ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

نصيب

گورک هل اسٽيشن جتي جون جو مهينو به جنوري لڳو پيو هو. رات کان وٺي اڀ تي ڪنهن ٿر جي ناريءَ جي سنهڙي پوتي چاڙهي ڇڏي هئي. ٿڌيون هوائون،ميرانجهڙي اس،کجيءَ جا ٻوٽا،شهتوت جا ننڍا وڏا وڻ،ڪٿي ساوا ته ڪٿي ٻٻر جا وڻ ته ڪٿي ڪانڊيرا. چوڌاري نظر ڦيراءِ ته جبل ئي جبل،ڪي پٿريلا ته ڪي مٽيءَ جا ته ڪي وري مٽي ۽ سيمنٽ جي رنگ جهڙو ڏيک ڏئي رهيا هئا. چوڌاري پهاڙي سلسلو هيو ڪٿي گرينري گهڻي ته ڪٿي صفا گهٽ پر گورک تي ڪجھ وڌيڪ هئي. اکين جي نهار دل کي سڪون بخشي رهي هئي. اهڙي خوبصورت واديءَ جي هنج ۾ نوري، سندس ڳاڙها ڳل،وارن کي چوٽي ڏنل،ڪاري ۽ ناسي رنگ جو گگهو جنهن ۾ دن کان وٺي گوڏي جيڏو کيسو وڌل،مٿي تي ڪاري پوتي،ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جي چوڙين ۽ جسم تي پاتل ڪپڙن ائين آواز ٿي ڪيو ڄڻ ڪي ٽليون وڄي رهيون هيون،هٿ ۾ سنهو لڪڻ ٻڪرين کي هڪليندي گهر ڏانهن وڃي رهي هئي جيڪو گورک کان ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيو. نوري اڪثر سوچيندي هئي ته ڇا هن جي سڄي عمر هنن پهاڙن جي هنج ۾ ئي گذري ويندي. سندس پيءُ ڳوٺ جو چڱومڙس هيو سندن ڳوٺ ويهن پنجويهن گهرن تي مشتمل هيو.
نوريءَ جي سوچن جو سلسلو ان وقت ٽٽو جڏهن هن ڳجهن کي هيٺ مٿي لامارا ڏيندي ڏٺو. هن جو تجسس وڌي ويو. هوءَ هڪ پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي وئي جتان هن جي نظر هڪ کاهيءَ ۾ پئي اتي هڪ شخص اونڌي منهن ڪريل نظر آيس. هيءَ ڳجهن جي لاماري کي سمجهي وئي آهستي آهستي لهندي ان شخص جي بلڪل ويجهو پهتي. اٿلائي ڏٺائينس ته هوش ڪو نه هيس. ان جي لباس مان ئي سمجهائين ته ڪنهن وڏي شهر مان ئي آيو آهي. نوريءَ جي وس ۾ نه هيو ته هن کي اڪيلي سر کڻي پنهنجي ڳوٺ پهچائي. هيءَ جلدي جلدي گهر پهتي ۽ پنهنجي پيءُ کي ساري ڳالھ ڪري ٻڌايائين، جنهن دير ئي نه ڪئي ۽ ڳوٺ جا چار پنج ماڻهون ساڻ ڪري ان نوجوان کي اتان کڻائي آيو. ڳوٺ جي چڱي مڙس هئڻ جي ناتي نوريءَ جي پيءُ هن کي پنهنجي جهڳيءَ جي اڱڻ ۾ کٽ تي سمهاريو. نوريءَ جي پيءُ حڪيم کي گهرائڻ لاءِ هڪڙي ماڻهونءَ کي روانو ڪيو. ننڍي ڳوٺ هجڻ ڪري جلد ڪافي ماڻهون ۽ عورتون اچي نوريءَ جي گهر گڏ ٿيون. هر ڪوئي پنهنجي منهن ان ڇوڪري لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو هو.
“ابا مڙسالو ته ڀلو آ وصبن ۾، شل بچي؟” هڪ پوڙهي جو آواز آيو.
“ها ابا هوندس حياتي ته بچندو نه ته هليو پيو آ.”
“ها سائين مالڪ چڱي ڪندو،الائي ته ڪٿان جو آ.” ائين پيون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ايتري ۾ حڪيم صاحب به اچي ويو اچڻ سان چيائين،
“بابا پري ٿيو پري مڙس کي هوا ته جهٽڻ ڏيو.” حڪيم صاحب نوريءَ جي پيءُ کي چيو،
“پاڻيءَ ۾ ماکي ملائي پياريوس ۽ زوريءَ وات ۾ سنڍ پيٺل پاڻي به وجهوس، الله ڪندو ڪجھ وقت ۾ هوش اچي ويندس،باقي بچاءُ آ ڪو هڏ ٻڏ ڪو نه ڀڳو ٿس.”
حڪيم صاحب هليو ويو ۽ ٻيا ڪجھ ڪک به ڏئي ويس. هاڻي ٻيا مرد ۽ عورتون به وڃڻ لڳيون. سڀني جي وڃڻ ڪري نوريءَ کي ڪجھ سڪون مليو پر پوءِ به هوءَ پريشان هئي ته الائي جي بچندو به الائي نه. ڪاش بچي پوي. هن جي دل ۾ هڪ لهر اڀري ۽ ان لهر جي سوچن ۾ڦرڻ لڳي ته اوچتو سندس پيءُ چيس،
“پٽ نوري رات ٿيڻ واري آ،ماني ٽڪي پچاءِ بابا.”
پيءُ جي آواز تي ڇرڪي اٿي. وڃي چلھ جي ڀرسان ويٺي سڄو ڌيان ڇوڪري جي طرف هيس.
“بابا هن شهريءَ کي هوش ڇو نه ٿو اچي”
“ڀلا تو ڪئين ڄاتو ته هو ڪنهن شهر کان آيو آ.” پڻس چيس ته نوريءَ بي اختيار ٿي جهٽ پيءُ کي جواب ڏنو ته،
“بابا مان نه چوندي هئي سانءِ ته مون کي ڪنهن شهريءَ سان.............” چپ ٿي وئي شرمائجي اکيون ٿالھ ۾ ڳوهيل اٽي تي کپائي ڇڏيائين. پڻس اچي ٽهڪن م پيو،
“اڙي بابا ڪهڙا ٿي سٽ سلجهائين.”
نوري شرم ۽ حياءُ ۾ ورتي پئي هئي. پيءُ ۽ ڌيءَ ۾ ڏاڍو پيار هيو اصل هڪٻئي تان گهور ٿيندا هيا.سندن رشتو رڳو پيءُ ڌيءَ وارو نه هيو بلڪه پاڻ ۾ گهرا دوست هيا جيڪي دل ۾ ايندو هين هڪٻئي کي چئي ڏيندا هيا. جڏهن به پيءُ هن کي شاديءَ لاءِ چوندو هو ته ٽھ پھ چوندي هيس،
“بابا منهنجو ڪنهن شهريءَ سان پلوءُ اٽڪائجانءِ باقي هتان ڳوٺ جي رولو ڇورن سان نه رولجانءِ.”
“اڙي بابا اسان جو سڀ ڪجھ هتي آ ان ڪري اسان جو نصيب به اتي ئي لکيل آ.”
“بابا ڏسجانءِ ڪيئن ٿو نصيب اسان کي ڳولهي لهي.” تڏهن پڻس اهو چئي ٽاري ڇڏيندو هئس،
“چڱو بابا وقت آيو ته تنهنجي نصيب کي به ڏسندا سي.” ۽ پوءِ ساڳو ئي کل ڀوڳ ۽ نوريءَ جي مستي لڳي پئي هوندي هئي.
نوريءَ ماني پچائي بس ڪئي ته نوجوان کي به هوش اچي ويو. هو پاسو ورائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. نوري ۽ سندس پيءُ هن جي ويجهو آيا،نوجوان ٿورو ڪنجهي رهيو هو. نوريءَ جي پيءُ هن کي سهارو ڏئي کٽ جي سيرانديءَ کان وهاڻن جي ٿهي تي ٽيڪ ڏئي ويهاريو نوران پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي ۽ نوجوان کي ٿورو ٿورو ڪري پيارڻ لڳي. پاڻي پيئڻ سان سندس جان ۾ ساھ پئجي ويو ۽ آهستي چيائين،
“اوهان جي مهرباني.”
نوريءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن پنهنجي باري ۾ اهڙا لفظ نه ٻڌا هئا سندس مک تي مسڪراهٽ ۽ ڳلن تي گلابي رنگ اڀري پيس، سندس پيءُ چيو،
“ابا ٿورو سامت ۾ آءُ ته حالي احوالي ٿيون ٿا.”
ٿوري دير کان پوءِ نوجوان ڄنگهون لڙڪائي ويهي رهيو. هن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. پينٽ جو هڪڙو پاچو ۽ ٻنهي گوڏن کان ٿورا ٽڪرا ڦاٽل هئا، شرٽ به هڪ ڪلهي کان ٿوري اڊڙي وئي هيس انهن حصن تي رت جا داڳ ٺهي پيا هئس. گرميءَ جا ڏينهن هئا پر هتان جي آبهوا ڏاڍي خوشگوار هئي آسمان تي گهاٽا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ڏکڻ جي ٿڌي هير گهلي رهي هئي ۽ وري مٿان اچي رات ٿي هئي سو هن کي ٿورو سياندو محسوس ٿيو. نوريءَ جي پيءُ هن کي اٿاري سهارو ڏئي اڱڻ مان اندر جهڳيءَ ۾ وٺي آيو. جهڳيءَ ۾ اندر ڪا کٽ ته نه هئي البت هيٺ وڏو رنگين گلم وڇايل هيو ان جي مٿان ٽڪ واريون رلهيون پٿاريل هيون نوريءَ جي پيءُ نوجوان کي هڪ ڪنڊ ۾ ويهاريو ۽ پاڻ به ان جي ڀرسان ويٺو ۽ نوريءَ کي چيائين،
“پٽ هاڻي ماني کڻي آءُ.” جهڳيءَ جي ڇت ۾ چارجر لائيٽ ٽنگيل هئي جنهن جي روشني ڪنهن سيور جهڙي ته نه هئي پر اندر هر شيءَ نظر اچي رهي هئي. نوريءَ ماني کڻي هنن جي اڳيان رکي پاڻ به ٿورو پر ڀرو پيءُ جي ڀرسان ويٺي.
“ابا بسم الله ڪر.”
“چاچا مون کان ماني نه هلندي.”
“ابا کائيندين ته جان ۾ جان ايندئي، نه ته مورڳو ان حال کان به ويندين. آءُ بسم الله ڪر.” هن ماني کائڻ شروع ڪئي نوري ۽ سندس پيءُ به هن سان گڏجي کائڻ لڳا.
“چاچا مان اوهان جو ٿورو لاهي نه سگهندس، مان سمجهان ٿو ته هت ڪيئن پهتو هوندس،اوهان کي ڏاڍي تڪليف آئي هوندي مان چاچا توهان جو ڏاڍو احسانمند آهيان.” نوجوان هٿ ٻڌندي چيو.
“نه ابا اها به ڪا ڳالھ آ اسان غريب ضرور آهيون پر مهمان جي اچڻ تي ولهار پيا ٿيندا آهيون. هي جا منهنجي ڌيءَ نوري ڏسين ٿو ان ئي اچي اسان کي ٻڌايو هو.”
“مهرباني نوري صاحبه.” نوري شرمائجي وئي مک تي لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ لهي پيس اکيون هرڻيءَ جيان گهريون ۽ ڳلن ۾ خوبصورت چگھ پيا پونس. هن نوريءَ ڏانهن ڏٺو.
“منهنجو نالو سمير آهي مان چاچا هتي سروي ڪرڻ لاءِ آيو آهيان موبائل ڪمپنيءَ جي ٽاور لاءِ. مون سان گڏ ڊرائيو به هيو جنهن کي گورک وٽ ريسٽورنٽ تي ڇڏيم. مان پاڻ ئي گهمندو گهمندو گورک جي ٽڪرين جو مزو وٺندو ڪافي اڳتي نڪري آيس. موسم ايتري ته خوشگوار ۽ سرد لڳي پئي هئي وقت جو ڪو احساس ئي نه ٿيو خبر ئي نه پئي ته ڪيئن منهنجو پير ٿاٻڙيو. بس پوءِ ته ڪرندو ٿاٻڙجندو رهيس پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيم،پهاڙيءَ جي هڪ ٻن ٻوٽن ۾ هٿ پئجي به ويو پر ٽاريون پٽجي آيون پوءِ ته خبر ئي نه پئي ته ڪيترو وڃي هيٺ ڪريس ۽ جڏهن اک کلي ته اوهان کي پنهنجو همدرد پاتم.” سمير هنن کي پاڻ سان ٿيل وارتا ٻڌائي رهيو هو.
“ابا شڪر گهر، ڪو ڪيو اگهايل اٿئي جو بچي وئين نه ته جتان تون ڪريو هئين مون کي لڳو ته شل مورڳو ئي بچين.”
“ها چاچا ان مالڪ جا ڪرم آهن ۽ ٻيو اوهان جي ڪرم نوازي. چاچا منهنجو ڊرائيور ڏاڍو پريشان هوندو،ان کي ڪئين اطلاع ڪجي مون وٽ ته موبائل هئي پر ظاهر آ اها به اتي ڪري گم ٿي وئي هوندي.”
“ابا ٻيو ڪو اهڙو سامان به هيو ڇا، مان صبح جو ماڻهون موڪلي جاچ وٺائيندس.”
“ها چاچا هڪ ڪيميرا ۽ جي پي ايس به هيو پر چاچا انهن شين جي مون کي پرواھ ناهي اهي مون کي ٻيهر ملي وينديون بس اوهان ڪو ماڻهون موڪلي ڊرائيور کي گهرايو ته جيئن مان واپس ٿي سگهان.”
هن جو ايترو چوڻ ۽ نوريءَ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. اڃان ته سندس دل ۾ پيار جي تاج محل ٺهڻ جا بنياد پئجي رهيا هئا. در تي آيل نصيب سندس هٿن مان ئي وڃي رهيو هو. نصيب جي صليب تي ٽنگيل نوري سڌي سادي ڳوٺاڻي ڇوڪري پنهنجي ئي نصيب جي ڪفن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويٺي رهي. ڏک جي لهر سندس جسم ۾ ڊوڙي رهي هيس نوريءَ جي پيءُ چيو،
“ابا تون الڪو نه ڪر صبح ٿيندي ئي ماڻهون روانو ڪندس پر ابا تون اڃان ٻه چار ڏينهن رھ طبيت تنهجي چاڪ نه ٿي لڳي.”
“چاچا مون کي وڃڻو آ ۽ مان صحيح آهيان پاڻ سنڀالي ويندس.”
“چڱو ابا جيڪا تنهجي مرضي تو کي زور ڪو نه ڀربو، پٽ ايڏانهن سوڙ کڻي ڏي مهمان لاءِ به ته مون کي به. رات ٿي وئي آ ڪجھ آرام ڪيون.”
موسم ايتري سرد هئي جو جولاءِ جي راتين ۾ به سوڙ ۽ ڪمبل پيو پائجي. نوري اٿي جهڳيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل پيتيءَ مان ٻه رلهيون ۽ سوڙيون ڪڍي پيءُ ۽ سمير کي ڏنائين ۽ پاڻ هنن جي سامهون پيتيءَ جي ڀرسان سوڙ سوري سمهي پر سندس دل ۽ ننڊ جي وچ م جنگ ڇڙي پيس. اڄ سندس اکين جي اوتارن ۾ سندس نصيب ۽ قسمت جي سوچ هئي. صبح جو الاءِ ڪنهن مهل ويندو مان بدنصيب قسمت جي ماري ڪجھ ڳالهائي به نه سگهي مانس، منهنجي ته دل ۾ ٻٻر ڦٽي پيا آهن،پر ڇا هو به ڪجھ سمجھ ڪري ٿو يا رڳو مان ئي ٿي پئي ولوڙجان. ائين سوچيندي اڌ رات گذري چڪي هيس هوڏانهن پڻس جي کونگهرن جو آواز صاف اچي رهيو هو جڏهن ته سوڙ سمير جي مٿان به پيل هئي پر اڄ نوريءَ جي نياز سندس دل ۾ پيار جي لڪير ٺاهي ورتي ڦٽن ۾ سور هئڻ جي باوجود به نوريءَ جي ٿورن تي سوچيندي الاءِ ته ڪنهن مهل هن جي به اک لڳي وئي.
صبح جو سوير آڪاش تي گهنگهور گهٽائون ڇانيل هجن اڇا اڇا ٻگھ پکي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ويهي پنهنجا پر پکيڙي رهيا هئا نگاھ جي حد تائين جبل ئي جبل جن تي سرمئي ته ڪن تي سليٽي ڪلر ته ڪن تي بجريءَ جهڙي چادر وڇايل هئي. ڪانون جي ڪان ڪان تي پڻس جي اک کلي. اٿي جهڳيءَ کان ٻاهر نڪتو. تازي هوا ۾ سرديءَ جي لهر هئي هو کنگهڪار ڪندو ٿڌي پاڻيءَ جا منهن کي ڇنڊا هڻي ڪلهي تي رکيل رومال سان اگهي اچي ساڳيو ئي سوڙ ويڙهي جهڳيءَ جي ڪچي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. نوريءَ کي ته ننڊ هئي ڪو نه ڪنهن ڪنهن مهل ڪو گهيرٽ اچي وڃيس پيو نه ته پنهنجي ڀاڳ اڀاڳ جي ٽياس تي لٽڪيل هئي ٿوري دير کان پوءِ نوري به اٿي ۽ اتي ئي ويٺي رهي ڄڻ صدين کان ڪنهنجو اوسيئڙو هجيس.
“پٽ اٿڻ جي ڪر ٻه چار ڊڳڙيون هڻي وٺ ته جوان کي نيرن ڪرايون.”
“ها ابا ائين ئي ٿي ڪيان.” نوريءَ اٿندي چيو.سمير جي به هنن جي ڳالهائڻ تي اک کلي هن اٿڻ سان ئي چاچي کي سلام ڪيو.
“ابا ڏي خبر ننڊ چڱيرڙي آئي ڪجھ طبيت تي فرق به پيو آ.”
“ها چاچا ننڊ به ڀلي آئي ۽ طبيت ۾ به ڪافي بهتري ٿو ڀانيان.”
نوريءَ ناشتو کڻي هنن جي اڳيان رکيو،چانورن ۽ ڪڻڪ جي ماني،لسي،مکڻ ۽ تريل پٽاٽا هئا. سمير اٿيو.
“ابا مان هٿ وجهانءِ.”
“نه چاچا هاڻي ٽائِٽ آهيان.” ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي بالٽيءَ ۾ پيل نيم گرم پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوتائين،هن کي فرحت محسوس ٿي. دل ئي دل ۾ نوريءَ جا ٿورا مڃيائين. سمجهيائين ته هي سڀ ڪجھ نوريءَ جي ئي مهرباني آ. ٽئي ڄڻا ناشتو ڪرڻ لڳا. سمير کي پهريون ڀيرو اهڙي ناشتي مان ايڏو ته مزو آيو جو هن جي دل چيو ته اهڙو ناشتو ته روز روز ٿيڻ گهرجي پر هن لاءِ اهو ممڪن نه هيو. نوريءَ جو پيءُ اٿيو.
“ابا مان ڪنهن هرماھ کي ڏسان ته جيئن هوٽل ڏانهن اماڻيانس، بس مان اجهو ٿو موٽان.”
نوري سمير جي اڳيان ٿانو کڻڻ لڳي ۽ هڪ ٻه دفعو نظرون کڻي هن ڏانهن نهاريائين سمير جنهن جو گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل هو سو ته رات کان ئي نوريءَ جي ڪيفيت کي سمجهي ويو هو.
“نوري مون کي لڳي ٿو ته تو ننڊ صحيح ناهي ڪئي، تنهجو چهرو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل ٿو لڳي.”
“بس صاحب اهو منهنجي نصيب جو کيل آهي.” نوريءَ کان اهو جملو ڪيئن نڪتو، هن پاڻ ئي دل ۾ سوچيو ته آخر مان هن سان ڪيئن ٿي ڳالهائيندي وڃان. پر هن کي اها خبر نه هئي ته اها قوت سندس دل مان اسرندڙ ان پيار جي هئي جنهن لاءِ ڪالھ کان ئي سندس حالت بدلجي چڪي هئي.
“نوري تون مون کي صاحب ڇو ٿي چوين،مان ڪو صاحب نه آهيان، مان ته تنهنجو شڪر گذار آهيان مان سڄي زندگي تنهجا ٿورا لاهي نه ٿو سگهان مون کي نئين زندگي ته تنهنجي ڪري ئي ملي آهي. نه ته هن وقت تائين جهنگ جا جانور بگهڙ کائي چٽ ڪري ڇڏين ها.” نوريءَ ڪو جواب نه ڏنو، هن کي ڏسندي رهي ۽ ٿانو ٿورو پر ڀروي رکي چيائين،
“تون ايترو جلديءَ ۾ خوش ٿي وئين.”
“نه نه مون کي ڪٿي ڪٿي هڏن ۾ سور ٿئي ٿو.”
“ته پوءِ ترسي پوءُ نه هڪ ٻه ڏينهن.” سندس انداز التجا وارو هيو.
“مان نوڪري ڪندو آهيان نه ،رات ٻڌايو هيم چاچا کي ۽ وري ڪنهن اسپتال ۾ وڃي پاڻ کي چيڪ ته ڪرايان جيئن خبر پوي ته ڪو انفيڪشن يا فريڪچر ته ناهي.”
“۽ پوءِ وري ڪڏهن به نه ايندين.” ان جملي ۾ ئي نوريءَ جو سڀ ڪجھ سمايل هيو. اميد،پيار،من ۾ ٿيندڙ هلچل ۽ اهو سڀ ڪجھ جيڪو هوءَ چاهي پئي.
“ڇو! مان ضرور ايندس،ڇو نه ايندس. نوري مان تنهنجو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.” مس وڃي ڪو نوريءَ جي دل ۾ساھ پيو ته ضرور ايندو ۽ هڪ ڏينهن سندس من جي مراد پوري ٿيندي. پريان نوريءَ جو پيءُ به ايندي نظر آيو. نوري اٿي ٿانو کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي.
“ابا ڃاپو ڪرايو آ ٿورو وقت لڳندو ڇو جو پنڌ ٻه ٽي ڪوھ ٿيندو.” نوريءَ جي پيءُ اچڻ سان چيو.
“ٺيڪ آ چاچا.”
“ابا ٻاهر اچ ته اس جو تڙڪو وٺون.” سمير اٿيو ٻاهر اڱڻ کان ٿورو اڳتي چڱو خاصو پلال وڇايل هيو جنهن تي نوريءَ جي پيءُ سان گڏ ويهي رهيو. چوڌاري ننڍيون وڏيون پهاڙيون نظر اچي رهيون هيون ڪن تي ساوڪ هئي ته ڪي وري مٽي،بجري ۽ پٿرن جي ڍيرن ۾ ورتل هيون. ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهون ايندا ويا ۽ هنن سان گڏجي سلام ڪري ويٺا. هر ڪنهن کي خبر هئي سمير جي زخمي ٿيڻ جي سو سندس خبر چار وٺڻ لڳا.
“ ابا ڏي خبر هاڻي ڪجھ سنوت ۾ آهين نه.”
“ڌڪ سائين سٻر زبرا لڳا هوندس.”
“ٻيو نه ته چوٽي به ڳپل مٿي هئي.”
“ها ابا ڀاڳ ڀلا چئبا جو بچي وئين.”
شڪر آ ابا پنهجي ٻچن سان وڃي ٿيندين.”
هر ڪوئي پنهجي منهن پاڻ ڳالهائي رهيو هو ته ڪي وري سمير کان به پڇي رهيا هئا. ائين هنن جو ڳالهيون ٿينديون رهيون. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پريان ويگو ڊبل ڪيبن گاڏي نظر اچي رهي هئي جنهن مان سڀني سمجهيو ته سندس ڊرائيور پڄي ويو. نوريءَ جي به نظر گاڏيءَ تي پئي ته سندس دل وسامي وئي. دل ۾ قيد ٿيل پکي بس هاڻي اڏرڻ وارو هيس. گاڏي هنن جي ويجهو پهتي،ٻه ڄڻا لٿا هڪ ڊرائيور ۽ ٻيو هنن جي ڳوٺ جو هيو. ڊرائيور اچي سمير سان مليو ۽ گهڻا ئي سوال ڪري ڏنائينس،
“سائين خير ته هيو،اوهان جي طبعيت ته ٺيڪ آ ۽ سر هي ڌڪ ڇاجا لڳا اٿو،مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو هيس.”
“ها ها خير آ الله سائينءَ رحم ڪيو آ رستي ۾ حال احوال ڏيانءِ ٿو.”
“چاچا هاڻي اجازت ڏي.” سمير هٿ ٻڌي نوريءَ جي پيءُ کي چيو.
“ابا مانجهاندو ڪري وڃي ها اصل ٽيم ٿيڻ وارو آهي.”
“چاچا مون کي اتي پهچڻو آهي ۽ آفيس وارن کي رپوٽ به ڪرڻو آهي.”
“ٺيڪ ابا الله نگهبان. ٻيهر منهن ڪندين يا صفا وئين.”
“نه چاچا واعدو آ اوهان ڏي ضرور ايندس.”
ٻئي هڪٻئي سان ڳراٽڙي پائي مليا. ٻين ڳوٺاڻن سان به موڪلائي گاڏيءَ ۾ ويٺو. هن کي هڪ کوٽ محسوس ٿي ته نوريءَ کان ڪيئن موڪلايان. هن شيشو هيٺ لاٿو ۽ هٿ هوا ۾ لوڏي سڀني کي خداحافظ چيو پر اصل ۾ اشارو نوريءَ کي ئي هيو ۽ موٽ ۾ هن ڏٺو ته نوريءَ جو هٿ به هوا ۾ لڏي رهيو هو ۽ سندس ضرور اچڻ جي صدا هڻي رهيو هو.