گودڙي
“اڙي شادو پاڻي ته پيار،اصل ساھ ٿو وڃي پيو.”
شادو ٺڪر جي گلاس ۾ پاڻي کڻي آئي. سندس زال شادو پاڻ کان عمر ۾ ٻه يا ٽي سال ننڍي پر پوءِ به پنجاھ کان گهٽ ڪونه هئي. وزن ۾ وڌيل، پراڻا ٽويرا جا ڪپڙا پاتل هيس. غربت ۽ پريشانيءَ جي ڪري اڪثر بيمار رهندي هئي.
“ڇا ڳالھ آ امنو اڄ روزي نه لڳي ڇا؟.” سندس زال گهٻراهٽ واري لهجي ۾ پڇيس.
“ ها شادو هاڻي ته منهنجون هڏيون به سور ٿيون ڪن. مونکان هاڻي ڪونه ٿو پڄي ته ڦٽ ڦاٽ تي ويٺي ويٺي صدائون هڻان. اصل اڄ ته پورو ٿي ويو آهيان.”
هن جي آواز ۾ مايوسي ۽ ڪروڌ شامل هيو. امنوءَ کي گوڏ ۽ قميص پاتل هئي. ٻانهن کان قميص ٿورو ڦاٽل،مٿو سڄو اڇو ٿي ويو هيس. مايوسي ۽ پريشاني چهري تي ايتري ته عيان هيس جو ڄڻ پنجونجاھ جو هوندي به ستر سالن جو پيو لڳي.
“ پر امنو اسان نه پنندا سي ته کائيندا سي ڪاڏانهن.” شادو پريشان ٿي وئي هن جي ڀرسان اچي هن جي نرڙ تي زور ڏيڻ لڳي.
“مان ته تنهنجي لاڏلي کي ڪيترا ئي ڀيرا چيو آ ته مون سان گڏ ڦٽڦاٿ تي هلي ويھ ته جيئن آمدني ته ڪجھ وڌيڪ ٿئي پر تنهنجي آفيسر پٽ کي ان پيشي کان اچي ٿو شرم.” امنو غصي مان ڳالهائي رهيو هو. هنن جو هڪڙو ئي پٽ هيو ميرو.
“ پر امنو تون به ٿوري ڳالھ ته ٻڌ توکي اگر پنهنجي پٽ کي به پنائڻو هيو ته هن کي تعليم ڇو ڏياريئي.”
“مان ته رن تنهنجي ئي روز روز جي ڪروڌ کان تنگ اچي هن کي اسڪول ۾ داخل ڪيو هو. پر جي هاڻي ڏھ درجه پڙهيو به آهي ته ان جو مطلب اهو ته ناهي جو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي پيشي کان ئي نفرت ڪري.” امنو ڳالهائي رهيو هو ته ميرو به گهر ۾ داخل ٿيو. صاف سٿرا ڪپڙا پير ۾ چپل سستي پر صاف. ميروءَ کي ڏسندي ئي پڻس جي تن من ۾ باھ ڀڙڪي اٿي.
“ اچي وئين! ڏي خبر ڪا نوڪري به مليئي. ٿي وئين هاڻي مير صاحب. اڄ مان اکيون ٻوٽيان ته هن گهر ۾ بکون ڪاٽيو. اڙي مان جاهل ٿي به روزانو ايترو ڪمائي ٿو وٺان جو اسان ٽنهي جو پيٽ ته ڀرجي ٿو ۽ تون آن جو منهنجي ڳالھ سمجهين ڪونه ٿو.” ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن جو ساھ منجهڻ لڳو.
“بابا تعليم ته شعور ڏيندي آ،تعليم ته روشني آ. جهالت جي اوندھ ڪيڏي به گهري ڇو نه هجي پر علم جي روشنيءَ جو هڪڙو ئي ڪرڻو اوندھ جي سيني کي چيرڻ لاءِ ڪافي هوندو آ.” ميرو هڪ جذبي جي عالم ۾ ڳالهائي رهيو هو.
“ اڙي هاڻي بس ڪر !” گهروڙي بجو منهن ۾ ڏنائينس. “خبر آ مون کي اهي سڀ ڪتابي ڳالهيون آهن. اهي امير ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. منهنجي هڪ ڳالھ ياد رک. اڄ جي دور ۾ مير پير صرف اهي ٿي سگهندا آهن جن جا وڏا به مير ۽ پير هجن.” وري اچي کنگھ ۾ پيو.
شادو چيس،“هاڻي ڪجھ آرام ڪر تنهنجي طبيعت صحيح نه ٿي لڳي.”
“ نڀاڳو ڪنهن جاءِ جو.” پاسو ورائي سمهي پيو. ميرو به پيءُ جي ڀر ۾ ئي ڪنڊ سان لڳي سمهي پيو پر اکين ۾ آلاڻ اچي ويس.
صبح جو شادو مڙس کي معمول موجب اٿارڻ جي ڪئي ته همراھ اٿي ئي نه. گهڻو ئي جهنجهوڙيائينس ته ساھ نه تو ڏٺو نه مان. پوءِ ته اچي روئڻ ۾ پئي سندس پٽ ميرو به اٿي پيو. ٻئي ماءُ پٽ اچي روئڻ ۾ پيا. گهر جو هڪڙو ئي ڪمائڻ وارو اهو به نه رهين. هنن غريبن جا ڪهڙا ٽيجها ڪهڙا جماڻان. بس ٽن چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ آخر ميروءِ ڪشتو کنيو. ماڻس حيران ٿي ويئي.
“ پٽ هي ڇا ٿو ڪرين.”
“ ڇا ڪيان امان ! تعليم ته پيٽ ڪو نه ڀريندي. هاڻي هي ڪشتو ئي اسان جو پيٽ ڀريندو. بابا سچ چيو هو هتي مير ۽ پير اهي ٿي سگهندا جن جا وڏا مير ۽ پير رهيا هجن.”
هن ڪشتو ۽ پيءُ جي پراڻي گودڙي کنئين. گودڙيءَ جي اندر جيئن هٿ وڌائين ته هن جي هٿ کي هڪ پراڻو ڪاغذ لڳو. هن ان کي احتياط سان ٻاهر ڪڍيو. اهو پراڻو ڪاغذ سندس پيءُ امنوءَ جي بي اي جي ڊگري هئي. ميروءَ جي معصوم دل ڦٿڪي پئي سندس اکين ۾ برسات وسي پئي.