لاحاصل
اڄ منهنجا قدم وري ان ڏانهن وڌي رهيا ها. مان ان جي جهڳيءَ ۾ داخل ٿيس ته هو رَبَ جي سجدي ۾ هيو. خاموشيءَ سان هن جي ڦاٽل پراڻي هنڌ تي ويهي رهيس. جهڳيءَ جي ڪچي فرش تي ٻه ٽي رلهيون وڇايل جيڪي فرش سان چينبڙي ميريون ٿي ويون هيون. جهڳيءَ جي هڪڙي پاسي کان مٽ پاڻيءَ جو ٻه ٽي ٺڪر جا پاٽڙا ۽ هڪڙو پلاسٽڪ جو گلاس ۽ جهڳيءَ جي ٻئي پاسي سندس گهمڻ واري لٺ ۽ ان جي ڀرسان ڪپڙن جي ڳنڍ موجود هوندي هيس. هن جي چهري ۾ عجيب ڪشش هئي. هو اڪثر اڇي رنگ جي پهراڻ ۽ گيڙو رنگ جي گوڏ ۾ هوندو هيو سندس منهن تي اڇي کنڀ جهڙي ڏاڙهي مٿي تي سائي ٽوپي. ٽوپيءَ جي پويان ڪياڙيءَ تان اڇا وار هميشه لڙڪيل هوندا هيس. مان ان ڏانهن ڏسي رهيو هيس. سندس وجود ڏاڍو پرسڪون هيو. شايد اها ئي وجه هئي جو مان هن جي ڇانوري ۾ ڪجھ چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ايندو هيس. هيءَ ڪنهن پير مير يا ڪنهن مرشد جي جهڳي نه هئي هيءَ ته هڪ فقير،صوفي،درويش صفت انسان جي جهوپڙي هئي. مون هن کي ڪڏهن پنندي به نه ڏٺو نه وري ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيندين. راھ ويندي ڪوئي رپيو ٻه اڇلي وڃيس ته ٺيڪ نه ته ڪنهن کان گهري به نه. ڪوئي مانيءَ ڳڀو ڏئيس ته ٺيڪ نه ته مليل پئسن مان ڪجھ وٺي کائي پر ڪڏهن پئسه نه به هجنس ته به ڪنهن کان گهري يا پني نه کائي. مون پنهنجي زندگيءُ ۾ اهڙو فقير نه ڏٺو.
ڪاليج کان ايندي ويندي هن کي ڏسندو ته هيس پر ڪڏهن غور نه ڪيو هو. جڏهن ڪافي ماڻهن ۽ دوستن کان ان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌم ته منهنجو تجسس وڌي ويو. پوءِ مان به هن تي غور ڪرڻ لڳس. هڪ دفعي رمضان شريف جي مهيني ۾ دل ڏاڍي پرسڪون ۽ روحاني احساس سان ڀري پئي هئي. سوچيم اڄ هن درويش کي ماني ڏئي اچان. ڪراچيءَ جي فليٽن ۾ بيچلر رهندڙ دوست اسين پاڻ رڳو چانور،دال،پٽاٽا ۽ ڀينڊين جي ڀاڄي ڪري سگهندا هيا سين. چانورن جي پليٽ ڀري مٿان ڀينڊيون رکي سندس جهڳيءَ ۾ آيس. ان ڏينهن ان سان جيڪي ڳالهيون ڪيون هيم انهن مان ايترو ته لاجواب ٿيو هيم جو سدائين پيو ان درويش جي جهڳيءَ جا چڪر لڳائيندو هيس.
هو نماز مان فارغ ٿي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. چيائين،
“روز هتي اچين ٿو بور نه ٿو ٿئين. منهنجي صورت کان وحشت نه ٿي ٿيئي.”
مان کلي جواب ڏنو مانس،“ڀلا ڪنهنکي پنهنجي محبوب کان وحشت ٿيندي آهي.”
ان ڳالھ تي ٽهڪ ڏئي کليو ايترو کليو جو هن جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. مان هن کي ڪڏهن ايڏو زور سان کلندي ۽ روئندي نه ڏٺو هيو. مان پريشان ٿي ويس.
“چاچا تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آ.”
هن چيو،“مان توکي چيو نه هيو ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو چريو نه ڏٺو هوندئي.”
“مسڪرائيندي چيومانس،“ ۽ چاچا مان توکي نه چيو هو ته جيڪو جيترو چريو هوندو آ ان ۾ اوتري انسانيت لڪل هوندي آ. چاچا مونکي پاڻ جهڙو چريو بڻاءِ.” هن صرف مسڪرايو. مون چيو،
“چاچا مون کي توسان محبت ٿي وئي آ،مان سچ ٿو چوان. اهڙي شديد محبت جو مان توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. دل رڳو توڏي اچڻ لاءِ چوي ٿي.”
هو منهنجي ڳالھ ٻڌي ڇرڪيو. پوءِ مونکي ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير ٻئي خاموش رهيا سين. سرد هوا جي جهوٽن جهڳيءَ جي ڪکن واري ڇت ۾ شور پيدا ڪري ڇڏيو. جهڳيءَ جي ڇت جي وٿين مان چنڊ مسڪرائيندي نظر اچي رهيو هو. هن ڳالهايو،
“منهنجي ڳالھ مڃيندين.؟”
“نه!” اکيون بند ڪري چيم.
“ائين نه چوءُ. ٿورو سوچي وٺ.” ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ چيائين،
“پٽ ڪنهن فاني شيءِ سان محبت نه ڪجانءِ ۽ انسان به ان زمري ۾ اچي ٿو وڃي.”
“ مان سمجهيم نه.”
“سمجهي ويندين اڃان ته تنهنجي عمر پئي آ.”
“پر پوءِ به.” مون اسرار ڪيو.
“جڏهن ڪنهن فاني شيءِ سان محبت ٿي ويندي آهي ۽ وري جڏهن اها وڃائجي ويندي آهي ته انسان جي اندر ٽٽڻ ڦٽڻ جو عمل تيز ٿي ويندو آهي ۽ اها اهڙي گهڙي هوندي آهي جو ان جي شخصيت جو تعميري عمل رڪجي ويندو آهي.” مان حيران ٿي ويس.
“چڱو چاچا اهو ٻڌايو توهان ڪنهن سان محبت ڪئي آ.”
“ڇڏ پٽ اهو ڄاڻي ڇا ڪندين.”
“يعني توهان ٻڌائڻ نه ٿا چاهيو.” مون مزاق ۾ چيو.
“ٻڌائيندس پر هاڻي نه.”
“چڱو چاچا هڪ ٻي ڳالھ پڇان.”
“ها پڇ.”
“توهان پڙهيل لکيل به آهيو پوءِ ته توهان هلڪي سلڪي نوڪري به ڪري سگهو پيا.”
“مان توکي چيو ته آهي فاني شين سان محبت فضول هوندي آهي.”
“مان محبت نه! چاچا نوڪريءَ جي باري ۾ پڇي رهيو آهيان.”
“جڏهن انسان کي ڪنهن جي عادت ٿي ويندي آ ته سمجھ اهو به محبت جو هڪ قسم آهي.”
“پوءِ مان ائين چئي سگهان ٿو ته اوهان کي هن تنهائيءَ سان محبت آهي.”
“ ها چئي سگهين ٿو.”
”ڇا! ڇا مقصد.” مون پڇيو. هن ٻڌايو،
“ڏس منهنجي ان محبت ۾ شدت نه آهي مثال طور مونکي هتان وڃڻو پوي ته اها محبت منهنجي پيرن جو زنجير نه بڻجندي.”
“ڇا ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته فاني محبتون لاحاصل هونديون آهن.”
“ ڇو نه خبر اٿن. پر پوءِ به حقيقتن کان نظرون چورائيندا آهن. خوابن کي حقيقت سمجهندا آهن،سرابن جي پويان ڀڄندا آهن،سپنن جي تاج محلن ۾ زنگي گذاريندا آهن. اها انهن جي مجبوري هوندي آهي.”
“مجبوري! ڇا محبت به مجبوري آهي.” مون وضاحت ڪئي.
“ ها پٽ هيءَ هڪ اهڙي حقيقت آ جيئن هڪ پوڙهي شخص کي ڪينسر ٿي وڃي ۽ ان جي ساهن جو سلسلو آهستي آهستي ٽٽندو وڃي ۽ ان شخض جي پٽ کي داڪٽرن به جواب ڏئي ڇڏيو هجي پوءِ به ان قريبالمرگ شخص کي بچائڻ لاءِ سندس پٽ پاڻيءَ وانگي پئسو وهائيندو آهي. ڇو. آخر ڇو. ان لاءِ ته اها صرف محبت آ ۽ فاني محبت آ. هي فاني محبتون انسان جي زندگيءَ کي توازن ۾ رکنديون آهن.”
“چاچا تو ته اڄ صفا منجهائي ڇڏيو. پهريون توهان چيو ته فاني محبت لاحاصل آهي ۽ وري اها اسان جي مجبوري به آهي. اهي ٻئي ڳالهيون ته هڪٻئي جون مخالف آهن.”
“پٽ انهن ٻنهي مخالف ڳالهين ۾ هڪ خاص ڪشش آهي ائين جيئن چقمق جو هڪ حصو ٻئي کي ڇڪيندو آهي تيئن انهن ٻنهي ڳالهين جو تعلق به ساڳيو آهي. محض هڪ ڳالھ سمجهڻ سان تون منهنجي ڳالھ سمهجي نه سگهندين.”
“ته پوءِ چاچا سمجهاءِ نه.”
اهڙيون ڳالهيون سمجهائبيون نه آهن بلڪ خود سمجهڻيون پونديون آهن.”
“پوءِ به ڪجھ ته ٻڌايو.” منهنجو تجسس وڌي ويو.
“ڏس پٽ! دنيا جي محبت صرف ان حد تائين ڪر جيئن سڀاڻي اها توکي پنهنجي ڄار ۾ جڪڙي نه سگهي. تنهنجي مجبوري بڻجي نه سگهي. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي توکان وڇڙي وڃي يا کسجي وڃي ته پوءِ توکي جيئن ان جي پرواھ نه ٿئي. جيئن تون ان پٺيان پنهنجي زندگي وڃائي نه سگهين.”
“پر چاچا مان ڪنهن سان شديد محبت ٿو ڪرڻ چاهيان. اهڙي محبت جو ڪڏهن ختم نه ٿئي.”
“مان ته پٽ توکي اهڙي محبت جي دعا ئي ڏئي سگهان ٿو. مگر اهڙي محبت ڪرڻ لاءِ توکي فاني محبت ڪرڻي پوندي.”
“چاچا مان نه سمجهيم.”
“مان توکي هڪ دفعي ٻڌايو هو ته لاحاصل عشق انسان کي حقيقي ۽ لافاني عشق ڏانهن وٺي ويندو آهي.”
مان هن جي وڌيڪ ڳالهين جو جواب ڏئي نه سگهيم. ان مون کي پنهنجي ڳالهين جي سحر ۾ اهڙو ته قابو ڪري ڇڏيو جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو. رات ڪافي گذري چڪي هئي هن مونکي گهر وڃڻ جو چيو ۽ مان نه چاهيندي به واپس ٿيس. مونکي اڄ هن کان جدا ٿيڻ جو ڏاڍو احساس ٿي رهيو هو.شايد مونکي هن سان حقيقي انس ٿي ويو هو ليڪن فاني. ڇاڪاڻ ته هو ۽ مان به ته فاني هيا سين.
صبح جو ڪاليج وڃڻ جو موڊ نه ٺهيو ان ڪري تيار ٿي سڌو جهڳيءَ ڏانهن آيس. جتي ڏھ پندرنهن ماڻهون جهڳيءَ جي اندر ٻاهر اچي وڃي رهيا هئا. مان جو وڃي ڏٺم ته چاچا سڌو سمهيو پيو هيو. سندس ميري چادر مٿان وڌي پئي هئي. پڇا ڪيم،
“ڇا ڳالھ آ.”
ڪنهن چيو،“ خبر ناهي ته ويچارو ڪنهن مهل گذاري ويو.”
“ڇا!” مون کان بي اختيار نڪري ويو.
مون سندس چادر چهري تان ٿوري هٽائي. منهنجي اکين جا بند ڀِڄي پيا. مونکي هن جو چهرو ڏاڍو پرسڪون لڳو. ايڏو ته پرسڪون جو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. هو اڪثر مونکي چوندو هو،
“ مون کي پنهنجي منزل تي پهچندي ئي سڪون ملندو.”
واقعي هو پنهنجي منزل ماڻي چڪو هيو. لافاني عشق جي منزل. مان انهن ئي خيالن ۾ هيس ته ايڌيءَ وارن جي ايمبولينس آئي ۽ بغير ڪنهنجي پڇڻ جي هن جي پرسڪون لاش کي کڻي ويا.