زرعي شعبي جي ترقي ۽ لبرل معاشي پاليسيون
زرعي زمين ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ هڪ اهم پيداواري اثاثو ھجي ٿو. توڙي جو ان جي نسبتي اهميت، پيداواري صلاحيت، آباديءَ جي دٻاءَ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گهٽجندي وڃي ٿي پر پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ ۾ مٿين طبقن لاءِ اڄ به طاقت ۽ سماجي حيثيت جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ اڃان به زمين ئي آهي. ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ زمين رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سماجي ڍانچي جو مرڪز آهي، ڇاڪاڻ ته زمين ئي تاريخي طرح ورهاستي ۽ نوان پيداواري قدر پيدا ڪري ٿي. زمين جو ٽڪر عام ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ نه رڳو جسماني، مالياتي ۽ غذائي خوراڪ جو تحفظ، پر اجرت جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. زمين جي مالڪي ئي ڳوٺاڻي آباديءَ جي گهر اندر ۽ سماج ۾ حيثيت جو تعين ۽ سياسي طاقت جو اظهار ڪري ٿي. انساني قدر، صحت، فن ۽ هنرن ۾ واڌ، غذائي تحفظ، مالي قدر، آمدنين، قرضن، ڍور ڍڳن جو سڌو اڻسڌو واسطو ۽ ناتو زمين سان جڙيل آھي. سماجي قدر، پيداواري رشتا، ڍڪڻ لاءِ ڇت، گهر گهاٽ ۽ ٻيا انيڪ سماجي ۽ معاشي ڍانچا، سياسي اظهار، آواز ۽ طاقت جو نالو زمين آهي. زمين رڳو مارڪيٽ ۾ رزق مهيا ڪرڻ جو ذريعو نه پر ساڳئي وقت ان جي قدر يا پيداوار کي طاقتور طبقن وٽ گروي رکي غريب آبادگارن لاءِ قرض وغيره حاصل ڪرڻ جو ذريعو پڻ زمين آهي.
زمين جي غير منصفاڻي ورهاست اڻ برابري پيدا ڪري، پيداواري رشتن ۾ اڪثريت کي ھوند ۽ اڻ ھوند تبديل ڪري، ڪڙمي ۽ غير رسمي پورھيت بڻائي ٿي. معاشي سطح تي عدم مساوات آڻي، معاشي ترقيءَ کي متاثر ڪري، ملڪي عدم استحڪام جو سبب بڻجي، پيداواري صلاحيت ۾ گھٽتائي آڻي ٿي. اڻ سڌيءَ طرح عدم مساوات، زندگيءَ جي معيارن، تعليم ۽ صحت تي ذاتي خرچن کي گھٽائي ٿي. پيداواري طريقن ۽ اڻ برابر پيداواري رشتن جي ڪري سماجي ۽ اخلاقي حدن کان وانجهيل، ظلم، جبر ۽ ڦرلٽ تي قائم ڪيل ھڪ دقيانوسي مدي خارج غير انساني بيٺڪي معاشي نظام مڙھيل آھي جنھن کي تبديل ٿيڻ گھرجي .
صدين کان پراڻو روايتي کيڙيءَ - هارپي واري نظام، وڌندڙ آباديءَ جي دٻاءَ ۽ فني ترقين کان بي نياز جھڙن ٻين عنصرن جي دٻاءَ جو شڪار آھي. روزگار جي محدود صلاحيت، آمدنين ۽ جنسن جي قيمتن ۾ جمود، ڳوٺاڻي آباديءَ جي عزت ۽ وقار واري زندگي گذارڻ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي. ھينئر، ان ۾ ايتري طاقت نه رھي آهي جو خوراڪ جون ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. اضافي سرمايو ڪمائي يا اضافي بچتون ڪري، پاڻ کي هڪ وڏي زرعي صنعتڪاريءَ لاءِ تيار ڪري سگهي. پر ان جي ابتڙ زمين جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ پورھئي جي استحصال مان زمين تان غائب مالڪن - جاگيردار طبقن کي دولت مند بڻائي ڇڏيو آھي. نتيجي ۾ پيسجندڙ طبقن جي هڪ وڏي اڪثريت عام رواجي، سڪل ۽ ٺوٺ ٿيل غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
رڳو ٻه ڏهايون اڳ، ساڳيو شعبو ملڪي پيداوار جو ڇويھه سيڪڙو ۽ ستر سيڪڙو آباديءَ لاءِ گذر سفر جو وسيلو، اڌ پورهيت آباديءَ لاءِ پورهيو، ملڪي برآمدات سٺ سيڪڙو ۽ اهم قيمتي ناڻي ڪمائڻ جو وڏو ذريعو هو. اھو شعبو هينئر ملڪي پيداوار جي صرف ارڙهن سيڪڙو، روزگار ۾ ٽيتاليھه سيڪڙو ۽ گذر سفر ۾ اڌ آباديءَ جو وڏو ذريعو آهي. دنيا جي بهترين آبپاشي نظام سان گڏ کير، مکڻ، گوشت، فروٽ، ڀاڄيون، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه پيدا ڪرڻ جو ھينئر به سڀ کان وڏو ذريعو آهي. پنهنجي پيداواري صلاحيت ۽ وسيلن جي استعمال ۾ پوئتي پيل، آھي ئي انڪري جو وسيلن، خاص ڪري، زمين ۽ آبپاشي نظام جي استعمال ۽ مالڪيءَ تي قبضو ۽ ڪنٽرول ان طبقي جو آهي، جيڪو انگريزن جي زماني کان وٺي زمين ۽ وسيلن جو مالڪ ۽ زميني سڌارن جو سخت مخالف آهي. اھو طبقو ڄاڻي ٿو ته زمين کي کيڙيندڙن ۾ ورهائڻ سان سندس طاقت، دولت ۽ استحصالي عمل جو خاتمو ٿيندو. انھيءَ ڪري ھن طبقي زميني سڌارن کي ڄاڻي واڻي ناڪام ڪيو آھي. ان طبقي جو زمين جي پيداواري صلاحيت سان نه ڪو سڌو واسطو آهي، نه ئي هو زمين تي پورھيو ڪري ٿو. جيڪو پورھيو ڪري ٿو ان کي اھا خبر آھي ته سندس پيداواري صلاحيت سان ھو جيڪو ڪجهه به پيدا ڪندو زميندار يا مالڪ سو سڀ بٽئيءَ جي نالي ۾ کڻي ويندو ۽ ھو پنهنجي جائز پورھئي کان به محروم ٿي ويندو. غير منصفاڻي ورهاست ۽ بٽئيءَ جو نظام اڻبرابريون پيدا ڪرڻ جي اھم جڙ آھي.
سنڌ ۾2000ع جي انگن اکرن مطابق اوڻانوي سيڪڙو آباديءَ وٽ صرف ٽيتاليھه سيڪڙو زمين آهي ۽ ستٽيھه ڏھائي پنج سيڪڙو زرعي ۽ غير زرعي زمين هڪ ئي نَوَ سيڪڙو طبقي وٽ آهي. سنڌ ۾ ٽوٽل ڇاھتر لک ايڪڙن مان چاليھه سيڪڙو زرعي پوکيءَ لائق زمين ايڪويھه ڏھائي چار سيڪڙو کان ستاويھه ڏھائي ست سيڪڙو ملڪي زرعي پيداوار ۾ حصو ڏئي ٿي. سٺ سيڪڙو هاري بٽئي جي نظام حصيداريءَ تي ڪم ڪن ٿا. اوڻھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي بي زمين آھي کين زمين يا وسيلن تي ڪا پهچ نه اٿن ٻائيتاليھه سيڪڙو آباديءَ وٽ زمين هڪ ايڪڙ يا ان کان به گهٽ آهي. زرعي شعبي سان لاڳاپيل آباديءَ جي اڌ آمدني زراعت کان ٻاهر غير رسمي پورھئي مان اچي ٿي. جياپي جي عمل ۾ هاري هڪ حڪمت عمليءَ هيٺ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گهربل کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ کان به قاصر آهي سندن زندگيون غير انساني ۽ ڏکوئيندڙ آهن. زراعت ھينئر ملڪي خوراڪ جون ضرورتون به پيدا ڪرڻ جي قابل به نه رھي آهي. ملڪ، کنڊ، داليون ۽ گيهه ٻاهران گهرائڻ تي مجبور ۽ خوراڪ ۾ صافي در آمدي بڻجي چڪو آهي.
اھڙي حالت ۾ زرعي پاليسين جو رخ عوام جي خوشحالي، پيداوار ۾ اضافو زرعي - صنعتي ترقيءَ ڏانھن ھجڻ گھرجي. پر جڏھن پاليسيون زرعي زمين کي قومي وسيلي بدران مارڪيٽ ۽ منڊين ۾ جنس ۽ وکر بڻائينديون، کاڌي پيتي جي شين ۽ خوراڪ کي واپار لاءِ کليل منڊين حوالي ڪري ڇڏينديون ۽ ان کي نفعي جو ذريعو ٺاھي ڇڏينديون ته نتيجو مختلف نه ٿيندو. زرعي واپار لاءِ غير منصفاڻيون رڪاوٽون ريگيوليٽري سسٽم هڪ قسم جي سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچن کي تبديل ڪري، سماج کي ان نقطي تي بيهاري ڇڏيو آهي، جتي بازار جي تعلق کي رياستي ڪردار کان بالاتر ڪري، شخصي لالچ ۽ فيصلاسازيءَ جي نظر ڪري ڇڏيو آهي. معاشي پاليسين جو انڌو عقيدو منڊين تي آھي ته منڊيون عام ماڻهن کي سهولتون ۽ مهارتون ڏيئي هر شيءِ پيدا ڪري ڏينديون. ساڳي وقت سياست، سماج ۽ معيشت جا بنياد مضبوط ڪنديون، پر ان لبرل معاشي انتظام عقيدي کي نظرياتي هٿيار بڻائي طبقاتي طاقت کي وري ٻيهر مضبوط ڪيو آهي. معاشي ترقيءَ جي عمل کي منڊين جي لالچ ۽ منافعي خوريءَ جي آسري ڇڏي ڏنو آهي. مارڪسي دانشور اھڙي معاشي انتظام کي سرمائيدار طبقن جو طبقاتي منصوبو سڏين ٿا.
پاڪستان ۾ ٽن ڏهاڪن کان جاري مارڪيٽ سڌارن، منافعي خوريءَ جي منصوبن ۽ صنعتي نجڪارين هڪ قسم جا پيداواري رشتا جوڙي، ناهمواريون پيدا ڪيون آهن، جن زمان ۽ مڪان کان بالاتر ٿي، زمين ۽ قومي وسيلن سان جڙيل رشتن ۾ بي پناهه تبديليون آنديون آهن. هڪ نئين قسم جا پورهيت ۽ عمل پيدا ڪيا آهن، جنهن ۾ نوَن ڪردارن ۽ اجرتن شڪل ورتي آهي. هاڻي نئين قسم جي بي زمينيءَ جنم ورتو آهي، جن ۾ آبادگارن کي بي دخل ڪرڻ، وسيلن کي سرمائيدار جي هٿن ۾ منافعي لاءِ ڏيڻ ۽ هڪ قسم جو وسيلن کان خالي غير رسمي پورهيت طبقو پيدا ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو پنهنجي پورهئي ۽ گذر سفر لاءِ منڊين جي آسري پورھيا ڪري ٿو. هارين کي وسيلن کان محروم ڪري، سرمائي جي ميڙي ۽ استحصال ان عمل جو تسلسل جاري رکيو آھي، جنھن ۾ پسماندگين، ناھموارين ۽ غربتن کي جنم وٺڻو آھي. توڻي جو سرمائي جي گردش ۽ عمل ۾ اجرتي مزدور جي مقابلي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جاءِ والاري، ان نوَن پورهيتن کي “انساني وسيلو” سمجهي استعمال ڪيو آھي. ڪڻڪ، ڪپھه، چانور، ڪمند، ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينرين ۽ قرضن کي منڊين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. سرمائي جي قانون ۾ ظاهر آهي، ميڙي ۽ استحصال کي وڌڻو ئي تڏهن آهي، جڏهن پورهئي کي پيداواري وسيلن کان الڳ ڪري نه بيهارجي. ان نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اڻ برابرين ۽ مختلف خطن ۾ سماجي طبقن تي ناڪاري اثر وڌا آهن، بي زمينيءَ غير رسمي پورهيت طبقن ۽ زرعي استحصالن، منافعي خوريءَ ۽ صنفي اڻبرابرين منهن ڪڍيا آهن. سياسي طرح زمين کي سرمائيدار ۽ غير مقامي ادارن حوالي ڪري سياسي طبقن ڄڻ ته برابري، مساوات ۽ عوام جي مسئلن تان اڻ اعلاڻيل هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ هڪ وسيع ۽ عام غربت آهي، ھر سَوَ منجھان ستٽيھه ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. زرعي شعبي ۾ غربت جي صورتحال اڃان وڌيڪ نازڪ آهي ائين مغلن جي زماني ۾ نه هو. زمين ڳوٺن جي گڏيل ملڪيت ھئي، زمين تي ذاتي ملڪيت جو نظام نه ھو، زمين مان بادشاهه صرف لينڊ ٽيڪس اوڳاڙيندا هئا پر کيڙڻ جا حق ڳوٺاڻي ملڪيت ۾ ھئا. غلامي ھئي پر غلام معاشرا خوراڪ ۾ خود ڪفيل ھئا، بيٺڪي راڄ لينڊ ٽينيور نظام متعارف ڪرائي ان مان آمدنيءَ جا ذريعا وڌائڻ ۽ انتظامي ماحول بڻائي لينڊ روينيو - بيوروڪريسي جو بنياد وڌو، جيڪو انگريز جو وفادار هو ۽ هينئر اھو حڪمران طبقن جو ساٿاري ۽ سھولتڪار طبقو آهي. ان وقت به هارين ۽ بي زمين عوام جي اهنجن ۽ معاشي مسئلن جو اظهار قومي جدوجهدن ۾ ٿيندو ھو. زرعي تبديلين لاءِ ان وقت جيڪا لياقت گهربل هئي، مٿين طبقي جي سياسي ڪردار ۽ جوهر ۾ نه هئي. بعد ۾ نالي ماتر زميني سڌارا آڻي، ڪجهه زمينون ته واپس ورتيون ويون، پر زراعت جي ڍانچي ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي. سياسي قوتِ اراديءَ جي کوٽ، عدالتن جي مداخلت يا مناسب انتظامي مشينري نه هئڻ جي نتيجي ۾ انهن سڌارن جو ھارين کي ڪو خاص فائدو نه پيو. ھينئر، بي زميني ۽ اڻهوند عام رجحان آهي وڏي اڪثريت وٽ نه قابل رسائي وسيلا ۽ عزت واري زندگي يا روزگار جو وسيلو ميسر ڪونھي، اڪثر غير رسمي پورھيا آهن ڳوٺاڻو سماجي ۽ معاشي ڍانچو پسماندگين جو شڪار آھي.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته زميني يا زرعي سڌارا سياسي عملن جو نتيجو هوندا آهن، هارين جون سياسي طاقتون ئي زميني سڌارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهم هلچلون هلائي اثر پيدا ڪري سگهن ٿيون. اميد آھي ته اڄ نه سڀاڻي هارين جون تنظيمون پاڻ کي منظم ڪري پنهنجي وڃايل سياسي جاءِ واپس وٺنديون، وقت ۽ معروضي حالتون ئي سندن قسمت جو تعين ڪنديون.
Daily kawish, October 14, 2021