وقت تڪڙ ۾ تيار ٿيس، زال کي به تيار ڪيم، بابا به ڪڍ لڳي پيو،
”صاحب ننڍڙي لاءِ جو يار آ، منهن ڏسڻ ثواب آ“
ايئن ئي ڪُمهلو گهران نڪري پيس، پوءِ ته صبح جو ڳوٺ جي ٻي به الاهي ساتري خلق اچي نڪتي. صاحب کي دفنايو، ڪفنايو ويو. ماني مَنهَه، جمعاڻا، چانڊاڻا، ماڻهو جيڪي اوري پري جا ٿيڻ آيا هئا سي سڀ وهي واپري ويا. اوجاڳي ۽ ڊيوٽي ڏيڻ واري ٿڪ مانکي ڀڃي رکيو هو. مان اڃا سنرو ٿيان ئي ٿيان ان وچ ۾ ننڍي صاحب سڏايو،
”تنهنجا ٻار اڃا ترسيل آهن؟“
”هائو صاحب“
”ڳوٺ ڪونه ٿو موڪلين؟“
”صاحب ٻارن رهائڻ جو سوچيو اٿم“ مان حجائتو ٿيندي چيو.
”رهائڻ جو.............؟“ صاحب صفا چڙي پيو،
”طبيعت ته ٺيڪ اٿئي؟ ڇو رهندا تنهنجا ٻار هت!؟ هن سُونڊ پائي ڏٺو. مان چيو،
”صاحب اها مميءَ کي به سڌ آهي ته وڏي صاحب نئين بنگلي ۾ مان لاءِ به هڪ ڪواٽر ٺهرايو آهي، سندس چوڻ هو ان ڪواٽر ۾ تون ٻارن سميت رهجانءِ“
”اڙي..................!“ هو هاڻي اصلي رڳ تي اچي ويو،
”تون نوڪر آهين يا وڏي صاحب جو سئوٽ، ماسات!؟“
”صاحب مهينن پڄاڻان ته موڪل مليم ٿي، ٻار نه رهايان ته...............“ مان نهايت نرمائي ۽ روسامي جي انداز ۾ چيم، جنهن تي صاحب چيو،
”ڇوڪرا............. ڪن کولي ٻڌ“ هن ڇنڀيندي چيو، ”رهين ته اڪيلو رهه پر جي نه ته سنڀال پنهنجو ٽيٽي ٽٻڻو“
”ٺيڪ آهي صاحب مان واپس ٿو وڃان“ مان به فيصلي جي انداز ۾ چيو هو. هن پوءِ چيو هو،
”ڀلي وڃ پر پهريان اهو لائيسنس ته کڻي آءُ“
مان ٻڌائيندو هلان ته شهري ماحول، اڄ صاحب وڏي سان ته، اڄ ننڍي سان، ڪڏهن مميءَ ته ڪڏهن ڊرائيور سان گڏ ايئن گاڏيءَ جا مزا وٺندي وٺندي مان به گاڏي هلائڻ سکي ورتي. هڪ ڏينهن خيال آيو، وڏا ماڻهو، وڏيون ڳالهيون، سندن طبيعتون ڦرڻيون گرڻيون، ڪهڙو بانور؟ ڪهڙو ڀروسو؟ ان ڪري وڏي صاحب جي سفارش سان ڊرائيونگ لائيسنس ورتم. ان حساب سان ته جي بنگلي جي نوڪري وئي به هٿن مان ته بک ته نه مران. ڪو ته هنر پيٽ ۾ هجي. پر صاحب ننڍو به ڪانءُ ليسن هٿن ۾ ڪندي چيائين،
”هن جي آسري ٿو ٽڏين، هان هي وٺ“ ڊرائيوريءَ جو لائيسن پرزا پرزا ڪندي مان طرف اڇلائيندي چيائين وڃ، هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.“
مان ڇا چوان، بس ڀيليءَ جهڙو منهن ڪري واپس ٿيس. ان ڳالهه کان ڳچ وقت پوءِ ننڍو صاحب ڳوٺ آيو. ننڍو صاحب هاڻي اڇي ڪاري جو اڪيلو وارث. صاحب وڏي ۾ جيتري حليمت، ننڍي صاحب ۾ اوتري ئي تُرشي ۽ ارڏائي، صاحب ننڍي تي سياست ۽ وڏيرپ جو ڀوت سوار ان ڪري ڳوٺ آيو ته وڙهسان، وڙهسان ڪندو آيو. ڪين جهڙي ڳالهه تان ماڻهن کي مارون موچڙا، ڪيترن ئي کي سٽي ڪُٽي کڻي سوڙهو ڪيائين آءُ جو مانکي به قدرت ڏانهن ڪا ڪِسني ڪاٽڻي هئي، صاحب ننڍي جو ماڻهوءَ مٿان ماڻهو، مان وٽ وري ماڻو ۽ روسامو. لاچار ابي، ادي جن جي چوڻ تي ننڍي صاحب جي حاضري ڀرڻي پئي. پيرين پئي مليو مانس، هن ڀري ڌڪو ڏئي گهوريندي چيو هو،
”پَنو، ڳالهه سچي ڪر، ڪوڙ هڻندين يا الندين ته جيل جهلائيندو سانءِ“
مان حيرت مان اک کڻي ڏانهس ڏٺو. هن رُکائيءَ مان سوال ڪيو هو،
”بابا جي وصال وقت بنگلي مان پنجاهه هزار روپين جو سونو ڪنگڻ گم ٿي ويو آهي، ٻڌاءِ.............. توکي ڪا خبر؟“
”پنجاهه هزار جو ڪنگڻ!!؟“
ابا منهنجون مٿيون مٿي، هيٺيون هيٺ هڏڪين ۾ پئجي ويس. صفا وايون بتال ٿي ويون. بت مان ساهه سَتُ صفا ڇڏائي ويو. مغز کي ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. سڄي جان پگهر ۾ پسي وئي هئي. ايتري ۾ صاحب ٻيهر رومڙ ڪئي هئي،
”ڪرين ٿو سچي يا ڪيان ايس پيءَ کي فون؟“
”صاحب.............“ سامت ۾ ايندي چيو هئم، ”صاحب، ايس پي ته وڏي ڳالهه آهي............. اسان لاءِ ته اوهان جو حڪم ئي ڪافي آ“ هٿ ٻڌي عاجزيءَ مان چيو هئم،
”اعتبار ڪيو ته مان کي ڪن نه جن........... مان ڀلا ڪنگڻ............“ سهڪندي سهڪندي چيو هئم.
”اجايو جو فشري ٿئي، تنهن کان چڱو آ ته لڪ ڇپ ۾ ڪنگڻ واپس ڪر، پر جي ڪٿي ڳاريو ٿي ته ٻڌاءِ مان پاڻ واپس ڪرائيندس“
”صاحب..........“ مان کان هيانءَ ڦاٽي دانهن نڪري وئي هئي، سڏڪندي سڏڪندي چيو هئم،
”صاحب، ايترو نمڪ حرام ڪاٿي آهيان............ اڃا ته........... صاحب وڏي ۽ اوهان جون............. جون، جون............ مهربانيون ڪين وسريون آهن. اڃا ته اکين ۾ ديد، ديد .......... آهي.“
”اڙي هاڻي ڇڏ ان لٻاڙ کي............. ڀينسان زبان دراز.“ نهايت حاڪماڻي انداز ۾ ڇڙٻيو هئائين،
”اهڙو نه نمڪ حلال هجين ها ته جيڪر مئي مالڪ جو تڏو نه ڇڏين ها.“
”سو ته صاحب اوهان پاڻ..............“
”ها ها هاڻي بند ڪر اها بڪواس، ٽري وڃ منهنجي اکين آڏو............ صبحوڪي سج ۾ ڪنگڻ پهچائي وڃ نه ته تون تون، مان مان ٿيندس. ڪنگڻ چورائي تو چيو پئي صاحب جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندس پر ٻچا مان کي به سڃاڻ............. هي هيڏا سارا امتحان اجائي جا پاس ڪري آيو آهيان. مان کي تو جيترو به عقل ڪونهي، وڃ وڃ.............. ڪنگڻ پهچائي وڃ نه ته، ڏاڍو خراب ٿيندين.“
مان وڃان ته وڃان ڪاڏي!؟ هلان ته هلان ڪيئن!؟ ڄنگهن ۾ ساهه ست ڪونه هجي جو کڻي وِکَ کڻان. بنگلي مان ته نڪتس پر ٻاهر صفا ڏئي وٺي بيٺس، ايئن ڄڻ سڄو ڏينهن رِڻ ۾ هليو هجان! دل ۾ آيو، ڇا منهنجي عمر ڀر جي وفادارين جو اهو انعام آ؟ ڇا منهجين خدمتن ۽ سيوا جو اهو انجام آ؟ بابا چيو هو، ”پٽ سکيو ٽڪر کائيندين، لوڪ کان سٺو پهريندين پائيندين“ ۽ ڇا پاڻ بک ڪاٽي مري ويو؟ ادي جن ڪونه پيا کائن؟ ڇا سڀني ڳوٺ توڙي ملڪ وارن کي بنگلي تان ٿي ماني پهچي!؟ اکين اڳيان اوندهه وري آئي. چارو هٿ نه اچي جو سڌو رستو وٺان! گذريل ڏهه، پندرنهن وريهه............!؟ ايترن سالن کان گهر جو ڳڀو نصيب نه ٿيو. پرائي گرهه تي گذران ڪرڻو پيو!.............. ڪهڙي نه بي مانائتي زندگي گذاريم، قسم خدا جو............. بنگلي جي ماحول ۾ مان اڳ جيترو پاڻ کي سُکي سمجهندو هئس، اڄ اوترو ئي بلڪه ان کان به وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي ويڳاڻو ۽ ننڌڻڪو سمجهڻ لڳو هئس. افسوس..........! پنهنجي گهر ۾ حڪم جي راڻي ۽ بنگلي جي قيد ۾ غلامي!!
پهريان ته مان کي ان سڀ جو خيال به نه آيو پر اڄ سوچيان ٿو، پرائي سڻڀي گرهه جي ڀيٽ ۾ گهرجا اڻڀا ۽ سيڪيل سُڪا ٽُڪر ۽ پاروٿو ساڳ ڪهڙو نه غنيمت پيو ڀائنجي. منهنجي شادي پني مرادي..............! شادي ڇا ڪيم، اڃا هٿن پيرن جي ميندي ئي نه لٿي، ميندي ڇا بلڪه ستاوڙو ئي نه گذريو جو واپس بنگلي تي طلبي ٿي. نوجوان، نئين ڪنوار! اُف.............! ڪيئن نه ڦٿڪي ڦٿڪي اڪيليون راتيون گذاريم!.............. زال کان سوين ڪلوميٽر پري، ڪهڙي نه محنت ۽ سچائيءَ سان ڊيوٽي سر انجام ڏنم. ٻين جي ٽنڊوالي ڪندي کُٿو نه ٿي پُڳم............ اڄ............ اڄ به ان سڀ تي رت ٽهڪي پوي ٿو، مغز ڦرڻ لڳي ٿو ۽ وات مان چرين جيان گِڦَ وهڻ لڳي ٿي. آءُ به ڪيڏو نه اياڻو آهيان ڀلا اهڙي نمڪ حلالي ڏيکارڻ جي آخر ضرورت!؟ پرائي خدمت ڪندي ڪندي آخر ڇو جسم جو سارو رت ست سڪايم؟ ۽ روح کي ڇا لاءِ ٿڪائيندو چيچلائيندو رهيس!؟............. ڇا ڳوٺاڻن يا گهر ڀاتين کان وڌيڪ شاهوڪار يا مانَ مرتبي وارو ليکجان ٿو؟ افسوس............! هڪ ته پرائي ٻانهپ ڏيندي ڏيندي پاڻ کي برباد ڪيم، مٿان وري چوريءَ جو الزام!!؟
رستي هلندي ايئن پيو لڳي ڪو هجي جيڪو سهارو ڏي، ڪو هجي جيڪو گهر تائين پهچائي. چيلهه چٻي ۽ گوڏا زمين ۾ گچندا پئي ويا. رڙ دانهن ڪرڻ پئي چاهيم پر اها به نه ڪري سگهيس، نڙي سڪي، ڳچيءَ جون رڳون سُسنديون پئي محسوس ٿيون............... اُف ................. منهنجا الله، هي ڪهڙي مذاق آ؟ آخر ڪهڙي لوڙ لوڙيان ٿو..............؟ پرائي ٻانهپ ڏيندي ڏيندي هاڻي وري جيل ۾ جواني ساڙيندس!؟ ۽ پوءِ جڏهن سزا ڪاٽي گهر واپس ايندس تڏهن مَٿي جا وار ۽ ڏاڙهي مُڇان اڇيون ٿي وينديون، پوڙهو، نٻل، ڪمزور ۽ لاغرو ٿي موٽندس!!؟
مان جڏهن گهر پهچي جوان زال جي اکين ۾ اکيون اڙايون هيون، ان وير ايئن لڳو هو ڄڻ ويچاريءَ جي ڪرمن ۾ رنڙ ٿيڻ لکجي ويو هجي. ڪنگڻ.............. پنجاهه هزار روپيه............. پوليس، ٿاڻا.............. ڪيس، ڪورٽون.............. ڏنڊ، سزائون............ اهي ۽ اهڙا ٻيا خيال ايندي ئي مان کان رانڀاٽ نڪري ويو هو. هوءَ حيران ٿي وئي ۽ مان کي کڻي ڀاڪر ۾ جهليو هئائين، جڏهن پاڻ کان سنڀاليو نه ٿيو هو مانس، تڏهن امان، بابا جن کي رڙيون ڪندي سڏيو هئائين. هو سڀ ڊوڙي آيا هئا. مانکي کڻي کٽ تي سمهاريو هئائون. بي هوشي، ڊاڪٽر، دوائون، دعائون، نيٺ گهڻي گهڻي کان پوءِ مس وڃي چرڻ پرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيو هئس. تڏهن مس مس گهر ڀاتين کي پيٽ ۾ ساهه پيو هو. نه ته امان، زال، ڀينرن ۽ ڀاڄاين کڻي سندرا ٻڌا هئا. جڏهن ڪنگڻ واري سَربستي ڳالهه ٻڌايم، تڏهن وڏو ممڻ مچي ويو. گهر، گهٽي، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو ٻرڻ لڳو. هڪ دل چيو ڀڄي جان بچائجي پر بابا چيو،
”ايئن ته ڪارنهن جو چُٽو ڌوپندو ئي ڪونه، ان ڪري وچڙيل ڍنگر بيهي ڇڏائجي“
پوءِ صبح سوير قرآن ڪڇ ۾ ڪري بابو ۽ مان بنگلي تي پهتاسين. ان وقت صاحب چانهه پي رهيو هو ۽ منشي خدمتگار طور ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. قرآن تي نظر پوندي ئي صاحب ۽ منشي اٿي کڙا ٿيا، اسان کان قرآن ورتائون، سوا ڪسيري جي مٺائي ورهايائون. ان بعد صاحب اسان سان مخاطب ٿيو،
”مان قرآن تي اعتبار ڪيان ٿو پر پوءِ جي چوري اوهان مان نڪتي ته تهان، تهان مان، مان ٿيندس.“
اسان ٻنهي پيءُ پٽ هٿ جوڙيندي چيو هو،
”صاحب سردار ٿو ڏِسي ته ڪنگڻ جا چور اسان ناهيون، پر جي پس پيش ڪنگڻ اسان مان نڪتو ته اوهان جو موچڙو اسان جو مُنهن.“
بس وڌيڪ نه هو ڪڇيو نه اسان ئي ڪڇياسين، کيس پيرين پئي، ساڳيو ئي قرآن ڪڇ ۾، اوطاق مان ٻاهر نڪتاسين ۽ پوءِ گهر تائين ڪلما پڙهندا آياسين.
سائين، کاڌي ته کرار کُٽي وڃن، مان جهڙو مسڪين ماڻهو آخر ڪيترو ٿي ويهي کاڌم، لاچار ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو هو. چوندا آهن، ”هڏ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو نه ڪري“ سو دل ته منهنجي ڀڳل ڪانه هئي پر بنگلي ۾ رهي رهي ڇانوَ جو گاهه ٿي پيو هئس، پوکي راهيءَ ۾ سردي گرمي سِرَ تي سهڻ مان لاءِ مسئلو بنجي پيو، هڪ وار ته دل هاري بيٺس، ”هاڻي مان ڪهڙي ڪم جو رهيو آهيان؟“ ذهن ۾ سوال اڀريو، ”هڏن ۾ ڄڻ واءُ ڀرجي وئي هجي، ڪنهن ٻئي ڪم تي شايد دل نه لڳي ۽ شايد ڪري ئي نه سگهان؟“ پر پوءِ هڪ ڏينهن دل ٻڌي نڪري پيس، شهر آيس، شهر ۾ هڪ هوٽل تي بيراگيري ملي ويم. ويهه روپيه روز جي حساب سان ۽ چانهه پاڻي مفت.
شهر ۾ جڳهه رهڻ لاءِ هئي ڪانه ۽ روز روز ڳوٺ اچڻ وڃڻ به ڏکيو هو ان ڪري هوٽل تي ٻه بئنچان ملائي سمهي رهندو هئس پر ننڊ ڏاڍي دير سان ايندي هئي. پراڻي عادت مطابق ڪا ڊائجيسٽ، رسالو، اخبار، مڙئي پاڻ کي رُڌل رکندو هئس. مالڪ به ڪو ڏاڍو سُريلو ماڻهو هو، منهنجي فضيلت ڀرئي ڳالهائڻ، بنا ساهي ڪم ڪرڻ ۽ رات جو وري پڙهڻ جهڙن عمدن گڻن کيس ڏاڍو موهي رکيو. هڪ ڏينهن چيائين،
”پٽ، هوٽل هلائيندين؟“
”مان؟“ حيران ٿي ويس، ڪجهه گهڙيون خاموش رهڻ کان پوءِ چيو هئم،
”مان ته مسڪين ماڻهو آهيان“
”فڪر ناهي“
”اوهان جو ايڊوانس..............؟“
”سچي ماڻهوءَ جي زبان ئي ڪافي آهي“
ايئن ئي هوٽل جو مالڪ بنجي ويو هئس. ان بعد طئي اهو ٿيو ته روز جي حساب سان سٺ روپيه ۽ ست چاهيون مالڪ کي ڏيڻيون پونديون، باقي خرچ پاڻ ڀربو. ڀلا هوٽل تي ٻه اڍائي مڻ کير روز پيو نڪري ته سٺ روپيه آخر ڪهڙي ملڪيت. محنت مزدوري پنهنجي پيو ڪيان پر منهنجو گاڏو ڏاڍو سهڻو پيو هلي. ايئن اوچتو دڳ سير مان وارو ڌنار ڀاءُ ٿو ملي وڃي صاحب جي منشيءَ سان، منشيءَ حال احوال ڪندي پڇيس،
”اڄڪلهه پناهه ڪٿي آهي؟“
”هوٽل ٿو هلائي“
”پنهنجو ڪي پرائو؟“ منشيءَ دلچسپي وٺندي پڇيو هو. ادا کي به هيون صاحب ۽ سندس ڪامين تي ڏاڍيون باهيون، تنهن لاپرواهيءَ مان چيو هو،
”پنهنجو، پرائو وري ڪيئن، تو واري صاحب تي ٿورئي ڀاڙيو اٿسين، مزور جي جتي ڪٿي ماني.“
اعتبار نه آيس ته هوٽل تي آيو، مان کيس چانهه پيئاري، عزت آبرو ڏني پر منشي اندر جو گُنڊو، دل جو ڏاڍو پليت نڪري پيو. هن فون تي صاحب کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. پوءِ جو واري ڦيري صاحب ڳوٺ آيو ته مان کي سڏايائين. مان ته ڪونه هئس بابو مليس، جنهن کي حڪم ٿيو ته،
”سڀاڻي شهر واري بنگلي تي موڪليس“
ٻئي ڏينهن بابا پاڻ سيڙجي آيو،
”پٽ وارو ڪر صاحب تڪڙو سڏايو آ“
”تڪڙو سڏايو آ...............!؟“ منهنجي وري جان ڪنبڻ لڳي،
”الاهي خير ڪجانءِ“
بنگلي تي وياسين، صاحب جا سلامي ٿياسين، صاحب ٻيهر ڪنگڻ وارو سوال ورجايو،
”ڪنگڻ ڪٿي آهي؟“
”صاحب..............“ مان حيرت مان چيو.
”هي هوٽل ڪٿان آيو!؟ تون سيٺ ڪٿان بڻئين؟ مان نه ٿو سڃاڻان تهان کي، مان کي خبر ناهي تهان جي حيثيت جي، ڪوڙ به آخر ڪيسيتائين لڪندو، تون ڇا ٿو سمجهين ته مان ڪراچيءَ ويٺو آهيان، پٽ منهنجي سڄي نظر تو ۾ آهي، مان کان ڪا ڳجهائي ڪانهي.“
”سو ته صاحب صحيح آهي پر هوٽل ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو آهي، اسان کي مسواڙ تي آهي، جي اعتبار نه اچي ته جاچ ڪرائي سگهو ٿا.“
”ٺيڪ آهي تون خاطري ڪر، مان توکي بغير ثابتيءَ جي پوليس ۾ ڪونه ڏيندس.“
”توتي صاحب شُد ڪري پوءِ ته بس“ منشيءَ آواز ڏنو هو.
”چڱو اوهان هلو، مان پاڻ ان ڳالهه کي ڏسندس“
صاحب ڇا ڏٺو، ڇا وائٺو، منشيءَ ڪهڙي پنهنجي استادي هلائي، تنهن جي ڪا خبر ڪانه پئي، البته پنجن، ستن ڏينهن پڄاڻا منشي ٻيهر هوٽل تي چڙهي آيو،
”اُٿ صاحب ٿو ياد ڪرئي“
ويا ته طاق لڳي، چيم، ”اڄ خير ناهي، خبر ناهي ڪهڙو حال ٿئي؟“
مان کي هاريل ڏسي منشيءَ دلجاءِ ڏني،
”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، تون ڊڄ ڊپ نه، ڳالهه ڪنگڻ جي نه پر صاحب کي ڪجهه ٻيو چوڻو آهي.“
”ٻيو ڪجهه.............!؟“ منشيءَ جي لهجي ۾ پنهنجائپ ته هئي پر مان پنهنجي حيثيت کي ڏٺو،
”ڪير مان.............؟ ۽ ڇا صاحب کي چوڻو آهي!!؟“ لاچار هوٽل مزدورن حوالي ڪري صاحب جو سڏ ڀرڻو پيو. بنگلي تي پهتس، صاحب کي نوِڙي هٿ ڏنم، صاحب ڏسي مرڪي پڇيو،
”ڏي خبر آهي ڪو مزو؟“
”بس صاحب پيٽ کي منهن ڏيڻو آ“ صاحب جي ههڙي مزماني ڏسي مان حيران رهجي ويس، هن وڌيڪ دلچسپي وٺندي چيو،
”ڀيڻهان ڏس ته سهي، سڄو ڪاراٽجي ويو آهين، ڄڻ ڪنهن دونهين جي بٺيءَ مان نڪري آيو هجين.“
ايتري ۾ منشي صاحب به مهربان ٿيو،
”صاحب اوهان جو کڻي ٿا ٺاهه ڪرايون، لهو اوهان به بئنش تان ۽ ڇڏ محمد پناهه تون به ضد کي“
اڃا اهي ڳالهيون هلن ئي پيون جو بابي به اچي ٺڪاءُ ڪيو. پوءِ خبر پئي ته سٽيل منصوبي پٺيان کيس به سڏايو ويو هو.
”هان ڏي خبر بنگلي جي نوڪري چڱي يا هوٽل جي بيراگيري؟ صاحب مخاطب ٿيو. ايتري ۾ چانهه آئي، جيڪا اسان کي به ملي، تڏهن پڪ ٿي ته بچيو آهيان. منشي جيڪو هن سڄي ڪيس ۾ صاحب جو وڪيل هو، تنهن ٻيهر ڳالهايو،
”غلام الله خان پٽنهن کي سمجهاءِ، ڪهڙو نه پهريو سهريو، اميرزادو لڳو پئي وتو“ وري مان سان مخاطب ٿي،
”تنهنجو ڪهڙو ڪم کُهِيَن ڪمن سان، باهه ڏينس هوٽل جي سِرَ کي“ وري صاحب سان مخاطب ٿيو،
”اوهان به کڻي وڏي صاحب جي سخن کي پاڻي ڏيو، گنج مان هرڪوئي کائي ويندو، اجازت ڏيوس ته محمد پناهه ٻار ساڻ ورتيون هلي، ڪريو غريب جي دل خوش، نيٺ ته اوهان جو ٻچو آهي ۽ غلام الله خان به وڏي صاحب جو پڳ مٽ يار هو، اهي خطائون رضائون انسانن کان پونديون آهن، ڪريو در گذر، ڏسو پوڙهي جي سِريءَ ڏي.“
”ادا مان کي منظور آ“ صاحب آخري ڍڪ چانهه جو پي ڪوپ ٽيبل تي رکندي چيو. ڏٺم بابي جا شهپر هلن پيا، سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي پر اعتبار ڪيو منهنجي هٿن ۾ جهليل ڪوپ ڇلڪي پيو. صاحب جي شڪست پنهنجي فتح تي خوشي ٿي پر هوٽل ڇڏڻ ۽ ٻيهر غلام بڻجڻ واري سوال ڏڪائي رکيو. مان فيصلي جي انداز ۾ چيو،
”صاحب، هونئن ته اوهان جون لک مهربانيون پر مان هوٽل ڪونه ڇڏي سگهندس، بس اوهان جي دعا گهرجي، وري جي وقت آيو ته ٻانهپ ڏبي“
منهنجي ههڙي لاپرواهي ڏسي منشي ڳاڙهو ٿي ويو،
”ٻُڌ ميان غلام الله خان..............! ڄٽ کي لڳي ڀاڳ ڏي جواري ڀَتَ کي داڳ. مس مس ته صاحب کي مڃرايو اٿسين ته وري پٽهن پيو آڙا گوڙيون ڪري، اڙي ميان اڃا ته ڪا صاحبي نه ملي ٿي نه ته جيڪر تون ته الائي ڇا ڪرين ها.............. چڱائي ڇٽي، دينا داستي ڪنگڻ ڦٻايون ويٺا آهيو، اسان سا ڳالهه قطاريون ئي نٿا ۽ پاڻ وري.............. ٺيڪ آهي ادا، ٺيڪ آهي..............“
بابا منشيءَ آڏو لولٽ ڪندي کيس ٿڌو رهڻ لاءِ چيو،
”منشي صاحب، ڇو ٿا ايترو ڏرمايو، اسين ته صاحب جا، تنهنجا، مڙني جا خادم آهيون“ ۽ پوءِ صاحب سامهون هٿ جوڙيندي چيائين،
”صاحب هڪ ڏينهن جي مهلت ملي، ڀلا ڪاڏي وينداسين، ڪهڙو اوهان کان ڪنڌ ڪڍائينداسين“ ۽ پوءِ مان کي سمجهاڻي ڏيندي چيو هئائين،
”پٽ، سانئن سان به ڪي سينا ساهبا آهن، اُٿ اُٿ صاحب کي پيرين پئي پرچاءِ“
بابو جي اٿي آيو ته لاچار مان کي به اٿڻو پيو، ٻنهي ڄڻن صاحب جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن جي واعدي پٺيان موڪلائي واپس ٿياسين، رات ڳوٺ آياسين، مٽن مائٽن ۽ گهر ڀاتين جو وڏو ميڙاڪو ٿيو، ڪنهن چيو،
”اسان پئي سمجهو سچ به پنجاهه هزار جو ڪنگڻ ويو هجي، نياڻيون، قرآن ڪڇ ۾ ڪري صاحب کي پرچائجي پر هت ته معاملو ئي الٽو آهي.“
امان چڙي پئي،
”جي منهنجو پٽ چور به هو ته ايلازو ڇو ٿيو اٿس؟ ناهي ضرور اسان کي، نٿي گهرجي اهڙي نوڪري، اسان ٻَنِ ڏيون اهڙي پورهئي کي، وسن جهڙو پٽ پرديس تي ڪڍي.............“
”ادي اڄ ڪهڙو رهيو آ ماڻهن ۾ ايمان، پر پِٽِ، ان مڙهي کي پِٽِ جنهن تنهنجي جند اڙائي“
سهري عقل جي ڳالهه ڪندي چيو،
”لاشڪ ته اهو ڊرامو رچايل هو، نه ته پنجاهه هزار روپين جو سونو ڪنگڻ!................ وري ڪنگڻ ڪنهن کنيو؟ ڪٿي آهي؟ ڪاڏي ويو؟ اها به هاڻي ڪا ڳالهه آ!!؟“
بابا چيو هو،
”سو ته ٺيڪ آ پر زور اڳيان زاري آهي، ڪنهن کان ڪنڌ ڪڍائجي، ڪنهن کي سهائجي؟ منهنجو ته خيال آ وڃجي ۽ اهو بدناموسيءَ وارو داڳ ڌوپي پوندو.“
۽ ادا وڏو ڏاڍي توائيءَ ۾ اچي ويو،
”ناهي ضرور................ اڳ ڪهڙا صاحب پٽڪا ٻڌايا آهن جو هاڻي وري مدير ٻڌائيندو، جائي جواري جنگ سان پيا کائون، بک ڪونه مرنداسين............... اسان جو هوٽل سٺو هلي ٿو، ڌنڌو ٺهي هليو آهي، نه نه.............. ڌنڌو نه ڦٽائينداسين“
پر ڌنڌو ڦٽائڻو پيو، ڇو ته بابا جي اها مرضي هئي، هن ڊگهي نظر وجهندي چيو هو،
”بابا رهجي جن جي راڄ ۾ واهه واهه تن جي ڪجي، ورهين کان سندن راهڪ آهيون، ڳوٺ سندن، زمين سندن، وري ايلازو به پاڻ ٿيو آهي، جيڪر ته هٺ تان لهجي“
۽ پوءِ ٻئي صبح صاحب جا سلامي ٿياسين. هن چيو هو،
”نوڪري ته مان کي آهي ڪانه ٻيو ته پٺيان جو سڄو ڪم ڦٽي ويو آهي، هاڻي مان کي هت هر مهيني اچڻو پوندو ۽ توکي به مان سان گڏ اچڻو پوندو، تون سوچ، ڀلي ٻار ورتيون هلين ته وٺيون هل.“
مان سوچيو، اڳ پنجين ستين مهيني مس موڪل ملندي هئم، هاڻي هر مهيني جو ڳوٺ اچڻ ٿئي ته پوءِ ٻارن کي ڇو تڪليف ۾ وجهان.
”پوءِ ته صاحب، مان ٻار ڪونه ٿو وٺي هلان“
”ٺيڪ آهي ته پوءِ...............“ هن منشيءَ کي سڏي چيو، ”پناهه کي گهر جي خرچ لاءِ هڪ هزار روپيه آڻي ڏي.............. ۽ هن تنهنجي هوٽل جو ڇا ٿيو.............؟ مان کان سوال ڪيائين،
”ڀل هوٽل وارن سان حساب ڪتاب ڪر، پَرينءَ نه، تنهن پرينءَ تيار ٿي اچجانءِ“
ايئن ئي آءٌ ٻيهر پراڻي ڊيوٽيءَ تي پهچي ويس. نوڪرن کان ڪنگڻ بابت پڇيم، سڀ وائڙا، مميءَ سان ڪنگڻ چورائجڻ جو افسوس ڪيم، هوءَ حيران،
”ڪهڙو ڪنگڻ!؟ ڪنهن جو ڪنگڻ!!!“
۽ مان کڻي وات تي هٿ ڏنو. ايئن ئي مان ساڳيو پهرين جيان محنت ۽ چُستيءَ سان ڪم ڪندو رهيس. صاحب ٻه ٽي مهينا برابر ڳوٺ ايندو رهيو. هڪ اڌ ڀيرو مان به ساڻس گڏ آيس پر پوءِ اهو سلسلو باقاعده جاري رهي نه سگهيو. ان جا سبب هئا، هڪ ته صاحب کي سياست جي چُوس پيل هئي، جنهن سبب عام جلسا، پارٽي ميٽنگون، اڄ اسلام آباد، اڄ ڪراچي، ڪوئيٽا، اڄ لنڊن ته سڀاڻي آمريڪا، صاحب جي اخباري بيان جا مان ته کڻي فائيل جوڙيا ۽ پوءِ جيئن شهرن ۾ ميونسپالٽيءَ وارا رولو ڪتن خلاف مهم هلائيندا آهن. ايئن ئي هڪ ڏينهن سرڪار سڳوريءَ به سياستدانن خلاف پنهنجي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو. هڻ جو ته سوين هزارين سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن سان گڏ پاڻ وارو صاحب به اندر!
اسان خوش ته ڄاڻ ٿو صاحب سڳورو وزير، سفير ٿئي پر صاحب ته خير سان وڃي وڏي در پهتو. هو ته مان کان به گوءِ کڻي ويو. چيم،
”اي رب حق وڪيل آهين“
هاڻي صاحب جي غير موجودگيءَ ۾ صاحب وڏي جي زماني جيان سڄي بنگلي جي چارج منهنجي ذمي اچي وئي. ممي ته بنگلي ۾ موجود هئي پر سا به وڏي صاحب جي وفات کان پوءِ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهي هئي. ان ڪري آفيسن جون اٿڻيون ويهڻيون، تار، ٽپال، خط پَٽَ، هٿيارن ۽ گاڏين جا لائيسنس نوان ڪرائڻ، ڏنڊ، چالان پيئارڻ، بجلي، سوئي گيس، اخبارن، رسالن جا بل چڪائڻ، کاڌي پيتي جو سڀ، سمورو انتظام، آئي وئي جي سار سنڀال، صاحب سان جيل تي ميل ملاقات، پارٽيءَ جا ڳجها نياپا ۽ خبرون چارون، ماني، دوا درمل اهو سڀ ڪم منهنجي حوالي هو. ايسيتائين جو ڳوٺ منشيءَ کي حڪم ۽ هدايتون مان ڏيڻ لڳس. بنگلي تي رهن ته ٻيا به نوڪر پيا جهڙوڪ ڊرائيور، بورچي، چوڪيدار ۽ هڪ ٽوپي ٽانڊو ڪرڻ وارو ٽاپرو ڇوڪرو پر انهن جي حيثيت نوڪر واري ئي رهي.
هاڻي جو صاحب وڃي وڏي در پهتو ته مان به ڪتي ٻلي کان قابو ٿي ويس. هونئن ٻئين ٽئين مهيني ٻارن جو منهن ڏسندو هئس پر هاڻي ڇهين ٻارهين مهيني به يا نصيب. وري جو صاحب جي جيل مان نڪرڻ جوڪو تڪڙو امڪان نه رهيو، تڏهن ٻار ڪراچيءَ آڻائي ورتم. ايئن ئي ڪراچي ۽ هن وسيع ويڪري عاليشان بنگلي تي رهڻ واري زال جي خواهش پوري ٿي.
ڌيجهان چري...............! اڄ چوي ٿي،
”هن گهڙيءَ، هن ويرم ڳوٺ پهچاءِ، چئه پنهنجي صاحب کي، ٻڌاءِ پنهنجي صاحب کي“
صاحب آزاد ٿئي ئي ٿئي ان وچ ۾ بنگلي جي ماحول ۾ اهڙي ڪا خاص تبديلي ڪانه آئي، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ واقعي جي، جيڪي واقعا هونئن ته وڏن ماڻهن ۽ وڏن بنگلن ۾ ٿيڻ اهڙي ڪا نئين ڳالهه ڪانهي پر اسان ماڻهن لاءِ اهميت جوڳا هوندا آهن.
هڪ ڀيري جيئن ئي صاحب جي ملاقات تان موٽياسين، ممي گاڏي هلائي رهي هئي ۽ مان ويٺو هئس پٺئينءَ سيٽ تي. هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان، ممي جيتوڻيڪ هئي چاليهه، پنجاهه جي وچ ۾، پر هاٺي، ڪاٺي چال چلت ٺاهوڪي هيس. چيني ۽ جپاني ماين جيان سئو سالن جون هجڻ باوجود چوڏهن سالن جون نينگريون پيون لڳنديون! مان کي منهنجي هڪ يار حاجيءَ ٻڌايو، جيڪو ڳچ سال سعوديءَ ۾ رهي آيو هو. هن ٻڌايو،
”جدي ۾ فوٽ پاٿن تي چين، جپان، ٿائيلينڊ، فلپائن ۽ ڪوريائي نسل جون سوين مايون عام جام شيون وڪڻنديون نظر اينديون. مان سان گڏ هڪ نويل حاجي گڏ هو، هڪ مائيءَ تي مان واري همراهه جو روح هرکي پيو پر مان ڏاڍو کليس، پڇيومانس پِٽيا ان مائيءَ جي عمر جي خبر اٿئي؟ هوءَ پنجاهه سالن کان ته پڪ ئي پڪ ٽپيل هوندي، تڏهن همراهه ڏاڍو ڦڪو ٿيو.“
ممي نهايت شريف، سادي، خوش پوش، خوش اخلاق، دل جي سخي، رحمدل ۽ سٻاجهڙي. ايئن ڪيترائي ڀيرا ٿيو جيئن شهر جا رولو ماڻهو وتندا آهن جهپڙان ڏيندا. ڊرائيونگ ڪندڙ عورتن جي گاڏين سان پنهنجون گاڏيون ۽ اسڪوٽر ملائي راز نياز جون ڳالهيون ڪندڙ، پوءِ جي اڳليءَ به سُر ملايو پوءِ ڏوئي ڍڪڻ گيهه پر جي نه ته اجائيءَ جي جک مارڻي. ڪراچيءَ جي رستن تي هلندي مان اڪثر ايئن ڏٺو آهي ۽ وڏا ماڻهو، وڏي پئسي وارا ماڻهو ته هونئن ئي وڏي عمر وارين زالن کي ڪاڍون سرائي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏن ۽ پوءِ ويچاريون............. پر مميءَ جي جتيءَ ۾ ڪنهن جو پير، بس ڪڏهن ڪڏهن انهن ڏانهن اشارو ڪري مرڪي چوندي،
”پناهه ڏس حرامزادي جا ڪم“
”ممي ڇڏ ته لوسيءَ جي ڳچي پڪڙيان“ مان غصي ۾ وڦلي پوندس، ايئن ڄڻ ڪنهن منهنجي ماءُ، ڀيڻ سان کيشٽ ڪئي هجي ۽ صاحب.............! اڄ جنهن جي ڪانئياري ڪردار تي دل ڪري ٿي، ڇا ڀينسان............... سندس رعب تاب به اسان ماڻهن لاءِ، ڪيڏي نفرت! ڪيڏي بڇان! ڄڻ ڪي چهڙا ٻالا هجون ۽ اسان، اسان ماڻهو وري مٿن ساهه ڇڏيون.
اسان ناٿا پل تان مٽي پي آءِ اي ڪالوني، ٽيليوزن سينٽر کان ٿيندا سبزي منڊيءَ پهتاسين. مميءَ ڪجهه شيون وٺي اچڻ لاءِ چيو، مان گاڏيءَ مان لهي ويس ۽ هو همراهه کيس اتي ئي جهاڙي ويو، اسان جي گاڏي هلي ته هن به اسڪوٽر ڪڍ لاتو، حسن اسڪوائر وٽ ٽرئفڪ سبب گاڏي جهڪي ٿي ته هن موٽر سائيڪل گاڏيءَ ويجهو آندي پر ممي ويچاري حضور شرم کيس چکي باکي به نه ڪيائين ۽ نه ئي ڪا ڪاوڙ ڪروڌ ڏيکاريائين، بلڪل سانت، نارمل، جنهن ڳالهه ئي هن کي اُڪسايو ته اڃا اڳتي اسان سان ساڻ هلي شايد بڻاءُ بڻجي پوي. هو همراهه اڳ پُٺ ڪندو هلي، بس نيپا چورنگيءَ جي قريب هجون جو مميءَ اوچتو گاڏيءَ جي هلڪي ٺوڪر هڻي ڇڏيس ۽ همراهه بولاٽيون کائيندو وڃي پري ڪريو. مٿان اسڪوٽر هيٺان پاڻ ايتري ۾ ٽريئفڪ وارا آيا مميءَ گاڏيءَ جا ڪاڳر سندن حوالي ڪيا ۽ اسان گاڏي ڀڄائي اچي بنگلي تي نڪتاسين پوءِ مميءَ ايس پي صاحب کي فون ڪيو. جهٽ کان پوءِ سارجنٽ آيو گاڏي چالان ٿي البته وڌيڪ خفي کان بچي وياسين.
هڪ ٻيو به عجيب واقعو ٿيو. ان جي نوعيت ڪجهه هن طرح هئي، صاحب جيل ياترا تي، مميءَ جون محدود سرگرميون، ڪِولين ڪو ڪمري کان ٻاهر نڪري، اسان نوڪرن جي ٻيگهي مچي وئي، اڇي ڪاري جا مالڪ لڳا وتون. هڪ ڀيري ڊرائيور ۽ مان شهر وياسين رستي ۾ هڪ ٺاهوڪڙي جوانڙي ٽڪرائجي وئي، اسان کي به خفت کنيو، مان به واندو زال خير سان ٻئي ٻار جي ويم تي ڳوٺ ويل هئي، مائيءَ کي کڻي بنگلي تي آياسين. اسان جو ٺاٺ باٺ ڏسي مائي ترسي پئي. اسان سڀني ڊرائيور، بورچيءِ ۽ مان مائيءَ کي پنهنجي مشترڪه محبوبا بڻايوسين ۽ پوءِ هوءَ هفتي مهيني مڙئي ڀيرو ڪرڻ لڳي پر اچي ته ٻه ٻه ڏينهن ٽڪي پئي هجي. ڪنهن کي ڪائي خبر ڪانه. ڀلا ٻن چئن ايڪڙن ۾ بنگلو، سوين ڪمرا، دالان، وسيع ويڪرا باغيچا، گلن ۽ ناڙيءَ جا گهاٽا وڏا جهڳٽا، سوئر ٿمجي جاچي وڃنس ڪتا ته اها ئي ڳالهه................! بس مائي ايندي چور دروازي کان ٽپي، بنگلي اندر گم ٿي ويندي.
هڪ ڀيري مان ۽ ڊرائيور سبزي منڊي ويل هجون. اڄ صاحب جي ملاقات تي وڃڻا هئاسين، ان ڪري ڪجهه ڪريٽ فروٽ جا وٺڻا هئا. بورچي سوير ئي رڌي پڪي ۾، مميءَ سوير تياري ورتي. هوءَ لان ۾ چهل قدمي ڪندي ٽاپرو ڇوري مٿان آئي، کيس ڪجهه هدايتون ڏئي بورچي خاني ڏانهن هلڻ لڳي. سرونٽس ڪواٽرس کان مٽيندي سندس ڪن تي ٽيپ جو آواز پيو ڌيان ڏيڻ تي خبر پيس ڊرائيور جي ڪواٽر ۾ ٽيپ هلي پئي پر دروازو ٻاهران لاڪ ٿيل هو. هن ڊرائيور جي لاپرواهيءَ تي چڙ کائيندي بورچيءَ کي سڏ ڪيا ۽ پوءِ وڌي در جي چير کان اندر نهاريائين. جان جو نظر ڪري ته گاني جي ڌن تي ڪرسيءَ تي ويٺل نوجوان عورت جهومندي نظر آيس. بورچي آيو پڇائينس،
”ڊرائيور جي ڪواٽر ۾ ٻاهران تالو، اندر ٽيپ پئي وڄي ڇا ماجرا آهي؟“
بورچيءَ جملو ٻڌو يا نه ٻڌو يا ڇا جواب ڏنائين ان سڀ کان بي نياز ممي واپس ڊرائنگ روم ۾ هلي وئي. پوءِ جو اسان آياسين ته تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي صاحب جي ملاقات تي اسپتال روانا ٿياسين. اسپتال ان حساب سان جو ٻاهرين سلسلي کي قائم رکڻ ۽ کلي هوا ۾ ساهه کڻڻ واري سَڌَ سياستدانن کي هروڀرو به بيمار ڪري رکندي آهي. ايئن ئي ڪَنَ جي سور بهاني صاحب جناح اسپتال رهيل هو.
ماني کائيندي ۽ اڪيلائيءَ ۾ احوال ڪندي ئي مميءَ صاحب کي اسان نوڪرن جي پرڪارن بابت ٻڌايو، ڇو جو پوءِ جو مان ڪريٽ کڻي اندر گهريس ته صاحب غصي کان وڦلڻ لڳو، کائنس گرهه ڳهڻ به نه پئي ٿيو.
”اڙي پنو............. مان ڇا پيو ٻڌان، ڇا اهو سچ آ؟“
”صاحب ڇا بابت؟“ مان عجب مان پڇيو.
”ڇا بابت، ترس ماني کائي وٺان“
مان ته پوءِ ماني کائيندڙ صاحب ۽ مميءَ کي اڪيلو ڇڏي ٻاهر نڪري آيس پر ذهن ۾ فورن اهو خيال آيو ته شايد ڇوڪريءَ کي مميءَ ڏسي ورتو آهي. اهو خيال ايندي ئي ڊرائيور کي ڀڄايم،
”گاڏي ڀڄاءِ، ڀڄ ڇوڪريءَ کي ڪڍائي ڇڏ، صاحب کي ڪا کڙڪ پئجي وئي آ، شايد مميءَ................ ڀڄ پر ان پير تي موٽ، ڄاڻ صاحب واندو ٿيو“
ڊرائيور جي پهچڻ کان اڳ ئي صاحب سڏيو، ٽوال سان هٿ اگهندي چيائين،
”ڪر خبر اها شيطان گيري ڪنهن جي آهي؟“
مان بي خبر ٿيندي چيو،
”مان نه سمجهو صاحب“
منهنجو ايترو چوڻ کپ ٿي ويو زورائتو چنبو. چنبو ڇا لڳو اکين اڳيان اوندهه وري وئي. اک کي هٿ ڏئي ڪا مهل ته بي سرتو بت بنيو بيٺو رهيس. ٻيو به هڻي ها پر مميءَ ٻانهن کان ورتس،
”ڇڏيس، هن جو قصور ناهي“
”ممي تون به ايئن ٿي چوين؟“ صاحب غصي وچان وڦلندي چيو،
”بنگلي جي سنڀال هن جي ذمي ۽............. تون ٿي چوين............ پڪ ئي پڪ سندس شرارت آهي، ڊرائيور کي ڪهڙي طاقت، ڊرائيور جي ڇا مجال“
ايئن ڪندي ڊرائيور به پهچي ويو. پوءِ ته ٽُٽِي پيو مٿس، هڻي سڄائي رکيائينس.
”ممي هنن جو اڄ ئي ليکو ڪري تڙي ڇڏين بنگلي مان، اهڙي داداگيري............. زالون ٿا ٽڪائن، مائٽ ٿا رهائن، آزاديون ٿا ماڻن، کائن، اوبارين پوءِ به حرامپائي، ايڏي بي ايماني.............!!؟“
ان کانسواءِ انگريزيءَ ۾ ٻيو به الائي ڇا ڇا پئي مميءَ کي چيائين. اسان ته ساهه ٻوساٽي، پيرن تي ڏنو زور. پوءِ جڏهن واپس بنگلي تي آياسين ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. اسان شڪي شڪي پئي ٿياسين پر مميءَ ڪا دلچسپي ڪانه ورتي هئي. نه ته ڊرائيور جي ڪواٽر تي هلي، نه تالو ٽوڙايائين ۽ نه ئي وري صاحب جا ڪن ڀريائين. بس شفقت جو هٿ گهمائيندي چيو هئائين،
”ٻچا اهڙا گندا ڪم، گندا ماڻهو ڪندا آهن.“
ان وقت ايئن لڳو، زمين جاءِ ڏي ته ٽٻي هڻجي، سندس پيرن تي ڪري پيو هئس.
”ممي، خطا معاف، قصور.............“
”قصور ڪنهن جو به آهي پر اوهان شريفن سان ٿا رهو ته پاڻ به شريف ٿي گذاريو. ڀُل چُڪ ڪم آ، اهي خطائون، رضائون انسانن کان ئي ٿينديون آهن پر اڳ لاءِ ايئن نه ٿئي.“
اهي ڳالهيون گذريل سردين کان به پهريان جون آهن ۽ گذريل سردين ۾ مان اهو سوچي به نه پئي سگهيس ته سال ڏيڍ کان پوءِ صاحب جڏهن جيل مان واپس گهر موٽندو ته مان ۽ منهنجي زال کي ايئن بي عزتو ٿي هن بنگلي مان نڪرڻو پوندو ۽ پوءِ هميشه هميشه لاءِ منهنجي بنگلي جي نوڪري ختم ٿي چڪي هوندي، مان بنگلو ۽ بنگلي وارن لاءِ پرائو ۽ اوپرو ٿي چڪو هوندم!!
شام جو جنهن وقت مان صاحب جي ڪم تان واپس ٿي بنگلي ۾ گهريس ته صاحب ڪاوڙيو ويٺو هو. سندس موڊ ڏاڍو خراب هو. مان کي صاحب اڄ ڪجهه ٻي طرح ئي نظر آيو. سندس چهري ۾ چتائڻ سان اها وحشت، غصو ۽ بيزاري نظر آئي، جيڪا مان اڳ ڪانه پَسي هئي. مان تي نظر پوندي ئي اُڀو ٿي ويو، مٿس جنوني ڪيفيت طاري ٿي وئي،
”سنڀال پنهنجي رنڊيءَ کي، آءٌ وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهان، ڀينسان اُلو ڪي پٺي سمجهي ڇا ٿي پاڻ کي“
”برداشت نه ٿو ڪري سگهان!؟............. الو ڪي پٺي!!؟“ مان ڄاتو اشارو ته مان واري زال ڏي آ پر سمجهه ۾ نه آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي!؟ هونئن صاحب جي مان واري زال ۽ ٻارن سان ڏاڍي گهٽ پوندي آهي. منهنجي زال يا ٻارن جي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ تي ڏاڍو ڪسڪندو، ڪرڪندو آهي.
”ڪمري مان ڇا لاءِ ٿي نڪري؟ ٻاهر ڇا ٿي نوسيندي وتي؟“ ۽ باغيچي ۾ گهمڻ ڦرڻ تي اڃا به وڌيڪ رنج ٿيندو.
”ڇا لاءِ ٿي باغ لتاڙي؟ ڇا لاءِ ٿي ٻارن کي ڇيڪ ڇڏي ڏي؟.............. هنگن، مُٽن............. ٽاريون، گل پٽن، ڇنن.............“
۽ ڪمري جو قيد به آخر ڪير قبوليندو، مان به ڪيتروئي منع ڪيانس پر هوءَ هريل آزاد هوائن جي، ڳوٺ جا وسيع، ويڪرا ۽ ڪشادا اڱڻ، کليل آزاد هوائون، کليل نيري آسمان هيٺان پڌري پٽ سمهندڙ ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن وڏي تنازري جو سبب بنيو. گهٽ ۾ گهٽ مان نه ٿي ڄاتو. ان وچ ۾ صاحب ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي ويو. منهنجو ساهه سُڪي ويو. ڊڄندي، ڪنبندي چيم،
”صاحب هوءَ جهنگ جو جانور آهي، پنهنجي جهالت سبب بدتميز ٿي آهي، مان هن کي لغام ڏيان ٿو“
پر صاحب صفا بِرُ بيٺو هو. چيائين،
”هن جو هن وقت بنگلي مان ڪڍيس“
مان کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ نه ئي صاحب جي ڪاوڙيل ۽ ڪروڌ ڀرئي چهري ۾ وڌيڪ نهارڻ جي سگهه ساري سگهيس. صاحب جي آندل سامان جي ٿيلهي جيڪا اڃا سوڌو منهنجن هٿن ۾ جهليل هئي، سا صاحب آڏو ٽيبل تي رکي ساهه ٻوساٽي ماٺ ماٺ ۾ پوئين پير سندس ڪمري مان نڪري آيس. ٻاهر بورچي مليو. پڇيم،
”ڇا ڪجهه ٿيو آهي ڇا!؟“
هن پوءِ ٻڌايو،
”مان جنهن وقت آيس، ان وقت تو واري زال ۽ صاحب ڏاڍا ڏند چڪ ڏئي رهيا هئا. مان ڀانئيان ٿو جهيڙو شايد ان تي ٿيو جو تو واري پٽ باغ ۾ کيڏندي ڪنهن ٻوٽي کي نقصان رسايو، جيڪو صاحب ڏسي ورتو. جنهن تي ئي چڙي پيو. مائيءَ کيس ٿڌو ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر صاحب جي طبيعت جي پاڻ کي خبر ٿي. تڙي ڏنائينس،
”چڱو چڱو گهڻو ٿيو، ڀينسان گڏهه جي ڌيءُ، گول ڪر پنهنجا ٽپڙ، ڳول پنهنجي بابي پنوءَ کي، هن جو هن وقت منهنجي بنگلي مان نڪرو“
”صاحب ٻيو ته سک آ، ڇو ايڏي پَساري پيو آهين، ڇا ٻار ڇاتي کڻي...............“ تو واريءَ مائيءَ کيس ٻاجهه لاءِ ٻاڏايو. مان ڏٺو صاحب صفا ڪاوڙجي پيو. هَمَ نه ڪيائين تَمَ ٺوڪي ڪچي گار ڏنائين.
”خاموش............. ڪُتي“ صاحب وحشين جيان رڙيون ڪرڻ لڳو. وات مان گِڦَ پئي وهيس،
”ٽري وڃ اکين اڳيان ته نپوڙي ساهه نه ڪڍي ڇڏيانءِ“ صاحب جي ته ڪاوڙ خبر پاڻ کي اٿي پر جي اڄوڪا ٻوڪڙ ٻڌينس ها ته ابا بت مان ساهه ست ئي ڇڏائي وڃئي ها پر شابس آهي مائيءَ کي، تو واري مائي بابا قهر ڪري ڇڏيا! صفا ٽين کڙڪائي ڇڏيا. مائي ڀينسان شير آهي شير!! هن لڙ دهمان تي ممي به ٻاهر نڪري آئي. هن صاحب کي گهڻو ئي ٿڌو ڪرڻ جي ڪئي پر صاحب صفا بِرُ بيٺو هو.
”ممي نه چئه مونکي، ذليل ڪُتيءَ مانکي اهڙو غصو ڏياريو آهي، جو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي. ڇا ٻن ٽڪن جي نوڪرياڻي ۽ ڇا پئي حيثيت جتائي. بنگلو نه ڄڻ بابنهس جي ميراث هجي............ غضب خدا جو................! ممي ڪيئن تو کين برداشت ڪيو آهي؟“
۽ گهٽ جو گهر مائي به ڪانه، هن به ڦهڪائي ڏنس،
”ممي، سنڀال پنهنجي صاحب کي، ڏسين ٿي ڪيئن ٿو مرداڻين واتين گاريون بَڪي............. نوڪرياڻي آءٌ ڪانه آهيان، نوڪر آهي ته پناهه آهي..............؟“
”ايتري ۾ صاحب مميءَ کي پري ڌڪو ڏيندي ڊڪي وڃي تو واري زال کي ڄنڊن ۾ هٿ ڳنڍيا پر ممي اسان ۽ ننڍڙي ٻار جي رانڀاٽن تي هن جا هٿ ڍرا ٿي ويا. پر يار..............! ويڙهه ته ڏسين ها، تو واري زال کي به ڪي وِههُ جا پاڻي آيل آهن. مائي ڀيڻسان مڙساڻو مڙس آ. هوءَ به جنبوٽين پئجي ويس، اڃا به ڪڇ تي ٻار هئس نه ته جيڪر............ پوءِ ته اسان تو واري مائيءَ کي ۽ ممي صاحب کي اندر بنگلي ۾ گهلي وئي. ايئن مس مس جهيڙو ٽري ويو ۽ اسان ڪلمو پڙهيو............. پر يار مائيءَ کي ايئن ڪرڻ نه گهربو هو، آخر ته صاحب صاحب آ“
هاڻي به زال جي چهري ڏانهن چتايان ٿو، سچ پچ مانکي ڪِين ٿو لڳي ته هيءَ ساڳئي ئي ڳوٺاڻي، اڻ پڙهيل ۽ سادي عورت آهي. هن جنهن نموني صاحب سان ٻه ٻه هٿ ڪيا هئا، ان تي سوچيندي منهنجو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو! خود غرض، خود پسند ۽ آدم بيزار صاحب کان سچ پچ بيزاري ۽ نفرت ٿيڻ لڳي ٿي.