ڇينهرو
”اها ڪهڙي زماني جي ڳالهه آهي ڪا ڪا!؟“
”ابا اها ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن دادو ڪئنال نئون نئون کڄي رهيو هو. هئو ڙي زمانا! ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جيڏانهن ڪر مُهاڙ تيڏانهن ست راڄي ڇيڙ. ڪوڏارين ۽ ٽوڪرين جا هوڪرا ۽ دنبها، ڪيو قادر قلندر............... بک، بيروزگاري پر پوءِ به مُرڪندڙ منهن، شينهن جهڙيون ڇاتيون، الا الا.............. ڇا ڳالهه ڪجي! تن ڏينهن ۾ خانصاحب سڪندر خان اڄ جيان صاحبيءَ کي پهتل ڪِين هو. اڄ آ جو ڀيڻها نٿو ڪري پرائي پنهنجي جي ساڃاهه!“
”ها، سو ابا خانصاحب به اسان سان گڏ پٺاڻن جي کوتيءَ جيان چارئي پهر پيو لوڙيندو هو. پڻهس به سُتت ئي فوت ٿي ويو هوس. گهر ۾ ٻي ڪا پَهر ڪانه، سو هڪ ڏينهن مرحيائت نوران مون وٽ آئي، اڙي ابا وَسايا جڙئين شال پاڻ سان گڏ منهنجي سِڪوءَ کي به ڪمرائين ته جيڪر ڇا نه ٿئي. پنهنجا ته حال ساريا پيا اٿئي، مرحيائت مئي کان پوءِ نه جو ڪو پيٽ ڀري کاڌو نصيب ٿيو آهي. مَنَ تنهنجي بهاني منهنجي ٻچڙي کي به ڪجهه ملي، پر پُٽڙا اڃا ڪچو آ پارت هجئي. پوءِ ٻئي ڏينهن مُلان ٻانگ ڏني ته جوٽي بيٺاسين اسان به، لاڙوين منجهند تائين ويندي خان صاحب ٽوڪريءَ تي ۽ مان ڪوڏر تي. پهريان چڱا جهٽڪا ڏنائين پر پوءِ ڪچڙي نيرن ڌاري ويو جهڪو ٿيندو، ويو جهڪو ٿيندو، ٽوڪري کڻندي ڄنگهان پئي ڏڪيس. ڪيترن ٽوڪرن کي ڏاڪڻ ۾ ئي ڊاهوڙا ڪرايا، پوءِ ته سڄي ڇيڙ جا هُوڪرا! صاحب به ڏاڍو لڄي ٿيو، ڀلا مڙس سنهو، سوتڙو، سيپڪڙو. اڃا مڇن جي ساول مس پئي لٿس، ٻيو غربت، هو ڪرنگهه جو ڀَتُ ۽ جوئر جي ماني پوءِ ٽوڪري اڇليندو نه ته ٻيو ڇا ڪندو. بس تنهن ڏينهن جمعدار کي سُپارت ڪري اماني ڪمرائي سونس. هندن جي وئي کان پوءِ سال اڌ اڳ سيٺ ڏيئي مل جو راضپو ٿي ويس، جنهن کيس پوليس ۾ کڻائي ڇڏيو...............!!“
ڳالهه کڻي ڇا به هجي پر سڪندر صاحبيءَ کي پهچي ڊي ايس پي جي رُتبي کي رسيو ۽ هينئر سُتت ئي پينشن وٺي اچي گهر وسايو اٿائين. هاڻي به اڻ سونهين کي ته ڀئو وٺي ويندو. ڪو به اعتبار نه ڪندو ته صاحب رٽائر آهي. اهائي ساڳئي صاحباڻي لوڏ، اڃا سوڌو هڏ بُت ۾ ڀريل، پيٽُ ٿورو اڳتي نڪتل. هٿ ۾ سدائين ڪاري ڏنڊڪي، گهر، گهٽي ۽ اوطاق ڀانئين ته ڄڻ ٿاڻو هجيس. ٿاڻو! پنهنجا راڄ ڀاڳ، پنهنجون زمينون زڙيون، ڳوٺ جو چڱو مڙس، تر جا سڀ وڏيرا سندس صلاح مصلحت ۾، ٿاڻي وارن وٽ وڏي پهچ، ٻڌ ڇوڙ سندس ڏائي هٿ جو کيلُ.
چوندا آهن وڌي واڙي لڳي ڀاڳ، سو صاحب کي به ٽي نياڻيون ٻه پُٽ. نياڻيون ته هڙئي اٿاري ڇڏيون اٿائين، ڪا ڪنهن رئيس کي، ڪا ڪنهن آفيسر کي، باقي پُٽ تن مان به وڏو ته خير سان پڙهي پيو اٿس، سندس شادي به تر جي رئيس جي ڌيءُ سان ڪرائي اٿائين. تنهن کي به گهر توڙي ٻاهر پيءُ جيان ڪوٺين ئي خان صاحب، خان صاحب. باقي ننڍو تنهن سان ته صاحبن جي پوي ئي ڪانه. هو همراهه به نه ٻن ۾ نه ٽن ۾، سدائين ٻاهر وتي پيو پنهنجي مُنهن هلندو. وڏو صاحب ته چوندو ئي ايئن آهي، ”ڀيسان ڇوري مان غذا ڪانه ٿي، ڇورو کري خراب ٿيو. ڦٽائي ٿو سڄي ڌنڌي کي. هون! ڇا ڄاڻي ڪتو ڪڻڪ جي مانيءَ مان. ٿيندو پاڻ خراب اسان جو وري ڪهڙو..............!“
هڪ ڏينهن ته ويهاري سمجهايائينس، ”پُٽ سڌر، سڌر چڱو ٿئي. شودن جي سنگت، ڀاڻين اونئين ڪَڪِ ويٺو ٿي، جي گهڻو گهڻو ته ڪري ڇڏيندوسانءِ ڌار، اسان جو ڇا ڪندين ٿاٻا پاڻ کائيندين.“
هن به ٽَرَ ئي ڪانه ڪَيَسِ، ”ها، وير وير جي ٽمجهڻ کان هڪ ڏينهن جو ڇينهرو چڱو آ، مون کي توهان جو گهرجي ڪجهه ڪِين، رڳو جان ڇڏايو!“
ننڍي صاحب کي ته پِتي تي ئي ڪونه پوي، چوي ته اصلي هن وقت گهر مان نڪري، اهو ئي سبب سويرو ئي هن کي گهر کان الڳ ٿلڳ هڪ ڪوٺڙي ڏني اٿائون. ڪوٺڙي وري ڇا، نسوري کولي، جنهن ۾ هڪ کٽ مس ماپي، پاسن ۾ ٻه جاريون، جن ۾ ڪجهه ڪاڳر پَٽَ ۽ ڪتاب ڪڙا، هڪ بيگ ڪپڙن لاءِ ۽ هڪ پراڻو جهنر پکو، ٻيو ٿيو خير.
صاحبن جو رايو ته اسان جي آڏو گونگي گانءِ ٿي بيهي ۽ هوڏانهن هو همراهه اصلي سودو ئي نه سلي، حفيظ شيخ جيان منهنجي آزادي کسڻ جو اوهان کي ڪو حق نه ٿو پهچي! ڪيترائي ڀيرا منهان منهن ٽڪر به ٿيا اٿن. هڪ ڏينهن ته اصلي جنبوٽين پئجي ويا پر رات جو وڳڙو هو، جنهن ڪري گهڻي چئو پچئو ڪا نه ٿي. هڪ ڪَنَ ٻُڌو ٻئي نه ٻُڌو. ٿيو ايئن جو رات جو هڪ وڳي ڌارين ننڍو صاحب پيون کايون مست لڳو جيئن ئي گهر گهڙيو ته سامهون ڪوٺيءَ مان اڃا تائين روشني اچي رهي هئي. اڳتي وڌيو، ”اڙي ڪٿي هُئين!؟ جهليانءِ پيو پوءِ به نه ٿو مُڙين، اهو ڇا پيو لکين؟ هيڏي ڪر، مون کي ڏي!“
”ڇاهي جو توکي ڏيان............. تون وڃي آرام ڪر........... هن کي ڏسي ڇا ڪندين!؟“
جهپڙ ڏئي ڪاڳر کسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ”ڇڏ، ڇڏ تنهنجي ڪم جا.................!“
”ذليل ڪميڻا.............“ ٺڪاءُ ٿو چماٽ ڪرائيس، موٽ ۾ ساڳئي چماٽ ٺڪاءُ! پُٺتي ٿيندي دروازي کي ٿو لڳي، دروازي جي اسي ڪلهي کي کائي ٿي وڃيس. ٻيهر وار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو مگر بي سود، پوءِ ٿُڪ اڇلائي، ڀونڊو ڏيندي نڪري وڃي ٿو.
”هون، ذليل ڪٿان جو............... وڏو آيو آ.............. بس گهڻائي ڏينهن سَٺو اٿمانس............... هن پئي سمجهو هڙئي مذاقان کيس ڦٻي وينديون پر................!!“
پوءِ ڄڻ سُڪن سرن کي باهه لڳي وئي، پئٽرول تي تيلي ڪري پئي. صاحب جو هو پوءِ ڪير سندس حڪم کي پُٺي ڏئي، کاٽو پُٽ ته هونئن ئي پيارا. گهر جي اڇي ڪاري جو صاحب مالڪ، مجال آهي ڪنهن جي جو ڪو سندس سڳي ڌاڳي کان ٻاهر وڃي. جيڪو ٿورو به پاسيرو ٿيو، تنهن تي صاحب جو غضب نازل، پوءِ حقو پاڻي بند! پاڻ به جڏهن پڙهائيءَ واري دور مان گذريو هو تڏهن پاڻ ۾ به گهٽ ڪانه هيس، اصلي داداگير، سڄو ڏينهن ڇوڪرين جي ڪڍ پر جسُ آهي مائي ڪمل کي جنهن خان صاحب سڪندر خان سان پُڄي کيس سکيو رکيو.
”چوانءِ ٿو قابو ڪر پنهنجي سڪي لڌي کي، نه ته ايئن ڪُٽيندس جيئن اُٺُ پتڻ تي!“
”وري ڇا ٿيو.................!؟“
”وري ڇا ٿيو، وري ڇا ٿيو، اڃا مون کان ٿي پُڇين، اڄ به فون ٽڙڪو ڪيو آ، جهل پنهنجي پُٽ کي نه ته پوندئي ٽوڙهو ڳچيءَ ۾، منهنجا ٻُڌي ٻُڌي ڪن ئي کاڄي ويا آهن ۽ هو آ جو لاٽ خان...................... اسان جو ان ڳالهه سان ڇا ته سنڌ سائي ٿئي ٿي يا سُڪي ٿي، ماٺ ڪيون پڙهي نه ته الله الله ڪيون گهر ويٺو هجي، سنڀالي پنهنجي ملڪيت. سڀو ڪجهه ته اٿس، اڃا ڇا گهرجيس!؟“
”مان وري ڪو گهٽايو آهي ڇا، پر آخر ته پُٽ ٿي، پڙهي پيو ته اها به تنهنجي عزت.“
“پر عجن ماءُ هو به رکي ته کائي............ مس مس الله سڃاتو آ ۽ هي آ جو رڳو دڦ ڪرڻ جي ڪڍ“
پاڻ به ڏاڍو ارٿرو هوندو هو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران ڪيترا ڀيرا جيل ياترا ڪيائين. ڪيترائي ڀيرا خارج ٿيو. هر جلسي، هر جلوس ۾ اڳرن کان اڳرو، وڏا وڏا نعرا، وڏيون وڏيون تقريرون، ايئن ٿي ڀانئيو ڄڻ سنڌ جي آزادي ۽ شاگردن جي حقن جو بار سندس سر هجي، جوشيلن ۽ وڏن نعرن سبب مٿس نالو ئي ڀنڀراٽ پئجي ويو. پڙهي ڪونه رڳو ڇوڪرين جي ڪڍ. هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪونه ڪڏهن ڏس ڪٿي ڪڏهن ڪٿي. پٺيان شڪايتن جا انبار. انهن ڳالهين ڪري خان صاحب سڪندر خان به سدائين ناراض، جڏهن پوليس واري رعب تاب کان ڪم نه هليو ته پوءِ، ”ڏس پُٽ، پاڻ مسڪين هئاسين، مس مس ته الله سڃاتو آهي نه ته ڪٿان تون پڙهين ها، ڪٿان هي منڊل مچي ها. ڪيترائي ڀيرا مٿان کان ٽيليفون جا ٽڙڪا آهن، پُٽ کي روڪِ نه ته پوءِ نوري مان هٿ ڌوءُ، تون آهين جو اصلي پنهنجيءَ تي، اهي تحريڪون، اهي هُل هنگاما اُهي ڪن جيڪي سياست ڪن، باقي اسان جو ڪهڙو ڪم اهڙن جنجل جي ڪمن سان. اجايو ڇو ٺرئي کير کي ڦوڪان ڏجن!!“
”بابا تون به زور آور آهين، پوليس جو ماڻهو ٿي ڪري به ڳالهه نه ٿو سمجهين! توهان مون کي صاحب ڏسڻ چاهيو ٿا يا نه؟ جي ها ته پوءِ ٿورو وقت اڃا سَهو!“
”هون! هون! سمجهيم، سمجهيم............ پر ٻچا ڳالهه ته ڳوري آهي.“
پوءِ ته اصلي پِڙُ ڪڍي بيٺو، پاڻ اُٺ جيان پلاند پلاڻيو سدائين ڇوڪرين جي چڪرن ۾، پُٺيان امتحان به ٻيا ڏين يا ريوالور اڳيان پوءِ ڪاپيءَ جي ڌُمَ، مجال آهي ڪنهن جي جو ڪوئي آڱر کڻي. عملو به سارو ئي منجهانئس ڪَڪِ، سوچن ته اڄ نڪري صبح ٻيو ٿئي. تان جو سُٺي نمبر ۾ اچڻ بعد سرڪار سڳوريءَ رکي ڇڏيس پيءُ جيان غلاميءَ جي ٽوڪري ڪلهن تي. اسسٽنٽ انجنيئر صاحب، پوءِ ڪاڏي ويا وڏا وڏا نعرا، ڪاڏي ويا آزاديءَ جا آواز ته ڪاڏي ويا سنڌ جا سُڏڪا! هاڻي رڳو هڪ ئي ڌن سوار، ڪيئن خانداني ملڪيت ۾ واڌارو آڻجي، باقي ڪاليجي ڳالهيون، سي سُسي، سُڪي، سڙي ويون!
”مان چوانءِ ٿو پنهنجي عجوءَ کي جهل، پيو آهي منهنجي نوڪريءَ جي ڪڍ هٿ ڌوئي، انهن حرامين سان ته مليو آ پر جڏهن ڏس تڏهن اها سنڌ، اهي هاري، سنڌ ڄڻ بابنهس جي جاگير هجي! سنڌ ڄڻ مُئي پئي وڃي، جو هي مڙس دودو کيس جيئاريندو! اسان به هئاسين يا نئينءَ مان اچي هي ساماڻو آهي. راتين جون راتيون گم، چوي ته بس سڄو ڏينهن هارين سان جک ماريان، باقي ٻيو ٿيو خير، لڄائي ٿو................!“
”يا الله خير! وري الائي ڇا ٿيو، ابا خير ته آهي!!؟“
”هاها خير آهي، پنهنجي ڪونڌر کي سمجهاءِ، اڃا ته مس مس آني مان ڦٽُو آهي ۽ هاڻي ئي پيو رنگ ڪڍي. اڄ به رئيس ڀنڀو خان دانهين آيو آهي ته پنهنجي کي روڪيو، منهنجي هارين کي اهڙيون ته پٽيون پڙهايون اٿائين جو ٻائيتال مچائي ڏنو اٿائون. چون ته ڇا جي تنهنجي زمين، گهڻو گهڻو ته جيڪو کيڙي سو کائي، بيگر بڙي اسان کان ڪانه پُڄي، ڀيڻها انڌير ته ڏسو! پرائن زمينن تي قبضا، اڄ پرائن تي صبح پنهنجن تي شير شاهه جي شڪري جيان ماريندو گهر جا ڪڪڙ ٻيو وري.............!!“
اعجاز جي به ڇا ته زندگي هئي اکيون ئي اهڙي ماحول ۾ کوليائين جتي پابنديون ئي پابنديون هيون. جتي عام انسانن لاءِ نفرتون هيون. جتي احساسن جي اُٿل پُٿل ڪانه هئي. جتي هر سوچ پاروٿي ۽ گندي هئي، جتي وڏي کان وڏي ٿيڻ جا ويچار هئا، جتي ذهن زنگ جي ڪن ۾ ٻڏل هئا، جتي رت جي رشتي تي طبقي جي رشتي کي اهميت هئي، جتي شرابن جي وهڪري ۾ ڪيتريون ئي معصوم لڄون ٿي لڙهيون، جتي ذهن ۽ ضمير بدبودار گندگيءَ جي پوسل ۾ گچيل هئا.
هن جڏهن سوچڻ شروع ڪيو، تڏهن هن کي هن جڙتو ماحول جي جهنم ۾ رهڻ اڻانگهو ٿي لڳو. هن مظلوميت جا ڳوڙها ڏٺا، هن هارين جي حياتين کي جنڊ جي پُڙن ۾ اٽي جيان پيسندي ڏٺو. هن غربت ۽ اڻ هوندائيءَ جي اوندهه پَسي، هن ذلالت ۽ بي حيائيءَ جا غليظ ۽ گندا ڪردار ڏٺا. هن ماحول ۾ هن انسانيت، مظلوميت ۽ معصوميت جون ڪٺل ۽ ڪرچيل ڪوڪون ٻڌيون. هو سوچڻ لڳو، ”هن سماج ۾ وڏي ڪرسي، وڏي صاحبي، وڏي پئسي، وڏي پاپ ۽ وڏي ۾ وڏي بدمعاش جي عزت ڇو؟“ پوءِ تصور ئي تصور ۾ اهڙي سماج جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون کوڙيندو رهيو، جتي ڏاڍ نه هو جتي ڪو هيڻو ۽ دٻايل، هيسايل نه هو، جتي ڳڻتيءَ کان انسان پالهو هو.
هڪ ڀيري بٽئيءَ تي ويو، هڙئي انُ هارين کي، پاڻ خالي هٿين گهر، پوءِ، پوءِ مالڪ هوندي مزور، پهچ هوندي بي پهچ، گهر ڀاتي هوندي به مهمان، هر معاملي ۾ ڪَٽيو ويو.
پوءِ هو اڳتي، گهڻو اڳتي نڪري آيو. هن کي سنڌ جي هر شئي سان ازلي عشق هو. سنڌ جي ڀِٽن ڀاڻن، تل تراين، ساوڪ سرهاڻ، ڏهر ڏاچين، مينهن ميهارن ۽ واهڻن واهوندن سان جيڪا اُڪير هئي تنهن کيس جيل جهاڳرايا، ڪشالا ڪڍرايا، ويراڳين جي وستين پهچايو، کاهوڙين جي کيرن سان وک وک ۾ وجهي واچوڙي جيان ڦيريون پائيندو رهيو. هن انهن گسن گيڙن ۽ پنڌن پيچرن جا سونهان ڏٺا جن جي پَسڻ جي ورهين کان آس هُيس. هن کي جيڪو سيڪيل ماني ۽ پاروٿي پليءَ جي ٻوڙ مان ساءُ آيو سو ست رشي طعام ۾ ڪٿان. هن ڌرتيءَ جي سيني تي اهڙا ڪيترائي جيئرا جاڳندا ڪردار ڏٺا جيڪي ديس جي سِڪَ ۾ سڙي مري امر ٿيڻ لاءِ آتا هئا. هن اهڙن مانجهي مردن سان گڏ سنڌ جو سَهنُ کنيو سنڌ سُکي ٿئي، سنڌ جو پورهيت سُکي ٿئي، لاٽ ٻرندي رهي، وِکَ وڌندي رهي، وِکَ وڌندي رهي.
هو وِکون کڻندو رهيو، اڳتي وڌندو رهيو. هن ڀيري ته ماءُ مڙهي به چِڙي پيس،
”ابا ڪهڙي کڻي دانهن ڪڍرائي اٿئي، جيڏانهن ڏس اهو عجو، اهو عجو، روزانو روز پڻهين، ڀاڻين پيا ڦڪڙيون ڪن، اجايو ڇو ٿو پاڻ پُڻائين، ڇڏ..............“
”امان پنهنجا صاحب ويا آهن توکي به کڻي ۽ مان...............!“
”ڇا ابا ڪِنَ جهڙن ماڻهن سان رُلي رُلي پنهنجو حِظُ ئي وڃائي ڇڏيو اٿئي. هاري نه جيئارين کڻي جک مرائن، اسان جو تنهن ۾ اَڌُ يا ٽِهائي؟“
”امان بگهڙ بک وگهي مرندو مري ويندو پر گاهه نه چرندو!“
”نه ابا نه، توسان اسان جي بات ڪانهي، تون ڄاڻ، تنهنجو ڌنڌو ڄاڻي، هوءَ گوءِ هو ميدان.“
”امان مان به هجان ها کٽڻ ڪمائڻ وارو ته وڻانءِ ها ۽ هاڻي..............“ ”تون نه کٽيءَ ڪمائيءَ وارو ٿئين ته اسان کي کڻي نه ڏجانءِ، وير وير وڏن جي سامهون ٿيو بيٺو آن، تومان اهائي سورهيائي ٿيندي ٻيو وري ڇا، لوڙيندين پاڻ، اسان جو ڇا ڪندين!“
”مان نه جيڪو ڦاهيءَ ٽنگيس ته اوهان نه ڇڏائجو.............“
”پر ٻچا ڌڻُ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي، جڏهين نه پڻهين، ڀاڻين پاسيرو ٿيئي، تڏهن ڏسجانءِ پنهنجا پرڪار، ڪو در تي بيهڻ به ڪِين ڏيندئي.“
”مون کي نه ٿي گهرجي توهان جي ماني، ڀيڻها جڏهن ڏس تڏهن مانيءَ جا مهڻا، مان ڄاڻان ٿو...............“
”ٻچا چڱو ٿي چوانءِ، ڇڏ لُچن جي صحبت، لڳُ پنهنجي ڌنڌي، نه ته مان مُئي پڄاڻان ڀاڻين در تي بيهڻ به ڪِين ڏيندئي. هاڻي به ويل نه وئي آ، چوين ته پڻهين يا ڀاڻين کي چئي وٺي ڏيانءِ موڪل پڙهڻ جي، جي نه ته پوٰءِ کٿو ۽ کريو اوجهو پيو اٿئي.“
”مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ورتو آهي، مان انهيءَ ڪن ۾ ٻڏڻ نه ٿو چاهيان، جنهن ۾ ٻڏڻ تنهنجي صاحبن لاءِ فخر آهي! مون کي ناهي غرض تنهنجي صاحبن جي، وڃي پنهنجا صاحب سوگها ڪَرِ. پر ڊڄ ان ڏينهن کان جڏهن تنهنجي صاحبن جي صاحبي نه رهندي، جڏهن حساب وارو ڏينهن ايندو، سج نيزي پاند ايندو ۽ ڪانوَ جي پئي اک نڪرندي. پوءِ ڪنهن جو سڏ ورنائڻ وارو نه هوندو، تڏهن ڏسندس تنهنجي صاحبن جي..............!!“
”ادا، ڇو اهڙو ٿيو آهين، ڇا چيو آهي مڙهيءَ ماءُ ۽ ڇا پيو ٻول ٻُڌائين، خيرين سلين لفظ ته چڱا ڪڍُ. ڇڏ امان تون به اجايو پئي ڍنگرن تي اٽو سُڪائين! تون ماٺڙي ڪيون ويٺي ڏِسُ، پاڻ ڄاڻن پنهنجا ڪم...............!!“وڏيءَ ڀيڻس وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاريو. ايئن هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا جنگاڻ ٿي، الران ٿيون، ميڙا ٿيا، اوڙي پاڙي، مائٽ مٽن ڏٺو پر مُڙيو وري اعجاز به ڪِين. جي هنن کي پنهنجي انا پياري ته هن کي پنهنجا اصول، هنن کي صاحبيءَ تي ناز ته هن کي خوداريءَ تي. پوءِ هر وقت، جهرجهنگ ۾ جهونگاريندو وتي اسان تي ظلم ڪندڙ اسان جي لاشن کي لتاڙي رهيا آهن. وري جيئري ٿيڻ جو ڏينهن اچي پيو، جنهن ڏينهن سڀ حساب ڪتاب ٿيندا، دماغ سوچين پيا، دليون ٻرن پيون. انسانن جي اندر ۾ گرم رت گردش پيو ڪري. قومون حق ۽ ناحق بابت سوچين پيون. پورهيت، پنهوارن جي اندر ۾ ٻرندڙ جبل جيان باهه دُکي پئي، ڄڀون پکڙن پيون.
اسين خاموش آهيون!
اسين خاموش آهيون!!