ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

مانيءَ ڳَڀو

“منهنجو مٿو نه کاءُ ذليل ڪتا، ڪم تي ڇو نه ٿو وڃين. پڻهين به اهڙو آ نه ان مردي جي به دوا ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان. آخر تهان ٻئي پيءُ پٽ منهنجي جان ڇو نه ٿا ڇڏيو.”
نيري رنگ جا ميرا ڪپڙا پهريل صدوري، حويليءَ جو ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پئي هئي. پنهنجي ٻارنهن سالن جي اڪيلي پٽ خالوءَ کي دڙڪا به ڏئي رهي هيس ته ماري به رهي هيس. حويليءَ مان جيڪو ڪجھ به ملندو هيس اهو ايترو ڪافي نه هيس جو مڙس جي دوا به ڪرائي سگهي پيٽ گذر به ڪري سگهي. خالو نڀاڳو اهڙو جو اسڪول وڃي ئي ڪو نه. وڃي به ته ڪيئن سدائين ميرا لنڊا ڪپڙا پاتل. سلوار ڀيڏين کان مٿي ۽ قميص جي برچاڪن مان ڪکِ سدائين ظاهر. ڪڏهن ڪنهن هوٽل تي ڪم ڪري ته ٺيڪ نه ته وتي رلندو ۽ بکون ڪاٽيندو رهي. گهر ۾ ايترو ڪجھ مليس ئي نه جو ڍوءُ ڪري کائي. جنهن ڏينهن ڪم ڪار تي وڃي ۽ اتان جيڪو ڪجھ مليس ته پوءِ پاڻ ئي پنهنجي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ وٺي اچي ۽ ان ڏينهن تي ماني ڍوَ تي کائي.
صدوري ماريندي ته هن کي روز هئي پر اڄ هن کي ماري ماري پاڻ به ساڻي ٿي پئي هئي. خالو به هن جي مار جو عادي ٿي ويو هو. هي به اڄ ضد ڪري رهيو هيس.
“مان ڪم تي نه ويندس. مون کان ڪم ڪار نه ٿو پڄي. امان تون مونکي پاڻ سان گڏ حويليءَ وٺي هل اتي ڀلي مون کان ڪم ڪار ڪراءِ.” روئي ماءُ کي چئي رهيو هو. “ باقي مان هوٽل تي ڪم نه ڪندس ڀلي تون مون کي ڪيڏو به مار.”
“ٿڪ هجئي ذليل! توکي ڪهڙي خبر ته مان اتي ڇا جي لاءِ ويندي آهيان.” پٽ کي بجا ڏيندي غصي جي حالت ۾ چيائين.
“ پر تون ته چوندي آن ته وڏيرو سٺو ماڻهون آ ۽ تنهنجي ڳالھ به مڃيندو آ.”
“خالو.......” ماڻس زوردار رڙ ڪري پادر ۾ هٿ وڌو ۽ خالو گهر کان ٻاهر ڀڄي ويو.
ماڻس جي اندر ۾ ڄڻ ته باھ لڳي وئي. خالوءَ جون ڳالهيون هن جي ذهن ۾ مترڪا هڻي رهيون هيون. حالانڪ سندس هڪڙو ئي پٽ هيو پر ڇا ڪري هيءَ ان جون خواهشون پوريون نه پئي ڪري سگهي. رکي رکي هن جي ڪاوڙ جهڪي ٿي ويندي هئي. آخر هڪ ماءُ هئي. اڄ وري به سندس دل ٽٽي پئي. پٽ جا انگل ياد اچڻ لڳس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽ پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. هيءَ ان وقت به ايترو نه رني هئي جڏهن وڏيري جي ماڻهن سندس مڙس کي ماري ماري معذور بڻائي ڇڏيو هو ۽ صدوري ان وقت به ايترو نه رني هئي جڏهن ٻنيءَ تي ڪم ڪندي وڏيري هن کي حويليءَ اچڻ جي پيشڪش ڪئي ۽ گڏو گڏ اها ڌمڪي به ڏني ته جي منهنجو چوڻ نه ورتو ٿئي ته پوءِ سمجهي ڇڏجانءِ توکي پٽ به هڪڙو اٿئي. وڏيرو هن مان پنهنجي خواهش ته پوري ڪندو رهندو هيو پر هن تي ظلم الڳ ڪندو هيو. هو وڏو ظالم ۽ ڪنجوس هيو. هن کي حويليءَ مان جيڪو ڪجھ به ملندو هيو اهو هن کي وڏيري پاڻ ڏيندي هئي ۽ اهو ايترو ٿورو هوندو هيو جو هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو. انهن ڳالهين کي ياد ڪندي شام ٿي ويس. خالو اڃا گهر نه آيو هيس. اوندھ ٿيڻ تي هيس. سندس دل ڀرجي آيس ۽ پنهنجي سر پاڻ از خود ڳالهائيندي رهي.
“خالو مان تنهنجي خاطر سڀ ڪجھ ڪري سگهان ٿي پر آئندھ حويليءَ هلڻ جي ڳالھ نه ڪجانءِ.” رئي جي پلوَ سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي رهي.
اوچتو هن کي وڏيري جو خيال اچي ويو. هن کي حويليءَ پهچڻو هيو. رات به ٿي چڪي هئي. صدوري اهو سوچي حويليءَ ڏي هلي وئي ته خالو رلي پني نيٺ گهر اچي ويندو. رات ڪافي گذري چڪي هئي. حويليءَ جي رنڌڻي واري دريءَ مان ڪير اندر ٽپي آيو ۽ ڪجھ کڻي ساڳي ئي دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏنائين ته کڙڪي تي وڏيري جي چوڪيدار ٽارچ ان طرف هنئي ته هن کي ڪو پاڇو نظر آيو. چوڪيدار ان طرف سڌو فائر ڪري ڏنو. فائر سان گڏ هڪ رڙ جو آواز ٿيو پر چوڪيدار نه ٻڌو. ايتري ۾ وڏيرو جلدي جلدي ٻاهر آيو ۽ هن سان گڏ ٻيا هٿياربند ماڻهون به ساڻ هئا.
“ ڇا ٿيو! ڪير هيو.” چوڪيدار کان پڇيائين. وڏيري کي گوڏ ۽ ڀرت ڀريل اچو پهراڻ پاتل هيو.
“ خير آ سائين. هيو ڪو چور پر لڳي ٿو ته ڀڄي ويو.”
وڏيرو مطمئن ٿي واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيو ته صدوري غائب هئي. هوءَ اهڙو موقعو ڏسي سڌو پنهنجي گهر پهتي ڇو جو اڪثر جڏهن به فائرنگ جا آواز يا ٻيو ڪو هل هنگامو ٿيندو هيو ته وڏيرو به حويليءَ کان غائب رهندو هيو ۽ هيءَ موقعو ڏسي گهر هلي ايندي هئي. وڏيرو صدوريءَ کي نه ڏسي ڏاڍو بگڙيو ۽ دل ۾ چيائين،
“صبح جو رن جي خبر وٺندس.”
صدوريءَ گهر اچي ڏٺو ته خالو اڃان گهر نه آيو هيو. مڙس جي ته هن کي پرواھ هئي ڪو نه. هو نه مئن ۾ هو نه جيئرن ۾. هن سمجهيو ته شايد واڙي ۾ نه لڪو هجي ۽ اتي ئي ننڊ وٺي وئي هجيس. اڪثر ائين به ٿيندو هيس جو خالو ڪڏهن ڪڏهن واڙي ۾ ئي پراڻي کٽ تي سمهي پوندو هيو. واڙو ويران ٿي ويو هيس جڏهن کان مڙس معذور ٿي پيو هيس. هوءَ واڙي ڏانهن آئي ته خالو اتي به نه هيو. هن کي سمجھ ۾ نه آيو ته خالو ويو ڪاڏي. ڪٿي ڪنهن هوٽل تي ته نه سمهي پيو. اڄ صدوريءَ جي رات گذري ئي نه پئي مختلف قسمن جا خيال ۽ وهم هن کي ورائي ويا. سندس دماغ ۾ گولين جا آواز اچڻ لڳا. هوءَ سوچن ۾ ٻڏي وئي.
“وڏيرو،چوڪيدار،گوليءَ جو آواز،خالو ۽ ان جو ضد،رنڌڻو. خالوءَ کي به ڏينهن ٻن کان ماني صحيح ڪو نه ڏني اٿم. ڪٿي ائين ته ناهي جو خالو حويليءَ جي رنڌڻي طرف....... نه نه ائين نه هوندو. يا الله مونکي ڪهڙين سوچن ۾ وڌو اٿئي منهنجي پٽ کي امانَ ۾ رکجانءِ.”
ائين سوچيندي سوچيندي هن کي فجر ٿي ويو. صدوري اٿي ۽ سڌو حويليءَ جي پوئين پاسي هوٽل واري ڏانهن آئي جنهن پاسي ڏانهن رنڌڻي جي دري به هئي. دريءَ جي هيٺان گند جا ڍير هوندا هيا ۽ گند جي اڳيان سم جو پاڻي بيٺل هوندو هيو. هيءَ اڃان هوٽل تي پهتي ئي نه هئي ته هن کي رات واري چور جو خيال آيو ته جيڪو به هوندو هن طرف ضرور آيو هوندو. هن هڪ اندازو لڳايو ۽ جيئن ٿورو اڳتي وڌي ته هن جو ساھ ئي سڪي ويو ساھ ته ڇا پر دل جي دنيا ئي اجڙي ويس. هوءَ خالوءَ جي جسم کي ڀاڪي پائي زور زور سان رڙيون ڪري رهي هئي. خالوءَ جو لاش سڪي ويو هو ۽ مانيءَ جو ٽڪرو سندس هٿ جي ڀرسان ڪريل هو.