ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2228
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

مرتب پاران

بابا سائينءَ لکڻ جي شروعات ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي هئي. سندس پهرين ڪهاڻي ”ٽُٽل ٽَنگو“ هئي. جنهن بعد ٻيون ڪيتريون ئي لازوال ڪهاڻيون لکيائين ۽ انهن سان گڏو گڏ ناول ”نيروليءَ جو ڪن“ لکيائين، جنهن جي ڇپجڻ سان سنڌي ادب ۾ وڏو بحث ڇڙي پيو. ٻيو ”هاريءَ جي بغاوت“ نالي مائوزيتنگ جي مشهور رپورٽ ترجمو ڪيائين، جنهن سان ڄڻ ته وڌيڪ ککر ۾ کڙو لڳو. سندس ئي ڳوٺ جي وڏيرن ڏاڏي کي گهرائي چيو ته، ”ملڪ کي جهل ته اسان جي خلاف واويلا بند ڪري ۽ وڏيرن خلاف لکڻ ڇڏي ڏي نه ته جيئن سمجهو ٿا...........“
پنهنجي جنم ڀوميءَ مٿان ظلم، ڏاڍ، ڌارين جي يلغار ۽ اُرهه زورايون ڏٺائين ته ناول ”سج جا پاڇا“ لکي ان جا بکيا اُڊيڙيائين.
گذريل سال ملڪ آگاڻيءَ جو چوٿون ڪتاب ”لڄارو عشق“ جي سري سان پڌرو ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هي پنجون ڪتاب ”وڃايل راهون“ جيڪو ملڪ آگاڻيءَ جي يارنهن ڪهاڻين تي مشتمل مجموعو آهي، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو ويو آهي. اڃان بابا جون ڪيتريون ئي اڻ ڇپيل ڪهاڻيون، انٽرويوز، مضمون، پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيل ڊراما ۽ شاعري محفوظ آهن. جيڪي پڻ جلد سهيڙي پڙهندڙن تائين پهچايا ويندا.
مان پنهنجي پياري دوست سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جي چيئرمين عيسيٰ ميمڻ جو ٿورائتو آهيان، جنهن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن سان هن ڪتاب جو ڇپجڻ ممڪن بڻجي سگهيو آهي. هي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ اتساهه ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ تي سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ بابا ملڪ آگاڻيءَ جي دوست چاچا پروفيسر محمد علي پٺاڻ، ڪمپوزنگ کان وٺي ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن تي مدد ۽ سهڪار ڪرڻ تي نوجوان ساٿي علي پٺاڻ ۽ ملڪ آگاڻيءَ جي ڪهاڻين جو فني توڙي فڪري حوالي سان ڳوڙهو ۽ پر مغز مهاڳ لکڻ تي نامياري دانشور، ليکڪ ۽ مترجم سائين ننگر چنا جا لک لائق.

پارس آگاڻي