سماجي تفريقون ۽ سياسي حڪمت عمليون!
پورهئي جي نوعيت ۽ جوڙجڪ پورهيت آبادين اندر سندن ئي ڄمارن ۾، فردن ۽ خاندانن اندر مختلف ۽ سالن آھر تبديل ٿيندي رهي ٿي. پورهيت طبقا، رسمي ۽ غير رسمي روزگارن جي تلاش ۾ مختلف ثقافتي سڃاڻپن، علائقائي جوڙجڪن ۽ سماجي بيهڪن ۾ هڪ وڏي تاڃي پيٽي ۾ هڪ منجهيل پيداواري سرشتن ۾ پويل ھوندا آهن. پيداواري عمل ۾ پورهئي جي طاقت کي وڪرو ڪرڻ، زنده رکڻ، ٻيھر پورهئي لائق بنائڻ لاءِ پيا پيڙجندا، ٻن ويلن لاءِ پريشان، جيئڻ جي جنگ ۾ مستقل استحصال جو شڪار ٿيندا رهن ٿا.
پورهئي جو ٺهڻ به خود هڪ عمل آهي، جنهن جو صنفي تعلق سان گهرو تعلق آهي. پيداواري، تخليقي صلاحيت ۽ ٻار پالڻ ۽ نپائڻ عورتن لاءِ پيچيده عمل آھي، مردن جي پورهئي کي پيداوار لائق بنائڻ جو سڄو سماجي بار عورتن تي آهي. پورهئي کي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت پورھيتن جي گهر اندر ۽ خاندانن ۾ ٿئي ٿي. پورهيو ۽ صنفي پورهيو گڏيل پيداواري عمل آهي عورتن جي سماجي حيثيت، صنفي پيڙائي ۽ تشدد جي جوڙجڪ، ان جي پيداواري ۽ تخليقي صلاحيت سان ڳنڍيل آهي. پورهئي ۽ سرمائي جي اوسر ۾ مردن جي زيردستي تاريخي طور ممڪن ئي تڏهن ٿي سگهي جڏهن پيداواري عمل ۾ عورتن کي به ساڳي وقت مردن جي بالادستيءَ هيٺ سماجي طور زيردست ڪيو ويو.
زرعي سماجن ۾ ته عورتون نه رڳو صنفي ۽ معاشي غلاميءَ جو شڪار آهن پر اهي سماج جي ريتن رسمن ۽ قانونن جون پڻ غلام آهن. سندن زندگيون اڻ برابرين جي پنجوڙن ۾ ٻڌل آهن، ڪارو ڪاري، زوري، بدلي ۽ ننڍي عمر جي مرضيءَ خلاف شادين ۽ گهريلو تشدد جو شڪار آهن. ٻين لفظن ۾ زرعي سماج عورتن لاءِ طبقاتي ۽ صنفي غلاميءَ جي ڪربلا بڻيل آهن. عورتن جي اھڙي غلامي، وقت آهر، پيداواري عمل ۾ مردن جي قبضي واري عمل جو سڌو نتيجو آهي. مرداڻي سماج عورتن کي زمين، وسيلن ۽ ورهاست کان پري رکي غلامي ۽ ذلت ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. پدر شاهي قدرن عورت کي فقط هڪ جنس ۽ ملڪيت تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ سندس تخليقي ۽ توليدي پورهئي جي نه ڪا مڃتا آھي ۽ نه ڪا ئي عزت لائق اجرت.
معيشت ۾ رسمي روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ ڪري، ٽيڪسن ۾ مسلسل اضافي، خراب حڪمرانين ۽ ٻين سببن ڪري غير رسمي پورهئي ۾ واڌ ٿي آھي .غير رسمي پورهيو معنيٰ - غير محفوظ اجرت، نه ڪا پينشن، نه سماجي تحفظ، نه بهتر صحت ۽ تعليم، نه رهائش جي ڪا سهولت! سمگلنگ، چور بازاري، جسم فروشي، نشي آور دوائون، جوا، غير رجسٽرڊ غيرقانوني روزگار، (ٻارن جي مزدوري) پرچون سيلز جي اڻ رپورٽنگ، افغانستان - پاڪستان غير قانوني واپار اڻ رجسٽرڊ آمدنين جھڙين سرگرمين غير رسمي معيشت کي ھٿي وٺرائي آھي. اھڙي غير رسمي معيشت ۾ غير رسمي پورهيو ملڪ جي ڪل پورھئي جو ٻاھتر سيڪڙو آهي. اھڙي پورهئي جي نه ته ڪا تنظيم آهي نه ئي کين يونين ٺاهڻ جو حق. کين نه ڪو ڍنگ جو اثاثو نه ڪا سهوليت، نه ڪو تحفظ، نه ئي تعليم ۽ نه ئي ڪو وسيلو ائين مڪمل طور خاندان ٻهراڙين مان لڏي شهر جي ڪچين آبادين ۾ هڪڙيون ٻيون ٻهراڙيون ٺاهي زندگيون گھارين ٿا.
پورهيتن ۾ غربت جي شرح وڌيل ۽ سماجي حالت پوئتي پيل آهي. اڪثر آبادي، سماجي اڻبرابري، لاقانونيت، معاشي، اڻبرابري، بي زميني ۽ غير رسمي معيشت ۾ معاشي استحصال، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل آهي. ڪٿي، بي زمين ته ڪٿي قرضي پورهيت آھن قرضي پورهيو به هڪ قسم جي جديد غلامي آهي. 1952ع جي بانڊيڊ پورهئي کي ختم ڪرڻ جو قانون ته پاس ڪيو ويو پر اڄ تائين سرن جي بٺن، چمڙي جي ڪارخانن ۽ سنڌ جي ڪارپيٽ مزدور، ٻهراڙين ۾ شيڊول ڪاسٽ هارين ۾ اڃان تائين اھڙي غلامي جاري آهي، وڏيرن جا ذاتي جيل ڪجهه هنڌن تي موجود آهي.
سنڌ ۾ پوئتي پيل غريب ۽ محڪوم طبقا، ذاتيون، اقليتون، عورتون پنهنجي مالي حالتن ۾ حڪمران طبقن جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ مادي وسيلن کان محروم آهن. ڪيئي ڪولهي ۽ ڀيل وڏيرن جي ذاتي غلاميءَ ۾ قيد آهن، اڪثر هارين کي نه ته پنهنجو ٻني ٻارو آهي ۽ نه ئي زمين تي پهچ، وڏي اڪثريت اڌ بٽئيءَ تي ڪم ڪري ٿي ۽ سالن کان قرضي آهي. مذهبي اقليتون توڙي ملڪ جي ڪل آباديءَ جو چار سيڪڙو آهن. پر سندن خلاف روز جي بنيادن تي تشدد، تفريق ۽ ٻه اکيائي عام آهي، اهڙين اقليتن ۾ تعليم، صحت، صفائي ۽ ٻيون سهولتون، روزگار جي تنگي عام آھي. اغوا ۽ زبردستي مذهب مٽائڻ، فرقي بازي، ٽارگيٽ اغوائون ۽ عبادت گاهن تي حملا، جبر ظلم ۽ استحصال جون شڪليون آهن جنهن ۾ هو پاڻ کي هڪ گروهه جي حيثيت ۾ غير محفوظ سمجهن ٿا. عيسائي ۽ هيٺين ذات وارا هندو ته مذهب سان گڏ، ذات پات جي بنيادن تي ٻٽي استحصال جو شڪار آهن، اهڙي طريقي سان ملڪ ۾ شيعن، احمدين (قاديانين) هندن ۽ سکن خلاف مذهبي تفريق ۽ تعصب عام آهي. دنيا جون ڪيتريون غير سرڪاري رپورٽون ان ڳالهه ڏانهن ورجائي اشارو ڪن ٿيون ته پاڪستان نه صرف پنهنجن اقليت لاءِ پر ٻين شهرين لاءِ به خطرناڪ ملڪ آهي. ٻيو، نه رڳو اقليتن خلاف جبر ۽ تفريق سان گڏ هڪ وسيع عوامي اڪثريت به رياست ۽ سماج جي اڻ برابريءَ ۽ استحصال جو شڪار آهي. آدمشماري ۾ “شيڊول ڪاسٽ” هڪ مذهبي اقليت نه پر هڪ سماجي درجي بندي آهي. “شيڊول ڪاسٽ” ۽ عام رواجي ٻوليءَ ۾ ڀيل، ڪولهي، باگڙي ۽ ٻيون سماجي درجي بندين کي اڇوت ۽ گهٽ ذات جو درجو ڏنل آهي. لساني، سماجي، ذات، پات ۽ سياسي وابستگيون ٻين واسطيدارن سان ملي پنهنجو تحفظ ڳولهين ٿيون. سڀ وابستگيون گڏجي سڃاڻپ، ذات پات، صنف ۽ سياسي تناسبي نمائندگيءَ ۾ جڙي وڃن ٿيون. مٿين سوچ اقليتن جي شخصي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آواز کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي.
سرمائيداراڻي طبقاتي معيشت پورهئي جي ڍانچن کي علائقائي، صنفي ۽ نفسياتي فرقن ۾ ورهائي ڇڏي ٿي جنھن مان ئي استحصالي عمل ڦٽي نڪرن ٿا. استحصال جون ڪيئي شڪليون هڪ ٻئي تي اثرانداز، هڪ ٻئي ۾ جڙيل ۽ هڪ ٻئي سان مليل ھجن ٿيون. سماجي تفريقون، اڻ برابريون خاص طور تي صنفي، لساني، قومي، نفساني، مذهبي نوعيت جون آهن. اهي هڪ تاڃي پيٽي ۽ شخصي ۽ مجموعي سرشتي ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿيون، ظلم قانون ۾ ڪو ڊيڊ آهي. جيئن شادي، زمين جي مالڪي، وسيلن ۽ روزگارن جي قانونن کي قانوني شڪل ڏنل آهي، سماجي تفريقون، قومي سڃاڻپون، آئيني خودمختياريون ۽ ثقافتن ۽ ٻولين جون نفيون استحصال ۽ جبر جون مختلف شڪليون آھن. ان کي ھڪ ئي استحصالي سرشتي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ظلم، جبر ۽ استحصال جو پاڻ ۾ هڪ ڪاڪ ٽيل ٺھيل آھي. ان ڪاڪ ٽيل جي مختلف سماجي ۽ قومي جوڙجڪن کي سمجهڻ کانسواءِ مناسب متوازن طبقاتي يا قومي جدوجهد نسبتن مشڪل ڪم ھجي ٿو. طاقت جي اھڙي اڻ توازن، مظلوم قومن ۽ محڪوم طبقن کي تاريخي طور پنھنجي حق حڪمرانين، تعليم، صحت، اثاثن ۽ قومي وسيلن کان پري رکيو ويو آهي، ان کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو. تاريخي طرح، سماجي تفريقن جا مکيه ٻه سبب آهن. ھڪ سبب، مختلف قومن ۽ طبقن وچ ۾ سياسي طاقت جو اڻ توازن، بالادست طبقن ۽ بيٺڪي حڪمرانن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ سندن رياستي مشينريءَ تي ڪنٽرول ھئڻ. ٻيو سبب آھي؛ سرمائيداري جي اوسر جي نتيجي ۾ غير محفوظ ۽ سستي پورهئي ۾ اضافو ٿيڻ. سرمائي جي اوسر مان جنم وٺندڙ استحصال، قومي وسيلن جي ڦرلٽ، رياست جي وسيلن تي مخصوص ڌر جو ڪنٽرول، قومي محروميت، پورهيتن طبقن کي قومي سڃاڻپن جي بنياد تي الڳ ڪري بيهاري ٿي. مخصوص قومن جي مخصوص طبقن جو وسيلن تي ڪنٽرول آھي. پورھيت ڪهڙي به نوعيت جو ڇو نه هجي، ان جي طبقاتي بيھڪ هڪ سماجي گروپ جي شڪل ۽ نفسيات ۾ ٿئي ٿي. سماجي رشتن ۾ هن جي سڃاڻپ، ثقافت، جنس، ذات پات يا اوچ نيچ، علائقائي يا اقليتي پورھيت واري آهي.
پاڪستان جي طاقتور حڪمران اقليت ۽ انسان شامل مستقل مفاد پرست ٽولن، اڪثريتي بنگالي ڪلمو گو مسلمان ڀائرن کي سالن تائين آئيني حقن کان محروم رکيو. باقي رھيل مظلوم قومن کي سياسي طاقت کان پاسيرو رکي سندن مجموعي گروهي وسيلن ۽ تاريخ تي چٿرون ڪري، کين پنهنجي مقابلي ۾ پوئتي ڄاڻائيندا رھيا آھن. وسيلن تي ڪنٽرول جو نه هجڻ، سياسي حصيداري کان محروميت جو احساس، مظلوم قومن لاءِ قومي سوال بڻجڻ فطري ٿي وڃي ٿو. اهڙين قومي محرومين ۽ سماجي درجي بندين متعلق ڏاھن واضح چئي ڇڏيو ھو ته: “طبقاتي جدوجهدون تيستائين ڪامياب نه ٿينديون جيستائين غالب قومن جي پورھيتن جو مظلوم قومن جي پورھيتن ڏانهن استحصالي رويو يا ٻه اکيائي بند نه ٿيندي. جيستائين انھن جي حيثيت استحصالي رهندي، تيستائين غالب قومن ۾ انقلاب نه ايندو. پورهيتن ۾ اهڙي سماجي درجي بندي يا هيٺاهين قومي حيثيت يا ڦرلٽ جي ڪري غالب قومن سان ڪابه يڪجهتي يا سالميت قائم ڪري نه ٿي سگهجي ”.
گهڻ قومي رياستن ۾ طاقت ۽ اختيارن جي ورڇ نه هجڻ، لساني، قومي تضاد نئين سياسي تحريڪن کي جنم ڏنو آهي. جيڪي رياست جي جبر ۽ استحصال خلاف اختيارن جي ورڇ يا خودمختياريءَ جي گهر ڪن ٿيون. عوام جي وسيع اڪثريت جو “مٿين طبقن” جي مقبول پارٽين کي چونڊجڻ به اصل “حڪمران طبقن” کي قابل قبول نه آهي. هر پنجين سال “چونڊيل” حڪمرانن کي لاهڻ، “قتل ڪرڻ” يا ڦاهي چاڙهڻ “قومي سڃاڻپ ” ۽ “قومي مسئلو” ٿيڻ فطري ردعمل آھي.
سياسي پارٽيون سماجي تفريقن جي نوعيت کي سمجهي بھتر سياسي حڪمت عمليون ٺاهي سگھن ٿيون. صنعتي پورهئي جي استحصال خلاف ۽ سمورين سماجي تفريقن ۽ قومي سوالن کان لاتعلق طبقاتي جدوجھد، مغالطو يا خام خيالي ھوندي، سماجي تفريقن ۽ طبقاتي جدوجھد کان لاتعلق قومي تحريڪن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. سماجي تفريقن، استحصال ۽ جبر جي سمورين شڪلين کي مڃيندي، گهربل لياقت ۽ صلاحيت سان ئي حڪمت عملي جوڙي جدوجهدون ڪرڻ وقت جي اھم تقاضا آھي. ظاهر آهي، اهو ڪو آسان ڪم نه آهي. پر “مظلوم قومن ۽ طبقن کي رڳو وڃائڻ لاءِ زنجير آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا پئي آهي”.
Daily kawish, November 12, 2021