ڪھاڻيون

وڃايل راھون

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جو مرتب پارس آگاڻي آھي.
ملڪ آگاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا موضوع اڪثر ڪري استحصالي قوتون، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جون بڇڙايون آهن جن خلاف هن ۽ هن جي ڪهاڻي جي ڪردارن زبردست مزاحمت ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ آگاڻي پاڻ به وڏيرا شاهيءَ جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. پر سندس ڪهاڻين سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون اڄ به سنڌي سماج جون نمائنده ڪهاڻيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2209
  • 520
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ملڪ آگاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڃايل راھون

وڃايل راهون

اڄ وقت جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ٻنهين جو ملڻ ٿيو آهي. ثُريا ڪال بيل جي آواز تي وڌي دروازي تي اچي ٿي. پريان راشد کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿي. ايئن ڄڻ اعتبار ئي نه ايندو هجيس.
”اچو، اچو............ خبر ناهي الائي ڪيئن ڀلجي پيا آهيو!؟“
”ها ڀلجي پيو آهيان................ پر هي ڀلجڻ اوهان کي تڪليف ته نه پيو پهچائي.............!“
(پر پوءِ به اڱڻ آئي جو سواگت واجبي آهي)
”اچو، اچو“ هن صوفي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ڇو، ڇا ڳالهه آهي؟ طبيعت مڙئي بگڙيل ٿي ڏيکارجي!!؟“
”ها.“
”خير ته آهي؟“
”ها، پر اهي پوءِ جون ڳالهيون................ پهريان گهر آئي جي شيوا.............. ترسو مان...................“ هن اُٻهر وچان ڪمري کان ٻاهر نڪرندي چيو.
* هن کي تنهن وقت ياد آيو، ايئن ئي هڪ ٻئي ڏينهن به ثريا کيس ترسائي، اڪيلو ڇڏي ڪمري مان نڪري وئي هئي. پوءِ جڏهن موٽي هئي تڏهن سندس هٿن ۾ چانهه جو ٽري هو. هن هڪ ڪپ راشد ڏانهن وڌايو هو ۽ ٻيو پنهنجي اڳيان رکيو هو، تهن بعد ايئن ئي ٽيبل تي جهڪندي ٻانهن ڊگهيريندي چيو هئائين، ”ڪيئن، کنڊ کپئي؟“
”ايڏي ساري عرصي کان پوءِ.........“ ثريا ڪپ کڻندي مرڪندي پڇيو هو.
”ها، ايڏي ساري عرصي کان پوءِ.............“ راشد سندس جملو دهرائيندي چيو هو.
”ٻڌاءِ ڪٿي هُئين؟“ هن ٻيهر مرڪندي پڇيو هو.
”اونداهن غارن ۾“ چڙي پيو هو.
”پوءِ وساري ويٺين؟“
”نه، وساري نه پر گم ڪري“ هن ڳيت ڏيندي چيو هو.
کن جي خاموشيءَ کان پوءِ ٻيهر ثريا سوال ڪيو هو.
”ڪڏهن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ڪيترن مهينن کان پوءِ“ هن جي آواز ۾ چڙ نه پر روسامو هو.
”پوءِ ايترا سارا ڏينهن..............؟“ ثريا سندس غصي کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.
”ها“ هن وڌيڪ رکائيءَ مان چيو هو. هن جي لهجي ۾ جا ڪڙاڻ اوتجي آئي هئي، سا ثريا کي ڪين وڻي هئي. هن کي لڳو هو سندس سڀاءَ ۾ ڪو فرق ڪونه، اڳ جيان شوم، رُکو، اَنِ سوشل، تڏهن به هن مرڪندي ٻيهر سوال ڪيو هو.
”ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ ئي ته آهيان، پر تون ٻڌاءِ هن هيڏي ساري فليٽ مان ڀئو نه ٿو ٿيئي؟“
”ڀئو!؟ توهان کي ڀئو ٿيندو آهي ڇا؟“ هن پهريان حيرت پوءِ تجسس مان پڇيو هو.
”ها، تڏهن جڏهن اڪيلائپ ۾ پاڻ تي ڇوڪري هئڻ جو گمان ٿيندو آهي، تڏهن پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهيان ته متان ڪنهن راوڻ کي سيتا هجڻ جو گمان نه ٿئي.“ هن سگريٽ دکائيندي چيو هو.
”هر سيتا کڄندي آهي ڇا؟“ ثريا ڪجهه سنجيده ٿيندي پڇيو هو.
”ها، اڳ سيتا کڄندي هئي، پر اڄ جي سيتا پنهنجو پاڻ پئي راڪشس جون وستيون وَسائي.“
”مان نه سمجهو!“ ثريا اڻ ڄاڻائي ڏيکاريندي چيو هو.
”تون ڪا سمجهندينءَ ڇا، توکي ته ............“
”سچ، پر ڪڏهن کان؟“
”دل ته گهڻو ئي ٿي چوي؟“ هن مرڪندي پڇيو هو.
”اهو ئي ته..............“
”اهو ئي نه ته مون کي سيکاريو ۽ ها، توهان ته صرف ڳالهيون ڪري ڄاڻو. اهو ته مان به ڄاڻان ٿي ته توهان وٽ مون کي ته ڇا پر پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ واري شڪتي ڪانهي نه ته جيڪر سيتا چري نه ٿي هئي جو ليڪا لتاڙي ها“ هن سندس ڪمزوريءَ تي ٺٺول ڪندي چيو هو، تڏهن راشد لاجواب ٿيندي مرڪيو.
”هُنهن ...............“
پوءِ کن لاءِ خاموشي، چانهه جا چشڪا ۽ سگريٽن جا سوٽا. دونهون هڪ قسم جو گنبذ ٺاهيندو رهيو هو، تنهن بعد صوفي کي ٽيڪ ڏيندي راشد چيو هو.
”ثريا............؟“
”هون............“
”ثريا تو زندگيءَ ۾ هڪ وڏي چُڪ ڪئي آهي ۽ ها، مان چوندس پوءِ تون انهيءَ کي ڀل ته ڪا به معنيٰ ڏئين پر مان چوندو ئي رهندس. تو پنهنجو پاڻ کي فريب ڏنو آهي، دوکو ڏنو آهي. تون ان ويراني طرف ڊوڙي رهي آهين جتي پاڻيءَ جو ڦڙو ڪونهي. ڪنهن به ڇپر ڇانوَ جو نشان ڪونهي، جتي توکي ساهه پٽڻ لاءِ اڀل ملي. اتي ته رڳو رُڃ ۽ اُڃ آهي.“
اهڙا آدرش اڳ ڏيو ها ته شايد ڪارگر ٿين ها“ هن مرڪندي چيو هو.
”ثريا، توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نه گهربو هو. ياد اٿئي هڪ ڀيري يونيورسٽيءَ جي لابيءَ مان گذرندي نثار ڏانهن اشارو ڪندي چيو هيئي، ”نثار ته اصل ڇسو آهي، مون کي ته اکين ڏٺو نه ٿو وڻي، جڏهن ڏس تڏهن پاڇي جيان ڪڍ، هون باسٽرڊ................ ڪلهه ته اهڙي ڇنڊ ڪڍي اٿمانس جو وري نه اهڙي واهيات حرڪت ڪندو.“ پڇيو هيم، ”خير ته هو؟“ تڏهن مرڪي اڃا به قريب اچي چيو هيئي، ”خبر ڪانهي هو اڄڪلهه پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي، هون............. ڀائين راشد سان لاڳاپن تي ڪجهه غور ڪر، اهڙن خيالي آئڊيلسٽ اديبن سان اوهان جهڙن جو ايترو فري ٿيڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“ تڏهن تو کن لاءِ خاموش ٿي منهنجي چهري جا تاثرات ڏسڻ چاهيا هئا ۽ پوءِ مون کي مرڪي چيو هو، ”پوءِ تو ڇا چيو“ تڏهن تو مان سان گڏ هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندي چيو هو، ”توکي ڪهڙو ٿو حق پهچي ايئن ٻين جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ۽ تون ڪير ٿيندو آهين مان کي مشورو ڏيڻ وارو، تون لڳندو ئي ڇا آهين منهنجو. اي مسٽر! اهو روپ وڃي ٻين کي جهاڙاءِ، اڳ لاءِ جي ٻيهر اهڙي گستاخي ٿي ته پوءِ..................“ وري جڏهن سيميسٽر ختم ٿيا هئا ڪجهه ڏينهن جي موڪل کان پوءِ يونيورسٽي کلي هئي، تڏهن پاڻ جڏهن مليا هئاسين تڏهن تو چيو هو، ”راشد صاحب پوءِ ايترا ڏينهن...............“ چيو هئم، ”وري اهي تنهنجا لقب“ تڏهن تو چيو هو، ”تڏهن ڀلا توهان کي ڇا چئي پُڪاريان؟“ مان چيو هو، ”اهوئي جيئن اڳ سڏيندي هُئينءَ“ ان وقت هلڪو مرڪندي لڄ وچان ٻئي پاسي مُنهن ڪندي تو چيو هو، ”پوءِ سکڻي نالي وٺڻ سان ته ماڻهو وڌيڪ................“ ”۽ مان وڃان پيو وڌيڪ پٺتي ٿيندو ايئن نه“ تڏهن تو مرڪي ڏنو هو ۽ ان مرڪ سان گڏ انڊلٺ جيان سوين رنگ سندءِ مُک تي وري آيا هئا. ان کان به وڌيڪ ياد هوندئي جڏهن پاڻ ٻئي سمونڊ جي لهرن جي نچڻ ڪُڏڻ تي ڳالهائي رهيا هئاسين، تڏهن تو چيو هو، ”انهن ڇولين جو ايئن بار بار ڪنارن کي چمڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ اهي سانت ۾ به اينديون آهن ڪه نه .......... پاڻ جڏهن موڪلائڻ لڳندا آهيون تڏهن لڳندو آهي انهن ڇولين جهڙي ئي ڪا شئي هجي، جيڪا سرير ۾ ڊوڙون پائيندي هجي. پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين آرام ڪونه..........“ ۽ خبر اٿئي تنهن وقت به تنهنجي انهن ٻاراڻين حرڪتن کي کلي ٽاري ڇڏيو هئم، ڇو ته مان کي خبر آهي تو جهڙين البيلين جي سپنن ۾ اسان سُڃا اديب، اديب جيڪي اڌ سگريٽ ۽ ابتن سبتن ليڪن پاتل چيريل ڦاڙيل پنن جي مالڪ، ميرن گدلن ڪپڙن ۽ هوائي چپل تي اڏرندڙن جا تصور ته اچي سگهن ٿا. پر حقيقي روپ ۾ توهان تائين پهچڻ ناممڪن آهي.“
”ها، اهو ئي ته پر مون کي ٻيو به گهڻو ڪجهه ئي ياد آهي. مان ته اهو به ڪين وساري سگهي آهيان، جو جڏهن هڪ نئين ڪهاڻيءَ جي عنوان بابت پڇيو هو، تڏهن چيو هئم، نه با با نه مان اديب ته آهيان ڪونه اها ڪهاڻي تو لکي آهي ۽ تون ئي بهتر ڄاڻي سگهين ٿو. مان، مان ته بس رڳو ڪهاڻيون پڙهي ئي ٿي ڄاڻان ۽ ها، هُنَ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي عنوان تي به ڪڏهن سوچيو ٿي؟“ تڏهن تو چيو هو، ”هرو ڀرو هر ڪهاڻيءَ کي عنوان ڏيڻ ڇا ضروري آهي؟ ڪي ڪي ڪهاڻيون بغير عنوان جي به هونديون آهن.“ ته رهيو سوال، غلطي نه رڳو منهنجي پر تنهنجي به آهي. پهرين غلطي تنهنجي جو رکائي، بي توجهي، سرد مهري ۽ بي حرارتي ڪيفيت سان پنهنجي دل جي صحن کي سدائين لاءِ سرد ۽ ويران رکيو ۽ ٻي غلطي منهنجي جو توهان جي لفظن ۾ غير فطري ۽ ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ پنهنجو پاڻ کي سوگهو ڪري ڇڏيم. اهو منهنجو انتقام نه پر فطري ضرورت هئي. ۽ هينئر جتي آهيان، جنهن حال ۾ آهيان، اتي ئي رهڻ ڏيو ته بهتر ٿيندو.“
”ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته توهان به روشن مستقبل لاءِ ڪجهه سوچيو. ڏسو نه ڀلا ايئن ڪيسيتائين................؟“
* ٻيهر جڏهن مليا هئا، تڏهن ثريا چيو هو،
”توجيان؟“ هن ٺٺول ڪندي چيو هو.
”مان جيان نه سهي پر پوءِ به..............“
ثريا سچ پڇين ته مان، تو جيان نه ئي ڪنهن قسم جا ڪي سهانا سپنا سهيڙيان ٿو ۽ نه ئي وري تو جيان ڪنهن روشن مستقبل جي ئي انتظاري اٿم. مان اديب آهيان، اديب، جيڪي پياريون دل ۾ چڀندڙ ڪهاڻيون جوڙڻ ڄاڻن. اديب جيڪي ٻين جي خوابن جا تعبير ته ڪري سگهندا آهن پر پاڻ اڌورا ۽ اڻپورا ئي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن مرندا آهن، تڏهن ساڻن گڏ سندن اڻپورن خوابن کي به دفنايو ويندو آهي.“ چوندي چوندي اداسيءَ جي ڇانوَ هن جي چهري تي ڇڻي آئي هئي.
کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هن ٻيهر ڳالهايو هو.
”ثريا، خبر ناهي ماڻهو ماضيءَ کي ڇو الائي جي ڀُلائي ويهن ٿا!؟“
”توهان هرو ڀرو ٽٽل زنجير جي ڪڙين کي ملائڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ۽ توهان کي ماضيءَ جي ڳڻتي به آخر ڇو؟“
”هُنهن“ هو مرڪيو هو، ”ماضي، ماضي مون کي خبر ناهي ڇو پيارو لڳندو آهي ۽ وڃايل جو ئي ته احساس رهي ٿو. گم ٿيل جو ئي ته درد رهي ٿو ۽ تون ٿي چوين............“
”مون کي ماضي ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ڏئي سگهي، ان ڪري ماضي مون کي ياد ئي نه رهيو. ها، هاڻي ماضيءَ ۾ لڳو هو ته مان به ڪنهن پراڻي ڪتاب ۾ هڪ امر ڪهاڻي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ماضيءَ ۾ مان به ڪنهن کي چاهيو هو پر پوءِ انهيءَ جي بي توجهيءَ ڪري ايئن لڳو هو، جو پنهنجو پاڻ به ويس پئي ڪٽجندي. مان ٻين لاءِ ته جيئس پر مون لاءِ........... ۽ انهيءَ ماضيءَ جي نراسائيءَ ڌڪي ڇڏيو هو هن ڌٻڻ ۾. اڄ ماضي مان لاءِ هڪ کنڊر کان سواءِ ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي. ماضيءَ ۾ مان نه ڪنهن کي ڳولي سگهان ٿي ۽ نه ئي وري پنهنجو پاڻ کي لڀي سگهان ٿي، ان ڪري اڄ ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي ۽ اڄ کي ئي سيني لائي جيئڻو پوي ٿو ۽ تنهنجو اهو بار بار حق جتائڻ.............“
”ها، حق جتائڻ جي چاهنا هڪ ڀيرو ضرور اڀري هئي، جڏهن تنهنجي شاديءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو مليا هئاسين، تڏهن ياد اٿئي مان ڇا چيو هو؟............. مان چيو هو، ثريا توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نه گهربو هو........... ۽ اڄ، اڄ مان سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهيان. صرف ۽ صرف هڪ ئي ياد باقي اٿم ته مان به ڪنهن کي چاهيو هو، جنهن سان اڄ به ازلي رشتو قائم اٿم. تڏهن ئي ...............“ هو جملي کي اڌورو ڇڏي، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو.
وري هڪ ڀيرو.
”آخر ڪيسيتائين ايئن............“
”شادي ڇو ڪونه ٿا ڪريو؟“
”ثريا، اهو تنهنجو بار بار شاديءَ لاءِ چوڻ مان کي غصو ڏياري ٿو، آخر شادي آهي ڇا؟“ هو چڙي پيو هو.
”شادي، اوهان جي برادريءَ مان ٽالسٽاءِ چيو آ، هڪ معصوم ساده دل، ذهين ۽ دلڪش زال سان گڏ زندگي گذارڻ، اها ئي حقيقي ۽ لازوال مسرت آهي.“
”ها، پر مان اهڙن ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي خودڪشي ڪرڻ نه ٿو چاهيان. خبر آهي ان شاديءَ، جنهن تنهنجو کڻي مٿو خراب ڪيو هو، تنهن موٽ ۾ تو کي ڇا ڏنو. اهو ئي نه کِلَ خوشي پوءِ ڍڳي واري فرمانبرداري ۽ آخر ۾ ڏُهاڳ، اڄ هو ته ايئر هوسٽس جي گرم جهوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيو آهي ۽ تون............ پر مان ٿو چوان شاديءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ اجايو هٿ ٺوڪيون سرحدون ۽ خبر اٿئي ته مان انهن حدن جو قائل نه آهيان. ياد ٿي هڪ شام يونيورسٽيءَ کان پري پهاڙن جي چوٽين تي ٽهلندي تو هرو ڀرو به قبوليت ڪرائڻ چاهي هئي. تو چيو هو، ”شاديءَ جو رشتو به ڪهڙو نه سڀاويڪ آهي، ٻن دلين کي هميشه هميشه لاءِ پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌڻ، جن ۾ رهندي ٻه دليون ٻن ٻيڙين جيان پيار جي ساگر ۾ بي فلڪيون ۽ بي الڪيون ترنديون پيون وتن. نه تيز طوفانن جو کُٽڪو ۽ نه ئي وري ڪو لهر لوڏو.“ تڏهن مان چيو هو، ”پيار جي ٻيڙيءَ کي هرو ڀرو رسيءَ ۾ سوگهو ئي ڇو ڪجي جو هڪ هنڌ بيٺي، بيٺي سينوارجي وڃي ۽ پيار جي قبوليت شادي ڇو؟“ تڏهن تو چيو هو، ”صدين کان جو اها رسم دهرائبي پئي اچي.“ ۽ اهو به ياد هوندئي ته ان وقت مان ڇا چيو هو، مان چيو هو، ”شادي ڇا ٻن دلين کي ملائڻ جي پُل آهي؟ شاديءَ کان سواءِ ڇا پيار مري ويندو آهي؟“ تڏهن مُرڪي تو سوال ڪيو هو، ”پوءِ پيار ڇا آهي؟“ مان چيو هو، ”پيار هڪ نه مٽجندڙ پياس آهي. پيار گلن جي سرهاڻ آهي. پيار ٽانگر ٽاري، ڀنل رابيل جي مهڪار آهي.............. ۽ شادي؟ شادي مهذب سماج جو بنديخانو، شادي سکر سينٽرل جيل آهي. شادي لاڙڪاڻي جي چاوڙي، مچ جيل آهي.............“ هن جي لفظن ۾ ترشي ۽ بي باڪي هئي، جنهن کان کيس سدائين ڪُنبڻي وٺندي هئي. هن کي لڳو هو، اڃا تائين منجهس ڪا نواڻ ڪانه آئي آهي.
”ڪڏهن ڪڏهن توهان ضرورت کان وڌيڪ رُکا ٿي ويندا آهيو، جيڪا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي.“
”شادي، شادي، شادي ۽ شاديءَ اهو ئي ته ڏنو ٿي نه، جو ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو روپ بگاڙي ايڊنٽٽي وڃائي چڪي آهين، ڪٿي يونيورسٽيءَ واريون ڪنواريون ڪجليون اکيون، ڪٿي اڄ جون ويران، ڏرا ڏنل اکيون. لڳي ٿو شايد راتين جون ننڊون حرام، ڏينهن جا چين بيڪار. توکي ته شايد ننڊ لاءِ به سليپنگ پِلز واپرائڻيون پونديون هونديون.“
”بس ڪريو، رهڻ ڏيو ان سڀ کي.“ چوندي چوندي هوءَ اُٿي گئلريءَ ۾ وئي هئي ۽ راشد خاموش سگريٽ ڇڪيندو رهيو هو. کن لاءِ ڪمري ۾ خزان جي هڪ شام جيان اداس موسيقي ڦهلجي وئي هئي. هڪ اداس خاموشي ڇائنجي وئي هئي. پوءِ جڏهن ٻيهر واپس ڪمري ۾ گهڙي پاڻ کي صوفي تي سٽيو هئائين، تڏهن به ڪيترو ئي وقت ساڳي خاموشي ئي رهي هئي، تنهن بعد راشد چيو هو،
”سروس هلي ٿي؟“
”ٻيو“
”ها، ٻڌاءِ اڄڪلهه هو ڪٿي“ راشد سگريٽ جي رکُ، رکَ وٽيءَ ۾ ڇاڻيندي پڇيو هو.
”ڪير نثار؟“ نثار ساڳئي ئي هنڌ پي آئي اي ۾ سروس پيو ڪري.“
”۽ هوءَ سندس؟“
”خبر اٿئي اها ايئر هوسٽس آهي، ٻئي اسٽاف ڪواٽرز ۾ رهن.“
”هيڏانهن ڪونه اچي؟“
”نه، ڪونه اچي ۽ اچي به ڇاڪاڻ، مان ڪا هاڻي...........“
”پوءِ اڪيلائيءَ ۾ بور ته ٿيندي هوندينءَ؟“
”نه ڪا به بوريت ٻوريت ناهي.“
”ايڏي عرصي ۾ مون ڏانهن به ڦيرو نه ڪيئي؟“ هن جي مُکَ تي اڻ چِٽي، ڌنڌلي ڌنڌلي چاهنا جا اولڙا تجلا ڏيڻ لڳا هئا.
”پوءِ نوڪري جو آهي.“
”اهو ته ٿيو بھانو.“
”پوءِ ڪمزور ئي سمجهو.“
”سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ايڏي ماٺ!“ هن جي سامهون نهاريندي سندس مُکَ جا ڀاوَ ڏسڻ چاهيا هئا.
”ايئن سمجهو مون ۾ بغاوت جي سگهه ڪين آهي.“ هن جي چهري تي ڏک ڀريون ريکائون اُڀري آيون هيون. لائيٽ جي تيز روشنيءَ ۾ هن اکيون ڇنڀندي جهٽڪي سان چهرو ٻئي طرف ڪري ڇڏيو هو.
”توکي اڄ به هن سان پيار آهي؟“
”نه پيار نه پر نفرت“ هن تيز لهجي ۾ چيو هو. هن مڙس کان مليل گهاون کي من ئي من ۾ ڪنهن راز جيان سانڍي رکيو هو پر پوءِ به اهو راز ڪنهن نانگ جيان سِرڪي سندس چپن تي اچي ويو هو.
”هُن مون کي دوکو ڏنو آهي. هن مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. هن مون کي ............ ان ڪري ئي...........“ ايئن ڄڻ صفائي پيش ڪندي هجي.
”پوءِ هي دک جون ريکائون؟“
”پر تون ته ٻڌاءِ، ايترا سارا ڀيرا آئين، پوءِ ڀيرو به نه ڪيئي؟“ هن سندس حملي کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.
ياد ٿي، تو چيو هو، ”ماضي ايذاءُ پهچائڻ کانسواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ڏئي سگهي ۽ مون کي وري ملڻ پِيڙا پهچائيندو آهي.“ هن ڏانهس گهُوريندي چيو هو.
”منهنجي چهري ۾ رکيو ئي ڇا آهي، جو ايئن بار بار چتائي رهيا آهيو“ هن ٿڪل ۽ حجاب واري آواز ۾ چيو هو.
“هڪ اها شئي پيو ڳوليان، جيڪا ڪنهن وقت پِيڙا کان پالهي هئي. جنهن کي خوشگوار روحاني سڪون حاصل هو، جنهن ٻين لاءِ پنهنجي زندگي برباد ڪندي سچي زندگيءَ جي لذت، مُسرت ۽ مزو به وڃائي ڇڏيو آهي. اڄ جنهن تي مان کي روئڻ اچي ٿو پر افسوس! جو منهنجا ڳوڙها به ان تلخيءَ کي مِٽائڻ لاءِ ڪافي ناهن“
ثريا جو ڪنوارپ وارو زمانو هن وٽ ايئن محفوظ هو، جيئن اڳ جون ڪنواريون شاديءَ کان پوءِ ڏاج کي پوڙهائپ تائين سانڍينديون اينديون آهن ۽ پوءِ جڏهن ڪهني لڙڪيل کل واري چهري کي آئيني ۾ ڏسنديون آهن، تڏهن گذريل وقت کي ياد ڪندي پراڻين ڪاٺوڙين، صندوقن ۽ ٽئنڪن جا پُڙ کولي ڏاج کي اٿلائي پٿلائي کن لاءِ پنهنجو پاڻ کي ماضيءَ جي ماٿرين ۾ اڇلائي ڇڏينديون آهن.
ليڪن هن وساريو ئي ڇا هو؟ يونيورسٽيءَ جي رنگين ماحول کان جبلن جي چوٽين، سمونڊ جي لهرن کان وٺي اڄ تائين، هن کان ڪجهه به ڪين وسريو. هن کي ته اڄ به ياد آهي، سندس ڪهاڻين ئي هنن کي هڪ ٻئي جي قريب آندو هو.
* ”راشد صاحب مان توهان جون ڪهاڻيون پڙهندي آهيان.“
”واهه واهه مهرباني، مهرباني.“
”ڏسو نه ان ۾ مهربانيءَ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه، سچ پچ اوهان عظيم اديب آهيو.“
”راشد صاحب اڄڪلهه ڇا پيا لکو؟“
”مان اڄڪلهه هڪ ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان“
”واهه! پوءِ ته ڏاڍو سٺو.“
”راشد صاحب خبر ناهي، اوهان جو اسان کان ايترو پري پري رهڻ آخر ڇا معنيٰ ٿو رکي؟“
”توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟“
”پوءِ نڪو ملڻ، نه ئي وري...........“
”بس ان ڪري به ته متان“
”ڇا مطلب؟ ڊڄو ٿا؟“ هلڪي مرڪ.
”ها.“
”ڪنهن کان؟“
”توکان“ سرگوشيءَ جي آواز ۾.
”مون کان؟“ مُک جو سرخي مائل ٿيڻ، من ۾ امرت جو اوتجي اچڻ.
ايئن ئي ثريا عام ڇوڪرين جي ڪچڪول مان نڪري سڄو سڄو وقت مطالعي ۽ راشد سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ کان پري، سمونڊ جي ڪناري، ڪڏهن ساوڪ سان ڍڪيل پهاڙن طرف، جتي فطرت جي گهراين، سمونڊ جي وڏين ڇولين جي نچڻ ڪُڏڻ تي، ڪڏهن پهاڙن جي خوبصورتي، ظاهر ۾ پُرسڪون اندر ئي اندر ٽهڪندڙ لاوا تي، ڪڏهن گهاٽن وڻن جي گلن سان جهنجهيل جهومندڙ ٽارين تي ۽ ڪڏهن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ مسئلن تي ڳالهائڻ، خيالن جي هڪجهڙائي هوندي به ڪجهه وٿي. هڪ سماج جي دٻاءَ کي ڪنهن حد تائين برداشت ڪندڙ ۽ ٻيو عقيدن جي سهاري بنايل ڪائنات تي غور فڪر ڪرڻ سان دلي سڪون چاهيندڙ.
راشد ۾ جيڪڏهن ظاهر ۾ محبت واري گرمي ڪين هئي پر پوءِ به پنهنجي منهن انهن پريت جي داستانن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ اوتيندو ضرور هو. ڀڳل ٽُٽل لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اظهار به ڪري ويهندو هو، ڄڻ دل جو ٿانءُ ڀڃي اهو محسوس ڪرائيندو هجي ته وٽس به ڪا دل آهي. پر محبت جو اهو جهوٽو، جهڙي ئي تيزيءَ سان دلين کي واسڻ بنا ئي گذري ويندو هو. ان ڪري ئي ثريا مٿس گهڻو ڀروسو ڪري ڪِين سگهي.
۽ اڄ وري ڳچ عرصي کان پوءِ پاڻ هيئن مليا، راشد ڪپ کڻندي چيو،
”ثريا، تو جيڪا پاڻ سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي، ان کان بچائڻ جو مون کي...........“
”چپ ڪريو، رهڻ ڏيو ان سڀ کي ، بار بار توهان جو اهو رحم وارو جذبو دُک ٿو رسائي.“
”ڏٺو اٿئي پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾“
”پوءِ جڏهن آتما مري چڪي هوندي آهي، تڏهن سرير جي آخر ڇا معنيٰ؟“ چوندي چوندي سندس آواز ڀرجي آيو.
”پر تنهنجي عمر ئي ڪيتري آهي؟“
”بس، ڪڏهن ڪڏهن انسان عمر کان اڳ ئي پوڙهو ٿي ويندو آهي.“
”سبب؟“
”هر ڳالهه جو سبب ٿيندو آهي ڇا؟“
”پوءِ هيءَ تنهنجي سرير کان لاپرواهي؟“
”سرير ۾ توهان جو ڏاڍو موهه آهي؟“
”ها، ڇو ته مان اديب آهيان، مان کي سرير جي سونهن تي جيتري سرهائي ٿيندي آهي، اوترو ئي سندس ناس ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندو آهيان.“
”پر ڏس، مان ان حد کان اڳتي نڪري آئي آهيان.“
”مان وري به دهرائيندس، تنهنجي عمر ئي...........“
”ها، هڪ وقت اهو به هو جڏهن جسم ۾ هڪ قسم جي خوشبوءِ ۽ گرمائش ڊوڙون پائڻ لڳندي هئي، تڏهن لڳندو هو سچ به مان ڪو مور هجان ۽ مور جيان ئي اڪيلي اڪيلي جهر جهنگ ڪوڪيندي وتان. پر اڄ مان بَن بَن مان ٻاهر نڪري آئي آهيان. مان اڄ هر ڳالهه کان مُڪتي پائي ورتي آهي. ان ڪري اڄ مان لاءِ سڀ ڪجهه اجايو آهي. مان ٻيهر پنهنجو پاڻ کي وري اهڙي بَن ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيان، جتان نڪرڻ لاءِ ڪو رستو ئي نه لڀي.“ هوءَ ڳالهائي رهي هئي ۽ سندس آواز ۾ دٻيل سُڏڪا هئا.
”پوءِ ڪلهه جو احساس ڇو؟“
”تون ئي ته چوندو آهين، سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به ڪلهه جو احساس رهي ٿو. زندگيءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ پر پوءِ به جيئڻو ئي پوي ٿو.“
”گذريل جو ڏک ڇو، ياد ٿي، مان چيو هو، اسان اديبن لاءِ ماضيءَ کي قيمتي وٿ آهي ۽ مستقبل! مستقبل اسان کي ڀانءِ نه اچي.“ تڏهن تو چيو هو، ”مستقبل منهنجو آهي. مان مستقبل کي جيئنديس.“
”ها، پر مان اهو به ته چيو هو نه، ته مان شڪست کائي ئي نه ٿي سگهان. پوءِ هي زندگيءَ جا ايندڙ پل آزاد پنڇيءَ جيان گذارينديس، ڇا اهو مون لاءِ ٿورو آهي...........؟“ هوءَ اڃان به ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي، هن جو ڳلو ڀرجي آيو. هن جي ساڙهي ڪلهي تان تِرڪي صوفي ۽ بلاڪ تي وڇائجي وئي.
”تڏهن به هڪ مڙس ۽ ٽانگر جيان ٽڙندڙ ٻارڙن جي ته ڪمي رهندي.“
”نه، مان ٻار پيدا ڪرڻ ۽ مڙس سان گڏ هڪ بي معنيٰ ۽ فضول زندگي گذارڻ کان تنگ اچي چڪي آهيان.“
”پوءِ ايئن ڪيسين اڪيلي زندگيءَ سان جنگ جوٽيون ايندينءَ؟“
”بس، ڇا ٿو چئي سگهجي.“
”پوءِ؟“ هن دلچسپي وٺندي چيو.
”نه، بس مان لاءِ جيڪو ٿيو سو ڪافي ٿيو، ٻيهر ريتن رسمن جي قربان گاهه تي سِيس نوائڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
”پوءِ به؟“ هن جي مُک تي مُرڪ نه پر وشواس ۽ اُميد پيرا ٺاهڻ لڳي.
”توهان آخر چوائڻ ڇا ٿا چاهيو؟ جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهيان، زندگي مون لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿي رکي، جنهن جي سهاري باقي پل به ڪسارا گذاريان ۽ نه ئي وري اڄ ۾ موهه اٿم، جو چوڙڻ ماڻڻ جي چاهنا جاڳي اُٿي. مان هن دنيا کان پري، دور، پري وڃڻ چاهيان ٿي، جتي ڪنهن جي به ڪوڪ ڪنين نه پوي.“
”سُڪون ته توکي اُتي به نه ملندو؟“
”گهٽ ۾ گهٽ مايوسي ۽ نراسائيءَ کان ته پلوَ آجا ٿيندا.“ *هن کي زندگيءَ جا گذريل پل ياد اچڻ لڳا، جڏهن راشد کي اڪيلو ڇڏي وڃي نثار جي جهوليءَ ۾ ڪري هئي. ڪاليج جي نوڪريءَ کان پوءِ گهر ۽ پوءِ سارو سارو وقت مطالعي ۾ رڌل، تڏهن شام جي واپسيءَ تي نثار جي مسڪراهٽ جي هلڪي گرمي سندس دل جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ ئي ڪافي هئي. هڪ زمانو اهو به هو جو اهڙا منظر ڏاڍا من پرڀائيندڙ لڳندا هئس. ليڪن ان کان پوءِ جو جيڪو زمانو آيو ته ان جي ڌنڌلي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ نظر وجهڻ سان ساڳيائي منظر سندس بدترين يادن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. هن کي تعجب ٿيڻ لڳو ته ايئن آخر ڇو ٿيو؟ هوءَ پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪري رهي هئي، ”آخر مان، هن سان شادي ڪرڻ تي راضي ئي ڪيئن ٿيس!؟ ڪيئن ظاهري ڏيک تي ڀنڀلجي پنهنجو پاڻ کي فريب ڏنم؟ پنهنجي اکين ۽ چپن جي مسڪراهٽ ۽ خوشي، هن جي وڏن ڳرن ٽهڪن ۾ ڪيئن گم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس؟“
”ثريا.“
”هون.........“ هن ڇرڪ ڀريندي چيو.
”ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهه نه، ڪجهه به ته نه.“
”ثريا جن ڪڙين توکي نثار سان جڪڙي ڇڏيو هو، اهي ڪڙيون گلن جون هيون، ريشمي هيون، سونيون هيون يا ڪنهن ٻي شئي جون ۽ اهي سڀ اڄ جڏهن ٽُٽي چڪيون آهن، تڏهن، تڏهن تنهائي ۽ دک ڀري زندگي گذارڻ ۽ مُدتن کان ٻوساٽيل رهڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟“
”ان معنيٰ کان ڪَڪِ ٿي ته پنهنجو پاڻ کي بي معنيٰ بنائي رهي آهيان.“
”۽ سو به ڪيسيتائين؟“
”في الحال ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.“
ثريا هڪ ڳالهه چوان؟“
”چئو“
”مان غلط هجان پر اهو ضرور ڄاڻان ٿو ته شايد تنهنجي اندر ۾ ڪو راز هجي، تون ڀل ته ان جو اقرار نه ڪر پر ان جي ڇيتِ سدائينءَ لاءِ پئي تنهنجي من ۾ چُڀندي رهندي ۽ مان؟ مون کي ته سدائين ياد رهندو هڪ اهڙي به عورت آهي، جنهن سان منهنجو ازل جو رشتو آهي، ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته آيا اهو رشتو دوستيءَ جو آهي، پنهنجائپ جو آهي يا.................“ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي باوجود سندس منُ ڀرجي آيو. سندس لهجي ۾ هڪ قسم جي پنهنجائپ ۽ نينهن جي ڀاونا ڀريل رهي.
”مان کي هڪ ڀيرو وري دهرائڻو پوي ٿو ته، شاديءَ جي ڀيانڪ ۽ خوفناڪ رستي تي گهلي هلڻ ۾ آخر توهان ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهيو، جڏهن ته مان اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهيان................. ورجايل لفظن کي ٻيهر دهرائڻ مان فائدو؟“
”پوءِ به توکي سوچڻو ئي پوندو.“
”نه، مان سوچڻ واري سگهه ئي وڃائي چڪي آهيان. پائڻ لاءِ مان وٽ رهيو ئي ڇا آهي. بي معنيٰ زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه مليو آهي، سو آهي ڪجهه تلخ ڳالهيون. ٿورا مليل جُليل تجربا، ڪجهه بغاوت جي ٿڪل خواهش، اهو ۽ شايد اهو به نه، بس مايوسين جو سناٽو ۽ ان سناٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ نه ٿي چاهيان. مان وٽ منهنجا پنهنجا سُور ئي ڪافي آهن. مان ٻين جي غمن جا بار کڻڻ لاءِ ٻيهر تيار نه آهيان“
”هرو ڀرو نه پر حقيقت ٿو چوان، تو کي هارائڻ نه گهرجي. زندگيءَ جا سوين پيچرا آهن. هڪ جي هٿان نڪرڻ تي آخر همت ڇو هارجي؟“
”مان چيو نه ته، توهان جا اهي درس ڪارگر ثابت نه ٿيندا، ڇو ته اڄ مان اتي اچي نڪتي آهيان، جتان نه ڪو رستو نڪري ٿو ۽ نه ئي وري داخل ٿئي ٿو. اڄ جڏهن منهنجي دنيا جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن، تڏهن ٻيهر اهڙو ڪو به سلسلو ڳنڍڻ نه ٿي چاهيان، جنهن سان وڌيڪ ڏک پهچي.“ هن جو من ڀرجي آيو، پنهنجي آواز کي توازن ۾ رکندي چيائين.
”تنهنجو مطلب ڪنهن قسم جي ڪا گنجائش ڪانهي؟“ مايوسيءَ وچان سوال ڪيائين.
”نه، بلڪل نه“ هن اکين ۾ آيل لڙڪن کي هٿ جي تريءَ سان اُگهندي، منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ۽ هو اُٿي تڪڙو تڪڙو فليٽ کان ٻاهر نڪري ويو.