زرعي سوال هڪ مسلسل بدلجندڙ ۽ هڪٻئي تي اثرانداز ٿيندڙ اھم سوال آهي
روايتي زرعي سوال پنهنجي نوعيت ۾ فڪري طرح صنعتي ترقيءَ ۽ قومي آزاديءَ سان سلهاڙيل سوال رھيو آهي. صنعتي ترقي يورپ جي ملڪن ۾ پنهنجي غير هموار سماجن کي توازن ۾ آڻڻ واري جدوجهد هئي. بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزاديون اوليت تي هيون. ڪيترن مفڪرن ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ته پسگردائي يا بيٺڪي ملڪن کي پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ سامراج مخالف قوتن کي مضبوط ڪرڻو ھو. اهڙين قومي تحريڪن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري ۽ ان جا پير وسيع عوامي حمايت سان سلھاڙي قومي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهي وڃي ته زرعي سوال کي قومي سوال سان ملائي حل ڪري سگهجي ٿو. ٻيو متبادل هي آهي ته پنهنجي مٿين ڦرلٽ ڪندڙ طبقن ۽ سامراجي قوتن مان جان ڇڏائجي ۽ اهڙن زبردست خيالن جو اظهار پهريان ايشيا _ چين ۾ مائوزي تنگ ڪيو ۽ بعد ۾ آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ زور ورتو ۽ عوامي تحريڪون مضبوط ٿيڻ شروع ٿيون. اهڙا زبردست خيال، ويھين صديءَ ۾ وڏي عرصي تائين اهم سوال ٿي اڀريا.
پاڻ جهڙن ملڪن ۾ به زرعي سوال قومي جدوجهد واري سوال کان ڪٽيل، ڌار ۽ الڳ ٿي بيٺل سوال رھيو آهي. قومي وسيلن جي ڦرلٽ زمينن جي کسجڻ حقِ حاڪميت يا قومي خودمختياري يا ثقافتي ۽ لساني تشخص کان محرومي جيڪڏهن پنهنجي زرعي بدحاليءَ ۾ ڏسجي يا قومي غلاميءَ کي زرعي بدحاليءَ سان ملائي تجزيو ڪجي ۽ ان جو تاريخي طرح ڇيد ڪجي ان کي سمجھجي ته ٻنھي سوالن ۾ ھڪ قسم جي يڪسانيت نظر ايندي. ٻنھي سوالن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعلق ۽ ڳانڍاپي کي ڏسي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. ان ٻه طرفي ڳانڍاپي کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي يا ان کي اڻ لاڳاپيل سوال سمجهي، عوامي ۽ مقبول سياست جي ڏندڪٿا جو شڪار بڻائي ڇڏجي. تنهن ڪري، قومي آزاديءَ ۾ زرعي سوال کي يا زرعي سوال ۾ قومي آزاديءَ کي ملائي ڏسڻ گهرجي. ان ڳانڍاپي ذريعي بدحاليءَ کي قومي آزاديءَ سان جوڙي، صاف ۽ شفاف بيان ڪرڻ گهرجي. ايئن زرعي پسماندگيءَ ۽ قومي آزاديءَ جي حقن واري ھلچل کي داخلي توازن ڏيئي پاڻ ۾ ان جي اهم يڪسانيت، نوعيت، ڦرلٽ جبر ۽ استحصال جي شڪلين کي سمجهجي ۽ سياسي جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط ڪجي.
زرعي پسماندگي عالمي طور ھڪ مڃيل سوال ٿي اڀريل آهي ۽ سنڌ جي خاص حالتن ۾ نه رڳو ان جي طبقاتي ۽ سماجي اڻ برابري، صنفي اڻ برابري، وسيلن تي ڌاڙن جي شڪلين ۾، ماحولياتي تبديلين جي شڪل ۾ واضع ٿي اڀريو آھي پر زرعي ۽ قومي سوال پاڻ ۾ جڙيل آهن. ايئن زرعي سوال ۽ هاڻوڪي قومي آزاديءَ جي سوال ۾ اهو مرڪزي حيثيت رکي ٿو. وسيع آباديءَ جي غلاميءَ جي شڪلين کان نٽائي، ڪنهن به قسم جي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي نٿي سگهجي، هڪ اهڙي سماج ۾ جنهن ۾ اڪثريت، انهن غلامن جي زندگي گذاري رهي آهي قومي آزادي ڪنهن به صورت ۾ اتي ڪا معنيٰ نه ٿي رکي.
هر قومي سوال ۾ زرعي سوال مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ هاڻوڪن جديد سماجن جي اڏاوتن ۾ صنفي اڻ برابرين، پسماندگين، طبقاتي اڻ برابرين ۽ قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ علائقائي مظلوم قومن جي تعاون سان ڳنڍڻو پوندو. جيڪڏهن انهن ٻنهي سوالن کي رد ڪجي ته چالو هڪ هٽيءَ واري سرمائيدار لبرل معيشت جي عمل ۾ نه برابري ٿيندي نه وسيلن تي مالڪي وٺي سگهبي ۽ نه ئي طبقاتي استحصال کي شڪست ڏيئي سگهبي، انهيءَ ڪري زرعي سوال زنده آهي. قومي سوال دراصل ان زرعي سوال پسماندگيءَ، بدحاليءَ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جي هڪ اڳتي وڌيل شڪل آهي. ان کي عالمي سرمائي جي نظام، رياست جي شڪل ۾ پنهنجي سماج جي معاشي ۽ سياسي ڍانچي ۾ ٻنهي سوال وسيع عوام جي گذر سفر جي وسيلن سان لاڳاپيل سوال آهن ۽ ساڳئي طرح زرعي پسماندگين کي قومي حقن حاصل ڪرڻ کانسواءِ حل نه ٿو ڪري سگهجي.
زرعي سوال هرو ڀرو ڪو تاريخ ۾ جامد بيٺل يا ڪو فل اسٽاپ يا ڪو موڙ نه پر هر هڪ ڏاڪي تي مختلف شڪلين ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو. ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جا زرعي سوال يورپ اولهه، ڏکڻ ۽ ٻين خطن ۾ نون سوالن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. ايئن جيئن مغلن جي زماني جا زرعي ڍانچا (ذات - ورنا) انگريز جي زماني جي لينڊ ٽينيور سسٽم (جاگيرداري- زمينداري- روتواڙي) نظام کان مختلف هئا. هينئر ملڪ ۾ زرعي لاڙن جي ڪهڙي نوعيت طبقاتي ۽ سماجي جوڙجڪ درجا بندين، ڦرلٽ جي شڪلين، قومي وسيلن جي تباهي ۽ ڦرلٽ جي نوعيت ٻي آھي. سياسي سوال واضح آھي ته پنهنجي سماج جون استحصالي شڪليون معاشي حوالي کان ڪهڙي اهميت واريون آهن، جنهن ۾ اسان جا وسيلا اسان جي پنهنجي ضابطي هيٺ ناهن. اسان جي قومي حقن کان مسلسل انڪار ڪيو ويندو رھيو آهي. لڳاتار پٺتي پيل جابر حڪومتن يا ان جي پاڻ ۾ استحصال ڪرڻ وارن طبقن جي مدد سان هڪ وڏي آباديءَ کي پوئتي رکيو پيو وڃي.
معاشيات ئي سياست جي زبان آهي ۽ ايئن رياستي جبر ڦرلٽ طبقاتي اڻ برابريون ۽ سرمائيداراڻي ڦرلٽ جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هي ڏکيو وقت آهي، جنهن ۾ زرعي سوال کي، سياسي ۽ سماجي رخن کان سنجيده وٺي ڪري قومي ۽ زرعي سوال جي حل لاءِ سياسي رخ جو تعين ڪري بين الاقوامي سرمائيداريءَ جي استحصال کان پنهنجي جند آزاد ڪرائجي. اهڙي طريقي سان قومي جبر جي سمورين شڪلين استحصال جي سمورين شڪلين، جنسي اڻ برابرين، ماحولياتي تبديلين ۽ علائقائي بيهڪ کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي سماجي رشتن کي سمجهي ۽ سياسي معنى ڏيئي سياسي عمل کي وڌائجي. بين الاقوامي طور هي سمورا لقاءَ مختلف ڏاڪن تي اسان لاءِ نوان چئلينجز کڻي آيا آهن. پنهنجي قومي سوال آزاديءَ جي تحريڪن ۽ عوامي تحريڪن کي سياسي عمل ۾ عالمي سطح تي سمجهي، پنهنجي لوڪل گهرجن آهر گهڻ طرفي سياسي خود مختياري ۽ هڪ هٽيءَ واري عالمي لبرل سرمائيداريءَ کان نجات ڏيارڻ جي اولين منزل جو تعين ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي سرمائي ماحولياتي ۽ انساني تباهي آندي آهي، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي آهي ۽ قومي تحريڪن کي رورس گيئر ان ڪري آهي جو سندن تحريڪون سماجي عمل ڦرلٽ جي نظام ۽ وسيع عوامي گهرجن جي حاصلات کان ٻاهر، ڪٽيل ۽ خلا ۾ بيٺل آهن. قومي تحريڪون ڪوڙين اليڪشنن، آئيني ڍانچن ۽ رياست جي جبر کي صرف سادي ثقافتي ۽ لساني تشخص جي بنيادن سان کٽي نٿو سگهجي.
هينئر چئلينجز خاصيتي نوعيت جا آهن هينئر قومي آزاديءَ جون تحريڪون رياستي جبر مان جان ڇڏائڻ واريون آهن، توڻي جو ڪجهه لاڙا علحدگيءَ وارا به آهن. پر پنهنجي حاصل ڪيل نالي ماتر جمهوري حق ۽ حقِ حاڪميت، يا اڻ هوند واري قومي خود مختياري ثقافتي سڃاڻپ ۽ ان جي بچاءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ئي اهم قومي سوال آهي. اهڙو قومي سوال ان کان به اڳتي اچي عورتن جي اڻ برابريءَ پسماندگيءَ رياست جي جبر وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زرعي جديديت سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. ايئن زرعي ۽ طبقاتي سوال ۾ جڙيل ڌرين کي به هڪ طرفي سوچ مان ٻاهر نڪري فڪري تسلسل ۽ گرامر کي سمجهي روايتي زرعي سوال کان اڳتي نڪري ڦرلٽ، ۽ استحصال جي عمل ۾ پورهيت جي مزدور ٺهڻ جي آسري ۾ هارين جي تباهي ۽ ان جي کيڙڻ جي حق ۽ زمين جي مالڪي مڃي تبديليءَ لاءِ ڪوشش ڪجي.
دنيا جي ڪيترن انقلابين مائو، لينن ڪيبرال ڪاسترو اهڙن سوالن کي عالمي تناظر ۾ ڏسي، سمجهي ۽ پوءِ قومي آزاديءَ جو رستو ورتو ۽ ان سڄي عمل کي فطري طرح سمجهي کنيو. انهن مٿين نقطن کي سمجهي سمورن اڳوڻن فڪرن ۾ زرعي سياسي، سماجي ۽ معاشي پهلو اڳ ۾ ئي هئا.
انگريزن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن هارين جي معاشي ۽ سماجي غلاميءَ کي برقرار رکيو. قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آهي، اسان جا حقِ حاڪميت ۽ قومي خود مختياري ثقافتي ۽ لساني تشخص داءَ تي لڳل آهن.
عالمي سرمايو پسماندگيءَ ۽ غير رسمي معيشت کي وڌائي هارين جو فطري خاتمو ڪري ٿو ۽ صدين جي غلاميءَ کي وڌائي ٿو. ان سموري وحشانيت کي سرمائي جي انبار ۽ استحصال کي فڪري طور ۽ عملي طور جاري رکيو ويو آهي سرمايو هڪ عنصر آهي. جيڪو رياست ۽ سرمائي جي مرڪز جي ڳٺ جوڙ ۽ مقامي سرمائيدار ۽ ڦورو طبقن جي مدد سان هڪ وبا ۽ ڄور بڻجي عوام جي زندگين ۽ پورهئي جو رت چوس نظام بڻجي چڪو آهي. ان جي مقابلي ۾ پورهيت طبقا ۽ خاص ڪري هاري طبقا جن لاءِ مارڪس چيو هو ته، “هاري پٽاٽن جي هڪ ٻوري آهن.” اُهي نظام جي استحصال جا ماريل آهن “ڀاڙيا” آهن. انقلابي حالتن ۾ هاري انقلاب دشمن ۽ تحريڪن ۾ ڪمزوري ۽ نااميدي نظر ايندي آهي، پر هو گهر ڌڻي آهن اڳوڻين ۽ نين بيٺڪيتن ۽ رياستن جا نوان غلام آهن، سندن پيداواري طريقا پوئتي پيل آهن .سرمائي جي عمل کين نپوڙي رکيو آهي. اهڙي سوچ هينئر ان کي سياسي متبادل ٺاهڻ، عالمي سرمائيدار خلاف ويڙهه ۾ کين گهٽ ۽ نيچ ظاهر ڪرڻ، ان وقت جي حالتن جو شعوري عمل هو. پر تاريخ ۾ اسان ڏٺو ته غريب ۽ امير هارين پنهنجي سماجي استحصال ۽ درجابندين کي سمجهي واضح ڪيو. پنهنجي دشمن جي سڃاڻپ ڪئي، سياسي پروگرام ترتيب ڏنا شهرن ڳوٺن ۾ ۽ پيرس جهڙن شهرن ۾ انقلاب آندا، چين، روس، ويٽنام، ڪوريا ۾ آسمانن کي للڪاريو ۽ ايئن هارين پنهنجي تنظيم ڪاري ڪري قومي نجات لاءِ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قومي خود مختياريءَ کي هڪ عظيم جذبو قرار ڏنو، پنهنجي سياسي چالن، حڪمت عملين سياسي طريقن ۾ تبديليون آنديون، سماجي درجابندين کي واضح ڪيو ان کي وقت جي بنيادي سوالن سان ڳنڍيو ۽ ايئن قومي عوامي انقلاب آندا.
ايئن پنهنجن طبقن جي گهربل سڃاڻپ ڪري، طبقاتي ڪردار جو تعين ڪري، کين متحد ڪري، دشمن جي صحيح سڃاڻپ ڪري، ڦورو طبقن، غاصب طبقن ۽ ڀاڙيتو طبقن، جن جو تعلق سامراجي طاقتن تي آهي. انهن جي واضح سڃاڻپ ڪجي. ايئن طبقن ۽ حاڪم طبقن جي خيالن کان بالاتر ٿي رواجي ۽ چالو سياست جي ابتڙ سماجي عمل کي سمجهڻو پوندو. پنهنجي وچين طبقي جي موقعي پرستي ۽ عوام دوست ڪردار کي واضح ڪري، هارين، پورهيتن، مزدورن ۽ استحصال جي سمورين گڏيل شڪلين کي سمجهي، نيم پورهيت، آبادگار، ڀاڙيتو ڪلاس ۽ ان ۾ گهربل انقلابي طاقت کي واضح ڪري، نظرياتي طرح اڳتي وڌيل طبقن سان ملائي، قومي ۽ عوامي تبديلي انقلاب لاءِ تيار ڪجي. قومي تحريڪن جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو سڄو دارومدار سرمائي جي گردش ۽ ان جي انبار ۽ استحصال ۽ ان جي متاثرين کي صحيح معنى ۾ منظم ڪرڻ تي منحصر آهي. “سموريون طاقتون پيڙهيل طبقن وٽ هجن” جي اصول کي قائم ڪجي. تبديلي سياسي اڳواڻيءَ سان ايندي، نه ڪي معاشيات جي اصولن سان. سمورا طبقا ۽ خاص ڪري هارين کي گهربل تبديليءَ لاءِ نه رڳو عمل ۾ آڻجي، پر فڪري طور به کين پختو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل طبقا اُهي آهن، انهن کي وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه. هي اهوئي طبقو آهي جيڪو ٻين قسمن جي قبائلي، سرداري، ذات پات، برادرين، وسوسن، تشدد، وهم ۽ سمورين براين جي هوندي جڏهن پنهنجي طاقت کي تبديليءَ ۽ انقلاب لاءِ وقف ڪندو ته پوءِ نجات ممڪن آهي. ايئن قومي آزاديءَ جو عمل به پاڻ کي مستقبل جو هڪ ٻيو انسان ٺاهڻ هوندو، جيڪو پنهنجي تاريخي حقن جي ڦرلٽ، لساني امتياز، مذهبي ۽ قومي ڦرلٽ جي سمورين شڪلين کي آئيني نظر ۽ فڪر ۾ ڏسندو. تنهنڪري اهڙي جدوجهد، فڪري جدوجهد هوندي، جيڪا سياسي ۽ معاشي خودمختياريءَ ۾ لڪيل آهي. اها فڪري ويڙهه چالن ۽ حڪمت عملين ۾ سياسي طرح عالمگيريت، ماضي ۽ مستقبل جي وڌندڙ سماجي چرپرن، هلچلن ۽ سماجي بيگانگيءَ مان ڦٽي نڪري مزاحمت لاءِ هيٺئين طبقي جي هارين، آبادگارن، وچولي طبقن جي قومي ڪردار کي اجاري، جنسي اڻ برابريءَ جو خاتمو ڪندي، ماحوليات ۽ وسيلن جي تحفظ تي ٻڌل ۽ ان ئي جوڙجڪ ۾ سرمائي جي استحصال، سرمائي جي انبار کي عام مزاحمت ۾ تبديل ڪري تبديليون آڻيندي. تنهن ڪري ڪا به قومي تحريڪ زرعي سوال کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهي ۽ ان زرعي سوال کي، جنهن ۾ قوم جي وسيع هاري اڪثريت ننڌڻڪي ٿيل هجي. هاري وڏي طاقت آهن، عوامي طاقت آهن، ترقيءَ ۽ انقلاب لاءِ انهن کي اسان جهڙن خطن ۾ اڃان صحيح نموني تحرڪ ۾ نه آندو ويو آهي. ان جي گهربل ڪردار ۽ ڪمزورين تي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جو زمين سان جڙيل هاري ۽ زرعي سوال، غير رسمي پورهئي، زمين کسجڻ، غربت/ شهري ۽ غير شهري حالت، رسمي ۽ غير رسمي پورهئي، قومي ۽ عوامي هلچلن ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. انهن کي جديد سماجن جو حصو سمجهي، طاقت ۾ بدلائي، ايندڙ بحرانن لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هو ايندڙ زمانن ۾ آزاد، خودمختيار، جمهوري، برابري، پائيدار ترقين ۽ قومي نجات جي جدوجهد ۾ شامل ڪجي، کين گهربل سياسي جڳهه ڏيئي سجاڳي پيدا ڪرڻي پوندي، کين تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. اها ذميواري سمورين سياسي قوتن تي لاڳو ٿئي ٿي.