ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

راڻي

“راڻي تون ڇا سوچي رهي آهين. ننڊ نه ٿي اچئي ڇا ؟ صبح جو جلدي جلدي ڪم تي به هلڻو آ،” سلميٰ راڻيءَ کي چادر اوڙهيندي چيو.
سلميٰ راڻيءَ جي ماءُ هيٺ فرش تي ٻئي گڏ سمهيون پيون هيون.پراڻي ڪچي جاءِ هڪڙو ئي ڪمرو ٻن کٽن جيترو مس ۽ وري اوترو ئي اڱڻ. راڻيءَ جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هيو. سندس ماءُ سلميٰ ئي گهرن جون پوچيون ٻهاريون ڪري راڻيءَ کي پاليو هو. هنن جي ملڪيت بس سندن اهو گهر ئي هيو.
“امان مون کي ننڊ ڪو نه ٿي اچي. اسان غريب ماڻهون سڄو ڏينهن ۽ رات محنت مزوري ڪيون ٿا پوءِ به سڄي زندگي نه سٺو کائون ٿا ۽ نه پايون ٿا. اسان جي قسمت اهڙي ڇو آ ڀلا.؟” ارڙهن سالن جي راڻيءَ کي ننڊ ڪو نه ٿي آئي.
“پٽ اهي وڏيو ڳالهيون نه سوچيندي ڪر. اسان اهي خواب ڏسي ته سگهون ٿا پر پوري ٿيڻ جي آس نه ٿا رکي سگهون. ڏسين نه ٿين ته سڄي زندگي محنت ڪري ڪري منهنجي حالت ڇا ٿي آ.”
“پر امان! آخر اهو ڪيستائين پيو ٿيندو.”
“بس امان جيئن ٻالڪ پڻو رکئي سکئي تي گذاريئي تيئن جواني به گذري ويندئي.”
“پر امان منهنجي دل به چوي ٿي ته سياري ۾ گرما گرم ڪافي پيئان،مڱيران کاوان،گجرن جو حلوو کاوان،گرم ڪپڙا وٺان ۽ ڪمبل پايان..”
“ها پٽ جيئن اميرن جي سيني ۾ دل ٿي ڌڙڪي تيئن اسان جي سيني ۾ به ٿي ڌڙڪي پر ڇا ڪيون جو اسان جي قسمت ئي ستل آ جو صبح شام انهن جي خدمت ۾ لڳا پيا آهيون. اهو به شڪر ڪرته انهن جو بچو سچو اسان کي ملي ٿو نه ته بکن ۾ ئي مري وڃون.” اهو ٻڌند ئي راڻي اٿي ويٺي.
“امان بيگم صاحبه جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ ڪيڏي وڏي دعوت ٿي هئي،ڪيڏن قسمن جا کاڌا پچايا هين. امان ڇا ته ڪپڙا هيس،ڪيڏا زيور پاتل هيس ۽ ڪيڏو ته سامان مليو هيس.” راڻيءَ جي گگ ئي ڳڙي پئي.
“ها بابا اهو سڀ پئسي جو ڪما آ.” ماڻس ٿڌي آھ ڀرينيدي چيو.
“امان مان هن ڦٽل دڙي جهڙي گهر ۾ ڇو پيدا ٿيس،مان ڪنهن بنگلي ۾ پيدا ٿيان هان نه. جيڪر ڪنهن بنگلي جي راڻي هجان هان.” راڻي چوندي اداس ٿي وئي.
“اڙي منهنجا ٻچا تون ئي ته منهنجي راڻي آن.” ماڻس اٿي راڻيءَ کي ڀاڪر پاتو.
“امان عيد به اچڻ واري آ بيگم صاحبه اڃان ڪپڙا به نه ڏنا آهن. مان ڪم به ته خوشي خوشيءَ سان ڪندي آهيان ته جيئن متان اڄ ڏئي وجهي. امان تون گهرينس نه. باقي ڏينهن گهڻا بچيا آهن.”
“نه پٽ مون کي گهرندي شرم ٿو اچي. هوءَ پاڻ ئي ڏئي ڇڏيندي، تون گهٻراءِ نه.” ماءُ راڻيءَ کي دلجاءِ ڏيندي رهي.
“ڪالھ بيگم صاحبه جي فرج کوليم ته امان گوشت، مرغيون، سبزيون،فروٽ ۽ مٺائين سان ڀري پئي هئي. ڪيڏو ته کائن ٿا ۽ اسان کي وري پنهنجي اوڀر ٿا کارائين.” راڻيءَ منهن خراب ڪري نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
“راڻي هاڻي کڻي سمھ، منهنجو رت ڇو ٿي ولوڙين. صبح جو به سوير هلڻو آ نه ته بيگم صاحبه ڪاوڙ ڪندي.” ماڻس پنهنجي مٿان چادر وجهي سمهي پئي پر رات دير تائين راڻيءَ جو مغز انهن سوچن ۾ گهوماٽيون کائيندو رهيو.
ٻي ڏينهن صبح جو ٻئي ڄڻيون بنگلي تي پهتيون ته حيران ٿي ويون. بنگلي جي چوڌاري پوليس بيٺي هئي. ماڻهن جو هجوم لڳو پيو هو.هي ٻئي پريشانيءَ واري حالت ۾ بنگلي ۾ داخل ٿيون. اندر ڪافي عورتون ۽ بيگم صاحبه جا رشتيدار موجود هيا. بيگم صاحبه روئي رهي هئي. اتي انهن کي معلوم ٿيو ته رات دير سان بنگلي ۾ چور گهريا هئا جنهن تي بيگم صاحبه وٺي جو رڙيون ڪيون ته چورن هڪ ٻه گولي هلائي جيڪا بيگم صاحبه جي مڙس کي لڳي. چور ته هنن جا زيور ۽ پئسه کڻي ڀڄي ويا پر بيگم صاحبه جو مڙس وڃي اسپتال داخل ٿيو. بيگم صاحبه زارو قطار روئي رهي هئي. سندس رشتيدار ان کي دلجاءِ ڏئي رهيا هئا. هي به ٻئي ڄڻيون بيگم صاحبه جي پيرن ۾ وڃي روئڻ لڳيون. راڻيءَ کي ته چوريءَ جو ڏک ٿيو پر ان سان گڏ سندس دل به روئي رهي هئي ويچاريءَ جا ارمان ڪليسا جي صليب تي ٽنگجي پيا ته هاڻي هن کي عيد جا ڪپڙا ملندا به الائي نه.