ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

عدد ناهي عشق

سهڻي ۽ منصور يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لٽريچر جا شاگرد آهن ٻنهي جو هڪٻئي سان ڏاڍو چاھ هيو. جيسين روز هڪٻئي سان نه ملن سندن وقت نه گذرندو هيو. منصور سهڻيءَ جو ميهار لڳو پيو هوندو هيو ۽ سهڻي به پنهنجي هن ميهار لاءِ چري لڳي پئي هوندي هئي. ڊپارٽمينٽ ۾ هجن يا ليڪچر روم ۾هجن سندن نظرون هڪٻئي جو تعاقب ڪنديون هيون. سهڻي هئي به ايڏي حسين جو يونيورسٽيءَ جو هر شاگرد هن اڳيان ميهار لڳو وتندو هو پر سهڻيءَ جو ميهار منصور ئي هو. سهڻي شاھ لطيف جي ديواني هئي،خاص ڪري لطيف جي سر سهڻيءَ لاءِ چري هئي چري. هوءَ اڪثر ڪري پنهنجي سهيلين سان لطيف جي سهڻيءَ جو ذڪر ڪندي هئي،رڳو سهڻيءَ جا پئي بيت پڙهندي هئي. هوءَ ڏينهن رات ان ڪوشش ۽ ڪيفيت ۾ هوندي هئي جو پاڻ کي لطيف جي سهڻي سمجهندي هئي.ڏاڍو ڪو نينهن هيس سهڻيءَ سان ۽ هوءَ واقعي هئي به سهڻي.
سهڻي رنگ جي کنڀ اڇي،سنهڙي،سيبتي،گول منهن،کاڏيءَ جي کاٻي پاسي تِرُ،نڪ سنهڙو منهن تي ٺهڪندڙ،بلوري اکيون،واسينگ جهڙا وار هلي ته هرڻي به پاسو مٽائي وڃي.منصور به ٺاهوڪڙو سنهڙو هينڊ سم نوجوان. ڪيمپس جي وقت سدائين پينٽ شرٽ پاتل ۽ پوءِ سمورو وقت شلوار قميص ۾ ملبوس هوندو هيو.ڪيمپس کان پوءِ شام ڌاري ڪڏهن مارئي هاسٽل واري روڊ تي ڪٿي وڻ جي ڇانوري ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا ته ڪڏهن هاسٽل جي سامهون سنڌالاجيءَ واري روڊ تي نظر ايندا هئا.هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جي مزار تي وڃن ۽ هر ڏهين پندرهين ڏينهن المنظر پوانٽ وٽ سنڌوءَ جو نظارو ڪن. اڄ به سنڌالاجيءَ واري روڊ تي شام جو پنجين وڳي هلندا اچي روڊ جي پاسي نم جي ننڍن وڻن جي ڇانوري ۾ چار انچي نڪتل اوٽ تي ويهي رهيا. تيز گرميءَ هوندي به هوا ٿڌي لڳي رهي هئي.سدائين پاڻ ۾ هڪٻئي سان ملي ويهندا هئا.سندن هڪٻئي جو ڇهاءُ دلي سڪون بخشيندو هين. جي پري کان ڪنهن کي ايندو ڏسن ته ٿورو هڪٻئي کان سري ويهن. سهڻيءَ چيس،
“هل ته درياھ تي هلون.”
“اڄ ڇڏيس. ڏاڍو ٿڪل آهيان.” منصور چيس ڄڻ منٿ ڪندو هجيس.
“ائي صفا ڪو بور آهين،ائين نه ڪر هاڻي کڻي هل ڀلا.” سهڻيءَ سندس گوڏي تي هلڪي مڪ هڻندي چيو.
“الا سچ پڇين ته ٿڪل آهيان،سڀاڻي آچر آ سڄو ڏينهن سنڌوءَ ڪناري گذاريندا سين.” سهڻيءَ جو موڊ خراب ٿي ويو چپ ڀڪوڙي هوڏي منهن ڪري ويهي رهي.منصور سندس کاڏيءَ کان جهلي منهن پاڻ ڏي ڪندي چيو،
“هيڏي ته ڏس توکي ڀلا درياھ جي ايڏي سڪ ڇو آ،جنهن مهل ڏس ته درياھ درياھ ٿي ڪرين.”
اتي سهڻيءَ مسڪرايو چيائين،“ان ڪري جو مان سهڻي جو آهيان.”
“ڪٿي تون لطيف سائينءَ واري سهڻيءَ جو ٻيو جنم ته ناهين.”
“مان ايڏي خوشنصيب ڪٿي آهيان،ڪاش جيڪر ائين ٿي پوي.” سهڻيءَ جي مُک تي اداس هوائون وکري آيون.منصور چيس،
“چري پوءِ ان لاءِ توکي درياھ ۾ ٻڏي مرڻو پوندو.” سهڻيءَ جي مُک تي وري مرڪ تري آئي.
“ها! ڇو نه. مان ان لاءِ به تيار آهيان،آخر نالو جو سهڻي آ پر ٻڌ تو کي به مون سان گڏ ٻڏڻو پوندئي.”
منصور ٽهڪ ڏئي کليو.“مان پنهنجي سهڻيءَ لاءِ ٻڏڻ ته ڇا پر رت جو ڦڙو ڦڙو نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر ٻڌ،( تَڙَ تَڪڙِ تارِ گِهرڻُ،ايءُ ڪاڻِيارِن ڪَمُ).”
“ها سائين بلڪل پر ان جي ٻي سٽ نه ٿو ٻڌائين، (ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏوراپا ڏَمُ.)”
“اصل نه چوندس مونکي ڏم کان سخت نفرت آهي،مان ڏم کي هرگز برداشت نه ڪندس.”
“۽ جي منهنجو به ڪو ڏم نڪري پوي ته.” سهڻيءَ کلندي چيس.
“ته پوءِ بابي واري دونالي بندوق سڌي سيني ۾ هڻندو سانس.” سهڻيءَ جا ٽهڪ هئا جن ڄامشوري جي هوائن کي مست ڪري ڇڏيو،هوائن اچي شور برپا ڪيو. وڻن جا پن ٻنهي مٿان ورکا ڪرڻ لڳا.منصور سهڻيءَ کي سيني سان لائي ڇڏيو.
ٻي ڏينهن تي شام جو چئين وڳي سهڻي ۽ منصور ڄامشوري واري پل وٽ سنڌوءَ ڪناري المنظرپوائنٽ تي آيا. سهڻي درياھ جي دلفريب منظر کي ڏسندي ئي مست ٿي پئي. منصور جي اندر ۾ اڳ ئي نينهن جو درياھ اڇلون ڏئي رهيو هو ويتر جو سهڻيءَ کي چلولائون ڪندي ڏٺائين ته بيتاب ٿي پيو. ڄامشوري جي شام جون مست هوائون المنظر هوٽل تي بيدمشڪ جي خوشبودار وڻ ۽ ڀر ۾ ئي بيٺل سرنهن جي گهاٽي وڻ مٿان جهومي رهيون هيون ته هيڏانهن وري منصور کي سهڻيءَ جي حسن و جمال جي ڪيفيت روح کي راحت رسائي رهي هئي. ٻئي ڄڻا هلندا پارڪ جي خوبصورت سائي ڇٻر کي لتاڙيندا هوٽل سان لڳ ئي وهندڙ ڪراچي واھ جي مٿان اچي بيٺا. ڏاڍو خوبصورت منظر هيو سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪراچي واھ ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون،گهاٽا ساوا وڻ ،گل،ٻوٽا دلڪش منظر پيش ڪري رهيا هئا. سهڻيءَ هڪڙي گلاب کي نڪ جي ويجهو ڪندي خوشبوءِ جو واس ورتو،ته منصور گلن جي بادشاھ گل گلاب سان ڳالهايو،
“اي گلاب جا گل شل هن سنڌوءَ مٿان سدائين ٽڙندو ۽ اسرندو رهين اڄ منهنجي سهڻي سنڌوءَ جي سير تي آئي اٿئي، تون پنهنجي لازوال سونهن ۽ سرهاڻ جو هڳاءُ منهنجي سهڻيءَ تائين پڄائيندو رهجانءِ.”
گلاب جي گل چيس،“اي پريم جا پوڄاري، مان ازل کان محبتن
جو قائل رهيو آهيان. مون ۾ جا سرهاڻ اوتجي ٿي سا به اوهان پيار ڪندڙ پرين جي ڪري آ. تون دلجاءِ ڪر اڄ سنڌوءَ سان گڏ تنهنجي سهڻيءَ کي هڪ پل لاءِ به سرهاڻ کان غافل نه ڪندس.”
“ڪنهن سان ٿو ڳالهائين.” سهڻيءَ چيس
“گلاب جي گل کي تنهنجي پارت ڪري رهيو هيس.”
“چريو آن ڪو،گل کي ٿو پارت ڪرين. سنڌوءَ کي ڪر نه ڪيڏو ته موج مستيءَ ۾ آ.”
“سنڌوءَ سان هجت ڪو نه هلندي. گل کي ڪنٽرول ڪري سگهبو پر سنڌوءَ کي ڪيئن ڪبو.”
سهڻيءَ ڪو جواب نه ڏنس، منصور کي وٺي اچي روف جي سرن سان ٺهيل ان ڏاڪڻ وٽ اچي بيهاريائينس جيڪا هوٽل جي باغ کان هيٺ واھ تائين ٺهيل هئي جنهن جا ڪجھ ڏاڪا واھ ۾ ٻڏل هيا. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏئي آهستي آهستي لهندي آخري ڏاڪي تي اچي بيٺا،سهڻيءَ چيس،
“مون کي ٻنهي هٿن سان پڪڙ ته هڪ ڏاڪو اڃان هيٺ لهان. پير پاڻيءَ م ڀڄايان.”
“چري آن ڇا! متان هيٺ ڏاڪو ئي نه هجي.”
“هوندو ڪيئن نه هوندو. خبر نه اٿئي ته سياري ۾ پاڻي گهٽ هو ته ڏاڪا اڃان هيٺ هئا.”
“ها پر پاڻيءَ جي ڪري ڏاڪي تي گِچَڻِ هوندي، پير جو ترڪي وڃئي. سو ٻيلي ائين نه ڪر.”
“ڪجھ نه ٿيندو منهنجا ميهار.” سهڻيءَ مسڪرائيندي چيو ۽ سينڊل لاهڻ لڳي.
نيٺ منصور آخري ڏاڪي تي پير رکي مٿئين ڏاڪي تي ويهي رهيو. سهڻيءَ ٻئي هٿ سندس هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيا. وهڪرو تيز هيو پاڻي اڇلون ڏئي رهيو هيو پر سهڻيءَ کي ڪو خوف نه هو. آهستي آهستي هڪڙو ڏاڪو هيٺ لٿي. گوڏن کان هيٺ پنيءَ تائين ڄنگهون پاڻيءَ م هيس. منصور سندس ڪراين کي مظبوط جهلي ڇڏيو. هڪ اڳي ئي حسن جي مورتي، مٿان وري کيس هرمچي وڳو پهريل جنهن تي ٽينس بال جهڙا گول اڇا،ڪارا،ڳاڙها ۽ ساوا دائرا ٺهيل هئا اصل منصور جي اکين ۾ تجلا ڏئي رهي هئي. ٻه ٽي منٽ مسلسل پاڻيءَ ۾ بيٺي رهي ۽ وات مان مختلف آواز پئي ڪڍيائين جيئن ڪو چوڏول تي چڙهي آواز ڪڍندو هجي. منصور چيس،
“هاڻي ته بس. اچ منهنجي ڀرسان ويھُ.”
“نه نه مون کي اڃان پاڻ پسائڻ ڏي.”
“نه بس گهڻو ٿيو ڪپڙا پسندا ٿا وڃئي،پويان ته ڏس واسينگ جهڙا وار سنڌوءَ جي ڦڙن سان جرڪي پيا اٿئي.”
منصور زوريءَ ڇڪي سندس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو. سنڌوءَ جي ڇولين ڪري سهڻيءَ جا ڪپڙا ٿورا آلا ٿي چڪا هئا. آلاڻ ڪري سهڻيءَ جو ڇهاءُ منصور کي دلي سڪون بخشي رهيو هو. ڪافي ٽائيم گذري چڪو هين ڳالهين ڪندي. سهڻيءَ چيس،
“هل ته هلي ڪجھ کائجي.”
ٻئي ڄڻا ڏاڪڻيون چڙهندا المنظر هوٽل جي مٿان ڇت تي ڏکڻ طرف جتان سنڌوءَ جو نظارو صاف پئي نطر آيو، ٻه ڪرسيون سوري چارفٽ اولي ڀرسان رکي منهن سنڌوءَ طرف ڪري ويهي رهيا. منصور بيري کي واريءَ واري پڪل پلي جو آرڊر ڏنو. سهڻيءَ چيس،
“اڄ ڀلا دل پلي تي آ ڇا؟.”
“ها. خبر نه اٿئي ته مونکي هتان جو پلو ڏاڍو پسند آ، سو به واريءَ ۾ پڪل. هتان جي ڪيڏي ته خاص ڊش آهي، جنهن به نه هتان جو پلو کاڌو هوندو، سڄي زندگي ان کان لذت نه وسري هوندي.”
“آخر آهي جو منهنجي سنڌوءَ جو پلو.” سهڻيءَ وڏي فخر سان چيو.
“ها سائين سنڌو رڳو تنهنجو آ، باقي منهنجو ناهي ڇا؟.”
“ها ها تنهنجو به آ، پر سنڌوءَ تي گهڻو حق منهنجو آ.” سهڻيءَ رئي جي پلوَ کي ٺاهيندي چيو.
“اهو ڀلا گهڻو حق تنهنجو ڪيئن آ.”
“خبر نه اٿئي ته اڪيلي سِرِ سهڻي گهڙو کڻي سنڌوءَ ۾ لهي پوندي هئي، نه درياھ جي دهشت جو خطرو، نه ڪنن جي ڪڙڪن جو خوف، نه وري برسات جو ڀَوءُ. ايڏي بهادر جڳ ۾ ڪا ٻي عورت ڏٺئي.”
“ها واقعي سمورو حق ته سهڻيءَ جو آ، ميهار ته ڪنڌيءَ تي هوندو هيو پر ٻيلي مان توسان گڏ آهيان.”
“اها ته مونکي به پڪ آ منهنجو ميهار مون سان گڏ آ پر ائين نه ڪجانءِ جو تون به ڪنڌيءَ تي رهجي وڃين.”
“نه سهڻي ائين وري ڪيئن ٿيندو، منهنجو رت ۽ ست تو مٿان قربان آهي.” منصور سندس هٿ کي پنهجي هٿن ۾ سمائيندي چيو.
بيرو پلو، چپاتيون ۽ سلاد سان ڀريل ڊيش رکي هليو ويو. ٻنهي ڄڻن خوب پلو کائي لذت جو ڀرپور مزو ورتو. رات جا 11.00 ٿي چڪا هين، هوٽل جي ڇت تان لهي آيا. پارڪ مان لنگهي ڪراچي واھ واري پل ڪراس ڪري مين روڊ تي پهتا ته سهڻيءَ منصور جي هٿ کان وٺي ڏکڻ طرف سنڌوءَ ڪناري وڌڻ لڳي. منصور حيران ٿي ويو.
“سهڻي ٽائيم ڏٺو اٿئي، هي ڪاڏي ٿي هلين.”
“اچ ته سهي! اڄ رات سنڌوءَ ڪناري گذاربي.”
“ڇا! تو کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي سهڻي.”
سهڻيءَ سندس منهن منهن ۾ ڏئي چيو،“ڇا پنهنجي سهڻيءَ سان هڪ رات به گهاري نه ٿو سگهين.”
منصور ڪلهن تي هٿ رکندي چيس،“مان ته ساري حياتي توتان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڀلا اڄ ئي ڇو.”
“تون هل ته سهي مان توکي سمجهايان ٿي.”
منصور جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنل هيو. چڱو پنڌ ڪري اڳتي نڪري آيا. سندن پٺ ۾ ڄامشوري واري پل ڪافي پوئتي رهجي وئي. اوڻٽيھ اونداهي هئي چنڊ جو نالو نشان ئي نه هو. پل تان بيهي ڏکڻ طرف لهواري پاسي ڪنڌيءَ تي نظر ڦيرائجي ته ڪا شيءِ نظر ئي نه اچي. اهڙي اونداهيءَ ۾ هلندا ڪنڌيءَ تي واري ۽ مٽيءَ گاڏڙ دز تي ويهي رهيا. درياھ جو دڌڪو،ڪنن جو کڙڪو صاف ٻڌڻ ۾ پيو اچي. درياھ پنهنجي موج مستيءَ مان وهي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هين ڄڻ پاڻي سندن ڪلهن برابر ٿي وهيو. سهڻي منصور جي هنج ۾ ٿي ويٺي ۽ منصور ٻانهن جو هار سندس ڳلي ۾ وڌو. ڪنڌيءَ لڳ سنڌو جوش ۾ اچي ويو،الاءِ ته ڇا سهڻيءَ جي من ۾ وڌائين جو اڄ سهڻِيءَ پنهنجي ميها ر کي چئي ڏنو،
“منصور مون کي سنڌوءَ جي سِيرَ جو سيرُ ڪراءِ.”
“ڇا!” منصور جي ٻانهن جو هار سهڻيءَ جي ڳل ڳڙاٽڙيءَ مان ڇڄي پيو،“سهڻي هي تو ڇا پئي چئين.”
سهڻي سڌي ٿي ويٺي،“ها منصور مان سچ ٿي چوانءِ، مون کي ڇڏ ته لهرين منجھ لهان.”
“چري ٿي آن ڇا، الائي ته توکي ڇا ٿيو آ، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين،ڇا ان لاءِ وٺي آئين آن مونکي.”
“ها ان لاءِ ته آئي آهيان. مان جيڏانهن ٿي ڏسان مونکي لطيف جي سهڻي ٿي نظر اچي. منصور مون کي سهڻيءَ جي سنت پوري ڪرڻ ڏي.” منصور جي دل ڏري پئي اکين جا بند ڀَڄي پيس، سهڻيءَ کي ڀاڪر ڀري مٺيون ڏيڻ لڳو، روئيندي چيائين،
“منهنجي سهڻي مان گهوروڃانءِ پر ٿورو سوچ ته مان ڪاڏي ويندس، مان توکان سواءِ اڻپورو آهيان. سهڻيءَ به ته ميهار کي نه ڇڏيو هو تون مون کي ڪيئن ٿي ڇڏي وڃين.”
“تون ڪو الڪو نه ڪر مان پار پونديس ۽ اچي پنهنجي ميهار سان ملنديس.”
“نه سهڻي مونکي نه ڇڏ ائين نه ڪر.” منصور سيني سان لائي ڇَڏِيُسِ.
“پوءِ ڀلا مونسان گڏ لهي پَوءُ. تون به ته وڏو تارون آن.” منصور جا ڇيھ ئي ڇڄي پيا ڪڏهن سوچيو به نه هئائين ته ائين ڪو موت جي منهن ۾ اچي ايڏو ڪڙو امتحان ڏيڻو پوندو، پنهنجي حواسن کي قابو ۾ آڻيدي چيائين،
“پر سهڻي هي درياھ بادشاھ آ، هتي چڱو ڀلو تارون ٽڪي نه سگهندو آ.”
“تون منهنجو ڪهڙو ميهار آهين، تون ڪهڙو ساهڙ آهين جو نه ته مونکي ٿو ڇڏين نه ئي مونسان گڏ سِيرَ ۾ هلڻ لاءِ تيار آهين.”
منصور کي ميار گهائي وڌو اڄ پهريون ڀيرو سهڻيءَ جي واتان ايڏو سيريس جملو ٻڌي سندس عشق جي درياھ اڇلون ڏنيون. نه ڪيائين هَمُ نه تَمُ، سهڻيءَ جو رئو لاهي وڪوڙي سهڻيءَ کي پنهنجي پٺيان ڪري ٻَڌڻ لڳو، سهڻيءَ چيس،
“هي ڇا ٿو ڪرين.”
“تو کي پاڻ سان ٿو ٻَڌان، مان وس ڪندس ته تَري توکي سِيرَ مان اُڪاريان پر جي ساھ ساٿ ڇڏيو ته توسان وچن آ توسان گڏ سِيرَ ۾ هوندس.”
“هڪ منٽ بيھُ.” سهڻي رئو ڇڏائي منصور سان ٻکجي پئي، هڪٻئي کي ڏاڍيون مٺيون ڏنائون ۽ پوءِ منصور جي پويان سندس جسم سان لڳي بيٺي. منصور سُڪ زور سان ڇڪي رئو ٻَڌي آخري دفعو سهڻيءَ کي چيائين،
“سهڻي ڏس، وري سوچ. لطيف ڪو نه ايندو جو اسان تي اچي لکندو.”
“نه منهنجا ميهار مونکي ڪمزور نه ڪر. لطيف ته اڳ ئي اسان تي لکي چڪو آهي. دنيا ۾ جيڪا به سهڻي پنهنجي پيار ۾ امر ٿئي ٿي اصل ۾ اها ئي ته لطيف جي سهڻي آ سو تون گهٻراءِ نه لطيف سائينءَ اسان جهڙن لاءِ ئي ته لکيو آ.
“ ته پوءِ سهڻي پنهنجي ميهار کي ياد ڪندي هل.”
منصور آهستي آهستي درياھ ۾ لهڻ لڳو ۽ سهڻي شاھ کي جهونگاريندي رهي.
ڪَنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون،ساهڙُ ساهڙُ ڪن،
ڪَنين سانگو ساھَ جو،ڪي گهوريس ڪيو گِهڙَنِ،
ساهڙَ سندو تن، گهاگهائِي گهڙِنِ جي.
منصور جي اکين مان ڳوڙها وهندا سنڌوءَ ۾ جذب ٿيندا ويا، لهندي لهندي پاڻي سندس ڪلهن تائين اچي پهتو. سامهون درياھ جو تيز تکو وهڪرو، وڏا وڏا ڪُنَ، پاڻيءَ جون هانوَ ڦاڙيندڙ راڙيون ۽ گاجون. پر سهڻيءَ جي مُکَ تي مرڪ، ڪا پرشاني نه هئي، پئي جهونگار هليس. منصور اڃان پير اڳتي مس وڌايو جو درياھ جي وهڪري پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇَڏِيُنِ. تيز وهڪرو ويس اڳتي گهليندو. هجي اڪيلو ته تارون ماڻهون سَوَ ڪوششون ڪري وهڪري مان نڪري اچي پر سهڻيءَ جي بار ڪري ويو ٿي تيز وهڪري جي ور چڙهندو، گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين،تار هڻي هڻي سهڪي پيو پر وهڪري مان نڪري نه سگهيو آخر ساھ مان سَتُ ڇڏائجي ويس وڃي سهڻيءَ سميت سِيرَ حوالي ٿيو ته سامهون لطيف سائين جهونگاريندي نظر آين.
ڪانڌي ڪنگَ ٿياسِ،وَهڻُ جنازو سهڻي،
ٻَگها جي ٻيٽن جا، ڪُلھا تن ڏناسِ،
اَکينِ مَلڪَ ڏٺاسِ، توءِ مَنُ ڪاڍو ميهارَ ڏي.