جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿيڻ گھرجي!
ھينئر گھڻن جو خيال آھي ته جاگيرداريون قانوني بادشاھن جي پروانن ۽ فرمانن يا لکتن يا ڪي ٻين شڪلين ۾ موجود نه آھن. ٻين جو خيال آھي ته حڪمران طبقن جي خاصيتي، سياسي-اختياري طاقتن، ظلم، جبر، پورھئي جي استحصال، وسيلن جي مالڪيءَ ۽ خاص طور زمين جي نجي ملڪيت جي مختلف شڪلين ۾ جاگيرداري سماج اڄ به سڄي ملڪ ۾ مختلف شڪلين ۾ موجود آھي. ڀل کڻي ڪن جاگيردارن کي علائقا عطا ڪيل ڀلي نه ھجن پر انتظاميه ۽ رياستي ادارن ۾ پھچ، سياسي طاقتن ۾ پنھنجن علائقن جا بي تاج بادشاهه بڻيل آھن. ڪيترن وٽ پنھنجون ذاتي ڪيٽيون، ميمبريون، وزارتون، مشيريون، بنگلا، مال ملڪيتون، واٺن جا لشڪر ۽ بيرحم وڏيرڪي طاقت ۽ ڏھڪاءَ ڦھلائڻ جي طاقت رکن ٿا. خانداني دٻدٻي، پيري مريديءَ، ذات پات، ڌن دولت يا قبائلي سردارين جي واضع شڪلين ۽ خاصيتن ۾ اڄ به جاگيرداري سماجي ڍانچو موجود آھي. اھا به حقيقت آھي ته پيداواري رشتا ۽ طريقا پوئتي پيل نيم قبائلي نيم جاگيرداراڻا نيم سرمائيداراڻا آھن. بين الاقوامي منڊين سان ڳانڍاپي ۾ اضافو، ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ اجرتي پورھئي ۾ واڌارو آيو آهي پر پيداواري رشتا ملڪيتي نظام اڃان به جاگيرداراڻو آهي. جاگيردار طبقا رياست جا اعلانيل وفادار ۽ سھولتڪار بڻيل آھن سندن آقا وري سامراجي قوتن جي طابع آهن. غلامين جون ھڙئي شڪليون ھن خطي جي مختلف سطحن ۽ شڪلين ۾ اڄ به موجود آھن. جاگيردارن وٽ اڄ به لاتعداد ھاري، غير رسمي پورھيت، نوڪر چاڪر، ڀلا ڍڳا، سٺا گهوڙا ۽ مينهون، پاليل ڌاڙيل، پسند جا سرڪاري عملدار ۽ واٺن جا لشڪر آهن. رياستي مشينري سندن طابع آهي ڏيکاءَ دٻدٻو ۽ قيمتي گاڏيون کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ جا شاهه خرچ، بيڪار جنسي شغل ۽ مشغلا عام آھن. ڪوڙو ڏيک ۽ نماءُ، واندن جا لشڪر ھر شھر ۾ پينافليڪس، سندن ڪرشمن جا گيت ڳائيندڙ ٽولا سنڌ جي ھر شھر ۾ ملندا. سنڌ جو هي بيڪار استحصالي طبقو نمبر ون موقع پرست، ويڪائو اسٽيبلشمينٽ ۽ دھشتگردن جو سھولتڪار طبقو آھي. مجال آھي جو قومي غلامي، وسيلن جي ڦرلٽ تي ڪڏھن نالي ماتر عوام سان گڏ بيھي، وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۾ حاتم طائيءَ جھڙو سخي، ھر قومي مسئلي تي موقعي پرستي! سنڌ جي ھڙني سماجي ۽ معاشي خرابين جو ذميوار نمبر ون آهي. غدارين جون جيڪي خاص خاصيتون ھن طبقي کي انگريزن عطا ڪيون سي وقت سان نه بدليون آھن ۽ نه بدلبيون. هن طبقي مان قومي غيرت ۽ چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. ڪن ماڻهن کي شايد ان مان عوامي جمھوريت، ڌرمي سوشلزم يا قومي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪا اميد ھجي. اها اميد رکڻ به اجائي آهي ان جا مفاد عوام جي مفادن جي ابتڙ آهن، عوام سان ان جو ڪو واسطو ئي ناهي، پاڻ کي عوامي نمائندو سڏائبو پر پيدائشي وفاداريون سهولتڪاريون ۽ نمڪ حلاليون حڪمران طبقن سان جڙيل رکبيون.
اھڙا جاگيرداري لقاءَ عام لقاءَ نه ھوندا آھن پر ان ۾ استحصال ۽ غلاميءَ جي شڪل عام لقاءُ ھوندي آھي. ھارين ۽ ڪاريگرن جي پيداوار تي ھنن سميت ٻين طبقن جو گذارو هوندو آھي. مختلف علائقن ۾ استحصال ۽ غلاميءَ جا مختلف لاڙا ۽ خصوصيتون ٿي سگھن ٿيون، زمين جي ورھاست - ملڪيت ۽ پيداوار مختلف ٿي سگھي ٿي. امير ۽ غريب ھارين وچ ۾ فرق، کيڙڻ جا طريقا، زمين جي پيداواري صلاحيت، اپت ۽ ان فرق ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. پر استحصال، ڪنٽرول ۽ منافعو اھم عنصر ھجن ٿا، زمين ۽ زراعت فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري ھارين کي مختلف جوڙجڪن ۾ بيھاري ٿي. ھاري گھڻو ڪري پيٽ گذر جيترو پيدا ڪن ٿا. ان کان قطع نظر ته اھي زراعت کان ٻاھر غير رسمي پورھيو به ڪن ٿا يا منڊين تائين کين رسائي آھي ھڪ وڏي طبقي ۽ کيڙيندڙن جو ھجڻ جاگيرداري سماج جي اھم خصوصيتن ۾ آھي مٿيون طبقو اضافي پيداوار جي شڪل ۾ بغير پورھئي جي معاشي استحصال ڪندڙ ھوندو آھي. زمين ۽ پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول ان جو ھوندو آھي. قبائلي سماجن جون جوڙجڪون به طبقاتي ۽ عام لقاءُ ھونديون آھن پيداواري عمل پيسٽرول يا چراگاهن يا ڪن حالتن ۾ زراعت چوپائي ڌڻ پالڻ تي ٻڌل ھوندو آھي. زراعت جي وڌڻ ۽ صنعتڪاري عملن ۽ ھڪ جڳھن تي سيٽل ٿي رھڻ جي نتيجي ۾ خانه بدوش لاڏائون قبيلن ۽ سردارن پوکي ۽ زراعت مان اضافي پيداوار حاصل ڪري قبائلي سماج جوڙي ڇڏيا آھن. سردارن جو ان پيداواري عملن منجھان ڦٽي نڪرڻ عام نتيجو آھي. رشتن ناتن ۾ جڙيل سماج قبائلي شڪل وٺندا آھن، اھڙن سماجن ۾ پيداواري عمل سھڪاري ۽ پورھئي جي ورھاست برابر مادراڻي ۽ پدراڻي رشتن ھيٺ جڙيل ھوندي آھي. شاديون مرادون، مال ملڪيتون، ورھاستون مختلف ٿي سگھن ٿيون پر سماجي لقاءَ ھڪجھڙا عام طبقاتي ھوندا آھن. اهڙا نظام ظاھر آھي ڪي آفاقي يا آسماني نه آھن جن کي تبديل نه ڪري سگھجي. پيداواري رشتا ۽ طريقا سياسي عمل جي طابع ھوندا آھن. ان کي پرامن يا جمهوري طريقن سان تبديل ڪرڻ شايد ممڪن نه ھجي ڇاڪاڻ ته نظامتي ڪنٽرول انهن ساڳين طبقن جي اختيار هيٺ ھوندو آهي، طبقاتي رياستي ڍانچو جڏھن بيٺل ئي نجي ملڪيت تي آھي، هن ڪم لاءِ چالو سياسي عمل شايد مناسب نه ھجي.
عوام اھڙي غير انساني نظامن جي خاتمي لاءِ صدين کان جدوجهد ڪندو رھيو آھي. تاريخ ۾ اهڙا مثال آهن چارآگسٽ 1789ع جي رات پيرس جي قومي اسيمبليءَ ۾ ھارين، غلامن ۽ قيدين عوام دوست نمائندن سان ملي ڪري اعلان ڪيو. “جيڪي به ماڻھو جاگيردارن جي ذاتي غلاميءَ ۾ آھن انھن کي آزاد ڪجي ٿو.” ائين فرانس جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو. چين1949ع ۾لکين ھارين جي قربانين عيوض ٿوري عرصي ۾ جاگيرداريءَ جو خاتمو انقلاب ذريعي ڪيو. زمينون واپس وٺي گڏيل ملڪيت ۾ آڻي سماجي برابريءَ جي شروعات ڪئي. چينين سمجھيو ته پرامن زميني سڌارن ذريعي ھارين کي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏيارڻ اڻ ٿيڻي ڳالھه آھي. زمينن تان زبردستي جاگيردارن کي بيدخل ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آھي. زمين منڊين جي جنس بدران ھينئر قومي وسيلو ۽ عوامي ملڪيت آھي ائين چينين اسي ڪروڙ ماڻھن کي غربت، بک بدحاليءَ ۽ پسماندگيءَ مان نجات ڏياري آھي. اوڀر بنگال ۾ ھارين جدوجھد سان 1940ع جي لينڊ ريفارمز ڪميشن زمينداريءَ جي نظام جو خاتمو ڪيو. 1951ع ۾ جيڪي کيڙيندڙ ھئا تن کي سڌي مالڪي ملي ويئي. 1967ع ۾ زمينون ڏھه لک ھارين ۾ ورھائي ھارين جي زندگيءَ جي معيارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ساڳين بنگالي سياسي اڳواڻن 1970ع جي چونڊن ۾ باقي پاڪستان ۾ زميني سڌارا آڻڻ جو واعدو ڪيو هو. انهن کي 1971ع ۾ اولهه پاڪستان جي زميندارن ۽ سالارن سياسي اقتدار ۾ حصو ڏيڻ کان محروم رکيو. نئين ملڪ بنگال ۾ ھاڻي جاگيردار نه آهن ھاري استحصال کان آزاد آھن. ھندستان جي رياست ڪيرالا ۾ پڻ ھاري استحصال کان آزاد ٿيا اولھه ويٽنام انقلاب کانپوءِ سڌارا آڻي چاليهه لک ھارين سميت اسي لک ماڻھن جو ڀلو ڪيو. زمين جي ورھاست، تبديلي، ليز ۽ مقاطعي جي قانون ۾ تبديلي آڻي ڇڏي، ويٽنام چانور ايڪسپورٽ ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويوآھي. روس ۾ 1905ع کان وٺي 1917ع جي سڌارن جي نتيجي ۾ زمينن جو ڪنٽرول رياست جي گڏيل ملڪيت ۾ ڏيئي زمين جي نجي ملڪيت ختم ڪري ان جي وڪري، ليز ۽ مقاطعي تي پابندي ھڻي زمين کي پورھيتن جي ڪنٽرول ۾ڏئي کيڙڻ لاءِ مھيا ڪري ڏني ۽ روسي ھاري آزاد ٿي ويا.
مختلف ملڪن ۾ جاگيرداري نظامن جو خاتمو نظامن خلاف سياسي مزاحمتن سان ٿيو آھي، مزاحمت متاثر طبقن طبقاتي شعور سان طئي ڪري پاڻ کي منظم ڪيو ھو. طبقاتي شعور في الحال، پنھنجي خطي ۾ ڪمزور آهي پر تاريخ اهو ثابت ڪري ٿي ته نظامن ۾ تبديلي ۽ مزاحمت ھروڀرو حادثاتي واقعا نه پر هڪ شعوري عمل ھوندا آهن، هن خطي ۾ اھڙا شعوري عمل ڪڏھن ٿيندا، اھو سوال ان ڏينھن ئي حل ٿي ويندو جڏھن حاڪم ۽ محڪوم طبقن جي وچ ۾ فرق جي لڪير واضع ٿي ويندي.