مهاڳ
زرعي سوال جون پاڙون تاريخ، سماجيات ۽ اقتصاديات ۾ تمام گهري نموني کتل آهن. ليکڪ سنڌ توڙي پوري ملڪ جي اندر غالب زرعي سوال جي گهرين پاڙن کي کوٽي مغلن جي “شهنشاهيت” کان کڻي اھو ٻڌائي ٿو ته زرعي سماج شروعاتي دور ۾ ڪيئن ٺهيو. ڪهڙي قسم جا زرعي سماجي معاشي لاڳاپا هئا. زرعي سماج جي فطرت انگريزي دور کان ڪھڙين شڪلين ۾ اڳ موجود هئي، سامراجي غلبي ان کي ڪيئن قائم رکيو۔ ليکڪ ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته مغل بادشاهن جا عامل ٽيڪس اوڳاڻيندا ھئا. پر زمين ڳوٺن جي ملڪيت هئي. ٽيڪس جمع ڪندڙ وڌ ۾ وڌ آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استحصال ڪندا هئا پر انهن کي زمين جي ڪميونٽي جي ملڪيت ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه هئي. تنهن دور ۾ جاگيرون عام هيون. زمين بادشاهن جي ملڪيت هئي. مغل شهنشاهه ڪهڙي به وقت زمين کي نجي جاگيردارن کان سند واپس وٺي ٻئي کي ڏيندا هيا. اهو ڪرڻ عام ۽ سندن انتظامي معاملو هيو. جنهن کي چاهيندا هيا تنهن کي لشڪر مهيا ڪرڻ جي بهاني يا فرمانبرداري عيوض جاگيرون انعام ڏئي ڇڏيندا هئا يا واپس به وٺندا هيا۔ پر ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته ان عمل جي بدلي ۾ هارين جون مغل شهنشاهن ۽ جاگيردارن خلاف بغاوتون ۽ مرهٽن، سکن جو مزاحمتون ۽ ٻيون بغاوتون به عام جام هيون. باغي ڪڙم قبيلن سان زمينن تي راتاهن جي سخت مزاحمت ڪندا هئا. پر پوءِ به جاگيردار شاهي هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قابض ٿيندي ويئي، اڳتي هلي اهي جاگيردار اوڀر ۽ يورپ سان آزاد واپار به ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ۾ اڌ، بينگال جي رياست ۽ مرهٽن جون جاگيرون مثال آهن. پر سماجي ارتقا، سياسي معاشي تقاضائن، سماجي رشتن ۽ زمين تي تعلق، پئنچاتي، پدرشاهي ۽ اوچ نيچ جي نظام اڳتي هلي زمين جي ورهاست، استحصال ۽ نجي ملڪيتن ۽ زمين تي ڪم ڪندڙ هارين جي سماجي ۽ معاشي تفريق ۾ وڏو فرق آندو.
ليکڪ اڳتي هلي سنڌ ۾ مقامي حڪومتن ۽ انگريزن جي هندستان حڪمراني تي به تفصيلي ڳالهائي ٿو، جنهن اڳتي هلي ڪميونٽي واري پئنچاتي نظام جي جاءِ تي، نجي زمين جي نظام کي، نجي ملڪيتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڇو ته انگريز سرڪار ان کي پنهنجي ملڪ ۾ رائج قانون وانگر نجي ملڪيت ۾ تبديل ڪيو. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته برطانيه جي بيٺڪيت وقت به غلامي ۽ طبقاتي سماج هيو. دراصل زميني طاقت وڌڻ ڪري ان تي ڪم ڪندڙ هارين جي معاشي زندگي اڃا به ابتر ٿي ويئي ڇاڪاڻ جو ان تي ڪم ڪندڙن جو معاوضو نالي ماتر ۽ سندن معاشي حالت کي ٺيڪ ڪرڻ ممڪن نه هيو. انگريزن جي دور ۾ زمين جي مالڪي، زميندارن ۽ جاگيردارن کي ته ملي پر هاري يعني ڪم ڪندڙ ساڳي ڪرت سان رهيا. ليکڪ اڳتي هلي اٺارھين صديءَ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ ۽ ان جي واپاري عمل مان هڪ زبردست ڦرلٽ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن کانپوءِ ان هڪ واپار جي شڪل ورتي ۽ اها اڳتي هلي برطانيه جي سرمائيداراڻي ترقي جي شڪل ورتي. سڀ ڄاڻن ٿا ته انگلينڊ جي انهي ترقي ۾ هند - سنڌ جي پورهيتن جو استحصال به شامل آهي. ليکڪ لکي ٿو ته: “ٻه سئو سالن جي هندستان تي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي وقت کان حڪمرانيءَ ۽ پاڪستان جي ديسي حڪمرانن، منظم طريقي سان جاگيرداري ۽ بيٺڪي راڄ قائم ڪري ساڳيو نظام جاري رکيو آهي. مطلب زمين جو نظام ساڳيو آهن ۽ ان تي محنت ڪندڙ ساڳيا آهن، صرف آقا تبديل ٿيا آهن“.
ليکڪ هند ۽ سنڌ جي زمين جي تاريخ کي ڪوتليا چاڻڪيا جي ڪتاب “ارٿ شاستر” سان ڳنڍي ٿو جنهن ۾ بادشاهه زمين جو واحد مالڪ آهي، ٻين لکڻين ۾ زمين جو مالڪ پوکي ڪندڙ آهي. انگريزن “زمينداري نظام، روتواڙي نظام ۽ بعد ۾ محل واڙي نظام متعارف ڪرايو. ليکڪ مطابق پس وَ پيش اهي به استحصالي ئي هئا. ليکڪ ڪجھه انگ اکر سنڌ بابت ڏنا آهن. جنهن ۾ 1990ع سال سنڌ ۾ ستاسي سيڪڙو هاري بي زمين يا قرضدار هيا۔ هو لکي ٿو ته بيروزگار هارين کي جذب ڪرڻ لاءِ ايترا ڪارخانه به ناهن ۽ هاري ويچارا ٻيا ڪم يعني مال جانورن جي پالنا ۽ روزانه ڏهاڙي جي مزدوري ڪري گهر جو چرخو، گهلي هلائي ٿو، اڳتي ليکڪ لکي ٿو ته نيپيئر اچڻ شرط سنڌ کي ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور روينيو ڪليڪٽري ۾ تبديل ڪري جاگيرون ڏيئي سنڌ ۾ سياسي وفاداريون حاصل ڪيون۔ زمين جو اهو تعداد يارھان لک تيرھان هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. وري 1947ع کان اڳ پنجويھه لک ايڪڙ زمين هندو سيٺين وٽ گروي هئي. مهاڳ ۾ ليکڪ جا سمورا انگ اکرن جا حوالا ڏيئي نه ٿا سگهجن پر ڪتاب ۾ اندر پڙهڻ کانپوءِ پاڪستان کان اڳ واري دور ۽ پوءِ واري هاڻوڪي دور جي سموري عڪاسي ڪتاب پڙهڻ سان ئي سمجهي سگهجي ٿي. ليکڪ هجرت جي نتيجي ۾ آيل مهاجرن کي زمين جي الاٽمنٽ، بار بار مارشلائون، ون يونٽ ۽ آبپاشي جي ترقي جي نتيجن ۾ سترھان لک ايڪڙ ڌارين کي الاٽ ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراجن جي نيلامي، ڊيم متاثر، جنگ متاثرن، جي نالي ۾ زمينن جي استحصال ۽ قبضي جي الڳ ڪهاڻي آهي.
ليکڪ ان سموري صورتحال جو جائزو هن طرح ڏنو آهي ته، زمين جي ملڪيت تي زمينن تي ڪم ڪندڙن کان سواءِ ٻين جو وڏو بار آهي اهي هي زمين تي ڪم نه ٿا ڪن. اهي غير حاضر زميندار آهن يا سندن منشين معرفت هڪ استحصالي ڍانچو آھي ۽ انهن زمين تي ڪم ڪندڙ هارين، ٻني مزدورن، ڏهاڙي وارن جي لاءِ معاشي اڻبرابري، سماجي غلامي ۽ اڻ برابري جو پورو نظام پيدا ڪيون ويٺا آهن جنهن ۾ سماج ۾ غربت، اڻ هوند، جهالت، قبائليت ۽ ناانصافي پيدا ڪئي آهي ۽ ان کي جدوجهد وسيلي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ليکڪ جو پورو ڀروسو آهي ته بٽئي جو غير منصفاڻو نظام، غير حاضر زميندارن کان زمين وٺي ڪم ڪندڙ هارين کي ڏيڻ، وڏي پيماني تي زرعي سڌارا آڻڻ، جنهن ۾ وڏي زمينداري ۽ جاگيرداري جو خاتمو لازمي ڪرڻ، غير قانوني ڪچي جي قبضي واري زمين اتان جي مقامي هارين کي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي. هو چوي ٿو “اصل ۾ پنهنجي وسيلن جي مالڪي قوم دوستي آهي” ۽ جيڪو کيڙي سو کائي ذاتي ملڪيت جي نظام جي خاتمي سان مشروط آهي ۽ اهڙو مطالبو ظاهر آهي ته سنڌ جون پورهيت ۽ هاري تنظيمون جيستائين پاڻ نه ڪنديون تيستائين سندن نجات به ممڪن نه آهي.”
ليکڪ جو ٻيو اهم مضمون “زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ جو سوال” جنهن ۾ هن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ زرعي سوال _ زمين جي ملڪيت واري سوال کي اهم ڪري کنيو آهي. پر هو ٻڌائي ٿو، مسلم ليگ جي حڪومت جنهن ۾ اولھه پاڪستان جا زميندار ۽ جاگيردار شامل هئا، تن زرعي سڌارا حقيقي طرح ڪرڻ نه ڏنا. صرف اوڀر بنگال ۾ زرعي سڌارا جيڪي اڳ ۾ به آيل هيا پر وڌيڪ ڪيا ويا ۽ اولهه پاڪستان سنڌ سوڌو انهن سڌارن کان رهجي ويو. ايوب خان جي دور ۾ نالي ماتر سڌارا آيا ليکڪ زرعي شعبي جي سرمائيداراڻي ترقي واري ڳانڍاپي تي بحث ڪري ٿو ته اهو سرمائيداراڻي ڏاڪي تي پهتو آهي يا نه. پر انجو ڍانچو هاڻ به جديد نه پر روائتي آهي. هاڻ به 2020ع جي سروي مطابق ٽيھٺ سيڪڙو هاري سنڌ ۾ بي زمين آهن. پيداواري رشتا نيم جاگيرداراڻا ۽ نيم سرمائيداراڻا، اوائلي پيداواري رشتن جي شڪلين ۾ موجود آهن.
ليکڪ ايڪويھين صدي ۾ هارين جي سوال کي ۽ خاص طرح سنڌ جي هارين جي سوال کي نون ۽ تاريخي تقاضائن سان ڳنڍي انجي حل بابت ڳالهائي ٿو. هو نيو لبرل معاشي نظام ۽ سرمائيداراڻي ترقي کي هارين جي بنهه آخري نجات نه ٿو سمجھي ۽ هو چئي ٿو ته زمين جي مالڪي ان تي ڪم ڪندڙ پورهيت هارين وٽ هجي ۽ ان جي محنت جو اجورو به اهي ئي حاصل ڪن. ان ڪري زرعي بدحالي کي صنعت ڪاري ذريعي حل ڪرڻ کي “فڪري ڏند ڪٿائون” ٿو چوي.
ليکڪ ڪتاب ۾ زرعي سوال کي ڪجهه هن طرح سان سمجهايو آھي ته زرعي سوال کي برصغير جي اندر زرعي سوال جي ارتقا ۽ انگريزن خلاف قومي جدوجهد کي سمجهڻ کان سواءِ هرگز سمجهي نه ٿو سگهجي. برصغير جي ورهاڱي کان اڳ، گڏيل هندستان ۾ زرعي جدوجهد، قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو حصو هئي. جدوجهد جي نوعيت ۽ ان جو ڪردار جاگيرداري ۽ سامراج مخالف هو. جدوجهد جو اصل رخ زمين جي حقن جي حفاظت ۽ تحفظ هو، اها جدوجهد انگريزن جي زمينن جي مالڪي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ يا ٽيڪسن ۾ واڌ جي خلاف ۽ بهتر اجرت ۽ سهولتن لاءِ اها جدوجهد جوهر ۾ جاگيرداري خلاف هئي. ان قومي تحريڪ جو مرڪزي سوال زرعي سوال هو ۽ زرعي جدوجهد جو مرڪزي سوال قومي آزادي ۽ هارين جي حقن جو تحفظ هو.
ورهاڱي کان پوءِ سياسي ڍانچو سنگين قسم جي ساختي، معاشي ۽ قومي تضادن ۾ پکڙجي ويو. حل نه ٿيل سوالن مان هڪ سوال زمين جي مالڪيءَ جو سوال هو. مسلم ليگ حڪومت 1948ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ان اميد تي قائم ڪئي ته هاري، مسلم ليگ کي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته زميندار ۽ جاگيردار حڪمران اشرافيه جو حصو هئا. اولهه پاڪستان ۾ ان جي سياسي طاقت زميندار طبقن جي هٿن ۾ هئي، ان ڪري اهي طاقتون پاڪستان کي کائڻ ۾ پنهنجن هم منصبن سان ورهائڻ لاءِ تيار نه هئا بلڪه اهي مشرقي پاڪستانين کان نفرت ڪندا هئا. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي سياستدانن اعلان ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ جاگيرداري نظام کي ختم ڪري ڇڏيندا هنن بنگال ۾ 1951ع ۾ زميني سڌارا متعارف ڪرايا. اوڀر پاڪستان کان اولهه پاڪستان جي بيوروڪريسي ۽ آمريتي ڌرين ۽ وڏيرڪي نظام وارين قوتن جو هڪ تضاد جو سبب هاري سوال به هيو، ڇاڪاڻ ته هاري سوال وسيع معني ۾ قومي سوال آھي. پر ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويو، ان ڪري ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري پاڪستان ۾ زرعي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.
جيتوڻيڪ ايوب جي دور ۾ هنڪس ۽ بين الاقوامي ادارن جي مدد سان آبپاشي جو نئون ڍانچو تيار ڪيو ويو، نوان ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينون پيدا ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ زراعت ۾ سيڙپڪاري ۽ واڌارو ٿيو. نالي ماتر زميني سڌارا ته آيا پر ان جو وڏو فائدو وڏن زميندار طبقن کي ٿيو. ان کان پوءِ لڳاتار مارشلائن ۽ سياسي عدم استحڪام پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو آهي. ويتر سنڌ جي زرعي، ٻيٽ ۽ پاڻي واريون ملڪيون، سنڌ جي عوامي ۽ قومي مالڪي کان ٻين جي قبضي ۾ اچي رهيون آھن. ليکڪ جي نظر ۾ اڄ ڪلھه جي حالتن ۾ زرعي سوال صرف سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي ڍانچي جو نه آهي. جيئن ته زرعي ترقي، هاڻي صنعتي ترقيءَ جي ضرورت نه رهي آهي، جيئن ته عالمي سرمائيداراڻي نظام دنيا جي مارڪيٽن کي ڳنڍيو آهي ۽ زرعي سرگرمي ان جي دٻاءَ ۾ آھي. انهن حالتن ۾ زرعي تبديليءَ جي ارتقائي اميد رکڻ کپي يا نه؟ يا صنعتي تبديلي جو ڪو وڏو انقلاب جلدي ايندو يا نه يا ڇا نئين دور جي ڊجيٽل دنيا سنڌ جي زرعي ۽ وڏيرڪي نظام کي ڌونڌاڙيندي يا نه. اسان ڏسي رهيا آھيون ته معيشت جا زراعت ۽ صنعتي شعبا ٻئي جمود جو شڪار، قرضن ۾ ٻڏل آهن، زراعت ۾ معاشي ترقي نالي ماتر آهي. زراعت هاڻي نه روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي قابل آهي ۽ نه ئي پيداوار وڌائڻ جي وڏي صلاحيت رکي ٿي يا واپار يا برآمد ۾ زبردست حصو وٺي سگهي ٿي۔ پر هاڻ به وڏي آبادي زراعت تي منحصر آهي. ملڪي معيشت ۾ زراعت جو حصو تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، خدمتن جي شعبي جو حصو واضح طور تي وڌايو ويو آهي. اسان جو زرعي شعبو پيداواري سطح، پٺتي پيل ملڪن کان به وڌيڪ پوئتي پيل آهي. صنعتي شعبو پڻ معاشي لبرل سرمائيداري بين الاقوامي ڳانڍپي جي ڪري، جمود جو شڪار آهي. پر اسان جي آباديءَ جي ان وڏي اڪثريت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زراعت تمام ضروري آهي، جن جي رهڻي ڪهڻي، روزگار، خوراڪ جون ضرورتون، زرعي سرگرمين سان جڙيل آهن، اها عوام جي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. پر الميو اهو آھي ته اڄ ٻھراڙي جو وڏو پورهيو ڪندڙ حصو اڌ بٽئي جي ناڪاره نظام ، نالي ماتر معاوضي وارو کيت مزدور، غلامي ۽ جبر پورهيي ۽ عورتن جي معاشي غلامي ۾ جڪڙيل آھي.
سنڌ ۾ نه رڳو سماجي، معاشي طور تي وڏي آبادي جو گهڻو انحصار، زمين سان ڳنڍيل آهي. پر ان جي سڀني شڪلين ۽ ڪردارن جي مالڪي هڪ ننڍڙي اقليت جي هٿ ۾ آهي. وڏي اڪثريت اڃا تائين ان تي زندگي گذاري رهي آهي، سنڌ جو زرعي سوال گهڻ پاسائون آھي. اهو وڏي زمينداري، غير حاضر زميندان، رٽائر فوجي افيسرن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنل زمينن، روينيو رڪارڊ جي هيرا ڦيري هيٺ آيل ملڪيت تي قبضا، ڪچي ۽ دريائي پيٽ جي علائقي ۾ بي نامي زمينن، تي وڏيرڪا قبضا، بندن جي زمين ۽ ڪاڇي جي زمينن، مٺي پاڻي تي قبضا ۽ ايڪيو پراپرٽي جي نالي ۾ ڪليمي قبضن ۽ وفاق کي سندن بي جا امن جي گهرجن جي نالي ۾ اندروني پکيڙ ۽ شھري آبادين جي نالي ۾ هارين کي بي دخل ڪرڻ، بلڪ کين ملڪيت کان محروم ڪرڻ ڊي پيزنٽائيزيشن آھي. اسين هاڻ به ڏسون ٿا ته اسان جي زرعي معيشيت جا ڪجهه بنيادي پراڊڪٽس اڃا تائين محفوظ معيشت جي طور تي بيان ڪري سگهجي ٿا، اهي تجارتي اسٽيج تي پهچائي سگهجن ٿا. پر کاڌي جي ضرورتن جو خيال رکڻ لاءِ واحد شعبي جي وڏي اڪثريت اڃا تائين هاري بنيادن تي ڪم ڪري ٿي، روزاني اجرت ڪمائيندڙ، زميندار طبقن جي رحم ڪرم تي يا بازار ۽ قيمت جي نظام جي رحم ڪرم تي. وڏي اڪثريت کي نه زمين تائين رسائي آهي ۽ نه ئي ملڪيت. اهي بنيادي انساني ضرورتن ۽ حقن کان محروم آهن، اهي پنهنجي بکايل پيٽ کي کارائڻ لاءِ غير رسمي مزدورن طور ڪم ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ، تخليقي يا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ جي ڪا به رغبت يا پيش قدمي نه آهي، ڇاڪاڻ ته دولت جي مقابلي ۽ ڪمائيندڙ فصلن ۾ کين ڪا به دلچسپي نه رهي آهي ڇو ته اهي زراعت ۾ دلچسپي نه رکندا آهن پر غلامي جي ويجهو زندگي گذاريندڙ آهن. مارڪس جي معاشي تصور بيگانگي واري الميي طور هو منجهيل آھن ڇاڪاڻ ته زمين کيس معاشي ۽ سماجي خوشحالي کان کيس هاڻ به پري اڻبرابري ۾ رکيون بيٺي آھي.
ليکڪ جا وڌيڪ ويچار سرمائيداري معيشيت واري مداخلت به آھن. ليکڪ ان ڳالهه کي سمجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته اسان جي خطي ۾ سرمائيداراڻي نظام جي ارتقا ۽ مداخلت سبب زرعي سوال هاڻ به انتهائي اهم آهي. هو ڏسي ٿو ٿه سرمائيداراڻي مداخلت زراعت ۾ ڪا به خاص سماجي تبديلي نه آڻي سگهي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عالمي لبرلائيزيشن پاليسين جي ڪري زرعي پيداوار ۽ روزگار ۾ حصو مسلسل گهٽجي رهيو آهي ۽ وڏي اڪثريت غربت ۾ زندگي گذاري رهي آهي ۽ سماجي اڻ برابري پنهنجي انتها تي آهي
ليکڪ جا ٽي آخري مضمون به ڏاڍا اهم آھن. اهي ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۽ ماحولياتي اثرن تي ڳالهائن ٿا. هو پاڪستان ۾ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي بغير اصولن ۽ بنا ضابطي وارو وڌنڌو ٿو سڏي جنهن تي سرڪار يا رياست جو ذري گهٽ ڪوئي به قانون لاڳو ناهي ۽ ذري گهٽ سڀ منافعي کور ڌريون ان ۾ ملوث آھن.
ٻئي طرف هو ٻئي مضمون ۾ تهذيب جي تقابلي جائزي ۽ ماحولياتي خراب اثرن کي سماجي انقلابي تبديلي سان ڳنڍي ٿو. هونءَ به ماحولياتي تحفظ جو سوال هن دور جو مارڪسسٽ سوال آھي. مطلب ته فطرت کي ڀڙڀانگ ڪندڙ قوتن ۽ پورهيئي جي ڦرلٽ ڪندڙ جو وڏو ڳانڍاپو آھي. سنڌ ۾ فطري مينهوڳي واري مها ٻوڏ کي هو انتظامي ناڪامي ۽ طبقاتي تعصب هيٺ ڏسي ٿو ته ڪيئن نه هن ٻوڏ سنڌ ۾ تباهي جا راڱا ڏنا.
زرعي سوال سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين لاءِ سنگين چئلينجز پيدا ڪري ٿو، اهو کين مجبور ڪري ٿو ته هو زرعي سوال بابت پنهنجا ويچار ۽ حڪمت عملي چٽي ڪن. اهو سوال لاڳاپيل سرمائيداراڻي ترقي، زمين جي مالڪيءَ، ۽ وڏي اڪثريت جي سماجي ۽ معاشي حالتن سان واسطو رکي ٿو۔ هاري، کيتي ڪندڙ زندگين جي ڏوجهائپ ۽ تڪليفن ۾ آهن. وسيلا، غربت، بدحالي، محرومي ۽ سماجي اڻ برابري، بلند ترين سطح تائين موجود آھي، اميد آھي ته ليکڪ جو هي ڪتاب اسان کي زرعي سوال هڪ قومي ۽ سماجي سوال طور سمجهڻ ۾ مدد ڪندو.
ڊاڪٽر ذوالفقار علي راهوجو
لاڙڪاڻو
پروگريس ٿنڪرس فورم سنڌ
23 ڊسمبر 2022ع