بازي
ناصر ٽيليڪام ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هيو. سندس بدلي سوات جهڙي خوبصورت واديءَ ۾ ٿي هئي. جتي مهيني ٻن ۾ ئي هن جي سٺي ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي. اتي شيراز نالي هن کي سٺو دوست ملي ويو. جيڪو خود اين جي اوز ۾ نوڪري ڪندو هو. ناصر جي نوڪري ڪجھ اهڙي قسم جي هئي جو پنهنجي ڪمپنيءَ جا ٽاور سروي ڪندو مختلف ماڻهن جي پلاٽن تي لڳائڻ سان اهي ئي ماڻهون سندس ڏاڍا ٿورائتا ۽ احسانمند رهندا هئا. شيراز به انهن مان ئي هيو هن جي ناصر سان اهڙي لڳي جو نه صرف دوست پر ڀائرن جهڙي هن جي سپورٽ ڪندو هيو. ايتري قدر جو هوٽل جو ڪمرو ڇڏرائي ناصر پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪمرو ڏئي ڇڏيائينس. اهو گهر نه پر هڪ وڏي حويلي هئي اتان جا قبائلي ماڻهون ان کي ڪوٺي چوندا هئا. شيراز جو والد وفات ڪري ويو هيو پر پٽ لاءِ اها خوبصورت ڪوٺي،باغات ۽ ڪجھ دوڪان ڇڏي ويو هيو. شيراز کي هڪ ئي ڀيڻ هئي امارا. هيڏي وڏي ڪوٺيءَ ۾ شيراز سندس ماءُ،ڀيڻ ۽ ٻه نوڪرياڻيون رهنديون هيون. ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ناصر سندس فيمليءَ سان گهلي ملي ويو. هنن جو مشغلو شطرنج کيڏڻ هيو. امارا ۽ شيراز شطرنج جا چيمپين هئا پر ناصر به گهٽ نه هيو. ڪراچيءَ جي حسين راتين ۽ شامن به ناصر کي شطرنج جو مڃيل مهرو بڻائي ڇڏيو هيو. امارا انٽر تائين پڙهيل هئي پر لڳندو ائين هيو ڄڻ ڪو ايم بي بي ايس پاس ٿيل اٿس. امارا جي سونهن ۽ ذهانت ناصر کي ڏاڍو متاصر ڪيو هو. بس پوءِ ان شطرنج جي بازيءَ کان ئي سندن محبت جي بازي لڳي هئي پر مات ناصر جي ئي ٿي هئي. ڏاڍو هڪٻئي کي چاهيندا هئا. ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ جڏهن ناصر هفتي جي موڪل تي ويندو هيو ته اهو هفتو به امارا جي لاءِ صديون ٿي پوندو هو.
هڪ دفعي رات جو شطرنج جي بازي امارا ۽ ناصر کيڏي رهيا هئا. سبز چانھ جا ڪوپ ٻنهي پاسي رکيل هئا. امارا ناسي رنگ جي لباس ۽ ڪاري رئي ۾ ستارن جيان چمڪي رهي هئي. اڄ جي بازيءَ ۾ شروعات ۾ ئي ناصر جي راڻي مارجي وئي.امارا شطرنج جي مهرن ۾ وزير کي راڻي چوندي هئي.شطرنج جي بازيءَ ۾ راڻيءَ جو وڏو اهم رول هوندو آهي ۽ جنهن پاسي جي راڻي مارجي پوي ته ان پاسي جي مات به يقيني هوندي آهي.
“ناصر تو واري راڻي ته وئي،هاڻي ڇا ٿو چوين.مات مڃين ٿو يا نه.” امارا خوش ٿيندين راند م ڌيان ڏيندي چيو.
“راڻي ته وئي ۽ مات به مڃيم. پر امارا منهنجي راڻي تون آهين مان ان بازيءَ ۾ مات نه ٿو کائڻ چاهيان.” ناصر اداس ٿي ويو.
“ها! اهو ته ٺيڪ آ، پر اڄ تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪري رهيو آهين، طبعيت ته ٺيڪ آهي؟”
“امارا پروجيڪٽ پورو ٿي ويو آ،هفتي ڏيڍ ۾ منهنجي واپسي ٿيندي.”
امارا جا ڄڻ سڀ مهرا ئي مري ويا، ماڪ ڀنل منهن تي اداسيءَ جون ريکائون اچي ويس.
“ڇا!” ٻئي هٿ ناصر جي هٿ م ڏيندي چيائين “منهنجو ڇا ٿيندو.مان ڪاڏي وينديس،هڪ پل به توکان پري ٿيان ٿي ته پئي لڇان ٿي،هنن وادين کان پڇان ٿي ته آخر اها منهنجي لڇ پڇ ڪڏهن ختم ٿيندي.”
“امارا!” ناصر هن جي ٻنهي هٿن کي چميو.“مون ۾ ايتري همت ئي ناهي جو شيراز ۽ تنهنجي ماءُ سان ڳالهائي سگهان.”
“امان کي ته مڃائي وٺبو پر شيراز ڏکيو ٿو لڳي.”
“مان سمجهان ٿو ته شيراز مون تي ساھ ڏيندو آ،پر امارا آخر هو قبائلي ماڻهون آ محبت جي معاملي ۾ دشمنيءَ جي انتها ڪري ڇڏيندو.”
“اهو سوچي شيراز کان ڀوءُ ٿيندو آ.” امارا چيو.
“هتي ته نه پر ڪراچي وڃي شيراز سان موبائل تي ڳالهائي سگهان ٿو پر امارا مون کي تنهنجو خوف ٿو ٿئي،ڪٿي توکي نه نقصان پهچائي وجهي.”
“تنهنجي خاطر ته جان به حاضر آ.” امارا جون اکيون وسي پيون.
“نه امارا ائين نه.” سندس ڳوڙهن کي اگهندي ناصر چيو،“ڪجھ به ٿي پوي پر پيار جي بازي نه هارائبي.امارا تون في الحال اميءَ سان به ڳالھ نه چورجانءِ. تون سلامت هونديءَ ته مون کي دلي ۽ ذهني سڪون هوندو،هر ڳالھ کي فيس ڪري ويندس. بس تون تڪڙ نه ڪجانءِ،گڏجي صلاح سان پار پوندا سين.”
امارا ڪنڌ سان ها ڪندي رهي. اکين جي آلاڻ مک تي چمڪي رهي هيس،ڪافي دير تائين هڪٻئي کي سمجهائيندا ۽ آٿت ڏيندا رهيا. اخر اهو ڏينهن به اچي ويو.ناصر جو سامان تيار هيو.بس گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي دير هئي.ناصر شيراز،امارا ۽ سندس ماءُ کان موڪلايو.شيراز ڪيترائي تحفا ناصر کي ڏنا پر انهن ۾ هڪ خاص تحفو امارا جو ناصر کي ڏنل پين هئي جيڪا سدائين سندس ڪوٽ جي کيسي ۾ چمڪندي رهندي هئي. ناصر گاڏيءَ ۾ ويهي هٿ سان سڀني کي الوداع چيو. سفر ته جدائيءَ جو هيس پر امارا جي حسين يادن جي سحر ۾ خبر ئي نه پيس ته ڪيئن هيڏو سارو مشڪل سفر ڪٽجي ويس.هاڻي هنن جو سڀ کان ويجهو ساٿي موبائل ئي هيو جنهن تي پيا هڪٻئي سان ڳالهائيندا هيا.
ناصر امارا کي شاھ جو رسالو گفٽ طور ڏنو هيو پر امارا ان کي صحيح طريقي سان پڙهي نه سگهندي هئي.ناصر هن کي ڪجھ بيت ۽ هڪ ٻه وائي پڙهڻ سيکاري هئي. جڏهن به ناصر سان ڳالهائيندي هئي ته شاھ جا بيت پڙهندي هئي ته ڪڏهن وائي. ڪوشش ڪري جهونگاريندي ٻڌائيندي هيس.اڄ به ڪجھ بيت پڙهندي ناصر کي چيائين،
“مان جنهن مهل به لطيف کي پڙهندي آهيان ته مون کي دلي سڪون ملندو آ،روح کي راحت نصيب ٿيندي آ،سمجهندي آهيان ته مون کي منزل ملي وئي آ.”
“ها امارا لطيف دلين جو شاعر آ،هو محبتن جو امين آ،هن محبتن کي معراج بخشيو آ. اڄ ڀلا وائي نه ٻڌائيندينءَ!”
“ها. ڇو نه. اها ته مان روز ورجائيندي آهيان.”
“ايندو سڄڻ سائين الا،منهنجو ايندو ڍولڻ سائين.”
ناصر جي اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا.ائين سندن ڳالهين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هوندو هيو.شيراز جو ناصر سان به پيو رابطو ٿيندو هيو ۽ ائين رابطن ۾ رهندي به پنج،ڇھ مهينا گذري چڪا هيس. هڪ دفعي گهڻي ڪوشش جي باوجود امارا سان هن جو رابطو نه پيو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن نيٽ ورڪ جي ڪري مسئلو هوندو هيو پر اڄ ٽيون ڏينهن هيس جو رابطو نه ٿي سگهيس،ڪيترائي واٽس ايپ تي ميسيجز ڪيائينس پر ڪو جواب نه مليس. نه صرف امارا سان پر نه ئي شيراز سان ڪو رابطو ٿيس. ڏھ پندرھ ڏينهن ان ڪشمڪش ۾ ٻيا به گذري ويس. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس.اچي وسوسن واسو ڪيس.
“ڪٿي امارا ڳالھ نه کولي وڌي هجي..نه نه ائين نه هوندو. پر جي ائين هجي به هان ته رابطو ته ضرور ٿئي ها. ڪٿي امارا کي..............اف خدايا.” سندس ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳو.ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي سوچيندو رهيو.آخر ڇا ڪجي،ڪنهن فيصلي تي نه پيو بيهي سگهي،امارا جون يادون دل چيري رهيون هيس،
“منهنجو ڇا ٿيندو مان ڪاڏي وينديس.” لفط لفظ هٿوڙو ٿي لڳس.
آخر پيار جو پاسو ڳورو ٿي پيو،الائي ڪيڏانهن قوت آيس جو ان وقت رات جو ڏهين وڳي گاڏي ڪڍي ڊرائيور کي گهرائي نڪري پيو وادئي سوات ڏانهن. ٻن ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ جيئن پهتو ته سڌو شيراز جي گهر آيو. شيراز هن سان رکائيءَ مان مليو سندس منهن لٿل هيو، سندس ماءُ جي چهري تي به ڪا خاص رونق نه هيس. ناصر گهڻيون ئي ميارون ڏنس ته ،
“يار هي ڇا مهينو ٿيڻ تي آ، نه ڪو رابطو نه ڪو حال احوال. ائين به ٿيندو آ ڇا.”
شيراز هن کي ٻانهن کان وٺي ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ چيائينس،
“تون ٿڪل آهين، ڪجھ آرام ڪر. جلدي آ ڇا. پوءِ حال احوال ڪيون ٿا.”
ناصر هن جي روئيي مان سمجهي ويو ته ڪو چڪر آهي پر هن صبر ڪيو، هن کي ننڊ ڪو نه پئي آئي،پيو لڇي پيو، جيستائين هن کي صحيح معاملي جي خبر نه پوي تيستائين هن کي ڪڇڻو ناهي. سوچي پيو ته ڄاڻ امارا آئي ته پوءِ سڀ خبر پئجي ويندي. هي انهن ئي سوچن م هيو ته دروازي جي ٺڪ ٺڪ هن جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. ٽپ ڏئي در ڏانهن آيو ته هڪ جهٽڪي سان ئي در جا ٻئي تاڪ کلي پيا. ڏٺائين ته سامهون پوليس هئي، شيراز ناصر ڏانهن اشارو ڪري پوليس کي چيو،
“انسپيڪٽر صاحب هي ئي اهو ناصر آهي جنهن منهنجي ڀيڻ امارا کي ان پهاڙيءَ تان ڌڪو ڏنوآ.”