ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

جستجو

خوبصورتي ڇا آهي. پيار محبت ۽ عشق. اهي سڀ شيون هن کي ڏسڻ کان پهرين هن کي معلوم نه هيون. هن اهڙي نگاھ سان ڪنهن کي ڏٺو ئي نه هيو. سندس ڪجھ مزاج ئي اهڙو هيو جو ڪوئي به هن جي قريب ٿي ويندو هيو ته ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سندس طبعيت کان واقف ٿي پنهنجو رستو ئي الڳ وٺندو هيو. شايد ان ڪري جو هي پيار ۽ محبت جي اٽڪل بازين يا گڻن کان واقف نه هيو.
پر قسمت جي ديوي ڪڏهن به ڪٿي به ۽ ڪنهن سان به مهربان ٿي سگهي ٿي. هڪ ڏينهن قسمت جي ديويءَ هن جو به ساٿ ڏنو. سندس ئي ڪاليج جي ڇوڪري زيبا هن کي پسند اچي وئي. تڏهن کان هن کي محسوس ٿيو ته هي ته واقعي ڪومايل گل هيو جيڪو هاڻي ٽڙي رهيو هو. حالانڪ هوءَ ايڏو حسين به نه هئي پر سندس چهري جا وصف ڏاڍا سهڻا ۽ معصوم انداز جا هيا. سنهڙي، پورو سارو قد ويتر رنگين ڪپڙن تي پهريل ايپران اهڙو ته ٺهڪندو هيس جو ٺهيو ئي ڄڻ ان لاءِ آ. سندس اندر جا جذبا جهومي پيا،دل جي ايوانن ۾ پيار جا گيت ڇڙي پيس. هر طرف جيڪا به شيءِ هن کي نظر پئي اچي اها پيار جي روشنيءَ سان سرشار نظر ٿي آيس. پر ڪڏهن ڪڏهن اها روشني هن کي تاريڪ انڌيرن جيان محسوس ٿي ڇو جو هي چڱيءَ ريت ڄاڻي پيو ته سندس والد هن ئي ڪاليج ۾ سندس داخلا لاءِ ڪيڏا ته جتن ڪيا هئا. هن کي پنهنجي والد جا لفظ چڱي طرح ياد هيا.
“عرفان منهنجي ڳالھ غور سان ٻڌ. توکي ڪاليج ۾ ته داخلا وٺرائي ئي ڏني هاڻي اڳتي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آ اهو توکي ڪرڻو پوندو. سخت محنت ڪجانءِ. ڪٿي ائين نه ٿئي جو منهنجي مان ۽ مرتبي کي لڄائي وجهين. بس هڪڙي ڳالھ دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏ ته پنهنجي ماضيءَ کي نه وسارجانءِ.”
اهي لفظ جڏهن هن کي ياد پوندا هئا ته مايوس ٿي پوندو هيو. حالانڪ هي ان ڳالھ کي سمجهي چڪو هيو ته جيڪڏهن سمنڊ ۾ گهربو ته ڪناري تائين پهچڻ مشڪل ٿي پوندو. پر هاڻي سندس دل تي اختيار نه رهيو هو. جنهن موڙ تي پڳو هيو اتان واپس موٽڻ به هن لاءِ مشڪل هيو. هنن ٻنهي جي محبت واعدن ۽ قسمن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي هئي. سندن هر لفظ هر جملو پيار ۽ محبت جو الڳ اتهاس جوڙيندو ٿي ويو. پيار جي مسافت طئي ڪندي وقت جي ڌارا جو احساس وڃي تڏهن ٿين جو فائنل ايئر ته ڇا پر هائوس جاب به گذري وين. ٻئي پکي پنهنجي پنهنجي آکيرن تي پڳا. هاڻي هنن جو رابطو اڪثر موبائل ۽ نيٽ جي ذريعي ٿيندو هيو. رهندو هنن ٻنهي جي محبت ۾ شدت اچي وئي ڇو جو پهريون سندن ملڻ ٿيندو هيو ۽ هاڻي صرف هڪٻئي جو آواز ٻڌي آهون ڀريندا هئا.
هڪڙي ڏينهن زيبا پنهنجي والدين سان عرفان جي محبت جو ذڪر ڇيڙي وڌو. جنهن تي سندس والدين سخت ناراض ٿيا. سمجهي وئي ته سندس پيار جو ٻهڪندڙ گل ڪومائجي ويندو،پيار جو تاج محل ڀري ڀور ڀور ٿي پوندو. ٻئي طرف عرفان هيو جيڪو خود ان ڪشمڪش جو شڪار هيو ته آخر ڳالھ وڃي ڪٿي انت ڪندي. هڪ طرف سندس والد جو بي انتها پيار ۽ شفقت هئي جنهن سندس پنهنجي نالي سان گڏ زندگيءَ جو سڀ ڪجھ ته ڏنو هو ۽ ٻي طرف زيبا سندس محبت جي انتها. جيڪا پنهنجي زندگي هن جي نالي ڪري چڪي هئي. زندگيءَ جي اهڙي ٻه واٽي تي بيٺو هو جتان جي ڪنهن هڪ راھ تي هلي ٿو ته ٻي راھ سندس زندگيءَ جو ناسور بڻجي ٿي. هن کي پڪ هئي ته سندس والد ڪنهن به طور راضي نه ٿيندو.
تھ سياري جي رات آ بيڊروم ۾ سندس مٿان ڪمبل اوڙهيل آ ويندي نڪ جي چوٽيءَ تائين. سندس اکين مان نير جاري آهن. اڳ اهڙي ڪيفيت ڪو نه ٿي هيس. ڀرسان رکيل موبائل کڻي نمبر ٿو ملائي. زيبا نمبر سڃاڻيندي ئي موبائل کڻي ٿي وٺي. اڃان عرفان ڳالهايو ئي نه ته زيبا ئي پڇيس،
“ڪر خبر ڪجھ وريو يا اڃان جستجو جاري آ.”
“منهنجي جستجوءَ جو آغاز به تون آن ته انجام به تون آن.”
“انجام جي ته ڳالھ نه ڪر منهنجي دل اڳي ئي روئي رهي آ.”
“اڄ اسان جي دلين کي روئڻ ڏي زيبا. مونکي ته ڪجھ به سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته مان ڇا ڪيان،تون ئي ڪو رستو ٻڌاءِ.”
“مان ڇا چوان. منهنجي ته حالت پاڻ اهڙي آهي جو پکي ڍنڍ ۾ هوندي به پياسو آهي.” ڪجھ گهڙيون ٻنهي ۾ سانت ٿي وڃي ٿي. وري زيبا ئي چوي ٿي،
“آخر ڇو ٿو ائين ٿئي جو ان موڙ تي والدين پنهنجي انا پرستي، پنهنجي ضد تان لهن ئي ڪو نه ٿا. ڇو! آخر برائي ئي ڪهڙي آهي.” زيبا جي لهجي ۾ هاڻي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ اچي ويو هو. ضبط ته عرفان کان به ڪو نه پيو ٿئي پر هو پاڻ کي سنڀالي ويٺو هو. چيائين،
“مون کي پاڻ اڄ ڏينهن تائين اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي آهي ته والدين پنهنجي ٻار کي ننڍي هوندي کان وٺي پالين ٿا، ڪيترو ته ان کي پيار ڏين ٿا. ان جي هر ضرورت هر شيءِ جو خيال رکن ٿا ايتري قدر جو پاڻ کي ڏکيو رکي به اولاد کي سکيو رکڻ لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ٿا ٿين. پر جڏهن اها ئي اولاد محبت جي ان نازڪ موڙ تي پهچي ٿي ته اتي انهن کان اولاد جي خوشي وسري ٿي وڃي. حالانڪ هر وقت خوشيون ڏيڻ وارا والدين ان وقت اولاد جي خوشين جو خيال ڇو نه ٿا رکن جو اتان کان ئي ته انهن جي پريڪٽيڪل لائيف شروع ٿئي ٿي.”
“هاڻي ڇا ڪجي جي زبردستي ٿا ڪيون ته نافرمانيءَ جو الزام سِرَ تي.” زيبا هن جي ڳالھ جي ترديد ڪندي چيو.
“مان سمجهان ٿو ته آخري حل ڪورٽ ميرج ئي آهي.” عرفان پنهنجي راءِ ڏيندي چيس. زيبا خاموش رهي ته وري عرفان ئي چيس.
“ڇا ٿيو منهنجي ڳلھ پسند نه آئي.”
“نه اهڙي ڳالھ نه آهي. بس اهو ئي ته ايترو لکيل پڙهيل هجڻ جي باوجود به ايڏو وڏو قدم کڻڻ لاءِ مجبورن سوچڻو ئي پوندو.”
“زيبا مان تنهنجي خاطر اهو قدم به کڻڻ لاءِ تيار آهيان. پر ............” ڪجھ گهڙيون رڪجي وئي.
“پر وري ڇا!”
“عرفان ان ڪورٽ واري معاملي تي دل نه ڄاڻ ڪهڙي کٽڪي ۾ پئجي وئي آ. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته دل ان يڪطرفي فيصلي ڪرڻ لاءِ ساٿ ڇو نه ٿي ڏي.”
“مان ٿو ٻڌايانءِ زيبا. تون نه ٻڌائي سگهندينءَ. زيبا ان قدم کڻڻ کانپوءِ منهنجا والدين هڪ نه هڪ ڏينهن مون سان راضي ٿي ويندا. پر عورت جي فطرت عجيب آ، مسئلو تنهنجو لاءِ ئي ٿيندو. ڪٿي نه ڪٿي ڳالھ ضرور پئي نڪرندي ۽ اهي طعنا توکان برداشت ٿي نه سگهندا ۽ وري اهو مون کان به برداشت نه ٿيندو. نه زيبا نه. مان اهڙي ڳالھ توسان ڪيئن ڪري وڌي.” جهٽ ۾ عرفان کي اهو احساس ٿي ويو ته صرف پنهنجي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي عمر زيبا جي ڏکن سهڻ ۾ گذري وڃي. اهڙو ڪم هن کان ڪڏهن به نه ٿيندو.
“نه عرفان نه ! ائين نه سوچ. مان ته صرف پنهنجي دل جي ڳالھ توسان شيئر ڪئي. ”
“بس زيبا فيصلو ته ٿي ويو. سمجھ وصل جي گهڙي اچي وئي. قرباني اسان کي ئي ڏيڻي پوندي. پيار ته قربانيءَ جو ئي نالو آ. پر ائين نه سمجهجانءِ ته محبت جا سڀ رشتا اتي ئي ختم ٿي ويا ۽ اسان جا ارمان دفن ٿي ويا. سمجهين ٿي نه.” هن جو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو پر چوندو رهيو،
“پر زيبا منهنجي جستجو جاري رهندي،ازل جي ابتدا تنهنجي جستجوءَ سان ٿي هئي ۽ ابد به تنهنجي جستجوءَ سان ٿيندو.”
“ها مان دعا ڪنديس.” اتي زيبا به روئي پئي. “ته تنهنجي ۽ منهجي جستجو ساڀيان ٿي پوي.”
“زيبا مان موبائل بند ٿو ڪيان. مون ۾ وڌيڪ ڳالهائڻ جي همٿ ڪونهي.”
“ها. پر عرفان هڪ ڳالھ اسان ۾ قائم رهندي ته ڀلي کڻي ڇا به ٿئي. اسان پاڻ هڪ ٿيون يا نه ٿيون پر اسان جي دوستي ائين ئي قائم رهندي.”
“ڇو نه زيبا. جڏهن جذبن ۾ خلوص هوندو آهي ته ڀلي جسم پاڻ ۾ نه ملن پر روح هميشه پاڻ ۾ مليا پيا هوندا آهن.” ٻئي موبائل ڊسڪنيڪٽ ٿا ڪري ڇڏين.