ڌرتيءَ ڌڃاڻي
مان ڪوچ جي دريءَ کان ويٺي ان ويچاري عورت ۽ پوليس واري جي گفتگو ٻڌي رهيو هوس. عورت رڪشي ۾ ويٺي هئي ساڻ سندس 8 يا 10 سالن جي ڌيءَ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ سندس ڪڇ ۾ ستل هئي. عورت ننڍڙيءَ کي رڪشا جي سيٽ تي سمهاريو ۽ پاڻ لهي پوليس واري کي ٻانهون ٻڌي ۽ منٿون ڪري رهي هئي پر سندس پريشانيءَ جو ڪو حل نظر نه پيو اچي. ون وي روڊ ٻنهي پاسن کان بند هيو. چوڌاري پوليس ئي پوليس بيٺل هئي گاڏي گاڏيءَ ۾ ٽرئفڪ جام لڳي پئي هئي. هڪڙي وزير صاحب کي اتان گذرڻو هيو.
“ ڏس امان! مان مجبور آهيان ڪجھ نه ٿو ڪري سگهان جيستائين وزير صاحب هتان نه گذرندو تيستائين هي روڊ بند رهندو، توهان ٻيو ڪو رستو وٺو يا انتظار ڪيو.”
عورت جي منهن تي مايوسي جا آثار وڌي ويا،“ پر وزير صاحب کي اچڻ ۾ الائي ڪيترو ٽائيم لڳي،ڏس مون غريب جي زندگيءَ جو سرمايو منهنجي ڌيءَ ئي آهي،اسان جلد ئي گذري ويندا سي، هي رئو مان پيرن تي ٿي رکانءِ توتي ڪو فرق ڪو نه پوندو.”
پوليس واري ٻئي هٿ مٿي کي هڻي چيو،“او مائي وڃ هتان،جان ڇڏ،هي وي آئي پي ماڻهون پنهنجي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت ناهن ڪندا. ڇو منهنجي نوڪريءَ جي ڪڍ پئين آن.”
مون کي ڏاڍي پوليس واري تي ڪاوڙ آئي پر ڪري ڪجھ نه سگهيس لاچار هيس. عورت ويچاري ڳوڙگا ڳاڙيندي،سڏڪندي وڃي رڪشا ۾ ڌيءَ کي ڇاتيءَ سان لائي روئندي رهي. رڪشا واري کان رهيو نه ٿيو پوليس واري کي هٿ ٻڌي چيائين،
“صاحب بس ٻن منٽن ۾ نڪري ويندس.”
“بس ڪر ڪتي جا پٽ.” رڪشا واري جو ذري گهٽ ساھ ئي نڪري ويوپوليس واري جي ڇڙٻ سان.
تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وزير صاحب ۽ سندس گاڏين جي قطار وڏي شان مان سان گذري وئي. ان وچ ۾ ويچاري عورت جي لڇ پڇ ڏسي منهنجي هنياءَ ۾ وڍ پئجي رهيا هئا، لطيف جي هڪ سٽ ازخود منهنجي دل تي تري آئي،“ڌرتيءَ ڌڃاڻي ڏکي پنهنجي ڏيھ ۾.” آهستي آهستي ٽرئفڪ چرڻ شروع ٿي ته عورت جي اکين ۾ اميد جي چمڪ اچي وئي،سندس اکين جي چمڪ ڏسي منهنجون اکيون به چمڪي پيون. رڪشا واري همت ڪئي اچي اسپيڊ تي زور رکيائين. ڪوچ رڪشا کي گهڻو پوئتي ڇڏي آئي،منهنجي ذهن ۾ وزير صاحب جو خاڪو اڀريو،
“ هوندو ڪنهن ميٽنگ ۾ يا ڪنهن پارٽيءَ ۾ يا ڪنهن سياسي جلسي ۾. پنهنجي پارٽي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ماڻهن سان پڪا ۽ سچا واعدا ڪيا هوندائين،
“ منهنجا ڀائرو،بزرگو ۽نوجوانو، مان ته اوهان جو خادم آهيان منهجي دل ۾ هميشه لاءِ اوهان جو بي پناھ پيار ۽ محبت آ مان ته اوهان جي ٿوري تڪليف به برداشت نه ٿو ڪري سگهان.”
اهڙي تصور تي مون کي ڪراهت ٿيڻ لڳي،ڪاوڙ مان منهن ڳاڙهو ٿي ويو خيال مٽائڻ خاطر ڪوچ جي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳس. فليٽ تي پهتس ته منجهند ٿي چڪي هئي. ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪري شام جو جناح هاسپيٽل دوست سان ملڻ آيس،اوچتو منهنجي نظر گيٽ جي ڀر ۾ ويٺل هڪ عورت تي پئي،وکريل وار سندس رئي جو اڌ پلوءُ جهول ۾ ته اڌ رئو مٽيءَ ۾ پيرن جي ڀرسان هوا جي زور تي خراب پيو ٿئي. منهنجي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي.ڏاڍو دل کي جهٻو آيو،ڀرسان ويهي پڇيومانس،
“امان هاڻي تنهجي ڌيءَ ڪيئن آ.”
ائين گهور وجهي ڏٺائين جو لڳو ڄاڻ گهٽو ڏئي ماريندي پر دل ڏاريندڙ رڙ ڪري چيائين،
“مري وئي منهنجي ڌيءَ،ٻڌئي مري وئي. ان ڪتي جي ڪري.”