پيار ۽ پيڙا
هڪ ڏينهن سندس دوست ڪينٽين ۾ ويٺي ساحر جي شايع ٿيل افساني تي تبصرا ڪري رهيا هئا.ساحر به موجود هيو. ثمينه ۽ سندس ڪجھ سهيلين جو ٽولو به ڪينٽين تي پهتو. ڇورن جون واڇون ئي ڦري ويون بجاءِ ڪهاڻيءَ تي ڇوڪرين تي تبصرا ڪرڻ لڳا. ثمينه جي نظر جو ساحر تي پئي ته اچي سهيلين سان گڏ هنن سان گپ شپ ۾ شامل ٿي. جهار جهٽ جي فيروزي رنگ جي ڪپڙن ۾ ثمينه هنن جو ڳالهيون ٻڌي مسڪرائي رهي هئي. اڄ الائي ته ڪيئن سندس دل ۾ همٿ پيدا ٿي جو بلڪل ڦري موڊ ۾ ئي ساحر کي چئي ڏنائين،
“ساحر توهان ڪهاڻيڪار حقيقتن کان منهن موڙڻ وارا بزدل ماڻهون آهيو.جيڪي هميشه پنهنجن ئي خيالن ۾ گم ٿا رهن.” ساحر هن کي مسڪرائي ڏسي رهيو هو. “جيئن جيئن توهان کي حقيقتن جون رسوايون پلئه ٿيون پون ته بس پنو ۽ پين کڻي پنهنجن ئي خيالن جي فرضي دنيا ۾ گم ٿي ٿا وڃو. توهان ڪهاڻيڪار ته چوندا آهيو اسان ته حساس دل رکندڙ ماڻهون آهيون ته پوءِ ڇو ڪنهن آدرش پاڇي جي ڇانوَ ۾ بيهڻ به پسند نه ٿا ڪيو.”
ساحر هن کي دل جي گهري نظر سان ڏٺو.اڄ ثمينه هن کي بي انتها پياري لڳي. ساحر سمجهي ويو ته ڪيئن هن پنهنجي راءِ سان گڏ دل جي ڳالھ به چئي ڏني آ. ساحر ثمينه کي چيو،
“ثمينه اسان دردن جا ماريل آهيون. خوشيون اسان کي راس نه اينديون آهن.اسان جي قسمت ۾ ڏکن جي اڃ ئي اڃ آ.معاشري ۾ ٿيل پيڙا ۽ معاشري طرفان مليل پيڙا جو درد سهي نه سگهندا آهيون. تڏهن ڪجھ نه ڪجھ لکي وٺندا آهيون، باقي ڪنهن آدرش پاڇي جي ڇانوَ ۾ ويهڻ کان ان ڪري ڪيٻائيندا آهيون ته ڪٿي اهو پاڇو نه اسان جي حساس دل کي جهوري وجهي.”
بس بس يار گهڻو ٻڌو سي.ههڙي حسين محفل ۾ هاڻي ڪجھ چانھ بسڪيٽ به ٿي وڃن. مري ويا سي يار توهان جي اها يخي ٻڌي ٻڌي.هڪ دوست سندن وچ ۾ هڏي بڻجندي چيو ته سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
بظاهر ته اهو بحث اتي ختم ٿي ويو پر هاڻي سندن ملاقاتن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو.اڪثر هنن کي يونيورسٽيءَ ۾ گڏ گڏ ڏٺو ويو ايتري حد تائين جو سندن ملاقاتون يونيورسٽيءَ کان ٻاهر به ٿيڻ لڳيون ۽ آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن ثمينه ساحر کي چئي ڏنو،
“ساحر اسان ڪيستائين معاشري جي ڀت اڳيان سر نوائي گهمندا سي. منهنجو خيال آ ته هاڻي اسان کي ڪورٽ ميرج ڪرڻ گهرجي.” ساحر حيران ٿي ويو ۽ خوش به هيو ته سندس محبت وفا جي آخري حد تائين اچي پهتي آ.
“مان تنهنجي خوشيءَ ۾ خوش آهيان پر ثمينه هڪ دفعو سوچجانءِ ضرور.”
“سوچڻ وري ڪهڙو، تنهنجي منهنجي وچ ۾ جيڪا طبقاتي سماجي ديوار آ ان ڪري اهو مسئلو حل ٿيندي نظر ڪو نه ٿو اچي.ان جو آخري حل اهو ئي آهي ته اسان هاڻي ڪورٽ ميرج ئي ڪيون.”
“ٺيڪ آ ثمينه مان راضي آهيان.” ٻنهي ڄڻن ۾ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ٿيو ته سڀاڻي ڪورٽ ۾ ملندا سي.
رات جو ساحر سمهيو ته پيو هو پر ننڊ هن کان ڪوهين ڏور هئي. سندس دماغ ۾ ولولو پيدا ٿيو ته ڇا ڪورٽ ميرج اسان جي حق ۾ بهتر رهندي يا نه. هي انهن سوچن ۾ گهيريل هيو ته ان وچ م سندس ضمير جي عدالت حساس دل جي ڪٽهڙي ۾ اچي بيهاريس. ضمير جي آواز سندس ڪنن ۽ دل جي ڪنگرن جا پڙدا پاش پاش ڪري ڇڏيا.
“تنهنجو اهو قدم سراسر خود غرضي ۽ مفاد تي ٻڌل آهي. ٿورو سوچ ته سهي، ثمينه ۽ تنهنجي والدين جا توهان لاءِ ڪيڏا نه حسين خواب سجايل هوندا. ڇا انهن خوابن ۽ خوشين جي ميت تي پنهجي محبت جو تاج محل اڏڻ پسند ڪندين؟ تون ته هڪ حساس دل رکندڙ ليکڪ آهين ته پوءِ ڇا تو کي خبر ناهي ته محبت هميشه قربانيءَ جو معراج ڪندي آئي آهي.”
ساحر پنهنجي ئي دل جو آواز ٻڌي ڏڪي ويو سندس لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ وڦلڻ لڳو. هن ۾ ايتري سگھ ئي نه رهي جو ثمينه کي ڪال ڪري يا ان سان روبرو ڳالهائي. سڄي رات لڇي لڇي آخر هن فيصلو ڪري ورتو، پين ۽ پنو کڻي ويٺو خط لکڻ.
“ثمينه اڄ رات تنهجي اکين ۾ خبر ناهي ته ڪهڙا ڪهڙا خواب سجايل هوندا پر ٿورو دل سان سوچي ته ڏس ڇا اسان جو اهو قدم اسان جي خاندانن جي رسوائيءَ جو سبب ته نه بڻجندو. ڇا اسان جي ايندڙ نسلن کي ماڻهون طعنن جون تلوارون نه هڻندا ته ڏسو هي انهن ماڻهن جي اولاد آ جن پنهنجي محبت جو تاج محل پنهنجي خاندان جي خوشين،عزت ۽ ناموس جي لاش تي تعمير ڪيو.ثمينه محبت جو عظيم نالو قرباني به آهي،اچ ته اسان پنهنجي محبت تان قربان ٿي وڃون،پنهنجي والدين جي لڄ رکون. خدارا منهنجي پهرين ۽ آخري التجا سمجهي ڪري اها ڳالھ مڃجانءِ. اچ ته اسان پاڻ کي والدين جي رحم ڪرم تي ڇڏيون ٿا پوءِ جي هوندو نصيب ته ملندا سي نه ته گهوري جان جتن تان. ثمينه ائين نه سمجهجانءِ ته مون کي توسان محبت نه آهي. تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آن. توکانسواءِ ٻي ڪا به ڇوڪري منهنجي محبت جي منزل نه هوندي.زندگي توکانسواءِ بي معنيٰ ۽ بي مقصد رهندي. ثمينه ڀلي تون مون کي بيوفا سمجهين يا بيوفائيءَ جي نشانِ امتياز سان نوازين مون کي ڪو به اعتراض نه هوندو منهنجو سِر‘ تنهنجي اڳيان هميشه جهڪيل رهندو .مان پنهنجي شڪست اڄ تسليم ٿو ڪيان.مان تو کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. صرف تنهنجو ساحر.”
خط لفافي ۾ بند ڪري صبح جو سوير ئي پوسٽ باڪس ۾ وجهي يونيورسٽيءَ تي آخري نظر هاري ٽٽل دل سان يونيورسٽيءَ کي خداحافظ چئي اچي ڳوٺ پهتو.ڳوٺ ۾ ڪجھ وقت رهي ڪجھ دوستن کان ته ڪجھ پيءُ کان پئسه وٺي وڃي دبئي وسايائين.
اڄ جڏهن ڏهن سالن کان پوءِ واپس ٿيو هو ته جيتوڻيڪ هن ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون پر ثمينه جي محبت اڄ به سندس دل ۾ ساڳيو ئي تاج محل ٺاهيو بيٺي هئي.ان جو ثبوت اهو هيو ته دبئي جنهن کي اڌ يورپ چيو ويندو آ اتي هزار عياشين جي باوجود به هن پاڻ کي پنهنجي محبت لاءِ هميشه محفوظ رکيو. ايئرپورٽ کان نڪري هڪ ريسٽورنٽ ۾ آيو جتي ٽيبل جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو. هن جي اڳيان هڪ ٽيبل ڇڏي ٻي ٽيبل تي هڪ فيملي ويٺي هئي جن سان ٻه ٻار به هئا. ساحر جو ڌيان ان فيمليءَ جي ڳالهين ۾ هليو ويو.
“پياري رڳو ڌيان ٻارن تي ڏيندي آن ڪڏهن مون غريب جو به خيال ڪندي ڪر.” مڙس زال سان مزاق ڪندو رهيو. ساحر جو اهو مرداڻو آواز ٻڌو ته هن کي اهو آواز ٻڌل ٻڌل لڳو. هن نظر ڦيرائي جو ڏٺو ته سندس ڪلاس فيلو جواد هيو. ڏاڍو خوش ٿيو سوچيائين اٿي هن سان ملان. اڃان هن اٿڻ جي ئي مس ڪئي ته جواد جي زال جو آواز هن جي سماعتن سان ٽڪرايو،
“ڊيئر توهان ۽ هي ٻار ئي ته منهنجي لاءِ سڀ ڪجھ آهيو،مون کي ته توسان بي انتها پيار آ.” ثمينه جو پيار ڀريل آواز هن ٻڌو جنهن جي پٺي ساحر ڏانهن هئي.
“ ۽ جيڪڏهن تنهنجو مجنون ساحر اها ڳالھ ٻڌي وٺي ته؟” جواد کلندي ثمينه کي چيو. ثمينه جو هڪ شاندار ٽهڪ ريسٽورنٽ م گونجيو. رئي کي ڪلهي تي ورائي چيائين،
“ڇڏيو کڻي ڪهڙي ته سڙيل جو نال کنيو اٿئي،اهڙا ڪهاڻيڪار ڀلا محبت جي لائق آهن ڇا؟ جيڪي محبت محبت جو دم ته ڀريندا آهن پر نڀائڻ کان ڀڄندا ۽ حقيقت کان منهن موڙي پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ مست رهندا آهن.”
ثمينه جا لفظ ٻڌي ساحر جي اکين جا بند ڀَڄي پيا ۽ اڄ هن کي محسوس ٿيو ته صحيح معنيٰ ۾ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي شڪست اڄ ٿي آ.