اداري پاران
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن. انهن ڳالهين کي سامهون رکندي ملڪ آگاڻيءَ جو سمورو اڻ ڇپيل مواد شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آهي. جڏهن ته ملڪ آگاڻيءَ جي شاعريءَ ۽ ڪهاڻين جا ٻيا مجموعا به جلد ئي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايا ويندا.
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جو سٿ سدائين اوهان جي مفيد راين جو منتظر رهندو.
عيسيٰ ميمڻ
چيئرمين
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
01-01-2020