ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

موٽي محرم آيو

 اڄ ستين محرم الحرام آهي. پاڻ ٻئي، ٻين سوين هزارين بي گهر ٿيل سنڌي ماڻهن جيان قاسم آباد ڪئمپ نمبر ٻيءَ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيا ويا آهيون. هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو بي گهر رهڻ بعد به دهشتگرديءَ جو شڪار بنيل سنڌي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن اڃا ڪونه وريا آهن. پاڙن جا پاڙا، محلن جا محلا اڃا تائين سڃ لڳا پيا آهن. ساٽن جو پاڙو، فقير جو پِڙُ، پاٽولن جو پاڙو............... شهر جي سنڌي آباديءَ وارن پڙن تي ڪا مجلس، ڪو ماتم ڪونهي............! پناهگير دهشتگردن جي خوني حملن کان ڊنل سنڌي ماڻهو نه ئي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وريا آهن ۽ نه ئي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيل پنهنجن پُٽن، پوٽن ۽ پيئرن، ڀائرن جي ماتم مان پالها ٿي حُسين عالي مقام جي ماتم ۽ مجلس جو ڪو اهتمام ڪري سگهيا آهن..........!! جڏهن ته، پهرين محرم الحرام جي چنڊ ڏٺي ئي سڄي حيدرآباد مٿان ڪڪر، ڪوهيڙا، غم جا بادل.
مهينو محرم جو، ڪَيَڙا ڪارا ويس.
اهلبيت جي حُبدارن ۽ حُسين جي ماتمين کي ڪارا ڪپڙا پهريل، ماتم ۽ مجلسون گاڏي کاتي ۾، اثنا عشري کوجن جي امام بارگاهه ۾، ڏهه ئي ڏينهن محرم جا مجلس ۽ عزا، ايئن ئي قدم گاهه مولا تي به ڏهه ئي تاريخون مقرر ذاڪر صاحب فضائل ۽ مصائب پڙهندڙ. ان کانسواءِ به کوڙ ساترن امام بارگاهن ۾ مجلسون ۽ مناجاتون، ڪٿي رياض پنجابيءَ جو سوز ۽ ساءَ ڀريو سرائڪي آواز:
سجاد تيرا سينا دردان دا خزينا هي،
اڄ قيد تيري رَلي زينب تي سڪينه هي.
پٺيان پنجن، ستن سورين جي يڪي لانڍ آئا...........!! ته ڪٿي منظور سولنگيءَ جو سٻاجهڙو پُر اثر آواز، مصري ڪاريءَ جي انداز ۾ قرآن جي تلاوت ۽ پوءِ ”او، مان صدقي ٿيان........... سائين مان غلام، سائين مان نوڪر، بس آخري جملو........... بس اوهان پنهنجون اکيون اگهو.......... حسين کي روئڻ وارا، شل اوهان جو روئڻ قبول پوي.“
ڪٿي پروفيسر عبدالحڪيم جون رڙيون، ”بس، روئڻ لئي تيار ٿي........... بس، آخري مصائب............“
ته ڪٿي مولوي عبدالحميد چانڊيي جو ڪڙڪيدار آواز، ”سڏائين ٿو شيعو ۽ پيئين ٿو ڀنگ........... نماز جي ويجهو ناهين ۽ سڏائين ٿو اهلبيت اطهر جو حبدار.................؟“
جت ڪٿ ٽيپ رڪارڊر جا گونجندڙ آواز، رشيد ترابي، عقيل ترابي، ثابت نجفي، عاشق نابينو، اسدالله شر، نصير، عابدي، ساجد ۽ ٻين عالمن ذاڪرن جا آواز. هر هڪ جو پنهنجو انداز، هر هڪ جو آواز پنهنجو، روڊن رستن، شهر جي مکيه چوراهن تي جاءِ بجاءِ شاميانه، ڪناتون، حسيني سبيلون، نظر نياز، جتي اُڃي کي ٿڌو مٺو آب ته بکئي کي زردا پُلاءَ، چاشنيون، کيرڻيون، ڪڻڪ، مٽر ۽ چڻن، راهن جا ڪوهر، سبيلن تي هر وقت قصيدن، مرثين ۽ ماتم جون وڄندڙ ڪيسيٽون:
”اٿ اڪبر جاني،
او عمران ماڻين.“
”ذرا جهل جهل اٺن کي ساجدا، هي آيو مقام شام آ،
جتي سانئڻ سڪينه ٿي دفن، جنهن کي ڪرڻو ودائي سلام آ.“
”آ، غازي علمدار سڪينه ٿي پُڪاري،
پياسن جا طرفدار، سڪينه ٿي پُڪاري.“
”اڄ گهر گهر علم عباس جو آ،
اها محنت آهي زينب جي.“
سنڌ سدائين صوفين، بزرگن ۽ درويشن جو ديس رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي مُلائيت گهر ڪري نه سگهي آهي. هتان جو ماڻهو نمازي هجي يا بي نمازي بهرحال کيس حق سچ سان پيار، ڏاڍ ڏمر کان نفرت رهي آهي. ان نفرت کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڪربلا جي شهيدن، اسيرن ۽ مظلومن لاءِ هتان جي ماڻهن کي ڏاڍي عقيدت ۽ احترام رهيو آهي. ان عزت ۽ احترام پٺيان ئي پهرين محرم کان مرد، عورتون، ويندي ابهم ٻارڙن تائين احتجاجي ۽ غم جو اهڃاڻ ڪارو لباس پهريل نظر ايندا.
ميرمدينا نڪري آيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي.
وڏن وڏن امام بارگاهن ۽ پِڙن تي ، تعزيه، تابوت، معصوم علي اصغر کي لولي ڏيڻ وارا پينگها، هندورا، عباس علمدار کي سلامي ڏيڻ لاءِ جهنڊا ته حسين عالي مقام جي سواريءَ طور ڪتب آيل ذوالجناح، دُلدل (گهوڙو) سنبت ۾ نظر ايندا. گهوڙن جي ٽنڊواليءَ ۾ ٻارهوئي ٻه چار ٽهلڙيا، ماڻهوءَ جي ماس کان سواءِ هر چيز گهوڙن جي پيٽ ۾، متل مواڙ، پُٺيءَ تي کٽ رکين ته پوري کٽ ماپي وڃي. وري گهوڙا اهڙا اصيل جو هيٺان ٻار ڊڪندا وتن پر مجال آ جي ڪو عضوو چورين. ڏهين محرم الحرام تي پهريل، سينگاريل، مٿن سونا روپا سنج سجايل، سڄا سارا رت ۾ ٻڏل، جسم تي تيرن ۽ زخمن جا نشان، هني مٿان امام پاڪ جي دستار مبارڪ، ايئن ڄڻ اجهو هاڻي هاڻي جنگ جي ميدان تان واپس ٿيا هجن!!
تازين، تابوتن ۽ پينگهن جي سنبت ۾ ڪيئي لاساني ڪاريگر ۽ هنرمند ڪاٺ جي چئوڪاٺن تي جنڊي ۽ اُڪر جي ڪم ۾ رڌل، لغڙائي پنن ۽ پلاسٽڪ جون گل گلزاريون، شيشي سون، چانديءَ جي جڙاوت، موتين، لعلن، مڻين جا پوتل هار، ماڻهو داد ڏيڻ سواءِ رهي نه سگهي. وڏيون محبتون، محنتون، مشقتون ۽ هلاڪتون.............!
سونهاري سنڌ ۾ روهڙي ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جو ڪفن پوش ماتم گهڻو مشهور آهي پر گهٽ جو گهر حيدرآباد به ناهي، جماعتن جو مشهور پِڙُ، ٽنڊو مير محمد مان جمن شاهه جو پِڙُ گاڏي کاتو، قدم گاهه مولا پاڪ جو پِڙُ پڪو قلعو، زنوار رنڊيءَ جو پِڙُ سري گهاٽ، گل شاهه جو پِڙُ گاڏي کاتو، چٽڻ شاهه بادشاهه جو پِڙُ کاهي روڊ، استاد رسولي جو پِڙُ الهداد چنڊ، سائين ڏنل شاهه جو پِڙُ صدر، ڪاسائن جو پِڙُ ريشم گلي، پاٽولين جو پِڙُ ميونسپل آفيس، اهي ۽ انهن کان سواءِ ننڍا وڏا الاهي ساترا پِڙَ کڄي پنهنجن پنهنجن روٽن تان هلندا جڏهن وسيع ويڪري اسٽيشن روڊ تي اچي ڪٺي ٿين ۽ پوءِ جيڪا رتوڇاڻ ٿئي ان کي ڏسي ماڻهو هوش حواس وڃايو ويهي..........!!
هاءِ هاءِ..........! حيدرآباد شهر جون راتيون ۽ اهي ڏينهن!! سرهيون، سٺيون شامون، تيز، تکيون، شوخ، چنچل، ڪيڏيون البيليون هوائون، اسان ٻئي آزاد روحن جيان هلندا وتون. بس، هلندا ئي وتون. او............... اصلي من ڍاپي ئي ڪونه ، ڪڏهن فقير جو پِڙُ، ڪڏهن قدم گاهه مولا پاڪ، ڪڏهن تلڪ چاڙهي، ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جون هوائون، ڪڏهن ريشم گلي ته ڪڏهن شاهي بازار، ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي، رات اڌ رات سڄي ڌرتي پنهنجي، سڄي وستي پنهنجي، جت ڪٿ امن، هرجاءِ سانت سڪون، قرب، محبت:
مهون مڇر ماٺ، نه ڏاڍ نه ڏاٺ،
پوءِ رهچون ڪير ڏي روح کي!!
پنهنجي ڌرتي، پنهنجا ماڻهو، پنهنجا گهر، پنهنجون مانيون، شين مان ساءُ، ڳالهين مان ميٺاڄ، ڌرتيءَ جو هڳاءُ وٺندا وتون، ڦرندا وتون، گهمندا وتون.
اهو محرم مهينو ايندو، اڃا اچڻ ۾ ئي هوندو جو فرمائش ٿيندي ڪارن ڪپڙن جي، ڪارا ڪپڙا وري سندس ڀوري بگي جسم تي ڏاڍا سٺا سوهندا:
جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،
برف باري نه ڪر سياري ۾.
”وفا ناٿن شاهي“
ڪڏهن جي چوندس،
”توکي ڏاڍو حُسين جو درد آ!؟“
تڏهن مرڪي چوندي،
”ڪهڙي خبر، ستين پيڙهين حسين سان ڪا لِڇَ لڳندي هجي.“
”پوءِ ته توکي به هڪ ٻي ڪربلا جي ميدان ۾ بي بي زينب جيان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“
”اسان عورتن جي نصيب ۾ قيدياڻي ٿي رهڻ لکجي جو چڪو آهي.“ مرڪي چوندي.
مان شرارت وچان اک ڀڃندي چوندس،
”جائي پجائي جي سيدياڻي هجين ها، ڄمين ها ڪنهن سيد سڳوري جي حويليءَ ۾ ته پوءِ پاڻ ٻنهين جو ڇا ٿئي ها!؟“
”ڇا، وري ڇا.................“ هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳندي،
”مالڪ مان تي تو جهڙي اُمتيءَ جو پاڇو پوڻ ئي نه ڏين ها.“
”پوءِ ته ڇُٽي پوين ها گهڻن سورن کان، سَتي جَتي ٿي ويٺي دعا تعويذ لکي ماڻهن جا ٻيڙا ٻني لائين ها.“
”۽ تون به ته اُمتي ڪنهن مريد خادم جي حيثيت ۾ ڪاني ڪرامت جي مالڪ منهنجي ڪنهن بابي ڏاڏي جي مزار تي مجاور ٿي پنج سير نه پر پنجن مڻن جا پاڻيءَ جا مٽڪا ڀريندو رهين ها.“
”مجاور ته مان هاڻي به آهيان، ڪهڙي وري بدليل حيثيت آهي.“ مرڪي چوندس، جنهن تي ٽهڪن جي گونجار ۾ ڪا نه ڪا شرارت ڪري ويهندي.
هڪ محرم تي ڪارن ڪپڙن جي فرمائش ڪانه ٿي. چيم ٺهيو............ ڇٽي وياسين ان خرچ خفي کان پر پهرين محرم کان ٻه تاريخون اڳ جڏهن ملياسين ته مرڪي چيائين،
”ڇو............ کُٽي پيو آهين ڇا..............؟“
”وڃ ڀيڻان................!“ مان کان دانهن نڪري وئي، ”چڱو ٺُڪُ ٺاهيو ٿي.“ ۽ پوءِ پاڻ ئي ريشم گليءَ وٺي هلي. ٻه جوڙا پاڻ لاءِ، ڪو هڪ اڌ مان لاءِ به ڦاڙايائين. مان اڃا کيسي ۾ هٿ هڻان ئي هڻان ان کان اڳ پرس مان ڪي ٻن چئن سون جا نوٽ ڪڍي دڪاندار کي ڏيندي مرڪي مان سان مخاطب ٿي،
”رکي ڇڏ، رکي ڇڏ انهن جو به وارو ايندو.“
”ايئن ته الاهي ساترو قرض چڙهي ويندو.“
”آجو وري ڪٿي آهين.“
بيشڪ آجو ڪونه هيس.
راتيان ڏينهان تنهنجي سار او سپرين.
سندس تندرست، تازي تواني جسم تي ڪارا ڪپڙا بيشڪ ڏاڍا سونهندا هئا پر ان کان به وڌيڪ سندس ڳڻتين کان پالهي چهري تي ڊگها اڻڀا، وکريل وار وڌيڪ سٺا لڳندا هئا.
واءُ وارن کي وکيري منهن بنايو آفتاب،
وِڄُ جا ڪيئي وراڪا، ڪو ته ويو هو گهر جلي.
محرم کان پوءِ ڪڏهن، جڏهن ڪارن ڪپڙن پهرڻ جي فرمائش ڪندس،
”ڇا، ڪارن ڪپڙن جو هڪ ئي وڳو هو ڇا؟“
”جيڪي وٺي ڏنا هوندئي“ مرڪي چوندي ۽ پوءِ مان کي خاموش سندس چهري ۾ اکيون اٽڪائيندو ڏسي پڇي ويهندي،
”ڇو..............! ڪيئن اڄ مند موسم سواءِ ڪارا ڪپڙا ياد پيا ٿي!!؟“
”ها............ ڪارو ڪلر توکي ڏاڍو سونهندو آ.“
”۽ هي ڳاڙها، گلابي، ساوا، سفيد ڪپڙا نٿا سٺا لڳن ڇا!؟“
”ها، پر اسان ماڻهن کي، خوشيون گهڻو وقت راس نه اچن.“
ان وقت نه ڄاڻ ڇو سچ پچ مان تي گنڀيرتا ۽ سنجيدگي طاري ٿي وئي هئي. هن پوءِ ڪلهي تي ڪنڌ لاڙيندي چيو هو،
”اڄ ته وڏيون عقل واريون ڳالهيون ٿو ڪرين. ٻڌاءِ ته ڪڏهن کان ايڏو ڏاهو ٿيو آهين!؟“
ايئن ته کوڙ ساترا محرم آيا ويا هن ڪيئي ڪارا وڳا پهريا، پاتا. کليل اڻڀن وارن ۽ سرخي پائوڊر بغير به سندس تندرست توانو جسم، ويڪرو، ڀورو، ڳاڙهو منهن، چيرويون، ڪاريون ڪجليون اکيون، ڊگهو سهڻو نڪ ۽ ڳاڙها سرخي مائل ڦڙڪندڙ چپ محرم جي ماتمي لباس ۾ به کيس سهڻو سندر بڻائي رکندڙ. سندس طبيعت ۾ جي ڦيرو ايندو به ته هلڪو اڻلکو، هوءَ محرم جا اهي ڏهه ئي ڏهاڙا ڪجهه وڌيڪ ئي سنجيده رهڻ لڳندي. ڪنوارپ يا پرڻي کان پوءِ تائين به، هوءَ پنهنجن هٿن سان نذر نياز ڏيندي، شربت سبيلون ڪندي، امامن جي نياز ۾ چندا ڏيندي، خير خيرات ڪندي، ڏهه ئي تاريخون ماري رکيس جي کير پِيئي يا کٽ تي سمهي، ڏهه ئي ڏهاڙا اُڃي بکي رهندي، روزا رکندي ۽ بک تي ته پاڻ وڌيڪ سندس چهرو پيو ٻهڪندو. ڪوڻيءَ جي گل جيان ٽڙي پوندو، سندس ٻاجهاري چهري تي غم جا اڻ لکا نشان نظر ايندا جيڪي وري کيس وڌيڪ سوبر بنائي رکندا.
ان ڪري محرم کان پوءِ سال جي ٻين مهينن رجب، شعبان ۽ صفر ۾ به مان ڪڏهن، جڏهن محرم کي ساريندس تڏهن مرڪي چوندي،
”پِٽيا........... ڪڍ ته نه پيو آهين. هڻندي ته نه ڪا نظر“
”تنهنجي شخصيت جو محرم الحرام حصو جو بڻجي چڪو آهي.“
۽ ڪنهن ٿي چيو! ڪنهن ٿي ڄاتو کيس به هڪ نئين ڪربلا کي اُجارڻو پوندو!! بي بي زينب جيان سارو ساٿ لُٽائي بي گهر ٿي ڪئمپن جي قيد ۾ رهڻو پوندو. سندس زندگيءَ جو سچ پچ محرم الحرام حصو بڻجي ويندو. جڏهن کان پنهنجو ساٿ لُٽائي، گهر ٻار ساڙائي، ٻارائي پنهنجو سڪيلڌو اڪيلو پُٽُ پناهگير دهشتگردن هٿان مارايو آهي، تڏهن کان هن ڏاڍو رُنو آهي. مسلسل مهيني ڏيڍ کان روئي رڙي هاڻِ ته سندس اکين جا لار ئي سُڪي ويا آهن. اڄ سندس جسم تي ڪي به ڪارا قيمتي ڪپڙا ته پهريل ناهن پر گذريل مهيني ڏيڍ کان محرم جي ڏهاڪي ۾ رهندي پئي اچي. کيس ڪارا ڪپڙا ته گهڻو اڳ پهرڻ گهربا هئا پر جنهن صورتحال ۾ گهر ڇڏڻو پيو ان ۾ ڪارو وڳو يا ڪو قيمتي سامان کڻڻ ته پري جي ڳالهه سکڻا اڪيلا سِرَ وٺي ڪئمپن تائين پهچڻ پڻ معجزي کان خالي ڪونه هو.
ڪالهه جنهن پنهنجي مرضيءَ سان ٿي ڪارا، ڳاڙها ڪپڙا پهريا، پاتا، پوپٽ جيان رنگ روپ بدلايا سدلايا، تنهن لاءِ اڄ ڪئمپن ۾ خيراتي امدادي لٿا پٿا نيلامي چُڙيل اڌوراڻا، ڦِٽل، ڦاٽل ۽ بي رنگ، بدصورت ڪپڙا پهرڻ ئي مقدر بڻجي ويا!! اڄ هوءَ هر شئي کان بي نياز، بي پرواهه. ڇَتن مان ڇائي ڇڻندڙ، ڪربلا جي شهيدن کي سارڻ بجاءِ حيدرآباد جي شهيدن تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. وس واري اڄ بي وس ۽ لاچار ڪئمپ جي قيد ۾ قيدياڻي ٿي پنهنجن شهيدن تي روئي رهي آهي. مان وڌيڪ کيس دلداري ڏيان ٿو. ٽمندڙ ڪوسن ڳوڙهن ۾ سندس پراڻو عڪس جاچيان ٿو پر هوءَ دور پري دور.... خلائن ۾ خالي خالي نظرن سان نهاري رهي آهي. هينئر نه ته جوانيءَ واريون سي ادائون، پُرسڪون خوشگوار ۽ سهانيون يادون وٽس رهيون آهن ۽ نه ئي محرم الحرام اچڻ تي ڪارن ڪپڙن پهرڻ ۽ مجلسون، ماتم ڏسڻ، ٻڌڻ جي سندس سڌَ رهي آهي.
هئي هئي ههڙا حال، ليڙون ليڙون لِڱَ!
مادر ڪهڙي ماٺ ۾ سڀئي تنهنجا دِڱَ!!
نئين سج نوان سِڱ، پسجن پليتن مٿي!!!
هوءَ هاڻي سچ به سا نه رهي آهي، جهڙي مهينو ڏيڍ اڳ هئي. هن پُٽ جي جدائيءَ ۾ سونهري ڊگها گهاٽا وار ڇني کوهي ڇڏيا آهن. روئي روئي سندس اکيون سڄي پيون آهن. اکين جي چوڌاري ڪارا ڪارا نشان ٿي پيا آهن. هاڻي انهن ڪارين ڪجلين اکين ۾ جوڀن جوانيءَ واري چمڪ ۽ خمار نه پر نرم ۽ اداس اداس خوابن جهڙي ڪيفيت طاري آهي. سندس ڪرندڙ صحت، ڊهندڙ جوانيءَ وارو پِيلو چهرو جنهن ۾ نه ته جوانيءَ واري جوت ۽ گوبر ڍڳي واري سا مستي رهي آهي. هاڻي ته سندس آڏو پهرڻ، پائڻ، چوڙڻ، ماڻڻ، آرام سڪون، راحت ۽ مسرت جهڙن لفظن جي ڪا معنيٰ ڪو مفهوم ڪونه رهيو آهي ۽ ڊاڪٽرن جي جهل پٺيان مان پاڻ سندس آڏو اهڙو ذڪر نه ٿو ڇيڙيان، جنهن سان سندس ذهن تي پراڻين يادن جا قافلا سوار ڪري سندس لاءِ مصيبت ۽ دکن دردن جو ڪو نئون پهاڙ کڙو ڪيان. سندس دل ۽ دماغ جي پس منظر ۾ جيڪو دک درد جو سمونڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، ان مان ايئن پيو محسوس ٿئي هوءَ ڪنهن به وقت بي بي سڪينا جيان قيد و بند ۾ سڙي ڳري، ڀڄي ڀري ڪائنات جي وسعتن ۾ گم ٿي ويندي. مان کان ڳولي نه لڀندي، ارمان............... اهو ٿو ماري ته کيس وري هڪ ڀيرو وري پنهنجي گهر، وري امن، سڪون واري شهر حيدرآباد جي روڊن رستن تي گهمڻ ڦرڻ، ڪارا قيمتي ڪپڙا پهري، پائي ڪارن ڊگهن اڻڀن، کليل وارن ۽ بنا ميڪپ واري سادي پر خوبصورت چهري پسڻ واري سڌ ۾ خواهش ، خواهش ئي رهجي ويندي.............!!
ڇوڏا ڇلهجي ڇلهجي،
وڻ سڄوئي بُٺ بڻيو!
پن پن پرزا،
ٽاري ٽاري جهريل، ڀُريل!!
هيڪل بر ۾،
جهريل جندڙي،
جيون،
جهڙو سڃ ۽ سانجهي...............!