ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

ڪروڌي سنڌو

آگسٽ جي ايڪويهين تاريخ جو ڏينهن به ڪيڏو نه ڀيانڪ هو، سکر بچاءَ بند ٽٽڻ جي خبر ماڻهن جي دلين تي موت وانگر واسو ڪري وئي هئي. ريڊئي جي راڪاس جهڙي رنڀندڙ آواز ماڻهن جي دلين کي ڳڻتين جي ڳوراڻ هيٺان چيڀاٽي رکيو هو. اوچتو ئي اوچتو ٻوڏ جي ٻه مُهين وات ڦاڙي پڪي جي وسندين تي ماڻهن جي جان ۽ مال کي مانگر جيان ڳڙڪائڻ لاءِ پنهنجو منحوس وات کولي وڌي رهي هئي. هرڪو سودائن جي سيڙهن تي لڙڪي لڙڪي پنهنجو پاڻ کي دان جيان سنڌوءَ جي حوالي ڪري رهيو هو. تقريبن هر جيءُ جنجال ۾ هو، سندن هر سج سُورن جو ۽ راتيون روئڻهارڪيون ٿيون ٿي گذريون. ڀلا ڪٿي مسڪينن وٽ اهڙا وسيلا، جن رستي پاڻ کي پُختن هنڌن تي پهچائن. ٿورين ئي گهڙين ۾ سنڌو تباهي مچائيندو طوفان جيان پڪي کي به ڪچي جيان وڪوڙي ويو هو. پاڻيءَ پير کڻڻ جي ويسند به ڪانه ڏني. ماڻهو جان بچائڻ ۾ آزرتا. سڀ ڪو ٻوڏ جي ڀوت کان حراسان، زندگيءَ کي جهدن سان بچائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل. ڪيترن ئي مائٽن جون جهوليون خالي ٿيون. ڪيتريون ئي مائرون موڀي پُٽ وڃائي ويٺيون. ڪيترين ئي ڀينرن پنهنجا ڀائر سهايا. اوچتي آفت سبب ڪيتريون سهاڳڻيون پنهنجا سُهاڳ لُٽائي ويٺيون. ننڍڙن تلڦڙن ٻارڙن جون هونگڙيون ۽ ٻاڪارون، هر جاءِ محشر جي مهانڊي جو ڏيک. ڪنهن جو ڪو واهرو ۽ ڀرجهلو ڪونه. هر شئي سنڌوءَ جي سيرن ۾ سڏڪي سڏڪي پنهنجا آخري پساهه پورا ڪري بي ساهي ٻانڊ جيان لڙهي رهي هئي.
انسانن جو دل ڏاريندڙ رڙيون، پڙاڏا ڪنديون فضا جي آغوش ۾ هميشه هميشه لاءِ دفن ٿينديون رهيون. هن قهري ازدها جيڏانهن به ٿي ڪرُ کنيو، تيڏانهن تباهي ئي تباهي. لکين انسان اگهاڙا، بي گهر، پيٽ بُکيا، اَنَ ڪڻي لاءِ حيران، لولي لاءِ وتن پيا رُلندا. اقتداري ازدها جا به موت جهڙا مُهانڊا، جنهن کي تباهه ٿيل انسانن تي ڪسيري جي به ڪهل ڪانه. بکئي کي بکيو ۽ اڃين کي اڃيو رکڻ ۾ ڄڻ کيس آسيس ايندي هجي.
اهڙي تباهيءَ جي سَمي دلاور به قيامت جي ڪنارن کي ڇهندو، سارو ساٿ سهائي ٻوڏ جي ٻرن ۾ ٻوڙي، آسن ۽ اُميدن جي آسري ڪنهن ٻانڊ کي ٻک وجهي اٽڪل ٽن ڏينهن کان ڪنهن پهر لاءِ پيو واجهه وجهي ۽ سنڌوءَ جي سيرن ۾ سرير جا آخري پساهه پورا ڪري. پري کان هڪ پيرسن ملاح پاڻ جهڙي انسان کي لڙهندو ڏسي بتيلي سميت ڌوڪي آيو هو. ٻڏندڙ کي سهارو ڏئي بتيلي ۾ پناهه ڏني هُئائين. ڪجهه ويرم گذرڻ بعد دلاور سامت ۾ ايندي سک جو ساهه کنيو هو. ملاح کيس مُٺ ڀڳڙن جي ڀري کائڻ لاءِ ڏني هئي. دلاور جيئڻ لاءِ ٻه ڪڻا ڀڳڙن جا وات ۾ وڌا مگر پکيءَ جي ابهم ٻچڙي جيان ڳيت ڏئي نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهيو هو. هن جي آڏو آشائون، نراشائن جي ڀوائتي روپ ۾ نچي ٽپي رهيون هيون. هن جي آڏو گهر ٻار جي تباهيءَ جا منظر مڙي کيس روئاري رهيا هئا.
هو اُٻاڻڪو ٿي وسامي ويو هو. سودائن سندس سيني ۾ سوين سوراخ ڪري وڌا هئا. ٻوڏ هن کان ڇا نه کسيو هو، هن جي وني ٻڏي، ٻار ٻڏا، ٻچا ٻڏا، ننڍا ٻڏا، وڏا ٻڏا ۽ رهيو به ڇا جو هن جي جڏي جيءَ کي دڙ دلاسو ڏئي! انهيءَ ڳڻتيءَ، انهيءَ پِيڙا هن جي سرير کي ڇيهون ڇيهون ڪري رکيو. هو زندگيءَ مان بيزار ٿيو، جيون هن تي بار هو، پوڙهي کي اندر جا ايذاءَ ڏيکاريندي چئي ويٺو، ”بابا جڏهن ته زندگيءَ ۾ ذليل شڪست نصيب ٿي آهي ته پوءِ اڃا جي ڇا ڪندس، ڇو نه کڻي پنهنجو پاڻ کي به سنڌوءَ جي سيرن ۾ اڇلائي هن جيون جو انت آڻيان. هينئر اڪيلي سر زندگيءَ سان منهن ڏيڻ مون کان نه ٿو اڄهي!“ پوڙهي ملاح کيس ڳراٽڙي پائي دلجاءِ ڏني هئي، ”پُٽ، توکي زندگي پياري آهي. توکي زندگيءَ سان پيار آهي، تڏهن ته بي ساهي ٻانڊ کي به سهارو سمجهي وتين پئي واهروءَ لاءِ واجهه وجهندو! مڙس ته ماري پاڻ ملهائيندا آهن، تو ڇو دل لاٿي آهي! مون ڏي ڏس، ڪيئن نه ڪمزور هوندي به وقت جي ويرن سان پيو وچڙندو وتان!!“
پوڙهي ملاح جون آٿت ڀريون ڳالهيون ٻڌي هن جي چپن تي لڙڪن گاڏڙ مرڪ نچڻ لڳي هئي ۽ منجهس جيئڻ جي شڪتي ڪر موڙي اٿي هئي.
دلاور کي پوڙهي ملاح جي بتيلي تي رهئي ڪجهه ڏينهن گذري ويا هئا. بتيلو ماضي ۽ مستقبل کي سيني تي سوار ڪيو واءَ جي واچوڙن سان ٽڪرائيندو، ڇولين کي ڇهندو، سڙٻاٽيندو، هنج جيان اوڀارئين طرف اُلري رهيو هو. ڪاري رات جي کُٽڻ جي مهل قريب هئي، پوئين تاريخن جي چنڊ، کن پل ۾ خاموش ۽ سُتل ماحول کي جاڳائي رکيو هو. ننڍن ننڍن وڻن مٿان پاڻي ايئن پٿريل هو، جيئن ڪنهن ناريءَ جي سِرَ تي سفيد ململ جي پوتيءَ جو پلاند. دلاور ۽ پوڙهو اڃا سجاڳ هئا. ننڊ هنن جي نيڻن کان اوجهل هئي. خاموشيءَ کي ٽوڙيندي پاڻ کي آدم جو احساس ڏيارڻ خاطر دلاور پوڙهي ملاح سان ڳالهايو هو.
”بابا، توهان جي سانڀر ۾ ڪڏهن سنڌوءَ ۾ ههڙي اٿل آئي!؟“
اوچتي سوال پوڙهي کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. ننڊ کان نٽائڻ خاطر سنڌوءَ جي سير مان ٻه ٻُڪ ڀري منهن تي وسائيندي ٿڪل ٿڪل پنبڙين کي کوليندي چيائين،
”ها! وڏڙن واتان ٻڌندا هئاسين، جڏهن ڌرتي ماءُ ڏمربي آهي، سايون ٻنيون، نويل ونيون وهه جي ور چڙهنديون آهن، تڏهن سنڌو اُٿل کائي هر شئي کي پنهنجي پيٽ ۾ پيهي، آتڻ اجاڙي، آباديون ويرانين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ ڀيري بابي واتان ٻڌو هئم سنڌين وڏو پاپ ڪري ڌرتي ماءُ کي رنجايو هو. هنن غيرن جي گذاري تي پئي زندگي گذاري. سندن تخم پئي پراون پيرن هيٺان چيڀاٽيا. هنن ڌرتي ماءُ جي لوئيءَ کي لڄائي غاصبن آڏو سِرُ جهڪايو هو، تڏهن سنڌوءَ جي دل ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پئي هئي. انسانن جي گناهن جا راز فاش ٿيا هئا. جن سنڌوءَ جي ڪروڌ کي للڪاريو، سي تهس نهس ٿيا هئا. تڏهن کان پوءِ سنڌين سرن جي سخا ڪري سنڌوءَ جي ڏمر کي سرچايو ۽ پراون جي پاڙ پٽي، ڌرتي ماءُ جي سيني کي آجو ڪري رت جو ريج ڏئي، سنڌ جي سينڌ کي اڇو اجرو ڪري جرڪايو هو.“
پوڙهي جي پڄرائيندڙ لفظن ۾ جيئڻ جو سنيهو هو، جنهن دلاور جي لونءَ ڪانڊاري ڇڏي هئي. هن جي جسم ۾ ايذائن ۽ افسوس جون لهرون ڊوڙون پائڻ لڳيون هيون. هن جي اکين ۾ اُميدن جا سوين تِرورا جرڪڻ لڳا هئا. پوڙهي وري چوڻ شروع ڪيو هو، سندس آواز دلاور جي دل ۾ پڙاڏو ڪندو اوچو ٿيندو کيس جياپي جي راهه ڏيکارڻ لڳو.
”ابا، جڏهن سنڌين جي حياتين کي ڪلر ڪين ڪاراٽيو هو، جڏهن سنڌي سورهيائي ۽ سرويچيءَ جا سرواڻ ٿي غاصبن کي غرق ڪندا هئا، تڏهن سنڌ ماءُ جي سيني تي راجا ۽ پرجا جو فرق مِٽائي، پريم ۽ پيار، امن ۽ شانتيءَ جي مذهب کي جنم ڏنو ويندو هو!!“
پوڙهي جو آواز جيئن پوءِ تيئين ڳنڀير ٿيندو ويو هو. هن جي پيشانيءَ تي اڻلکو پگهر پيچرا ٺاهي وهڻ لڳو هو. هن جي اکين ۾ بيٺل پاڻيءَ جو دٻو ڇلڪي ڳلن جي هڏن تان ٿيندو سفيد ريش ۾ جذب ٿي ويو هو. هن گجندڙ سنڌوءَ جي لهرن کي تڪيندي چيو هو.
”افسوس! اڄ به ساڳئي سنڌ! ساڳيو ئي سنڌو! مگر نه اها ميٺ محبت نه سک سلامتي، رڳو ڇتي ڪتي واريون رهچون!“
دلاور وڏو ساهه کڻندي حيرت مان پڇيو هو.
”پر بابا، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو!؟ ڇا سنڌوءَ کي ايئن جُڳائي جو پراون پاپن بجاءِ پيو پنهنجن کي ٻوڙي!!؟“
پوڙهي کي دلاور جا لفظ چوچڙيءَ جيئن لڳا هئا. چِڙَ وٺي وئي هُيس.
”ٻچا، جڏهن سنڌو اٿل کائيندو آهي، تڏهن هر ڏوهي ۽ گنهگار سان گڏ سنڌين جي ڪمزوريءَ ۽ بي وسيءَ جا ڪرتوت به لڙهي ويرن جي وَرِ چڙهندا آهن! سنڌو پنهنجن جي پکن جا بنياد اُکيڙيندو آهي، تڏهن ئي سنڌي غيرن جي محلن جا ڪنگرا ڪيرائڻ لڳندا آهن! ڪنهن انسان واتان ٻڌو هئم هڪڙي ڏاهي جو قول ته، ”جيڪڏهن ڪو انسان هزار حيلن کان پوءِ غفلت جي ننڊ مان سجاڳ نه ٿئي ته سندس آڏو معصوم ٻچا ڪهوس ته پاڻهي سجاڳ ٿيندو.“ ٻچا جيسيتائين دز جي غبار ۾ کنگهڻ جو سهارو نه وٺبو، تيسيتائين دز پئي گهٽيندي رهندي! سنڌوءَ جي اٿل جي مون کي صدين کان ڄاڻ هئي! جڏهن کان سنڌي مذهب جي زنجيرن ۾ چنبڙي آزين ۽ نيزارين جا گيت آلاپڻ لڳا هئا. جڏهن غيرن جي گريبان ۾ لڪا رهيا، جڏهن ديس سان ويساهه گهاتي ڪري غيرن جي گلائن تي دت هڻي سُتا رهيا، تڏهن ئي سندن پاپن جا راز کُلي پيا. تڏهن ئي مان سوچيو هو ته سنڌي سنڌوءَ جي ڪروڌ کي للڪاري رهيا آهن............... اڄ خبر پئي ته منهنجا سپنا ساڀيان نڪتا!!“
پوڙهي جا لفظ دلاور جي دل ۾ سنڌوءَ جيان عجيب طوفان برپا ڪري رهيا هئا. هن جي اکين ۾ اوچتو عجيب چمڪ اچي وئي. عجيب بغاوت جا آثار هن جي پيشانيءَ تي پکڙجي ويا هئا. آزاديءَ جو تصور هن جي نگاهن ۾ اُڀري آيو هو. پوڙهي ملاح جا لفظ سپ جيان کيس ڪکيندا رهيا. سندس اکين ۾ ازلي اڙٻنگ انسان جاڳي اٿيو. هٿن ۾ تيز جنبش اچي ويس. هٿ بتيلي جي ونجهه تي اُمالڪ وري ويس. ايئن ٿي محسوس ٿيس، ڄڻ هن جي زنگيل غيرت کي ڄاڻ جو پاڻي مليو هجي. هن جون اکيون ماضيءَ جا اڻ لکا نقشا تڪينديون رهيون. جڏهن پورهئي تي پرماريت وارن غاصبن جنم ڪين ورتو هو. جڏهن زندگي ايتري اڻڀي ۽ هولناڪ ڪانه هئي. هن جي زبان مان بي اختيار نڪري ويو هو،
”بابا، سچ سچ ٻڌايو توهان روشنيءَ جا مينار ڪير آهيو؟ توهان عام ميربحر نٿا ڏيکارجو!!؟“
”پُٽ، اڳتي هلي تو کي وقت ڏسيندو. توکي به مان جيان درس ڏيڻو پوندو، هر ان کي به مان جيان رهبر ٿيڻو پوندو، جنهن جي دل ۾ ذري برابر به پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ محبت آهي. اسان جو ڪم آهي راهه جي رهبري ڪرڻ ۽ رستي لائڻ. تون وچن ڪر ته ڪڏهن به سنڌوءَ کي ڪروڌ ۾ نه اچڻ ڏيندين. سدائين پاڻ ڪروڌي بنيو رهندين، ظالمن لاءِ، پاپن لاءِ، پرمارن لاءِ.“
”مان وچن ٿو ڪريان، سنڌوءَ کي ڪڏهن به ڪروڌ ۾ اچڻ ڪين ڏيندس. مان نئين سج جيان، نئين دنيا روشن ڪندس، سنڌ روشن ڪندس. مان هر ان ازدها سان اٽڪندس جيڪا سنڌين جي غيرت کي للڪاريندي. مان پرماريت جي سڀني ديوارن کي ڪيرائي سورهيه ۽ سرويچيءَ جو ٻج ڇٽيندس.“
ايئن ئي هو سخت جنون ۾ سوين لفظ اچاريندو ويو هو. جن مان بغاوت جي بڻاس ايندي رهي هئي. ايئن پئي ڀائنيو ڄڻ دلاور بجاءِ ڪو ڪاوڙيل روح سندس جسم اندر پيهي ويو هجي! هن جي ذهن مان اوندهه جو واسو وسهندو ويو. هن ڀٽن ۽ گهورڙين واري زندگيءَ کي ذلت سمجهي سورهيائي ۽ سرويچيءَ جي ٻج ڇٽڻ جو عهد ڪيو هو. پرهه رات پاڇولن جا پاند سنواري، نئين نڪوري صبح کي جنم ڏئي، هڪ انسان جي اسهڻ لاءِ رستو صاف ڪيو. هو ويسر وساري پنهنجي منزل طرف وڌڻ لڳو. اونداهين ۾ وڪوڙيل، ٿڪل ٽُٽل، اوجاڳيل انسان شير جيان گجندو اڳتي وڌندو رهيو هو.
”نئون انسان جاڳي پيو هو!“
”ڦريل ماريل انسان جاڳي پيو هو!“
”تاريخ ضرور پنهنجو پاڻ دهرائيندي!“
”سنڌي ساڻيهه ضرور سک جو ساهه کڻندو!“
”ڪروڌي سنڌو ضرور سامت ۾ ايندو!“
”ڪروڌي سنڌو! ڪروڌي سنڌو............ سامت....... سا.............!
هو اهو راڳ آلاپيندو اڳتي وڌندو رهيو هو................