تاريخ، فلسفو ۽ سياست

زرعي سوال

سنڌ بنيادي طرح ھڪ زرعي خطو آھي. هن ڪتاب ۾ زيرِ بحث موضوع، زرعي غلامي ڪٿان آئي؟ ۽ زمين جي مالڪي، اقتصادي ۽ سماجي عمل، زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ ۽ زرعي بدحالي جو حل صنعت ڪاري ۽ ٻيا اهڙا تہ اهم سوال آهن جيڪي زرعي (ايگريرين) سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آھي جنھن سان جاگيرداري نظام مان جند ڇٽڻ ۽ سماجي برابري جو معقول نظام آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪتاب جو مھاڳ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري لکيو آهي. اميد آهي تہ هي ڪتاب ”زرعي سوال“ سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. 

Title Cover of book زرعي سوال

زرعي سوال سماجي ترقيءَ جو قومي سوال آھي!

سرڪاري انگن اکرن مطابق زرعي شعبو مجموعي ملڪي پيداوار ۾ ساليانو اوڻويھه سيڪڙو حصو ڏئي ٿو. ملڪ جي ڪل پورھئي جو ٻائيتاليھه سيڪڙو روزگار ھن شعبي سان لاڳاپيل آهي. پرڏيهي واپار ۽ مٽاسٽا جي آمدنين جو سڀ کان وڏو ملڪي ذريعو زراعت آهي. غذائيت جي گھٽتائي، پسماندگي ۽ بدحالين هن شعبي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ايسيتائين جو پاڪستان خوراڪ درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪو آھي. روايتي زرعي پوکيءَ جا طريقا، گھڻ پاڻيءَ تي ڀاڙيندڙ فصلن، زمين تي مالڪيءَ جو نظام، هر شيءِ هاريءَ تي ڇڏڻ، زميندار ۽ وچولن طبقن جا منافعا، بي زميني، اڳ ئي آباديءَ کان وڌيڪ آباد شهرن ۾ غير رسمي پورھين مزدورن جي مسلسل آمد، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، جراثيم ڪش ۽ ڪيميائي دوائن جو وڏي پئماني تي استعمال زرعي شعبي کي تباهيءَ جي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي. غربت جي شرح شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ان شعبي ۾ ٻيڻي آهي. حڪومت کي ذخيرا ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن جي خبر ھوندي، ڀاڻ ٻاھران امپورٽ ڪرڻ تي مجبور آھي. ذخيرا اندوزي، ھٿرادو قلت يا بليڪ مارڪيٽنگ جي ھوندي، ڪا ڪارروائي نه ڪرڻ مارڪيٽن کي غير منصفاڻي طريقي سان قيمتون طئه ڪرڻ جي کليل اجازت ڏئي ڇڏڻ آھي. مارڪيٽ جي قوتن تي حد کان وڌيڪ انحصار مان زرعي معيشت ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ ظاھر آھي ناڪاري نتيجا نڪرڻا آھن .
زرعي ٻج، ڀاڻ، قرض، مشينري ۽ زرعي پورھيا يا پيداواري عمل ۽ زرعي جنسن جون قيمتون منڊين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ھونديون ته اھي طاقتورن کي فائدو ڏيئي ۽ ڪمزورن کي مارڪيٽن مان غائب ڪري ڇڏين ٿيون، مثلن زرعي زمين منڊين جو وکر بڻيل آھي. زرعي زمينن تي مالڪيءَ جو نظام غير منصفاڻو، اڻبراريءَ تي ٻڌل، اسلامي ۽ ڌرمي اصولن ۽ تعليماتن جي خلاف ۽ وسيع اڪثريتي ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ استحصالي آھي. زرعي زمين ھائوسنگ سوسائيٽين جي نشاني تي آھي اڪثر ڳوٺاڻي آبادي بي زمين ھاري، ايڪڙ ٻن جي مالڪ آبادگارن، اڌ بٽئي نظام ھيٺ ھارپو ڪندڙن ۽ غير رسمي پورھيتن تي مشتمل آھي زراعت ۾ ڇاھتر سيڪڙو پورھيو غير رسمي آھي. ڳوٺاڻي آباديءَ جي آمدنين جو اڌ حصو زراعت کان ٻاھر غير رسمي پورھئي ۽ چوپائي مال مان اچي ٿو. ملڪ جي ستھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي اڳ ئي بي زمين آھي. سن 2000ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ سٺ سيڪڙو زرعي زمين مٿين ڪجھه سيڪڙو آباديءَ وٽ آھي .ملڪ جو ستھٺ سيڪڙو زرعي پورھيو ڪندڙ اڪثريتي ڳوٺاڻي عورتن وٽ وسيلن تي مالڪي ۽ پھچ نه آھي. اڻاسي سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون اڄ به سنڌ ۾ اڻپڙهيل آھن. پسماندگي، بيروزگاري ۽ بدحالي ٻهراڙين ۾ عام آهي. انهن عملن اڪثريت کي وسيلن تائين پھچ کان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ زرعي زمين تي قائم نجي ملڪيت جو نظام، ھارپي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ سندن خاندانن وسيلن تي مالڪيءَ جي اڻھوند ۽ اڻ پھچ کين صدين کان غربتن ۽ اڻبرابرين جي حوالي ڪري بدحال ڪري ڇڏيو آھي. پورھيتن ۽ ھارين جي پيداواري عمل مان ڦٽي نڪتل غير منصفاڻو، غير انساني، استحصالي عمل پورھيو ڪندڙن بدران زمين جي مالڪن کي امير بڻائي اڻ ڪمايل پورھئي جي استحصال ۽ ميڙيءَ جو عمل پيداواري تعلقن مان جڙي راس ٿئي ٿو. زرعي پورھئي مان اضافي دولت جنم وٺي زمين جي مالڪن جي ھٿن ۾ جمع ٿئي ٿي اھڙي ميڙيءَ جو عمل ان پيداواري تعلق جو نتيجو آھي. جنھن پيداوار ۾ حصيدار اھو آھي جنھن پورھيو ڪيو ئي نه آھي پر زمين جو مالڪ ھئڻ جي ناتي پورھيو نه ڪندڙ حصيدار بڻيل آھي. زرعي زمين جي نجي ملڪيت سنجيده مسئلو آھي، پيداواري عمل مان بغير پورھئي جي حصو حاصل ڪرڻ استحصال جي ھڪ شڪل آھي منڊين ذريعي زرعي ملڪيت جي ڏيتي ليتي، ھارين کي بي زمين ۽ وسيلن کان محروم ڪرڻ، کين غير رسمي پورھيتن ۾ تبديل ڪرڻ استحصال جي ٻي شڪل آھي. زرعي سوال ٻنھي شڪلين ۾ ھڪ ٻئي تي دارو مدار رکندڙ سوال آھي. پھريون زمين تي مالڪيءَ جو سوال آھي، ھارين جي پورھئي ۽ استحصال سان جڙيل سوال آھي.
تاريخي طور پسمانده سماجن ۾ زرعي سوال کي جاگيرداري - نيم جاگيرداري يا ھاري زراعت کان صنعتي پيداوار ڏانھن عمل جو سوال سمجھيو ويو ھو. زراعت کي صنعتي بڻائي، ٽيڪنالاجين ۽ مشينن ذريعي صنعتي زراعت ۾ تبديل ڪرڻ ھو. سماجي معني ۾ جديد زراعت مان ھارين کي صنعتي مزدورن ۾ تبديل ڪري اجرتي مزدور بڻائڻ ۽ زرعي اضافي منافعي مان صنعتي ترقي ڪرائڻ ھو. ائين ھارين جي پيداوار مان ابتدائي نوعيت جي منافعي ۽ استحصال جو بنياد وجهي زرعي ترقي ڪري سگھجي. اھڙي عمل جي نتيجي ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ زرعي پيداوار پوئتي پيل ملڪن جي ڀيٽ ۾ 1940ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل هڪ ڏهائي ڏهه جي سيڪڙو سان ھئي جيڪا زرعي پيداوار ھينئر ساڳي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي ٻه هزار جي فرق تي پھتل آھي. جنھن جو مطلب آھي ته ترقي يافته ملڪن ۽ پوئتي پيل ملڪن جي پيداواري ترقيءَ ۾ گھڻي اڻ برابري ۽ تفريق آھي. زراعت جي پيداواري اڻ برابري صنعتي ۽ خدمتن جي پيداوار جي مقابلي گھڻي اڻ برابر آھي ان ارتقا جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو زرعي پيداوار جون نسبتي قيمتون صنعتي ۽ خدمتن جي مقابلي اڳ جي مقابلي ۾ پنجوڻيون گھٽيون آھن. اڻ برابر زرعي ترقي غير ھموار ترقيءَ جو نتيجو آھي، ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته جديد ترقين ۾ تخليقي ۽ تعميري عنصر ھوندا آھن، جنھن ۾ سرمائيڪاريءَ ۾ اضافو ۽ ڦھلاءَ جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل صلاحيت ۾ اضافو، پر نقصانڪار عنصر پڻ ھوندا آھن. پورھئي جي شڪلين ۾ تبديلي، بازارين ۽ منڊين جو وکر ڪري ٺاھڻ، ماحوليات جي تباهي، غير ضروري شين جي پيداوار ۽ ان جي نتيجي ۾ زندگيون پيدا ڪندڙ فطرتن جون تباھيون ۽ عالمي ليول تي سياسي پيچيدگيون پيدا ڪرڻ وغيره .جديديتون ھڪ طرف ھڪڙن گروھن ۽ فردن کي مارڪيٽن سان جوڙي روزگار جا بي پناھه موقعا ميسر ڪري ڏين ٿيون ۽ ٻين لاءِ وري پراڻن نظامن ۾ موجود موقعا به ضايع ڪري، خودڪفيل پورھيتن مان بدلائي کين اجرتي پورھيت بڻائي ڇڏين ٿيون.
سرمائيداراڻيون ترقيون عالمي منڊين سان ملي اھڙن عملن کي تيز ڪن ٿيون، جنھن ۾ ڪجھه گروھه بازارين جو حصو ٿين ٿا ۽ ٻيا پوئتي رھجي وڃن ٿا. ٽين دنيا جي ھارين جو مسئلو اھو آھي ته سرمائي جي ترقين ۽ منڊين جي ڦھلاءَ مان ڪجھه اقليت ته ان سان جڙي وڃي ٿي پر اڪثريت ان عمل مان خارج ٿي وڃي ٿي. تصور ڪيو ته ٽين دنيا ۾ زرعي ترقيون جيڪڏھن جديد منڊين ۽ سرمائيداراڻي طريقي سان ڪري پنج ڪروڙ جديد زرعي فارم ٺاھجن ۽ وڏيون زرخيز ۽ پيداواري زمينون عالمي سرمائيدار منڊين جي حوالي ڪيون وڃن ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ پيداوار، عالمي شھرن جي گھربل خوراڪ جي ضرورتن مطابق پيدا ڪيون وڃن جئين روايتي زراعت مھيا ڪري ڏئي ٿي. ان مان ڪجھه لکين ماڻھن جون زندگيون ته بهتر ٿي وينديون پر سوچجي ته پو باقي جيڪي غير صلاحيت بخش پورھيت ۽ اربين ھارين جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟
ڪنھن به سماج ۾ زرعي سوال رياست ۽ طاقت جي عام سوالن مان ھڪ اھم سوال آھي. حاڪم، طبقن جي جوڙجڪ، ساخت ۽ مفادن سان جڙيل سوال آھي. قومي مفادن پٺيان عام طور لڪيل طبقاتي مفاد قومي مفادن جو ڏيک ڏيندا آھن. زرعي سوال رياستي طاقت جي ڍانچي مان نڪتل سوال آھي ان جو حل به رياست جي ڍانچي کان ڌار ڪري ڏسي نٿو سگھجي. ملڪيت يافته طبقن جي جوڙجڪ جو نالو رياست آھي، رياست اھڙن کاٽائو طبقن جي مفادن کانسواءِ ڪجھه به ناھي. طاقت به انھن ساڳين طبقن وٽ آھي اھي ئي عالمي مالياتي ۽ تجارتي منڊين سان ملي ملڪ کي عالمي مالياتي ۽ تجارتي منڊين ذريعي سرمائيداراڻي ترقي جي راھه تي ھلائي رھيا آھن. فڪري طرح اھڙي جوڙجڪن ۽ طبقاتي مفادن جي نوعيت رياستي طاقت سان جڙيل آھن. طبقاتي حڪمراني قائم رکڻ ۾ ئي طبقاتي مفاد آھن، جنھن جي پورائيءَ ۾ بار بار بين الاقوامي اتحادين سان ڳٺ جوڙ ۽ اتحاد قائم ڪرڻ کي حڪمران طبقا ترجيح ڏيندا رھن ٿا. گھربل زرعي سڌارا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ڇو وٺندا؟ زرعي بحرانن کي حل ڪرڻ بجاءِ محدود طبقاتي مفادن ۽ اتحادن کي ترجيح ڏيڻ ۾ دلچسپي رکندا. رياستي طاقت اندر عوامي جھموريت جو مطالبو جيڪڏھن زور به وٺي وڃي ته به مٿين طبقن سان عوام جي ممڪن ھم آھنگي يا ڪا اھم پيش قدمي ممڪن به ھجي ته به مٿيان طبقا زرعي سوال لاءِ ساڳيو رياستي ڍانچو برقرار رکڻ سندن اوليتن ۾ ھوندو. عوام جي اڳي پوءِ چالو رياستي طاقت جي طبقاتي مفادن کي چيلينج کانسواءِ زرعي سوال جي حل جو ٻيو ڪو طريقو ناھي. طبقاتي مفاد رياستي طاقت ذريعي پنجھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آباديءَ تي سالن کان غالب آھي. زرعي سوال ان معني ۾ انڪري قومي سوال آھي جو وسيع اڪثريت جي زندگين جو دارومدار، سماجي اقتصادي زندگين جي شهه رڳ ۽ سياست ۾ سمايل آھي. عوامي جھموريت قائم ڪرڻ ۽ جديد ترقي پسند زرعي سماجي تبديلين ۽ زندگين کي معني لائق، لاڀائتو بڻائڻ لاءِ معيشت جي ترقي تيستائين ممڪن نه آھي جيستائين زرعي سوال کي حل نه ٿو ڪجي. زرعي سوال سماجي اقتصادي ساخت جي ڏاڪي تي سماجي ترقيءَ جو قومي سوال آھي. ظاھر آھي زرعي بحرانن کي معيشت جي ٻي بحرانن وانگر ڏسي نه ٿو سگهجي. سماجي واڌاري جو سوال زرعي سوال جي حل ۾ سمايل آھي سماجي ترقي ڪنھن ھڪ ھاريءَ يا ھڪ سياسي تنظيم جي ترقي نه آھي پر سڀ کان وڌيڪ اھم قومي سوال ۽ جھموري تبديلن سان جڙيل سوال آھي. زرعي سوال جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سطحي سوالن کان مٿي ملڪي معيشت ۽ ڳوٺاڻين آبادين جي زندگين جي پسمنظرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. زرعي ۽ ھاري سوال جو حل زرعي زمين تي قائم ملڪيت جي نظام ۾ تبديليون آڻي، زمينون ھارين کي کيڙڻ لاءِ ڏيڻ، پيداوار تي مارڪيٽ جو ڪنٽرول ۽ مارڪيٽن ۾ قيمتن تي ڪنٽرول جو خاتمو آڻڻ ۾ آھي. ڳوٺاڻين آبادين کي وسيلن تي پھچ ڏيڻ، عوامي جھموريت قائم ڪرڻ، سماجي ۽ معاشي زندگين کي بھتر ڪرڻ ۾ آھي. حڪمران طبقا پنھنجي روايتن ھٿان مجبور ٿي پنھنجي طبقاتي مفادن لاءِ پنهنجي وفاداري ۽ اتحاد ۽ عالمي طبقن سان قائم رکندا ايندا پر تاريخ هميشه معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ معروضي تبديلين جي نتيجن ۾ تبديل ٿيندي آھي.