چري چاهت چِتُ جي
”پارٽنر آئين؟ ڪيئن پڪچر پسند آئي؟“
جواب ڏنو نه ڏني جهڙو، پنهنجن ئي سوالن جي مٿس بارش، ”ڇا يار، پنهنجا حال قال ته ڪيا اٿئي. مر مرندن لاءِ، واٽ واهن لاءِ ڇا مرجي. هن کي تنهنجي پڄرڻ جي سُڌ ئي ڪا نه ۽ تون.............“
”اڙي بابا خدا ڏي ڏس توکي انهن ڳالهين ۾ وڌو ڪنهن آ، مان پڇان ڇا ٿو.“
”ڏسيان ڇا بس فلم ڏٺم ٻيو...........“
”اڙي بابا تون آخر چڙيو ڇاتي آن، ٻڌائين ڇو نه...............“
”نه بابا نه، مون کي هروڀرو ننڊ ناهي ڦٽائڻي.“
”ميان، هاڻ کڻي خدا ڏي ڏس.“
”هيس ٻه چار ڇوريون ساڻ، اسان جي پٺيان ويٺيون هيون. دل ۾ آيو ته ڪجهه ٻڌايانس پر وري سوچي ٽري ويومانس. تون به ڪهڙي نه ڇسي سيٺڻ سان ڦاٿو آهين.“
”ڳهلو به ڪو حد جو آهين. ٺهيو ماٺ ڪري آرام ڪر.“
”پر تون سوچين ڇو نه ٿو. اجايو خوابي پارس جي ڪڍ ڇو پيو آهين. اهي حال رهيا ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هڪ ڏينهن سماجي نفرت، ذات پات ۽ اوچ نيچ جي ديوار جي هيٺان چيڀاٽجي نه وڃين.“
”اڄ جي جيٽ دور ۾ اهڙين ڳالهين کي ڪهڙي اهميت؟“
”پر هن کي ته تنهنجي سورن جي سُڌ ئي ڪانه ۽ تون آهين جو اجايو پيو غمن جي گهراين ۾ تڙڳي تڙڳي زندگيءَ جو انت آڻين.“
”مان پنهنجو پاڻ ملهائي، اوجاڳن جي اڃ لاهيندس پوءِ........“
ايئن ئي هو اوجاڳا ڪاٽي ننڍڙي تلڦڙي ٻارڙي جيان لڇي، ڦٿڪي گذاريندو رهيو. عائشه جي ملڻ جي آنڌ مانڌ هن جي اندر ۾ ولوڙ پئدا ڪندي رهي. پهرن جا پهر، راتين جون راتيون وياڪل وياڪل، اُٻاڻڪو اُٻاڻڪو ٿي گذارڻ لڳو. هن جي منهن تي سدائين ڳڻتي ۽ تڪليف جا آثار. هن جي خيالن ئي خيالن ۾ عائشه جون ڪيئي سندر سندر مکڙيءَ جهڙيون مورتيون ڪَرَ موڙي اٿنديون هيون. جن جي مڌر مڌر نيڻن مان امرت جا ڍُڪ پي اندر جي ڪڙاڻ وڃائيندو هو. آواز ۽ آلاپ به سريلو هئس. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائپ کان ڪَڪِ ٿي تن جي تندن کي ڇيڙي ويهندو هو. تڏهن آواز هاسٽل جي ڪمرن مان پولارن ۾ ايئن اڏري ويندا هئا جهڙا ڏوٽيون ڏيندڙ ڪبوتر، ڀڙڪا ڏيندڙ تتر يا پاڻيءَ جي مٿاڇري تي قطاريل هنجن ۽ بدڪن جا ولرَ.
هو هڪ سنگتراش جيان خيالن ئي خيالن ۾ عائشه جي جڙيل مجسمي ۾ ڪيئي رنگ اوتيندو ۽ ڪيئي روپ ڀريندوهو، جيڪي کن پل ۾ مکڻ جي ماڙيءَ جيان رجي ويندا هئا. وقت جون ويرون ڪيتريون ئي آيون ڪيتريون ئي ويون، جن ۾ هڪ نه پر سوين ڀيرا نثار ٻڏو ۽ تريو، آخر هڪ ڏينهن جڏهن هن جو پيار گونجار جيان گونجي اٿيو تڏهن عائشه جي امن ۽ شانتيءَ ۾ نفرت جو تيز ڇوهو ڇوليون هڻڻ لڳو.
”توکي ڪيترا ڀيرا روڪيو اٿم، اشراف ٿيءُ ڇڏي وڃ منهنجي پچر.“
”مار! ايڏو غصو.............“
”سٺو ٿئي ته منهنجي راهن تي اکيون وڇائڻ بند ڪر پر جي نه ته پوءِ اجايو ڏٺو ٿيندين، تون پاڻ سنڀال............“
”مون پاڻ سنڀالڻ جي طاقت نه ساريندي ته توکي سهارو......“
”او مسٽر توکي خبر هجڻ گهرجي ته دُٻي جي مڇي سمنڊ جو ترو ڇاڇولي نٿي سگهي. تون هرو ڀرو.............“
”ان معاملي ۾ آءٌ تمام سخت آهيان، ٻيهر جيڪڏهن.............“
”تون هرو ڀرو ايترو پري ڇو ٿي وڃين، اڄ جي دور ۾ ڌرتي ۽ آسمان جون............“
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ، پر مان نٿي چاهيان ته ماڻهو مون تي تو جهڙي خسيس جي مهڻن جي مَرُ لائن.“
”هون.............! سوچيو هيم...........“
”تنهنجي سوچ هرو ڀرو اڙي به مون ۾ آ، ٻيو گهڻو ملڪ پڪو پيو اٿئي، آخر هيءَ ڦشري مون لاءِ ڇو؟“
”خبر ٿئي مون تو لاءِ ڇا نه سوچيو............“
”پر مان توسان تن جون تندون ڳنڍي اجائي سجائي زندگيءَ ۾ زهر اوتڻ نه ٿي چاهيان.“
”خير! تون کڻي ڇا به چوين پر پوءِ به...........“
”تون آخر چاهين ڇا ٿو؟ اهو ئي ته مان به توسان گڏ جان، ٻوهي ۾ ڏئي زندگيءَ ۾ پنهنجي هٿن سان پاڻ زهر اوتيان! جي اهو ٿو سوچين ته پوءِ تون ڀليل آهين. مان ايتري اياڻي ئي ناهيان، جو پاڻ تي تنهنجي محبت جو چُٽو هڻي پنهنجو پاڻ کي ڪارنهن جي ڪُن ۾ ٻوڙيان.“
”تون کڻي ڇا به چوين پر مون کي تنهنجو پيار گهرجي پوءِ ڇونه اهو هزارين پردن پٺيان ئي هجي.“
”تون آخر ڪيسيتائين........... او مسٽر مان چوانءِ ٿي ڪن کولي ٻڌ، اهو ياد رک ته تنهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو اچڻ ناممڪن آهي. مان پنهنجو پاڻ کي سٺي نموني سڃاڻان ٿي، ان ڳالهه جو خواب خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ ته ڪو مان به ڪا تنهنجي ٿي سگهنديس.“
لفظ زهر ۾ ٻڏل تير مثل هئا پر پوءِ به آواز ۾ مٺڙا مٺڙا سُر هئا، جيڪي سنگيت جي لهرن جيان ماحول ۾ ڊوڙي ويا. ٻنهي جو بحث هو ڄڻ طوفان ۽ لهرن جي ويڙهاند، زندگي ۽ موت جي جنگ، هن جو منهن پِيلو ٿي ويو. هن هڪ عورت کان هار کاڌي هئي. لفظن ۾، جملن ۾ ۽ پيار ۾.
”ها! منهنجو ۽ تنهنجو ميلاپ سچ به مشڪل آهي. اها خبر مون کي اڄ پئي آهي. هونءَ به سکئي مان سڪ جي اميد رکڻ........... تون منهنجي زندگيءَ ۾ جهڙيءَ طرح گهڙي آئي آهين، ڪوشش ڪندس ته جيئن اڳ لاءِ تنهنجي وَرِ نه چڙهان!“
”ڏاهو ٿي هرو ڀرو مون کي بدنام...............“
جملي کي اڌورو ڇڏي هڪ جيڏين ۾ بي عزتيءَ جي ڊپ کان ڊڄي نثار کي پيار جي پڄرندڙ باهه ۾ ڌڪو ڏئي، اها جو ويندي رهي.
وقت گذرندو رهيو، اڳين ڳالهين جون وِٿيو ويڪريون ٿينديون رهيون. نين ڳالهين، نين باتين، نين چيمگوئين ڳِٿن مان منهن ٻاهر ڪڍيا. وڏي جنگاڻ ۽ وڏي ڏي وٺ ٿي. پهرن جا پهر پچارون ٿيون، وقت جي وٿيءَ هڪ پاسي نثار جي تڙپ ۾ واڌارو ڪيو ته ٻئي طرف عائشه جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پئدا ڪئي. نثار جي ڳالهين عائشه جي چِتُ تي اهڙا نقش چٽي ڇڏيا، جن جون يادگيريون اڃا سوڌو تازيون هيون. بي رخي آهستي آهستي ختم ٿيندي وئي، جنهن سان گڏ عائشه جي من ۾ نثار جي پيار جو پکيئڙو پرڙا ساهڻ لڳو. هن ڏانهن بغير خواهش جي به ڇڪجڻ لڳي.
”مون کان چُڪ ٿي آهي جو توسان سُٺو ورتاءُ ڪين ڪيو اٿم، مان بي خبريءَ ۾ توکي رنج رسايو، تنهن جي معافي ٿي گهران.“
نثار هڪ ڀيرو عائشه ڏانهن ڏٺو، جنهن جي ماٺائپ، معصوميت ۽ گهري خاموشي سمنڊ جيان هئي. جنهن ۾ هن پاڻ کي وساريندي ۽ غرق ٿيندي محسوس ڪيو. هن جي بدن ۾ هڪ قسم جي ڪتڪائي ڊوڙي وئي. شڪست جو سيئاندو هن جي جسم مان نڪرندو رهيو. هن جو ڏک ۽ ڳڻتي کن پل جي لاءِ ڪافور ٿي وئي. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ عائشه سان سوين سالن کان سندس سڱ هجي، جنم جنم گڏ گذاريو هجائون، جڳن کان واقف ۽ سڃاپرا هجن.
”تو جيڪو ڪجهه ڪيو، درست ڪيو ۽ وڌيڪ اڃا جيڪو ڪجهه ڪرين ها سو به واجبي هجي ها، ڇو ته ان ۾ تنهنجو نه پر قصور حالتن جو هو. تو جيڪو هي مون تي وڙُ ڪيو آهي، تنهن جي قيمت زندگيءَ ڀر ادا ڪري ڪين سگهندس.“
عائشه کي هن جي لفظن مان سچائي جهلڪندي نظر آئي. هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن مقناطيسي اثر سبب نثار ڏانهن ڇڪجي رهي هجي پر پوءِ به پڪ ڪرڻ خاطر پڇيائين،
”سچ پچ ٻڌاءِ تون ايئن پاڇولي وانگر منهنجي ڪڍ ڇو پيو آهين؟ پر ان طرح مون کي شرمندي ڪرڻ مان توکي هٿ ڇا ٿو اچي؟ توکي ٻيون به ته ڇوڪريون آهن پوءِ...............؟“
هن جيڪا نثار ۾ هلڪي ڪشش محسوس ڪئي، تنهن جو اڻ چِٽو احساس نثار کي به ٿيڻ لڳو.
”عائشه! تون منهنجي زندگيءَ جي ميراث آهين، اهڙي ميراث جنهن کي وڃائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهجي. ٻيون کڻي اڏامنديون اچن پر لطيف جيان منهنجي پرينءَ جي قدم برابر ناهن.“
هن اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيون. ايئن ڄڻ ڪجهه سوچيندي هجي، ايئن ڄڻ ڪجهه ڳوليندي هجي، لڄ هن جي اکين مان ليئا پائي رهي هئي. چوري پڪڙجي پئي، چوري، پيار جي چوري، نينهن جي چوري، چوري، دل جي چوري.
”ڊڄان ٿي متان سماج ڪا سيکت نه ڏئي، ڊڄان ٿي متان تنهنجي پياس اجهائيندي اجهائيندي ڪٿي پاڻ نه پياسي رهجي وڃان!“
”هڪ ڳالهه ٻڌ! مون سان پيار ڪرڻ تولاءِ کڻي ايڏي اهميت نه به رکي پر مون لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. تون ڪيترو به ڪيٻائين پر توکي مون سان ساٿ ڏيڻو ئي پوندو.“
هيڏي وڇوٽي، هيڏي وِٿيءَ کان پوءِ جڏهن نثار ۽ عائشه کي ڪٿي ڏٺو ويو، تڏهن ڪيترائي لفظ مٿن ميڙا ڪري ڪريا، ڪيتريون ئي نظرون کين ورائي ويون. عائشه هڪ ڀيرو وري ڇرڪي وئي. هن کي اوچتو پنهنجو وجود ياد اچي ويو. هن وري هڪ ڀيرو پنهنجي چُڪ تي پڇتايو، پوتيءَ جو پلاند ٺيڪ ڪندي گهيري مان نڪري وئي.
ايئن ئي ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿيا، ڪيترائي ڀيرا ڄاڻي واڻي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نيٺ ٽڪر ٽٽي پيا. آڏو آيل پهاڙ پرزا ٿي پيا، دريائن جا بند ڀڄي پيا، پوءِ ڪيتريو ئي ڇوليون آيون، ڪيتريون ئي ڇوليون ويون، جن ٻن دلين کي ٻهڪائي رکيو.
عائشه، نثار جي پلاند سان پنهنجو پلئه ڪيترن پهرن جي پڪارن کان پوءِ اٽڪايو. جيتوڻيڪ هن کي سُڌ هئي ته مائٽن جي نانءَ ناموس کي پُڻائي پاڻ لاءِ پاراتو کڻڻو آهي پر پوءِ به سڀ لڳ لاڳاپا ۽ ڳنڍيون ڳانڍاپا ٽوڙي، نثار کي محبت جو ديوتا سمجهي عمر ڀر پوڄڻ جا پَهه پچايا ۽ ساڻس گڏ سيج ماڻڻ جا سپنا سهيڙيا. هن وقت جي ويل ٽرڻ نه ڏني، سر جا سانگا لاهي، وڃي نثار جي اُڃ لاٿي.
گذريل رات جوت جلي، سنجها ٽري، تنهن ٽاڻي هوءَ سهي سنبري نثار جي موهه ۾ نڪتي. اڄ پهريون ڀيرو ٻن دلين پريت جا پيالا وڏي پاٻوهه مان هڪ ٻئي کي پياريا. پهريون ڀيرو ٻن دلين دوريءَ کي ڌڪي وِههُ جي وٽن ۽ زهر جي ڍڪن ڀرڻ جا ڪيترائي قسم ورجايا. اهڙي سمي روح ريجهائڻ لاءِ ساهه جي سازن تي ڪيئي سُر ڇڙيا، ڪيئي جلترنگ ٻُريا، ڪيئي قربن جا ڪوٽ اڏيا ۽ ڪيئي من مندر ۾ محبت جون مورتيون سجيون.
اڄ ٻن دلين سپنن ۾ نه پر ساڀيان ۾ پنهنجي اُڌمن، خواهشن ۽ تمنائن جا ڪيئي حسين تاج محل جوڙيا. اهڙي سمي عائشه جي سونهن، سندرتا، جوڀن ۽ جواني رات جي سانت کي پيار جي پڙلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
رات جون رمزون به پيار ڀريون، دل کي پرڀائڻ جهڙيون. هوا ۾ گلڙن جي سرهاڻ، بجليءَ جي تيز روشني، رات جي وجود کي لٽي ڇڏيو هو. آسمان تي تارا چمنيءَ جي ٽمڪي جيان ٽمڪي رهيا هئا. چنڊ جي سهائي مرڪيوري بلبن جي روشنيءَ سان وچڙيل. اهڙي سمي چنڊ کي چمڻ لاءِ ڪيترائي چڪور اڏاڻا، ڪيترن جا پر پرزا پرزا ٿيا، ڪيترن جا ڳاٽا ٽُٽا ۽ ڪيئي ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيا. پر پوءِ به بي خيالو، بي فلڪيو ٻه دليون پيار جي منزلن ڏانهن وڌنديون رهيون. اهڙي سمي مهون مڇر ماٺ، نه ڏاڍ نه ڏاٺ، پوءِ رهچون ڪير ڏي روح کي. خاموشيءَ جا بند ڀڃي نثار پنهنجون سڪ ٻُڏل اکيون عائشه جي خماريل اکين ۾ اٽڪائيندي چيو هو،
”عائشه ڄاڻين ٿي ته زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي!؟“
”زندگي! زندگي حقيقت آهي، زندگي سچ آهي، زندگي پيار آهي، محبت آهي ۽ زندگي؟ تون آهين مان آهيان.“
”تون ۽ مان، مان ۽ تون! انهن ٻنهي لفظن ۾ ڪيڏو نه رڌم آهي، ڪيڏي نه آسيس آهي. ڄڻ جوانيءَ جو نشو هجي، زندگيءَ جو نچوڙ هجي ۽ سنسار جو سارو سک هجي!!“
کن پل لاءِ خاموش پولار ۾ نظرن جي گهُت.
”پيارا ڇا ٿو سوچين!؟“
”سوچيان ٿو انسان ڪيڏا نه سهڻا سپنا سهيڙي ٿو، ڪيڏا نه پَهه پچائي ٿو ۽ آخر ۾ انهن جو ڇيهه............ ڀائين ٿي تولاءِ آسن ۽ اميدن جا ڪيڏا نه حسين ڪوٽ اڏيا اٿم، پر............. متان............. ڊڄان ٿو ته تون................!“
”مان!؟ پرين، مان رات جي تاريڪين ۾ غوطا کائڻ کان جرڪندڙ سوجهري کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿي............ پرين! تون ئي ته منهنجو سوجهرو آهين، تون ئي ته منهنجي زندگي آهين ۽ تون ئي ته منهنجي هستي ۽ مستي آهين.“
”عائشه فطرت جو اٽل قانون آهي، اڳتي، اڳتي، تمام اڳتي ۽ پوءِ.............“
”ها، پر مان اڳتي، تهائين اڳتي نڪري آئي آهيان، دنيا جي ڪا به طاقت واپس ڪري نه ٿي سگهي.“
”مون ڀانيو هو.............. خير...........“
”نثار! مان سڪ کي پڪ ۾ بدلجڻ جو ڪڏهن سوچيو به ڪين آهي، تڏهن ته سڀ لِيڪا لتاڙي تو وٽ پهتي آهيان. تون هروڀرونه ڇرڪ. مان ڄاڻان ٿي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاهين. پر ٻُڌ، منهنجي پلئه تي ڪڏهن به ٻئي جي پاپ جو پاڇو ڪين پوندو. نثار، مان تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي ئي ٿي رهنديس، مون کي سنهن آهي تنهنجي سِرَ جو. جيئري جدا ٿيڻ کان ڏاگهه تي چڙهي سَتي ٿيڻ جي رسم کي جيئارينديس.“
”مٺي، مون کي مونجهه هڪڙي آهي ۽ سا تنهنجي، باقي هي ويراني جا پوڄاري پنهنجو ڇا ٿا بگاڙي سگهن.“
نثار جي سيني ۾ مُنهن سانڍيندي سرگوشيءَ واري انداز ۾ چيو هئائين،
”نثار، مان تنهنجي آهيان، تنهنجي ئي ٿي رهنديس ۽ تون منهنجو............“
”مٺي، مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه سهسائي سگهان ٿو، پر آءٌ..............!“
”جاني، مون کي تنهنجو سڪ سواد دنيا جي مڙني نعمتن کان وڌيڪ پيارو آهي، جيون جٽا ڪئي ته هڪ ڏينهن..... ها هڪ ڏينهن........ اسان ٻئي.... ها اسان ٻئي.......“
ٻي گهڙيءَ ٻئي دليون ڪي گهڙيون محبت ۾ محو، پريت جا پيالا پيئڻ لڳيون. هنن کي ڪا ڪَلَ ئي ڪانه ته ڪو گهڙي، گهڙي به گهاءُ هڻندي ۽ پل پل به پڇتاءُ ڪرائيندو.“
ايئن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ازدها جو وات ڦاٽو. موت جي تيز تيزابي ڦوڪ هوا ۾ گهن گهن ٺا، گهن گهن ٺا!! ٻه سنهڙا سنهڙا آواز اڀري، فطرت جي آگوش ۾ هميشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويا. آسون نراسن ۾ تبديل ٿي ويون، پيار پڙاڏي جي صورت ۾ گهايل ڪبوتر جيان پرڙا هڻي هڻي ساڻو ٿي ويو. ساهن جي ڇڙيل سازن جون تارون کن پل ۾ ٽٽي پيون. دور پري دور ڄڻ ڪنهن نم جي ٽاريءَ تي ٻه سڪايل ساههَ ڪوئل جيان ڪوڪي اٿيا هجن. جوانيءَ جي جوت اجهاڻي، محبت جا اڏيل محلات کن پل ۾ ڊهي، ڌو اچي پَٽِ پيا. چنڊ تلڦڙي ٻارڙي جيان چپڙا ڪڌي روئي ڏنو، ايسيتائين جو سندس ڳوڙها لالاڻ جي صورت ۾ پرهه جي پاڇولن پٺيان گم ٿي ويا. ويري وقت وار ڪري ٻن دلين کي ٻهڪڻ کان اڳ ٻوهي ۾ ڏئي ڏينهن اچڻ جون ڏياٽيون روشن ڪيون. سوجهري تي اکين ڏٺو، هڪ طرف رت ۾ ليٿڙيل ٻه مئل مڙدا ۽ ٻئي طرف..................!!