زرعي بدحاليءَ کي صنعتڪاريءَ ذريعي حل ڪرڻ جون فڪري ڏند ڪٿائون
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس مارچ 2021 ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ ڪووڊ ۱۹ جي خطري ڪري دنيا جا لکين ماڻهو بک مرڻ جي خطري ھيٺ آھن جيڪي فوري ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ انتهائي بک ۽ موت جي ڪناري تي پهچندا. کاڌ خوراڪ جو مستقبل ۾ اهڙو تحفظ عالمي تنظيمون، ادارا ۽ حڪومتون مهيا ڪري سگهنديون به يا نه؟ ان ڏس ۾ حڪومتون ڪيتري حد تائين سنجيده آهن؟ حڪمران ان ڏس ۾ ڇا سوچين ٿا ۽ جيڪڏهن سوچين ٿا ته پوءِ نه سوچڻ جا امڪاني نتيجا ڪهڙا ھوندا؟ حڪمران گهربل تحفظ کان با خبر به آهن سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو اهڙن سوالن ڏانهن ڪهڙو رويو آھي. عام راءِ – سوچ ان ڏس ۾ ڪھڙي آهي. ڀلا حڪمرانن ڪڏهن ايئن سوچيو هجي يا سوچڻ شروع ڪيو هجي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي آباديءَ جي وسيع اڪثريت انھن جي رهڻي ڪهڻي روزگار ۽ باقي آباديءَ جي کاڌ خوراڪ جي رسد جو دارومدار جيڪو زراعت تي آهي. جيڪڏهن سڀاڻي زراعت گهڻ طرفين سماجي، ماحولياتي توانائي جي تبديلين ۽ معاشي بحرانن جي ور چڙھي وڃي ته اهڙن بحرانن جو حڪمرانن وٽ حل ڪهڙو آهي. تيزيءَ سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديليون، توانائيءَ جون وڌنڌڙ گھرجون، کاڌ خوراڪ جو تحفظ، ۽ معاشي خوشحاليءَ جهڙا اهم سوال آهن، اھڙن سوالن جا مناسب جواب ڪهڙا آهن؟
فطرت جي تباهي، آباديءَ جو دٻاءُ گرمي پد جو وڌڻ زرعي عملن جو پوئتي پيل ھجڻ زهريلن مادن جو وڌنڌڙ استعمال نقصانڪار ڀاڻ جو وسيع استعمال وغيره، زراعت سان لاڳاپيل اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي تبديليون اسان سان گڏ سموري انسان ذات جي وسيع اڪثريت کي هڪ ڊگهي عرصي ۾ ڪٿي وڃي بيهارينديون. اهڙيون تبديليون هاڪاري آهن يا ناڪاري .ترقيءَ جا چالو ماڊل ۽ فڪر ان ڏس ۾ ڪهڙي رهنمائي ڪن ٿا. ان سوال کان قطع نظر ته ڪنهن متبادل لاءِ سوچجي. ترقين جي چالو ماڊلن مان جيڪڏھن ڪجھه هاڪاري نتيجن جي اميد نه آھي يا ان جي مقابلي ۾ متبادلن تي ڇو نه سوچجي، ٻيو آسان حل آهي ته ان سوال کان ئي ڪن لاٽار ڪجي. چالو معاشي ماڊلن، فڪرن ۽ سوچن، قانونن ۽ قاعدن جي روايتي پوئيواري پابندي ۽ تقليد ڪندي ڏند ڪٿائون گهڙجن روايتي ۽ صدين کان جامد سوچ ۽ فڪر جي مڪمل پوئيواري ڪجي بي فڪر ٿي آرام سان ويهي رھجي ۽ مستقبل جي باري ۾ مفروضا مغالطا ۽ خوشفهميون جوڙجن. پنهنجي ملڪ ۾ زرعي سوال اهڙو ئي ھڪ مغالطو آهي جنهن سان ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون جڙيل آهن.
مثلن ھڪ ڏندڪٿا ھي آھي ته زرعي بدحاليءَ کي صنعت ڪاريءَ ذريعي حل ڪجي. ان ڏس ۾ سٺ جي ڏهاڪي ۾ زراعت - صنعت جو ٻٽو ماڊل پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو ويو. ان ماڊل جي فڪر ۾ معيشت ٻن شعبن (زراعت ۽ صنعت) تي ٻڌل ھئي، زراعت غير رسمي شعبو ھو، جنهن ۾ اضافي پورهيت ۽ پوئتي پيل شعبو ۽ اجرتن ۽ زندگيءَ جو معيار گهٽ ۽ پيداواري صلاحيت به گهٽ ھئي. صنعت ڪاريءَ جي ذريعي سيڙپ ڪاري ڪري زراعت مان اضافي پورهيتن کي صنعت ڪاريءَ ۾ لڳائي، رسمي پورهئي، زرعي اجرت کان ٿوري وڌيڪ اجرت ڏيئي صنعت ڪاريءَ ۾ لڳائي ۽ صنعت ڪاريءَ مان اضافي پيداوار حاصل ڪري منافعو ڪمائي، وري ٻيهر سيڙپڪاري ڪري پيداوار ۽ روزگار ۾ واڌارو ڪبو ۽ ائين زراعت ۽ صنعت جي گڏيل تعلق سان ترقي حاصل ڪرڻي ھئي، تيستائين، جيسين وڃي زراعت مان اضافي پورهيتن جو خاتمو ٿئي. اهڙو ماڊل 1960ع ۾ زرعي انقلاب جي نالي ۾ نئين صنعتڪاري، نيون زرعي جنسون ٻج ڀاڻ ۽ قرض متعارف ڪرائي منصوبابنديءَ سان شروع ڪئي ويئي. جنهن سان زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ زبردست اضافو ٿيو، صنعتڪاريءَ به زبردست منافعو ڪمايو پر اهڙو منافعو ٻيهر سيڙپڪاريءَ ۾ استعمال نه ٿيو. امير ماڻهن دولت گڏ ڪئي ۽ ٻيو ته صنعتي ۽ زرعي ترقي ٻاھرين قرضن جي ذريعي ٿي. سرمايو اندريون نه هو ان جا نتيجا گهڻي ڀاڱي اڻ برابرين جي شڪلين ۾ واضح نظر اچڻ لڳا، نه مڪمل صنعتڪاري ٿي نه روزگار وڌيو نه زراعت مان بدحالي ۽ بک ختم ٿي ۽ نه وسيع خوشحالي آئي. امير ماڻهن ٻيهر سيڙپڪاري نه ڪئي ٻئي طرف ملڪ قرضي ٿي ويو.
مٿين ۽ اهڙن فڪرن ۽ خيالن جو واسطو ۽ پس منظر يورپ ۽ اتان جي زرعي سماجن ۽ اڀرجندڙ جديديت ۽ صنعتي ترقيءَ سان هو. اتان جي سرمائيداراڻي ترقيءَ کي پنهنجي مخالف طاقتن جي ڀيٽ ۾ بيٺڪيت جي ملڪن ۾ واپار ۽ تجارت لاءِ صنعتڪاري ڪرڻي هئي. يورپ جي اهڙي صنعتڪاريءَ جا بنياد بيٺڪيتن جي خام مال غلامن جي واپار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جي بنيادن تي بيٺل ھئا، صنعتڪاريءَ لاءِ خام مال غلامن جي واپار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ان وقت جي يورپ لاءِ وقت جا رائج سڪا هئا. اهڙي صنعتڪاريءَ جا بنياد نسل پرستيءَ تي ٻڌل هئا.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته يورپ جي صنعتڪاريءَ ڪهڙي به غير انساني هئي، پر پنھنجي جوھر ۾ انساني ترقيءَ لاءِ تمام اهم هئي، ڇاڪاڻ ته ترقيءَ جي عمل ۾ عوام دشمنيءَ فوجي طاقت جي استعمال ۽ سمورن انساني اصولن جي ابتڙ سماج جو جاگيرداريءَ کان صنعتڪاريءَ ڏانهن سفر شروع ٿيو. سماج جي مجموعي سرمائيداراڻي اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ زراعت جي اهڙي ترقيءَ ذريعي جاگيرداريءَ جي هڪ هٽين کي هٽائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، اهڙي عمل ۾ ظاهر آهي ته زراعت ۽ لاڳاپيل هاري متاثر پئي ٿيا. ان مان ٻين نون تضادن جنم ورتو ته صنعتڪاريءَ جي عمل ۾ متاثر ٿيندڙ هارين ۽ انهن جي وڃايل زمين حقِ خوداراديت جمهوريت برابريءَ جا حق ۽ ٻيا ڪيترائي پائيدار ترقيءَ سان لاڳاپيل مسئلا ۽ تضاد هئا. ايئن اوائلي سوچ ته ڪو زراعت صنعتڪاريءَ لاءِ بنيادي، ڪارگر ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ان جي برعڪس ٻيا مسئلا پڻ پيدا ڪري ٿي، اهڙي روايتي سوچ جو خاتمو ٿيو.
پاڪستان ۾ پنهنجي نالي ماتر صنعتي ترقيءَ جي باوجود اڃا تائين ان جي زرعي شعبي ۾ سڀ کان وڏو غير رسمي زرعي نظام موجود آهي. جنھن ۾ کاڌ خوراڪ روزگار ۽ ٻيا پائيداريءَ جا مسئلا حاوي آهن. رڳو صنعتڪاري ڪرڻ سان بي زميني بي حسي پسماندگي زمين تي رسائيءَ جو حق، برابري ۽ سماجي انصاف ڏيڻ جا بنيادي مسئلا ختم نه ٿي سگهندا ۽ نه ئي زراعت موسمي تبديليءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي ۽ نه ئي روايتي زرعي عمل وڌندڙ آباديءَ لاءِ خوراڪ مهيا ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته زرعي سوال جو سڌو سنئون واسطو وسيلن تي اختيارن جو آهي. جمهوري حق، برابريءَ ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ شموليت سان ڳنڍيل آهن. زرعي سوال هارين ۽ انهن جي طبقاتي ۽ سماجي حيثيت يا انهن جي پيداواري عمل ۾ شروعاتي ميڙي - ڦرلٽ جي مسئلن سان جڙيل هو، هارين ۾ شروعاتي ميڙي ڦرلٽ معاشي حالتن ۽ زرعي عملن ۽ سماجي بدحاليءَ سان جڙيل هو.
زرعي سوال ۾ زرعي بدحالي هڪ سماجي بيماري هئي، جنهن جو علاج صرف “صنعتڪاريءَ” سان ممڪن هو. ايئن زراعت - صنعتڪاري اهڙي ٻٽي بيماري جو علاج طور ڏندڪٿائن جو حصو بڻي.
روايتي انقلابي فڪري ڌارائن اهڙين زرعي بدحالين کي سياسي، سماجي ۽ معاشي رخن کان جڏهن جاچڻ شروع ڪيو ته سمورن فڪرن ۾ هڪ فڪري يڪسانيت هئي ته زرعي بدحاليءَ کي سرمائيداريءَ يا سوشلسٽ فڪر ۾ صنعتڪاريءَ ذريعي منهن ڏيئي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايئن فڪري طور سڄي دنيا جي معاشي ماهرن زرعي سوال کي هڪ روايتي نظريو سمجهي، کيس “صنعتڪاري” جو سوال قرار ڏنو. اهڙي ئي سوال دراصل وقت جي چالو سياست ۽ معيشت جي ڌارائن مختلف قسم جي صنعتڪاريءَ سان ڳنڍيو. سوشلسٽن پڻ اهو سوچيو ته زرعي بدحالي ۽ پسماندگيءَ کي صرف صنعتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي.
اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ سياسي ۽ نظرياتي لاهن چاڙهن جي ڪري زرعي سوال _ صنعتڪاري کان اڳتي وڌي ويجهي نه سگهيو. ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ زرعي بدحالي - صنعتڪاريءَ واري سوال وري ٻيهر ڪَـرُ کنيو ھو. ان ۾ مورڳو يڪسر نوان انقلابي لاڙا پيدا ٿيا، جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن اهڙي (بدحالي - صنعتڪاري) کي فني صلاحيت عام ۽ سادو معاشي عمل قرار ڏيئي معيشتدانن ۽ عالمي ادارن پاليسي سازن سياستدانن ۽ معاشي ماهرن جي حوالي ڪري ان کي هڪ ڏند ڪٿا بڻائي ڇڏيو، جنهن جو علاج صرف ئي صرف صنعتڪاري آهي. بدحاليءَ کي مورڳو تربيت يافته زرعي معاشي ماهرن ۽ رٿابنديءَ جي ماهرن حوالي ڪري ڇڏجي.
سرد جنگ جي زماني ۾ اهڙي سوچ جي نتيجي ۾ هڪ نئين علم جنم ورتو. جنهن کي اڄڪلهه “ترقيءَ جي معاشيات” سڏجي ٿو. ڊبليو.ڊبليو روستوِ جي نظريي مطابق زرعي ترقيءَ کي ڏاڪي به ڏاڪي وڌائي ترقي ڪري سگهجي ٿي ۽ آرٿر ليوز جي نظريي مطابق معيشت ۾ ٻٽن (زرعي- صنعتي) شعبن ۾ رسمي ۽ غير رسمي اضافو پورهيت کي زراعت جي نسبت وڌيڪ اجرتون ڏيئي صنعت ۾ ضم ڪري اضافي پورهيتن جو زمين ۾ خاتمو ڪجي. هي اهو زمانو هو جڏهن دقيانوسي جاگيرداري سماج ۽ ان جون سامراجي حڪومتون غير يورپي ملڪن تي بيٺڪيتن جي شڪل ۾ تسلط قائم ڪيو ويٺيون ھيون.
زرعي سوال انقلابي فڪر هيٺ زميني سڌارن ۾ اڳڀرائي نه هئڻ جي ڪري غالب جاگيردار ۽ بيٺڪي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڦرلٽ کان بچڻ لاءِ سندن وٽ واحد رستو، متبادل طور هاري انقلاب جو رستو وڃي بچيو هو. هي اهو وقت هو جڏهن چيني انقلاب اڃان نه آيو هو ۽ يورپي فڪر اتان جي سياسي معاشي، فلسفي ۽ جمهوريت جي سوالن ۾ گم هو.
ٽئين دنيا ۾ هارين جي جدوجهدن، بدحاليءَ واري سوال ۽ عمل کي سامراجي ڦرلٽ، جبر، استحصال ۽ بدحاليءَ جي عمل کي صنعتڪاريءَ سان ملائي حڪمت عمليءَ تحت مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيو. ايئن ان حاصلات جو مقصد هو ته سامراجي بالادستيءَ کان آزادي ماڻڻ ۽ قومي آزادي حاصل ڪري زمين ۽ بدحاليءَ سان جڙيل سڀ رڪاوٽون، جهڙوڪ: زمين تي جاگيردارن جي هڪ هٽي ختم ڪري، سياسي، معاشي ۽ فڪري طاقت سان هارين ۾ تحرڪ آڻي، انهن ۾ قومي آزاديءَ جي تڙپ پيدا ڪري، انهن جي انقلابي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو وٺي انهن کي قومي ويڙهه جي ڌارا ۾ شامل ڪجي. ايئن بدحاليءَ جي ٻنهي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فڪرن ۽ ان تي انقلابي فڪر، سوچ ۽ مزاحمتي تحريڪن، بيٺڪي حڪمرانن خلاف ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ زبردست عوام دوست قومي تحريڪن جنم ورتو. روس جنگِ عظيم ۾ فاتح ٿي اڀريو ۽ چيني زرعي قومي انقلاب پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳو ۽ فڪري طور اولهه ۽ ڏکڻ ۾ زرعي سوال تي فڪري خال واضح ٿيندو ويو.
هاڻوڪي وقت ۾ زرعي سوال ۾ ته اڃان ساڳي يورپي سوچ حاوي آهي. ان سوچ ۾ زرعي ۽ روايتي بدحاليءَ جو حل صنعتڪاري آهي ان ۾ اڃان تائين بدلجندڙ حالتن ۾ نئون فڪر داخل ئي نه ٿيو آهي. زرعي سوال کي اڃان لبرل معيشتن جي ماڊلن، سرمائي، منڊين جي بيهڪ ۾ تجزيو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته زرعي سوال ڏکڻ، اسان جھڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ بنهه مختلف نوعيت جو آهي.
لبرل معيشت ۾ زمين کسجڻ غير رسمي معيشتن جو وڌڻ معاشي اڻ برابري غربتن، زرعي سوال ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي. ايئن هاري تحريڪون زميني ۽ زرعي سڌارن کان اڳتي لبرل معيشت جي ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف جدوجهد ڪن ٿيون.
زرعي سوالن تي هينئر تحقيقون به يونيورسٽين ۾ ناپيد آهن. تحقيقون به عالمي اين.جي.اوز سرڪاري ۽ ڊونر ايجنسين جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت، رضامندين، حڪمت عملين ۽ اولهه ۽ لبرل معيشت جي فڪر هيٺ سکڻ ۽ تربيت جي شڪلين ۾ واضح نموني جڙيل آهن.
ان سڄي فڪري عمل ۾ هارين ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن ۽ انهن جي مزاحمت ۽ مشڪل وقت ۾ ڪو اوهي واهي ڪونهي ۽ ايئن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ “هاري دانشور” ملندو نه ته وڃي ٿيا ست خير! زرعي سوال حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ معاشي ۽ زرعي بدحالي پاڻ هڪ وڏو مرڪزي معاشي سوال بڻيل آهي ۽ پاڻ جهڙن پوئتي پيل علائقن ۽ ملڪن ۾ موجود وسيع هاري ۽ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، ايڏي وڏي آباديءَ کي ۽ ان جي صلاحيتن کي ٻنجو ڏيئي، کيس پورهئي جو استحصال جاري رکڻ آهي ۽ صدين جي غلاميءَ کي جاري رکڻ برابر آهي.