تقدير
“رمشا تون آخر ڪيستائين خوابن جي دنيا ۾ رهندينءَ. هي حقيقي دنيا توکي سمجھ ۾ ڇو نه ٿي اچي.”
“توکي ڪهڙي خبر صدف. ان خوابن جي ڪري ئي ته زندگي حسين ٿي لڳي اگر خواب نه هجن ته زندگي ئي بي مقصد ٿي پوي.”
“پر اهڙا خواب ڪهڙي ڪم جا جن جي ڪا تعبير ئي نه هجي.”
“هر خواب جي ڪا نه ڪا تعبير هوندي آ. پر جي مون کي تعبير نه ملي ته پوءِ هيءَ زندگي به نه رهندي.” رمشا جو انداز فيصلي وارو هيو.
“پر رمشا تون اهو ڇو ٿي وسارين ته جنهن خاندان سان تنهنجو تعلق آ اتي پنهنجي مرضي هلائڻ جي اجازت ناهي هوندي. خبر به اٿئي ته اسان جي زندگيءَ جو هر فيصلو اسان جا وڏا ئي ڪندا آهن. توکي به اهو تقدير سمجهي قبول ڪرڻو پوندو.” صدف هن کي سمجهائيندي رهي.
“پر مان ٻين کي پنهنجي تقدير مٽائڻ ڏيان ڇوٿي.”
“مقصد ته تون سوٽ سليم سان شادي نه ڪندينءَ.”
“هر گز نه.” رمشا صاف چئي ڏنو،“ توکي خبر آ ته مان سارنگ کي ٿي چاهيان ۽ شادي به ڪنديس ته ان سان ئي نه ته ڪنهن سان به نه.”
“خير تون به انڪار ڪري ڪري نيٺ ڪنڌ نوائيندينءَ.” صدف چيس.
“اهو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو.” رمشا اٿي ٻئي ڄڻيون ٽيڪيسيءَ ۾ چڙهي هاسٽل پهتيون.
وقت جي ڌارا گذرندي دير ئي نه ٿي. ٻنهي جي ماسٽرس ٿي وئي. وڃي پنهنجي اباڻي ڪکن ڳوٺ پهتيون. جڏهن رمشا جي شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون ته رمشا ماءُ سان صاف لفظن ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس اهڙي خبر خاندان ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ڄڻ ڪو هن وڏو گناھ ڪيو هجي.
“توکي سليم سان شادي ڪرڻي ئي پوندي. هو اسان جي خاندان جو آ.” پيءُ رمشا کي سمجهائيندي چيو. جنهن جو دٻدٻو خاندان ۽ ڳوٺ وارن تي قائم هوندو هيو سدائين بوسڪيءَ جو پٽڪو پهريل ڏهن ميٽرن واري گهنجھدار شلوار ۽ اڇو ڀرت ڀريل پهراڻ سندس شان مان قائم رکيون بيٺو هو.
“پر بابا مون کي ان سان شادي ناهي ڪرڻي. منهنجي ان سان ڊهنيت ئي نه ٿي ملي توڙي جو هو به پڙهيل آ پر آهي ته پراڻين دقيانوسي ريتن رسمن جو قائل. بابا مان هن کي بلڪل به پسند نه ٿي ڪيان.”
“ڏس مان توکي ان ڪري نه پڙهايو هو جو اڄ تون منهنجي ڳالھ نه ٿي مڃين ۽ ٻيو ته گهر جي ملڪيت گهر ۾ ئي رهندي.” سندس پيءُ جو غصو وڌندو ٿي ويو پر هن پرواھ نه ڪئي.
“پر بابا مون کي ملڪيت نه گهرجي بس ان بدلي منهنجي ڳالھ کڻي مڃو.” رمشا پيءُ کي هٿ جوڙيندي چيو.
“نه اصل نه هاڻي تنهنجي ڪا ڳالھ نه ٻڌندس.” رمشا جي پيءُ زال کي ڇڙٻ ڏيندي چيو،
“صرف هڪ هفتو ٿو ڏيانءِ جيڪا به تياري ڪرڻي اٿئي ڪري وٺ. مان پنهنجي زبان تان ڪڏهن به نه هٽندس.” ڪاوڙ مان چئي نڪتو هليو ويو. ماڻس به لاچار رمشا جي مٿي تي هٿ ڦيري مڙس جي پويان هلي وئي.
رمشا ڪو چارو نه ڏسي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. گهڻو ئي سوچيندي رهي ته آخر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. سندس سارا خواب وکرجي پيا. سارنگ سان گهاريل گهڙيون ڪيل وچن کيس وڍ ڏيڻ لڳا. رات جو ڳچ حصو سوچي سوچي وڃي ڪنهن نتيجي تي پهتي. صبح جو روز جي معمول مطابق نوڪرياڻيءَ ناشتي جي لاءِ رمشا جي ڪمري جو در کڙڪايو پر جواب نه آيس ٻه ٽي دفعه کڙڪايائينس پر ساڳيو ئي جواب نه آيس. وڃ رمشا جي ماءُ کي ٻڌايائين سا به ڀڄندي آئي. زور زور سان در کي ڌڪ هڻي سڏ ڪرڻ لڳس پر در نه کليو. رمشا جي ماءُ اچي گهر مٿي تي کنيو. سندس پيءُ ۽ ٻيا خاندان جا ڀاتي به ڀڄندا آيا. آخر دروازو ڀڃي وڌائون. رمشا بي سڌ بيڊ تي پاسيري ڪريل هئي وات مان گف وهي ڪڏهن جو سڪي اڇو نشان ٺاهي چڪي هئي. سندس ڀرسان ئي ٽيبل تي گلدان جي هيٺان صدف جي نالي پنو لکيو پيو هيو،
“ڪاتب لکيو جيئن،لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.”