ســونن سنجن وارا گڏهه !!
هڪ اهڙي ئي ڪهاڻيءَ جو مالڪ منهنجو دوست به آهي، جيڪو اڌ ڪاٺ، اڌ لوهه ته نه پر اڌ ڪامورو ۽ اڌ اديب هوندو آهي. اهو ٿيو نه ته سڄو اديب ۽ نه ئي وري پورو ڪامورو، جنهن سبب ادب توڙي ڪامورڪي ڪرسيءَ تي اڃا سوڌو ٽڪي ڪونه سگهيو آهي. پوءِ به لک آفرين سنڌي اديبن کي جن ڪجهه ته سندس قدرداني ڪئي آهي. پر سندس آفيس عملو!؟ آفيس وارا ڏاڍا بي قدرا، وڏا بي وڙا، بي رحما، سدائين سندن اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندو رهيو آهي. جنهن چڀڪي سندن اکيون اٿاري، پچائي اهڙيون خراب ڪري وڌيون آهن جو، ننڊ وري کين به نصيب نه ٿي سگهي آهي.
ڪافڪا کي سا سوغات پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ ملي ۽ مان کي وري سنڌي ادبي سنگت جي ٿوري سان.
منهنجو دوست مُنهن مُهانڊي آريائي نسل منجهان نظر ايندڙ، صاحب هوندي ڪلارڪاڻو انداز! نه ئي صاحب لوڪن جيان مٿي جا وار وڏا يا کوهيل، ٽڪڻ چاٽ پٽي ۽ نه ئي وڏ ماڻهپي جي نشان طور سندس پيٽ وڏو سيٺ جيان سوڻل......... سنهڙو سيپڪڙو، سنگل پاسري، نهايت تيز پر انتهائي ڪنزرويٽوِ سوچ رکندڙ. عزت ۽ غيرت جي معاملي ۾ پنهنجا قدر رکندڙ. پيٽ پٺيءَ سان ڪرنگهو نڪتل، ايئن ڄڻ سندس پٺيءَ مان ڪرنگهي جي هڏيءَ کي ڪوري سندس کاتي کي جوڙيو ويو هجي. شايد ان ڪري ئي سندس کاتي کي ڪوٺين ئي ”ريڙهه جي هڏي“. هونءَ به پاڪستان سرڪار جي کاتن ۾ مسڪين، شريف ماڻهن جا هڏا نه چورائبا ته ٻيو وري چم ماس!
۽ عجب آهي انهن ماڻهن جو، جيڪي اڄ جي دور ۾ به ايمانداريءَ ۽ شرافت جو پرچار ڪندا وتن. هن آفيسري لٺ کي هڪ پاسي رکي انسانيت جي ڇڙيءَ سان ڄارو لاهڻ ٿي چاهيو عام بي پهچ انسانن جي چهرن تان. جنهن ڳالهه ئي پريشان ڪري رکيو سندس مٿين حاڪمن کي ۽ پوءِ انڪار جي سزا ۾ ٿيو ايئن، جيئن گَڏههِ ڪيو هو وتائي فقير سان.
هن کي جيڪا شڪايت آهي سا اها ته، ”ٺيڪ آهي منهنجي حصي ۾ آيل ڊرائيور جون ته صاحب وڏو ڀل خدمتون حاصل ڪندو رهي پر هي ٻيو عملو؟ هي پٽيوالا جهٽيوالا؟ هي داروغا، بيلدار؟ هي فيلڊ ورڪر ۽ من گهڙت نالا؟ هي هٿ ٺوڪيون پگهارون، هي هضم ڪيل سرڪاري فنڊ؟ هي ڪوڙا بل ۽ وائوچر؟ هي وزٽ ڪندڙ فارينرن کي بيوقوف بنائڻ واريون چالون؟ هي ڪوڙا فارم رکرائڻ، هي ٻج ڀت، ميلن ملاکڙن، ثقافتي شو منعقد ڪرڻ جون ڪاغذي ڪاروايون؟“ مطلب ته هن کي سڄو ڪم بي ترتيبو ۽ ڊانوانڊول لڳندو آهي. تڏهن مان چوندو آهيان، ”ٺيڪ آهي اي سائين پر توهان جو انهن ڳالهين سان ڇا، جنهن جي جيڏي تنهن جي تيڏي، ڇا ٿو ٿئي؟ ڪيئن ٿو ٿئي؟ اهو ٿيو ٻين جي مٿي جو سور، اوهان ڇو پيا اجايو پنهنجو پاڻ کي ڏوجهري ۾ وجهو.
جي ان وقت اهو ڊرائيور ڇوڪرو اچي نڪتو ته ساڻس ملاقات به ڪرائي ڇڏيندو. هڪ اڌ ڀيرو ته ڇوڪري جي ڊرائيونگ ۾ گاڏيءَ سوڌو گهر تي به اچي نڪتو چي، ”اچي هي حاضر آهي. وٺوس، وٺوس صاحب وڏي جا احوال وٺوس.“ مرڪي چوندس، ”اوهان جا ڇو نه؟“
صاحب وڏي جا احوال وري ڇا؟ منهن مهانڊي ميسوڻو، سنهيون ٽيٽيهر جهڙيون ٽنگون، مٿي تي سنڌي ٽوپ ۽ پيرن ۾ لارينس پور جو بوٽ. ڏسڻ ۾ شريف، اشراف، روزي، نماز، تهجد، اشراق جو پابند. سڳوري سونهاري مُٺ جيتري. ڏاڙهيءَ جي معاملي ۾ انتهائي ڪٽر پڻي جو شڪار. ”توبهه........! مسلمان نهائينءَ کي به هر پندرهين ڏينهن ٻهاري ٿو ۽ ڏاڙهيءَ سان روز جُٺِ!! اها آهي سون جهڙي سونهاريءَ جي قدرِ منزلت؟“
سائين جي قدر جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ ٻيو به عرض ڪندو هلان، صاحب وڏي جي قيمت وري ڇا!؟ نوريئڙي جي مهماني ٻه ٻير. هڪ ٿيو ڳڀرو جوانڙو ڊرائيور ۽ ٻيو هن آفيس جو ڪرتا ڌرتا اڪائونٽنٽ صاحب، جيڪو سدائين خوفناڪ ۽ ڀوائتي نانگ جيان سرڪاري فنڊن تي وڪڙ هنيون ويٺل. هو موذي يا مانائتو پر ڳالهين ڳالهين ۾ سندس به ذڪر نڪرڻ ضروري هوندو. هن جي ڪاني ڪرامتن جا به وڏا ڊگها تفصيل ٻڌائڻ لڳندو.
اڪائونٽنٽ، جيڪو قد بت جو پورو پُنو، ڪڻڪ رنگو، گنجو، بُت ۾ ڀريل، ڏاڙهي عين الپٽي، مڇان ٺهيل ٺپيل تلوار ٽائيپ، واڇ ۾ سدائين سگريٽ بجاءِ ڪاٺوڙي پن جي ٻِيڙي، جنهن سبب سڏجي ئي ”ڪاٺوڙو“ هي صاحب، صاحب وڏي جو نور نظر ڪيئن بڻيو؟ اهڙي چاٻي کيس ڪٿان ۽ ڪيئن هٿ آئي؟ انهن سوالن جا جواب پاڻ واري معتبر صاحب ڪجهه هن ريت ڏنا.
اڪائونٽنٽ پنهنجي ظاهري عهدي سان گڏوگڏ پارٽ ٽائيم جاب ڪندڙ. هو پنهنجي ڌنڌي کي لڪل ۽ گپت رکڻ ۽ باقي ماڻهن جي ڪارگذارين کي وائکو ڪرڻ ۽ وائرڻ ئي پنهنجو عظيم ڪارنامو شمار ڪندو آهي. هو سدائين شڪاري ڪتي جيان نوس نوس ڪندي غريب اشراف ۽ پروگريسوِ سوچ رکندڙن جي نَرا چَٻَ ڪندو وتندو آهي. اها ”چغلٽويو“ جي ڊگري وٽس ڪيئن آئي، سا به عجيب ماجرا آهي. ٿلهي ليکي هن جي ڪنهن سنڌ جي وڏي وڏيري ۽ ٻي ڪنهن سونهن جي ديويءَ معرفت دارالخلافه تائين پهچ ٿي وئي. جنهن پهچ پٺيان وفادار ۽ نمڪ حلال نوڪر طور منڪر نڪير وانگر سنڌي ماڻهن جي گناهن جا فائيل تيار ڪري وقت جي خدائن جي درٻار ۾ پهچائي سندن خوشنودي حاصل ڪندو آهي. اهڙي غلامي ڏيڻ کان پوءِ ئي هن کي اهو حق حاصل ٿيو آهي، جو آفيس جي عام ڪارندي کان صاحب وڏي جي دل تي به حڪومت ڪرڻ جو حق رکندو آهي. جيڪو هن جي اهڙي حق کي چئلينج ڪندو آهي، ان غريب کي ان جو ان وقت ٿڙا ٻڌائي، بسترا گول ڪرائيندو آهي. ايئن ئي هڪ اڌ ڀيرو ته پاڻ واري يار جا به بسترا گول ڪرايائين، پر اسان جو يار.....................
اسان جو يار ڀل ته هاٺي ڪاٺيءَ سان ناهي پر اٿس وِڄُ جا پاڻي. هو هر وقت پنهنجي آفيس ۾ ڪامورڪي ڪرسيءَ تي يا پنهنجي چئن ڦيٿن واري ٽڪنڊي گاڏيءَ تي چئوتال هلندي نظر ايندو. پاڻ ڳالهه ڪندو آهي، کيس نئين پروموشن سان گڏ جڏهن عالمي اداري جي سهڪار سان هڪ عدد نئين نڪور گاڏي به نصيب ۾ آئي، تڏهن هو اهڙو بود ۾ ڀرجي ويو، جو پنهنجو پاڻ کي دوزخ، دوزخ يا بهشت جو داروغو ضرور سمجهڻ لڳو. جيڪا ٽيڳر وري وڏي صاحب کي ڪانه آئڙي. هن جي حصي ۾ جيڪو ڊرائيور آيو، سو جي حور پري ڪونه هو ته غلمان ۽ خوبرو ضرور هو. افسوس جو، سو سهڻو ڇوڪرو وري کيس بخشش ٿي نه سگهيو. ان تي وري اڃا به مٿئين صاحب جو حق رهيو. جنهن نُڪتي تي ئي بنا مُند مهل جي ٻئي صاحب پورين پئجي ويا. اها راءِ ڏيڻ ته ڪهڙي ڌر کي پُٺيءَ پاران کنهرائڻ جي عادت هئي، سو ته ٿيندو الله جي ڳجهه ۾ هٿ وجهڻ. بهرحال کنهڻ لاءِ هن ڊرائيور کان وڌيڪ سريلا ۽ نفيسڙا نَههَ وري ٻئي ڪنهن پٽيوالي جهٽيوالي، بورچي، اردلي ۽ پهريدار ٻهريدار جا ڪو نه هوندا، ايتري شاهدي ته مان ڏئي سگهندس.
رات اڌ رات، آنڌي مانجهي، هئو مئو ٽري، ايئن ئي ٻِٽي ڊيوٽي ڏيندي ڏيندي غريب ڊرائيور به هار مڃي ويٺو. چي، ”صاحب، هونڊا اڪارڊ کان سوزوڪي وين تائين هر روز هلائي ٿو سگهان پر بلڊوزر هلائڻ کان منهنجي توبهه!“
۽ پوءِ جڏهن، جڏهن اهڙي ڊيوٽي ڏيڻ کان انڪاري ٿيو، تڏهن تڏهن عرش کان فرش تي ڪرڻ جا دڙڪا، نوڪري وڃائڻ کان پگهار ۾ ڪاٽ ڪوٽ، جمعا چانڊاڻا، جائز، ناجائز مڙئي موڪلون بند.
صاحب وڏي جي وري ٽنڊوالي ڇا!؟ گاڏي ته هو رکي ڪانه، گاڏي هيس پر ڀلو ٿئي شاگردن جو، جن آگسٽ 1983ع واري هلچل ۾ ٻه شيشا پئٽرول جا پرٽي ٻين ڪيترين ئي گاڏين سميت وڏي صاحب جي گاڏيءَ کي به ساڙي ڇڏائي ڇڏيو صاحب کي گهڻي خفي کان. نه ته تيل جي پئسن، ڊرائيور جي المستاين ۽ سوال سَٽي صاحب کي ڏاڍو بيزار ڪري رکيو هو. تڏهن کان هن اشراف نه ته ٻي گاڏي رکي ۽ نه ئي سڙي ويل گاڏيءَ جي رپيئرنگ ڪرائي ڪم ڪاڍو ئي بنائي. رپيئر جا فنڊ ته ڪافي آيا ويا پر سڳوري صاحب جو هرو ڀرو ضد ته، ”گاڏي عالمي اداري جي عجائب گهر جي زينت بڻجڻ گهرجي.“
بهرحال گاڏي ته هلائڻي ئي هئي پوءِ جي ڊرائيور رکي نه ته پاڻ واري يار صاحب کي ئي سهي. ڊگهي عرصي کان جو ڊرائيور صاحب وڏي جي ٽنڊواليءَ ۾، سو صاحب ننڍي کي گاڏي هلائڻ سکڻي ئي پئي. ان سکڻ واري عمل مان گذرندي فيلڊ ۾ کيس ڇو نه ٿو وزٽ تي وڃڻو پوي، پوءِ ته کڻي رب رکيس، نه ته ٽُنڊو منڊو ٿي يا عمر لاءِ عذاب پَسي ها.
ٿيو ايئن، جو گاڏي هلائڻ جا فرائض سر انجام ڏئي رهيو هو پاڻ وارو يار ۽ ٻيا ويٺا هئا سندس ڀر ۾ ڪنهن ٻئي کاتي جا کُٽي کنيل ٻه ملازم. گاڏي هلي رهي هئي ۽ گاڏي پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙي رهي هئي. اسان جو سيکڙاٽ صاحب پنهنجي اعليٰ ظرفي ۽ پختي ڊرائيونگ جي ثبوت ۾ ڪنهن مها سوار جيان گاڏيءَ جي اسٽئرنگ کي ڪڏي ابتو، ڪڏي سُبتو اهڙا جهٽڪا ڏياري رهيو هو، جهڙا ڪو گڻنگ موالي سلفي سَرِ ڪرڻ لاءِ ٻئي ڄاڙيون ملائي، چپ ڀڪوڙي پنهنجو پاڻ کي دونهين جي غبارن ۾ دڦُ ڪري باهه جي ڄر سان پنبڻن ۽ ڀِرُنِ کي به ڄري سينيئر هجڻ جو ثبوت ڏيندو آهي. گاڏي هلي رهي هئي ۽ پوري تيزيءَ سان هلي رهي هئي ۽ پوءِ ڇو نه ٿو ڪڏهن ڪنهن مهل بريڪ بجاءِ ايڪسيليٽر تي زور اچي وڃي، ان زور اچڻ تي تيل جي تيز ڌارا گڏوگڏ گاڏي هوائي جهاز جيان زون................... ڪري وٺي اڏاڻي ۽ افسوس جو سو اڏرڻ کيس راس نه آيو، ويچاري ايئر وولف بڻجي نه سگهي. پئي جو ڪنهن ساڙ سڙئي ٽاليءَ جي وڻ کي خبر، سو سندس آڏو سينو سپر ٿي بيٺو ۽ پوءِ اک ڇنڀ ۾ کينهوڙي جيان ڪلابازيون ڏيندي ڌو وڃي هڪ کاهيءَ ۾ ڪري. اڃا به شڪر جو سُڪ سرءُ جي مند هئي نه ته جيڪر پاڻ وارو صاحب انارڪليءَ جيان جيئرو ئي گپ سان لنبجي پاڻيءَ ۾ غوتا کائي غرق ٿئي ها. تڏهن کان نه رڳو ويچارا ٻيا ٻه شريف ماڻهو پنهنجا ڪن نڪ ڪپرائي ٻُٽا ٻُسا ٿي ويا پر پاڻ وارو صاحب به گوڏي جي ڍڪڻي ڀڃرائي شهيدن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويٺو ۽ پوءِ گاڏي جڏهن گهلجي سهلجي شهر پهتي ته ماڻهن جي حيرت جي حد نه رهي! گاڏي ٽڪنڊي!! اڄ اڄوڻيءَ ڳوٽان ڀڄنديون رهن، اها ڪمپني نئين ڪي پراڻي!؟ اها ڪمپني جرمن جي يا جپاني!؟
فنڊ ته روز مهيا ٿين پر گاڏيءَ کي پهرين واري روپ ۾ آڻڻ لاءِ صاحب سڳوري جي دل ڪانه چاهيندي آهي.
دل ته منهنجي به ڪانه چاهيندي آهي ته اهڙي جهنر گاڏي ۽ اهڙي بي سري ايڪسيڊنٽ جو ذڪر ڪجي پر پاڻ واري صاحب جو هروڀرو ضد ته مان سندس لاءِ ڪا ڪهاڻي لکان، ڪهاڻي نه لکڻ جي صورت ۾ وري ڪافڪا جي ڪردار جيان سندس جسم جو ٻيو حصو وڃي پيو وڌنڌو، شايد اڃا به کيس ڪنهن نئين صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو اٿس!!