مٺ ۾ ساهه
ها، مان ٻڌائڻ چاهيو ٿي.............. مان چاهيو ٿي........... ڏسو وسري ويو نه. سائين ڳالهه ڪندا آهن. ڀائين هڪ مائي صبح سوير ڏُڌ ولوڙي مکڻ ڪڍي رهي هئي. هوءَ مکڻ جا چاڻا ٺاهي چاڏيءَ بجاءِ وات ۾ وجهي رهي هئي. پٽهنس جيڪو پريان اهو سڀ سمورو لقاءُ ڏسي رهيو هو، تنهن بي صبرو ٿيندي چيو، ”امان چاڏي ته هن پاسي پئي آهي“ جنهن تي مائي سڳوريءَ نرڙ تي هٿ هڻندي چيو، ”پُٽ جڏهن کان مرحيائت پڻهين مئو آهي، تڏهن کان اهڙو ته ويسر جو مرض لڳو آهي جو مُٺي وات ۽ چاڏيءَ جي خبر ئي نه ٿي پوي.“
سو سائين هڪ مان ئي ڇا هِت ته پوري قوم کي ويسر جو مرض لڳل آهي. بيشڪ ويسر جو مرض دور به ٿي سگهي ٿو پر ڊپ ڏاڍي لعنتير چيز آهي، جنهن کي لڳي تنهن کي شينهن مان گدڙ بنايو ڇڏي. توڙي جو پارايوس بگهڙ جي کَلَ!!
نه، ويسر نه، لفظ ڳولهي لڌم، ڊپ، ها ڊپ ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو سو نه ٿو چئي سگهان.
هڪ وسيع ويڪرو، خوبصورت ۽ عاليشان بنگلو، جنهن بنگلي ۾ مان ڪيئي سال ڊيوٽي ڏيندو رهيس. هاڻي ته منهنجي نوڪري تنهن بنگلي ۾ ناهي پر اهو بنگلو ۽ بنگلي منجهه رهندڙ خاص طبيعت واري اربيلي نفيس نازڪ ۽ شاهي مخلوق پنهنجي قد بُت جي حساب سان اهڙو ته موضوع مهيا ڪن ٿا، جنهن بابت جيترو گهڻو لکجي ۽ ٻڌائجي اوترو ٿورو. هڪ اهڙي آسماني مخلوق جيڪا توهان جي آقا هجڻ جا اختيارات رکندڙ، سياست، دولت، عزت، شهرت ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سندس هٿ وس ۾ آهي پر وٽس ڇا ڪونهي!؟ اهوئي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ اها ڪهڙي ڳالهه آهي!؟ اهو ڪير آهي!؟ جيڪو مون کي روڪي ٿو، جنهن جي ڊپ کان اهو سڀ ٻڌائڻ وسريو وڃي.
ها، انهيءَ جو سبب لاشڪ ته پاڻ واري پوليس ۽ ٻيا سرڪاري فورس ٿي سگهن ٿا، جيڪي پندرنهن جولاءِ تي حيدرآباد ۾ ٿيل بمن جي ڌماڪن جي الزام هيٺ جرمن ڪتن جيان وتن ٿا سنڌي ماڻهن جا گهر گهاٽ نوسيندا اجهو اڄ صبح ئي ته مان واري ننڍي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو اٿائون. جنهن کان پوءِ گذريل ڏينهن کان هن وقت تائين گرفتار ٿيل سنڌي ماڻهن جو ڳاڻاٽو وڃي ٽن سون کي پهتو آهي، ان ۾ اڃا اضافو ٿيڻو ته آهي پر مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي گرفتاريءَ سان ان انگ ۾ واڌارو ٿئي.
نه منهنجي ڊپ يا ويسر جو سبب شايد اهو ناهي، ڊپ جو سبب خانگي ڊريس ۾ قريب بيٺل اهو منڊڙو سپاهي آهي، جنهن جون حيدرآباد واري قلعي جي گهيري دوران ڊيوٽي ڏيندي پناهگير دهشتگردن گولين سان ڄنگهان چچري ڇڏيون هيون. هينئر هو تندرست ٿي ٻيهر پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي باقائدگيءَ سان ڏئي رهيو آهي. هاڻي مٿان کان مليل نئين حڪم موجب بم جي ڌماڪن جي الزام ۾ شڪي ماڻهن تي نگاهه رکي رهيو آهي.
هونئن ڪي سنڌي پوليس وارا سٺي طبيعت جا به ٿين. مثلن صبح واري پوليس واري کي ئي وٺو، جنهن منهنجي بزرگي ۽ غربت جا واسطا وجهندي پنهنجي وڏي صاحب آڏو سفارش ڪئي نه ته هاڻي مان اوهان کي هِت ٿورئي ڏيکارجان ها. سڌو وڃي عذاب گهرن ۾ پهچائن ها. پر هي سپاهي............؟ هي سپاهي مون کي بنهه ڪونه وڻيو. هو، هاڻي مان ڏانهن وڌي اچي ٿو. ويجهو اچي ڇڙٻ ڏئي ٿو.
”ٽري وڃ.............. ڀيسان لوسي، هِت ڇو بيٺو آهين؟“ مان ڇو بيٺو آهيان، مان کان ذري گهٽ کِلَ نڪري وئي. پنهنجي ديس، پنهنجي شهر، پنهنجي گهر سامهون چوس تي بيهڻ، هاڻي اها به ڳالهه پڇڻ جي آهي!؟ مان چاهيان ٿو سندس آڏو وضاحت ڪريان پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاريءَ جي ۽ پڻ کيس احساس ڏياريان پنهنجائپ جو. پر ڏسو ٿا هو نامعقول ٻيهر ڪُتي جيان رومڙ ڪري ٿو. نفرت وچان مان کي پري ڌڪو ڏئي ٿو. ايئن ڄڻ مان به سندس لاءِ قلعي جي گهيري دوران فائر ڪندڙ ڪو پناهگير دهشتگرد هجان! اهو ڄاڻو ٿا منهنجي لاءِ اها ڪيڏي نه بي عزتي آهي. ڇا هو نه ٿو ڄاڻي ته مان ڪير آهيان؟ ڇا کيس خبر ڪانهي ته قومي ڪارڪن به ٿيندا آهن؟ ڇا کيس سُڌ ناهي ته قلعي جي گهيري ۾ ٻئي پاسي ڏانهن ڪير ٿي ڪاهيندا آيا؟ سندس جيان ئي بنگلي تي قائم ڪيل مورچي ۾ ساڳين ئي پناهگير دهشتگردن سان مان ڪونه وڙهيو هئس، بلڪه اڄ تائين ڪونه پيو وڙهندو اچان؟
خير هن غريب جو ڏوهه ڪهڙو، هن کي وري ڪهڙي پنهنجي راءِ، هو ته ٻين جي اشاري تي، هونئن ڏوهه هن غريب جو به ناهي، بلڪه سڀ سمورو ڏوهه انهن ماڻهن جو آهي، جن سندس جيان اسان مِڙني کي غلام واري حيثيت ۾ رکڻ وارا قانون ايجاد ڪيا. اسلامي ڀائپي ۽ مسلماني جذبي پٺيان پاڪ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ پاس ڪرايا، پناهگيرن جي آجياڻي لاءِ مهاجر ڪئمپون کولايون. ڌارين کي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو. سنڌ کي ون يونٽ جو زنجير پهرايو. اسان مٿان ڌارين کي آقا هجڻ جا اجازت ناما ڏياريا. اسان کي غربت، تنگي ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري زندگي گذارڻ تي هيريو.
۽ اڄ...............؟ اسان پنهنجي ئي ديس ۾ پرديسي! پناهگير بنجي ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور، وري به الله جا لک لک شڪر جو سڀئي سنڌي ماڻهو ان منڊڙي سپاهيءَ جيان حڪم جا بندا نه آهن ۽ نه ئي اسان جي اقتدار جي بکين سياستدانن جيان ٿا سوچين. ڪي ته گوليون وسائن ٿا، پنهنجا سِرَ ڪپائن ٿا. بم بارود جا ڌماڪا ڪري دشمن کي هيسائن ٿا. جي ايئن به نه ٿئي ته پوءِ اسان جا سياستدان، اسان جا اقتدار جا صاحب جي ڏسڻ ۾ اچن ته ڏٺي نه کيڪارجو. سنڌ کان پنجاپ ۽ پنجاپ کان سرحد او اصلي ............ مڪي مديني وڃي نڪرن!!
مان کي پنهنجو تجربو آهي، مان پنهنجي اکين ڏٺي ٿو ڳالهه ڪريان. مان کي پنهنجي صاحب نام ڪٺئي سياستدان سان گڏ رهڻ ۽ هڪ مورچي تي لڙڻ جو تجربو آهي. هاڻي ته مان ٽيهه سيپٽمبر تي گوليون وسائي پناهگيرن کي ڀڳڙن جيان ڀُڃي ۽ پندرنهن جولاءِ تي بمن جا زوردار ڌماڪا به ڪري سگهان ٿو. پر اهو زمانو ٻيو هو، اهو منظر ڪو ٻيو هو. اڄ به مانکي ياد آهي. بنگلي جي ڇت تي مورچي ۾ ساهه مُنجهائي ويهڻ ۽ وڙهڻ، صاحب جي رڙ مٿي رڙ پئي پئي، صاحب صفا چريو ٿي پيو هو.
”اڙي نبو............... اڙي قاسو..............“ صاحب چرين جيان اندر بنگلي ۾ ڊوڙون پائڻ لڳو ۽ هيئن ڦاٽي رڙيون ڪرڻ لڳو، ايئن ڄڻ ٻاهر وڏ ڦڙو مينهن وسندو هجي ۽ کيس ڪپڙن خراب ٿيڻ جو اونو هجي. جنهن وقت صاحب جون رڙيون ٿيون، ان وقت مان ٽيم ڏٺو، ٺيڪ يارنهن وڄڻ وارا هئا. اڃا هاڻي هاڻي ته بنگلي جي بَزِ ڪريءَ کان پالهو ٿي اچي ماني اڳيان ڪئي هئم جو مٿان دانهن ٿي. هڪ ڳالهه چوندو هلان، ڪراچي شهر ۾ پٺاڻن ۽ پناهگيرن وچ ۾ ٿيل جهيڙي کان پوءِ بنگلي جي رکوالي ڪندڙ چوڪيدار لالي پٺاڻ سان ان مسئلي تي مڙئي خوب ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ڀيري مذاق ئي مذاق ۾ مان چيو،
”ڊتِ لالا............ پناهگيرن سان ته پُڄو، اسان سنڌي ماڻهن لاءِ سو تيسمار خان، ڪي عجب خان ته ڪي مدد خان............. ريل گاڏيءَ ۾ پوري سيٽ هڪ لالو پٺاڻ ولاريون ڊگهو ڦڙهو لڳو پيو هوندو، غريب سنڌي بيٺي، بيٺي سُڪي پوندو پر مجال آ جو پٺاڻ اک پٽي، ڄڻ ته ريل لالي جي بابهنس جي هجي............ ڪِين جهڙي ڳالهه تان ٽيڪسيءَ مان ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏيندو. رهو به اسان جي ملڪ ۾ ۽ اُرهه زورايون به اسان سان.“
”ملڪ پاڪستان هي“ پٺاڻ نسوار چپٽو وات ۾ هڻندي چيو، ”تون جو ملڪ ڪيا هي، توهان خوس هو، توهان جي به خبر پوندو، توانِ کي به نه ڇدندو، توانِ کي به مزا ديندو.“
مان اڃا به وڌيڪ کيس پسرائيندس،
”اسان ته سنڌي، مهاجر ڀائي ڀائي، توهان تِيسري قوم ڪهان سي آئي؟ ڀڄو ڪوئيٽا، ڀڄو پشاور، ڀڄو افغانستان. نسوار ٿُڪي ٿُڪي اسان جي سونهن ڀري ڪراچي ئي خراب ڪري ڇڏي اَٿَوَ.“
پٺاڻ چوڪيدار چِڙي ۽ اسان کي لڳي رونشو پر الله منهنجي جي قدرت! ڀيسان پٺاڻ جي وات مان به ڪو وهڻو وهي ويو ٻئين نه ته ٽئين سال بس دير ئي ڪانه ٿي، نانگ ويو نڪري ليڪي پئي مارَ! پٺاڻ ڇُٽا، اوجهو وڙهيا ويٺا ٿئي سنڌي ماڻهن سان، پٺاڻ جو ٻُڌو سو نسوار چپٽو وات ۾ هڻي بگليون هڻندو ٿڙا ماڇا ڪندو آيو.
”ديو، ديو.............. لالا ديو خبر، هانِي دٿا، هاني ڪهان هي آپ ڪا ڀائي صاحب؟............. اري اسان ٿا جانون ان ڪو، يي بهت حرامي هين“
”ڀيڻها گڏهه جا ڦر ڪار زبانو ته نه آهين“ مان کيس تڙي ڏيندي چيو، ”بيههُ ته کُڙي ته ڏنڀيانءِ“ منهنجو ايترو چوڻ ۽ لالي ڏنو کُڙيءَ تي زور پوءِ ته پشتو ۾ گڙو گڙو ڪندو، خوشيءَ مان جهومندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو، ڏاڍيان سُر ۾ آلاپيندو ويو،
”سنڌي، مهاجر ڀائي ڀائي، سنڌي مهاجر................“
سائين ڪار زبانو يا اڇ زبانو پر جهيڙو ته ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هاڻي ان جهيڙي کي ڪير ٿي ٽاري سگهيو؟ پٺاڻ پنجابي ته پاڻ ڇيڻو ڀور ڪرڻ لڳا ته جيئن سندن سِرَ جي بلا ٽري سنڌي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوي. ايئن ئي اڄ حيدرآباد، سڀاڻي ڪراچي، وري نواب شاهه، وري سکر، وري لاڙڪاڻو، ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جلي، ٻري وئي. سوين هزارين بي گناهه سنڌي ماڻهو ڪُسي ويا. ڪيترائي گهر برباد، جهُڳا جهڻ ٿي ويا. خاندانن جا خاندان، پاڙن جا پاڙا اُگهجي ويا. ڪراچي حيدرآباد مان ته سنڌي ماڻهن جي صفا تڏا ويڙهه ٿي وئي. ٻيو ته ٺهيو خود سرڪاري اسيمبلي ميمبر ۽ وزير سڳورا به جان بچائڻ ۾ آزرتا. ڪيترن جي بنگلن تي فائرنگ جا واقعا ٿي گذّريا. اسان جي ويجهو ئي ٻن ٽن سنڌي وڏيرن، سياستدانن جا بنگلا ٻُهاري دينا داستي مال ميڙي ويا، پر ڪو داد فرياد ئي ڪونه! اهڙيون وارڌاتون ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون روز پيون اخبارن ۾ پڙهجن. ڪيترائي اهڙا وار ڪانڊاريندڙ واقعا ته منهنجين هنن گنهگار اکين آڏو به ٿي گذريا. منهنجي هڪ ڳوٺ ڀائيءَ جا ٻار پناهگيرن جي گهيري ۾ اچي ويا. هو مان وٽ لنگهي آيو ان اميد تي ته صاحب کان مدد وٺجي پر صاحب کان مدد ملڻ جهڙو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ. مان کيس ساڻ ڪري هڪ سنڌي مئجسٽريٽ ڏانهن ويس، جيڪو بنگلي تي ايندڙ ويندڙ هو. مئجسٽريٽ سان ملياسين، کيس مدد لاءِ چيوسين پر ويچارو مُنهن مٿو پِٽڻ لڳو،
”ادا اسان بيوس آهيون، خبر ئي نه ٿي پوي ته حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي آهي يا ملٽريءَ جي“ ۽ پوءِ فون کڻي ڊائل گهمائڻ لڳو، جنهن کان پوءِ چيائين،
”اوهين وڃو، مان فون ڪيو آ، وقفي دوران حد جي فوجي ميجر وٽ پهچي وڃو، هو اوهان جو بندوبست ڪري ڏيندو.“
پوءِ اسان هڪ ڊاٽسن ڪئي، پڪ هئي ته ڪرفيو کنئي کان پوءِ پناهگير لوٽ مار مچائيندا ان ڪري ڏاڍي تڪڙ کان ڪم وٺڻو هو. وقفو به ٿيو ته اسان به وڃي ميجر وٽ سلاماليڪي ڪئي، کيس سنڌي مئجسٽريٽ جو حوالو ڏنوسين، پنهنجي رهڻ وارو علائقو ٻڌايوسين، هو اسان جي ڳالهه سمجهي ئي نه تڏهن هڪ ٻئي فوجيءَ نقشو ڪڍي کيس مڪمل صورتحال سمجهائي. هن پوءِ چيو،
”اوهان ڪنهن طرح سرزمين تي پهچي وڃو، ٿوري دير ۾ اوهان جي مدد ۾ ٻه ملٽري گاڏيون پهچي وينديون.“
هو ڏسي مان ڏي ۽ مان ڏسان هن ڏي، ڏاڍو مُنجهي پياسين ڇو ته باهه جو درياءُ پار ڪرڻو هو، ڪا چرچي جي ڳالهه ته ڪانه هئي. مان چيو،
”ادا مُڙسي درڪار آ، پنهنجي مُڙسي ڪجي باقي جي ٻين جي آسري تي رهياسين ته ڀينگ ٿي ويندي.“
۽ پوءِ گاڏيءَ کي پٽيوسين، گهر پهتاسين، گهر ڀاتين ڏانهن خير هو، هاڻي ملٽريءَ جي گاڏين جو انتظار هو. اسان کان ڪجهه چُڪَ به ٿي وئي جي ٿڏي تي جيئن پهتاسين ايئن ئي پار ڪري اچون پر اسان وري ٻي لالچ به رکي، اُها اِها ته گهر جو قيمتي سامان به کڻجي، اسان اڃا انهن سوچن ۾ ئي هجون جو ٻاهر ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. پناهگير دهشتگرد هوا ۾ فائر ڪندا سنڌي ماڻهن جي ملڪيتن تي حملا ڪرڻ لڳا. اسان کان ٻيو ڪجهه نه ٿيو، ڊُڪي وڃي مان ته ڇُري کنئي، گهر مالڪ وري لوهي سِيخ کڻي بيٺو. پٺاڻ ڊرائيور ڏاڍي مُڙسي ڏيکاري، هو ور ۾ ڇُپيل ريوالور ڪڍي بيهي رهيو. الله کڻي خير ڪيو، هو اسان تائين نه پهتا پر اسان واري ئي بلاڪ ۾ هڪ ٻه گهر تباهه ڪيائون. وري سَڻائي به ٿيڻي هئي ڇو ته هنگامن ٿيڻ تي وقفي ۾ ڪجهه منٽن جي ڪمي ڪئي وئي. ڪرفيوءَ دوران دل ٻڌي نڪري پياسين ٻار گاڏيءَ ۾ هڻي. ملٽريءَ وارن پهريان ته ڏاڍيون تاديون ڪيون پر پوءِ ننڍڙا ننڍڙا ٻار ۽ عورتون ڏسي مڙئي قياس اچي وين. پوءِ به آفيسر جي انتظار ۾ ڪي ڪلاڪ ويهاري ڇڏيائون. آفيسر آيو، کيس اسان جي حال کان واقف ڪيائون، جنهن فوجي گاڏي ساڻ ڏئي ٻاهر معمار ڪامپليڪس تائين پهچايو.
اچو ته پناهگير دهشتگردن جي بربريت جو هڪ ٻيو نمونو اوهان کي ڏيکاريان. اسان جنهن جي مينهِن جي واڙي تان کير وٺندا هئاسين، سو ماڻهو ڏاڍو ڀلو هو. سچو، سٺو کير، جهڙو ملائي. سندس اهڙن عمدن گڻن سبب اسان ٻئي يار ٿي وياسين. هڪ ڏينهن شام جو پنجين وڳي کان جهٽ کن پوءِ مٿس اوچتو هڪ زبردست خوني حملو ٿي پيو، جنهن حملي ۾ سندس مينهن ڏوهو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ پاڻ زخمي هجڻ جي حالت ۾ اسپتال پهتو. هن کي ٻانهن ۾ گولي لڳي هئي. هن کي خوف هو ته رات جو اسپتال ۾ نه ماري وڃن، وري واپس واڙي تي به نه پئي ويو ڇو ته اتان جون به حالتون اڃا واضح نه هيون. هن مان ڏانهن بنگلي تي فون ڪيو. پنهنجي ڌڪي ٿيڻ جو سڀ سمورو احوال ڏنو. وڌيڪ اهو به چيائين ته، ”اِيڌي ايمبولينس ۾ ايڏانهن اچي رهيو آهيان.“ خبر ته هئي سندس اچڻ تي صاحب ناراض ٿيندو. ڇو ته اسان واري صاحب جي ماڻهن سان پوندي ئي ڪانه هئي. بهرحال سندس اچڻ ۽ کيس پناهه ڏيڻ واري جذبي مانکي ڏاڍي خوشي ٿي پهچائي. مان سندس انتظار ۾ ئي هجان جو ايڌي ايمبولينس خطري جا آواز ڏيندي اچي بنگلي جي مين گيٽ تي بيٺي. مان ۽ منهنجا همراز نوڪر ڊُڪي گيٽ تي آياسين، بيٺل گاڏيءَ ۾ چِتايوسين، مان کان رڙ نڪري وئي،
”لاش................!!“
پناهگير ڊرائيور پاسيرو خاموش بيٺو رهيو. مان حيران، هن ته هاڻي هاڻي فون تي ڳالهايو هو، مان بلڪل سندس آواز چِٽو سڃاتو پر هي.............!؟ مان ڏٺو سندس ساڄي ٻانهن تي برابر پٽي ٻڌل هئي پر سيني ۾ گولين جا گهرا گهرا گهاءَ، جن مان تازو ۽ ڪوسو رت ٽمي رهيو هو!!
مان ڄاڻان ٿو ته اوهان کي ڇا ٻڌائڻو آهي پر............. خير انهيءَ کي ڇڏيو، جيڪو ڪجهه ٻن ڦريل سنڌي ماڻهن سان ٿيو، اسان وٺون ان کي. ٻه سنڌي زيتون جي ميوي جا واپاري سٽي اسٽيشن تي چرين جيان منهن مٿو پٽي رڙيون ڪري رهيا هئا. ڏاڍا ماڻهو اچي مڙيا، مان به قسمت سانگي ڳوٺ پئي آيس، ماڻهن جو گوڙ ڏسي رهي نه سگهيس، وڌي وٽن آيس. ٻنهي ماڻهن جي ڏاڍي حالت خراب هئي. خبر پئي ته زيتونن جا واپاري آهن. سبزي منڊيءَ ۾ دلالن سان حساب ڪتاب ڪري، پئسا ڏوڪڙ ساڻ کنيون ڳوٺ اچڻ لاءِ اسٽيشن پئي آيا، جڏهن ٽيڪسي ڇڏيائون ته اوڏي مهل ڪي ٻه پناهگير شودا کين وري آيا،
”هلو صاحب ٿو سڏي“
صاحب وري ڏاڍو سوٽيل، بوٽيل، ٽپِ ٽاپ پريان پاسيرو ڪار جهليون بيٺو هو. ڪار واري پنهنجو پاڻ کي ڪسٽم آفيسر ظاهر ڪندي ڏاڍو رعب جهاڙايو،
”خبر پئي آهي توهان وٽ هيروئن آهي، اوهان هيروئن جو ڪاروبار ڪندڙ آهيو“
هو غريب وائڙا ٿي ويا، قسم قرآن ڪيترائي کنيائون پر معاملو وڃي تلاشيءَ تي پهتو. هو به پنهنجي سادائپ جو ثبوت ڏيندي تلاشي ڏيڻ تي راضي ٿي ويا. تلاشيءَ دوران هنن وٽان هيروئن ته نه البته پئسا ڏوڪڙ سو جام نڪتا، جيڪي نقلي ڪسٽم آفيسر جي جڏهن هٿ تي آيا ته هن اهڙي ته ڦڙتيءَ سان ڳڻڻ شروع ڪيا جو پنجين سنئين ۽ هزار جا وڏا وڏا نوٽ ترڪائيندو ڪار ۾ اڇلائيندو ويو، باقي پئسا ٻيڻائي سيڻائي واپارين جي هٿن ۾ پڪڙائي، ڪار ڊوڙائي اهو جو ويندا رهيا.
”وه آپ نهين هين، جن ڪي همين تلاش هي“
همراهه پهريان ته خوش ٿيا،
”ٺهيو جان ڇُٽي“
پر پوءِ جو پئسا ڳڻن ته ڪاريءَ وارا ڪک!! سڄا سارا ويهه ويهه ٽيهه، ٽيهه هزار گم!!
اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو به ٻڌائيندو هلان. موسيٰ ڪالونيءَ مان پئي وياسين، مان واري صاحب ڊرائيونگ پئي ڪئي ۽ ٻيو ويٺو هئس، مان پٺيئن سيٽ تي، مان ڏٺو هلندڙ بس بغير اسٽاپ جي اوچتو بيهجي وئي، بس جي بيهڻ سان ٻه ڄڻا هڪ سنڌي نوجوان کي ڄنڊن کان جهلي بس مان گهلي آيا. اهو ڏسي مان کان رڙ نڪري وئي،
”صاحب............!!“
نه رڳو ايترو پر الائي ڪهڙي جذبي وچان صاحب جي ڪلهي تي هٿ رکي گاڏي روڪڻ لاءِ چيم،
”هو ڏسو، هو ڏسو، سنڌي ماڻهوءَ کي پيا مارن، سنڌي ماڻهوءَ کي................“
تيز گاڏي اوچتو بريڪ لڳڻ سبب ذري گهٽ ڪلٽي کائي وڃي ڪري هئي. منهنجي دانهن يا مرندڙ سنڌي جوان جي دانهن، رڙين تي ڪو توجهه نه ڏيندي مان ڏانهن خار مان ڏسي چپ ڀڪوڙي، تارا ڦوٽاري وٺي ايڪسيليٽر تي زور ڏنائين. پر مان کي ياد آهي اڄ به، چٽيءَ طرح ياد آهي ان گاڏيءَ جي تيز زرڙاٽن ۾ به مان ان مظلوم انسان جا ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندڙ آواز ٻڌا هئا. مٿس ٿيل پهرين فائر جو پڙاڏو اڄ به منهنجي وجود ۾ گونجي رهيو آهي. هو جنهن بي وسيءَ ۽ مظلوميت سان ڏسي رهيو هو، ان کي اڄ به مان محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪو ڏک مان کي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ڦٿڪائيندو رهندو!!
ڏک ڏاڍو رهجي وڃي ها، جيڪڏهن مدد لاءِ سڏيندڙ ٻن سنڌي نوجوانن کي نه بچائجي ها. اهو واقعو ڊائو ڪاليج جو آهي. ڏينهن جا تقريبن ٻارنهن وڳا هئا جو اسان جو گذر ڊائو ڪاليج کان ٿيو. بيگم صاحبه گاڏي هلائي رهي هئي. سندس ڀرسان فرنٽ سيٽ تي بيبيءَ کي جهليون مان ويٺو هئس. مان ڏٺو ڪاليج جو احاطو ٽپي هڪ نوجوان رڙيون ڪندو روڊ طرف ڊڪڻ لڳو. هن جي حالت ڏاڍي خراب هئي، سڄو رتو راءِ ٿيل هو. هو سِرُ بچائڻ لاءِ اسان جي گاڏيءَ ۾ اچي پيو. بيگم صاحبه فورن گاڏي روڪي، ايتري ۾ پٺيان سندس ٻيو به سنگتي ڪاليج جو احاطو ٽپي زيلان ڪندو اسان طرف ڀڄڻ لڳو، سندس پٺيان پناهگير دهشتگرد سڌا فائر ڪندا، ڪتن جيان ڊوڙڻ لڳا. اسان ٻئي جوان کي به گاڏيءَ ۾ هنيوسين. ايئن ٻنهي ڄڻن کي موت جي منهن مان ڪڍي وياسين پر پٺيان فائر لڳڻ سبب گاڏيءَ کي هڪ ٻن جاين تان سٺا ڊينٽ پئجي ويا. منجهايو ٻيءَ ڳالهه به بيبي جا منهنجي هنج ۾ هئي، تنهن پڻ هي لقاءُ ڏسي هينئين ڦاڙ دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. جيتوڻيڪ بيگم صاحبه گود ۾ ورتس پر پوءِ به ڊپ هن جو نه لٿو. پوءِ جيئن تيئن ڪري بنگلي تي پهتاسين. هنن ٻڌايو،
”روزگار سانگي ڪنهن وزير جي ڏٽن تي لڳي ڪراچيءَ آيا هئاسين، هڪ دوست جي ڳولا ۾ ڪاليج آياسين، اسان کي خبر ئي ڪانه ته ڪو ڪاليج ۾ وڳوڙ ٿيا آهن ۽ شاگرد موڪلن تي آهن. هڪ شاگرد مليو پڇا ڪئي سين، هن چيو،
”ترسو جاچ لهي ٿو ڏيان“
پر جڏهن واپس آيو، تڏهن ساڻس گڏ هٿيارن سان ليس اهي ٻه ڄڻا به هئا، جيڪي پوءِ پٺيان فائر ڪندا اوهان کي نظر آيا. هنن پهريان اسان جي تلاشي ورتي، پئسا ڏوڪڙ ۽ واچون ڦريون، شناختي ڪارڊ ڦاڙيا، اسان کي مائوزر جا ڳن مٿي ۾ ٺوڪيا، لتون، مڪون ۽ ڏاڍا ٺونشا هنيا، اسان کي ماري ماري بي حال ڪري ڇڏيائون،
”ڀڄو يڪدم، نڪري وڃو“
اسان احاطو ٽپي جيئن ئي ڀڄڻ جي ڪئي ته پٺيان ٻيهر گوليون وسائڻ لڳا.“
بيگم صاحبه فورن ڊاڪٽر کي گهرائي ورتو. کين ابتدائي طبي امداد پهچائي وئي. ملم پٽي ڪري وهندڙ رت بند ڪيو ويو. ويچارن وٽ ڪجهه رهيو ئي ڪونه هو، ڪرائي جا پئسا به بيگم صاحبه ڏنا پوءِ مانکي چيائين،
”هنن کي اسٽيشن پهچائي، اصلي ريل ۾ ويهاري اچو“
اها به شابس آهي بيگم صاحبه کي، جنهن عورت هوندي جوانمرديءَ وارو ڪم ڏيکاريو. باقي صاحب.............؟ توبهه، زاري ڪري ڀڄي وڃي، پوءِ جيڪا هن تعدي ڪئي، تنهن کان ته بهتر هو پناهگير دهشتگردن هٿان ماريو وڃا ها، ايڏي اذيت ته نه ڀوڳيان ها.
”گڏهه جا پٽ، اسان جي سِرَ ڪڍ ڇو پيو آهين؟ اٿئي ڇا ڪو بابن، ڏاڏن جو پلئه رهيل، نه بيگم هن کي صفا ساڻ نه کڻندا ڪيو، هي اسان جو سڄڻ نه آهي، هن کي نوڪريءَ کان ئي جواب ٿا ڏيون.“
۽ بيگم صاحبه...........؟ سندس جهڙو وري پاڻ وارو صاحب ڪٿي، هڪ ڏينهن ٻڌم، بيگم صاحبه ڪنهن رئيسياڻيءَ سان ٽيليفون تي ڳالهائي رهي هئي،
”دشمن وٺن اسان جي مارڻ جا اوزار ۽ اسان وري پاڻ ئي پنهنجي پئسن سان پاڻ لاءِ ڳنهون بيماريءَ جا سامان، سٺا اوچا کاڌا کائي جسم تي چرٻِي، ٿولهه، جسم ٿلهو سٻر، ڇڇرو، بي ڊولو ۽ پوءِ ڪي هائپر ٽينشن ته ڪي وري دائمي شگر جا مريض.............“
صاحب نوڪريءَ مان ڪڍي ئي ڪڍي تنهن کان اڳ مان پاڻ ئي نوڪري ڇڏڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي ۽ هن جنجل مان جان ڇڏائڻ ۾ منهنجي مدد هڪ ٻئي واقعي به ڪئي.
ٿيو ڇا، جو اسان کان ڪجهه پنڌ تي هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهري مٿس ڇتي فائرنگ ڪري، کيس رسن سان ٻڌي پناهگير دهشتگرد ٻاهر رستي تي گهلي آيا، شاهي رستي تي، سوين ماڻهن آڏو کيس مار موچڙو ڪري، تنهن بعد مٿس پئٽرول ڇڻڪائي کڻي تيلي ڏنائون. هن مظلوم گهڻيون ئي آزيون نيزاريون ڪيون پر ڪنهن کي به ڪو قياس نه آيو. نيٺ نچي ٽپي هن پنهنجا پساهه پورا ڪيا. اها خبر اسان کي ڀر واري بنگلي جي هڪ پٺاڻ نوڪر ڪئي. مان جوش جذبي وچان صاحب ڏانهن ڀڳس،
”صاحب هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي جان خطري ۾ آهي، پوليس ڏانهن ٽيليفون ڪيو.“
صاحب ان وقت ڪجهه لکي رهيو هو. لکڻ بند ڪندي مان کي مارڻي مينهن جيان ڏسندي نفرت وچان چيائين،
”اکيون ڪونه اٿئي...........؟ ڪونه پيو ڏسين ته مان ڇا پيو ڪريان........؟........ ڪيتريون فونيون ڪبيون، ڪنهن ڪنهن کي بچائبو.............؟ هي ڏسين نه ٿو سنڌي ماڻهن جي قتل عام تي پريس بيان پيو ڪڍان، وڃ........... ٿوري دير ۾ اخباري آفيس ۾ پهچائي اچجانءِ“
صاحب ته برابر لکندو رهيو پر منهنجو روح لڇندو، ڦٿڪندو رهيو، آرام ڪٿي اچي، تڏهن بورچي ساڻ ڪري جاءِ وارڌات تي پهچي ويس. مان ڏٺو برابر باغيچي ڀرسان هڪ باهه ۾ سڙيل ماڻهو پيو هو. مٿي کان اُرهه تائين باهه کيس ساڙي ڇڏيو هو. ماڻهو لنگهيا پئي ويا يا گهمي ڦري رهيا هئا پر ڪنهن جو اوڏانهن ڪو توجهه ڪونه، ايئن ڄڻ ڍونڍ هجي! مان ڏٺو، هئو ٻيلي اڃا ساهه اٿس، پوءِ ٽيڪسي ڪرائي کيس شهيد عباسي اسپتال پهچايوسين. اسان پت پنهنجي پاڙي پر هو مسڪين بچي ڪونه سگهيو. ظاهر آهي ان سڄي عمل ۾ وقت لڳو هوندو ۽ پوءِ جو واپس بنگلي تي آياسين ته صاحب صفا زيل ٿي ويو، اهڙي ڪيائين، اهڙي ڪيائين جو ڇا ٻڌايان، اصلي ڪتن سان گڏ کارايائين.
اچيوَ ٿو ڪو جهُٻو، اٿوَ ڪا سنڌيت واري رڳ؟ يا اوهين به صاحب جا طرفدار، نه مان غلط هجان ته ٻڌايو............ ڇو اوهين به ڀائر آهيو، اوهين به پنهنجا آهيو، سچ چئي سگهو ٿا. سچ چوڻ به گهرجي، پنهنجا ئي ته آهيون، ڪهڙا پراوا آهيون، پنهنجو ئي ته سمجهي سُور سليان ٿو.
ڏسو ٿا مئو سپاهي اڃا سونڊ پائي پيو ڏسي، ڄڻ ته پڻهس جي پئي سڙي وڃي. حيرت آهي صاحب، يا قومي جذبي کان عاري هي سپاهي ڇو ڪونه ٿا سمجهن، سندن پناهگيرن سان پهرين جهڙي دوستي برقرار رهندي پئي اچي، گهر ۾ دعوتون، سوکڙين پاکڙين جي مٽا سٽا، سڀ سلسلا ساڳيا ئي رهيا!!
ٻئي پاسي سياسي هيرا ڦيريون به جاري رهيون، هر روز نوان بيان، عجيب ۽ کيرا ڪندڙ بيان.
*سنڌ جي مسئلي جو حل اسان وٽ آهي: هڪ خبر
*اسان سنڌي ماڻهن جو رت وهڻ نه ڏينداسين، ان مان سچو نِير ٺاهينداسين.
*سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قومپرست ڌرين پاران امن ريليون.
*سنڌ ۾ مهاجر، انصار جي رشتي جي نئين سر وضاحت ڪرڻ لاءِ مذاڪرا ۽ محفلون.
*حيدرآباد جي حفاظت لاءِ پنج هزار هٿياربند مهيا ڪري سگهون ٿا: هڪ خبر.
*اسان پارٽي آفيس تي ٿيل حملي ۽ هڪ ڪارڪن جي کيسي ڦاڙڻ واري حرڪت جي پُر زور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
*سنڌ سرڪار جي سڏ تي امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌي سياستدانن سٺا اوچا کاڌا کائڻ کان پوءِ هاضمي خاطر ڪجهه ڀوڳ چرچا به ڪيا.
*مهاجر اسان جا ڀائر آهن، سنڌي ماڻهن کي 1947ع جيان اسلامي ڀائپيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪرڻ گهرجي.
*مهاجرن ۽ سنڌي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ سنڌي مهاجر اديب دانشورن جون امن ڪاميٽيون جڙي ويون.
*سنڌي ماڻهن جي امداد لاءِ قائم ڪيل ڪئپمن ۾ جمع ڪيل چندو ڪارڪن کائي ويا ۽ رت جون بوتلون ليبارٽرين ۾ پيون وڪامجن: هڪ خبر
اهڙي ئي سنڌي ماڻهن جي امداد لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ جو افتتاح اسان جي صاحب سڳوري کان به ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن تي اخبارن ۾ وڏين سرخين سان صاحب پاران خبر ڇپي،
”اسان سنڌي ماڻهن کي سندن گهر خالي ڪرڻ نه ڏينداسين.“
اهڙا لقاءَ ۽ پناهگيرن جون تعديون ڏسي رات ڏينهن اها سوچ ته ڇا ڪجي!؟ هتان ڳوٺ سوين ميل پري، ويجهي آهي ته ٽيليفون ۽ سو به صاحب جي اختيار ۾. صاحب وري چوي ته،
”ماڻهو ڇو گهرايان؟ ماڻهو گهرائڻ مان فائدو؟ هي بنگلو ٻڪرن جي واڙ ٿورئي آهي............ پر ڪهڙو ڊپ! اسان کي ڪهڙو ڊپ. اسان ڏانهن ميري اک ڪري ڪو ڏسي ته تارا ٽڙڪائي رکانس............“
صاحب نه ته عقل جي ڳالهه پيو سمجهي ۽ نه ئي ڪنهن جون التجائون، بس هن جي آڏو گونگو ٿيڻ ضروري هو. سندس وات مان اکر نڪتو ناهي ۽ ان جي تعميل ٿي ناهي.
هاڻي مان اوهان جي حڪم جي تعميل ڪيان، ذڪر ان ڳالهه جو، جنهن جو اوهان کي اوسيئڙو آهي. ڳالهه نڪتي هئي صاحب جي رڙين جي، پهريان ان ڳالهه کي پورو ڪيون.
ها، ته مان پئي چيو صاحب جي رڙ پئي پئي مان ماني ڇڏي ڍڪي ٻاهر ڀڳس، ٻاهر زبردست فائرنگ جا آواز هئا، جيڪي آواز مان اندر بند ڪمري ۾ به پئي ٻُڌا پر ڪَن ڪين ٿي ڏنم، ڇو ته هاڻي اهي آواز روز جو معمول بڻجي چڪا هئا. سج لٿي کان پوءِ منٽ، منٽ، ڪلاڪ، ڪلاڪ، اڌ، اڌ ڪلاڪ ۾ ڪٿان خيري يا نا خيري مڙئي ڪلاشنڪوف هلڻ جا آواز ايندا هئا، جيڪي آواز هاڻي ڊپ کان وڌيڪ ميوزڪ جو تاثر ڏيندا هئا. ڪهڙي خبر مانکي ته ڪاري ڏاند جا مالڪ اچي ويا.
مان وٽ پاسا وٺندو سرونٽ ڪواٽرن کان ٿيندو، بنگلي منجهه داخل ٿيس، کن پل ۾ ان ڪمري ۾ پهچي ويس جتي صاحب ۽ ٻيا نوڪر واڙيا ويٺا هئا. مان ڏٺو صاحب ڏاڍو ڊنل هو. هن غصي وچان وڦلندي چيو،
”لک لعنت “ گولين جو ٿو مينهن وسي ۽ تون وري ڪوئي جيان لِڪو ويٺو آهين“
ان وچ ۾ شايد آخري اوزار به بيگم صاحبه کڻي آئي، جنهن جي سيني سان ننڍڙي بيبي چنبڙيل هئي. بيگم صاحبه ڪجهه چوڻ چاهيو پر ان کي ڌڪو ڏيندي پري ڪري ڇڏيائين. مان کي پراڻي زماني جي هڪ رائيفل چنبڙايائين، بورچيءَ کي دونالي بندوق ۽ پورو دٻو ايس جي ڪارتوسن جو، آندل پسٽل ڊرائيور کي ڏئي پاڻ مائوزر جهليائين، ان بعد مها شڪاريءَ جيان مالڪاڻي انداز ۾ حڪم ۽ هشيون ڏيڻ لڳو،
”شابي شابي، شاباس منهنجي جانبازن کي، ڀڄو، ڀڄو ۽ ڦٽا ڦٽ ڀڄو، ڏيکاريو مڙسي، ڏيکاريو جوهر، ملهايو نيمڪ“
دل ۾ آيو، ٿي ته مامي ڀاڻيجي واري ڪارِ،
”گاهه منهجن کي وجهجانءِ، ڍُڪاءِ ڍڳا پنهنجا“
پر منهن ته ڏيڻو هو، صاحب جو حڪم ته نيٺ مڃڻو هو. ڏاڪڻ تان ٽپ ٽپ ڪندا مٿي ڇت تي ته پهتاسين پر اڳتي ڪير منهن ڏي! کن پل لاءِ مُنجهي بيهي رهياسين پر پوءِ اڳتي قدم وڌائيندي چيم،
”هل ڙي نبي بخش، ڪهڙي خبر............! اڄ تنهنجا ڏينهن پُڄي آيا هجن!!“
بيشڪ هٿيار ته اسان وٽ هئا پر اسان پاران هلائي ڪير!؟ بس صفائيءَ جي حد تائين ته هٿيارن سان پنهنجي واقفيت هئي پر اڳتي............ خير، ڊڪي وڃي پلويڙي جو پاسو ورتوسين. ڳلکڙين مان جان جو جهاتي پايون مار............. نور ۽ نانگ واري ويڙهه. هڪ پاسي گيٽ ٻاهران کاهيءَ ۾ ليٽيل پٺاڻ چوڪيدار ٻئي پاسي چار پناهگير دهشتگرد. تقريبن ڏهه، پندرنهن منٽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نانگ نه پر نور يعني پٺاڻ چوڪيدار مارجي پيو، گولي سندس کوپڙي اُڏائي وئي. پٺاڻ جي موت کان پوءِ اسان مڙني جا ڇيهه ڇڄي پيا، ان کان پوءِ به ڪي پنج، ڏهه منٽ هو مسلسل فائرنگ ڪندا، اسان کي هيسائيندا گيٽ طرف وڌڻ لڳا. اڪا دڪا صاحب جي مائوزر جا مئل آواز ته اچن پيا پر سي به ڪمرن اندر، جنهن کي ته هو ليکي ۾ ئي نه پيا آڻن ۽ اسان جا هٿيار وري اسان جي اختيار ۾ ئي ڪونه. ڊرائيور ڪجهه کِٽ کٽ ڪئي پر سو به هٿيار نه هلائي سگهيو. رائيفل مان کان به ڪانه پئي هلي. بورچي ويچاري جو ته اصلي دم پئي نڪتو، هڪ بورچي ڇا؟ بلڪه اسان سڀني جو مُٺ ۾ ساهه هو. هاڻي هو آجا ٿيا گيٽ ويجهو اچڻ لڳا، پاڻ مان هڪ پناهگير دهشتگرد کي هيٺان ٽيڪ ڏئي ديوار تي چاڙهيائون، جيڪو ٽپ ڏئي اندر ٽپي آيو، هن گيٽ جو تالو ڀڃڻ جي ڪئي، ٻيو سندس ساٿي ديوار تي چڙهي ڪمانڊو جيان ڪلاشنڪوف تاڻي بيٺو ۽ باقي ٻه ڄڻا ٻاهر مورچا سنڀالي بيٺا رهيا. هنن جي ههڙي شهزوري ڏسي اسان جون خوشيون توڙي غم سڀ چڪيءَ ۾ پيل ان داڻن جيان پيسندا رهيا. ٻوڏ جي مئل ڪوئن جيان ڪن ڪڍيون ويٺا رهياسين. اسان کي هر وقت اهو احساس ستائي رهيو هو، ڪٿي پناهگير دهشتگردن جي ابليسي اک ڏسي ته نه رهي آهي!؟............. مان ٻيهر کٽارو رائيفل جو جائزو ورتو، لڳم ته هٿ ۾ جهليل ڪنهن هيروئنيءَ جي عضوي جيان لڏي رهي آهي. چيم،
”يا رب، انهن مروانن تي ڪا بجلي ڪڙڪاءِ، نه ته الائي ڪهڙو حشر ٿيندو. ايتري ۾ ديوار تي بيٺل دهشتگرد ڪلاشنڪوف جو هڪ يڪو رائونڊ هلائي ڇڏيو. مان ڏٺو سڀ نوڪر مون ڏانهن تڪي رهيا هئا، ايئن ڄڻ مان ڪو گوليون ڳهندڙ جادوگر هجان!!
نيٺ عقل آيو، رائيفل ڦٽو ڪري بورچيءَ کان بندوق ڦري ورتم، هڪ خيال آيو، دٻايان..........؟ پر مان بندوق هلائي ئي ڪانه هئي. چِست ملائڻ ته پري پر اڄ ته منهنجي لاءِ بندوق هلائڻ به مسئلو بڻجي ويو هو. بس مري وياسين، اُڦٽ مري وياسين، هن پاسي بجليءَ جي تيز روشنيءَ ۾ تالو ڀڃڻ وارو دهشتگرد پنهنجي ڪار کي لڳل ۽ ديوار تي بيٺل دهشتگرد جا ڦاڙهي جيان ڪن پئي هليا، هو ڏاڍو چست ۽ ڦڙتيلو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن رکي رکي پوليس جيان وارننگ جي انداز ۾ ٿي آواز ڏنا،
”هٿيار ڦينڪ دو، هٿيار............ جو ڪوئي هي باهر آجائي“
ٻاهر خاموشي ڏسي اندران به آواز اچڻ بند ٿيڻ لڳا. پنهنجن همراهن ڏانهن چتايم ته اهي به دلگير لڳا، مان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽنگڙي کان پريان ڏٺو. مان کي نه رڳو تالي ٽوڙڻ وارو، ديوار تي پهرو ڏيڻ وارو پر ٻاهريان ٻه به چٽا نظر آيا. بس هاڻي فيصلو ڪرڻو هو. اجهو دروازو به کلڻ وارو هو. مانکي تالي ڀڃڻ واري کان به ديوار تي اڀو بيٺل دهشتگرد ڏاڍو سڻائو ٿو لڳي. ايترو ته اڄ به ياد آهي پر پوءِ ڪيئن گهوڙو چاڙهيم، ڪيئن لبلبو دٻايم، ڪيئن چست ملايم ۽ فائر ڪيم، اهو سڀ ڪجهه بلڪل ياد ڪونهي، خبر تڏهن پئي جو فائر ٿيڻ کان پوءِ پٺيان وڃي ڪياڙي لڳي، ايئن ڄڻ مان تي فائر ٿيو هجي. جي ٿڏي تي ٻيا همراهه نه هجن ۽ سُس پُس نه ڪن ته مان جيڪر پنهنجي خوف ۾ پيو ئي رهان. منهنجي پاڻ سنڀالڻ کان اڳ ئي ڊرائيور ۽ بورچي سُس پُس کي لڳي ويا،
”مري ويو........... ڀت تان هيٺ ڪري پيو............ رڙيون ٿو ڪري پيو“
مان هاڻي ڏڪي ڏڪي مس اٿيس، رڙيون ته ٻڌڻ ۾ اچن پيون پر ديوار تي بيٺل دهشتگرد ڏسڻ ۾ ڪين ٿي آيو. مان چست به ان سان ئي ملائي هئي، هيٺ ڏٺم، دروازو کولڻ وارو دهشتگرد دروازي تي چڙهيل بگن بيل جي جهڳٽن مان گدڙ جيان وائڙو ٿيو فائر ٿيڻ واري پاسي پيو ڏسي. ٻاهر بيٺل ٻه ڄڻا به نظر نه آيا، جيڪي ديوار جي اوٽ هيٺ ڪريل همراهه کي وڃي چنبڙيا هئا. ايتري ۾ اندران توڙي ٻاهران ڪلاشنڪوف جا ڪيترائي رائونڊ هلي ويا. اڳ جيڪي آواز موسيقيءَ وارو مزو ڏيندا هئا، سي اڄ دل کي دهلائي رهيا هئا. گوليون ٻرنديون ٽانڊاڻن جيان ٽمڪا ڏينديون اڏامنديون رهيون. اسان هيٺ ڇت تي ليٽي پياسين. ڪنن ۾ آڱريون ڏئي، ڏند چيڀاٽي ڇڏياسين. گولين جو مينهن اڃا ڪجهه ماٺو ئي مس ٿيو ته مان پاسيرو ٿي ٽنگڙي کان ٻاهر ڏٺو. ان وقت ٻاهران هڪ ڄڻو اڃا ڪلاشنڪوف هلائي رهيو هو ۽ اندريون دروازو کولڻ جي پچر ڇڏي سر بچائڻ جي ڊوڙ ۾ ديوار تي چڙهي ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو. مان کان دٻيل رڙ نڪري وئي ڇو ته هاڻي منهنجي به دل ٿي هئي. خوف جو ڄار مان مٿان به ٽُٽُو هو. مان هاڻي باقاعدي چِست ورتي. ڀت تي لانگ ورائي اڃا هيٺ لهڻ جي ئي ڪري پيو جو پٺيءَ ۾ منهنجو ٺڪاءُ فائر ٿي ويس. هڪ ٻيو، ايئن ئي ٻئي نال وهائي ڏنم. ٺڪائن کان پوءِ مان ڏٺو هو، جنهن صورت ۾ ديوار تي لانگ ورايون هيٺ لهڻ جي ڪوشش ۾ هو، ان ئي حالت ۾ ديوار تي پيو ئي رهيو. بندوق صفا کائي ويس، کيس انچ به چُرڻ نه ڏنائين. هو هاڻي ڏڪي پيو، ڏڪي ڏڪي سڄو سيٽجي ويو پوءِ ڪپيل بُنڊ جيان ڌو اچي اندر ڪيائين. ان وچ ۾ ٻاهرين ٻن دهشتگردن گوليون ته هلايون پر انهن ۾ ڊپ هو جيڪو پهريان ڪين ٿي نظر آيو. هو هاڻي اوٽان پيا جاچن، سر بچائڻ جي ڪوشش ۾ هڪلون ڏيندا پري نڪري ويا. هنن ٻاهرين همراهه کي کڻڻ جا ڪافي جتن ڪيا پر اسان جي اوچتن فائرن آڏو صفا نه بيهي سگهيا. کين هاڻِ پڪ ٿي وئي ته اڳواٽ ڪيل منصوبابنديءَ پٺيان ڳچ همراهه مٿي مورچن ۾ ويٺل آهن. پهريان اسان به همت هاري ويٺا هئاسين پر پوءِ جو پنهنجي ڪاميابي ڏٺيسين سو اسان به شير ٿي وياسين. دل ۾ خيال آيو، ماڻهو ڀتر جيتري تتر تي نه ٿا گُسن ۽ اسان وري............ ايئن ئي بندوق ڦيرائيندو فائر ڪندو رهيس. ڊرائيور به هاڻي چڱو ڀيڙو ٻڌو، هو به مُڏا سڏا فائر ڪرڻ لڳو. اهو فائرنگ جو سلسلو هلي ئي پيو جو پوليس پهچي وئي. تڏي به مان حساب ڪيو تقريبن تقريبن سوا ڪلاڪ اڃا به ڏيڍ جيترو گوليبازي هلندي رهي. لاشڪ ته هو لاش کڻڻ پيا چاهن پر اسان جي مورچا بنديءَ آڏو بيوس ٿي پويان پير ڪيائون.
ايس پي آيو، پڇا ڳاڇا ڪيائين، صاحب سان سُس پُس ۽ ضروري صلاح مشورا ٿيا، ان بعد بنگلي تي پنجن پوليس وارن جو گهاٽ بيهاري ٽئي لاش کڻائي پِڪ اَپ ۾ هڻايائين. ويندي ويندي منهنجي پُٺي ٺپيري ”شاباس“ چيائين.
هاڻي ڪمري ۾ رهياسين اسان نوڪر ۽ پاڻ وارو صاحب سڳورو. صاحب کي جيڪو ڪجهه چوڻ لاءِ مان وٽ هو، اهو سڀ ڪجهه ڪونه چئي سگهيو مانس باوجود سخت غصي جي. رهيا ٻيا نوڪر ته انهن مان ڪنهن جي چپ چوريا به ته آواز سندس نڙيءَ ۾ ڦاٿو رهيو. هو سڀ ايترو گولين کان به نه ٿي ڊنا جيترو صاحب کان.
۽ صاحب..............؟ صاحب بس چپ چاپ، پٺيءَ پٺيان ٻانهون ٻڌيو ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن ڪمري ۾ اچ وڃ ڪندو رهيو. مان ڏٺو، هن جڏهن به مان ڏانهن ٿي ڏٺو، الائي ڇو مان کي لڳو ٿي ته هو عجيب ۽ چاپلوسيءَ وچان ڏسي پيو.........!!
ٻئي صبح تي اخبار ۾ وڏن ٿلهن اکرن ۾ خبر ڇپي،
”............... صاحب جي بنگلي تي ڌاڙيلن جي چڙهائي“ وڌيڪ خبر ۾ ٻڌايل هو،
”پوليس عملي جي بر وقت ڪارروائيءَ ۾ ٻه ڌاڙيل ٿڏي تي مارجي ويا ۽ باقي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن مقابلي ۾ بنگلي جو چوڪيدار پڻ ڌاڙيلن هٿان مارجي ويو............. ڪارروائيءَ ۾ حصو وٺندڙ پوليس عملدارن کي سندن اعليٰ ڪارڪردگيءَ تي نقد انعام ۽ ترقيون پڻ ڏنيون وينديون.“
هي خبر پڙهي مان جڏهن سواليه نظرن سان پاڻ واري صاحب ڏانهن نهاريو هو، تڏهن سندس اکين ۾ پاڻ لاءِ اهڙي ئي ڌڪار ۽ بڇان ڏٺي هيم، جهڙي اڄ سامهون بيٺل منڊڙي سپاهيءَ جي نهار ۾ سمايل آهي، جنهن جون حيدرآباد واري قلعي جي گهيري دوران ڊيوٽي ڏيندي پناهگير دهشتگردن گولين سان ڄنگهان چچري ڇڏيون هيون. هينئر هو تندرست ٿي ٻيهر پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي. هاڻي مٿان کان مليل نئين حڪم موجب بم ڌماڪن جي الزام ۾ شڪي ماڻهن تي نگاهه رکي رهيو آهي...............!!