آرٽ گئلري
“ ڪاش هن تصوير ۾ باھ جي ڀڙڪندڙ شعلن بجاءِ گلن جي سيج هجي ها.”
مون هن طرف ڏٺو ۽ مسڪرايو،مون کي محسوس ٿيو ته خود جيئرو جاڳندو ايڏو حسين شهپارو منهنجي سامهون موجود آ. هن کي اڇي رنگ جي مڪس ڪاٽن جو جوڙو رنگ برنگي گلن سان پهريل هيو اڇي رنگ جي پرس ڊسڪو جي چمڪ تي سندس کاٻي ڪلهي ۾ لڙڪيل هيس، مون هن کي جواب ڏنو،
“جيڪڏهن هتي گلن جي سيج هجي به ها ته حقيقت ته پوءِ به نه ٿي بدلجي سگهي.”
“ گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش ته اهڙي ڪرڻ کپي.” هن سادگيءَ سان چيو.
“ڪوشش پنهنجي جاءِ تي پر فنڪار هميشه سچ جو اظهار ڪندوآ” “مان فنڪار جو نه پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو.”
“هروڀرو اهڙي خواهش به نه ڪرڻ کپي.”
“ ڇو نه ڪرڻ کپي.” پنهنجي ڪنڌ کي هڪ طرف ڪندي ڏاڍي معصوميت سان چيائين. سندس اها ادا ڏاڍي سٺي لڳي. ڪو خاص جواب نه سجهيو ته چيم،
“ صحت خراب ٿي سگهي ٿي.” مان ڄڻ ته هن کي ٽوڪيو پر مسڪرائيندي.
“ منهنجي صحت کي ڇڏيو پنهجي صحت کي ڏسو.” هن مون کي به تير هڻي ڪڍيو.
“ اسان فنڪارن جي صحت کي ڇڏيو،اسين پنهنجي رت نچوڙي به معاشري کي صحتمند ڏسڻ چاهيندا آهيون.”
“ اڇا ته توهان به فنڪار آهيو، ڪهڙي فن تي زور آزمائي ڪري رهيا آهيو.” هن مسڪرائي سواليه نظرن سان مون کي ڏٺو. سمجهيم ته ڪا ڪاليج گرل آ يا وري ڊفينس جي پاسي جي ڪا حور آ. چيم،
“ مان ڪهاڻيڪار آهيان ۽ مون کي زهير پياسي چوندا آهن.” مون پنهنجو تعارف ڪرايو.
“ اڇا ته توهان ئي زهير پياسي آهيو.”
“ جي ها. ڇا توهان وٽ ڪو ٻيو اميج هيو منهنجي لاءِ.”
“ نه ” ڪجھ سوچي چيائين، “اهڙي ڳالھ نه آهي مان ته ڪافي توهان جون ڪهاڻيون پڙهيون آهن.”
“ او واھ! ته پوءِ ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اسين ڪٿي ويهي چانھ به پيئون ته ان موضوع تي ڳالھ ٻولھ به ڪيون.”
مون هن جي اڳيان تجويز پيش ڪئي ۽ هن به فورن قبول ڪئي. اسين ٻئي آرٽ گئلريءَ کان ٻاهر آيا سين ۽ ڀرسان ئي ويجهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺا سين. مون هن کان پڇيو،
“ چانھ يا ڪافي.”
“ڪافي.” مختصر جواب ڏنائين. ڪافيءَ جو آرڊر ڏئي مون هن کي چيو،
“ توهان سان ڪافي ڳالھ ٻولھ ٿي پر اڃا تائين توهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو.”
“ تشوين.”
“ سٺو نالو آ. پڙهندا آهيو.”
“ ايم بي اي ڪري رهي آهيان.”
“ اوهو مون سمجهيو ته بي اي يا ڪنهن پرائيويٽ جاب ۾ هوندئو.”
“ اڇا توهان ٻڌايو ته ڇا ڪندا آهيو.”
“ ماسٽرس ڪري رهيو آهيان ڪمپيوٽر سائنس ۾.”
“ او نائيس. مون سمجهيو هو توهان 50 يا 60 سالن جا هوندا.” ڪافيءَ مان چسڪي ڀريندي چيائين.
“ اها ته توهان مون سان ناانصافي ڪئي آ، الائي ته ڪيتري عرصي کان وٺي.”
“ نه نه ائين ناهي منهنجو پنهنجو خيال هيو. سچ پڇو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي . مان سوچيو به نه هيو ته ائين اوچتو توهان سان ملاقات ٿي ويندي.”
“ ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهڙا دلچسپ لمحا اچي ويندا آهن.“ مون وڌيڪ هن ۾ دلچسپي وٺندي چيو.
“ مون کي پاڻ ڏاڍو شوق آ ته ڪو افسانو لکي سگهان.”
“ واھ واھ توهان جو شوق به توهان وانگي ڏاڍو خوبصورت آ.”
“ پر واقعي مان سنجيدھ آهيان.” ۽ واقعي هوءَ سنجيدھ لڳي پئي.
“ ته پوءِ مان توهان جي ڪهڙي هيلپ ڪري سگهان ٿو.”
“ اهو ئي ته مان اوهان کان پڇڻ ٿي چاهيان.”
“ اڇا ته پوءِ مان اوهان کي مشورو ڏيندس ته افساني جي بجاءِ ڪو غزل لکو.”
“ يعني ته مان شاعري ڪيان. ائين ڇو ڀلا.”
“ ان ڪري ته جيڪڏهن اوهان ڪهاڻيون لکندئو ته پوءِ مون کي ڪير پڙهندو.” ٿورو آهستي ۽ ويجهو ٿيندي مسسڪرائندي چيم. کلي پئي ۽ چيائين،
“ ته پوءِ مان ضرور ڪهاڻيون لکنديس.” هوءَ به مزاق تي لهي آئي.
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي ته هن وقت جنهن ڇوڪريءَ سان گڏ آهيان اها نه صرف زندگيءَ کي گهرائيءَ سان ڏسڻ بلڪه ان کي پرکڻ جو به شعور رکي ٿي. تشوين پنهنجي موبائل نمبر سان گڏ ٻيهر ملڻ جو واعدو ڪري هلي وئي. ان رات هڪ پل به سمهي نه سگهيس. حالانڪه ڪيترين ئي ڇوڪرين سان رابطا هيا،ملڻ جلڻ هيو. پر هن جي پهرين ملاقات ئي منهنجي زندگيءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. منهنجي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون حرام ٿي ويو. هر طرف هوءَ ئي هوءَ نظر اچڻ لڳي.
هڪ هفتي تائين نه هن مون سان رابطو ڪيو ۽ نه وري مون. ان دوران بس تشوين جي ڳالهين ۽ ان جي ياد م گم رهيس. پنهنجي ان ڪيفيت تي حيران هيس ته آخر مون کي ڪهڙو روڳ لڳو آهي. مان هن سان ڳالهائڻ لاءِ،ملڻ لاءِ بيتاب هيس. نيٺ سوچي همت ڪيم ته مان ئي ٿو هن ڏي فون ڪيان ۽ موقعو ملندي ئي پيار جو اظهار ڪري ڇڏيان. پر سمجھ ۾ نه پيو اچي ته شروعات ڪيئن ڪجي. حالانڪه ڪيئي ڪهاڻيون لکيون اٿم جن ۾ ڪيترن ئي پيار ڪندڙ ديوين ۽ ديوتائن جا ڪردار تخليق ڪيم پر اڄ پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ لفظ نه پيا ملن. نيٺ سوچي سوچي دل جي سموري قوت سميٽي هن جو نمبر ڊائل ڪيم. هڪ خوبصورت ۽ دل کي راحت ڏيندڙ آواز آيو،
“ هيلو.“ مون هن جو آواز سڃاتو ۽ چيم،
“ زهير پيو ڳالهايان،ڪيئن آهيو توهان.”
“ او سڃاتم! توهان ٻڌايو ڪيئن آهيو.”
“ ٺيڪ آهيان پر..................” چپ ٿي ويم.
“ پر ڇا.”
“ توهان واعدو ڪيو هيو.“
“ ڪهڙو واعدو.” حيرت جو اظهار ڪيائين.
“ مون سان ملڻ جو.” هن کي ياد ڏياريو.
“ ها ! بلڪل ياد آيو. پر اڄ ڪلھ ڏاڍي مصروف آهيان. مان هڪڙو افسانو لکي رهي آهيان ان ڪري چاهيندي به توسان نه ملي سگهي آهيان.” تشوين توهان مان تون تي اچي وئي.
“ مان چاهيان ٿي ته افسانو مڪمل ٿي وڃي ته تو کي ڏيکاريان.”
“ اها ته سٺي خبر آ،پر لڳي ٿو ته ڪو طويل افسانو ٿا لکو.”
“ نه ظهير. آهي ته مختصر پر لڳي ٿو ته ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ طويل عرصو نه لڳي وڃي. ڇو جو منهنجي زندگيءَ جو پهريون افسانو آهي.”
“ توهان جو پهريون افسانو ڪٿي منهنجي زندگيءَ جو آخري افسانو نه ثابت ٿئي.”
“ ڇا ڇا چيوَ.”
“ منهنجو مقصد آ ته توهان جي ان افساني کي جيڪر مان مڪمل ڪيان.” ڪجھ لمحا خاموش ٿي چيائين،
“ ڪاش جيڪر ائين ٿي سگهي.” هڪ سرد آھ جي آهٽ محسوس ٿي ۽ فون بند ٿي وئي.
مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته هن فون بند ڇو ڪئي. ڪافي ڏينهن تائين هن جي چيل آخري جملي جو مفهوم سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام رهيم. مان ڪهاڻيءَ جي گهڻين ئي ٽيڪنڪ تي سوچيو ته جيئن سندس جملي جي ڳنڍ کولي سگهان پر وريو ڪجھ به ڪونه. مون کي اهو مڃڻو پيو ته افسانن جي دنيا ۽ حقيقي دنيان ۾ وڏو فرق آهي. مان جيڪو تخيل کي آسمان بڻائي ڇڏيندو هيس اڄ زمين تي ئي ڪيڏو بي وس هيم.
ان کان پوءِ تشوين سان ڪافي ملاقاتون رهيون، ڪراچيءَ جي ڪا اهڙي ايريا نه هئي جتي اسين نه گهميا هجون. اکين ئي اکين هڪٻئي سان اظهار جو جام پي ڇڏيو هيو. بس زبان تي اڃان تائين اقرار جو تالو لڳل هيو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ فون ڪري ڪاليج هلي آئي. جتي ويهڻ جو موڊ نه هيس. منجهند جو ٽائيم ٿي چڪو هو بک به لڳي هئي سو سڌو ڪي ايف سي آيا سين. جتي سيلف سروس جي ڪري ڪائونٽر تي آيا سي. هن کي زنگر اسپائسي ساڻ ڪولڊ ڊرنڪ پسند هيو. اڄ به اهو ئي وٺي هڪ ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺا سي. پرسڪون ماحول لڳو پيو هو ايڏو شور شرابو نه هيو اي سي جي ڪري دل کي فرحت ملي رهي هئي.
“ تشوين هڪ ڳالھ اڃا تائين دل ۾ قيد ٿيل آ، جيڪا اڃا تائين توسان شيئر ڪري ناهيان سگهيو.”
“ مان سمجهان ٿي تون ڇا ٿو چوڻ چاهين پر.............” چپ ٿي وئي.
“ پر ڇا.”
“ نه تون چئي سگهين ۽ نه مان چئي سگهيس. وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي، هاڻي ته زهير واقعي دير ٿي چڪي آهي. ائين ڇو ٿيندو آ زهير.” سندس منهن جو پنو ئي لهي ويس. اکين م نير ڇلڪڻ لڳس.
“ ڇوڇا ٿيو، آخر مون اهڙي ڪهڙي ڳالھ ڪئي.” دل ته منهنجي به ڏري پئي پر هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيم، تڏهن هن ٻڌايو،
“ ان ڏينهن سي ويو تي گهمندي منهنجي ڪزن اسان کي ڏسي ورتو هيو. حالانڪه اهو ڪو وڏو مسئلو به نه هيو منهنجي لاءِ پر هن ڊي ڊيءَ کي الاءِ ڇا ڇا چيو آ جو ڊي ڊيءَ مون تي سوالن جي ڀرمار لائي ڏني هئي ۽ مان ان اوچتو سچويشن لاءِ تيار نه هيس، پوءِ ته مان به ڊي ڊيءَ کي چئي ڏنو، ها ها مان ان سان پيار ڪندي آهيان ۽ ڪيترن سالن کان وٺي هن کي چاهيان ٿي ۽ پوءِ مون کي خبر پئيي ته هي مون ڇا ڪيو جلد بازيءَ ۾. بس پوءِ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو.”
هوءَ چوندي رهي ۽ منهنجو روح فنا ڪندي رهي ۽ مون کي محسوس ٿيندو ويو ته هاڻي جدائيءَ جو زهر منهنجي رڳ رڳ ۾ سامئجندو پيو وڃي. اکيون ڀرجي آيون پاڻ سنڀاليندي چيم،
“ پوءِ آخر ڇا ٿيو.” ڪجھ وقت خاموش رهڻ کان پوءِ چيائين،
“ مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي ان ڪزن سان منهنجي انگيجمينٽ ڪرائي وئي جيڪو خود ڊيڊيءَ وانگي وڏوبزنيسمين آهي. پر زهير مان هن سان نه ٿي گذاري سگهان مان مري ته سگهان ٿي،زهر ته کائي سگهان ٿي پر هن جي ٿي نه ٿي سگهان، منهنجا خيال هن سان ملن ئي نه ٿا.”
هن منهنجو هٿ سوري پنهنجي هٿ ۾ مظبوط پڪڙيندين نظرون نظرن سان ملايائين ڪجھ پل ٽڪ هڻي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا سين، پوءِ هن نظرون جهڪائيندي چيو،
“ مان چاهيان ٿي منهنجو همسفر منهنجو هم خيال هجي، مون سان ادب ۽ آرٽ تي ڳالهيون ڪري،منهنجي ڳالھ سمجهي رهيو آهين نه زهير!” مون سندس هٿ جي مٿان ٻيو هٿ رکي رڳو ڪنڌ سان ها ها ڪندو رهيس. ڪجھ لمحا سوچي چيم،
“ چري ادب ۽ آرٽ سان فنانشل مسئلا حل ڪو نه ٿيندا.”
“ پر مون کي ان جي ضرورت نه آهي.” ٿوري رڙ ڪندي هن چيو جنهن تي ڪي ايف سي ۾ ويٺل ٻين جو رخ اسان ڏانهن ٿي ويو.
“ آهستي ڳالهايو پليز. ماڻهون ڇا سوچيندا.”
“ ڇو ڳالهايان آهستي، مان ڪوئي مغل اعظم جي انارڪلي نه آهيان جو مون کي ڀت ۾ ئي پورائي ڇڏين.” هن جو غصو وڌندو ويو.
“ تشوين آئڊيل خواب هوندو آ،سراب هوندو آ.”
“ نه خواب هوندو آ نه سراب هوندو آ، حقيقت هوندو آ ۽ حقيقت منهنجي سامهون آهي.”
“ ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان.” مون هن جو هٿ ڇڌائيندي چيو، ڪجھ پل سوچيندي چيائين،
“هل ته هلون ايترو پري جو هنن جو پاڇو ئي نه پوي.” ڪجھ گهڙيون ته مان سراپجي ويس ايڏي ڪولنگ هوندي به نرڙ تي پگهر اچي ويو. مان سوچي به نه پيو سگهان ته تشوين کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏو وڏو قدم کڻڻو پوندو.
“ پر ان سان تنهنجي فيمليءَ جي بدنامي ٿيندي.” مون هن کي سمجهائيندي چيو.
“ ۽ مان وري پيار جي معاملي ۾ خود غرض آهيان.” مان خاموش جهڙي ڀت، فڪر ورائي ويو ته هاڻي ڇا ڪيان، ته تشوين چيو،
“ مان تنهنجي جواب جي منتظر آهيان.”
“ ڇا ائين نه ٿوٿي سگهي ته ٻيو ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪيون جو لال به لڀي ته پريت به بچي.” مون تجويز پيش ڪئي.
“ ڪو ئي فائدو ناهي، تون منهنجي ڊي ڊيءَ کي نه ٿو سڃاڻين.”
“ ۽ تنهنجو ڊي ڊي وري مون کي نه ٿو سڃاڻي.” نه چاهيندي به مرڪي پئي ۽ سندس مرڪ مون ۾ ڄڻ ساھ وڌو.
“ ڏس ڳالھ کي نه ٽار مون کي تنهنجو فيصلو کپي.” هيءَ پنهنجي سوال تي اٽل رهي.
مان عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا هيس. يا ته هڪ لفظ ۾ ئي هن کي وڃايان پيو يا ته هڪ لفظ ۾ ئي هن کي پنهنجو پيو بڻايان. زندگيءَ جي ان بازيءَ تي منجهي پيس پر هار مون کي به قبول نه هئي ۽ پنهنجي ارادي تي اٽل رهندي چئي ڏنومانس،
“ پوءِ اٿ ته هلون.”
“ هاڻي ئي.”
“ ها. هاڻي جو هاڻي.” حيران ٿي وئي چيائين،
“ نه ائين نه ، هٿين خالي نه هلندا سين آخر پپا جي هيڏي ساري دولت ڪڏهن ڪم ايندي.”
“ ڏس هاڻي مون کي ڪمزور نه ڪر.”
“ نه اهڙي ڳالھ نه آهي. مان رات جو ڪا پلاننگ ڪنديس،صرف تون منهنجي ڪال جو انتظار ڪجانءِ.”
“ پر تشوين ائين نه ٿئي جو هتان وڃڻ کان پوءِ تون هميشه لاءِ نه هلي وڃي.”
“ نه زهير ائين نه ٿيندو مان پنهنجي واعدي جو ڀرم رکنديس.”
“ پر ههڙي سچويشن ۾ مان ڪيئن يقين ڪيان.” تڏهن هٿ کي مظبوط پڪڙيندي چيائين،
“ يقين ڪر مان ضرور اينديس ۽ جي مان نه آيس ته منهنجي موت جي خبر توکي ضرور پوندي.”
“ بس پليز وڌيڪ ڪجھ نه چئجانءِ، مون کي توتي پاڻ کان به وڌيڪ يقين آ.” هٿ هن جي چپن تائين آڻيندي وري هيٺ ڪري ڇڏيم.
بس پوءِ ته جيستائين رات ٿئي، منهنجو اڌ ڏينهن اهو ڪيئن گذريو مان ئي ٿو ڄاڻان. پنهنجي پيار تي مڪمل ڀروسو هوندي به ذهن ۾ عجيب قسم جا خيال ايندا رهيا. رڳو انتظار جي اذيت هئي ته ڪنهن مهل ٿي رات ٿئي. رات جا 8 ٿيا 9 ٿيا منهنجي بي چيني وڌندي پئي وڃي. اکيون موبائل ۾ کتل هيون ته ڪنهن مهل ٿي رنگ وڄي. انتظار ڪندي ڪندي آخر هن جي رنگ اچي وئي.
“ ها تشوين ٻڌايو ڇا پوزيشن آ.”
“ ڇا جي پوزيشن. بس سڀاڻي پنهنجي مما ڊي ڊيءَ کي وٺي اچجانءِ.” ڏاڍي مطمئن ۽ خوشيءَ واري لهجي ۾ چيائين، هن جي وات ۾ چيوگم هيو يا ٻيو ڪجھ کائي رهي هئي مون کي محسوس ٿيو.
“ ڇا! ته جيڪو منجهند جو.....................”
“ سڀ مزاق هيو، مان ته بس پنهنجي پيار کي پرکڻ پئي چاهيو.”
“ مون کي يقين ئي نه ٿو اچي، پليز تنگ نه ڪر.”
“ پياسي تنهنجي پيار جو قسم مان سچ ٿي چوان.”
بس پوءِ ته دل خوشيءَ مان جهومڻ لڳي، اندر ۾ پيار جا ترنگ ڇڙي پيا، سڄي رات ڪنهن مهل ڪال ته ڪنهن مهل ميسيج ڪندي ڪندي گذاري ڇڏي سين.