سج ۽ چنڊ
ها، ان ٽئين ڏينهن جي ئي ته ڳالهه آهي! جڏهن کان تو ۽ اسان جا رستا الڳ، راهون جدا ٿي ويون (هونءَ وري ڪهڙا گڏ هئاسون؟) اهو ٽيليفون ئي ته هو، جنهن ڪجهه سمو تنهنجي آواز کي رسيلو ۽ چس ڀريو ڪري پيش ڪيو ۽ مان کي وري تنهنجن خوابن جو هيرو، جوان اڙٻنگ، ڪنوارو ڪمرو ۽ قد آور، ڀاري ڀرڪم شخصيت، پنهنجي عمر کان ڪيئي ڊگريون گهٽ ڪري پيش ڪيو.
اهو ٽيون ڏينهن، اهو اڱاري جو منحوس ڏينهن، جنهن ڏينهن کان پوءِ تو اسان جا تصور، پور پچايل پَهه پرزا، پرزا ذرا، ذرا ٿي وکري ويا! اڄ انهن وکريل، کڙيل، کنڊيل خيالن ۽ ڪجهه اڳلين ملاقاتن جي دز کي سيني تان جڏهن ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪرڻ لڳو آهيان تڏهن تون ان کي شڪايتي ڪهاڻي سمجهندينءَ ۽ ٻيو سارو لوڪ وري پيار ۾ ناڪاميءَ جو داستان! بهرحال مان اهو سڀ، سمورو داستان لکندس، جنهن کي شڪايتي بيان سمجهندي ممڪن آهي ته تون به منهنجي خلاف ڪو وڏو ٿلهو فائيل جوڙي وٺين ۽ ايئن ئي عوام آڏو تو کي به پنهنجي صفائيءَ جو موقعو ملي وڃي، جيڪو سندءِ حق به ٿئي ٿو (جيڪو حق پهرين مڙس توکان کسي ڇڏيو هو) توکي ياد ڏياريان...................!! اڄ کان ست مهينا اڳ جي هڪ رات، رات، اها رات جنهن جي طوالت اسپتال جي بيزار ڪندڙ ماحول ۽ مريضن جي چنگهه چنگهاڙي کان تنگ ٿي ڪري منهنجي هڪ هائوس جاب ڪندڙ دوست تو طرف ٽيليفون ڪيو هو. ان وقت هن چواڻي، رات جا تقريبن ٻارنهن وڄي چڪا هئا ۽ تون پنهنجي مٿي ۾ ميندي پائي ٽلهي ٽلهي هاڻي هاڻي بستري جي حوالي ٿئي هُئينءَ. چئي نه ٿو سگهجي ته تون ان وقت اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن ارمانن جو ماتم ڪري رهي هُئينءَ يا ڄام جکري جي ملڪ ميهر (ميهڙ) واري مينديءَ جي ٿڌڪارن پٺيان اک اک سان لڳي وئي هيئي جو، ٽيليفون جي گهنٽيءَ جاڳائي رکيو هيئي. تنهن بعد ذڪر ڇڙيو هو چنڊ جو، چنڊ جنهن جي سهائي سان مان واري يار چڪور جيان عشق ڪيو هو. سو عشق افسوس جو ٻنهي کي راس نه آيو. چنڊ گرهڻ لڳڻ سبب اڻ چٽو رهجي ويو، جنهن چنڊ پسڻ لئي مان واري يار ٻيهر اتساهه ڏيکاريو هو پر چنڊ، تو وارو چنڊ اڄ ته تو ۽ مان واري يار کان ڏور پري ڏور هو!!
ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين.
ايئن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ذڪر ڇڙيو هو تنهنجو، تنهنجي وارن ۽ ميهڙ جي مينديءَ جو، تو پڪ ڏيارڻ چاهي هيُس ته،
”مٿي ۾ ميندي پائڻ جو سبب نه ڪي طويل عُمري ۽ نه ئي وارن جي سفيدي هئي. بس مينديءَ جي رنگ، روپ ۽ خوشبوءِ سان سندءِ چاهه هو. يا اڃا به هينئن، مومل جيان ملڪ جهان جا ڀئونرا ميڙڻ هو! جن ڀونئرن کي ميڙي پنهنجي مٿان ڀيرا ڏياري ڀون ڀون ڪرائي لوڪ کي ٻڌائڻو هو ته مومل مئي ڪانهي، ڪاڪ سڙي وڻ وڍيا ناهن، تو اڃا وڌيڪ پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو هو،
”اون هون............... منهنجي مٿي ۾ پريا ڪٿي! مان ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ چنڊ جڏهن نه گڏ هلنديون آهيون ته ماڻهو مان کي ننڍي ۽ چنڊ کي وڏي سمجهڻ لڳندا آهن! مان وري ڪراڙي ڪٿي“ تنهنجي ان ڳالهين ئي اُڪسايو هو مان واري دوست کي. تو چوڌاري ڀونئر جيان ڀيرا ڏئي تنهنجن وارن ۾ پيل مينديءَ جو واس وٺڻ تي! تڏهن هن مرڪي چيو هو،
”چئبو اڃا ڏاڍي آهين نه!؟ ان سمي ٽهڪن جي هٻڪار پٿريندي تو چيو هو،
”اڙي ڇورا............... تو ڇا مان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو!؟“ نه، تون پوڙهي ڪٿي، تنهنجي ان نه پوڙهائپ ۽ جوانيءَ جي لونجهه ۾ ئي هن توڏانهن هٿ وڌايو هو ۽ پوءِ ٽيليفون جو ڊگهو سلسلو، نئين سج نئون گفتو، توکي اُڏرڻ، پرڙا ساهڻ لاءِ اُڪسائڻ، تنهنجي جسم جي گرميءَ کي وڌيڪ ٽهڪائڻ، ٽچڪائڻ، ايئن ئي ٽيليفون ڪرڻ اوهان جو هر روز جو نِيَم بڻجي ويو هو.
پوءِ جڏهن گڏياسين.............. شيل شڪار تي، باغن ۾، پوکن گهمندي، نجي ڪچهرين ۾، حال احوال، ڊاڪٽرن جي ڪاسائڪي ڪردار، نرسن جي چال چلت، سرڪاري دوائن جي چوري ٿيڻ بابت ڪيئي سوال جواب ٿيڻ لڳندا هئا. جن احوالن ڏيندي وٺندي وچ وچ ۾ هاڻي تنهنجو نانءُ به کڄڻ لڳو هو. ان تنهنجي نالي کڄڻ تي مرڪي اک ڀڃي چوندو هو،
”ٺيڪ آهي جي، چنڊ نه ته سج ئي سهي، ڪوته هجي، جيڪو هن دل جي صحن کي روشن رکي. ڪيئن ٿي وڃن ٻه ٻه هٿ!؟“
۽ پوءِ منهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي ڏنو هو جواب پاڻ واري يار ڦاٽوڙي دهل،
”ها، هونءَ به سس ساليءَ جي عشق ۾ مزو ئي اور آ“
ڪنهن ٻئي موقعي تي مان چيو هو،
انبن جي سِڪَ ککڙين مان ڪا لهندي“
تڏهن هن تنهنجي جوڀن جواني، هڏ ڪاٺ ۽ سونهن سوڀيا جي فائدي ۾ ڪيئي دليل ڏنا هئا. هونءَ ته توکي چوسيل ککڙي چوڻ منهنجو اصل مقصد ڪونه هو، بس ايئن ئي لوڪ جي ڪهاوت کي ورجايو هو. پوءِ به جڏهن هو نه مڙيو هو تنهنجي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو هُئائين، تڏهن سچ پچ، منهنجي وات ۾ به پاڻي اچي ويو هو. تڏهن مرڪي چيو هئم،
”ڪجهه اسان لاءِ به ڇڏيندين ڪن سڄو ملڪ.............“ هن پوءِ جلدائيءَ ۾ ڪلهي تي رکيل بندوق کي سڌو ڪندي رستي لنگهندڙ جهنگ ڪڪڙ تي چست وٺندي فائر ڪيو هو. ان فائر دوران ئي سندس وات مان نڪتو هو،
”ڀلي............. هجي ڪنهن ۾ همت............. اسان ته يارن لاءِ سدائين پارس پاهڻ رهيا آهيون“
مان سندس ڌڪ ٽاريندي چيو هو،
”هي جو هيتريون ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون!؟“ ماڻهو ته ڀلئون ڀل پيا آهن پر خبر ناهي توکي ڇو نه ٿا وڻن“
هن پوءِ مئل جهنگ ڪڪڙ مٿان ايندي چيو هو،
”ڊاڪٽرياڻيون...........!؟ يار........... مان کي ته ويچارن جي حال تي ڏاڍو رحم ايندو آهي، اڌ عمر جو لکائيءَ پڙهائي ۾، امتحان پاس ڪئي کان پوءِ هائوس جاب ۽ نوڪريءَ جي چڪرن ۾، ان بعد آئڊيل جي تلاش، سندن وٽ رهيو ئي ڇا، جنهن جي آسري ڪي مزا ماڻڻ جا خواب لهن، ۽ نرسيون..............؟ نرسيون وري اهڙيون حرامزاديون جو............... بابا، چڱن ڀلن جا پٽڪا پيا رُلن، نه چڙهيو آهين ڪنهن جي وَرِ، بس کائڻ پٽڻ، ڊوهڻ، نوان هائوس جاب ڪندڙ ويچارا ڳوٺاڻا، تن کي ته اهڙا چڪر ڏئي وڃن جو ويٺا مٿا کنهن.“
مان چيو هو،
”توکان به زور............!؟“
”ٻُڌ...........“ هن مرڪندي چيو هو،
”پر ادا ايئن ڳالهين ڇو ٿو گهلين، بابا، جي اٿئي نيت ۾ خلل ته کولي کولي ٻڌاءِ باقي ايئن ڇپر ۾ ڇڙيون............ پر، ادا............. اسان سج جي پچر ڇڏي، بس نه................ ڪن ڪجهه ٻيو کپي؟“
۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا مان کي کپندو ئي ڇا هو. توکي ڪو نئون نينهن لائڻ ۽ ٻيهر شادي رچائڻ لاءِ اُڪسائڻ لڳو هو. ايئن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن پاڻ کي کسڪائي تو آڏو آندو هو مانکي، مان جو تنهنجو اڻ ڏٺو واقف هوس، مان جو، تو آڏو اجنبي ۽ ڌاريو هوس.
تون پهريان، پهريان سندس سوالن کي ٻڌي ٽاري ڇڏيندي هئينءَ ته ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٻڌا ڪري نٽائي ويندي هئينءَ ۽ سو نٽائڻ به آخر ڪيسيتائين؟ ابوءِ................! مرد به وڏا حرامي ٿا ٿين، ڏٺئي نه، ڪيئن نه هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي هو توکي ميدان ۾ ڪُڏائي آيو هو. لڳاتار چوڏهن وريهه ري طلاقي نڪاح جي ڪوڙي رسيءَ ۾، سلهاڙيل، پيڪاڻي گهر ۾، چئو کنڀو ٻڌي رهڻ کان پوءِ هيئن جو ڪنهن وڏي شد مد سان اڪيلائپ جو احساس، پوڙهائپ جو ڊپ ڏياريو هوءِ ته تون ڊڄي وئي هُئينءَ، ٻي هڪ نئين نڪور زندگي گهارڻ لاءِ پرڙا ساهڻ لڳي هئينءَ.
ايئن ئي گذريل چوڏهن سالن جي اڪيلائيءَ واري زندگيءَ تي سوچڻ لاءِ توکي ڀرپور موقعو مليو هو. اهڙي سوچ ته تو وٽ پهريان به آئي هئي، جڏهن تو ٻڌايو هو، تنهنجي پرڻي واري رات جي ٻئي صبح تي توکي سندءِ مڙس اڪيلو ڇڏي وڃي ٻئي ڪنهن سان نيرن ڪئي هئي. پنهنجن پراون، هيتري ساري خلق ۾، هڪ کٽ، هڪ ٿانوَ ۾ ماني کائيندي جڏهن هن کي ڪو شرم حياءُ نه آيو هو، تڏهن تون به چپ سبي ٻيهر اباڻو گهر وسايو هو، تڏهن کان پوءِ ڪنهن سرتي سهيليءَ جي چئي پٺيان تو ڌڻيءَ در ڏاڍو ٻاڏايو هو. نماز، روزو، تهجد، تسبيهه اپنايو هو. لڳاتار ڏهن سالن جي عبادت رياضت کان پوءِ به جڏهن تولاءِ توبهه جا دروازا نه کليا هئا تڏهن تو مصلي کي ويڙهي سيڙهي گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. اڄڪلهه جي ترقي پسندن ۽ ڪميونسٽن جي ڳالهه ئي ٻي پر مان کي ته تون ان وقت به زبردست ترقي پسند لڳي هئينءَ، چيو هيئي،
”جڏهن نماز، روزي، وڏي وڏي رات تهجد ۽ تسبيح پڙهڻ مان به ڪجهه نه مليو، تڏهن چيم اي ماڻهن جا الله جي روبرو هجين ته چڱي ڇنڊ ڪڍانءِ پر ٿي پيو آهين پري! ۽ ڪهڙي خبر................ ڪهڙي خبر تون هجين ئي نه! ماڻهن کڻي اجائيءَ جو معمو بڻايو هجي!!“
بهر حال هن جون توسان لڳاتار ڪچهريون ٿينديون رهيون، جيڪي ڪچهريون تو اسان تائين ته ڪي محدود ڪين هيون، ڇو ته ان بهاني هو توکان تنهنجي نئين پرڻجي ويل ڀيڻ چنڊ بابت الاهي ساتريون خبرون چارون پڇندو رهندو هو. ان چنڊ پسڻ لئي هن جا توسان احوال ٿيندا رهندا هئا، ايئن ڄڻ تون ٻنهي کي ملائڻ لاءِ خلائي شٽل جو ڪم ڏيندي هجين، انهن احوالن ڏيندي وٺندي جڏي جڏي تنهنجي ذات بابرڪات بابت سوال ٿيڻ لڳندا هئا، تڏي تڏي تون ڏاڍي لپڙ سپڙ کان ڪم وٺندي هئينءَ. اهو ان ڪري نه ته توکي پنهنجي ذات سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي پر اهڙو احساس هن وقت تائين نه جو ڪنهن توکي ڏياريو هو. سو منهنجي يار (پوءِ جيڪو تنهنجو ادا بڻجي ويو) جي ڳالهين کي پهريان پهريان تون پسرائڻ ئي سمجهندي رهي هئينءَ ۽ ان جي چرچن ڀوڳن جي سمي ڪڏهن جي هن سوال ڪيو،
”اڃا ته تو ۾ داڻا آهن، ڪر ٻي شادي............... مئي پڄاڻا ڪو ڪلهي ڪانڌي ته ٿيئي“
تون مرڪي چوندي هئينءَ،
”ڀلا ڪو ڳوليو اهڙو، مان کي ته ڪونه ٿو سُجهي، توهان ڀائر ئي ڪو هٿ پير هڻو“
ان هٿ پير هڻڻ جي بهاني ئي هو منهنجي، تو آڏو هلڪي تصوير چٽڻ لڳو هو. ان تصوير چٽڻ ۾ جيئن هن مون ڏانهن نه گهٽايو هو. تيئن ئي تو لاءِ به باقي ڪا ڪثر نه ڇڏي هئائين. هن تنهنجو هو بهو اهڙو چتر چٽيو هو، جهڙو منهنجي تصور ۾ محفوظ هو. اسان اديب ته اديب پر هو اسان کان به گوءِ کڻي ويو هو (تنهنجي ملڻ کان پوءِ اهڙو آفرين نامو منهنجي طرفان کيس مليو) مان جيتوڻيڪ ٻارن ٻچن، گهر تڙ وارو هئس، ٺهي ٺڪي عجب جهڙي ماني ملندي هيم، ڪنهن به اوني کان پالهو، آزاد منش ٿيو گهمندو وتندو هوس پر پوءِ به تو واري ذڪر کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي اڌورو ۽ اڻ پورو سمجهڻ لڳو هوس هن همراهه تنهنجي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو (جيڪو پوءِ بلڪل بڪواس لڳو ڇو ته تون عورتن جهڙي عورت هئينءَ، نه ڪا اپسرا) تنهنجي حسن، جواني، ڏاهپ، سياڻپ گڏ گڏ سندءِ سڄي ساري تاريخ، جاگرافي به ڏٺي هئي، تون ٻن وريتن ڀينرن جي اڀاڳي، شادي شده حال حيات مڙس هوندي به اڪيلي، اباڻي گهر ۾ رٺي ويٺل، پنهنجي ڪنهن هڪ اڌ ٻار جي پالنا سان گڏ، پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ جي اڀل آسرو، سڄي گهر جي ڪرتا ڌرتا تون ۽ اهڙي لاوارث اداري جو واهر وسيلو تنهنجي ابي امان جو ٽهليو، ٽنڊوالي ڪندڙ، بس تنهنجي مايا جو موهه يا سندءِ حسن جوانيءَ جو لوڀ پر اهڙو ڪجهه هو ضرور جنهن سبب مان پنهنجو ناتو توسان جوڙڻ چاهيو هو. ان سڀ کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ڪنهن سمجهو سياڻي زال جي ان لاءِ به لوڙ هئي ته جيئن پهرين واري سادي سياڻي پر اڻپڙهيل، اٻوجهه ڳوٺاڻي زال جي مقابلي ۾توکان ڪي ٻيا به فائدا حاصل ڪري سگهجن. مثلن ڪنهن سرسبز ماٿريءَ ۾ توسان گڏ گهمڻ، ڪنهن اڪيلي سنسان راهه تان هلندي توسان پيار ونڊڻ ورڇڻ، رات جو نويڪلائيءَ ۾ شعر و شاعري، ڪا ڪهاڻي، ناول، ڊرامو يا فلم ڏسڻ ٻڌائڻ، سمجهڻ سمجهائڻ، ڪنهن محفل مشاعري يا ادبي ميڙ ۾ ٻانهن ٻانهن ۾ ڏئي گڏ گهمڻ، اٿڻ، ويهڻ ڏتڙيل ۽ بي پهچ اديبن وچ ۾ ويهي ڊاڙ ڊڇ هڻڻ، مئي پڄاڻا شاهد گواهه طور ريڊيو، ٽيليوزن يا اخباري بيانن ۾ منهنجي گذريل زندگيءَ تان پردو لاهڻ، منهنجي ذات بابرڪات، منهنجي منفرد شخصيت بابت ڪي نوان انوکا انڪشاف ڪرڻ، جن انڪشافن کان پوءِ منهنجي شخصيت کي چار چنڊ ڪي ٻه چار سج لڳي وڃن. اِهي هئا اهي سبب جن تحت مان توکي تنهنجي پر پٺ ئي پنهنجي شريڪ حيات بنائي چڪو هئس ۽ تون.................؟ تون به ته پر پٺ ڏسڻ وائسڻ سواءِ ئي ادهِن جي ڳالهين تي لڳي کيس اٽارني اختيارات سونپي ڇڏيا هئا. منهنجي نئين ڊگري، اديب، شاعر پٺيان پنهنجي خاوند طور قبول ڪري چڪي هئينءَ. ان قبوليت کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ئي تو ۾ مون سان ملڻ جو ساهس جاڳيو هو پر پوءِ وقت ڏئي به تون مُڪري وئي هئينءَ.
زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جو شايد پهريون ڀيرو شرف حاصل ٿيو هو. ٽيليفون پٺيان تنهنجن ٽهڪن ڀرئي مڌر آواز ڏاڍو موهي رکيو هو، تو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اهڙا ڪرتب ڏيکاريا هئا، اهڙا نوان نرالا رنگ ڏيکاريا هئا جو، مان ته مان پر آڙيڪاپ قسم جا مڙس به توتي اَڪن ڇَڪن ٿي پون ها. اهڙو ته هو تنهنجي ڳالهائڻ ۾ جادو! ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪن جي ورکا، لفظ لفظ تي ماڻا ۽ موشا.
”بس............. مان ڇا اچان، هونئن به منهنجو اچڻ ڪو ٺهي ٿو؟ اوپرين جاين تي ڀلا ڪير وينديون آهن؟ ڌارين مڙسالن سامهون ڀلا ڪير اينديون آهن؟.............. ڀلا ڇا ڳالهائبو!؟ ڪيئن ڳالهائبو؟ مان کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي، ويٺو آهي نه سڀ بار ادا تي آهن، ادا جن کي جيئن وڻي مان کي قبول آهي“
”اڄ هرڪو ڏندين ڏاند آ، ڪيسيتائين هن غريب کي به گهلبو“
تو اهڙي قبوليت مان کان به ڪرائڻ چاهي هئي، پر پٺ جي تاڙي تو مان کان به هڻائڻ چاهي هئي پر بار بار منهنجو اسرار رهيو، روبرو ملڻ، ڏسڻ وائسڻ، پرکڻ پروڙڻ ڇو ته مان کي ڊپ ٿيڻ لڳو هو، ڪٿي مان واري يار غلط گهوڙي تي نه شرط پڄائي هجي (جيئن پوءِ پڌرو ٿيو) عين ان وقت تو وٽ تنهنجي چنڊ به آيل هئي، جنهن جي خواهش تي تو ساڻس ڳالهائڻ جي وينتي ڪئي هئي. مان پوءِ ٻڌو هو هن جي آواز ۾ سا مستي ڪٿي، جيڪا تنهنجي آواز ۾! تنهنجو آواز چڙي جيان پئي وڳو ۽ هن جي آواز ۾ ننڍڙي ٽليءَ جهڙا نفيس ۽ نازڪ سُرَ! هن جي آواز ۾نهٺائي، نماڻائي ۽ تنهنجي آواز ۾ زبردست پڙاڏو، پنهنجائپ ۽ حجائتو ٿيڻ جي هيرَ، تنهنجو آواز تيز طوفان ۽ واچوڙو، هن جي آواز ۾صبح جي ٿڌڙي هِير ۽ هڳاءُ. هن نماڻي آواز ۾ پڇيو هو،
”ادا، مان صرف هڪڙو سوال ڪيان؟“
مان يار جي محبوبا ناتي ساڻس حجائتو ٿيندي چيو هو،
”هڪ ڇو، سئو هزار ڪيو، حڪم؟“
”حڪم نه پر عرض، عرض اهو ته اوهان آخر ٻي شادي ڇو ٿا ڪيو؟ ۽ جي ڪيو به ٿا ته سج کي منتخب ڇو ڪيو اٿوَ!؟“
مان سندءِ اٻوجهه ڀيڻ جي هن سوال تي مرڪي پيو هئم،
”اوهان جو ادب سان واسطو رهيو آهي؟“
”ڪجهه ڪجهه“
”ڪجهه ئي سهي پر پوءِ به ٻڌو هوندءِ اديب مخلوق ئي نرالي ٿيندا آهن، هنن وٽ انوکا ويچار، انوکا تصور ۽ انوکا آئڊيل هوندا آهن ته مان نه اوهان جي سج جي روشني پسي آهي ۽ نه ئي ساڻس عشق لڙايو آهي. وڏي مائي مان ته آهيان ٻُڌ تي، اوهان واري گهڻ گهري ڊاڪٽر صاحب سندءِ ڀيڻ جا ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جيڪي رنگ روپ پسايا آهن، ان مان باسڻ لڳو آهي ته اوهان وارو سج شايد سچ پچ جو سج ثابت ٿي هن دل جي اونداهي صحن کي روشن رکي. هونءَ ته ٻي شاديءَ جي اهڙي ڪا لوڙ به ڪانه اٿم، پنهنجو سهڻو سيبتو گهر آ، ننڍڙا، پيارا ٻار اٿم، پنهنجي سٻاجهڙي، گهريتڙي، سگهڙ ۽ سياڻي، چئيوان قسم جي زال اٿم پر پوءِ به جي پاڻ واري يار کي ڪا کوٽ نظر آئي آ ته ٺيڪ آهي، ڪري شوق پنهنجو پورو، آخر هن کي به ته حق ٿو پهچي ته آئون پنهنجن معاملن ۾ دوستن جو به اهڙو ئي حق سمجهندو آهيان جهڙو پنهنجو، ٻيو نه ته ان بهاني اوهان جي قرابت ته نصيب ٿيندي“
۽ پوءِ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ تو واري چنڊ پاڻ واري يار جي بيوفائن جو داستان ڇيڙيو هو،
پاڻ وري ڪنهن سان نڀايائين، پاڻ وري ڪنهن سان رهايائين، جو اوهان کي ٿو اونهيءَ ۾ ڌڪو ڏي“
سچ پچ سندس آواز ۾ ڏاڍو درد سمايل هو، لفظ لفظ ۾ سُڏڪا.
چيو هوم،
”مان کي سڀ خبر آهي ته اوهان کيس ڪيترو نه چاهيو پر هو بي وفا نڪتو، هن ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ان اوهان واري معاملي تي ته اسان يار دوست اڃا تائين کيس ٽوڪيندا رهندا آهيون.“
هن پوءِ ڀريل آواز ۾ چيو هو،
”جيڪو مان ته ٻڌو پر تو ته ڏٺو به هوندو،
”اوهان کيس ٽوڪيندا پر مان ته ڏينهن قيامت تائين کيس پِٽيندي رهنديس“
پڇيو هوم، ان پِٽ پاراتي جو سبب،
”ڏکي آهين؟“
”ڏکي يا سُکي نيٺ ته وڃبو گذاري، پئي جو نباهڻي............ سس جي پَوَتِ ڪانه، مڙس سدائين مسافرن ۾“
کلي چيو هوم،
”ڇو ريل ۾ سُتيون ڦڪيون وڪڻندو آهي ڇا؟“
”سياستدان ۽ سُتيون ڦڪيون وڪڻندڙ ۾ ڀلا ڪو فرق؟ ٻنهي جو گهر نه ڪو گهاٽ“
هن پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ان معاملي کي اتي ئي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو هو ۽ پوءِ مان ته رهڻ ڏنو هو پر تو ڪين ڇڏيو هو. اها شام، اها رات تو زوريءَ رهائي ڇڏيو هو،
اڄ رات ته رهه، منهنجي دل ٿي چوي
پرين پوءِ اسان جو ڀاڳ کٽي.
”ترسان ته ماني ڪير کارائيندو؟“ مرڪي چيو هئم.
”ماني کوڙ، مانيءَ جي ڪا بُک، اَنُ نه مهانگو پرين نه ڪوڙا“
تو ٻڌايو هو، ان شام تون ڪيڏانهن تيار هُئينءَ، پهرين رِٿيل پروگرام موجب پڇي هيئي منهنجي راءِ،
”بلڪل“ مان چيو، ”اوهان پنهنجي چنتا پلي اچو، رات هتي ئي آهيان“
تو موٽڻ ۽ ٻيهر ٽيليفون ڪرڻ جو ته رات ڏهه وڳا ٽائيم ڏنو هو پر تون واپس گهڻو اڳ ۾ آئي هئينءَ، تنهنجي طرفان ٽيليفون ته بار بار آيو هو پر مان ڏاڍو دير سان کنيو، پڇيو هئم،
”جاڳين ٿي؟“
ٽيليفون پٺيان تنهنجو ننڊاکڙو آواز آيو هو،
”ٻيو...........“
”ننڊ نٿي اچئي!؟“
”نه............. ٻيا ته سڀئي ستل آهن پر مان........... ڀلا چوندو ته رن رهائي به ڇڏيو، ٿوري گهڙي انتظار به نه ڪري سگهي، بس هاڻي سوس پلي مان به سمهڻ جي ڪئي جو.............“
”ٽائيم ته ڏهه وڳا ٻڌايو هيئي.“
”ها پر موٽي جلدي آيس، جن وٽ وياسين سي لک قرب ڏين پر مان چوان، هن گهڙيءَ گهر پهچان“
”ها، ته اهي احوال، ايڏو سارو عرصو مڙس کان الڳ رهينءَ، ڇو ڪڏهن بغاوت جو خيال نه آيئي!؟“
”ڪنهن سان بغاوت؟ ڪنهن لاءِ بغاوت؟ اوهان به ته............“
”هڪ مان ئي ڇو، هي جو هيترا سارا ماڻهو، سهڻا سُٺا ماڻهو“
”اهڙو خيال به ته ڪونه هو، هڪڙو سو پري جو مائٽ تنهن شاديءَ لاءِ چيو پر هن جي ڊڄڻي شخصيت ۽ سندس اڻوڻندڙ طريقيڪار پٺيان جواب ڏئي ڇڏيو هومِ“
”اڃا آهي دعا سلام؟“
”ها پر هن هاڻي شادي ڪري ڇڏي آهي“
”۽ هي اڄ وري...............“
انتهائي لڄ وچان کلندي چيو هوءِ،
”بس، اهو ادا آهي جيڪو ٿو ڀُتا ڪم ڪرائي“
”تنهنجي معنيٰ ته اهو سڀ ڪجهه زور زبردستي پيو ڪرايو وڃي؟“
”نه، اهڙي به ته ڳالهه ڪانهي“
”پوءِ ته آسرو ڪجي نه؟“
تڏهن تو ٽهڪن جي گونجار ۾ چيو هو،
”ڏسو نه، ڏسو نه هاڻي اوهان به ڏاڍا زور آور آهيو، ان لاءِ ڀلا مان آخر ڇا ٿي چئي سگهان، سڀ لاءِ ادا ئي ته ويٺو آهي“
”۽ پوءِ ادهِن هڻئي جو ڪنهن هائيءَ ۾؟“
”مان نه ٿي سمجهان ته ادا مان کي ٻوڙيندو“
تو نهايت برجستائيءَ ۽ خاطريءَ وچان چيو هو،
”پر جي ٻوڙيائين ته به بسم الله، ڪنهن جي ته هٿن ۾ سَرهي ٿيان“
پڇيو هومِ، سندءِ ڀيڻ چنڊ جا تاثرات، ٻڌايو هوءِ سندس بار بار خبردار ڪرڻ بابت،
”مان سان ڪهڙي رهايائين جو توکي ٿو اڻ ڏٺا مڙس ڏي“
”توکي خبر آهي اسان سنڌي ماڻهو آهيون“ مان تفصيل ۾ ويندي چيو هو، ”اسان جي اندر ۾ ٿورو به ڪٽر ويٺو ته مرڻ گهڙيءَ تائين نٿو نڪري سگهي ۽ اهو شڪ ئي هوندو آهي، جيڪو عمل ڪرڻ لاءِ اُڪسائيندو آهي، جنهن کي هڪڙا غيرت ته ٻيا وحشي پڻو چوندا آهن“
”۽ اوهان اديب آهيو؟“ تو مرڪي سوال ڪيو هو.
”ها پر ان سان گڏ بدقسمتيءَ سان سنڌي ماڻهو به آهيان“
”پوءِ ته اوهان مان خوف ڪرڻ گهرجي!؟“
”سو ته پوءِ جو معاملو آهي پر......... اڄ هوءَ توکي نصيحتون پئي ڪري ڪلهه عشق جي انڌ ۾، هٿن پيرن جي آڱرين کي جهير ڏئي رت هاڻا خط ٿي لکيائين!“
مان سچ به ڏمري پيو هوس پر سندس خط جي ذڪر تي شرمساريءَ وچان مرڪندي چيو هئم،
”اهڙو سندس آخري خط جيڪو شايد هن جي ونواهه ۾ ويهڻ واري آخري رات ۾ لکيو هو، جيڪو خط اڄ به منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهي. جنهن جون سٽون ۽ اکر ڪڏهن به ميٽجي، ميسارجي نٿا سگهن. جيڪو خط لازوال عشق جو سچو پچو داستان آهي، جنهن خط کي عجائب گهر يا سنڌيالاجيءَ ۾ محفوظ ڪرائڻ گهرجي!“
ٽيون ڏينهن اڱاري جو منحوس ڏينهن، ان پنهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات کان اڳ جيتوڻيڪ آئون توتي ڪو ايترو زور بار به نه رکيو هو اچڻ جو (ڇو جو، تو جو ٽئين ماڻهوءَ جي وچ ۾ موجودگي ضروري ڄاتي هئي) پر پوءِ به هڪ اڌ ڀيرو تو بار بار ورجائي پڇيو هو ملڻ جو،
”ڇا............... هرو ڀرو ملاقات ڪرڻ ضروري آهي!؟“
هڪ ڀيري ته تو کُلي دل سان اعتراف به ڪيو هو،
”ها، پنهنجو ملڻ ضروري آ، اهڙو رايو منهنجي هڪ سهيليءَ جو به آهي، هونئن به ملڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي، نه ملنداسين ته معاملو ڀلا ڪيئن سلجهندو، پر اچي ادا، ادا اچي يا................“
ان سندءِ ”ادا“ لفظ تي مان کي غصو ته آيو هو پر پوءِ به ساڌارڻ نموني چيو هئم،
”ها، بلڪل ادهِن اچي“
ان ”ادهِن“ واري ڳالهه تي مان ڀانئيان ٿو هڪ اڌ ڀيرو توکي ڇڙٻيو به هئم، جنهن جي تو ادهن کي دانهن ڏني هئي، ياد هوندءِ اهو ڏينهن جنهن ڏينهن تنهنجي واتان بار بار ادهن جو نالو ٻڌڻ سان مان بيزار ٿي رسيور کي ڦهڪايو هو ٽيليفون مٿان ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيو به ادهن جي روبرو هو. تو پوءِ ادهن سان ڳالهائڻ چاهيو هو ۽ مان بابت پڇيو هو، مان اک ڀڳي هئي، هن جڏهن منهنجي هليو وڃڻ بابت ٻڌايو هوءِ تڏهن تون سڄي هارجي وئي هئينءَ، منهنجي ڪاوڙ ڪروڌ ڏانهن سندس توجهه ڇڪايو هوءِ،
”ڏٺئي ادا........!؟ شڪايتي انداز ۾ چيو هوءِ، هن بي خبريءَ وچان چيو هو،
”ڇا........... ٿيو ڇا ڪجهه!؟“
”ڇو، اوهان نه ڏٺو ڇا؟“
”ڏٺم ته سهي پر توهان به ته پاڻ تي ڪجهه ڪنٽرول ڪيو، هر ڳالهه ۾ مان کي اڙائڻ ٺيڪ نه ٿو لڳي، ڪجهه پاڻ به ٻوٽو ٻاريو، ڇو هن جو ڪاوڙجڻ ڇو واجبي ناهي“
”واجبي...........!؟ توکان دانهن نڪري وئي هئي، ”هيءَ سراسر زيادتي آ جيڪا اديءَ به روبرو ڏٺي“ هن چيو، ”هڙئي مرد هڪجهڙا آهيو، تون به ته ايئن ئي ساڻس تعديون ڪندين هئين، ڪيئي ڪيئي ڏينهن رٺو رهڻ ۽ پوءِ غصي وچان ٽيليفون کي سٽڻ، اڇلائڻ“
اهو سچ آهي ته، تون ان ڏينهن اچڻ جي پوزيشن ۾ برابر ڪانه هئينءَ، ڇو ته سندءِ پوڙهي پيءُ جي ناچاڪيءَ سبب تو وٽ گهڻائي مٽ مائٽ لٿل هئا پر اهو پهريون ڀيرو ته تنهنجو نٽائڻ ڪو نه هو، ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا ٽاري ڇڏيو هوءِ،
”اچي ادا، ادا اچي ته ان ڳالهه کي به ڏسي رهبو“
ان ڏينهن کان هڪ مهينو پهرين جڏهن ادهِن سان گڏ تو ساڻ ملڻ جو ٽائيم سيٽ ڪرڻ چاهيو هومِ، ادهن جو پوسٽ گريجوئيشن لاءِ ڪراچيءَ ويل هو، ان جو ئي ته چئي ٽاري ڇڏيندي هئينءَ، ڏاڍو سٺو بهانو مليو هوءِ پر هاڻي هو به اچي نڪتو هو. خوشقسمتيءَ سان وري منهنجو به ساڻس ملڻ ٿيو. تو اسان جي اسرار تي ملڻ جو چيو ته سهي پر هڪ ڏينهن پوءِ يعني ٻئي ڏينهن جي ٻن پهرن جو، اهو ڏينهن شايد جمعي جو ٿئي پيو، تو ڌڪ ڏاڍو ٺاهوڪو هنيو هو، ڇو ته ان ڏينهن، جمعي ڏينهن مان کي پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پياري دوست جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو هو. مان ته اڄ ئي يعني خميس ڏينهن ئي اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هئس پر شام تائين تو لاءِ ترسي ٿي سگهيس ۽ افسوس جو تون ڪونه آئينءَ، تنهنجي ان آنا ڪانيءَ سبب مان ان ڏينهن ئي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو هئس. ٻئي ڏينهن ڪهڙي به حالت ۾ موٽڻ جي واعدي پٺيان جمعي ڏينهن منهنجي واپسيءَ تي ادهن سُک جو ساهه کنيو.
ڏاڍو سٺو ٿيو جو اچي وئين، مان پاڻ ڪراچيءَ جي سنبت ڪري رهيو هئس. سٺو ٿيندو جي اوهان جي ملاقات ٿي وڃي، وري الائي ڪڏهن اچڻ ٿئي، موڪل ملي ئي ڪانه ٿي“
هن پوءِ رسيور رکي ڊائل گهمايو هو. تو ٻڌايو هو پوڙهي پيءُ جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ جو، توکي اچڻ جو چيو هئائين پر تو ڪو اتساهه ڪونه ڏيکاريو هو، تڏهن چيو هئائين،
”مائٽ سان ڳالهاءِ“
تو مختصر ڳالهائڻ ٿي چاهيو، آئون تفصيل ۾ وڃڻ گهريو هو. پڻهين جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي تو جيڪا معذرت چاهي هئي، تنهن سوال کي مان قبول به ڪيو هو ۽ رُسڻ؟ رُسڻ صرف ان ڳالهه تي جو تو وري به ادهن کي وچ ۾ ٽنبيو هو. مان چيو،
”ڀل پوڙهو ٺيڪ ٿئي“
تو مختصر جواب ۾ چيو هو،
”ها، ڀل ادا به ٿي اچي“
تنهنجو اهو جواب ٻڌي سچ پچ بت تي ڪتڙيون گهمي ويون هيون، غصي وچان پڇيو هئم،
”ڀلا ادهن جو هجڻ ايڏو ضروري آهي ڇا؟“
ان وقت تنهنجي طرفان جواب آيو هو،
”ها............“
۽ اها تنهنجي ”ها“ ايتري ته خراب لڳي هئي، جنهن سبب طبيعت نه چاهيو هو وڌيڪ سندءِ آواز ٻڌڻ، تڏهن سخت غصي وچان ڦهڪايو هيم رسيور کي ٽيليفون مٿان، جنهن ڳالهه ئي توکي پريشان ڪري رکيو هو.
اهو ياد ڪر، ان ٽيليفون ڦهڪائڻ ڏانهن اهڙو توجهه تو ان وقت به ڇڪايو هو، جنهن وقت وڪيل دوست جي موجودگيءَ ۾ مان تنهنجو نمبر ملايو هو. مان ملڻ، ملاقات بابت ته ڪونه چيو هو پر تو هرو ڀرو به ان پاسي توجهه ڇڪائيندي کلندي کلندي چيو هو،
”ڏس جو، ٽيليفون کي ٿا اڇلايو“
مان ٻڌايو هو،
”اهڙين حرڪتن تي تو ئي ته اڪسايو هو، اهو تنهنجو بار بار ادا کي وچ ۾ آڻڻ...............“
ان ”ادا“ لفظ کي ته تو پاڻ واري يار وڪيل سان به ڪيئي ڀيرا ورجايو هو. هن چيو هوءِ،
”ادهن جو ڪم اتي ختم، هاڻي جڏهن اوهان جي گهرائپ ان حد تائين وڌي وئي آهي جو سدائين ٽيليفون جو انتظار رهي ٿو، تڏهن مان نه ٿو سمجهان وچ ۾ ٽياڪڙ جو هجڻ ڪو ضروري آهي. يقين ڪريو اوهان ٻئي هڪ ٻئي کي قبول ته ڪري چڪا آهيو، هاڻي رڳو رسم افتتاح پوري ڪرڻي آهي، ان ٽيليفون واري وڇوٽيءَ کي گهٽائڻو آهي.“
تڏهن تون ڏاڍي بود ۾ ڀرجي وئي هئينءَ، جيڪا سندءِ خوشي مان کان به لڪي ڪانه سگهي هئي. تو پوءِ ساڻس قانوني ڳالهيون چوريون هيون، جن جا به هن خاطر خواهه جواب ڏنا هئا. مان چيو هو،
”ڪورٽن کي هيون موڪلان، ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جي سندس موجودگيءَ ۾ اچين ها“
تو مرڪندي چيو هو،
”بس دير ناهي، يڪيون سندن مهمانيون کائينداسين“
۽ سي مهمانيون...........!؟ مهمانيون ئي رهجي ويون، افسوس..............! جيڪي تنهنجي نصيب ۾ نه جو اچڻيون هيون سي نه آيون. پوءِ جو ٽيليفون ڪيو هئم، ته تو پنهنجي اوسيئڙي بابت ٻڌايو هو. جون جي پنجويهين تاريخ بابت پڇيو هو، جنهن ڏينهن وڪيل دوست کي بليو لائن تي اماڻڻ آيو هئس، تو ڏاڍي اُڻ تڻ مان چيو هو،
”اوهان پنجويهين تاريخ ته شهر ضرور آيا هوندا؟ هن وڪيل دوست کي..............“
”ها..............“
تو پوءِ شڪايتي انداز ۾ چيو هو،
”فون به نه ڪيئي............ مان اهو سڄو ڏينهن فون مٿان مٿو ٻڌيون ويٺي رهيس“
مان پنهنجو ٽيليفون ڪرڻ وارو واعدو ياد ڪندي مرڪي چيو هو،
”ها، پر تو وٽ ته اسان لاءِ ڪا مٿي ڇانوَ به ڪانهي، جو ڪو ٿڪو ٽُٽُو مسافر.......... ڪنهن ڳاڙهي يا ڪنهن ڀوري ڳل تي، ڪٿي ته هڻجي چڪ مسافر، ڪٿي ته ڀڃجي ٿَڪُ مسافر“
تو پوءِ کلي کلي چيو هو،
ڇو، کوڙ جايون، رڳو دل نه سوڙهي ڪجي باقي.......... ها، اچي وقت............“
”ان وقت جي اوسيئڙي ۾ ته مٿي جا وار به اڇا ٿي ويندا“
مان ڏسندو هئس تون اڇن وارن کان ڏاڍو گهٻرائيندي هئينءَ. جڏهن وڪيل دوست چيو هوءِ،
”اوهان جو ٽِين ايجر عشق ته آهي ڪونه، ٻئي عمريون چوڙي ويا آهيو، هن به گهڻائي تڙ تانگهيا، اوهان به چڱو زماني کي ڏٺو آهي. هن عمر ۾ هي سڀ ڪجهه به اوهان لاءِ چين جي ديوار سَرِ ڪرڻ کان ڪو گهٽ ڪونهي“
تڏهن تون چڙي پئي هئينءَ،
”خير گهرو ادا، ايتري ۾ پوڙهو به ڪري وئين، هِن پاسي ته خير آهي البته اوهان جي دوست ڏانهن سو خير هجي“
هن پوءِ ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏيندي چيو هوءِ،
”ايئن نه............؟ مان به چوان.......... مان کي ته بس اوهان کان اهو چوائڻو هو“
تو سندس عقل کي آفرين ڏيندي چيو هو،
”ڏاڍا ڏاها ٿا ڏسجو، ڀلا ٿيئو جو وڪيل ماڻهو“
ان بعد مان ڏسندو هئس هر بار تو وٽ اهڙي ڪا گنجائش ڇڏيل هوندي هئي ته مان تولاءِ اچڻ واري پنهنجي ڪوٺ کي ٻيهر ورجايان. پنهنجي ٽيون ڏينهن واري ملاقات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ تائين ته تنهنجي اُڻ تڻ وڌي وئي هئي، تون سڌو ته ڪونه چوندي هئينءَ پر پنهنجي ادا جي واپسيءَ بابت سو ڏاڍو پڇ پڇان ڪرڻ لڳي هئينءَ. هڪ ڏينهن جيئن ئي رسيور کڻي نمبر ملايو هئم ته تو امالڪ پڇيو هو،
”ادا آيو آهي ڇا؟“
ان وقت لڳو هو ڄڻ خواب ئي ادهن جو لهي اٿي هجين پوءِ پنهنجي ڀل چڪ کي ڪنهن عورت جي مٿي تان سرڪيل پوتيءَ جيان درست ڪرڻ جي انداز ۾ چيو هوءِ،
”اوهان ڪٿان ٿا ڳالهايو؟ مان به چوان ته ادا ته ڪونه آيو آ، جي اچي ها ته پهريان ضرور مان سان..............“
”اڄڪلهه ڏاڍو ٿو ادهِن ياد اچئي، خير ته آهي؟“ مان مرڪي چيو هو، تڏهن لڄ وچان چيو هو،
”نه نه اهڙي ڳالهه ڪانهي، اهڙي ڪا تڪڙ به ڪانهي“
تڪڙ توکي هئي يا مان کي پر چڱو جو سور به لٿو. ٽيون ڏينهن جڏهن پاڻ ملياسين ته ان ملڻ کان اڳ اوچتو جڏهن ادهن جي جاءِ تي آيس، خبر پئي ته صاحب موصوف ڪراچيءَ کان آيل آهي پر هن وقت ساهرين گهر ٿو رهي. ساهرين گهر ويو مانس، ملياسين، خوش خير عافيت ٿي، هن ٻڌايو سندس گهر واريءَ جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ بابت،
”اچان ته ڏينهن اڳ ڏينهن پوءِ ضرور ها پر ٽيون ڏينهن اوچتو گهرواريءَ جي ناچاڪيءَ جو ٽيليفون آيو، منهنجي پهچڻ تائين سئو چار، سئو پنج ٽيمپريچر رهيس پيو پر هاڻي الهه بچائي جي علاج سان گهٽجي ساڍي نوانوي تي آيو آ، ڪڏهن ڪڏهن وڌي به وڃيس ٿو پر خطري جي ڳالهه ڪانهي، ٽائيفائيڊ اٿس، اينٽي بائيوٽڪ ڪيپسول کارائجنس ٿا“
مان چيو،
”چوندا جو آهن ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ اينٽي بائيوٽڪ جي منع آهي؟“
هن هڪ سٺي گار پٽيندي چيو هو،
”مڙئي ويٺو ٻڌ، آخر بيڪٽيريا جو علاج بيڪٽيريا يعني اينٽي بائيوٽڪ کان سواءِ دنيا وٽ ڪهڙو آهي؟ علاج بالضد ئي دنيا ۾ جتي ڪٿي رواج ۾ آهي.“
ايئن ئي ڳالهين ڪندي ڪندي تنهنجو به ذڪر نڪتو هو، هن مرڪي پڇيو هو،
”ڳالهائيندا آهيو؟ ٿي آهي ڪا مائٽياڻيءَ سان ملاقات؟“
مان مرڪي چيو هو،
”واڳ ڌڻي تو وس ميان.............“
”ڳوٺ ۾ ته رنگ ڏيکاريندو آهين، هت ڇو بولتي بند ٿي وئي ٿي؟“
”تون جو ٿئين اهنر ۽ معاملو گهڻو اڳتي وڌي آيو آ، هاڻي رڳو تنهنجي هلو ڪرڻ جي دير آ“
”وري به مان، يار اوهان به الائي ته ڪهڙي مخلوق آهيو، مان کي ته وڏا سبق ڏيندو آهين، باقي پاڻ سو............“
چوندي چوندي هن توساڻ نمبر به ملائي ڇڏيو هو،
”هيلو............“ ٽيليفون پٺيان تنهنجو آواز آيو هو.
”ڪير...........؟ ادا...........!؟ تو انتهائي خوشيءَ وچان چيو هو،
”ڇو ادا مهانگا ٿي ويا آهيو؟“
”اسان...........؟“ هن مرڪندي چيو هو،
”اڃا مس مس ٿو ڪراچيءَ مان پهچان ته پٺيان ڪا نه ڪا ٽيليفون ٽڙڪو ٿي ڪري. ڪجي ته ڪجي ڇا. هاڻي به ڪو تڪڙو ٿورئي ٿي آيس پر پٺيان زال جي بيماريءَ جو مئسيج آيو، پهچ ۽ بنا دير پهچ، ڇو ته جوڻهين جو اصلي ساهه ٿو نڪري. جاڪون جو تو واري معاملي کي هٿ ۾ کنيو اٿم تاڪون جو گهر ڀاتين کي هڪ نه ٻي ڇڏي ئي ڪانه ٿي، ڇوري ڪيا ته نه ٿي دعائون دفعا؟“
شايد توبه ڪجهه چيو هو، جنهن تي هن کلندي اک ڀڇندي چيو هو،
ٻيو ڀلا، جائي نه.......... ها، ڪر حال، ڪهڙا آهن مائٽن جا احوال؟“
تو پوءِ منهنجي شڪايت ۾ چيو هو،
”ڪٿي خبر ئي ڪانهي، تنهن ڏينهن سو هڪ منٽ لاءِ فون ڪيائين، پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنائين، ٻيهر ڳالهائڻ جو چيائين ۽ ان ڳالهائڻ لاءِ مان سڄو ڏينهن واجهايو پر ڀاڄوڪڙ الائي ڪيڏانهن ڀڄي ويو. شهر ۾ ته ٽڪاءُ ئي نه ٿو اچيس، جي هجيس ڪو هنڌ، ٽڪاڻو، ٽيليفون جو نمبر ته مان ئي کيس ڳوليان ڦوليان، هفتو هفتو ڏينهن جو گذري وڃي ٿو پر مائٽ اڳي نه اوري، مان کي ته خوف ٿو ٿئي اڳتي.............“
”همراهه کي ڇڏيو ٿي چيڙائي“ هن مرڪندي چيو هو پر تو ساڀيان ۾ چيو هو،
”چيڙائي...............؟ جي هن کي ايتري ڪاوڙ آهي ته اسان کي ايترو آرس آهي، مان آرس به..............“
”آرس..............! ذري گهٽ هن کان رڙ نڪري وئي هئي، ڇو ته پهريون ڀيرو جو تو واتان اوٺا ۽ اڻاوا لفظ ٻڌا هئائين،
”تون آرس به نه هارين............. ڇو ڇوري ڏنا ٿي ڇا ڪنهن مار جا پاڻي؟“
۽ خبر ٿي تنهنجي ”آرس“ لفظ منهنجي طبيعت تي ڪهڙو اثر ڪيو هو؟ خير هن ٻيهر ڳالهايو هو،
”ڇو توائيءَ ۾ آهين، ٿي آهي ڇا گڙ ٻڙ!؟“
”نه گڙ ٻڙ ته ڪانه پر هي انتظار“ تو پنهنجي انتظار ۽ اوسيئڙي واري ڪيفيت بيان ڪئي هئي ۽ هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو هوءِ،
”انتظار............ مان سمجهان ٿو، اڳتي لاءِ اوهان کي ايترو انتظار ڪونه ڪرڻو پوندو. بس اوهان جي مٿي جو سُور اڄ ئي لاهبو، ڀلا ڪيئن ٿا پروگرام ڪيو؟ هو همراهه به شهر آيل آ، اچ، اچ ته اوهان جو اهو خفو به لاهجي“
تو سچ پچ خفا ٿيندي رُسامي جي انداز ۾ چيو هو،
”خفو............ اهو خفو آهي نه؟“
”مان ته کيس جهليو پر هن حجائتو ٿيندي چيو هوءِ،
”نه، خفو ناهي ته ٻيو وري ڇاهي، مڙئي اسان وچ ڪُٽيا......... توهان جي لاءِ ته ٿيو مزو پر اسان کي ڇا ٿو ڦٻي؟“ هن مذاق ئي مذاق ۾ سندءِ ڀيڻ ڏانهن اشارو ڪيو هو،
”جاڪون جو مائٽهن سان ڏيٺ ٿي اٿئي، تاڪون جو چئه ته ڏنو ٿي ڪو چنڊ بابت حال احوال؟ جڏهن به فون کڻ ته اهو مائٽ، اهو مائٽ، سو توکي مائٽ الله بخشي ڏي ۽ اسان اڳ لاءِ وري نه............. ۽ هن کي به ڪهڙو ياد رهيا آهيون.............“
”ڇو ٿا پرائو ٺڪر اسان جي سر ڀڃو، پر هن به ڪهڙو اوهان سان پويون پير ڏنو، ويچاري ڏهاڙي پئي اوهان جون پڇائون ڪري ۽ اوهان.............. ۽ اوهان اچي ويا شينهن ڪلهي، هاڻي ڪٿي ٿي اوهان کي ڪنهن جي ياد رهي“
هن پوءِ ڳالهه کي کٽائيندي اچڻ جو ٽائيم گهريو هوءِ، منهنجي سخت منع ڪرڻ باوجود، مان هاڻي تڪڙ ڪرڻ نه ٿي چاهي، ڇو ته تنهنجي ان نئين رُخ ”آرس نه هارڻ“ واري جملي مان کي نئين سِرِ سوچڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ ان سوچڻ لاءِ مان کي ڪجهه وقت گهربو هو. ڇو ته مان ته توکي ڏٺو هو سدائين مٺو مرڪندي، مان کي ڪهڙي خبر ته تون اهڙي کَٽي ۽ کهري به آهين، تون اهڙا بازاري لفظ به ڪتب آڻي سگهين ٿي. ان منهنجي منع ڪرڻ باوجود ملاقات جو ٽائيم ٻئي ڏينهن ڏهين وڳي رکيو ويو هو ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي ملي وينداسين!؟ ڪاش اهو هڪ ڏينهن اڳ تون نه ملين ها، ڪاش پنهنجو ڀرم نه ڀڄي ها!!
پچان، کامان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تَن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منهن ڪيان، ته سُرڪيائي هيڪڙي. (شاهه)
تنهنجي نه ملڻ تي جيترو پچيس، پڄريس ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ تنهنجي ملڻ تي لڇيس، ڦٿڪيس، ڀڳس، ڀُريس!
دوست ته ڪافي سوچرايو هو پر مان سوچيو الائي جي ڇو نه هو............. سچ پڇين ته مان سوچڻ واري سگهه ئي وڃائي ويٺو هوس. دوست جڏهن پاڻ واري خبر ٻڌي هئي ته چڙي پيو هو، مان واري ننڍڙي پارس کي پيار ڪندي چيو هئائين،
”اڙي مار پوئي، ههڙا ٻار! سهڻا، سٺا ٻار! گلن جهڙا سهڻا ٻار! ۽ توکي کپي ئي ڇا جو ٻيهر ٿو پاڻ ٽنگرائين پر مان جهليانءِ، مان ٻڌايانءِ ته جي اهڙو ڦاهو ڦڪين ته به ته شهر مان ته نه ڦڪجانءِ، ڇو ته اڄڪلهه شهر ۾ زهر وٺندين ته ان ۾ به ملاوت ملندئي، مان رهان ٿو شهر ۾، مان ڏٺو آهي شهر کي“
پوءِ هڪ ڏينهن ادهن به ذري گهٽ اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. هن ٻڌايو هو اوهان جي آزاد ماحول، بلڪه آزاديءَ کان به ڇڙواڳيءَ بابت، تڏهن مان ايئن سمجهو هو ته شايد ساڙ ٿو پڄائي، چيو هئم،
”جيڪو ڪجهه توکي هٿ نه آيو، سو جي مان ٿو ماڻيان ته تون سڙين ٿو“
”نه بلڪل نه“ هن اک تي هٿ رکندي چيو هو،
”ڏس، ڪا غداري ڪبي؟“
”جي اهڙي ڳالهه ته ڇو لاٿئي گهير ۾؟“
”هرو ڀرو شادي ڇو، دوستي به ڪا خراب شئي ته ناهي، ياري به ته رکي ٿي سگهجي.“
”پر مان توکي ڌوڪو ڏيڻ نه ٿي چاهيو، تنهنجي ويساهه کي ڀڃڻ نه ٿي چاهيو، جنهن بنياد تي پنهنجي پريم جي ديوار ٻڌي هئي، مان ان کي ڪيرائڻ نه ٿي چاهيو.
ان وقت شايد رات جا ڏهه به وڄي چڪا هئا، جنهن وقت چانڊڪا ٽيچنگ هاسپيٽل پٺيان ڊاڪٽر هائوسز ۾ اسان پنهنجي هڪ ڊاڪٽر يار جي دعوت جا مزا ماڻي رهيا هئاسين جو ٻاهران ڪال بيل جو آواز آيو هو. اسان واري ميزبان جو نوڪر وڌي ٻاهرين دروازي تي آيو هو. چند سيڪنڊن ۾ ساڻس گڏ هڪ ٻيو همراهه اندر ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. هو ڏاڍي جلدائيءَ ۾ هو، ان جلدائيءَ باوجود هو اسان سان مليو، رسمن دعا سلام ٿيو، واقفيت ته اسان جي به هيس پر اهڙي ڪا خاص گهرائپ ڪانه، هو پوءِ پاڻ واري ميزبان کي هٿ کان وٺي ٻاهر ڇڪي ويو، هنن جيڪي سرٻاٽون ڪيون، انهن مان نتيجو ڪڍڻ اهڙو ڪو ڏکيو به ڪين هو پر پوءِ به واپس ايندي پاڻ واري ميزبان پنهنجي مهمانداريءَ جو حق ادا ڪندي پڇيو،
”موڊ هجي ته، ڪنهن مائيءَ جو درشن ڪجي؟“
تڏهن مان کان اڳ ئي ادهن چيو هو.
”خير جي ڪم ۾ ڪا دير، پر ڪيئن!؟“
”همراهه آهن ڏاڍا خفتي، ٻه مايون هڻي آيا آهن.“
”سڄيون ساريون ٻه..........!؟ ڪيئن............؟ ڪٿان..........؟ آءُ ويهه ته“
”ها، پر هو گاڏيءَ ۾..............“
”اڙي وڃ بابا، اسد کي چئه ته وٺي ٻنهي کي ڪمري ۾ ويهارين“ ميزبان پنهنجي خدمتگار کي حڪم ڏنو هو، جنهن پٺيان هو ٻاهر نڪري ويو هو. هن همراهه پوءِ ٻڌايو هو،
”مان ۽ اسد پرسڪون ريسٽوران جي لان ۾ ويٺا هئاسين جو پري کان هڪ رڪشو سمبارا اِن واري روڊ کان ظاهر ٿيو. رڪشي جو رُخ گهنٽي ڦاٽڪ ڏانهن هو، جڏهن اسان وٽان لانگهائو ٿيو ته اسد اک هنئي،
”پڪ ئي پڪ ويڪائو مال آهي“
پوءِ ته اسان به لاتيسين گاڏي پٺيان، مزي جي ڳالهه، بولان ميل به ڪا اچڻ واري هئي ڇو ته ان وقت ڦاٽڪ بند هو، اسان پاڻ واري گاڏي او هيئنءَ رڪشي برابر اچي جهلي، مان کليل شيشي مان ئي چيو،
”لهو“
هڪڙيءَ مرڪي چيو،
”ڪو واقف؟“
چيم،
”اسان سان به اهڙا ليکا“
ايئن ڪندي اسد به چشمي جا شيشا صاف ڪندو ڪمري ۾ آيو. دعا سلام ٿي، ادهن سان ڏاڍي اُڪير مان مليو.
”آءُ جاني............ تون وري ڪڏهن کان؟
”بس رات ئي پهتو آهيان“
”پڙهائيءَ جو ڏي احوال ۽ يار اوهان ته مزن ۾ آهيو، ڪراچيءَ جو حسن، ڪراچيءَ جون رنگينيون، هت هالو چالو نرس به اسان لاءِ مرشدياڻي لڳي ويٺي آهي“
”هاڻي ڇڏيو احوالن کي، اهي ڳالهيون پوءِ جون، وري پرايون مايون پهچائڻيون به ...............“
عبدالهاديءَ جي اهڙي تڪڙ تي ادهِن پڇيو هو،
”ڪر خبر ٿي وڃن ٻه ٻه هٿ؟“
مان چيو هو،
”اڙي يار ڏٻرن ڏاندن تي ڀلا ڪهڙي شرط“
”گوءِ جو ميدان ته اڃا پري آ، تو هاڻي ئي سستي لکائي آ“
ميزبان به مرڪندي اهڙي آڇ ڪئي هئي.
”جي هجي موڊ ته............. سچي............ سنگت سان ڪهڙا حجاب“
”ڇڏيو غريبن کي ته پنهنجي محنت جو ڦل کائن“
عبدالهاديءَ چيو هو،
”بابا اسان ته ٿياسين عوام جا خدمتگار“
”چڱو، اڳ اوهان ڇڪيو پوءِ پاڻ به پٺتي ڪونه رهنداسين“ چوندي چوندي مان به اٿي پيو هئس. ايئن ئي مرڪندا مشڪندا ان ڪمري جي دروازي تي آياسين، جنهن ۾ هڪ ٻيءَ مائيءَ سان گڏ تون به سلهاڙي ويٺي هئينءَ، اسان مان اڳ ۾ ڪير هو؟ ڪنهن تي تنهنجي پهرين نظر پئي جو، تون منهن ٻئي طرف ڪري پاڻ لڪائڻ جي ڪئي هئي؟ مان ته توکي ڪين سڃاتو هو پر تنهنجي ان ادا تي مرڪي ڏنو هومِ، ان وقت ادهن جيڪو پيئڻ کائڻ جو رند ليکيو ويندو آهي سو پنهنجي رندي ڏيکاريندي تنهنجي سرتيءَ جي مُک کي ڇهندي تو مٿان آيو هو، تنهنجا هٿ سندءِ چهري تان هٽائي توکي چتائي ڏٺو هو، تنهن بعد،
”ذليل، ڪميني............“ چوندي، تنهنجي چهري تي گهروڙي بجو ڏنو هئائين ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو ڪمري مان نڪري ويو هو. سڃاتو ته تو به ڪونه هو، تڏهن ته تڪڙ ۾، شال اوڍيندي غصي مان وڦلي پئي هُئينءَ، تنهنجي ان وقت واري ڪيفيت جي ته ڳالهه ئي ٻي پر اهو سچ آهي مان کي تون ڏاڍو وڻين هئينءَ. نڪ ڊگهو، چپ سنها، جسم ڀورو، هڏ ڪاٺ سان، ڪونج جيان ڊگهي ڳچي، هندستاني فلمن جي هيروئن نوتنِ جهڙا پار پتا، تنهنجي ان تڪڙ ۽ اٻهري معاملي کي نه سمجهندي به تنهنجي سرتيءَ ۽ منهنجن يارن توکي ڏاڍو روڪيو هو. ان ريڙهه پيڙهه ۾ جيترا دفعا تنهنجو آواز آيو هو، اوترائي ڀيرا مان ڪنايو هو. مان ڇرڪ ڀريو هو، مان کي اهو آواز ڄاتل سڃاتل لڳو هو. سچ پچ منهنجي دل ان وقت ٻولايو هو، اها تون آهين............ تون ئي آهين.............!! تون ئي ته هئينءَ!!