بي نانءُ محبت
اڄ به اها حسين شام چڱي طرح ياد آ جڏهن ڏاڍو تيز مينهن وسيو هو ڪاليج کان گهر پهتو هيس ته سڄو مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڀِڄي ويو هيس. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي نطر تو تي پئي تون اميءَ سان گڏ صندل تي ڪوفتا ٺاهي رهي هئينءَ. مون تي جو نظر پيَئي ته اچي ٽهڪن ۾ پئينءَ. بس ان لمحي ئي دل جي دنيا بدلجي پئي هئي. هلڪي واڱڻائي ڪپڙن جي رنگ ۾ ڪنهن حور کان گهٽ نه پئي لڳينءَ. ان ڏينهن تون مون کي اها زويا نه لڳي هئينءَ جيڪا ننڍپڻ ۾ مون سان گڏ کيڏندي هئي. تو کي شايد ياد هجي يا نه مان ٽڪ ٻڌي تو ڏي ڏسي رهيو هيس ۽ تون وري ڏسي نطرون چورائي پئي وڃين. بس ان ڏينهن کان وٺي منهنجي تصور ۾ تو ئي تون هوندي هئينءَ. مان خوابن ۽ خيالن ۾ توسان گڏ هوندو هيس. توسان خوب ڪچهريون ڪندو هيس،گهمندو ڦرندو هيس،ناٽ نخرا ڪندو هيس مطلب ته مون کي ڪو به تنهائيءَ جو احساس نه هوندو هيو. تنهنجي تصور جو مون کي ايڏو آباد ڪري ڇڏيو هيو.
روز رات جو خط لکان ۽ ان ۾ دل جي هر ڳالھ لکان پر توکي خط ڏيڻ جو حوصلو ئي نه ٿئي الائي ڇو اهو اندر ۾ ڀوءُ رهندو هيو ته ڪٿي تون ناراض نه ٿي وڃين ۽ ڀلا مان توکي ناراض ٿيندي ڪيئن ڏسي سگهندس مان ته پاڻ ئي ٽٽي پوندس. ائين ٻه ٽي دفعا خط پڙهي ڪنهن شيلف جي خاني جي حوالي ڪري ڇڏيندو هيس. تو کي شايد خبر هجي ته مان سدائين شام جي ٽائيم ڪوٺي تي صرف تنهنجي لاءِ ئي چڙهي ايندو هيس ۽ تنهنجي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ انتطار ئي انتظار ڪندو رهندو هيس. اڪثر پاڙي مان ڪا ڇوڪري ڪنهن ڪم ڪار لاءِ ايندي هئي ته منهنجون نظرون ان تعاقب ۾ هونديون هيون ته ڪٿي تون ته نه آئي آهين ۽ تون جڏهن به گهر ايندي هئينءَ ته مان پاڇي وانگر تنهنجي جاسوسيءَ ۾ لڳو پيو هوندو هيس ۽ تون ڪڏهن ڪڏهن اهو چوندي هئينءَ،
“ڇا حال آهي، ڪيئن آهيو.توهان جي پڙهائي ڪئين ٿي هلي.”
”بس ائين چئي هلي ويندي هئينءَ مونکي ڳالهائن جي مهلت ئي نه ڏيندي هئينءَ ۽ پوءِ مان تنهنجي چيل جملن جي ياد ۾ پيو دل کي وندرائيندو هيس ۽ ٽائيم جو ڪو احساس ئي نه ٿيندو هيو.
انٽر جي رزلٽ آئي ته منهنجي داخلا ٻاهرين شهر جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي وئي پر وڌيڪ خوشي مون کي ان ڳالھ جي ٿي جو تنهنجي به داخلا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي وئي پر افسوس اهو رهيو جو تون ساڳي ئي شهر ۾ ۽ مان ٻاهر. تو سان ٿوري گهڻي جيڪا هيلو هاءِ ٿيندي هئي، هاڻي ته ان کان به رهجي ويس پر مون هڪ گهڙي به تو کي پنهنجي خيالن کان پري نه ڪيو. هميشه جيان منهنجي تصور ۾ آباد رهينءَ. گذريل سال به دوستن سان گڏ ڪوھ مريءَ ٽوئر تي ويس جتي جا دلڪش نطارا ڏسي دل جي هر ڌڙڪن ۾ تنهنجو ئي خيال پئي آيو ته ڪاش جيڪر تون مونسان گڏ هجين هان پوءِ ته دل جي دنيا ئي ڪجھ ٻي هجي هان. مان تنهجي لاءِ چوڙيون ورتيون جيڪي اڄ تائين توکي ڏئي به نه سگهيو آهيان پر هر رات انهن چوڙين سان دل کي پيو وندرائيندو آهيان.
سال ۾ ٽي چار چڪر گهر ايندو هيس. هاڻي ته تون ڪافي هوشيار ٿي چڪي هئينءَ تنهنجي حسن ۾ به نکار اچي چڪو هيو. اڳي وانگر ايڏي شرميلي به نه رهي هئينءَ. هر ڳالھ چوڻ ۾ پر اعتماد نظر ايندي هئينءَ. جنهن مهل اچين ته هٿ م ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو هيئي. ڪڏهن فزيالاجي ته ڪڏهن ايناٽامي. ڏاڍو پڙهائيءَ جي باري ۾ بحث ڪندي هئينءَ. مان ڏاڍو بور ٿيندو هيس ۽ چاهيندو هيس ته دل جون ڳالهيون ڪجن پر نه مان ڪري سگهندو هيس ۽ نه وري تون. مان پڙهائِيءَ ۾ توکان گهڻو گهٽ هوندو هيس ۽ تون مون کي ٻه ٽي دفعا چئي ڏنو ته،
“تون ڪراچيءَ ڪرين ڇا ٿو،اتي پڙهڻ ويو آهين يا گهمڻ ڦرڻ، خبر ناهي الائي ڪاڏي خيال اٿئي.”
تڏهن به تو کي چئي نه سگهيو هيم ته منهنجو خيال ته رڳو تو ۾ آهي پڙهائي وري ڌوڙ جي ٿي سگهندي.. ڪراچيءَ جي ماحول ۾ پڙهندي حسين کان حسين ۽ ماڊرن ڇوڪرين سان گڏ پڙهندي گهمندي ڦرندي وقت گذرندو رهيو پر ڪڏهن به تنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ ڪو ڦيرو نه آيو بس تون ئي منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ رهينءَ. مان ان محبت کي آخر ڪهڙو نانءُ ڏيان. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته مان ڇا ڪيان آخر تنهنجي سامهون اچي دل جو اظهار ڇو نه ٿو ڪري سگهان ۽ تنهنجي طرفان به اهڙي ڪا ڳالھ نه ٿي نڪري جو مون ۾ کڻي همٿ پيدا ٿئي.
منهنجي ته اها ئي خواهش آ ته مان تو کي پنهنجو بڻايان. زويا تو سان اهو وچن آ ته مان پنهنجي هر خوشي تنهنجي مٿان قربان ڪندس پر تنهنجون اکيون پرنم ٿيڻ نه ڏيندس. زندگيءَ جي هر خوشي تنهنجي جهوليءَ م رکندس. تو کي ياد آ جڏهن بچپن ۾ کيڏندا هئا سين ته سڀني کان گهٽ ۾ گهٽ رانديڪا مون وٽ هوندا هيا. اڄ به زندگيءَ کان ڪجھ وڌيڪ نه ٿو گهران سواءِ تنهنجي. مان پنهنجي والدين کي چوندس ته هو توکي منهنجي زندگيءَ جي زينت بڻائين.
زويا مان چاهيان ٿو ته پنهنجي دل جو ڪتاب پهريان تنهنجي ئي سامهون کوليان. ڇو جو تون ئي ته اها حستي آن جنهن سان دل ئي دل ۾ هر ڳالھ ڪئي آ. زويا تو کي هن دفعي منهنجو حالِ دل ٻڌڻو ئي پوندو. خط ته وڃي ٿو طويل ٿيندو باقي ڳالهيون توکي پنهنجي سامهون ويهاري ڪندس ۽ ايتريون ته ڪندس ايتريون ته ڪندس جو تون ٻڌي ٻڌي پوڙهي ٿي ويندينءَ. آخر ننڍي هوندي کان وٺي جو سڀ احساس سنڀالي رکيا اٿم. سوچيان ٿو اهو ڪيڏو نه خوشگوار ڏينهن هوندو جنهن ڏينهن تون منهنجي سامهون اکيون اکين ۾ ملائي دل جا حال اورينديءَ ان ڏينهن تون ڪا غير نه پر صرف ۽ صرف منهنجي زويا هوندينءَ. تنهنجي نالي ڪي ئي خط لکي ڇڏيا اٿم اهي سڀ ۽ اڄ هي خط تو تائين ضرور پڄندو. منهنجي دل جي ڳالھ تنهنجي دل جا دروازا ضرور کڙڪائيندي. مون کي خبر ناهي ته مان ڇاڇا لکندو ويو آهيان اگر ڪا ڳالھ تو کي خراب لڳي ته معاف ڪجانءِ ڇو جو مان جوئي آهيان سوئي آهيان. جيڪي دل ۾ آيو اهو لکي ڇڏيو.
صرف تنهنجو “ڪامي”
ان وقت ئي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو سندس ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿي. هن جي هٿ ۾ مٺائيءَ جو دٻو هيو. ڪامي بيڊ تان لهي ماءُ جي سامهون اچي بيٺو. سندس ماءُ چيو،
“ڪامي هوءَ جيڪا زويا آهي نه ان جي پنهنجي سوٽ سان مڱڻي ٿي وئي آهي. چون ٿا ته ڇوڪرو ڪسٽم ۾ آفيسر آ.”
ايتري ۾ سندس ماءُ جي موبائل وڄڻ شروع ٿي ۽ هوءَ مٺائي ڪاميءَ جي هٿ ۾ ڏئي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.