ڪتاب جو نالو: اندر تون اجار
مصنف: امام غزالي / دين محمد اديب فيروز شاهي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڏاهپ / اخلاقيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 22 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 634 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 289 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • خراب عادتن کان پاڻ بچائڻ جي واٽ
  • گهڻو کائڻ ۽ ان جو حرص
  • گهڻي ڳالهائڻ جي سڌ ۽ اجايون ڳالهيون
  • ڪاوڙ
  • حسد
  • بخل ۽ مال جي محبت
  • شهرت ۽ وڏ ماڻهائپ جي تانگهه
  • تعريف جي لونجهه جو علاج
  • دنيا جي محبت
  • تڪبير
  • تڪبر جا سبب
  • خود پسندي
  • رياءُ
  • اخلاق جي سونهن ۽ ان ۾ نفس جو ڌوڪو
  • دل کي سٺين عادتن سان سينگارڻ
  • خدا خوفي
  • موت جو فڪر
  • نفس سان مناظرو ڪرڻ

  • ڇپائيندڙ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر 95

    نئون ڇاپو : 2016ع
    ڪتاب جو نالو : اندر تون اجار
    ليکڪ: حجة الاسلام امام غزالي
    سنڌيڪار: دين محمد اديب فيروزشاهي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: احمد برادرس پريس، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

    قيمت : 150/- رپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    “ANDAR TOON UJAAR”
    (Ethics)
    By: Imam Ghazali
    Translated by: Din Muhammad Adeeb Ferozshahi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ،
    ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اندر تون اُجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.

    اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.

    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد ميڻ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    امام غزالي اسلامي دنيا جو وڏو عالم، حڪيم ۽ فلسفي ليکيو وڃي ٿو، شريعت ۾ انسانن جي لاءِ جيڪي به قائدا ۽ قانون مقرر ٿيا آهن، امام غزالي انهن جي ضرورت، حڪمت ۽ اهميت تي تفصيلي بحث ڪيا آهن. هو انهن بحثن ۾ منطق ۽ استدلال کان فائدو وٺڻ جو پورو پورو ملڪو رکي پيو، انهيءَ ڪري اسلامي دنيا تصوف جي ميدان ۾ کانئس متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو به وڏو تعداد آهي.
    اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي. هن ٻڌايو آهي ته جيڪي عادتون ماڻهوءَ کي خواريءَ ۾ ڌڪن ٿيون تن کان پاڻ بچائڻ کان سواءِ ماڻهو جي مايا، عزت، منصب ۽ عهدا، ٽَڪي جا به نه آهن. ان ڪري پنهنجي دل کي سٺين عادتن سان سينگاري رکجي ته جيئن ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ سندرتا پيدا ٿئي ۽ ان طريقي سان ئي هو سماج ۾ مانَ ماريادا سان جيئي سگهجي ٿو. اسان ان ڪتاب جو خلاصو ڏيئي موجوده دور جي زوالجندڙ اخلاقي قدرن کي سگهارو بنائڻ لاءِ لاڀائتو مواد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اميد ته پڙهندڙن وٽ مقبوليت حاصل ڪندي.

    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي


    خراب عادتن کان پاڻ بچائڻ جي واٽ

    الله تعاليٰ فرمايو آهي، ته جنهن پنهنجيءَ دل کي پاڪ ڪيو، سو ئي ڇوٽڪاري وارو ٿيو، حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته “نفس جي پاڪائي اڌ ايمان آهي.” ڇو ته ايمان جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪ دل کي انهن پليدين کان پاڪ ڪرڻ، جيڪي خدا تعاليٰ کي ناپسند آهن، ۽ ٻيو دل کي انهن خوبين سان سينگارڻ، جيڪي الله پاڪ کي پسند ۽ پياريون آهن. گويا پليديءَ کان پاڪائي ڪرڻ ايمان جو هڪ ڀاڱو آهي. ۽ عبادت سان زينت ۽ جنسار ڪرڻ ان جو ٻيو ڀاڱو آهي. ان ڪري اول اهي اخلاق ذميمه (خراب عادتون) معلوم ڪرڻ گهرجن، جن کان دل کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. انهن جا به ڏهه اصول آهن جن مان هر هڪ جو جدا جدا بيان ڪيو ويندو.


    گهڻو کائڻ ۽ ان جو حرص

    گهڻو کائڻ ۽ پيٽ ڀرڻ جي هٻڇ يا هوس گهڻن گناهن جو بنياد آهي، ڇو ته ان سان جماع جي خواهش وڌي ٿي، جڏهن شهوت وڌي ٿي، تڏهن مال هٿ ڪرڻ جي خواهش ٿئي ٿي، ڇو ته شهوتون مال کان بنا پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. ان کان پوءِ وڏ ماڻهائپ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته وڏ ماڻهائپ کان سواءِ مال جو گڏ ٿيڻ ڏکيو ۽ مشڪل آهي. پوءِ جڏهن مال ۽ وڏ ماڻهائپ جي خواهش ٿيندي، تڏهن تڪبر (هٺ) رياءُ، حسد، (ساڙ) ڪينو يا دشمني ۽ ٻيون گهڻيون ئي آفتون اچي جمع ٿينديون، جيڪي دين جي برباديءَ لاءِ پورو سامان بڻجي پونديون. ان ڪري حديث شريف ۾ پيٽ خالي رکڻ جي گهڻي واکاڻ آئي آهي. حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمائن ٿا ته ماڻهوءَ کي ضرورت دفع ڪرڻ لاءِ ته ٻه ٽي لقمه (گرهه) ڪافي آهن، جن سان حياتي باقي رهي، ۽ چيلهه مضبوط رهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ کائڻ ضروري هجي، ته پيٽ جا ٽي ڀاڱا ڪرڻ گهرجن، هڪ ڀاڱو کاڌي لاءِ، هڪ ڀاڱو پاڻيءَ لاءِ ۽ هڪ ڀاڱو ساهه کڻڻ لاءِ خالي رکجي، بک ۾ ته گهڻا ئي فائدا آهن، مگر اسان انهن مان ڪجهه وڏا ذڪر ڪريون ٿا، جن کي اصول چوڻ گهرجي، ۽ آخرت جي سعادت جو حاصل ٿيڻ در حقيقت انهن تي موقوف آهي.

    پهريون: دل ۾ صفائي، ۽ دانائي ۾ روشني پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته پيٽ ڀرڻ سان طبيعت سست ۽ ڪند ٿئي ٿي ۽ دل جون اکيون انڌيون ٿين ٿيون. جڏهن ذڪاوت يا روشني هلي ويندي، تڏهن الاهي معرفت هرگز حاصل نه ٿيندي.

    ٻيو: دل نرم ٿئي ٿي، دعا ۽ مناجات ۾ مزو اچي ٿو، ڇو ته جڏهن هي توٻرو خالي هوندو، تڏهن پنهنجي مالڪ جي در تي سوال، التجا ۽ دعا ڪرڻ ۾ لطف ايندو. اهڙي طرح خوف ۽ عاجزي به پيدا ٿيندي، جيڪي معرفت جي حاصل ڪرڻ جون ڪنجيون آهن.

    ٽيون: سرڪش نفس ذليل ۽ مغلوب ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته جنهن وقت خدا جي دشمن جي هار ٿيندي ۽ غفلت جو دروازو بند ٿيندو، تنهن وقت خدا تعاليٰ جي طرف توجه ۽ ڌيان ٿيندو ۽ سعادت جو دروازو کلي پوندو. اهو ئي سبب آهي، ته جڏهن حضرت رسول ﷺ کي دنيا آڇي وئي، تڏهن پاڻ منظور نه فرمايائون، ۽ هيئن عرض ڪيائون ته “يا خدا! مان گهران ٿو، ته هڪ ڏينهن ڍؤ هجيم، ته شڪر ڪريان، ۽ هڪ ڏينهن بک هجيم ته صبر ڪريان.”

    چوٿون: آخرت جي مصيبتن ۽ عذاب جي تڪليفن جو دنيا ۾ به مزو چکڻ گهرجي، ته نفس ان جي ايذاءَ کان، خبردار ٿي، ڊڄي. ظاهر آهي ته بک کان وڌيڪ، ماڻهو پنهنجي نفس کي ٻيو عذاب نه ٿو ڏئي سگهي. ڇو ته بک جي لاءِ ڪنهن قسم جي تڪليف ۽ سامان گڏ ڪرڻ جي گهرج ڪانهي. جڏهن بک جي ڪري ماڻهو خدائي عذاب هر وقت ڏسندو رهندو. تڏهن خدا تعاليٰ جي بي فرماني جو ان کي خيال نه ٿيندو، ۽ گناهه جي ڪم تي ان کي جرئت نه ٿيندي.

    پنجون: بک سان سڀ شهوتون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون، ان ڪري ڪنهن خواهش جي پوري ڪرڻ جي سڌ نه ٿي رهي، ۽ دنيا جي محبت دل مان نڪري ٿي وڃي، حضرت ذوالنون مصري رحمة الله عليه فرمايو آهي: جڏهن به مون پيٽ ڀري کاڌو آهي، تڏهن ضرور مون کان ڪو نه ڪو گناهه صادر ٿي ويو آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ گناهه جو ارادو ته ضرور پيدا ٿيو آهي. بيبي عائشه صديقه $ فرمايو آهي: “حضرت رسول مقبول ﷺ کان پوءِ جيڪا پهرين بدعت، پيدا ٿي سا پيٽ ڀري کائڻ آهي.” جڏهن مسلمان پيٽ ڀري کائڻ لڳا، تڏهن سندن نفس کين دنيا جي طرف ڇڪي ويا.

    ڇهون: بک ۾ گهڻي ننڊ نه ٿي اچي، ۽ عبادت ڏکي نه ٿي لڳي، ڇو ته پيٽ ڀري کائڻ سان ننڊ جو غلبو ٿئي ٿو، ۽ ننڊ کان عمر به گهٽجي ٿي. ڇو ته اها خدا جي (1) عبادت ڪرڻ نه ٿي ڏئي. حضرت ابو سليمان دراني رحه فرمايو آهي، ته جن پيٽ ڀري کاڌو تن ۾ ڇهه عادتون پيدا ٿيون : (1) عبادت جو ميٺاج ۽ لذت هلي وئي. (2) حڪمت، فراست، ذڪاوت ۽ معرفت جي روشنيءَ جو حاصل ٿيڻ مشڪل ٿي پيو، (3) خدا جي مخلوق تي ٻاجهه ۽ قياس ڪرڻ کان بي نصيبي ٿي پئي، ڇو ته ڍاول ماڻهو سڀني کي پاڻ جهڙو ڍاول ۽ پيٽ ڀريل سمجهي ٿو. (4) معدو ڳورو ٿي پوي ٿو. (5) نفساني خواهشون وڌي ويون. (6) هيءَ حالت پيدا ٿي پئي ٿي، جو ٻيا مسلمان مسجد ۾ پيا ويندا، ته هي ضرورت جي جاءِ ۾ پيو ويندو.

    ستون: دنيا جا فڪر گهٽ ٿيندا، ۽ روزگار جي ڳڻتيءَ جي بار هلڪو ٿي ويندو، ڇو ته جڏهن بک سهڻ جي عادت پئجي ويندي، تڏهن ٿوريءَ دنيا تي قناعت ڪري سگهندو، ۽ پيٽ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ٻين کان قرض نه وٺندو. بلڪه پنهنجي نفس کان قرض گهرندو، يعني ان کي خالي رکندو. شيخ ابراهيم بن ادهم کي جڏهن چئبو هو ته فلاڻي شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، تڏهن هو فرمائيندو هو ته اها شيءِ ترڪ ڪريو، ۽ ان جي خواهش کي ڇڏي ان کي سستو بنايو. ان کان وڌيڪ سستي شيءِ ٻيو ڪيئن ٿي سگهندي، جو ان کي خريد ئي نه ڪجي.

    فصل: جڏهن ته ماڻهن کي پيٽ ڀري کائڻ جي عادت پئجي وئي آهي، ان ڪري ان عادت کي هڪدم ڇڏي ڏيڻ مشڪل ڳالهه آهي. تنهن ڪري مقرر خوراڪ مان روز مره هڪ لقمو گهٽائيندا رهو، ته مهيني ۾ هڪ ماني گهٽ ٿي ويندي، ۽ ڏکيائي به نه ٿيندي، جڏهن ان جي عادت ٿي وڃي، تڏهن مقدار، وقت ۽ جنس جي گهٽائڻ تي ڌيان ڏيو. ان ڪري رفته رفته، اعليٰ درجي تي پهچي ويندؤ. خوراڪ بابت ماڻهن جون طبيعتون ۽ حالتون جدا جدا نمونن جون آهن، انهيءَ ڪري سڀني جي لاءِ هڪ انداز مقرر ٿي نه ٿو سگهي. جيئن ته ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته بعضي ماڻهو سير جيترو کائن ٿا، ۽ بعضي ماڻهو پاءَ جيترو به کائي نه ٿا سگهن. ان ڪري هي عام قاعدو ياد رکو، ته جڏهن سچي اشتها پيدا ٿئي، تڏهن کاڌو کائو ۽ اڃا اشتها پوري ئي نه ٿئي، ته کاڌي مان هٿ ڪڍو. سچي بک جي نشاني هي آهي ته جهڙي به قسم جي ماني آڏو اچي وڃي ته ٻوڙ ۽ ڀاڄيءَ کان سواءِ ئي کائڻ جي خواهش ٿئي. ڇو ته جي خاص ڪڻڪ جي ماني ملڻ تي کائڻ جي خواهش ٿئي يا ٻوڙ کان سواءِ ماني کائڻ ڏکي لڳي ته سمجهو ته اها سچي بک نه آهي. بلڪه طبيعت کي لذت ۽ مزي وٺڻ جو اهڙو شوق آهي، جهڙو پيٽ ڀري کائڻ کان پوءِ ڦل يا ميوي جو ٿيندو آهي. ظاهر آهي ته هن حالت جو نالو بک نه آهي، بلڪه تفڪه ۽ تلذذ (ميوو کائڻ ۽ لذت وٺڻ) آهي. حضرت رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته: “منهنجي امت ۾ تمام بڇڙا اُهي ماڻهو آهن، جن جا بدن عمدين غذائن ۽ لذيذ طعامن سان پاليل آهن. اهڙن ماڻهن جون همتون، صرف طرح طرح جي طعامن ۽ قسم قسم جي پوشاڪن ۾ صرف ٿين ٿيون، اهي فقط وات ڦاڙي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ڪم ڪجهه به نه ٿا ڪن.”


    گهڻي ڳالهائڻ جي سڌ ۽ اجايون ڳالهيون

    هن کي بند ڪرڻ به تمام ضروري آهي، ڇو ته سڀني عضون جي حڪم جو اثر دل تي پوي ٿو. خاص ڪري زبان جو، جا دل جو قاصد آهي، جيڪو نقشو دل ۾ نڪري ٿو ۽ جنهن ڳالهه جو تصور يا ويچار دل ۾ اچي ٿو، ان جو اظهار زبان ئي ڪري ٿي. ياد رکو! ته جڏهن زبان ڪوڙي ٿئي ٿي، تڏهن دل ۾ به ڪوڙي صورت جي تصوير نڪري ٿي ۽ دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿئي ٿي. خصوصًا جڏهن ڪوڙ سان اجايون ۽ فضول ڳالهيون به شامل هجن، تڏهن ته دل بلڪل ڪاري ٿي وڃي ٿي، تان جو گهڻي ڳالهائڻ سببان دل مري وڃي ٿي ۽ منجهس خدائي معرفت حاصل ڪرڻ جي لياقت ڪانه رهي ٿي. ان ڪري حضرت رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته: “جيڪو ماڻهو پنهنجي زبان ۽ شرمگاه جو ضامن ٿيندو، ان لاءِ آءٌ بهشت جو ضامن ٿيندس.”
    حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “زبان جا ڪرتوت اڪثر ماڻهن کي اونڌي منهن ڀر دوزخ ۾ وجهندا.” ان ڪري زبان جي حفاظت يا سنڀال تمام ضروري آهي. مسلمان کي گهرجي ته جيڪڏهن زبان کي چوري ته خير ۽ چڱائي جي ڳالهه ڳالهائي، نه ته صبر ڪري، ڇو ته جڏهن زبان وڌيڪ هلڻ لڳي ٿي، تڏهن اجائي گفتگو وڌي وڃي ٿي. جڏهن اجائي گفتگو وڌندي، تڏهن خدا ڄاڻي الائي ڪهڙي سرحد تي وڃي پهچندي؟ حضرت ابوبڪر صديق رضه پنهنجي وات ۾ هڪ پٿري وجهي ڇڏيندو هو ته نفس خبردار رهي ۽ زبان ضرورت کان وڌيڪ گفتگو نه ڪري!
    فصل: زبان جي گناهن کان بچڻ واسطي هن آيت تي عمل ڪرڻ ڪافي آهي.
    ‘لَا خَیۡرَ فِیۡ کَثِیۡرٍ مِّنۡ نَّجۡوٰىہُمۡ.’ جنهنجو خلاصو ۽ مطلب هي آهي ته، فضول ۽ بي فائدي گفتگو نه ڪريو. صرف ضروري ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ تي ڪفايت ڪريو. انهيءَ ۾ ڇوٽڪارو آهي.
    حضرت انس فرمايو آهي ته، هڪ جنگ ۾، هڪ جوان شهيد ٿي پيو، جنگ کان پوءِ شهيدن جي نعشن ۾ ان جو نعش به مليو. ڏسڻ ۾ آيو ته ان جي پيٽ تي پٿر ٻڌل هئا. ٿوري دير کان پوءِ ان جي ماءُ آئي ۽ بک جي حالت ۾ خدا جي نالي تي ساهه ڏيندڙ، شهيد پٽ وٽ ويهي، ان جي وات مان مٽي صاف ڪيائين ۽ چيائين ته: “پٽ! تو کي بهشت مبارڪ هجي!” هي ٻڌي حضور رسول مقبول ﷺ فرمايو ته: “ڪهڙي خبر؟ ممڪن آهي ته بي فائدي ڳالهائڻ جو عادي هجي.” هن مان معلوم ٿيو، ته اجائي ڳالهائڻ جي عادت به بهشت ۾ وڃڻ کان مانع آهي. مسلمان کي اها ئي ڳالهه زبان مان ڪڍڻ گهرجي، جنهن مان ڪو ثواب حاصل ٿئي يا ڪو نقصان دفع ٿئي. جنهن ڳالهه کي زبان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ نه ڪو ثواب هجي، نڪي ڪو نقصان ئي دفع ٿئي، ته اها گفتگو عبث ۽ اجائي آهي. اهڙي ڪلام کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.
    جيتري دير فضول ڳالهين ۾ مشغول رهو ٿا، جيڪڏهن اهو وقت خدا جي ذڪر ۾ خرچ ٿئي، ته هوند اوهان لئه ڪيڏو نه نيڪين جو وڏو خزانو جمع ٿي پوي! پوءِ خزاني کي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي بجاءِ ڀتر ۽ پٿر گڏ ڪرڻ ڪهڙي سياڻپ آهي؟
    جي اجائي ڳالهائڻ کان وڌي وڃي، ڪوڙ ڳالهائڻ تائين نوبت پهتي ۽ زبان مان گلا ۽ گاريون ۽ بي حيائيءَ جون ڳالهيون نڪرڻ لڳيون، جن مان نفعي جي بجاءِ اٽلندو دين جو ضرر ۽ نقصان ٿيو، ته ان جو هي مثال آهي، ته وڏو خزانو ڇڏي، وڃي باهه جي آڙاهه ۾ پيو! الله تعاليٰ شل اهڙيءَ ردي حالت کان پناهه ڏئي!
    سڀ قصا، افسانا، آکاڻيون، ڪهاڻيون، سفر ناما، مختلف ملڪن جون تعريفون ۽ دنيا جي رهاڪن جي پوشاڪ، خوراڪ، طرز معاشرت ۽ تمدن جا بيان، واپار، حرفتن ۽ صنعتن جا احوال، اهي سڀ فضول ۽ عبث ڪلام ۾ داخل آهن، جن ۾ مشغول رهڻ مسلمان جي مقصود ۽ مٿينءَ آيت جي مراد کان بلڪل برخلاف آهي.
    فصل: زبان جون ويهه آفتون آهن، جڏهن ته هر هڪ جي تفصيل ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، انهي ڪري مختصر طرح هتي فقط انهن پنجن گناهن جو بيان ڪجي ٿو، جن ۾ گهڻا ماڻهو گرفتار آهن ۽ جن جي ڪري زبان ڄڻ ته پليدين سان هري مري ويئي آهي.

    پهرين آفت:
    ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. حديث شريف ۾ آهي ته، ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، ان جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ خدا وٽ ڪوڙو لکيو وڃي ٿو. جناب رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته، “ڪوڙ ڳالهائڻ مسلمان جو شان نه آهي. ايمان ۽ ڪوڙ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي نه ٿا سگهن.” ياد رکو، ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري سٺا خواب نظر نه ٿا اچن. تنهن ڪري گهرجي ته کل، چرچي ۾ به ٻين جي کلائڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ سدائين ڪوڙن خيالن ۽ وسوسن کان دل کي بچائيندا رهو، نه ته اوهان جي دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿي پوندي. تجربو شاهد آهي ته اهڙن ماڻهن کي سچا خواب به نظر نه ٿا اچن.
    هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ٻار کي سڏ ڪري چيو: “اچ ته مان تو کي هڪڙي شيءِ ڏينديس.” حضرت رسول الله ﷺ ان عورت کان پڇيو ته: “جيڪڏهن سڏ تي ٻار اچي ويو، ته ان کي ڪهڙي شيءِ ڏيندينءَ؟” عورت چيو ته، “کارڪ ڏيندي سانس.” پاڻ فرمايائون ته، “جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت نه هجئي ها ته فقط خوش ڪرڻ واسطي اهو لفظ چئين ها، ته اهو به زبان جو ڪوڙ شمار ٿئي ها.”
    البت ضرورت جي وقت، ڪوڙ ڳالهائڻ به جائز آهي. بشرطيڪه سچ چوڻ مان، ڪنهن اهڙي گناه يا نقصان جو انديشو هجي، جو ڪوڙ جي گناهه ۽ نقصان کان وڌيڪ هجي. جيئن ته ٻن مسلمانن جي ٺاهڻ لاءِ يا جهاد ۾ (1) ڌوڪي ڏيڻ لاءِ يا زال کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ جي حديث ۾ موڪل آئي آهي. ان جو سبب هي آهي ته مسلمانن جي ناراض رهڻ ۾ جيڪو بڇڙو نتيجو پيدا ٿيندو، سو ڪوڙ جي نقصان کان وڌيڪ خراب آهي.
    اهڙي طرح جنگ جي راز کي لڪائڻ ضروري آهي. ڇو ته جي دشمن کي خبر پوندي، ته ان کي حملي ڪرڻ جو وجهه ملي ويندو، جنهن کان هزارين پاڪ جانيون تلف ٿي وينديون. انهيءَ ڪري اصلي ڳالهه ظاهر نه ڪرڻ ۽ ڪوڙي ڳالهه بنائڻ بهتر ثابت ٿي. اهڙي طرح زال کان مرد جا ڪي راز مخفي رکڻ جي لائق آهن. جيڪڏهن سچ چوڻ سان ان کي ڪا ڳالهه معلوم ٿي ويندي، جنهن ڪري زال ۽ مڙس ۾ اڻبڻت ٿي پوندي، ته ان جو بد نتيجو پيدا ٿيندو، ان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کان وڌيڪ گناهه آهي. پر ان صورت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي موڪل ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو ٻن بلائن ۾ ڦاسي وڃي، ته سڻائي ۽ هلڪي بلا کي بهتر سمجهي، اختيار ڪري. انهيءَ جو مثال هن طرح ڄاڻو ته، ڪنهن شخص کي بک جي ڪري مرڻ جو انديشو آهي، ته ان کي مردار کائڻ به حلال آهي.
    اهڙي طرح پنهنجو ۽ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو مال ظالم کان بچائڻ واسطي يا ڪنهن مخفي امانت کي سلامت رکڻ لاءِ ٻين جي آڏو ان جو نه باسڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي ۽ پنهنجي بدڪاري ۽ گناهن جو انڪار ڪرڻ به انهيءَ سبب کان جائز آهي. ڇو ته فسق ۽ فجور جو ظاهر ڪرڻ حرام آهي ۽ پنهنجي زال کي هيئن چوڻ ته منهنجي ٻي زال تو کان مون کي وڌيڪ پياري ڪانهي. اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ڪري جائز آهن، جو انهيءَ ڪوڙ سان هڪ ضرر دفع ڪيو وڃي ٿو.
    مگر رپين ڪمائڻ ۽ عزت آبرو حاصل ڪرڻ جي خيال سان ڪوڙ ڳالهائڻ هرگز جائز نه آهي. ڇو ته جيڪڏهن مال ۽ مرتبو نه وڌيو، ته ڪو نقصان ڪو نه ٿيندو. وڌ کان وڌ هيءَ ڳالهه ٿيندي، ته سچ چوڻ سان فائدو حاصل نه ٿيندو. سو فائدي جو حاصل نه ٿيڻ نقصان نه چئبو. هن باريڪ تفاوت کي ماڻهو ڪو نه سمجهن ٿا ۽ اڪثر ڪري انهيءَ غرض (فائدي وٺڻ) لاءِ ڪوڙ ڳالهائن ٿا. حالانڪه هي قطعي حرام آهي. جو در حقيقت انهن جي دين جي برباديءَ جو سامان آهي. اهي ماڻهو ضرورت ۽ بي ضرورت ۾ تميز ڪو نه ٿا ڪن. افسوس جي ڳالهه آهي ته جاهلن خيالي ۽ فرضي ضرورتن کي به واقعي ضرورت سمجهيو آهي.
    شرعي ۽ واقعي ضرورت جنهن جو نالو آهي، اها اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ته جيسين اضطرار يا لاچار جي حالت يا ڪنهن وڏي نقصان جو غالب گمان نه هجي، تيسين جيئن مردار کائڻ حلال نه آهي، تيئن ڪوڙ ڳالهائڻ به (جو شرعا حرام آهي) جائز نه آهي ۽ هن سخت ضررت جي موقعي تي به وس آهر ‘تعريض ۽ توريه’ ( ) کان ڪم وٺڻ گهرجي، ته نفس کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نه پئجي وڃي. شيخ ابراهيم گهر ۾ ڪنهن ضروري ڪم ۾ رڌل هوندو هو ۽ ان حال ۾ ٻاهران ان کي ڪو سڏيندو هو ته، پورهيت کي چوندو هو ته، ان کي هيئن چئو ته، “مسجد ۾ ڳوليوس.” حضرت شعبي آڱرين مان هڪ گول ليڪو ڪڍي، خادمه کي فرمائيندو هو ته، هن گهيري جي اندر آڱر رکي چئينس ته، “هتي ڪونهي.” هن تعريض سان پنهنجو مطلب به ميسر ٿيندو هو ۽ حقيقت ۾ ڪوڙ به ڪو نه ٿيندو هو. البته ڪوڙ جي صورت ٿيندي هئي، جنهن کي تعريض ۽ توريه چئبو آهي.
    اهڙي قسم جون تعريضون معمولي غرض لاءِ به جائز آهن. بشرطيڪه ان سان ڪنهن جو حق ضايع نه ٿئي. جيئن ته هڪڙي پوڙهيءَ عورت کي حضرت رسول الله ﷺ خوش طبعي طرح هيئن فرمايو هو ته: “پوڙهي زال ڪڏهن به بهشت ۾ نه ويندي.” هي ٻڌي پوڙهي روئڻ لڳي. ڇو ته ظاهري لفظن مان جيڪو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو، سو هي آهي ته، ڪا به پوڙهي بهشتڻ نه آهي. مگر در حقيقت هيءَ مراد هئي ته، پوڙهائپ جي حالت ۾ پوڙهي بهشت ۾ نه ويندي. بلڪه جا به پوڙهي بهشت ۾ ويندي، اها جوان بڻجي پوءِ ويندي. يا مثال هڪ ماڻهوءَ حضرت رسول مقبول ﷺ کان سواريءَ جي لاءِ اُٺ گهريو، پاڻ فرمايائون: “چڱو، ترس. اسان تو کي اٺ جو ڦر ڏينداسين.”
    هي ٻڌي، سائل عرض ڪيو ته، “ڦر وٺي ڇا ڪندس؟”
    ان وقت پاڻ ان کي تعريض جو مطلب سمجهايائون ته، “ميان! وڏو اُٺ به ته آخر ڪنهن اٺ مان ئي پيدا ٿيو هوندو ۽ جنهن اٺ مان پيدا ٿيو هوندو، ان جو ته ڦر آهي، مثلا: هڪ ماڻهو کي فرمايائون ته: “تنهنجيءَ اک ۾ اڇاڻ آهي.” ظاهر آهي ته اڇاڻ سڀني جي اک ۾ هوندي آهي. مگر جڏهن ته ظاهر ڪري هي مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، ماڻڪيءَ ۾ عيب ۽ اڇاڻ جو مرض آهي، ان ڪري ٻڌندڙ کي ڳڻتي وٺي وئي، جنهن سان چڱو چرچو ٿي پيو.”
    ان قسم جون تعريضون ڪرڻ پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن سان خوش طبعي طرح جائز آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو کاڌي کائڻ جي صلاح ڪري ۽ اوهان کي بک هوندي به ماني کائڻ منظور نه هجي ته، هيئن هرگز نه چئو ته مون کي بک ڪانهي. ڇو ته اهو ڪوڙ آهي. بلڪه تعريض ڪريو يا هيئن چئو ته آءٌ هن وقت ڪو نه کائيندس. اوهان کائو وغيره.

    ٻي آفت گلا ڪرڻ آهي:
    حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ (گلا ڪرڻ مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ آهي) پوءِ هن کان پرهيز ڪريو” حديث ۾ آيو آهي ته، “گلا زنا کان به وڌيڪ سخت آهي.” حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته، “معراج رات منهنجو اهڙيءَ جماعت تي گذر ٿيو، جا پنهنجو وات نهن سان، پٽي رهي هئي، اهي گلا ڪندڙ ماڻهو هئا.”
    گلا هيءَ آهي ته ڪنهن مسلمان جي ان جي پر پٺ اهڙي ڳالهه ڪجي، جيڪڏهن اهو اها ٻڌي ته ان کي ناپسند لڳي. مثلا ڪنهن کي بيوقوف يا ڪم عقل چوڻ يا ڪنهن جي حسب ۽ نسب مان عيب ڪڍڻ يا ڪنهن شخص جي ڪنهن حرڪت يا جاءِ يا مال يا لباس مان عيب ڪڍڻ، غرض ته جنهن به شيءِ سان ان جو واسطو هجي، ان جو اهڙو عيب بيان ڪرڻ، جنهن جو ٻڌڻ ان کي ناخوش لڳي، خواه اهو زبان سان ظاهر ڪري يا رمز ۽ ڪنايه سان، يا هٿ ۽ اک جي اشاري سان يا ان جو نقل يا آهل ڪجي يا تعريض ڪجي ته اهي سڀ گلا ۾ داخل آهن.
    بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها هڪ موقعي تي ڪنهن عورت جو بندري هجڻ هٿ جي اشاري سان ظاهر ڪيو ۽ هيئن چيو: “يا رسول الله اها عورت ته ايڏڙي آهي!” ان تي پاڻ فرمايائون ته، “اي عائشه! تو ان جي گلا ڪري ورتي.”
    سڀ کان وڌيڪ بڇڙي اها ڳالهه آهي، جنهن جو رواج مقتدا ۽ ديندار ماڻهن ۾ ٿي رهيو هجي، ڇو ته هو گلائون ڪن ٿا، ته به پاڻ کي نيڪ سمجهن ٿا. انهن جون گلائون به نرالي نموني جون ٿينديون آهن، مثلا: مجلس ۾ چوڻ لڳندا ته، “الله جو شڪر آهي، جنهن اسان کي اميرن جي دروازي تي وڃڻ کان بچايو آهي. اهڙيءَ بي حيائيءَ کان خدا پناه ۾ رکي!”
    انهيءَ چوڻ مان جيڪو انهن جو مطلب آهي، سو ظاهر آهي، ته يعني ته اميرن وٽ ويندڙ، مولوين تي ٽوڪ ڪرڻ ۽ انهن کي بي حيا چوڻ منظور آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي نيڪ بختي ۽ پرهيز گاري به ٻڌائي رهيا آهن ۽ رياءَ جو گناهه ڪري رهيا آهن، يا اهڙي طرح مثلا: ڪو چوي ته، فلاڻي ماڻهوءَ جي هونئن ته تمام چڱي حالت آهي، پر جيڪڏهن ان ۾ دنيا جي حرص جو عيب نه هجي ها، جنهن ۾ اسان جهڙا ڦاسي وڃن ٿا. هن فقره مان جيڪو سندس مقصد آهي، سو ٿوري فڪر سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، يعني ان جو بي صبر هجڻ ظاهر ڪن ٿا ۽ پنهنجي طرف عيب جي نسبت هن نيت سان ڪن ٿا ته ٻڌندڙ انهن کي تواضع ۽ نوڙت وارو سمجهي. اها گلا به آهي رياءَ به آهي.
    گهڻو تعجب ته هن تي ٿئي ٿو ته، اهي بزرگ گلا به ڪن ٿا، پوءِ پاڻ کي گلا کان پاڪ ۽ پارسا به سمجهن ٿا. يا مثلا چون ٿا: “سبحان الله وڏي تعجب جي ڳالهه آهي!” جڏهن ايتري چوڻ تي، ماڻهن سندن ڳالهه ٻڌڻ جي شوق ۾ انهن جي طرف ڪن ڏنو، تڏهن چون ٿا ته، “ڪجهه نه آهي.” فلاڻي شخص جو خيال اچي ويو، حق تعاليٰ اسان جي ۽ هن جي حال تي رحم فرمائي ۽ توبهه جي توفيق ڏئي. هن فقري جي جيڪا مراد آهي، سا عقل واري کان ڳجهي نه آهي. ڇو ته سندن هيءَ گفتگو رحم ۽ شفقت يا دعا جي نيت سان چوڻ ۾ ڪو نه ٿي اچي، جيئن ظاهري لفظن مان گمان ٿئي ٿو. ڇا لاءِ ته جي سندن مراد دعا ڪرڻ هجي ها ته، دل ۾ دعا ڇو نه ٿا ڪن؟ سبحان الله چئي، ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ گناهه ڏي اشاري ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ ڀلا ڪنهن شخص جو عيب ظاهر ڪرڻ به ڪا شفقت ۽ خير خواهيءَ جي ڳالهه آهي؟
    اهڙي طرح ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته، گلا کان منع ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ادا گلا نه ڪريو، مگر سندن دل گلا کي مڪروه نه ٿي سمجهي. بلڪه انهيءَ نصيحت ڪرڻ مان سندن مراد محض پنهنجي دينداري ۽ پرهيز گاري ظاهر ڪرڻ هوندي آهي. اهڙي طرح ڪنهن مجلس ۾ گلا ٿئي ٿي، ته ناصح ۽ پارسا بڻجي چوڻ لڳن ٿا ته، “ميان! گلا ڪرڻ گناه آهي، ان کان اسان ٻڌندڙ به گنهگار ٿيون ٿا.” سو اهي ماڻهو نالي خاطر ته ائين چئي وڃن ٿا مگر سندن دل کي هيءَ تمنا رهي ٿي ته، ڪاش! جو هي شخص اسان جي هن نصيحت تي عمل نه ڪري ۽ جيڪي چئي رهيو آهي، سو چوندو رهي ۽ اسان کي ٻڌائيندو وڃي! ڀلا انهن کان ڪو پڇي سگهي ته، گلا ٻڌڻ جو شوق به اٿو، ۽ هيئن به سمجهو ٿا، ته اسان گلا کان روڪڻ ڪري گناه کان بچي وياسون.
    ياد رکو ته جيسين گلا ڪرڻ ۽ گلا ٻڌڻ کي دل سان خراب نه سمجندؤ، تيسين گلا جي گناهه کان هرگز نه بچندؤ، ڇو ته گلا ڪندڙ ۽ گلا ٻڌندڙ ٻئي برابر آهن ۽ جهڙيءَ طرح زبان سان گلا ڪرڻ حرام آهي، اهڙيءَ طرح دل سان گلا ڪرڻ به حرام آهي. مگر ڪن صورتن ۾ خاص ماڻهن جي گلا ڪرڻ جائز آهي. جنهن جو تفصيل بيان ڪيون ٿا.
    (1) مظلوم ماڻهو، ظلم جي شڪايت ڪنهن وڏي آفيسر تائين پهچائي ۽ پاڻ تان ظلم دفع ڪرڻ جي نيت سان، ان جا ظلم بيان ڪري، ته گناهه نه آهي. باقي ظالم جا عيب، اهڙن ماڻهن سان بيان ڪرڻ، جن کي ان جي سزا ڏيڻ يا مظلوم تان ظلم ٽارڻ جي طاقت نه هجي، گلا ۾ داخل ۽ حرام آهي.
    هڪڙي بزرگ جي مجلس ۾ حجاج بن يوسف جو ذڪر آيو، ته ان هيئن فرمايو: “الله تعاليٰ انصاف جي ڏينهن مظلومن جو بدلو حجاج کان وٺندو ۽ حجاج جو بدلو سندس گلا ڪندڙن کان وٺندو، ڇو ته گهڻا ماڻهو حجاج جا ظلم اهڙن ماڻهن سان بيان ڪن ٿا، جن کي حجاج جي ظلم دفع ڪرڻ جي طاقت ڪانهي، پوءِ اهڙن ماڻهن جي آڏو حجاج جي گلا ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿي.؟”
    (2) ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪنهن بدعت يا گناه جي دفع ڪرڻ ۾ مدد وٺڻي هجي يا ڪنهن کي ان جي فتني کان بچائڻ هجي، ته ان سان به بدعتي ماڻهن جو حال بيان ڪرڻ جيتوڻيڪ انهن جي گلا ڪرڻ آهي، مگر جائز آهي.
    (3) مفتيءَ کان فتويٰ وٺڻ واسطي سچي ڳالهه ڪرڻ به جائز آهي، جتيوڻيڪ ان جي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪنهن جي گلا ٿيندي هجي. ڏسو! حضرت رسول مقبول ﷺ کي بيبي هند رضي الله تعاليٰ عنها عرض ڪيو ته، “يا رسول الله ! منهنجو خاوند ( ) ابو سفيان ايترو بخيل آهي، جو ضرورت آهر به مون کي خرچ نه ٿو ڏئي. “ظاهر آهي ته، اها ابو سفيان جي گلا ۽ شڪايت آهي، مگر جڏهن ته شريعت جي مفتيءَ کان سوال ڪيو ٿو وڃي، (ته ان صورت ۾ مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟” ان ڪري هن گلا ۾ ڪو نقصان ڪونهي. مگر ياد رکڻ گهرجي ته ان صورت ۾ به هيءَ گلا تڏهن جائز آهي، جڏهن پاڻ کي يا ڪنهن مسلمان کي ڪنهن فائدي پهچڻ جي اميد هجي.
    (4) ڪو شخص ڪنهن سان نڪاح يا واپار جو معاملو ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان کي خبر آهي ته، هن معاملي ۾ ناواقفيت ڪري ان کي نقصان پهچندو، ته ان کي نقصان کان بچائڻ واسطي ان جو حال ٻڌائڻ به جائز آهي. اهڙيءَ طرح قاضيءَ جي عدالت ۾ ڪنهن شاهد جو عيب هن خيال سان ظاهر ڪرڻ ته حق واري کي ان مقدمي ۾ منهنجي ماٺ ۾ رهڻ کان نقصان نه پهچي، جائز آهي. مگر فقط ان شخص سان بيان ڪرڻ جائز آهي، جنهن جي نقصان جو انديشو هجي، يا جنهن تي فيصلي ۽ حڪم جو مدار هجي.
    (5) جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اهڙي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، جنهن مان ان جو عيب ظاهر ٿئي ٿو، مثلا: اعمش (چنجهو)، اعرج (منڊو) ۽ جاحظ (دور) ته ان نالي سان، ان جو پتو ڏسڻ گلا ۾ داخل نه آهي، تڏهن به جي ٻيو پتو ٻڌايو ته بهتر آهي، تان ته گلا جي صورت به نه ٿئي.
    (6) جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ ڪو اهڙو چٽو پٽو عيب لڀي ٿو، جو ماڻهو سندس اهو عيب ظاهر ڪن ٿا ته ان کي ناپسند نه ٿو لڳي، (جيئن کدڙو، جو ان جي هن ڪم جو بيان ڪيو وڃي ٿو ته، ان کي خيال به نه ٿو ٿئي.) ته هي بيان به گلا ۾ داخل نه آهي. البت جي ان کي ناخوش لڳي ته حرام آهي. ڇو ته فاسق جو به ڪو اهڙو گناهه بيان ڪرڻ جو ان کي ناخوش لڳي، خاص عذر کان سواءِ جائز نه آهي. ( )
    فصل: نفس کي گلا کان روڪڻ جي هيءَ تجويز آهي، ته گلا جي سزا ۽ نقصان ۾ غور ڪريو. حديث ۾ آيو آهي ته، “باهه جيڪو اثر گاهه ۾ ڪري ٿي، گلا ان کان جلد ۽ وڌيڪ اثر مسلمانن جي نيڪين ۾ ڪري ٿي.” گلا ڪرڻ سان چڱا ڪم سڙي وڃن ٿا. هاڻي ذرا خيال ڪريو ته جڏهن ڪو نيڪ بخت شخص، جنهن دنيا ۾ تڪليفن سان نيڪيون جمع ڪيون آهن، جڏهن قيامت ۾ پنهنجا عمل ناس ٿيل ڏسندو، تڏهن کيس خبر پوندي ته گلا جي ڪري ان جون نيڪيون انهيءَ ماڻهوءَ جي اعمالن ۾ لکيون ويون آهن، جنهن جي هو گلا ڪندو هو. تڏهن ڪيتري قدر نه اهو افسوس ۽ ارمان ڪندو؟
    مسلمان کي سوچڻ جي واسطي پنهنجي نفس جا عيب ئي گهڻا آهن، انهي ڪري مناسب آهي ته، جڏهن فرصت مليو، تڏهن پنهنجي حالت تي نظر ڦيرايو ۽ جو عيب ڏسو، ان جي لاهڻ ۾ مشغول ٿي وڃو، ته ٻين جي عيبن ڏي ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي. هيئن سمجهو ته، توهان جو ننڍڙو عيب، جيترو اوهان کي نقصان پهچائيندو، تيترو ٻئي جو وڏو عيب اوهان کي نقصان نه پهچائيندو. جيڪڏهن اوهان کي پاڻ ۾ عيب ڏسڻ ۾ نه اچي، ته هي خود اهڙو عيب آهي، جنهن جي برابر ڪو عيب ڪونهي. بي عيب سمجهڻ وڏو سخت عيب آهي. ان ڪري اول ان جو علاج ڪريو، ان کان پوءِ جيڪي اوهان کي عيب نظر ايندا وڃن، انهن جي تدبير ڪندا رهو. جيڪڏهن اتفاقا اهڙي حال ۾ به ڪنهن شخص جي اوهان کان گلا ٿي وڃي، ته توبهه ڪري، الله سائين کان جلد معافي وٺو ۽ ان شخص وٽ وڃي گلا جو گناه جلد معاف ڪرايو. جيڪڏهن انهيءَ سان نه ملي سگهو، ته ان جي حق ۾ بخشش جي دعا گهرو ۽ خيرات ڏئي، ان جي روح کي ثواب پهچايو. مطلب ته اوهان گلا ڪرڻ سان، پنهنجي مسلمان ڀاءَ تي ظلم ڪيو آهي، ان ڪري جيئن به ممڪن هجي، تيئن انهي ظلم جي ترت تلافي ڪريو.

    زبان جي ٽين آفت:
    اجايو جهيڙو ڪرڻ آهي. حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته: “جيڪو مسلمان حق تي هوندي به جهيڙي تان هٿ کڻي، ته ان جي واسطي اعليٰ بهشت ۾ محل تيار ٿيندو.”
    هي بلڪل صحيح آهي، ته حق وارو ٿي، بس ڪري ويهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ان ڪري حقدار جو جهيڙي کان عليحده ٿيڻ ان جي ايمان جي ڪماليت شمار ڪئي وئي آهي.
    ڄاڻو ته ڪنهن جي ڳالهه تي اعتراض ڪرڻ ۽ ان جي لفظ يا معنيٰ ۾ غلطي يا نقص ڪڍڻ کي جهيڙو چئجي ٿو. اهو گهڻو ڪري ٻن سببن کان پيدا ٿيندو آهي يا ته تڪبر (هٺ) ڪري، پنهنجي وڏائيءَ ۽ زبان درازيءَ جو نروار ڪرڻ مقصود هوندو آهي، يا ٻئي ماڻهوءَ کي چپ ڪرائڻ ۽ عاجز بنائڻ جو شوق هوندو آهي. ان ڪري مسلمان کي گهرجي ته جا ڳالهه سچي ۽ حق هجي، سا مڃي ۽ جيتري قدر حقيقت جي برخلاف يا غلط هجي، ته ان کان ماٺ اختيار ڪري. باقي هن غلطيءَ جي ظاهر ڪرڻ مان ڪو ديني فائدو هجي، ته ان کان ماٺ ڪرڻ جائز نه آهي. مگر ان هوندي به هن ڳالهه جو ضرور خيال رکي، ته جو ڪجهه بيان ڪري سو نرميءَ ۽ آسانيءَ سان بيان ڪري، هٺ ۽ سختيءَ سان نه چوي.

    زبان جي چوٿين آفت:
    خوش طبعي، چرچو ڪرڻ ۽ گهڻو کلڻ کلائڻ آهي. ان ڪري دل مري وڃي ٿي، هيبت ۽ وقار هليو وڃي ٿو. اهڙو شخص ماڻهن جي نظر ۾ ڪري پوي ٿو ۽ اڪثر ڪري ٻين کي ان سان وير ۽ دشمني پيدا ٿئي ٿي. معرفت جي نور ۾ اونداهي اچي وڃي ٿي ۽ تحت الثري ( ) ۾ اڇلايو وڃي ٿو. البت ٿورڙي خوش طبعي ۾ ڪا حرڪت ڪانهي. خصوصًا پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن سان خوش طبعي ڪرڻ سنت آهي. ڇو ته اهڙي خوش طبعي حضور رسول مقبول ﷺ کان به ثابت آهي. مگر سندن خوش طبعي حقيقت ۾ سچي هوندي هئي. ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوڙ ڪو نه هوندو هو. جيئن ته هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال کي پاڻ فرمايائون: “بهشت ۾ ڪا به پوڙهي عورت ڪا نه ويندي.” ان مان مراد هيءَ آهي ته، بهشت ۾ جا به عورت ويندي، اها جوان ٿي، پوءِ ويندي. يا جيئن ته حضرت صهيب ننڍڙائي جي وقت ۾ ڳاڙهي رنگ جي هڪ جهرڪي پالي هئي، جا اتفاق سان مري وئي. جنهن تي حضرت رسول ڪريم ﷺ فرمايس ته: “ٻڌاءِ اي ابو عمير! تنهنجي جهرڪيءَ کي ڇا ٿيو؟” اهڙي طرح هڪ دفعي حضرت صهيب کارڪون پئي کاڌيون، ان وقت ان جي هڪڙي اک پي ڏکي، ته پاڻ فرمايائون ته: “ڇو صاحب! اک به ڏکي ٿي کارڪون به کائو ٿا.”
    صهيب خوش طبعي طرح جواب ڏنو ته: “يا رسول الله ٻئي پاسي سان کاوان ٿو. يعني جنهن پاسي جي اک ڏکي ٿي، انهيءَ پاسي جي ڄاڙيءَ سان ڪو نه ٿو کانوان.” هڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن، بيبي عائشه صديقه رضه سان محض دلجوئي ۽ خوش طبعي طرح ڊوڙيا به آهن. مطلب ته اهڙي خوش طبعيءَ ۾ ڪا حرڪت ناهي. البت ان کي عادت ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي.

    زبان جي پنجين آفت:
    تعريف ڪرڻ آهي. توهان ڏٺو هوندو ته، اڪثر وعظ ڪندڙن ۽ دنيادار مسلمانن جي عادت هوندي آهي ته شاهوڪارن ۽ امير ماڻهن جي تعريف ڪندا آهن. انهن جي شان ۾ مدحيه قصيدا لکي، نذراني طور انهن کي ڏيندا آهن، حالانڪه مداح يا مدح ڪندڙ واسطي هن ۾ چار خرابيون آهن ۽ ٻه خرابيون ممدوح (ساراهيل) لاءِ آهن. مداح لاءِ خرابيون هي آهن:
    (1) ساراهه ۾ اڪثر اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جي واقعي يا حقيقت جي برخلاف هونديون آهن، جن جو ممدوح ۾ نالو، نشان به ڪو نه هوندو آهي. اهو صريح ڪوڙ آهي جو وڏو گناهه آهي.
    (2) ساراهه ۾ وڏي محبت ظاهر ڪن ٿا. حالانڪه دل ۾ خاڪ به محبت ڪا نه هوندي اٿن، هي صريح رياءُ ۽ منافقي آهي، جو گناهه ۽ حرام آهي.
    (3) ساراهه ۾ اٽڪل جا تير هڻڻ ٿا، جا ڳالهه يقين سان معلوم ڪانهي، اها اٽڪل ۽ گمان تي سچي ظاهر ڪن ٿا. مثلا: هيئن چون ٿا ته، “اوهان وڏا پرهيز گار آهيو ۽ نهايت انصاف وارا آهيو.” حالانڪه حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي: “جنهن کي ساراهه ڪرڻي هجي، اهو هيئن چوي ته، منهنجو هي گمان آهي ته، “اوهان اهڙا آهيو.” ڇو ته گماني ڳالهين کي واقعي ۽ يقيني بنائڻ ڪنهن به طرح جائز نه آهي.”
    (4) جيڪڏهن ظالم ۽ فاسق جي تعريف ڪئي وڃي ۽ هو پنهنجي مدح کان خوش ٿيو، ته فاسق کي خوش ڪندڙ مداح به فاسق ۽ نافرمان ٿيو. حديث ۾ آيو آهي ته، “فاسق جي تعريف ڪرڻ کان الله تعاليٰ جو عرش ڏڪي وڃي ٿو!” حضرت حسن رحمة الله عليه فرمايو آهي ته، “فاسق جي عمر وڌڻ لاءِ دعا گهرندڙ ماڻهو به فاسق آهي.” ڇو ته اهو گهري ٿو ته فسق و فجور (بدڪاري) دنيا ۾ گهڻي مدت تائين قائم رهي. ظالم ۽ فاسق جي ته مذمت ڪرڻ گهرجي، ته هو ڊڄي ۽ گناه جو ڪم ڇڏي ڏئي.

    ممدوح کي جيڪي تعريف مان نقصان پهچن ٿا، سي هي آهن:
    (1) تعريف جي ڪري ممدوح مغرور ٿي وڃي ٿو. پاڻ کي تعريف جو لائق سمجهڻ لڳي ٿو. حالانڪه هي ان جي برباديءَ ۽ تباهيءَ جو بنياد آهي. حديث ۾ آيو آهي ته، هڪڙي ماڻهو مجلس ۾ پنهنجي دوست جي تعريف ڪئي، ته حضور رسول مقبول ﷺ فرمايو ته، “تو پنهنجي دوست جي گردن ڪپي وڌي.” ان مان مراد هيءَ آهي ته، ان جي نفس ۾ خود پسندي ۽ وڏائي پيدا ڪري، ان کي برباد ڪيائين.
    (2) ممدوح پنهنجي تعريف ٻڌي، ڦنڊي ٿو ۽چڱن ڪمن ۾ سست ٿئي ٿو. حديث ۾ آيو آهي ته، “مسلمان ڀاءُ کي مڏيءُ ڪاتيءَ سان، ڪهڻ کان بهتر آهي ته منهن تي سندس تعريف ڪجي.” ڇو ته ڪهڻ سان فقط دنيا جي حياتي تلف ٿيندي. ۽ منهن تي، ساراهڻ جي خراب نتيجن سان (جيڪي اسان بيان ڪيا) آخرت جي عظيم الشان حياتي برباد ٿي ويندي! پر جي انهن نقصانن جو انديشو نه هجي، ته تعريف ۾ ڪجهه به حرج ڪونهي. بلڪه بعضي مستحب ۽ اجر جو سبب آهي. حضرت رسول مقبول ﷺ ڪن اصحابن جي مدح فرمائي آهي. جيئن ته پاڻ فرمايو اٿن: “جيڪڏهن ( ) سڄي دنيا جي ايمان کي ابوبڪر جي ايمان سان توريو وڃي ته، ابوبڪر جو ايمان ڳؤرو ٿيندو.” پڻ فرمايو اٿن: “اي عمر! جيڪڏهن آءٌ نبي ڪري نه موڪليو وڃا ها ته ضرور تو کي نبي ڪيو وڃي ها.”
    گويا حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه کي سندس پيغمبريءَ جي قابليت ٻڌائي وئي. پوءِ جڏهن ته اصحابن ۾ خود پسندي ۽ عمل جي ڪوتاهيءَ جو انديشو ڪو به هو، ان ڪري منجهن خوشي پيدا ڪرڻ واسطي سندن ساراهه ڪرڻ مستحب ٿئي. ڇو ته ساراهه انهن جي عبادت لاءِ ترقيءَ جو وسيلو هئي.
    فصل: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي ساراهه ڪري ته ان کي گهرجي، ته پنهنجي عملن، خطرن ۽ وسوسن جو ڌيان ڪري ۽ سوچي ته خدا ڄاڻي، منهنجو خاتمو الائي ڪهڙي حال تي ٿيندو؟ اهي خوبيون جيڪي هيءُ ماڻهو منهنجي حق ۾ بيان ڪري ٿو، سي سچ پچ جيڪڏهن کڻي مون ۾ لڀنديون به هجن، ته به هاڻي انهن تي ڪهڙو ڀروسو آهي؟ ۽ پڻ پنهنجن عيبن ۾ دل جي بيمارين تي نظر ڪري ۽ ويچار ڪري ته هي ڳجها عيب مون ۾ اهڙا آهن، جيڪڏهن انهيءَ ساراهيندڙ کي معلوم ٿي وڃن، ته هو منهنجي ساراه هرگز ڪو نه ڪري.
    مطلب ته مسلمان کي کپي ته، پنهنجي صفت ۽ ساراهه ٻڌي، ڪڏهن به خوش نه ٿئي. بلڪه دل ۾ ان کي خراب سمجهي. ان ڳالهه ڏانهن حضرت نبي ڪريم ﷺ اشارو فرمايو آهي ته، “ساراهه ڪندڙ جي وات ۾ وڙ وجهو.” حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ساراهه ٿيندي هئي ته، هن طرح دعا گهرندو هو: “خدايا! منهنجا جيڪي گناهه هنن کي معلوم نه آهن، سي بخشيم ۽ جيڪي هي چئي رهيا آهن ان جو حساب مون کان نه وٺ ۽ مون کي هنن جي گمان کان بهتر بناءِ! آءٌ جهڙو آهيان، تنهن کي تون ئي چڱي طرح ڄاڻين ٿو ۽ هي نه ٿا ڄاڻن.”


    ڪاوڙ

    ڪاوڙ هڪ باهه جو شعلو آهي، ان جو زور ڀڃڻ به ضروري آهي. ڇو ته حضرت رسول ڪريم ﷺ فرمايو آهي ته: “ڪنهن جي دسڻ سا ماڻهو ڪو پهلوان نه ٿو ٿئي. بلڪه پهلوان اهو آهي، جيڪو ڪاوڙ وقت پنهنجي نفس کي دسي ٿو.” ياد رکو، ته جنهن طرح ڪؤڙي ايريي سان، ماکي خراب ٿئي ٿي، اهڙي طرح ڪاوڙ سان ايمان بگڙي وڃي ٿو.” ڪاوڙ تمام بري بلا آهي. اها ڪاوڙ مارڪٽ، گارگند ۽ زبان درازيءَ جهڙا چٽا پٽا گناهه ڪرائي ٿي ۽ ان جي ڪري دل جا ڳجها گناهه به پيدا ٿين ٿا، جهڙي طرح دشمني، وير، ساڙ، بدگماني، پرائو راز ظاهر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي خوار ڪرڻ جو ارادو ڪرڻ وغيره. ۽ ڪاوڙ جي ڪري مسلمان کي، پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو خوش ڪرڻ ناپسند ٿو لڳي ۽ ان جو رنج ۽ تڪليف ۾ رهڻ کيس وڻي ٿو. اهي سڀ گناه تباهي ۽ بربادي جو قوي ڪارڻ آهن. خدا شل پناهه ڏئي!

    فصل: ڪاوڙ جو علاج ٻن طرحن سان ڪرڻ گهرجي: (1) رياضت ۽ مجاهدي سان، ان کي مارڻ گهرجي، مگر مارڻ مان هيءَ مراد نه آهي ته، ڪاوڙ جو بلڪل مادو ئي نه رهي. ڇو ته جي ڪاوڙ جو مادو نڪري ويندو ته ڪافرن سان جهاد ڪيئن ڪبو؟ بدڪار ۽ بدعتي ماڻهن جي خلاف شرعي ڪمن تي ناراضپو ڪيئن ٿيندو؟
    ناجائز ڪم ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ جو اچڻ ضروري ۽ شريعت جو عين مقصود آهي. ان ڪري ڪاوڙ مارڻ ۽ رياضت ڪرڻ مان هيءَ مراد آهي ته، ڪاوڙ کي مهذب، شائسته سڌريل، عقل ۽ شرع جو پوئلڳ بڻائجي ۽ ائين ڪجيس جيئن شڪاري ڪتو ٿيندو آهي، جو جڏهن کيس مالڪ جيڏانهن ڀڄڻ جو حڪم ڪندو آهي ته، جهٽ پٽ اوڏانهن ڀڄندو آهي ۽ جنهن تي بڇ ڪندو اٿس، ان تي حملو ڪندو آهي. جي نه ته، بس ڪري وهندو آهي. تهڙي طرح ڪاوڙ به هجڻ گهرجي، يعني جي شريعت حڪم ڏئي ۽ ڪاوڙ کي جوش ڏياري ته فورا جوش ۾ اچي وڃي ۽ اهو ڪم ڪري. جي نه ته، صبر ڪري، بي حس بي حرڪت بڻجي وڃي.
    ڪاوڙ کي اهڙيءَ سڌريل صورت ۾ آڻڻ جو علاج هي آهي ته، ڪاوڙ جو لغام پنهنجي هٿ ۾ قابو جهلي، بردباري ۽ سهڻ جي عادت اختيار ڪجي. جڏهن ڪو ڪاوڙ ڏياريندڙ واقعو پيدا ٿئي، تڏهن نفس تي زور ۽ دٻاءُ وجهجي ۽ ڪاوڙ کي وڌڻ نه ڏجي، بس هيءَ اها رياضت آهي، جنهن کان ڪاوڙ مطيع ۽ چيو مڃيندڙ ٿي پوي ٿي. (2) ڪاوڙ جي جوش ۾ اچڻ مهل صبر ڪريو، بردبار ٿيو ۽ ڪاوڙ کائي وڃو. ڄاڻو ته ڪاوڙ جو هڪ علاج علمي آهي ۽ ٻيو عملي.
    علمي علاج هي آهي ته، ڪاوڙ اچڻ وقت هي خيال ڪريو ته، ‘ڪاوڙ ڇو ٿي اچي؟’ ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪارڻ خدائي حڪم ۾ دخل ڏيڻ ۽ دست اندازي ڪرڻ آهي. ڇو ته، ڪاوڙ ڪندڙ ماڻهوءَ جو هي مطلب آهي ته، اهو ڪم منهنجيءَ مرضيءَ موافق ڇو نه ٿيو ۽ خدائي ارادي جي مطابق ڇو ٿيو؟ اوهان ئي ٻڌايو ته اها ناداني آهي يا نه؟ ڇا اوهان حق تعاليٰ جي ارادي کي پنهنجي ارادي ۽ منشا جو تابعدار ڪرڻ گهرو ٿا؟ ياد رکو ته، خدا تعاليٰ جي حڪم کان سواءِ هڪ زور به هلي نه ٿو سگهي. پوءِ اوهان ان ۾ دخل ڏيندڙ ۽ ان کي ناپسند سمجهندڙ ڪير ٿيندا آهيو؟
    ٻيو هي خيال ڪريو ته، منهنجو هن ماڻهوءَ تي ڪهڙو حق آهي؟ خدا تعاليٰ جي اوهان سان ڪهڙي روش آهي؟ ۽ اوهان انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪهڙي روش هلڻ گهرو ٿا؟ ظاهر آهي ته، جنهن تي اوهان ڪاوڙيا آهيو، ان جا اوهان مالڪ نه آهيو، خالق نه آهيو، اوهان ان کي نڪي اپايو آهي ۽ نڪي نپايو آهي ۽ خدا تعاليٰ جا اوهان تي ڪيترا نه حق آهن، جن جي ڪري اوهان الله تعاليٰ جا محڪوم، مملوڪ ۽ احسان مند آهيو، تنهن هوندي به اوهان پنهنجي حقيقي مالڪ جون رات ڏينهن سوين خطائون بي فرمانيون ڪندا رهو ٿا ۽ انهيءَ احسان ۽ حقداري هوندي اهو رب رحيم اوهان جو سڀ ڪجهه سهي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي قصور تي به سزا ڏئي، ته ڪٿي به اوهان کي پناه ۽ امن جي جاءِ نه ملي. اوهان جو ته ڪنهن تي به ڪو حق ڪونهي پوءِ به اوهان جي اها حالت آهي جو، ذري جيتريءَ طبيعت جي برخلاف حرڪت تي ڪاوڙ ۾ اچي، پاڻ کان ٻاهر نڪري وڃو ٿا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي دنيا مان گم ڪرڻ واسطي تيار ٿي وڃو ٿا. ڇا اوهان جي پيروي ۽ رضامندي خدا تعاليٰ جي حڪم عبادت کان به وڌيڪ ضروري آهي؟
    عملي علاج هي آهي ته، جنهن وقت اوهان کي ڪاوڙ اچي ان وقت ‘اعوذُ’ پڙهو. ڇو ته ڪاوڙ شيطان جو اثر آهي، شيطان جي شر يا برائي کان جڏهن رب سائين کان پناه گهربي، تڏهن اهو اثر گم ٿي ويندو ۽ ٻيو ته پنهنجي حالت پڻ بدلائڻ گهرجي، يعني ڪاوڙ وقت جي اوهان بيٺا آهيو ته، ويهي رهو ۽ جي ويٺا آهيو ته، سمهي پئو، جيڪڏهن هن علاج سان به ڪاوڙ نه لهي ته، وضو ڪريو ۽ پنهنجو منهن زمين تي رکو، ته تڪبر ۽ هٺ ڀڄي. ڇو ته عزت وارو عضوو زمين تي رکبو ته نفس مرندو.
    حديث ۾ آيو آهي ته، الله وٽ سڀ کان بهتر ڍُڪ جيڪي مسلمان پئي ٿو، سو ڪاوڙ جو ڍُڪ آهي. جناب رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته، “جنهن مسلمان کي زال، ٻارن يا اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ اچي، (جن تي هو پنهنجي ڪاوڙ هلائي سگهي ٿو ۽ سزا ڏئي سگهي ٿو) ته اها کائي وڃي ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺي ته، حق تعاليٰ ان جي دل امن ۽ ايمان سان ڀريندو.” ياد رکو ته بردباريءَ جي ڪري مسلمان، رات جو جاڳندڙ، روزائت، عابد زاهد جو مرتبو ماڻي ٿو.


    حسد

    حسد يا ساڙ جي هيءَ معنيٰ آهي ته، ڪنهن ماڻهوءَ کي خوشحالي يا عيش ۽ آرام ۾ ڏسي، سڙي ۽ ان کان انهيءَ نعمت جي کسجي وڃڻ کي پسند ڪري حسد ڪرڻ حرام آهي. جيئن ته حق تعاليٰ فرمائي ٿو: “منهنجي بندي تي نعمت ڏسي، حسد، ڪندڙ، ڄڻ ته منهنجي انهيءَ تقسيم کان ناراض آهي، جا مون پنهنجن ٻانهن تي فرمائي آهي.” ( ) حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمايو آهي: “حسد نيڪين کي اهڙيءَ طرح ساڙي ٿو، جيئن باهه سڪين ڪاٺين کي ساڙي ٿي.” مگر اهڙي شخص تي حسد ڪرڻ جائز آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي ڏنل نعمت کي ظلم يا گناه ۾ خرچ ڪري ٿو، مثلا، ڪو مالدار شراب خوري ۽ زنا ڪاريءَ ۾ مال اڏائيندو رهي ٿو ته، ان ڪري اهڙي شخص کان مال کسجي وڃڻ جي سڌ ڪرڻ گناه نه آهي. ڇو ته هيءَ در حقيقت مال جي نعمت جي کسجي وڃڻ جي سڌ نه آهي. بلڪه ان جي بيحيائيءَ ۽ گناه جي بند ڪرڻ جي خواهش آهي.ان جي نشاني هيءَ آهي: مثلا: جي اهو شخص گناه ڇڏي ڏئي، ته هاڻي حسد ڪندڙ کي هن جي نعمت جي کسجي وڃڻ جي خواهش به نه رهي.
    ياد رکو ته عام طرح حسد جو سبب يا ته هٺ ۽ غرور ٿئي ٿو، يا دشمني ۽ نفس جي خرابي، جو بنا سبب خدا جي نعمت ۽ ڪنجوسائي ڪري ٿو ۽ گهري ٿو ته، جهڙيءَ طرح مان ڪنهن کي ڪجهه نه ٿو ڏيان، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ به ٻئي کي ڪجهه به نه ڏئي. باقي ٻئي کي نعمت وارو ڏسي، ان تي ريس ڪرڻ ۽ هي خواهش ڪرڻ ته مون وٽ به اها نعمت رهي ۽ مون کي به اهڙي نعمت حاصل ٿئي ته ان کي چئبو آهي ريس. ريس شريعت ۾ جائز آهي. ڇو ته ريس ۾ ڪنهن جي نعمت جي برباد ٿيڻ جي مراد نه هوندي آهي. بلڪه پاڻ لاءِ اهڙيءَ نعمت جي حاصل ٿيڻ جي تمنا ٿئي ٿي ۽ هن ۾ ڪو حرج ڪانهي.
    فصل: حسد، دل جي بيماري آهي، ان جو هڪڙو علاج علمي آهي ۽ ٻيو عملي، علمي علاج هي آهي ته، حسد ڪندڙ کي ڄاڻڻ گهرجي ته، سندس حسد کيس ئي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ جنهن تي حسد ڪري ٿو ، ان جو ڪجهه به نقصان ڪو نه ٿو ٿئي، بلڪه ان جو ته پاڻ فائدو آهي، جو حسد ڪندڙ جون نيڪيون مفت ۾ هن کي ملي رهيون آهن ۽ حسد جي ڪري حاسد جي دين جو به نقصان آهي ۽ دنيا جو به.

    دين جو نقصان:
    هي آهي ته ان جا ڪيل چڱا ڪم برباد ٿين ٿا، نيڪيون سڙي وڃن ٿيون، ۽ حق تعاليٰ جي غصي جو نشان بڻجي ٿو. ڇو ته الله تعاليٰ جي بي انت خزاني جي بيشمار نعمتن ۾ بخل (ڪنجوسائي) ڪري ٿو ۽ ٻئي تي خدائي مهرباني ٿيڻ نه ٿو گهري.

    دنيا جو نقصان:
    هي آهي ته حسد ڪندڙ سدائين رنج ۽ غم ۾ گذاري ٿو ۽ هن فڪر ۾ ڳرندو رهي ٿو، ته ڪنهن طرح فلاڻي ماڻهوءَ کي ذلت ۽ سڃائي نصيب ٿئي. پوءِ جنهن تي حسد ڪري ٿو، ان لاءِ ته خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. ڇو ته جنهن کي رنج پهچائڻ گهريائين ٿي، سو بچي ويو ۽ حاسد هميشه جي رنج ۾ ڦاسي ويو. ان ڪري ان جي حسد کان هن جي ڀلائي ٿي ۽ حسد ڪندڙ پاڻ وڏي ڇيهي ۾ رهجي ويو. اوهان پاڻ ويچار ڪريو ته، اوهان جي حسد ڪرڻ سان، اڳلي کي ڪهڙو نقصان ٿيو؟ ظاهر آهي ته هن جي نعمت ۾ ڪنهن به طرح جي گهٽتائي ڪا نه ٿي. بلڪه اٽلندو ان جو فائدو ٿيو. ڇو ته اوهان جون نيڪيون هن جي اعمالنامي ۾ درج ٿي ويون! ڪهڙو نه ابتو قصو ٿيو، جو حاسد گهريو ٿي ته محسود دنيا ۾ سڃو ٿئي، پر نتيجو هي نڪتو ته ان جون نعمتون بحال ۽ برقرار رهيون ۽ دين جي نعمت وڌيڪ فائدي ۾ مليس ۽ حاسد آخرت جو عذاب به سر تي کنيو ۽ پنهنجي قناعت ۽ راحت جي حياتيءَ کي به ناس ڪري، هر وقت جي پريشاني ۽ ڳڻتي خريد ڪئي. هن جو هي مثال آهي جو دشمن کي ڀتر هڻڻ ٿي گهريائين، پر اهو کيس اچي لڳي، جنهن کان سندس اک نڪري پيئي ۽ وڏو عجب هي ته دشمن شيطان کي مٿس کلڻ جو موقعو ملي ويو. خصوصا ڪنهن عالم يا متقيءَ سان هي حسد ڪيو وڃي ته ان جو علم ۽ پرهيز گاري زائل ٿي وڃي، ته هي سڀ کان بڇڙو حسد آهي.
    حسد جو عملي علاج هي آهي ته، جنهن صورت ۾ حسد جو مطلب آهي، ته اوهان اڳلي جي عيب جوئي ڪريو، رنج ۽ غم جو زهر ڏينهن رات پيئندا رهو. ان ڪري اوهان نفس تي زور ڪريو ۽ ڪوشش سان ان جي منشا جي مخالفت ڪري، ان جي ابتڙ عمل ڪريو. يعني محسود ( ) جون چڱايون بيان ڪريو ۽ ان جي آڏو تواضع ۽ نياز ڪريو ۽ انهيءَ نعمت تي خوشي ظاهر ڪريو، جا ان کي ملي آهي. جڏهن ڪجهه ڏينهن زور سان ائين ڪندؤ، تڏهن محسود سان اوهان کي محبت ٿي ويندي. جڏهن دشمني هلي ويندي، تڏهن حسد به نه رهندو ۽ انهيءَ رنج، غم کان به اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. جنهن ۾ حسد کان ڦاسي ويا هيئو.
    فصل: شايد اوهان کي هي شبهو ٿئي ته، دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪرڻ ته انسان کي طبعي خواهش آهي ۽ هيءَ ڳالهه پنهنجي اختيار ۾ نه آهي، جو جهڙي طرح پنهنجي دوست کي راحت ۾ ڏسندي، خوشي ٿئي ٿي اهڙيءَ طرح دشمن کي به راحت ۾ ڏسي خوشي ٿيندي رهي. جڏهن اها ڳالهه اختياري نه آهي، تڏهن ماڻهو ان جو مڪلف به نه آهي. ان ڪري آءٌ چوان ٿو ته بيشڪ ايتري ڳالهه درست آهي ۽ جي ايتري حد تائين ڳالهه رهي ته گناه به نه آهي. پر ان سان گڏ جيتري ڳالهه اختيار ۾ آهي، ان کان بچڻ جو خيال رکڻ ضروري آهي. ان جون ٻه صورتون آهن.
    هڪ، هيءَ ته پنهنجي زبان ۽ ٻين عضون سان اختياري ڪمن ۾ حسد جو اثر ظاهر ٿيڻ بلڪل نه ڏيو. بلڪه نفس تي جبر ڪري ان جي ابتڙ عمل ڪريو. جيئن اسين مٿي بيان ڪري چڪا آهيون. ٻيو، هي ته نفس ۾ جيڪو حسد جو مادو موجود آهي، جيڪو الله تعالي جون نعمتون سندن ٻانهن وٽ ڏسڻ پسند نٿو ڪري ان کي دل سان خراب سمجهو ۽ خيال ڪريو، ته هيءَ خواهش دين کي برباد ڪندڙ آهي. انهن ٻنهي ڳالهين کان پوءِ جيڪڏهن طبعي امر باقي رهي، يعني دل بي اختيار گهري، ته دوست خوش رهن ۽ دشمن پائمال ٿين، ته هن جو ڪجهه خيال نه ڪريو، ڇو ته جڏهن هن جي زائل ڪرڻ جي اوهان کي قدرت ڪانهي، تڏهن ان تي گناه به نه ٿيندو. مگر دل جو ناراضپو ۽ ناخوشي ضروري ڳالهه آهي. هن جي نشانيءَ هي آهي ته، جيڪڏهن اڳلي جي نعمت جي زائل ڪرڻ تي اوهان کي قدرت حاصل ٿي وڃي، ته طبيعت سان اوهان جي هيءَ خواهش ٿئي ته ڪاش! هن جي نعمت هلي وڃي. مگر پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان هن جي نعمت وڃائڻ جو بندوبست نه ڪريو. يا مثلا، اڳلي جي نعمت جي قائم رکڻ يا وڌائڻ ۾ جيڪڏهن مدد ڏئي سگهو ٿا ته، دل جي ناخوشيءَ هوندي به ان جي مدد ڪريو. جيڪڏهن اوهان جي اهڙي حالت ٿي وڃي ته، پوءِ سمجهو ته جيترو اوهان جو اختيار ۽ وس هو، اوترو اوهان خدا جي حڪم تي عمل ڪيو ۽ ان کان آزاد ٿيو. اهڙي صورت ۾ طبعي خواهش جو دور ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي ۽ اها موجود نه آهي مگر جڏهن ته اختياري ڪمن، ان کي لڪائي ۽ ڇپائي ڇڏيو آهي، ان ڪري ڄڻ ته گم ٿي ويئي آهي.
    هي به ياد رکو ته جن جي نظر دنيا جي جهان کان کڄي وڃي ٿي، اهي سمجهن ٿا ته دنيا به بي بقا ۽ ان جون سڀ نعمتون به فنا ٿيڻ واريون آهن، پوءِ جي پنهنجو دشمن آسودو ۽ آرامي آهي ته ڪيترن ڏينهن لاءِ؟ جيڪڏهن بدڪمن ڪري مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ وڃڻو آهي ته ان ڪم نصيب کي هتي جي ٿورن ڏينهن جي آرام مان ڪهڙو فائدو ۽ جي جنتي آهي، ته جنت جي نعمتن کي هن جي بي بقا نعمت سان ڪهڙي مناسبت؟ پوءِ حسد ڪرڻ ۽ دشمن کي ڪنهن دنيا جي خوشيءَ ۾ ڏسي سڙڻ هر حال ۾ سمورو بي سود ۽ عبث آهي. ساري خلق خدا جي پيدا ٿيل آهي ۽ سڀ آدمي پنهنجي پياري خدا تعاليٰ جا غلام آهن، پوءِ محبوب جي طرفان جيڪي انعام ملن، انهن جا اثر ان جي غلامن تي ظاهر ٿيڻ گهرجن. ان واسطي جنهن تي به اوهان جي قدرت واري محبوب جي نعمتن جا آثار ظاهر ٿين، سي اوهان لاءِ خوش ٿيڻ جو ڪارڻ ٿيڻ گهرجي. نه رنج ۽ حسد ڪرڻ جو.


    بخل ۽ مال جي محبت

    بخل به هڪ وڏي برباد ڪندڙ بيماري آهي، حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته: “جيڪي ماڻهو الله جي ڏنل نعمت ۾ بخل ڪن ٿا، اهي ان کي پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهن، بلڪه هي انهن واسطي ڏاڍو بڇڙو آهي. ڇو ته ( جنهن مال ۾) بخل ڪندا، اهو طوق بنائي انهن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو.” حضرت نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي: “پنهنجي جند کي بخل کان بچايو، جو انهيءَ اڳين امتن کي برباد ڪيو آهي.” مسلمان جي شان وٽان نه آهي. جو بخل ڪري جهنم ۾ وڃي. جڏهن بخل حقيقت ۾ مال جي محبت آهي ۽ مال جي محبت دل کي دنيا جي طرف ڇڪي ٿي، جنهن کان الله جي محبت جو لاڳاپو ضعيف ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ بخيل مرڻ وقت ارمان ڀريل نظر سان پنهنجي جمع ڪيل، پياري مال کي ڏسي ٿو ۽ جبر ۽ قهر سان آخرت جو سفر ڪري ٿو، ان ڪري هن کي عظمت واري الله جي ملاقات پياري يا محبوب نه ٿي لڳي!
    حديث ۾ آيو آهي ته، “جو شخص مرڻ وقت الله تعاليٰ جي ملاقات کي پسند نه ڪري، اهو دوزخي آهي.” جنهن شخص وٽ مال نه هجي، اهو بخيل ته نه آهي، مگر هي ٿي سگهي ٿو ته هن جي دل ۾ مال جي محبت هجي ۽ مالدار ٿيڻ جي سڪ ۾ هجي. اهڙيءَ طرح ڪي شاهوڪار سخي ٿين ٿا، مگر جڏهن ته سخاوت مان انهن کي فقط پنهنجي مشهوري، ۽ ساراهه مقصد هجي ٿي، ان ڪري انهن تي جيتوڻيڪ بخل جي معنيٰ سچي نه ٿي اچي، مگر ته به مال جي محبت جي معنيٰ مٿن ضرور سچي اچي ٿي، پوءِ بخل جي علاج سان گڏ، مال جي محبت جو علاج به ٿيڻ گهرجي. ياد رکو ته مال جي محبت خدائي ذڪر کان غافل بنائي ٿي. هي مال مسلمان جي واسطي وڏو فتنو آهي.
    حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي: “جڏهن انسان مري ٿو، تڏهن فرشتا پڇن ٿا ته، ڇا ڇڏيو اٿس؟ پوءِ جي حياتيءَ ۾ مال خرچ ڪري ڪجهه توشو گڏ ڪيو هوندائين، ته مرڻ مهل خوش ٿيندو. ان لاءِ جو موڪليل مال جي وصول ڪرڻ جو وقت اچي ويو. جي نه ته غمگين ٿيندو ۽ ان کي مرڻ ڏکيو لڳندو. رپين جو ٻانهو تباهه ٿئي، اونڌو ٿئي، ان کي ڪنڊو لڳي، ته ڪو به ڪڍڻ وارو نه مليس.” هي حديث جو مضمون آهي. هاڻي اوهان خيال ڪريو، ته جنهن جي بابت حضرت رسول خدا ﷺ اهڙي بددعا ڪندا، ان کي ڪٿي امن ملندو؟
    فصل: ڄاڻڻ گهرجي ته مال هر حال ۾ خراب نه آهي. خراب ڪيئن ٿي سگهندو؟ جڏهن ته دنيا، آخرت جي کيتي آهي، ڇو ته ساري خلق، بدن جي گهوڙي تي سوار ٿي، آخرت جو سفر ڪري رهي آهي ۽ گهوڙي کي دنيا جي مسافرخاني ۾ گاهه ۽ داڻي جي ضرورت آهي ۽ اهو مال کان سواءِ هلي نه ٿو سگهي. جيستائين پيٽ نه ڀريو، تيستائين عبادت ٿي نه سگهندي، ان ڪري طاقت ۽ حياتي قائم رکڻ جي انداز آهر، مال حاصل ڪرڻ ضروري ٿيو. مگر هن کان وڌيڪ مال ۽ متاع حاصل ڪرڻ، برباديءَ جو سامان آهي. ڇو ته مسافر ضرورت جيترو توشو پاڻ سان رکندو آهي. جيئن بار ڳؤرو ٿئيس ٿو، تيئن سفر ڪرڻ مشڪل ٿئيس ٿو.
    حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته: “اي عائشه! مون سان ملڻ گهرين ته، ايتري دنيا تي قناعت ڪر، جيترو مسافر جو توشو ٿئي ٿو. ايستائين ڪنهن ڪپڙي کي پراڻو نه سمجهو، جيسين ان ۾ پيوند نه هڻو ۽ جيسين ان ۾ پيوند لڳي، تيسين ڪڙتو نه لاهيندا ڪريو. خدايا! محمد جي متعلق جو روزگار پورت جيترو ڪر ۽ وڌيڪ نه ڏي. نه ته برباد ٿي ويندا.” ياد رکو ته ضرورت کان وڌيڪ مال جمع ڪرڻ ٽن سببن ڪري ضرر پهچائيندو آهي:
    (1) مال جي سبب کان گناه جي قدرت ٿئي ٿي ۽ قدرت جي هوندي صبر ڪرڻ ۽ گناه کان بچڻ گهڻو ڏکيو آهي. جڏهن ضرورت کان وڌيڪ مال نه هوندو، تڏهن گناه پورو ٿي نه سگهندو.
    (2) جيڪڏهن مالدار ماڻهو، عابد ۽ زاهد به هجي ۽ مباح لذتن ۾ پيسو خرچ ڪري، تڏهن به ايترو نقصان هن کي ضرور پهچندو، جو ان جو بدن جڏهن ته لذيذ نعمتن سان پليل آهي ۽ لذتن جو عادي ٿي ويو آهي، پوءِ جنهن صورت ۾ مال کي بقاءُ ڪونهي، ان ڪري پنهنجي عادت پوري ڪرڻ واسطي مخلوق جو محتاج بڻيو رهندو ۽ ڪهڙو عجب جو ظالمن ۽ فاسقن جي آڏو هٿ ڊگهيرڻو پويس، يا انهن جي چاپلوسي ڪرڻي پويس. هن حالت ۾ نفاق ڪوڙ، رياءُ، دشمني، بغض ۽ حسد سڀئي ظاهر ٿيندا، ان ڪري حضرت رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته : “دنيا جي محبت سڀني گناهن جي پاڙ آهي.” ضرورت کان وڌيڪ پئسو پاڻ وٽ نه هوندو ته، مباح جو مزو به وات کي نه لڳندو.
    (3) سبب هي آهي ته حق تعاليٰ جي ذڪر کان غفلت ٿيندي. ڇو ته ڪڙمين، عملدارن، منشين ۽ نوڪرن جي نگراني ۾ ڀائيوارن سان حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي اسباب گڏ ڪرڻ جي تدبيرن ۾ اهڙي مشغولي ٿي ويندي، جو حقيقي سعادت، يعني الاهي ذڪر جو وقت ئي ملي نه سگهندو. هڪ ته روپين جو حاصل ڪرڻ، ٻيو انهن جي حفاظت، نگهباني، انهن جو ڪڍڻ ۽ ڪم ۾ لڳائڻ، اهي سڀ ڌنڌا دل کي ڪارو ڪن ٿا، جن کان بصيرت جو نور هليو ٿو وڃي، جڏهن ضرورتن کان وڌيڪ مال ئي نه هوندو، تڏهن اهي ڳڻتيون ۽ تڪليفون به پيش نه اينديون.

    فصل: هاڻي معلوم ڪرڻ گهرجي ته ضرورت ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي ۽ ڪيتري مال کي ڪافي مقدار چئجي ٿو؟ ڇو ته هر ڪو شخص کڻي ڪيترو به مالدار ٿي وڃي، ايتري قدر جو روءِ زمين جي بادشاهي به ان کي ملي وڃي، تڏهن به هو سمجهندو ته، هيءَ بادشاهي منهنجي ضرورتن لاءِ ڪافي نه آهي. انهي ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته فرضي ضرورتن جو اعتبار ڪونهي، سچي ضرورت، انسان کي فقط پيٽ ڀرڻ ۽ بدن ڍڪڻ جي آهي، پوءِ جي زينت ۽ سينگار جو خيال نه هجي، ته سڄي سال ۾، سياري ۽ اونهاري واسطي، رواجي ڪپڙا (جيڪي گرمي ۽ سردي دفع ڪري سگهن ) آسانيءَ سان تيار ٿي سگهن ٿا.
    کاڌي بابت جيڪڏهن پيٽ جو ڀرڻ سعيو ڇڏي ڏجي حساب لڳايو ته، ڪيترن ڄڻن جو نفقه يا خرچ اوهان جي ذمي آهي؟ پوءِ محنت ۽ مزدوريءَ سان ايتري قدر پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ نفقه روزانو حاصل ڪريو ۽ خرچ ڪري ڇڏيو. باقي سڄو وقت الله تعاليٰ جي ياد ۾ صرف ڪريو. جيڪڏهن هن کان وڌيڪ ڪمائيندو ۽ جمع ڪندؤ ته دنيا دار ۽ مالدار سمجهيا ويندؤ. جيڪڏهن ڪا زمين ۽ ٻي جائداد، جنهن جي سالياني آمدن گهربل مقدار جيتري ٿي وڃي، ته اها هن نيت سان خريد ڪريو، ته روزاني محنت ۽ مزدوريءَ کان بچي اطمينان سان الله الله ڪري سگهو، ته اڄ ڪلهه هن ۾ به حرڪت نه آهي، ڇو ته جائداد خريد ڪرڻ، زمين ۽ مٽيءَ ۾ رپيا لڳائڻ ان وقت ناجائز آهن، جڏهن ان مان دنيا طلبيءَ جو غرض هجي عزت ۽ جاه ۾ ترقيءَ جي نيت، يا زميندار ۽ سرمائيدار ٿيڻ جي دل ۾ خواهش هجي.
    مٿئينءَ صورت ۾ جڏهن ته دين حاصل ڪرڻ جو مطلب آهي، انهيءَ ڪري هي انهيءَ منع ۾ نه ٿو اچي، جيڪا حضرت رسول مقبولﷺ فرمائي آهي( )انهيءَ سان گڏ هن ڳالهه جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي ته، طبيعتون ۽ همتون جدا جدا قسمن جون هونديون آهن، انهي ڪري ممڪن آهي ته، ڪي ماڻهو مٿي بيان ڪيل ڪفايت واري گهٽ ۾ گهٽ مقدار تي، قناعت نه ڪري سگهن، انهيءَ واسطي انهن جي لاءِ وچولي مقدار جي به اجازت آهي، ڇو ته دين ۾ تنگي ڪانهي، مگر هن زيادتي ۾ هي نيت هجڻ گهرجي، ته جڏهن تخفيف ۾ تڪليف پيش اچي ٿي ۽ عبادت ۾ اطمينان (بي فڪري) نه ٿي ٿئي، انهي ڪري انسان کي دل جي بي فڪري ۽ اطمينان سان، خدا جي ياد گيريءَ ۾ مشغول رهڻ واسطي، وڌيڪ خرچ جي ضرورت آهي، نه مزي ۽ عيش واسطي. بس هن کان وڌيڪ، جو ماڻهو جمع ڪري رکندو، سو دنيا دار آهي ۽ ان کي مال جي محبت آهي، جا ان جو دين برباد ڪندڙ آهي. ياد رکو ته دنيا جمع ڪندڙ جا غرض جدا جدا ٿيندا آهن:
    (1) ڪن جو هي آهي ته مزا ڪريون ۽ لذتون وٺون.
    (2) ڪن جو هي آهي ته اڳتي موقع ۽ محل تي صدقا ۽ خيراتون ڪريون.
    (3) ڪي هن مصلحت ۽ دور انديشيءَ واسطي گڏ ڪري رکن ٿا ته، جيڪڏهن تنگيءَ جو وقت اچي وڃي يا محنت مزدوري نه ٿي سگهي يا فاقا ڪڍڻ جي نوبت اچي ته اها بچايل موڙي ڪم ايندي، سو ٻڌو ته اهي ٽيئي نيتون درست نه آهي. ڇو ته عيش ۽ لذت خدا تعاليٰ کان غافل ڪري ٿي، باقي خيرات ڪرڻ جي نيت سال مال جمع ڪرڻ کان هي بهتر آهي ته پاڻ وٽ مال ئي نه هجي. باقي رهيو آئينده واسطي مال جو جمع ڪرڻ، جنهن جو نالو دور انديشي آهي، سا ته ڪا چيز ڪانهيءَ، ڇو ته جيڪڏهن تقدير ۾ بکون ۽ مصيبتون لکيل هونديون ته اهي ان مال جي ڪري ٽري نه سگهنديون ۽ پڻ جهڙي طرح اوچتي آفت کان بي فڪري ڪانهي، تهڙي طرح هن ڳالهه جي به نااميدي ڪانهي ته حق تعاليٰ اهڙي جاءِ تان رزق پهچائيندو، جنهن جو اوهان کي گمان به نه هوندو.
    هن بدگمانيءَ ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي ته شايد ڪنهن وقت ۾ خدا تعاليٰ اوهان جو رزق بند ڪري، اوهان کي فاقا ڏئي؟ غلام کي پنهنجي آقا ۾ چڱو گمان رکڻ گهرجي، نه بد گماني. انهيءَ کان سواءِ هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هيءَ هوس ڪرڻ ته، سڄي عمر شاهوڪار ۽ تندرست رهندس ۽ ڪنهن وقت به ڪنهن قسم جي مصيبت يا رنج اسان کي نه پهچندو، چڱي ڳالهه نه آهي. آسودگي ۽ آرام جي حياتي سڀ ڪجهه سمجهڻ عقل وارن جو ڪم نه آهي. ڇو ته مصيبتن ۽ پريشانين جي ڪري بندن کي وڏا وڏا درجا ملن ٿا. انهن سان قلب جي صفائي ٿئي ٿي، انهن سان گناهه معاف ٿين ٿا ۽ اُهي فائدا حاصل ٿين ٿا، جن جو حاصل ٿيڻ آسان نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڀ کان وڏيڪ پريشانيون پيغمبرن عليهم السلام کي سهڻيون پيون ۽ انهن کان گهٽ پريشانيون، کانئن گهٽ رتبي وارن کي.
    مطلب ته خدا جي قرب ۾ پيغمبرن سان جيتري مناسبت هوندي، انهيءَ نسبت تي، اوتريون پريشانيون ۽ مصيبتون سهڻيون پونديون. ياد رکو ته الله تعاليٰ وڏي حڪمت وارو آهي، ان جو ڪو به ڪم حڪمت کان خالي ڪونهي. هو پنهنجن ٻانهن جي مصلحت کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ خدا تعاليٰ اوهان کي جنهن به حال ۾ رکي، ان ۾ اوهان جي ڀلائي آهي. ان ڪري پاڻ پنهنجي راحت تجويز ڪرڻ ۽ انهيءَ هوس ۾ ايندڙ مصيبت لاءِ ذخيرو گڏ ڪرڻ، ڄڻ ته پنهنجو انتطام پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ۽ پنهنجي تجويز کي خدا جي تجويز کان بهتر سمجهڻ آهي، جو سراسر حماقت ۽ ناداني آهي. ان کان سواءِ هي ڳالهه به غور جي لائق آهي ته موت کان اڳ واويلا ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ آئينده جي دنيوي زندگي، يعني ٻڍاپڻ ۽ ضعيفي، جي زماني جي فڪر ڪرڻ مان نتيجو ڪهڙو؟ نه اوهان هن فڪر واسطي پيدا ٿيا آهيو، نڪي اوهان جي فڪر ڪرڻ سان اوهان جو رزق، جيڪو مقدر ٿي چڪو آهي سو گهٽ يا وڌ ٿي سگهي ٿو. اوهان ته آخرت جا مسافر آهيو، ان جي سامان گڏ ڪرڻ واسطي دنيا ۾ موڪليا ويا آهيو، پوءِ ان جو فڪر ڪريو ۽ دنيا جي پرواه به نه ڪريو ته ڪيتري ملي ٿي ۽ ڪيئن ملي ٿي؟

    فصل: ڪفايت جو مقدار، جو اسان بيان ڪيو آهي، اهو تخميني ۽ اٽڪل طرح آهي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي طبيعتن،حالتن ۽ موسم جي سستائي مهانگائي جي ڦير گهير ڪري، ان ۾ زيادتي ۽ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اسان جو مقصد آهي ته مال کي دوا وانگر سمجهو، جا ضرورت آهر مفيد ۽ نفعو آهي، جي ان ۾ ٿوري زيادتي ڪئي وڃي ٿي ته اها بيماري کي وڌائي ٿي ۽ جي ان ۾ گهڻي زيادتي ڪئي وڃي ٿي ته، جند کي ئي نهوڙي ڇڏي ٿي. پوءِ جيترو ٿي سگهي، تيترو خرچ گهٽ ڪريو، جي تڪليف آهي ته فقط ٿورن ڏينهن واسطي آهي. ڇا لاءِ ته حياتي ٻن ٽن ڏينهن جي آهي. پوءِ اها ڪهڙو به حال هوندو ته گذري ويندي.
    فصل: بخل جي حد به معلوم ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اڪثر ماڻهو خود پنهنجي حالت ۾ شڪ ڪن ٿا ۽ نه ٿا سمجهن، ته اهي بخيل آهن يا سخي؟ انهيءَ ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته جڏهن شريعت مال خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي يا جتي مروت جي خواهش هجي، ته اتي مال نه خرچڻ بخل ۽ ڪنجوسائي آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي زال ۽ ٻارن کي اهونفقه يا خرچ برابر ڏئي ٿو، جيڪو مٿس قاضيءَ مقرر ۽ واجب ڪيو آهي. مگر هن کان وڌيڪ هڪ لقمو ڏيڻ به ان کي پسند نه ٿو اچي، ته هيءَ سختي جيتوڻيڪ شريعت جي برخلاف نه آهي، پر مروت جي برخلاف آهي.
    انهي ڪري اها بخل آهي، مثلا، اوهان ڪنهن دڪاندار کان ڪا شيءِ خريد ڪئي ۽ تمام ٿورڙي نقص يا عيب جي ڪري اها شيءِ واپس ڪيو، ته هيءَ واپسي جيتوڻيڪ شرعا جائز آهي. مگر جڏهن ته مروت جي برخلاف آهي، ان ڪري ان کي بخل چئبو. هتي هي شبهو ته ٿيڻ گهرجي، ته جڏهن اهو صورتون مروت جي ابتڙ هجڻ ڪري بخل ۽ ڪنجوسائي جون آهن، ته پوءِ اهي شريعت جائز ڇو ڪيون؟ ان جو جواب هي آهي، ته هن قسم جي بي مروتيءَ جي ڳالهين کي جائز چوڻ ۾ شريعت جي منشا هيءَ آهي ته عام ماڻهن جو پاڻ ۾ جهيڙو دور ٿئي ۽ بخيلن تي ايترو ٿورو بار وجهي، جيڪو هو کڻي سگهن، ته دنيائي انتظام قائم رهي. مگر ان سان گڏ مروت جو سلوڪ ۽ جيڪي اتفاقي ضرورتون پيش اچن، انهن کي پورو ڪرڻ به ضروري آهي.
    حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “جنهن مال جي ذريعي، ماڻهوءَ پنهنجي آبرو بچائي، اهو به صدقو آهي. مثلا، ڪنهن مالدار کي انديشو هجي ته هي شاعر منهنجي هجو ڪندو، پر جي آءٌ ان کي ڪجهه ڏيندس ته ان جي وات کي مهر لڳندي، پر ان علم هوندي به هو ان کي ڪجهه نه ڏيئي، ته اهو ماڻهوءَ بخيل سمجهيو ويندو، ڇو ته هن پنهنجيءَ آبرو بچائڻ جي تدبير نه ڪئي ۽ بري ماڻهوءَ کي برائي ڪرڻ جو موقعو ڏنائين. ظاهر آهي ته مال جي ذات يا جند مقصود ۽ محبوب نه آهي، ڇو ته ڪو به ان کي کائي ۽ ڳهي ڪو نه ٿو. مگر جڏهن ته مال جي وسيلي ضرورتون پوريون ۽ مصلحتون حاصل ٿين ٿيون، ان لاءِ مال مرغوب ۽ دل وڻندڙ آهي. هن بنا تي، جتي مال خرچڻ ۾ فائدو هجي،ا تي نه خرچڻ غلطي آهي.
    پوءِ جو ماڻهوءَ ضرورت هوندي به مال نه خرچي، ته سمجهو ته ان ماڻهوءَ کي مال جي جند مان محبت آهي ۽ انهيءَ فائدي سان، جيڪو مال مان، وٺجي ٿو، ان سان هن کي بلڪل واسطو ڪونهي. ڪڏهن مال جي محبت هن حد تائين وڌي ويندي آهي، جو انسان کي پنهنجو فائدو ۽ نقصان به نظر نه ايندو آهي. اها حالت بلڪل خطرناڪ آهي، جنهن کي جهل مرڪب چوڻ گهرجي. پوءِ اهڙي صورت ۾ عقل ۽ شرع جو پابند بنجڻ جو وڌيڪ خيال ڪريو. جنهن جاءِ تي خرچ ڪرڻ جو، اهي ٻئي حڪم ڏين، اتي يڪدم مال مان خرچ ڪريو. اهو ته بخل جو بيان هو، باقي رهي سخاوت، سو ان جي ته ڪا حد ئي مقرر ڪانهي. ايترو سمجهو، ته بخل جي حد کان ٻاهر نڪري جهڙو به خرچ ڪبو، سو سڀ سخاوت ۾ داخل آهي.
    علمي علاج هي آهي ته بخل جا اهي نقصان معلوم ڪريو، جن مان آخرت جي خرابي ۽ دنيا جي بدنامي ٻئي بخل مان پيدا ٿين ٿيون، ڄاڻو ته مال بخيل سان گڏ وڃڻ وارو ڪونهي صرف قبر جي کڏ تائين لاڳاپو رکي ٿو. دنيا ۾ انسان کي جيڪو مال ڏنو ويو آهي، سو صرف هن غرض لاءِ ته هو مال کي پنهنجي ضرورتن ۾ خرچ ڪندو رهي. پوءِ جي اوهان جانور بڻجي مال کي پنهنجي نفساني خواهشن جي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ڪندو ته وڏي ضروري نعمت، يعني آخرت جي لذتن کان محروم رهجي ويندؤ. جيڪڏهن مال دنيا ۾ اولاد واسطي ڇڏي مرندؤ ته اولاد کي ته آرام ڏيندؤ، مگر اوهان خود خالي هٿين هليا ويندؤ.
    هاڻي اوهان ٻڌايو ته هن کان وڌيڪ ڪا ٻي حماقت ٿي سگهي ٿي؟ ذرا غور ڪريو ته جيڪڏهن اوهان جو اولاد صالح ۽ نيڪ بخت ٿيندو، ته ڇا خدا ان جي ضرورتن جو ڪفيل ۽ ڪارساز نه ٿيندو؟ ( ) پوءِ اوهان جي مال جمع ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن خدانخواسته اولاد بدڪار ٿيو ته اهو اوهان جو جمع ڪيل مال خدا تعاليٰ جي نافرماني ۾ خرچ ڪندو. ان جو اوهان تي وبال پوندو. ڇو ته بي فرماني جو سبب اوهان ٿيا آهيو. جيئن جيئن ٻيا ماڻهو اوهان جي مال مان عيش ۽ عشرت ڪندا، تيئن تيئن اوهان کي وڌيڪ عذاب ٿيندو. انهيءَ قسم جي ڳالهين سوچڻ ۽ بخل جي نتيجن تي غور ڪرڻ سان، اميد آهي ته انشاءَالله تعاليٰ اوهان کي بخل کان شفا ملندي.
    عملي علاج هي آهي ته نفس تي جبر ڪريو ۽ خرچ ڪرڻ جي پاڻ کي زور سان عادت وجهو. ضرورتن جي وقت تي، خرچ ڪرڻ جي خوبين جو تصور ڪري نفس تي ايترو زور وجهو، جو خرچ ڪرڻ جي نفس کي رغبت ٿيڻ لڳي. پوءِ درجي بدرجي برا خيال ۽ بداخلاق دور ڪندا رهو، ته بخل جي پاڙ پٽجي وڃي ۽ مال جو خرچ ڪرڻ خالص خدا ڪارڻ بڻجي وڃي.


    شهرت ۽ وڏ ماڻهائپ جي تانگهه

    حق تعاليٰ فرمائي ٿو: “آخرت جي جاءِ جون ڀلايون انهن واسطي خاص آهن، جيڪي زمين تي رهي وڏائي، فتنو ۽ فساد ڪرڻ نه ٿا گهرن.، حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمائين ٿا ته، “ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ٻه بگهڙ اچي پون ۽ اهي ايترو نقصان نه ڪندا، جيترو مال ۽ معتبرائپ جي محبت، ديندار مسلمان جي دين کي نقصان ڪري ٿي.” خوب سمجهو ته رعونت (وڏائي) ۽ وڏ ماڻهائپ جي تانگهه بري بلا آهي. انهن سان دل ۾ منافقي پيدا ٿئي ٿي. حقيقت ۾ اهي ماڻهو وڏي آرام ۾ آهن، جن کي ڪو به ڪو نه ٿو سڃاڻي. سادا ۽ مٽيءَ هاڻا ماڻهو، جن کي ماڻهو پاڻ وٽ وهارڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ نڪي امير انهن کي پنهنجن بنگلن ۾ اچڻ جي اجازت ٿا ڏين، جيڪڏهن هو نڪاح ڪرڻ گهرن ته ڪو به انهن کي نياڻي ڏيڻ پسند نه ڪري، ڦاٽل ۽ پراڻن ڪپڙن سان ذلت ۽ مسڪينيءَ جي حالت ۾ پيا آهن، انهن ۾ اهڙا بندا ٿين ٿا، جو جيڪڏهن اهي ڪنهن ڳالهه لاءِ قسم کڻن، ته الله تعاليٰ انهن جي خاطر ان کي پورو فرمائي ٿو.
    ياد رکو ته جڏهن انسان جي شهرت (مشهوري) ٿي ۽ هن کي عزت جي مسند تي وهڻ ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ پسند آيو، تڏهن سمجهو ته ان جي لاءِ بربادي ۽ بدبختي اچي ويئي. خدا جا بندا پنهنجو پاڻ کي گهڻو لڪائن ٿا. باقي جي سندن طلب ۽ خواهش کان سواءِ خود خدا تعاليٰ انهن کي ظاهر فرمائي ته پوءِ انهن کي پنهنجو پاڻ لڪائڻ مناسب نه آهي. ڏسو پيغمبرن عليهم السلام، خلفاءِ الراشدين ۽ اڪثر اوليائن جي دنيا ۾ شهرت ٿي آهي مگر جڏهن ته انهن مان ڪنهن به پنهنجي شهرت جي آرزو يا خواهش نه ڪئي، بلڪه محض خدا تعاليٰ جي مطيع ۽ فرمانبردار هئا، جو جنهن به حال ۾ خدا انهن کي رکيو، ان تي راضي رهيا، انهيءَ ڪري انهن کي نه تڪبر پيدا ٿيو ۽ نه کين عزت ۽ آبرو جي محبت پيدا ٿي. ڇو ته معتبرائپ ان جو نالو آهي، جو ماڻهو پنهنجي شهرت جي پاڻ خواهش ڪري ۽ ظاهر آهي ته ان کان رعونت يا وڏائي پيدا ٿئي ٿي. حق تعاليٰ شل پناهه ڏئي.

    فصل: معتبرائپ جي معنيٰ هيءَ آهي ته، “ماڻهو ٻين ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ گهري ۽ هيءَ خواهش ڪري ته هنن جون دليون منهنجون مطيع بنجي وڃن ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ۽ جان ڏيڻ ۾ به نه هٻڪن.” مال ساڻ به ماڻهوءَ کي ان واسطي محبت ٿيندي آهي ته مال حاجتن جي پوري ٿيڻ جو وسيلو بڻجي، وڏ ماڻهائپ ۽ سهرت جي خواهش ۽ انهيءَ واسطي ٿيندي آهي ته ڪا به ضرورت بند نه رهي. پوءِ مقصد جي اعتبار سان ٻئي هڪڙي فائدي جو سبب آهن. مگر جڏهن ته معتبرائپ سان، مال به حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي ڪو چورائي يا ڦري به نه ٿو سگهي. مال جي وسيلي هروڀرو معتبرائپ حاصل نه ٿي ٿئي ۽ مال ۾ چوريءَ ۽ ڦر جو خطرو به رهي ٿو، ان ڪري معتبرائپ جي لڇ مال جي حب کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته هي عام قاعدو آهي ته جنهن وقت ڪنهن جي تعظيم جو اعتقاد ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ضرور ماڻهو ان جي ساراه ڪن ٿا ۽ ٻين کي به هن ڳالهه ۾ پنهنجو هم خيال بنائن گهرن ٿا.
    جڏهن انهن کي ان جي ڳڻتي لڳي ٿي، تڏهن گهڻو ڪري ڪامياب به ٿي وڃن ٿا. پوءِ اهڙي طرح هي سلسلو جاري رهي ٿو ۽آخرڪار بنا تڪليف ۽ بنا دقت جي ڪاميابي ٿي وڃي ٿي. هن جي خلاف مال جي جمع ڪرڻ ۾ سوين تدبيرون ۽ حيلا ڪرڻا پون ٿا، پوءِ به دل تي مال جمع ٿين مشڪل آهي. انهيءَ سبب ڪري ماڻهوءَ کي مال کان معتبرائپ ۽ عزت طلبڻ جي محبت ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. معتبرائپ جي گهڻي هجڻ جو هڪ سبب هي به آهي ته هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي وڏائي ۽ عزت جي طبعا خواهش ٿئي ٿي ۽ هر هڪ شخص گهري ٿو، ته مان اهڙو بي مثل ۽ زماني ۾ يڪتا بڻجان، جو فقط مان ئي هجان! حالانڪه هيءَ خدائي حقيقت آهي ۽ صرف خدا تعاليٰ کي شايان آهي. ڇو ته يڪتائي ان جو شان آهي ۽ سڄي مخلوقات، انهيءَ واجب الوُجود جي نور جي قدرت جو عڪس آهي.
    پوءِ جيڪو انسان، معتبرائپ ۽ عزت طلبڻ جي مرض ۾ گرفتار آهي، اهو گويا الله تعاليٰ جلشانه جي برابر ٿيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان سان انهيءَ نسبت جي قائم رکڻ کان ناراض آهي جيڪا اُس کي سج سان آهي. گويا هن جو نفس فرعون وانگر ‘انا ربکم الاعليٰ’ وارو دم هڻي رهيو آهي. (مان اوهان سڀني جو وڏو پالڻهار آهيان) تفاوت فقط هي آهي ته، فرعون هي ڪلمو زبان مان ڪڍيو هو ۽ ماڻهن جي آڏو چيو ۽ ٻيا ماڻهو هن کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ويٺا آهن. مگر جڏهن ته يڪتائي جو شان ڪنهن کي حاصل ٿي نه ٿو سگهي ۽ انهيءَ تمنا ۽ ڪامياب ٿيڻ محال آهي، انهيءَ ڪري انسان جو نفس چاهي ٿو ته جيڪڏهن مستقل وجود ۾ ڪامياب نه ٿيان، ته گهٽ ۾ گهٽ سڄي مخلوق تي منهنجو قبضو ٿئي ۽ جنهن شيءِ تي جيڪو گهران سو تصرف ڪريان. مگر جڏهن ته آسمان، تارن، جبلن، سمنڊن ۽ ٻي وڏي مخلوقات تي قبضو ڪرڻ کيس مشڪل نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري ڪجهه هيٺ لهي، هن ڳالهه جي سڌ ڪري ٿو ته صرف زمين جي مخلوق تي مالڪاڻو تصرف حاصل ٿي وڃيم.
    يعني حيوانات مسخر يا مطيع ٿي وڃي، معدني ۽ نباتاتي شيون تابع بنجي وڃن، آسماني شين ۽ زمين جي وڏي مخلوقات جي (جن تي مالڪاڻو تصرف ٿيڻ ناممڪن آهي) واقفيت ۽ پوري تحقيق حاصل ٿي وڃي. يعنيءَ جي مٿن هٿ جو قبضو نه ٿيو، ته علم جو ئي قبضو قائم رهي ۽ دنيا جي آباديءَ مان، عقل واري مخلوق، يعني انسان پنهنجي دل جي اعتبار سان مطيع ۽ فرمانبردار بنجي وڃن، جو منهنجي بزرگيءَ ۽ وڏائيءَ جا معتقد ٿي، مونکي صاحب ڪمال سمجهڻ لڳن ۽ هٿ ٻڌي، منهنجي تعظيم ڪن منهنجيءَ شهرت جو آواز، انهن ملڪن تائين پهچي وڃي، جتي مان پاڻ پهچي نه ٿو سگهان. لاحولا وَلا قوته اِلا بالله !

    فصل: انسان هڪ ڏينهن مرڻ وارو آهي. سندس وڏ ماڻهائپ ۽ شهرت ان جي مرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندا.پوءِ جي اها بي بقا شهرت کڻي حاصل به ٿئي ۽ مخلوق ۾ شهرت ۽ عزت به ملي وڃي ته ٿيو ڇا؟ اها ته خوبي ۽ ڪمال جي ڳالهه نه آهي، ڪمال اهڙيءَ شيءِ جي حاصل ڪرڻ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ موت به ڪو خلل يا نقصان پيدا نه ڪري سگهي ۽ اها خدائي معرفت آهي، ڇو ته معرفت وارو ماڻهو دنيا مان کڻي انتقال به ڪري وڃي ته به معرفت جي بيشمار درجن ۾ سندس ترقي ٿيندي رهي ٿي. انهيءَ شهرت ۽ وڏائي جي شوق جو علاج ڪريو، ان جي محبت دل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ ائين سمجهو ته، جيڪڏهن مثلا، سڄي دنيا کڻي اوهان کي سجدو به ڪرڻ لڳي، ته آخر ڪيسين ڪندي؟ نيٺ هڪ ڏينهن اهو به ٿيندو جو نه اوهان باقي رهندؤ ۽ نه سجدي ڪرڻ وارا رهندا.
    تعجب آهي ته زمانو ته اوهان سان ايتري ڪنجوسي ڪري ٿو، جو شهر يا ڳوٺ ته بجاءِ خود، فقط پنهنجي محلي يا پاڙي تي به اوهان کي پورو قبضو ڪرڻ نه ٿو ڏئي. پر اوهان زماني جي همدرديءَ ۾ اهڙي طرح ٻڏي ويا آهيو، جو دائمي نعمت ۽ ابدي سلطنت جي ڇڏڻ تي راضي ٿي پيا آهيو ۽ دنيا جي هن زبون ۽ حقير هاڪ يا مشهوريءَ تي ۽ چند اهڙن بيوقوف ۽ ضعيف ماڻهن جي تعظيم ڪرڻ تي ڦنڊجي پيا آهيو، جن کي نه ڪنهن جي مارڻ ۽ جيارڻ جو وس آهي ۽ نه ڪنهن کي نفعي ۽ نقصان پهچائڻ جي کين قدرت ئي آهي. انهيءَ ڪري پائدار عزت ۽ ملڪوتي جهان جي شهرت وڃائي ويٺا آهيو، جا حق تعاليٰ جي برگزيده ۽ پاڪ مخلوق ۽ فرشتن ۾ اوهان کي حاصل ٿيڻي آهي.
    هان! هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ماڻهو مال وانگر ضرورت آهر معتبرائپ عزت جي به محتاج آهي، انهيءَ لاءِ ته خلق جي ظلم ۽ زبردستيءَ کان سلامت رهي ۽ ظالم حاڪمن جي شر کان بي فڪر ٿي دل جي اطمينان ۽ آرام سان خدا تعاليٰ جي عبادت ۽ يادگيريءَ ۾ مشغول رهي سگهي. انهيءَ ڪري ايتري عزت يا معتبرائپ جي طلب ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، مگر ان سان گڏ هن جو خيال رکڻ به ضروري آهي ته اها ضرورت جيتري عزت ۽ آبرو، پنهنجي عبادت ۾ رياءَ ۽ ڏيکاءَ ڪرڻ سان حاصل نه ڪريو، ڇو ته رياءَ حرام آهي ۽ متقين ۽ صوفين جهڙي صورت بنائي به خلق کي ڌوڪو نه ڏيو. ڇو ته جيڪڏهن درويشن يا عالمن واري صورت بنائي خلق ۾ عزت لهندؤ ته خدا تعاليٰ وٽ مڪار سمجهيا ويندؤ. جا حالت دل ۾ نه هجي، محض صورت بنائي، ان جو اظهار ڪجي ته اهو ڌوڪو ۽ مڪر آهي. ڌوڪو ۽ مڪر حرام آهن. مطلب ته معتبرائپ ۽ عزت جي مطلب ڪرڻ، وڏي خطرناڪ چيز آهي! ان جي هوس ماڻهوءَ کي هڪ حال تي قناعت ڪرڻ يا راضي رهڻ نه ٿي ڏئي. سچ پڇو ته دين انهن ماڻهن جو سلامت آهي، جن جو حال ايترو لڪل آهي، جو انهن کي ڪو به ٿو ڄاڻي، ته اهي ڪهڙي درجي جا آهن؟

    فصل: معتبرائپ جي حب گهڻو ڪري ثنا ۽ ساراه جي خواهش ڪري ٿيندي آهي. ڇو ته ماڻهوءَ کي پنهنجي ساراه ۾ لذت ايندي آهي ۽ ان مان لذت اچڻ جا سبب ٽي آهن، پهريون، هي ته جڏهن ته ڪمال الله تعاليٰ جي صفت آهي، ۽ هر شخص کي خواهش آهي ته مون ۾ به هيءَ صفت پيدا ٿئي، ان ڪري نفس پنهنجيءَ تعريف ۾ خوش ٿئي ٿو. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته بيوقوف ۽ جاهل ماڻهوءَ جي تعريف ڪرڻ مان ايتري خوشي ڪا نه ٿيندي آهي، جيتري ڪنهن داناءَ ۽ هوشيار جي ساراهه مان.
    ٻيو، هي ته ٻئي ماڻهوءَ کي مطيع ۽ تابع ڪرڻ جي خواهش هر ماڻهوءَ کي ٿيندي آهي. جڏهن پنهنجي ساراه ٻڌندي هي معلوم ٿئي ٿو ته ساراه ڪندڙ جي دل تي منهنجو اثر ۽ قبضو ٿي ويو آهي، ان ڪري نفس کي ان ۾ لذت ۽ مزو اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪڏهن ڪو عزت وارو ماڻهو تعريف ڪري ٿو ته وڌيڪ خوشي ٿئي ٿي، جي محتاج يا پينو فقير تعريف ڪري ٿو ته بلڪل خوشي ڪا نه ٿي ٿئي. ڇو ته هن جي دل تي قبضو ڪرڻ ڪو ڪمال يا خوبي سمجهي نه ٿي وڃي.
    ٽيون، هي خيال ٿئي ٿو ته ان سان منهنجي مشهوريءَ جي آواز بلند ٿيڻ جو ذريعو پيدا ٿي پيو، جو ماڻهن کي منهنجيءَ تعريف ڪرڻ ڏي ڌيان ٿيو آهي. هاڻي اهي ساراهيندڙ آهسته آهسته، پکڙجي ۽ پٿرجي، ساري دنيا ۾ تمام ترت منهنجي شهرت ڪرائي وٺندا. انهيءَ ڪري ساراه کان نفس ڦنڊي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مجلس ۾ تعريف ٿيڻ سان جيتري خوشي ٿئي ٿي، اوتري اڪيلائي ۾ تعريف ٿيڻ سان خوشي نٿي ٿئي. چڱي طرح سمجهو ته هن تعريف جي محبت ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڪري ريا ۽ طرح طرح جي ٻين گناهن ۾ گرفتار ٿي ويا آهن. پوءِ ان جو علاج ضروري ڪرڻ گهرجي.


    تعريف جي لونجهه جو علاج

    غور ۽ ويچار ڪريو ته تعريف ڪندڙ، ڪهڙي ڳالهه جي تعريف ڪري ٿو؟ جيڪڏهن اوهان جي مال ۽ عزت جي تعريف ڪري ٿو ته، سمجهڻ گهرجي ته مال يا عزت ڪا ڪمال جي شيءِ نه آهي، خوشي ته حقيقي ڪمال (خدائي معرفت) جي حاصل ٿيڻ تي ڪرڻ گهرجي ۽ وهمي ڪمال ته رئڻ جي لائق آهي ۽ خوشيءَ جي شيءِ نه آهي.
    جيڪڏهن اوهان جي زهد ۽ پرهيز گاريءَ جي تعريف ڪري ٿو ته ان جون ٻه صورتون آهن: هڪ هيءَ ته سچ پچ اوهان زاهد ۽ پرهيزگار به آهيو ۽ ان بابت اوهان جي تعريف سچي پچي ٿي رهي آهي. ٻي صورت هيءَ ته اوهان زاهد ۽ پرهيز گار نه آهيو، فقط اوهان جي خوش ڪرڻ لاءِ اوهان جي ڪوڙي تعريف ڪئي وڃي ٿي. پوءِ جي سچي تعريف آهي ته ان جو علاج هن طرح ڪريو: يعني دل ۾ سوچيو ۽ غور ڪريو ته انهن تعريف وارين ڳالهين جو اوهان ۾ هجڻ ۽ انهن کي حق تعاليٰ جو قبول فرمائڻ خوشي جي ڳالهه آهي، باقي ٻين جو بيان ڪرڻ ته رواجي ڳالهه آهي. ڇو ته ماڻهن جي ظاهر ڪرڻ کي قبوليت ۽ الاهي قرب ۾ ڪجهه اثر يا دخل ڪونهي. جي زهد ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪوڙي تعريف ٿي رهي آهي ته ان تي خوش ٿيڻ پڌري پٽ ناداني ۽ حماقت آهي. ان جو مثال هن طرح آهي ته ڪو ماڻهو، اوهان جي هن ريت تعريف ڪري ته، “اوهان جي آنڊن ۽ معدي مان عطر جي خوشبو اچي ٿي.” حالانڪه اوهان کي خبر آهي ته انهن ۾ پليدي ۽ فضلو ڀريو پيو آهي پوءِ جي انهيءَ بيجا ساراه ۽ ظاهر ظهور ڪوڙي، تعريف تي خوش ٿيڻ لڳو ته اوهان ئي ٻڌايو ته هن کان وڌيڪ ڪهڙي بيوقوفي ٿيندي؟ وڏ ماڻهائپ ۽ شهرت جو علاج، اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون. ان تي عمل ڪرڻ سان، اميد آهي ته خدا جي فضل سان ان جي حب ۽ مدح جي حب جي پاڙ پٽجي ويندي.


    دنيا جي محبت

    دنيا فقط مال ۽ عزت جي محبت جو نالو نه آهي، بلڪه موت کان اڳ، جنهن به حالت ۾ اوهان آهيون، اها سڀ دنيا آهي. دنيا جي محبت سڀني گناهن جي پاڙ آهي. دنيا جي سڀني جهيڙن، جهڳڙن، مخلوقات ۽ موجوده شين سان، لاڳاپي رکڻ جو نالو دنيا جي محبت آهي. مگر خدائي علم ۽ خدائي معرفت ۾ اهي نيڪ ڪم، جن جو ڦل ۽ نتيجو مرڻ کان پوءِ ملڻ وارو آهي، انهن جو وجود جيتوڻيڪ دنيا ۾ لڀي ٿو. مگر در حقيقت اهي دنيا کان خارج ۽ علحده آهن ۽ انهن جي محبت دنيا جي محبت نه آهي. بلڪه آخرت جي محبت آهي. حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته: “اسان دنيا جي سڀني شين کي، زمين جي زينت بنايو آهي، تان ته ماڻهن کي آزمائيون ته ڪير ان تي ٺڳجي، آخرت وڃائي ٿو ۽ ڪير ضرورت آهر سفر جو توشو سمجهي، پنهنجي آخرت سڌاري ٿو؟”
    ياد رکو ته ماڻهوءَ کي معتبرائپ ۽ مال کان سواءِ، زمين جي محبت به ٿيندي آهي، جيئن جائيداد ٺاهي ٿو يا کيتي ڪري ٿو ۽ نباتات جي محبت به ٿيندي اٿس، جيئن جڙيءَ ٻوٽيءَ کي دوائن ۾ استعمال ڪري ٿو. ترڪاريون ۽ ٻيا ميوا کائي ٿو ۽ انهن مان مزو وٺي ٿو ۽ معدني شين جي به محبت ٿيندي اٿس، جيئن انهن مان ٿانو ۽ اوزار جوڙي ٿو يا زيور بنائي ٿو يا نقد جمع ڪري ٿو ۽ ماڻهوءَ کي حيوانات جي به محبت ٿيندي آهي، جيئن شڪار ڪري ٿو ۽ کائي ٿو يا انهن تي سوار ٿئي ٿو ۽ پنهنجي زينت وڌائي ٿو ۽ ماڻهن جي محبت به ٿيندي اٿس، جيئن عورتون نڪاح ۾ آڻي ٿو ۽ خدمتگار بنائي ٿو ۽ مردن کي غلام، نوڪر ۽ خادم بنائي ٿو، انهن شين جي محبت جو نالو نفس جي خواهش آهي، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو آهي: “جنهن پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو، ان جي جاءِ جنت آهي.” ياد رکو! ته دنيا جي حياتي محض راند ۽ تماشو آهي، جنهن مان اڪثر دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جيئن غرور، وڏائي، دشمني، ساڙ، رياءُ، فخر ۽ دنيا جي وڌائڻ جو حرص.
    جڏهن ماڻهوءَ کي دنيوي حياتي جي بندوبست ۽ سينگار جو شوق پيدا ٿئي ٿو، تڏهن حرفت، صنعت، کيتي ۽ واپار جي بي بقا ڌنڌن ۾ اهڙو ڦاسي وڃي ٿو، جو ان کي اڳ ۽ پوءِ جي ڪجهه ڪل نه ٿي پوي ۽ ان جو ظاهر ۽ باطن ٻئي دنيا ۾ محو ٿي وڃن ٿا. دل دنيا جي محبت ۾ مشغول ٿي وڃي ٿي، بدن ان جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ کپي وڃي ٿو، حالانڪه دنيا آخرت جو توشو آهي، ان مان مقصود هي آهي ته، آخرت جا مسافر آسانيءَ سان پنهنجو سفر پورو ڪري سگهن. مگر بيوقوف ۽ نادان ماڻهو ان کي اصلي مقصود سمجهي ويٺا آهن. انهيءَ ڪري طرحين طرحين مشغولين ۽ قسمين خواهشن ۾ اهڙا ڦاسجي ويا آهن، جو ايندڙ وقت کي بلڪل وساري ويٺا آهن. انهن جو مثال هيئن آهي، جيئن ڪو شخص حج جي نيت سان روانو ٿئي ۽ جهنگ ۾ پهچي سواريءَ واري وهٽ جي گاهه، داڻي ۽ ان جي ٿلهي متاري ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳي وڃي ۽ رفيقن کان پٺتي رهجي وڃي، افسوس آهي ان جو حال تي جو جهنگ ۾ رهجي ويو ۽ قافلو ڪوچ ڪري ويو ۽ جنهن نيت سان نڪتو هو يعني حج، اهو به گذري ويو ۽ نتيجو هي نڪتو ته، جهنگلي جانورن ان جي ٿلهي، متاري وهٽ کي چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ کيس به پنهنجو لقمو بنائي وڌو.
    ياد رکو! ته دنيا آخرت جي کيتي ۽ مسافر خانو آهي ۽ اوهان پنهنجي خاڪي جسم تي سوار ٿي آخرت جو سفر ڪري رهيا آهيو، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته پنهنجي وهٽ جو گاهه ۽ داڻو ڪفايت ۽ پورت جيترو کڻو ۽ سفر جي گهرجن ۾ ڪم اچڻ وارو سامان جمع ڪري اهو ٻج پوکيو، جنهن کي آخرت ۾ لڻو ۽ سدائين جي حياتي آرام ۽ راحت سان گذاريو. جي وهٽ جي پالڻ ۽ متاري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندٖؤ ته قافلو ڪوچ ڪري ويندو ۽ اوهان منزل مقصود تي پهچي نه سگهندو.
    دنيا ۾ ماڻهن جو مٿال ائين آهي، جيئن ٻيڙيءَ ۾ ڳچ جيترا ماڻهو سوار هجن ۽ اها ٻيڙي ڪنهن ٻيٽ جي ڪناري تي اچي بيهي رهي. ٻيڙيءَ جو ملاح مسافرن کي موڪل ڏئي، ته ٻيٽ ۾ لهي وڃي پنهنجون گهرجون پوريون ڪري اچو. مگر خبرداريءَ سان ڪم ڪجو. جو هي ٻيٽ تمام خطرناڪ آهي، ۽ اڃا سفر به بلڪل گهڻو ڪرڻو پيو آهي. مطلب ته مسافر لهي پيا ۽ ٻيٽ ۾ هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي، گهڻن قسمن ۾ وراهجي ويا:
    (1) ڪي انهن مان ضروري ڪمن کان فارغ ٿي، ستت موٽي آيا ۽ اجايو وقت وڃائڻ انهن کي چڱو نه لڳو. ٻيڙيءَ ۾ اچي ڏٺائون ته بيڙي خالي پيئي آهي، انهيءَ ڪري پنهنجيءَ خواهش موافق ٻيڙيءَ مان اعليٰ درجي جي هوادار ۽ ڪشادي جاءِ ڳولي ان ۾ ويهي رهيا.
    (2) ڪي انهن مان ٻيٽ جي خوشگوار هوا کائڻ ۽ خوش الحان پکين جي مٺڙين ٻولين ٻڌڻ ۾ لڳي ويا، مخمل جهڙي سائي فرش، رنگارنگي گلن، قسمين قسمين ٻوٽن ۽ طرحين طرحين پٿرن ۽ وڻن جي گلڪارين ۾ مشغول ٿي ويا. مگر پوءِ سگهو ئي هوش اچي وين ۽ جلد ٻيڙيءَ ڏي واپس ٿيا. ٻيڙيءَ وٽ اچي ڏٺائون ته جڳهه تنگ ٿي ويئي آهي ۽ کانئن اڳ آيل ماڻهو دلڪشا ۽ هوا دار جاين تي بسترو وڇائي ويٺا آهن. انهيءَ ڪري اهي پوءِ ايندڙ ماڻهو تنگ جاءِ ۾ تڪليف سان ويهي رهيا.
    (3) ڪي انهن مان انهيءَ ٻيٽ جي عارضي بهار تي اهڙا موهجي ۽ ٺڳجي ويا. جو درياءَ جي خوشنما سپن ۽ جبلن جي خوبصورت پٿرن کي ڇڏڻ انهن کي ڏکيو لڳو. پوءِ انهن اهي سپون ۽ پٿر گڏ ڪري، پٺيءَ تي کنيا ۽ سمنڊ جي ڪناري تي پهچي ڏٺائون ته ٻيڙي مسافرن سان ڀري پئي آهي. ان ۾ نه سندن ويهڻ جي جاءِ آهي ۽ نه سندن اجائي بار رکڻ جو ڪو هنڌ آهي. هاڻي حيران آهن ته ڇا ڪن؟ نه بار ڦٽي ڪرڻ سندن نفس کي منظور آهي ۽ نه کين پنهنجي ويهڻ جي جاءِ ٿي ملي. وڃن سو وڃن ڪاڏي؟ مطلب ته: “قهر درويش برجان درويش” واري ڪار آهي. آخر نهايت دقت ۾ مشقت سان تمام تنگ جاءِ ۾ فقط پاڻ مس ماپي سگهيا. باقي بار سو مٿي تي کڻڻو پين. هاڻي انهن جي حالت جو اوهان ئي اندازو ڪريو ته ڪهڙيءَ نه مصيبت ۾ هوندا؟ چيلهه ڌار ڏکندين ۽ ڪنڌ جدا ڀڄندن. جنهن مصيبت ۽ تڪليف سان سندن وقت گذرندو، ان کي سندن دل ئي چڱي طرح ڄاڻندي.
    (4) ڪي انهن مان، انهيءَ ٻيٽ جي دل افروز سونهن تي اهڙا عاشق ٿي پيا، جو ٻيڙيءَ ۽ سمنڊ کي بلڪل وساري ويٺا ۽ گلن سنگهڻ ۽ ميون کائڻ ۾ لڳي ويا. ڪا خبر ڪا نه رکيائون ته ڪيڏانهن هلڻو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ هتي رهڻ سان، ڪهڙن ڪهڙن دردندن ۽ موذي جانورن جو کاڄ ٿيڻو پوندو؟ نيٺ سڀني ساٿين کان پوءِ ڀڳيءَ دل سان، سمنڊ جي ڪپ تي آيا ته ٻيڙيءَ ۾ نالي خاطر به جاءِ ڪا نه هئي. انهن جي اچڻ تي ٻيڙي به يڪدم اتان لنگر کڻي، هلڻ لڳي ۽ اهي ماڻهو ڪنڌيءَ تي حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجن سنگتين کي ڏسندا رهجي ويا. آخرڪار نتيجو هي نڪتو ته ٻيٽ جي درندن انهن کي چيري ڦاڙي ماري وڌو، موذي جانورن انهن جي نازڪ ۽ خوبصورت بدن کي ٽڪڙا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهو ئي حال، بعينه دنيادار ماڻهو جو آهي. هاڻي اوهان غور ۽ ويچار ڪريو ته ڪهڙن ماڻهن تي، ڪهڙو مثال ٺهڪي اچي ٿو؟

    فصل: جنهن ماڻهوءَ پنهنجي نفس جي حقيقت کي سڃاتو ۽ الاهي معرفت حاصل ڪئي ۽ ڪميڻيءَ دنيا جي ماهيت معلوم ڪئي، اهو چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته آخرت جون جاويد يا دائمي نعمتون حق تعاليٰ جلشانه جي محبت کان سواءِ هرگز ملي نه سگهنديون. حق تعاليٰ جي محبت سان، دنيا جي محبت جو گڏ ٿيڻ ناممڪن آهي. جيسين ماڻهو دنيا کان منهن نه موڙيندو، (جو ان جي فاني لاڳاپن کي ڇني ڇڏي ۽ ضرورت جيتري دنيا تي قناعت ڪري، اطمينان ۽ بي فڪريءَ سان، هر لحظي ۽ هر گهڙي خدا تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي) تيسين حق تعاليٰ جي محبت پيدا ٿيندي. جيڪڏهن اوهان جي اهڙي حالت ٿي پوي ۽ بصيرت جي نور سان اهي راز کلي پون، ته پوءِ اوهان کي ڪنهن جي سمجهائڻ ۽ ٻڌائڻ جي گهرج ئي نه رهندي. جي نه ته شريعت جا تابع ۽ پوئلڳ ٿي ڏسو ته الله تعالٰ دنيا جي ڪيتري قدر نه مذمت فرمائي آهي ۽ ڪيترو نه ان کي ننديو آهي!
    قرآن پاڪ جو اٽڪل ٽيون ڀاڱو انهيءَ سبز باغ ۽ قاتل زهر جي براين جي بيان سان ڀريو پيو آهي. جيئن فرمائي ٿو: “جن سرڪشي ڪئي ۽ دنيا کي آخرت تي ترجيح يا فضيلت ڏني، اهي دوزخي آهن.” حضرت رسول ڪريم ﷺ فرمايو آهي: “تعجب آهي انهن ٻانهن تي، جيڪي باقي رهندڙ جهان کي سچو به سمجهن ۽ هن فانيءَ جهان تي ٺڳجي به پون.” پڪ ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو دنيا کي مقصود سمجهي ان جي ڪمائڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، اهي سدائين پريشان رهن ٿا. ڇو ته انهن جي طلب ۽ تات ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ۽ انهن جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪڏهن به نه ٿي لهي. انهن جي آرزو ڪڏهن به پوري نه ٿي ٿئي ۽ انهن جو درد ۽ دک، رنج ۽ غم ڪڏهن به دور نه ٿو ٿي سگهي.
    حديث ۾ آيو آهي ته حضور پرنور ﷺ هڪ دفعي حضرت ابوهريره رضه کي هٿ مان ورتو ۽ هڪ ڪن ڪچري جي ڍير تي وٺي وڃي بيهاريو، جتي مڙدن جون کوپڙيون، پليدي ۽ گندگيءَ جا ڍير، سڙيل هڏيون، ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پيا هئا. پوءِ فرمايائون ته: “ڏس ابوهريره! هيءَ آهي دنيا جي حقيقت، هڪڙو وقت اهو هو جو انهن کوپڙين ۾ به اوهان وانگر اميدن ۽ سڌن جوش ماريو ٿي، حرص ۽ هوس سان ڀرپور هيون اڄ ڪهڙيءَ حالت ۾ ڍير تي پيون آهن. جو ٿورن ڏينهن ۾ خاڪ ٿي وينديون، انهن جو نالو ۽ نشان به نه رهندو. هيءَ غلاظت ۽ فضلو، جو تون ڏسين ٿو، سو اوهان جي غذا آهي، جنهن کي پيٽ ۾ وجهڻ وقت، حلال ۽ حرام جي تميز ۽ سمجهه به ڪا نه ٿي پئي. هڪ اهو ڏينهن هو جو اها رنگارنگ طعام بڻجي اوهان جي پيٽ ۾ داخل ٿي هئي، اڄ اهي ساڳيا طعام هتي ڍير تي ڪهڙيءَ نه گنديءَ حالت ۾ پيا آهن! جو ان جو بدبوءِ کان ماڻهو ڀڄن ٿا ۽ ڪراهت ڪن ٿا. ڏس! هي پراڻيون اڳڙيون، ڪنهن وقت اوهان جون سينگار ۽ جنسار واريون پوشاڪون هيون ۽ اڄ هوا انهن کي هيڏي هوڏي اڏائي رلائي رهي آهي. ڪير پڇين به ڪو نه ٿو! ۽ ڏس هي هڏيون، ڪنهن ڏينهن اوهان جي سواريءَ جا وهٽ ۽ چوپايو مال هيون، جن تي توهان جانيون ڏيندا ۽ جنگيون جهيڙا ڪندا هئا. اي ابوهريره رضه! هيءَ دنيا جي حقيقت آهي، جنهن جي عبرت جوڳي پڇاڙي هتي هئي دنيا م پڌري ٿي پئي!! پوءِ جنهن کي روئڻو هجي سو روئي!!”
    حضرت عيسيٰ عليه السلام تي هڪ ڏينهن دنيا جي حقيقت کلي پئي، ڇا ٿو ڏسي ته هڪڙي بدصورت پوڙهي عورت، هار سينگار ڪيو، زيور ۽ پوشاڪ پهريو، ٺاه ٺوه سان بيٺي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام ان کان پڇيو ته، “تو ڪيترن مردن سان شادي ڪئي آهي؟” دنيا جواب ڏنو، ته بي شمار ماڻهن مان.، وري پاڻ پڇيائونس ته: “تنهنجا اهي مڙس مري ويا آهن يا انهن تو کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي؟” دنيا وراڻيو ته، “طلاق جي همت ڪنهن کي ٿي ٿئي؟ مون سڀني کي ماري ڇڏيو آهي.” هي ٻڌي حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته، “تنهنجن هاڻوڪن مردن تي افسوس آهي جو اهي تنهنجي اڳين مڙسن سان عبرت نه ٿا وٺن!”
    مسلمانو! خبردار ٿيو، سنڀال ڪيو، دنيا وڏي بيوفا ۽ غدار آهي! ان کان پري ڀڄو، جو هن جو جادو هاروت ۽ ماروت واري جادو کان به وڌيڪ جلد اثر ڪري ٿو. جيڪڏهن پراڻو لوڻ جَون جي مانيءَ سان کائي، ٿلها ڪپڙا ڍڪي، حياتي گذاريندؤ ته گذري ويندي. مگر آخرت جو فڪر ضرور ڪريو، جو اتاهون جي رتيءَ جيتري نعمت به وڏيءَ تڪليف سان ملندي.

    فصل: ڪن ماڻهن کي هي ڌوڪو ٿئي ٿو، ته اسان جو بدن دنيا ۾ ڪيترو به کڻي رڌل آهي مگر اسان جي دل دنيا کان فارغ ۽ خالي آهي. ياد رکو ته اهو شيطاني وسوسو آهي. ڀلا ڪو ماڻهو پاڻي ۾ به گهڙي ۽ ان جا پير به نه پسن! هي ڪيئن ٿي سگهندؤ؟ جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي تات ۽ طلب هوندي ۽ اوهان ضرورت کان وڌيڪ دنيا ڪمائڻ جي رٿن ۾ لڳندؤ ته يقيني ڳالهه آهي، ته پريشان گذاريندؤ ۽ دين هٿان وڃائيندؤ. هي به ياد رکو ته دنيا جي طلب ڪڏهن ختم نه ٿيندي ۽ سدائين ان جو حرص وڌندو رهندو. ڇو ته دنيا جو مثال کاري سمنڊ وانگر آهي، جيترو به ان مان پاڻي پيئندؤ، اوتري وڌيڪ اُڃ لڳندي. ڀلا جا شيءِ هڪ ڏينهن اوهان کان جدا ٿيڻي آهي، ان ۾ پابند ٿيڻ ۽ ڦاسڻ رنج جو سامان تيار ڪرڻو نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ دنيا جو مثال نانگ جيان آهي، جو ڇهڻ ۾ نهايت نرم آهي. مگر وات قاتل زهر سان، ڀريو ويٺو آهي. هن بيوفا جي جدائي يقيني آهي. انهيءَ ڪري هن جي ملڻ تي خوش ٿيڻ ۽ نه ملڻ کان رنج ٿيڻ ٻئي اجايا آهن. دنيا جي مال ۽ زر کي آرام ۽ بي فڪريءَ جو سامان سمجهڻ وڏي بيوقوفي آهي. جتي سدائين رهڻو نه آهي، اتي بي فڪري ۽ آرام ڇا جو؟
    دنيا جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن مهمان نواز پنهنجي جاءِ کي سينگاريو، شيشن ۽ ٻين آرائش جي چيزن سان خوشنما بنايو هجي، مهمانن کي گهرائي ان جاءِ ۾ وهاري. عطرن، سرهاڻين ۽ گلن سان طبق ڀري، انهن جي آڏو رکي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته جاءِ واري جو مطلب ايترو آهي ته مهمان طبقن ۾ رکيل گلن کي سنگهن ۽ ڀر ۾ ويٺل ماڻهن ڏي سيريندا وڃن ته اهي به ان طرح سنگهن ۽ دل جي خوشيءَ سان ڀرسان وارن جي سامهون سيريندا وڃن ۽ هي مطلب نه آهي ته سڀني طبقن تي مهمان قبضو ڪري وهن. پوءِ جيڪڏهن مهمانن مان ڪو ماڻهو مجلس جي ادبن ۽ رسمن کان واقف نه هجي ۽ طبقن کي پنهنجو نذارنو سمجهي، پنهنجي بغل ۾ دٻائي ڇڏي ته ان جي هن بيوقوفيءَ تي، سڀئي حاضر مجلس ماڻهو کلندا ۽ ان تي ٽوڪون ڪندا. ان کان پوءِ هي نتيجو نڪرندو ته جاءِ جو مالڪ ان کان طبق زور سان کسي وٺندو ۽ ٻين جي آڏو رکندو.
    هاڻي اوهان خيال ڪريو ته، ان وقت ان بيوقوف کي ڪهڙي نه پشيماني ٿيندي؟ اهڙي طرح دنيا به خدا تعاليٰ جي مهمانيءَ جو گهر آهي، ان مان رب تعاليٰ جو هي مطلب آهي ته، آخرت جا مسافر ان ۾ اچن ۽ ضرورت آهر ان مان ان ريت فائدو وٺن جيئن اُڌارين شين مان فائدو وٺندا ۽ پنهنجون گهرجون پوريون ڪندا آهن. ان کانپوءِ دل جي خوشيءَ سان اها ٻين جي حوالي ڪري پنهنجو رستو وٺن ۽ آخرت ۾ اچي پهچن. پوءِ اڌاري شيءِ سان دل لڳائڻ، حقيقت ۾ موڪلائڻ مهل پاڻ کي شرمندو ۽ رنجيدو بڻائڻو آهي.


    تڪبير

    حق تعاليٰ فرمايو آهي ته، “تڪبر ڪندڙن جي تمام بڇڙي جاءِ آهي، ڪبريائي (وڏائي) منهنجي چادر آهي. پوءِ جو شخص ان ۾ شريڪ ٿيڻ گهرندو، آءٌ ان کي قتل ڪندس.” حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته، “جنهن جي دل ۾ آهُر جي داڻي جيترو به تڪبر (هٺ) هوندو، اهو بهشت ۾ نه ويندو.” جيڪي ماڻهو عزت ۽ مال هوندي به تواضع ڪن ٿا، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان ماڻهن سان ملن ٿا، انهن کي مبارڪ هجي جو انهن جا وڏا درجا آهن. انهن جي دنيا ۾ به عزت وڌي ٿي ۽ آخرت ۾ به.
    تڪبر جي معنيٰ هيءَ آهي ته، “ماڻهو ڪمال جي صفتن ۾ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سمجهي.” جڏهن ماڻهوءَ کي پاڻ ۾ اهڙو خيال پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ان جو نفس ڦنڊي ٿو، ان جا آثار ۽ نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون. جيئن رستي ۾ هلڻ وقت، ٻين جي اڳيان هلڻ، مجلس ۾ مٿاهين جاءِ تي ويهڻ، ٻين کي گهٽتائي جي نظر سان ڏسڻ، جيڪو سلام نه ڪري ان تي ڪاوڙجڻ، جي ڪو تعظيم نه ڪري ته ناراض ٿيڻ، حق جي ڳالهه معلوم ٿيڻ کان پوءِ ان کي نه مڃڻ ۽ عوام الناس يا غريب ماڻهن کي ائين ڏسڻ جيئن گڏهن کي ڏسندا آهن. نَعوذ بالله!
    جڏهن ته تڪبر وڏين وڏين پليدين جو مجموعو آهي، ان ڪري دوزخ جو ذخيرو ۽ سامان آهي. تڪبر جي ڪن خرابين جو بيان تفصيل سان ڏجي ٿو.
    (1) ڪبريائي يا وڏائي جا خدا تعاليٰ جي خاص صفت ۽ ان جي شان لاءِ شايان آهي. پوءِ ڪمزور انسان جنهن کي ٻين جو اختيار ته بجاءِ خود، ان کي پنهنجي نفس تي به اختيار ڪونهي، سو هن خدائي صفت م شريڪ ٿيڻ جي ڪيئن جرئت ٿو ڪري سگهي؟ جڏهن متڪبر يا هٺيلو انسان، انهيءَ خواريءَ ۽ ڪمزوريءَ هوندي ته حق تعاليٰ سان شرڪت ڪرڻ گهري ۽ انهيءَ صفت ۾ خدا تعاليٰ سان جهيڙو ڪري، ان ڪري اهو پهرين درجي جو احمق (نادان) ۽ نفس جو پليد سمجهيو ويندو.
    (2) تڪبر جي ڪري، حق جي ڳالهه نه مڃڻ جي نوبت اچي ٿي، جنهن کان دين جي سعادت جو دروازو بند ٿي وڃي ٿو ۽ متڪبر الله تعاليٰ جي خلق کي نيچائي جي نظر سان ڏسن لڳي ٿو، جو خدا تعاليٰ کي ناپسند آهي.
    ڪن لائي ٻڌو! ته هڪ بزرگ جي نصيحت آهي ته خدا تعاليٰ پنهنجو رضامندو پنهنجيءَ فرمانبرداريءَ ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن به عبادت يا چڱي ڪم کي، کڻي ڪيترو به ننڍو هجي، گهٽ نه سمجهو. ڪهڙي خبر جو سندس رضا ان ۾ لڪل هجي؟ اهڙي طرح خدا تعاليٰ پنهنجو ناراضپو ۽ ڏمر گناه ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن به گناه کي، کڻي ڪيترو به ننڍو هجي، گهٽ نه سمجهو متان ان۾ خدا جو ناراضپو ۽ غصو لڪل هجي.
    اهڙي طرح خدا تعاليٰ پنهنجي ولايت ۽ قرب کي پنهنجن بندن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن به بندي کي (کڻي ڪهڙو به وڏو گنهگار هجي) ڪڏهن به حقير يا گهٽ نه سمجهو. ممڪن آهي ته شايد اهو بندو خدا تعاليٰ جو ولي هجي. جنهن جو ظهور اوچتو ان جي مرڻ مهل ٿي پوي.
    (3) تڪبر، نفس کي ڪا به سٺي صفت حاصل ڪرڻ نه ٿو ڏئي جيئن ته تڪبر ڪندڙ ماڻهو تواضع ۽ نوڙت کان بي نصيب ٿو رهي، ساڙ ۽ ڪاوڙ جي مارڻ تي قادر نه ٿو ٿئي، رياءَ کي ڇڏڻ ۽ نرميءَ جي هلت ڪرڻ هن کي ڏکي ٿي لڳي، ڪنهن به مسلمان ڀاءَ جي خيرخواهي ۽ سڄڻائپ ان کان ٿي نه ٿي سگهي. غرض ته پنهنجي بزرگيءَ ۽ وڏائيءَ جي غرور ۾ غرق ٿو رهي ۽ سڀني صفتن سان، موصوف هجڻ جي ڪوڙي گمان سببان، ناصح جي نصيحت کان، بيپرواهه ۽ سرڪش يا اماره نفس جي سڌارڻ کان بلڪل محروم ٿو رهي. جڏهن ته جيسين هيءَ تڪبر جي بد عادت ماڻهوءَ مان دور نه ٿيندي، تيسين اڳتي به ٻين بد عادتن کان هن جي سڌاريءَ جي اميد نظر نه ٿي اچي. ان ڪري ان جي علاج ۾ ڦڙتيءَ سان ترت تياري ڪرڻ گهرجي.
    تڪبر جو هي علاج آهي:
    پهريون هي سوچڻ گهرجي ته، انسان جي حقيقت ۽ اصليت ڇا آهي؟ منڍ ۾ ته پليد منيءَ جو پڙو آهي، پڇاڙيءَ ۾ مردار ڍونڍ، ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جو کاڄ. باقي رهي وچين حالت، جنهن جو نالو زندگي ۽ دنيا جي حياتي آهي. سو ان جو حال هي آهي ته، پليديءَ جا سير پيٽ م ڀريا پيا آهن، حق تعاليٰ جي ارشاد (قُتِلَ الْاِنۡسَانُ مَاۤ اَكْفَرَہٗ) الخ) (
    جي معنيٰ سمجهو، ته انسان محض عدم ۽ اڻ موجود شيءِ هو. هو هن جو لائق نه هو جو ذڪر ۽ بيان ۾ اچي سگهي. هو ان کان پوءِ نطفو ٿيو، پوءِ گوشت جو ٽڪرو جڙيو، جو نه ان کي ڪن هئا، نه اک ۽ نه ان کي حياتي هئي، نه طاقت، ان کان پوءِ حق تعاليٰ ان کي سڀ ڪجهه ڏنو. مگر ان هوندي به هر گهڙيءَ سون بيمارين جو نشان بڻيو پيو آهي. بک ۽ اُڃ جو محتاج جدا آهي. ٿوري تڪليف کان بيزار ٿي ويهي ٿو رهي. “ڪنهن شيءَ جو علم گهري ٿو ته نه ٿو ملي سگهي. فائدو حاصل ڪرڻ گهري ٿو، ته ان جي بجاءِ نقصان ٿو رسيس. ڪنهن به گهڙيءَ ۾ موت کان امن ڪونهيس. خدا ڄاڻي اوچتو ڪنهن وقت بيمار ٿي پوي يا ڪنهن وقت ڪو عضو بيڪار ٿي پويس، يا ڪنهن ويل روح پرواز ڪري وڃيس. آخرڪار هڪ نه ٻئي ڏينهن موت جو شڪار ضرور ٿيڻو آهي، جنهن کان پوءِ سوڙهين ۽ اونداهين چاڙهين تان لنگهڻو آهي. اڳيان حساب ڪتاب ۽ حشر نشر اچڻو آهي. بهشت يا دوزخ ۾ سدائين جي حياتيءَ جو فيصلو ۽ شهنشاهي فرمان جو صادر ٿيڻ پيو آهي! ڀلا اوهان ٻڌايو ته اهڙين مصيبتن ۾ گرفتار، خوار ۽ ناڪار غلام کي زبردست قدرت واري جبار ۽ قهار شهنشاه جي برابريءَ جو خيال، ڪهڙي طرح سونهي ٿو؟ جنهن شخص جي هيءَ حالت هجي، جو ان جي هٿ کي، جي پليدي لڳي وڃي ته ٻه ٻه دفعا ڌوئي ۽ پڻ انهيءَ پليديءَ کي سدائين پاڻ سان کنيو گهمندو وتي، ان کي تڪبر ڪرڻ ڪنهن به طرح زيب ۽ زينت نه ٿو ڏئي.


    تڪبر جا سبب

    عام طرح چئن ڳالهين ڪري، ماڻهوءَ کي تڪبر ٿيندو آهي. (1) علم، (2) پرهيز گاريءَ (3) حسب ۽ نسب ۽ (4) مال ۽ جمال. جڏهن ته هر هڪ جو علاج ٻيو آهي. ان ڪري اسان سڀني جو علاج جدا جدا تفصيلوار لکون ٿا.

    پهريون علم جو تڪبر:
    عالم ماڻهو تڪبر کان تمام گهٽ خالي ٿين ٿا. ڇو ته علم جي برابر ڪنهن به شيءِ جي فضيلت ڪانهي، ان ڪري علم حاصل ڪرڻ کان ٻه خيال پيدا ٿين ٿا: (1) هي ته اسان جي برابر خدا تعاليٰ وٽ ڪنهن جو مرتبو ڪونهي. (2) هي ته ماڻهن کي اسان جي تعظيم ڪرڻ واجب ۽ ضروري آهي. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو کين نياز سان پيش نه آيا ته عجب ٿو لڳين.
    سندن پهريون تڪبر، ديني آهي ۽ ٻيو دنيوي. اهڙي عالم کي جاهل چوڻ گهرجي، ڇو ته علم جي منشا هيءَ آهي ته ماڻهو، پنهنجي شرير نفس جي حقيقت ۽ پروردگار، جل جلاله جي عظمت ۽ بزرگي معلوم ڪري ۽ سمجهي، ته اعتبار خاتمي کي آهي ۽ خاتمي جو حال ڪنهن کي معلوم نه آهي. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي عظمت ۽ عزت جي لائق سمجهيو ويٺو آهي، سو ڄڻ ته پنهنجي اصليت کان اڻواقف ۽ خاتمي کان بي خوف آهي ۽ اهو وڏو گناه آهي. ڇو ته جاهل ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن گناهه ۾ بي خبريءَ ڪري معذور سمجهيو وڃي، ته ڪو عجب ڪونهي. مگر عالم ماڻهو جڏهن ته ڄاڻي ٻجهي گناه ڪري ٿو ان ڪري هو معذور ٿي نه ٿو سگهي. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته قانوندان ماڻهوءَ جو گناه، عام ماڻهن جي گناهه کان وڌيڪ سخت هوندو آهي. پوءِ تعجب آهي ان تي جيڪو عالم بنجي جاهل ٿي پيو، انهيءَ هوندي به پنهنجي جهل ۽ ان ڄاڻائپ کان بي خبر آهي. ان حالت جو نالو آهي: “جهل مرڪب”.
    ياد رکو ته جنهن علم مان، تڪبر پيدا ٿئي، اهو علم جهل کان به وڏيڪ بڇڙو آهي. ڇو ته سچو پچو علم، جيتري قدر وڌيڪ ماڻهوءَ کي نصيب ٿيندو، اوتري قدر ان کي وڌيڪ خوف ٿيندو. حق تعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبر ﷺ کي هي حڪم فرمايو آهي: “پنهنجي تابعدار مسلمانن سان، نوڙت سان هلو.” حضرت رسول شفيع ﷺ جن فرمايو آهي: “اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيندا، جي قرآن پڙهندا، مگر اهو سندن زبانن تي ئي رهندو. نه انهن جي نڙيءَ مان هيٺ لهندو، نڪي سندن دل تائين ان جو اثر پهچندو. اهي ماڻهن کي چوندا، ته اسين قاري آهيون، اسين عالم آهيون ۽ اسان جي برابر ٻيو ڪونهي. ٻڌو! اهي ماڻهو دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا.”
    سلف صالحن ۽ اڳين بزرگن جا احوال پڙهو. هڪ ڀيري حضرت حذيفه رضه نماز ۾ امام ٿيو، وچ ۾ سلام ورائي چوڻ لڳو ته پاڻ لاءِ ڪو ٻيو امام تلاش ڪريو يا جدا جدا نماز پڙهندا ڪريو. آءٌ امام ٿيڻ جي لائق نه آهيان. ڇو ته هاڻي منهنجي نفس ۾ هي خطرو (خيال) آيو ته جنهن صورت ۾، منهنجي برابر ساري جماعت ۾ ڪو به ڪونهي تڏهن ته مون کي امام ڪيو اٿن. ياد رکو ته ڪو ماڻهو کڻي ڪيترو به وڏو عالم هجي ته به هي ضروري نه آهي ته، ان جو خاتمو ڪو چڱو ٿئي ۽ ڪو ماڻهو کڻي ڪيڏو به وڏو جاهل هجي، ته به ان جي خاتمي جي خراب ٿيڻ جو يقين نه آهي. جڏهن اوهان عالم ٿي ايترو سمجهو ٿا ته پوءِ تڪبر ڪهڙي زور تي ڪيو ٿا؟ ڇا علم تي عمل ڪرڻ، اوهان تي فرض نه آهي؟
    حديث م آهي ته: “قيامت جي ڏينهن عالم کي آندو ويندو ۽ دوزخ ۾ وڌو ويندو. ان جا آنڊا ان جي چوڌاري ائين ڦرندا، جيئن چڪيءَ جي چوڌاري گڏهه ڦرندو آهي يا جيئن گهاڻي ۾ ڏاند وهندو آهي. ماڻهو عجب وچان ان کان پڇندا ته، اوهان هتي ڪيئن آيا؟ اهو چوندو ته، آءٌ پنهنجي علم تي عمل ڪو نه ڪندو هوس ۽ ٻين کي نصيحت ڪندو هوس. مگر پنهنجي خبر ڪا نه لهندو هوس. ‘الهم احفظنا منة’ (خدا يا اسان کي ان کان پناه ۾ رک.)
    ڏسو بلعم باعور هڪ زبردست عالم هو، ان کي خدا تعاليٰ ان ڪتي جهڙو ڪيو، جيڪو زبان ٻاهر ڪڍي ٿو. يهودي عالمن کي رب تعاليٰ اهو گڏهه ڪوٺيو آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيل هجن ۽ هي ان ڪري جو هو نفس جي خواهشن ۾ گرفتار هوندا هئا، تڪبر ڪندا هئا، پاڻ کي وڏو سمجهندا هئا. ٻين کي نصيحت ڪندا هئا ۽ پاڻ غافل رهندا هئا!
    انهن واقعن ۽ حديثن تي غور ڪندؤ ته، تڪبر ڇڏي ويندو ۽ جي هن تي به نه ڇڏي ته، سمجهو ته هي بي فائده علمن (منطق، فلسفي، مناظره وغيره) جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ مشغول رهڻ جو نتيجو آهي يا پنهنجي دلي پليدي جو اثر آهي، جنهن کان، دوا فائدو نه ٿي ڪري. بلڪه اٽلندو نقصان ٿي ڪري، پوءِ انهن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

    ٻيو سبب:
    تڪبر جو سبب تقويٰ يا پرهيز گاري آهي. جيئن ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عابد اڪثر تڪبر ڪن ٿا. ڪن جي ته هيءَ حالت آهي جو ماڻهن جي ايذاءُ پهچائڻ کي پنهنجي ڪرامت سمجهن ٿا. مثلاً، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان کين ايذاءُ پهچي ٿو ته جوش ۾ اچي چون ٿا ته الله تعاليٰ ان کي سزا ڏيندو! انهيءَ اسان تي ظلم ته ڪيو آهي. مگر جلد اهڙي سزا ملندس، جا ياد رکندو، هن کان پوءِ پنهنجي بزرگيءَ جي دعويٰ جي ثابتي پيش ڪن ٿا ۽ خوش ٿي چون ٿا ته، “ڏٺو! خدا تعاليٰ جي درويش ٻانهن کي ايذاءَ ڏيڻ جو ڪهڙو نتيجو لڌائين؟”
    هن نادان کان ڪو پڇي ته، پيغمبرن عليهم السلام کي ڪافرن هزارين ايذاءَ پهچايا. مگر ڪنهن به پيغمبر وير وٺڻ جو خيال نه ڪيو. نتيجو هي نڪتو، جو تڪليف ڏيندڙ ڪفار، ايمان سان مشرف ٿي پيا. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي سان دامن ڀري ورتائون. جيڪڏهن پيغمبر عليهم السلام پنهنجن دشمنن کان بدلو وٺن ها يا انهن کي موت جو پاراتو ڏين ها ته خدا جي خلق ڪيئن هدايت واري ٿئي ها؟ ڇا ڪو عابد يا ولي، ڪنهن نبي کان بهتر ٿي سگهي ٿو؟ (استغفرالله)
    عابد ماڻهو کي ته هر شخص جي آڏو نوڙت ڪرڻ گهرجي. مثلا، جي ڪنهن گنهگار عالم کي ڏسي ته ان جي آڏو علم جي ڪري نمي ۽ ان جي گناهه جو خيال نه ڪري. ڇو ته علم جي وڏي فضيلت آهي. جي عابد ڪنهن بدڪار جاهل کي ڏسي ته هيئن سمجهي ته خدا ڄاڻي، شايد هن جي اندر حالت، مون کان گهڻا درجا بهتر هجي ۽ ان ۾ ڪا چڱي صفت هجي، جا ان جي ظاهري گناهن کي ڍڪي ڇڏي ۽ منهنجي اندر ۾ ڪا اهڙي خرابي هجي، جنهن جي ڪري منهنجون ظاهري عبادتون برباد ٿي وڃن. ڏسو الله تعاليٰ دلين کي ڏسي ٿو ۽ صورت کي نه ٿو ڏسي. ڪنهن جي به دل جو حال علام الغيب کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي معلوم نه آهي، پوءِ تڪبر ڇا جو؟
    هن کان سواءِ سمجهڻ گهرجي ته خود تڪبر به هڪ اندر جي پليدي آهي. پوءِ ان وقت پنهنجي حالت جو تمام بڇڙو هجڻ، پاڻهي ظاهر ٿي پئي ٿو جڏهن پنهنجي اندر ۾ تڪبر موجود آهي ۽ جيڪو شخص کيس فاسق نظر اچي ٿو سو تڪبر کان خالي آهي. بني اسرائيل ۾ هڪ بدڪار ماڻهو هڪ لڱا هڪ عابد وٽ هن نيت سان اچي ويٺو ته من حق تعاليٰ هن جي برڪت سان مون تي رحم فرمائي. عابد هن کي پاڻ وٽ ويهندو ڏسي، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون کي هن سان ڪهڙي نسبت آهي؟ ڪٿي هي ۽ ڪٿي مان؟ ان کان پوءِ هن کي چيائين ته “وڃ! پري ٿي.”
    انهيءَ زماني جي پيغمبر تي ‘وحي’ لٿو ته، “انهن ٻنهي کي چئو ته، نئين سر عمل ڪريو. جو سندن پهرين ڪمائي چڱي ڪي مٺي برباد ٿي وئي، جو بدڪار جا گناه معاف ٿيا ۽ عابد جون نيڪيون ناس ٿي ويون! هاڻ آئينده جهڙو ڪم ڪندا، تهڙو ڦل پسندا. اهڙي طرح هڪ گستاخ يا بي ادب ماڻهو عابد جي گردن تي سجدي جي حالت ۾ اچي چڙهي ويٺو. عابد چڙ مان چيو ته، “پري ٿي! خدا تو کي ڪڏهن نه بخشيندو!” ان ويل آواز آيو ته، “اي متڪبر! تنهنجي بخشش ڪڏهن به نه ٿيندي، ڇا منهنجي بخشش، تنهنجي هٿ ۾ آهي، جو قسم کڻي يقين سان اسان جي هڪ بندي کي نااميد ٿو بنائين.”
    حضرت عطاءَ سلمي رحه نهايت درجي جو متقي، عابد ۽ زاهد هجڻ هوندي، جڏهن تيز هوا لڳندي هئي ۽ ڪڪر گجندو هو تڏهن هيئن چوندو هو ته، “مون بدبخت جي ڪري ماڻهن تي مصيبت نازل ٿي. جي عطا مري وڃي، ته هنن مصيبتن کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو ملي پوي.، ڏسو! هن اخلاق ۽ عبادت جي گهڻائيءَ هوندي به هن کي ڪيتري قدر نه نياز ۽ خدا تعاليٰ جلشانه جو خوف هو. هن زماني ۾ اها حالت آهي جو ٻن چئن ظاهري عملن تي ماڻهو ناز ڪن ٿا ۽ حق تعاليٰ تي ٿورو رکن ٿا. هن جي حڪومت ۽جبروتي سلطنت جي واڳ پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ گهرن ٿا، ته جنهن کي وڻين ان کي مارين ۽ جنهن کي وڻين، ان کي جيارين، حالانڪه سندن عبادتن ۾ رياءَ ۽ ڏيکاءَ جو شڪ جدا آهي ۽ خاتمي يا پڄاڻي جو خطرو الڳ.

    ٽيون سبب:
    نسب آهي، جو ماڻهو پاڻ کي شريف ۽ عالي خاندان سمجهي، تڪبر ڪن ٿا. ان جو علاج هي آهي ته پنهنجي نسب ۾ ويچار ڪريو ته اهو ڪهڙي شيءِ آهي؟ ظاهر آهي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو نسب، ان جي پيءُ جو ناپاڪ نطفو آهي. سڀ ڪو ماڻهو ان مان پيدا ٿيو آهي. پوءِ ٻين جي عادتن يعني پيءُ ۽ ڏاڏن جي خوبين تي ناز ڪرڻ ڪهڙي نه غلط ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن پيئرن، ڏاڏن کي ڳالهائڻ جي طاقت ملي وڃي ته پڪ هو هيئن چون ته، “صاحبزادا! ٻين جي خوبين تي فخر ڪرڻ وارو تون ڪير آهين؟ تون ته انهن جي پيشاب جو ڪيڙو آهين، جن فخر جهڙا ڪم ڪيا هئا. پوءِ پيشاب جي ڪيڙي ۽ ناپاڪ نطفي کي ته پنهنجي اصليت ڏسڻ گهرجي، نه پيءُ ڏاڏن جا تعريف جهڙا ۽ بهادري وارا ڪم، جو چوي ته منهنجو پيءُ اهڙو بهادر هو، ڏاڏو ههڙو سخي هو. جيڪڏهن دنيا وارن جي نسب تي تڪبر ۽ فخر ڪيو وڃي ته اها بيحد بيوقوفي چئبي. ڇو ته اها خبر ڪانهي ته اهي نسب وارا ڪاڏي ويا؟ ممڪن آهي ته دوزخ جا ڪوئلا بنيا ۽ سڌون ڪندا هجن ته ڪاش! جانور هجون ها، ته هنن مصيبتن کان بچي وڃون ها. پوءِ انهن جي حالت ته اهڙي خطرناڪ ۽ سندن صاحبزادا وري دنيا ۾ سندن اولاد هجڻ تي ههڙو ناز ڪن!
    جي ديندارن جي نسب تي فخر ۽ ناز ڪيو وڃي ته، اسان فلاڻي بزرگ يا ولي جو اولاد آهيون، ته هن تڪبر ۾ ٻئي قسم جي بيوقوفي سمايل آهي. ڇو ته انهن کي جيڪو شان ۽ شرف مليو هو، ان جو ڪارڻ به دينداري ۽ نياز هو. پوءِ اُهي جڏهن پاڻ، پنهنجيءَ دينداري تي تڪبر نه ڪندا هئا، تڏهن انهن جو اولاد ڪهڙيءَ عزت ۽ شرافت تي تڪبر ڪري ٿو؟ ؟ انهن جو ناخلف يا نالائق اولاد بنجي ٿو. ديندار ابن ڏاڏن جو ته هي حال هوندو هو جو، اهي بعضي خاتمي جي خوف کان ڏڪندا ۽ ڪنبندا هئا ۽ سڌون ڪندا هئا ته، ڪاش! گاهه هجون ها ته ڪو جانور کائي وڃي ها! ڪاش! پکي هجون ها ته، ڪو انسان يا جانور کائي ڇڏي ها! ڀلا جن کي علم ۽ عمل، ٻئي حاصل هئا سي ته تڪبر کان سون ڪوهن تي ڀڄندا هئا ۽ اوهان جيتوڻيڪ انهن ٻنهي صفتن (علم ۽ عمل) کان بي نصيب آهيو ته به فقط انهن جو اولاد ٿي، نسب تي فخر ڪريو ٿا ۽ مغرور بنجو ٿا!

    چوٿون سبب:
    مال ۽ جمال آهي. گهڻا ماڻهو پنهنجي مالدار ۽ سهڻي هجڻ تي فخر ڪن ٿا، سو انهن تي به تڪبر ڪرڻ بيوقوفي آهي ڇو ته مال هڪ بي بقا شيءِ آهي. جيڪڏهن ڌاڙو لڳي يا چور اچن ته سڀ مال هليو وڃي. اهڙي طرح جمال يا سونهن به، فاني شيءِ آهي، جو هڪڙي مهيني جي بخار اچڻ سان، سڄو حسن جمال خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو. جي چچڪ يا ماتا نڪري، ته صورت جو رنگ ئي بدلجي وڃي. انهيءَ ڪري مال ۽ جمال ٻئي فخر جي لائق ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ سهڻو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي اندرين پليدين تي، ويچار ڪري، ته ڪڏهن به پنهنجي ظاهري سونهن تي فخر نه ڪري.
    ياد رکو! جنهن حسن ۽ جمال کي صفائي ۽ سينگار جي گهرج آهي، اهو هرگز فخر جي لائق نه آهي. جيڪڏهن سڀ ڪنهن هفتي غسل نه ڪيو وڃي ته، پوءِ ڏسو! ته بدن جي رنگ ۽ بوءِ جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو؟ معلوم ڪريو ته مٽي ميرائي، سنگهه ٿڪ، پيشاب ۽ پائخاني جهڙين پليدين سان سڄو بدن ڀريو پيو آهي، سو پليدي جي ڍير ۽ غلاظت جي گودڙئي کي ڪو سونهي ٿو ته، پاڻ کي سهڻو سمجهي ۽ ان تي ناز ۽ غرور ڪري؟


    خود پسندي

    حق تعاليٰ فرمائي ٿو : “پنهنجي نفس کي پاڪ، صاف ۽ سريلو نه سمجهو.” هي ڪافرن جو شان آهي، جو پنهنجن ڪمن تي، پاڻ کي سريلو سمجهن. حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “خود پسندي يا پاڻ کي چڱو سمجهڻ، ماڻهوءَ کي برباد ڪري ٿو. ڇو ته ماڻهو جڏهن پاڻ کي نيڪ بخت سمجهڻ لڳي ٿو، تڏهن بي فڪر ٿي پوي ٿو ۽آخر جي سعادت کان بي نصيب ٿي وڃي ٿو.”
    حضرت بشر ابن منصور رحه، هڪ ڀيري نماز دير تائين پڙهي رهيو هو ته، اتفاق سان هڪ شخص ان کي پئي ڏٺو. جيئن ته خود پسنديءَ جي گمان جو موقعو هو، انهيءَ ڪري نماز کان فارغ ٿي، فرمائڻ لڳو ته، “ميان! منهنجي هن حالت کان ڌوڪو نه کائجانءِ، شيطان چار هزار سال عبادت ڪئي هئي. مگر ان جي جيڪا عاقبت ٿي، سا سڀ کي معلوم آهي!” مطلب ته مسلمان جو هي شان نه آهي، جو پنهنجيءَ عبادت کي عبادت ۽ اطاعت کي اطاعت سمجهي. ڇو جو هڪ ته ان جو قبول پوڻ جي خبر ڪانهي، جنهن مان معلوم ٿئي ته عبادت حقيقت ۾ عبادت ٿي يا ائين ئي بيڪار ٿي ويئي؟
    ٻيو هي ته اعتبار آهي خاتمي کي ۽ خاتمي جي ڪنهن کي خبر ڪانهي ته ڪهڙي حال ۾ ٿيڻو آهي. خود پسندي به تڪبر جي هڪ شاخ آهي، فرق فقط ايترو آهي ته تڪبر ۾ ٻين ماڻهن کان پنهنجي نفس کي وڏو سمجهيو وڃي ٿو ۽ خود پسنديءَ ۾ ٻين کي گهٽ نه ٿو سمجهيو وڃي. بلڪه پنهنجي نفس کي، پنهنجي خيال ۾ سٺو سمجهڻ ۽ خدا تعاليٰ جي ڏنل نعمتن کي پنهنجو حق خيال ڪرڻ، يعني انهن کي الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم نه سمجهڻ ۽ انهن جي گم ٿيڻ کان بي خوف ٿيڻ، خود پسندي ۽ عجب آهي. جيڪڏهن ايستائين نوبت پهچي وڃي، جو خدا تعاليٰ وٽ پنهنجو پاڻ کي مرتبي ۽ عزت وارو سمجهڻ لڳي ته ان کي ناز چئجي ٿو. ان جو اثر هيءَ ٿئي ٿو جو پنهنجي دعا قبول نه ٿيڻ تي تعجب ٿيئس ٿو ۽ سندس موذيءَ دشمن کي سزا نه ملڻ تي کيس حيرت ٿئي ٿي ته اسان جهڙن جي دعا قبول نه ٿي ۽ اسان جا دشمن ناس نه ٿيا!
    ياد رکو ته، پنهنجي عبادت تي ناز ڪرڻ، پاڻ کي خدا جي مقبول ۽ پيارو سمجهڻ وڏي بيوقوفي آهي! مگر جي الله تعاليٰ جي نعمت تي خوش ٿيو ۽ ان جي کسجي وڃڻ جو خوف رکيائين ۽ هيترو سمجهيائين ته، هي نعمت الله تعاليٰ جلشانه فلاڻي علم يا عمل ڪري مون کي ڏني آهي، هو مالڪ ۽ مختار آهي ۽ جنهن وقت به گهري ته اها مون کان موٽائي وٺي ته، اها خود پسندي نه آهي. ڇو ته خودپسند ماڻهوءَ کان هي ڳالهه وسري ٿي وڃي ته، نعمت مون کي خدا تعاليٰ کان ملي آهي. بلڪه سڀني کي پنهنجو حق سمجهن لڳي ٿو. عجب ۽ خود پسندي وڏي جهالت آهي، انهي ڪري ان جو علاج ڪرڻ گهرجي.

    خودپسندي جو علاج:
    جيڪڏهن غير اختياري خوبين (جيئن قوت، زور يا حسن ۽ جمال) تي عُجب ٿئي ته، هيئن خيال ڪريو ته انهن شين جي حاصل ٿيڻ ۾ منهنجو ڪو دخل ڪونهي، جو ناز ڪريان. حق تعاليٰ جو محض فضل ۽ رڳو احسان آهي، جو هن منهنجيءَ حقداريءَ کان سواءِ مون کي اهي خوبيون عطا فرمايون آهن. ٻيو هي خيال ڪريو ته اهي سڀ خوبيون، گم ٿيڻ جو نشان بڻيون بيٺيون آهن. ٿوري بيماري ۽ ڪمزوري پيدا ٿي ته سڀئي هليون وينديون. پوءِ ٻئي جي بي بقا بخشش تي عُجب ۽ خود پسندي ڪهڙي ڪم جي؟ جيڪڏهن اختياري ڪمن جيئن علم، عمل، زهد، تقويٰ، عبادت ۽ رياضت) تي ناز ٿئي ته، هي ويچار ڪريو ته اهي ڪماليتون ۽ فضيلتون ڪيئن حاصل ٿيون آهن؟ جيڪڏهن الله تعاليٰ سٺو ذهن، طاقت، همت، دماغ، اکين جي روشنائي، قصد ۽ ارادو عطا نه ڪري ها ته ڪو به ڪمال ڪيئن حاصل ٿي سگهي ها؟ ان رب ڪريم جو حڪم هو، جنهن جي ڪري ڪا رڪاوٽ پيش نه آئي، نه ته آءٌ مجبور ۽ لاچار هوس، جو پاڻ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس. اها ضرور تسليم يا مڃيل ڳالهه آهي، ته انسان کي اختيار ۽ ارادو ڏنو ويو آهي، جنهن سان هو چڱا يا بڇڙا ڪم ڪري ٿو، مگر اختيار ۽ آزادي جي نعمت به ته خدا تعاليٰ جي ڏنل آهي. پوءِ ڪاميابيءَ جي سڀني اسبابن کي مهيا ڪرڻ ۽ انهن تي ڪاميابي عطا ڪرڻ، مطلب ته اول کان وٺي آخر تائين سڀ خدا تعاليٰ جي وس ۾ آهي.
    اهڙي حالت ۾ ناز ڪرڻ ڪيئن درست ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن خزاني جي ڪنجي بادشاهه جي هٿ ۾ هجي ۽ اهو خزانو کولي، اوهان کي سونپي ۽ اوهان انهيءَ مان جواهرات سان پنهنجي خواهش موافق پنهنجي جهولي ڀريو ۽ پوءِ ناز ڪريو ته، اسان هيترا رپيا حاصل ڪيا آهن هاڻي ان ڳالهه تي اوهان احمق سمجهيا ويندؤ. ڇو ته جيتوڻيڪ جهولي ۾ جواهرات وجهندڙ اوهان آهيو. مگر خزانو ته بادشاهي هو، ڪنجي به بادشاهه جي هٿ ۾ هئي، انهيءَ اوهان تي احسان ڪيو، جو انهيءَ ڪنجي عطا فرمائي ۽ ان جي اجازت سان خزاني جي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو، پوءِ ايتري بي اختياريءَ ۽ بيوسيءَ هوندي به اوهان کي پنهنجي ڪم تي ناز ۽ خودپسندي ڪيئن روا ٿي سگهي ٿي؟
    تعجب ته هن تي ٿئي ٿو ته، سياڻا سمجهدار، پڙهيل، لکيل ۽ هوشيار ماڻهو انهيءَ موقعي تي جاهل بنجن ٿا ۽ پنهنجي عقل ۽ علم تي ناز ڪرڻ لڳن ٿا. ڇو ته ڪنهن جاهل يا بيوقوف کي، شاهوڪار ڏسن ٿا ته، عجب ڪن ٿا ته ائين ڇو ٿيو؟ اسان عالم ۽ عاقل مال کان محروم رهون ۽ هيءُ جاهل ۽ نادان، مالدار ۽ شاهوڪار ٿئي! ڀلا انهن کان پڇو ته سهي ته علم ۽ عقل اوهان کي نصيب ٿيو ۽ جاهل انهيءَ نعمت کان محروم رهيا، سو ائين ڇو ٿيو؟ ڇا هڪ نعمت کي ٻيءَ نعمت جو سبب سمجهي پنهنجي حقداري ٻڌايو ٿا؟ جيڪڏهن علم ۽ مال ٻئي اوهان کي ڏنا وڃن ها. جاهل ۽ فقير ٻنهي کان محروم رهن ها ته، هي ڳالهه حقيقت ۾ زياده عجب جي لائق هجي ها! ڇو ته ان صورت ۾ مخلوق مان هڪ قسم کي سڀ ڪجهه مليو ۽ ٻئي کي ڪجهه به نه مليو.
    عقل جي هيءَ ڳالهه آهي ته خدائي نعمت تي شڪر ڪريو ۽ سمجهو ته الله تعاليٰ جي وڏي مهرباني آهي جو انهيءَ منڍ ۾ ئي حقداريءَ کان سواءِ مون تي مهرباني فرمائي. عقل ۽ علم جهڙي نعمت بخشي، جنهن جي ڀيٽ ۾ مال کي ڪا به حيثيت ڪانهي. ان کان پوءِ شڪر گذاري ۽ عبادت جي توفيق عطا فرمايائين ۽ ٻين کي انهيءَ کان محروم ڪيائين. حالانڪه اها محرومي به، ڪنهن اڳئين گناه جي سزا يا قصور جو بدلو نه آهي. پوءِ جڏهن اهڙو خيال ڪندؤ ته اوهان کي خدائي خوف پيدا ٿيندو ۽ سمجهندؤ ته، جنهن خدا تعاليٰ بنا حقداريءَ جي انعام ڏنو آهي، اهو جيڪڏهن قصور کان سواءِ اها نعمت واپس وٺي ته ڪو به اعتراض ڪري نه ٿو سگهي ۽ هي به خيال ڪريو ته ممڪن آهي ته، اها نعمت مڪر، ( ) استدراج هجي، جان جي وبال ۽ عذاب جو سبب بنجي وڃي. ڇو ته حق تعاليٰ فرمايو آهي ته، “اسان هنن تي هر نعمت جا دروازا کولي ڇڏيا، تان جو جڏهن خوش ٿيا ۽ خوشيءَ ۾ ماپي نه سگهيا، تڏهن اوچتو انهن کي پڪڙيو ويو.” جڏهن اهي خيال ذهن نشين ڪندؤ، ته پوءِ ڪڏهن به خدا تعاليٰ جو خوف اوهان کان پري نه ٿيندو ۽ ڪنهن به نعمت تي نازان ۽ هٺيلا نه ٿيندؤ، پوءِ اميد آهي ته عُجب ۽ خود پسندي جي بلا کان به آسانيءَ سان نجات حاصل ڪندؤ.


    رياءُ

    حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “افسوس آهي انهن نمازين تي، جيڪي پنهنجي نماز کان بي خبر آهن، جيڪي رياءُ ۽ ڏيکاءُ ڪن ٿا، سڀ ڪنهن مسلمان تي لازم آهي ته عملن ۾ اخلاص پيدا ڪري، رياءُ ۽ ڏيک کان پنهنجي عملن ۽ عبادت کي بچائي. ڇو ته رياءُ شرڪ اصغر آهي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “قيامت جي ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ ٻانهن کي جزا، سزا ۽ انعام ڏيندو تڏهن رياڪارن کي حڪم ڏيندو ته، انهن وٽ وڃو، جن جي ڏيکارڻ لاءِ اوهان نمازون پڙهندا ۽ عبادتون ڪندا هيؤ. پنهنجي عبادت جو ثواب ۽ اطاعت جو صلو به انهن کان وٺو ۽ ڏسو ته اوهان کي ڇا ٿا ڏين؟”
    هڪ ٻيءَ حديث ۾ آيو آهي ته، قيامت جي ڏينهن احڪم الحاڪمين جي شهنشاهي عدالت ۾ غازي، عالم ۽ سخيءَ جي حاضري ٿيندي ۽ ٽنهي مان هڪڙو اسلامي جهاد ۽ ٻيو ديني علم جي خدمت ۽ ٽيون پنهنجي خيرات ۽ سخاوت جو اظهار ڪندو. پوءِ هنن کي حڪم ٿيندو ته، اهي سڀ عمل اوهان جڏهن ته، رياءَ ۽ نالي جي واسطي ڪيا هئا (ته ماڻهو چون ته، فلاڻو ماڻهو، وڏو غازي، عالم ۽ سخي آهي) سو اهي ڳالهيون اوهان کي حاصل ٿي چڪيون، جو دنيا ۾ اوهان کي شهرت حاصل ٿي، ماڻهن اوهان کي غازي، عالم ۽ سخي چيو. پوءِ جنهن مقصود واسطي اوهان عمل ڪيا هئا، سو اوهان کي حاصل ٿي چڪو. هاڻي اوهان جو ڪهڙو حق رهيو؟ اوهان ڇا ٿا گهرو؟ انهيءَ ڪري دوزخ ۾ وڃو.
    حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته، “جنهن عمل ۾ ذري جيترو به رياءُ هوندو، ان کي حق تعاليٰ هرگز قبول نه فرمائيندو.” حضور ﷺ جن جي هن حڪم کي هوش جي ڪنن سان ٻڌو ۽ عبرت وٺو. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته، “جيڪڏهن ڪو شخص روزو رکي، ان کي گهرجي ته پنهنجي مٿي، ڏاڙهي ۽چپن کي تيل سان سڻڀو ڪري ته ماڻهو ان کي روزائت نه سمجهن. خيرات ڪري ته هن طرح ڪري، جو کٻي هٿ کي به خبر نه پوي ان ڪري حضرت عمر فاروق اعظم رضه هڪ شخص کي، جو پنهنجو سر جهڪايو ويٺو هو، تنبيهه طرح هينئن فرمايو ته، “ميان! ڪنڌ مٿي کڻ، خشوع دل سان ٿيندو آهي نه ڪنڌ سان.”
    رياءَ جي حقيقت هيءَ آهي ته ماڻهن جي دلين ۾، پنهنجي عبادت ۽ نيڪ عمل جي وسيلي، عزت ۽شان پيدا ڪرڻ جي خواهش ڪري. هي خيال عبادت جي غرض جي بلڪل برخلاف آهي. ڇو ته عبادت مان غرض ۽ مقصد، حق تعاليٰ کي راضي ڪرڻ آهي، جڏهن هن مقصد ۾ ٻيو مطلب، يعني خلق کي راضي ڪرڻ ۽ شان جو حاصل ڪرڻ شريڪ ٿي پيو، تڏهن انهيءَ ڪري انهيءَ جو نالو ‘شرڪ اصغر’ آهي. ياد رکو! ته رياءَ ڇهن طرحن سان ٿيندو آهي.

    پهريون:
    بدن جي وسيلي سان، مثلا عاجزي يا ضعيفي، ننڊاکرائيءَ ۽ پنبڻين جي چنڀائڻ سان ظاهر ڪجي، ته ماڻهو رورائت ۽ رات جو جاڳندڙ سمجهن. يا مثلا، غمگين ۽ ڏک واري صورت ظاهر ڪري، ته ماڻهو سمجهن ته هن کي آخرت جو وڏو فڪر آهي يا وارن کي پريشان ۽ منجهيل رکڻ ته، ماڻهو سمجهن ته هي دين جي ڪم ۾ ايترو مشغول آهي جو، وارن سينگارڻ جي به فرصت ڪانهيس ۽ نڪي خط ٺهرائڻ جو موقعو ٿو مليس يا هوريان ۽ آهستي آواز ڪڍي ته ماڻهو سمجهنس ته رياضت ۽ مجاهدو ڪندي ايترو ضعيف ٿي ويو آهي جو آواز به نٿو نڪري سگهيس.

    ٻيو:
    شڪل جي ذريعي سان، مثلا هلڻ ۾ آهستگي ۽ ضعيفي ظاهر ڪرڻ يا مٿو هيٺ ڪرڻ يا مڇون ڪوڙائڻ. سجدي جو نشان باقي رکڻ، اکيون ٻوٽڻ ۽ اهڙي صورت بنائڻ جنهن مان ماڻهو سمجهن ته هي وجد جي حالت ۾ آهي يا ڪشف ۾ مشغول آهي يا فڪر ۾ غرق ۽ محو آهي.

    ٽيون:
    لباس ۾- مثلا، ٿلها ڪپڙا ڍڪڻ، پنين تائين ڪانچ ڪرڻ، ميرا ۽ پراڻا لٽا ڪرڻ ته ماڻهو سمجهن ته هي صوفي صاحب آهي. حالانڪه اصل ۾ اهو ماڻهو تصوف کان ايتري قدر بي نصيب آهي جو، ان جي حقيقت ۽ ماهيت به ڪا نه ٿو ڄاڻي. يا چوغو يا ويڪرين ٻانهن وارو جبو ڍڪڻ ته ماڻهو ان کي عالم سمجهن ته، هي ايتري قدر پرهيز گار آهي جو، رستي جي غبار کان به پرهيز ڪري ٿو. ڇو ته غبار به پرائي ملڪيت آهي پوءِ انهن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا: بعضي اهي ماڻهو آهن جيڪي صوفين ديندارن جي دلين ۾ قدر ۽ عزت جا طالب آهن ۽ سدائين انهيءَ نيت سان، پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا ٿا پائين ۽ اهڙي حالت ۾ رهن ته، جيڪڏهن انهن کي ڪو اهڙو نئون ڪپڙو ڏنو وڃي، جنهن جو ڍڪڻ شرعا مباح هجي ۽ سلفن به اهڙو ڪپڙو پاتو هجي ته، انهن کي اهو اهڙو ناخوش ٿو لڳي، جو ڄڻ ته انهن کي ڪنهن ڪُهي وڌو.
    ان جو سبب هي آهي ته، سٺن ڪپڙن پائڻ سان مطلب فوت ٿي وڃي ٿو. ڇا لاءِ ته ماڻهو جيڪڏهن کين صاف ۽ سٺا ڪپڙا پائيندي ڏسندا ته انهن جو اهڙو قدر نه ڪندا جهڙو ميرن ڪپڙا پائڻ مهل ڪندا آهن. بلڪه هيئن سمجهندا ته صوفي صاحب جن جي زهد ۾ گهٽتائي اچي وئي ۽ تصوف جو رنگ بدلجي ويو.
    بعضي ماڻهو اميرن ۽ سوداگرن وٽ عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته، جيڪڏهن ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا ڍڪينداسين ته اميرن جي نظر ۾ عزت نه ٿيندي. بلڪه انهن کي پاڻ وٽ، اسان جي ويهڻ کان به نفرت ٿيندي. جي فاخره ۽ عمده لباس ڍڪينداسين ته، ماڻهو زاهد ۽ صوفي نه سمجهندا. انهيءَ ڪري اهي هڪ نئين صورت اختيار ڪن ٿا. يعني قيمتي ۽ باريڪ ڪپڙن کي گيڙو يا آسماني رنگ ڏيارين ٿا. جي انهن جي قيمت ڏسو ته شاهاڻي لباس جي برابر آهي، جي رنگ روپ ڏسو ته درويشاڻو ۽صوفياڻو آهي.
    اهڙي طرح پنهنجو مطلب ڪڍن ٿا ۽ رياءَ ڪار بنجن ٿا. جيئن ته انهن کي جيڪڏهن ڦاٽل ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا وڃن ٿا ۽ چئجين ٿو ته، اهي ڍڪيو ته انهن کي سخت ناگوار ۽ ناخوش لڳن ٿا. ڇو ته اهڙن ڪپڙن جو ڍڪڻ انهن لاءِ اميرن جي نگاهن ۾ ڪري پوڻ جو ڪارڻ آهي. جي پشمي يا بانات جو، ڪو وڏي قيمت وارو ڪپڙو (جو شرعا جائز هجي) انهن کي ڍڪايو وڃي ته، اهو به انهن لاءِ موت کان وڌيڪ ناگوار آهي. ڇو ته ان جي پائڻ سان، ماڻهو انهن کي زاهد ۽ صوفي نه سمجهندا. گويا درويشن جي جماعت مان خارج ٿي ويندا. ان مان معلوم ٿيو ته انهن جو لباس ريا ڪاريءَ جو لباس آهي. الله تعاليٰ شل پناه ۾ رکي!

    چوٿون:
    گفتگوءَ ۽ زبان سان رياءُ ٿئي ٿو. جيئن اوهان بعضي دنيا دار واعظن کي ڏٺو هوندو جو، زبان موڙي موڙي مقفيٰ ۽ مسجَع عبارتون بنائي، سلف صالحن جو نقل ڪن ٿا. بعضي فقط ڏيک ويک جي غرض سان، آواز جو لهجو سنهو بنائين ٿا ۽ ڪڏهن ڏک وارو، حالانڪه دل ۾ اثر خاڪ به ڪونهين. صرف بناوٽ ۽ تڪلف ڪن ٿا ته، من ماڻهو سمجهن ته هو وڏو عالم ۽ صوفي آهي ۽ بلڪل سلف جو نمونو آهي.
    اهڙي طرح حديث جي ياد ڪرڻ وقت جي مشائخن ۽ علماءَ سان ملاقات جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا ته فلاڻي بزرگ جي اسان زيارت ڪئي آهي ۽ فلاڻي شيخ سان مليا آهيون. يا مثلا، ڪنهن حديث جي ڳالهه ٿيڻ وقت فوراً صحيح يا ضعيف جو حڪم لڳائن ٿا ته، ماڻهو کين محقق سمجهن يا بدڪاري ۽ گناهن جي ڳالهه ٿيڻ وقت زبان مان آه! ۽ هاءِ!! ڪن ٿا ۽ ڏکائتا ٿين ٿا. حالانڪه سندن دل ۾ ڏک يا نفرت جو اثر نالي جو به ڪونهي. بلڪه اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ڪن ٿا ته ماڻهو کين پارسا، خدا وارو ۽ شريعت جو تابعدار سمجهن.

    پنجون:
    عمل يا عبادت ۾ رياءُ، مثلا، قيام زياده ڪرڻ، رڪوع ۽ سجدي ۾ دير تائين سر نمائڻ، ڪنهن طرف ڌيان نه ڪرڻ ۽ پنبڻين کي جهڪائڻ وغيره، ته ماڻهو انهن کي عابد، زاهد ۽ پاڪ دامن يا پرهيز گار سمجهن. حالانڪه الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته، انهن جي دل، انهن خوبين کان بلڪل خالي آهي ۽ ثابتي هيءَ آهي ته هو جڏهن اڪيلي نماز پڙهن ٿا، تڏهن ڄڻ ته گهوڙو ڇڏي ڏين ٿا. جيڪڏهن خبر پوين ٿي ته فلاڻو سندن نماز ڏسي رهيو آهي، ته يڪدم آرام ۽ وقار سان جهلي جهلي نماز پڙهن ٿا، ته کين ڏسندڙ سمجهي ته ان جي نماز خشوع ۽ خضوع سان ڀريل آهي. اوهان ئي ٻڌايو ته هي رياءُ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

    ڇهون:
    پنهنجي شاگردن ۽ مريدن جي گهڻائيءَ جو بيان ڪرڻ ۽ پنهنجن مشائخن جو زياده ذڪر ڪرڻ، ته ماڻهو ڄاڻن ته هن جي وڏن وڏن مشائخن سان ملاقات ٿيل آهي. بعضي ماڻهوءَ خواهشون ڪن ٿا ۽ رٿون رٿين ٿا ته ڪنهن طرح بادشاه، امرا، علما ۽ صلحا سندس زيارت ڪرڻ لاءِ اچن، ته من ان جي مشهوري ٿئي ۽ ماڻهو چون ته فلاڻو شخص اهڙو بزرگ آهي جو ان جي خدمت ۾ اهڙا اهڙا وڏا ماڻهو حاضر ٿين ٿا. بادشاه ۽ عالم پڻ ان جي چانئٺ چمڻ کي، پنهنجي عزت سمجهن ٿا ياد رکو! ته هي سڀ دين ۾ رياءُ آهي. ريا حرام ۽ ڪبيرو گناه آهي. الله تعاليٰ شل محفوظ رکي!
    فصل: رياءَ جي حرام هجڻ جا ٻه سبب آهن: پهريون هيءَ ته رياءَ سان ماڻهو کي ڌوڪو ڏئي، پنهنجو معتقد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌوڪو ڏيڻ حرام آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن کي اهڙي طرح رپيا ڏئي، جنهن مان ڏسندڙ هينئن سمجهي ته، ان کي بخشش طور ڏيئي رهيو آهي. حالانڪه هو بخشش نه ٿو ڏئي. بلڪه ان کي قرض ٿو ڏئي ته ان ۾ به جڏهن ته ڌوڪو ظاهر ٿئي ٿو، انڪري هيءُ به گناهه آهي. پوءِ هٿرادو صورت بنائي، ماڻهن جي دلين ۾ هي خيال پيدا ڪرڻ، ته هي نيڪو ڪار ۽ تعظيم جوڳو آهي، ناجائز آهي ۽ اهڙيءَ طرح سان ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ بلڪل خراب آهي، ۽ هن جي ڌوڪي هجڻ ۾ ڪو به شبهو ڪري نه ٿو ڪري سگهي، پوءِ اهڙي مڪار ماڻهو کي، ڇو نه فاسق ۽ بدڪار چئجي؟
    ٻيو هي ته رياءُ ڪرڻ حق تعاليٰ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ آهي. ان جو مثال هي آهي ته، ڪو شخص بادشاه جي حضور ۾ خادم بنجي بيٺو هجي ۽ هن بيهڻ مان هن جو غرض، پنهنجو پاڻ کي بادشاهي خدمتگار، ذليل، محتاج ۽ غلام ظاهر ڪرڻ جو نه هجي. بلڪه بادشاه جي غلامن مان ڪنهن غلام جو تڪڻ يا ڪنهن ٻانهيءَ ڏي نظر ڪرڻ جي نيت اٿس، ته اهڙو ماڻهو بادشاهي دربار جو گستاخ سمجهيو ويندو ۽ بي ادب ٺهرايو ويندو.
    اهڙي طرح جڏهن ڪنهن کي عبادت مان حق تعاليٰ جي رضامندي جي نيت نه هجي، بلڪه ان جي بندن جي رضامندي گهربل هجيس، ته اُهي هن کي نيڪوڪار سمجهن ۽ هن جا معتقد ٿين ته ان صورت ۾ ان شخص ڄڻ خلق کي خدا جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نفعي ۽ نقصان ڏيڻ تي وڌيڪ قادر سمجهيو ۽ دل ۾ بندن جي ايتري قدر وڏائي وهاريائين جو، عبادت انهن جو نذرانو ڪيائين. اهو ئي سبب آهي جو رياءَ کي شرڪ اصغر چيو ويو آهي. پوءِ هن غرض ۽ نيت ۾ جيتري قدر خرابي زياده هوندي، اوتري قدر گناه به سنگين ٿيندو. ڇو ته بعضي رياءَ ڪندڙن جو مقصود فقط هي هوندو آهي ته، ماڻهو اسان جي عزت ڪن ۽ اسان کي اڳواڻ سمجهن. ڪن جو وري هي مطلب هوندو آهي ته، ماڻهو اسان کي ديندار سمجهي، اسان وٽ امانتون رکن ۽ اسان کي پنهنجن وقفن جو متولي بنائين يا يتيمن جي مال جي سنڀال اسان کي سونپين ته انهن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، خيانت ڪن.
    ظاهر آهي ته، هي گناهه پهرين گناه جي بنسبت زياده سخت آهي. ڪن جو هي غرض هوندو آهي ته، اسان کي نيڪ بخت سمجهي، اسان وٽ زالون ۽ ڇوڪرا اچڻ لڳن ته زنا ۽ لواطت ڪرڻ جو بخوبي موقعو ملي يا انهن نرم دل عورتن ۽ ٻارن جو مال اسان جي هٿ ۾ اچي ته ان مال کي بدڪاري، راند ۽ تماشي ۾ خرچ ڪريون، هي ڳالهه به ظاهر آهي ته، انهن جو گناه پهرين ٻن صورتن کان، وڌيڪ سخت آهي. ڇو ته هن ماڻهوءَ الله جي عبادت کي گناه جو هٿيار ۽ جبار، قهار، پروردگار جي مخالفت جو اوزار بنايو. (نعوذُ بالله)
    فصل: اهڙي طرح عبادتن ۾ رياءَ ٿئي ٿو، اُهي به مختلف درجن جون آهن، جو انهن مان ڪن جو گناه، ڪن کان وڏو آهي. پهريون درجو، ايمان ۾ رياءَ: جيئن منافق، جو ان جي دل ۾ ايمان ته نالي جو به ڪونهي. مگر انهيءَ پنهنجي صورت مسلمانن جهڙي بنائي آهي، ته ماڻهو ان کي ڪافر سمجهي، سندس مال ۽ جان کي حلال نه سمجهن يا مثلا، مُلحدُ ۽ مُرتد، (جو اسلام ۽ ايمان کان ڦري ويو هجي،) ڪنهن مصلحت جي ڪري پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪندو رهي. ان رياءَ جو گناه تمام سخت آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته، “منافق دوزخ ۾ سڀ کان هيٺين طبقي ۾ ويندا.”
    ٻيو درجو: اصل عبادتن ۾ رياءُ ڪرڻ آهي. ماڻهن جي آڏو نماز پڙهڻ ۽ زڪواة ڏيڻ، پر جي اڪيلا هجن ۽ وٽن ڪو به شخص نه هجي، ته نه نماز پڙهن، نڪي زڪوات ئي ڏين. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته، انهن جي هيءَ عبادت فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ واسطي آهي. مگر الله تعاليٰ ته دلين جو مالڪ آهي. دلين جي حالتن کان واقف آهي. اهو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته، اهي ماڻهو ڪهڙيءَ نيت سان، عبادت ڪري رهيا آهن. هن رياءَ جو درجو جيتوڻيڪ پهرئين درجي کان گهٽ آهي، مگر ان هوندي به سخت ۽ شرڪت اصغر آهي.
    ٽيون درجو: جو سڀني کان گهٽ آهي. هي آهي ته فرضي عبادتن ۾ رياءَ ڪرڻ ۾ نه اچي. باقي مستحب ۽ نفلي عبادتون، ماڻهن جي ڏيکارڻ واسطي ڪيون وڃن. مثلا، جي ماڻهو، موجود هجن، ته نفل گهڻا پڙهي ۽ فرض به سنڀالي سنڀالي ادا ڪري. جڏهن حج ۽ عاشوري جا ڏينهن اچن، تڏهن انهن جو روزو به ضرور رکي. جيڪڏهن زڪوات جو وقت اچي ته، ماڻهن جي آڏو عمدو ۽ نفيس مال ڏئي ۽ جي سفر وغيره جي حالت يا ڪنڊ پاسي وغيره جو وقت هجي ته، نه نماز چڱي طرح ادا ڪري ۽ نه اهي نفل ئي پڙهي ۽ نڪي نفلي روزا رکي. پر جي فرض نماز پڙهي ته، ڪڪڙ وانگر ٺونگا هڻي.
    اهڙي طرح زڪوات ته ضرور ڏئي ٿو پر سِر تان بار لاهڻ واسطي، ردي مال مان ڏئي ٿو. پوءِ هن جو گناه ايمان ۽ فرض ۾ رياءَ ڪرڻ جي گناه کان گهٽ آهي. مگر هي به حرام آهي ۽ دين کي ناس ڪرڻ واسطي ڪافي آهي. هي به ياد رکو ته رياءَ جي نيت ۾، تفاوت هجڻ ڪري، ڪڏهن گناه ۾ زيادتي ۽ گهٽتائي ٿئي ٿي، جنهن جي هڪ صورت هي آهي ته عبادت مان غرض فقط ڏيک هجي، جنهن ۾ عبادت جي نيت جو ارادو ئي ڪو نه هجي، جيئن بناوضو ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ، نماز پڙهڻ يا ماڻهن جي ڏيکارڻ واسطي روزو رکڻ، ۽ لڪي ڇپي ماني کائڻ، پوءِ هن جو گناهه به نهايت ئي سخت آهي. هڪ صورت هيءَ آهي، ته عبادت مان عبادت جو مقصد به هجي، ۽ ان سان گڏ رياءَ جي ملاوٽ به هجي، سو هن جا ٽي درجا آهن، پهريون درجو هيءَ آهي، ته مقصود محض عبادت هجي، جنهن جي سڃاڻپ هي آهي، ته جيڪڏهن اڪيلو هجي ها، ته به نماز پڙهي ها، جيئن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ پڙهي ٿو. مگر جڏهن ته ٻين ان کي نماز پڙهندي ڏٺو آهي، انهي ڪري، ان جي طبيعت خوش ٿي ويئي، جنهن کان نماز جو پڙهڻ ان کي ڏکيو نه ٿو لڳي. پوءِ جي هيتري ڳالهه آهي، ته اميد آهي ته الله تعاليٰ ان جي عبادت قبول فرمائيندو، ۽ ان جو ثواب به عنايت ڪندو. باقي هيءَ ٻي ڳالهه آهي، ته رياءَ جي سزا ڏئي، يا ان جي ڪري عبادت جي اجر ۽ ثواب ۾ گهٽتائي فرمائي. ٻيو درجو هيءَ آهي ته عبادت جو قصد گهٽ ۽ رياءَ جو خيال وڌيڪ هجي.
    يعني هيءَ حالت هجي، جو جيتري عبادت ماڻهن جي آڏو ڪري ٿو، اوتري خلوت ۽ اڪيلائي ۾ نه ٿو ڪري. پوءِ جنهن عبادت ۾ رياءَ جي اها حالت هوندي، سا ڪنهن طرح به قبول پوڻ جي لائق نه آهي. ڇو ته هن ۾ جيتوڻيڪ عبادت جو به ٿورو قصد ۽ ارادو شامل آهي. مگر ايتري ڪمزور آهي، جو ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. انهيءَ ڪري، هن کي صريح رياءَ سمجهيو ويندو، ۽ اهڙي عبادت تي، سخت عذاب ملڻ جو خطرو آهي.
    ٽيون درجو هي آهي ته، عبادت ۾ رياءُ ٻئي برابر هجي، مثلاً عبادت مان جيتري قدر خدا جي بندگيءَ جو ارادو هجي اوتري قدر ماڻهن کي ڏيکارڻ جو به مقصود هجي. جڏهن ته هيءَ اهڙي حالت آهي، جنهن جو نفع ۽ نقصان ٻئي برابر آهن. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته ان تي نه عذاب ٿئي ۽ نه ثواب. مگر جڏهن ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته “سڀني شريڪن مان، سڀني کان وڌيڪ شرڪ کان بي نياز، منهنجي ذات آهي.” تڏهن ڪو به عجب نه آهي، ته هن صورت ۾ نقصان کي نفع کان وڌيڪ وزنائتو سمجهي، عبادت کي باطل چيو وڃي. غيب جي خبر ته خدا تعاليٰ کي آهي، ته اهڙي شخص سان ڪهڙو معاملو ٿيندو؟ مگر ظاهر ۾ هي حالت، به گناهه کان خالي معلوم نه ٿي ٿئي.
    فصل: رياءُ ڪڏهن ته ظاهر ظهور ٿيندو آهي. مثلا، اڪيلائي جي حالت ۾، اهڙي عبادت نه ٿي ٿئي، جهڙي ماڻهن جي آڏو ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن ڳجهو ٿيندو آهي. مثلا، ڪو شخص تهجد هميشه ته پڙهندو آهي. مگر جڏهن وٽس ڪو مهمان ايندو آهي، تڏهن ته ان جي آڏو تهجد پڙهندي، هن کي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي. پوءِ هي به رياءُ آهي. مگر پهرئين جي به نسبت هيءُ وڌيڪ ڳجهو آهي ۽ هن کان به وڌيڪ ڳجهو رياءُ هي آهي، ته ڪنهن جي موجود هجڻ کان خوشيءَ ۾ واڌارو نه ٿئي، مگر عبادت جي وچ ۾ يا عبادت کان واندي ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي هن جي عبادت جي خبر پوي ٿي، ته سندن دل ۾ هڪڙي قسم جي فرحت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي. هن مان معلوم ٿيو، ته هن جي دل ۾ رياءُ ائين لڪو پيو آهي، جيئن خاڪ ۾ باهه لڪل هوندي آهي. هن کان به وڌيڪ ڳجهو رياءُ هي آهي، ته ماڻهن کي سندس عبادت جي خبر پوڻ تي خوشي نه ٿي ٿئيس. پر هن ڳالهه جو خواهشمند ٿئي ٿو، ته ماڻهو منهنجي تعريف ڪن، ۽ پهرين مون کي سلام پاڻ ڪن، ۽ ڪمن ڪارين ۾ منهنجي رعايت ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ساڻس برائي ڪري ٿو، ته کيس عجب لڳي ٿو. ياد رکو! ته هي به رياءُ آهي. ڇو ته اهڙي ماڻهوءَ جي انهن خيالن ۽ خواهشن مان هي معلوم ٿيو، ته اهو ماڻهن تي پنهنجي عبادت جو ٿورو رکڻ ٿو گهري. جيتوڻيڪ ماڻهن کان انهيءَ پنهنجو رياءَ لڪايو آهي. مگر هن جو هيترو اثر ته ضرور ظاهر ٿيو، ته اهو عزت ۽ تعظيم جي خواهش رکي ٿو. هن قسم جا رياءَ به (جن کان فقط صديق بچيل آهن) گناهه ۾ داخل آهن. ۽ اهڙن ريائن کان، چڱن ڪمن جي ناس ٿيڻ جو، يعني ثواب نه ملڻ جو انديشو آهي. باقي جي عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان، کيس انهيءَ ڪري خوشي ٿئي ٿي. ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جنهن مون کان چڱو ڪم ظاهر ڪرايو ۽ منهنجي ڪنهن گناهه تي، ڪنهن کي واقف نه ڪيو، ۽ محض پنهنجي فضل سان پنهنجي ستاري ظاهر ڪئي، جو جيتوڻيڪ مون گناهه ۽ عبادت مان ڪنهن جو به پڌرو ٿيڻ نه ٿي گهريو. مگر خير الحمد الله جو ماڻهو چڱي ڪم تي ئي واقف ٿيا ۽ بڇڙي ڪم تي واقف نه ٿيا يا مثلا، هن ڪري خوشي ٿئيس ٿي، ته هن عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان هي ڳالهه معلوم ٿي، ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن مون سان سٺو سلوڪ فرمائيندو ڇو ته دنيا ۾ سندس ستاري فرمائڻ، هن ڳالهه جي نشاني آهي ته آخرت ۾ به خواري کان بچائيندو.” يا هن ڪري خوشي ٿئيس ٿي ته هن خبر پوڻ کان ٻين کي به همت ٿيندي، ۽ منهنجو هي ڪم ٻين جي عبادت جو سبب بنجي پوندو. ته هن قسم جي خوشيءَ ۾ ڪو نقصان ڪونهي. هن جي نشاني هي آهي، ته ٻئي شخص جي عبادت تي جيڪڏهن اهو ماڻهو واقف ٿئي، ته انهيءَ واقفيت کان به هن کي ايتري خوشي ٿيندي هجي، جيتري سندس عبادت تي، ٻين جي واقف ٿيڻ کان کيس خوشي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جي عبادت ڏسي، ماڻهن جو انهيءَ عبادت لاءِ شوق ۽ همت ڪرڻ هر حال ۾ حاصل آهي، خواه سندس عبادت هجي، يا ٻئي جي. پوءِ جيڪڏهن واقف ٿيندڙن جو انهيءَ عبادت لاءِ شوق ۽ همت ڪرڻ جو خيال، انهيءَ خوشي جو سبب ٿيو هوندو، ته سندس عبادت ۽ ٻئي جي عبادت انهيءَ خوشي ۾ ضرور برابر هجڻ گهرجن. جڏهن ته رياءَ جو مادو نظر کان ڳجهو ٿئي ٿو، ۽ ماڻهن جي دلين تي لڪي، لڪي حملو ڪري، برو اثر ڄمائي ٿو، انهيءَ ڪري متقدمن (اڳين بزرگن) هن بابت تمام گهڻو احتياط فرمايو آهي، ۽ پنهنجين عبادتن کي ماڻهن جي نظر کان بيحد مخفي پئي رکيو آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمائي ٿو، ته قيامت جي ڏينهن خدا تعاليٰ قارين کي فرمائيندو: “اوهان لاءِ دنيا ۾ اسان اگهن ۾ سستائي نه فرمائي هئي ڇا؟ اوهان کي ماڻهو پهرين سلام نه ڪندا هئا ڇا؟ ۽ اوهان جون ضرورتون، ٻين کان اڳي پوريون نه ٿينديون هيون ڇا؟ پوءِ جنهن صورت ۾ اوهان ڪمن جو بدلو دنيا ۾ وٺي چڪا آهيو، انهيءَ ڪري اوهان واسطي هتي ڪجهه به نه رهيو.” پوءِ مسلمانو! جيڪڏهن ڇوٽڪارو گهرو ٿا، ته صرف ڪنهن کي به ڪجهه نه ڄاڻو خدا تعاليٰ جو ڄاڻڻ ڪافي آهي، انهي ڪري پنهنجي عبادت خدا کي ڏيکارجي. ڇو ته خدا تعاليٰ ئي اجر ڏيئي سگهي ٿو ۽ اهو ئي عبادت جو قدر دان آهي. خدا کان سواءِ دنيا ۽ دين ۾ ڪو به اهڙو ڪونهي، جو ڪنهن کي ڪجهه ڏئي سگهي. جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته، عبادتن جو ضرور نفعو لهندؤ. جي نه ته سخت ضرورت جي ڏينهن، يعني قيامت جي ميدان ۾ هٿين خالي ۽ سڃا رهجي ويندؤ.
    فصل: شايد اوهان کي هي خيال ٿئي، ته هن قسم جي رياءَ کان بچڻ ته محال آهي، البته چٽي پٽي رياءَ کان ماڻهو بچي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري خبر نه ٿي پوي، ته ڪهڙي عبادت درست ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي ناجائز ٿئي ٿي؟ ان ڪري ان جي سمجهائڻ لاءِ اسين هن جي تشريح ڪيون ٿا.
    معلوم ڪيو ته عبادت ۾ رياءُ ٽن قسمن جو ٿئي ٿو:
    پهرين صورت هيءَ ته منڍ کان وٺي ئي رياءَ جي نيت هجي، مثلا نماز جو پڙهڻ شروع کان وٺي پڇاڙي تائين فقط ماڻهن جي ڏيکارڻ ۽ نمازي چوائڻ جي خيال واسطي هجي، هيءَ صورت ته نماز لاءِ مفسد يا ڀڃندڙ آهي، جو اهڙي نماز صحيح ئي نه ٿيندي. ڇو ته هن ۾ عبادت جي نيت ئي شامل ڪانهي ۽ بنا نيت جي ڪو به عمل معتبر ۽ صحيح نه آهي. جيڪو شخص نماز اڪيلائي ۾ يا ماڻهن جي روبرو خدا لاءِ پڙهي ٿو. مگر ‘نماز جي پهرئين وقت’ ۾ رياءَ جي نيت سان پڙهي ٿو، ته هن صورت ۾ ظاهري طرح ائين معلوم ٿئي ٿو ته فرض ادا ٿي ويندو. مگر پهرئين وقت جي فضيلت حاصل نه ٿيندي. ڇو ته هن ۾ رياءَ موجود آهي. باقي رهي هيءَ ڳالهه ته رياءَ جي نيت عبادت ۾ شامل ٿي ويئي، سو ان جو گناه جدا ٿيندو.
    ٻي صورت هيءَ آهي ته عبادت جي وچ ۾ رياءَ ٿي پوي. جيئن نماز پڙهڻ ۾ ڪا وسريل شيءِ ياد اچي وڃي يا ڪو کيل تماشو ٿيڻ لڳي ۽ دل ان جي خواهش ڪري ته نماز ڀڃي ان ۾ وڃي شامل ٿئي، پوءِ جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ آهي جو جيڪڏهن اڪيلائي جو موقعو هجي ها ۽ ڪنهن جو لحاظ نه به روڪي ها، ته ضرور نماز ڀڃي ها. مگر جڏهن ته ماڻهو ويٺا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي شرم کان ۽ هن خيال کان ته ڏسندڙ ماڻهو چوندا ته، “اجائي تماشي لاءِ پنهنجي نماز ڀڃي ڇڏيائين، انهيءَ ڪري نماز نه ٿو ڀڃي. پر بي دليائي سان پڙهي ٿو ته هي نماز به باطل ۽ ناجائز رهڻ ضروري آهي. جڏهن ته وچ ۾ رياءَ جي ڪري عبادت جي نيت هلي ويئي، ان حالت ۾ نماز به هلي وئي، يا مثلا، ڪو شخص نماز پڙهي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڏسندو ڏسي، انهيءَ خيال کان ته هي ماڻهو منهنجي عبادت کان واقف ٿي ويا آهن، هن جي طبيعت کي ايتري ته خوشي ٿي ويئي جو عبادت جي اصل نيت بلڪل ڪمزور ٿي ويئي، ۽ نماز جو ڪو هڪ رڪن اهڙي حالت ۾ ادا ٿيو، جنهن ۾ ماڻهن جي سڌ پوڻ کي زياده دخل آهي ته غالب گمان هي آهي ته هيءَ نماز صحيح نه ٿيندي. ڇو ته هن صورت ۾ جيتوڻيڪ نيت قطع ڪا نه ٿي. مگر ان هوندي به اهڙي ڪمزور ٿي ويئي، جو هن جو هجڻ يا نه هجڻ ٻئي برابر آهن. پوءِ هن نماز کي به باطل چيو ويندو. باقي جي اهڙي معمولي خوشي ٿي هجي، جو اها نيت تي غالب نه پيئي ۽ عبادت لاءِ آماده رهي ته نماز صحيح ٿي ويندي. پر رياءَ جي ارادي جو گناهه ضرور ٿيندو.
    ٽين صورت هيءَ آهي ته عبادت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ رياءَ ٿي پوي. مثلا، سندس هن عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان کيس مسرت ۽ خوشي ٿي يا ماڻهن سان پاڻ فخر جي نموني تي، ان جو اظهار ڪندو وتي ته، هن کي عبادت جي صحت ۽ فساد (ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ) سان ڪو تعلق ڪونهي. ڇا لاءِ ته جنهن وقت رياءَ پيدا ٿيو آهي، ان وقت کان اڳ نماز ختم ٿي چڪي آهي. باقي ان خوشي ۽ اظهار جو گناه جدا ٿيندو. پوءِ هن عبادت جو ظاهر ڪرڻ چٽائي يا اشاري سان، جنهن طرح ۽ جنهن به حيثيت مان هوندو، ان مان ڳجهي ۽ پڌري رياءَ جو اندازو پاڻهي ٿي ويندو. يعني رياءَ جو اظهار جي چٽي طرح ڪري ٿو ته، رياءُ به چٽو آهي ۽ جي رياءَ جو اظهار اشاري سان ڪري ٿو ته رياءُ به ڳجهو آهي.
    فصل: رياءُ وڏو مُهلڪُ يا ماريندڙ مرض آهي. ان ڪري ان جو علاج پوري چستي سان ڪرڻ کپي. ياد رکو ته رياءُ جو سبب گهڻو ڪري يا پنهنجي ساراهه جي سڪ ۽ تعريف جي خواهش ٿيندي آهي، يا دنيا جي مال جو حرص ۽ طمع يا بدنامي جو خوف ۽ خطرو ٿيندو آهي. مثلا، ڪو شخص جنگ جي ميدان ۾ هن غرض سان بهادري ڏيکاري ٿو ته ماڻهو انکي پهلوان چون يا هن ارادي سان عبادت ڪري ته ماڻهو هن کي عبادت گذار يا پرهيز گار چون. اها مدح جي علاج ۾ اڳي اوهان ٻڌي آيا آهيو: ته هيءَ شهرت ۽ دنيا جي نيڪ نامي فرضي ۽ وهمي آهي ۽ اعتبار جي لائق نه آهي. ڇو ته جي ماڻهو اڄ مري وڃي ته سڀاڻي سندس ساراهيندڙ، انهن جون تعريفون، قصيدا ۽ سپاسناما اتي جو اتي رهجي ويندا ۽ ڪنهن مان به ڪجهه نفعو حاصل نه ٿيندو. سچو پچو ڪمال اهو آهي، جو مرڻ کانپوءِ به گڏ رهي، يعني خدائي معرفت، جنهن کي ڪڏهن به فنا پهچڻ واري نه آهي. هن کان سواءِ خصوصيت سان هي خيال ڪرڻ به هن بيماريءَ واسطي مفيد آهي ته، اها بهادري ۽ اها عبادت جا اڄڪلهه مون کي ماڻهن کان عابد ۽ بهادر چوائي رهي آهي. سا سڀاڻي قيامت جي ڏينهن حشر جي ميدان ۾ سڄي مخلوقات جي سامهون مون کي خوار ڪرائيندي ۽ سڀ کان وڌيڪ مصيبت هيءَ ٿيندي ته منهنجي سڀ ڪمائي برباد ٿي ويندي. منهنجا اهي عمل، جن کي گهڻي محنت ۽ مشقت سان جمع ڪيو اٿم، سي ضبط ٿي ويندا. پوءِ ماڻهن جي خوشي ۽ دنيا جي هن بي بقا تعريف جي عيوض ۽ الله تعاليٰ جو ڏمر ۽ قيامت جي خواري خريد ڪرڻ ڪيتري قدر نه عقل جي برخلاف آهي؟ هن کان سواءِ هتي دنيا ۾ جو ماڻهن جي رضا مندي گهرون ٿا، جي حق تعاليٰ گهري ته اسان کان انهن کي به ناراض ڪري ڇڏي. تعريف جي بجاءِ اٽلندو اسان جي بدنامي ڪرڻ لڳن. ڇو ته سڀني جون دليون ۽ زبانون خدا جي هٿ ۾ آهن. پوءِ ٻن ٽن ڏينهن جي وهمي ۽ شڪي تعريف، الله تعاليٰ جي رضامندي کان جو سچي سعادت يا سڀاڳ آهي، ڪيئن بهتر ٿي سگهندي؟
    اهڙي طرح جيڪڏهن بدنامي جو خوف رياءَ جو سبب هجي ته، دل کي ائين سمجهائڻ گهرجي، ته، جي مان خدا وٽ چڱو آهيان ته ماڻهن جي بدنامي مون کي ڪجهه به نقصان نه ڪندي، پوءِ ڇا لاءِ ڊڄان؟ خصوصا جڏهن ته هي ڳالهه به مخلوق جي هن بدنامي جي وهمي ڊپ کان، حق تعاليٰ کي ناراض رکڻ دنيا ۾ به خوار ڪري ٿو. ڀلا جي اندر جو هي رياءَ (ته مون کي ماڻهن جي بدنامي کان ڊپ ٿئي ٿو ۽ انهيءَ ڪري مان نيڪ بختن جي صورت بنايان ٿو ۽پرهيز گار بنيو ڦران ٿو) ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي ته پوءِ هن خوف کان ڪجهه به فائدو نه ٿيندو ۽ جنهن ڳالهه جو ڊپ آهي، سا اڳيان اچي ويندي، جو مڪر ۽ رياءَ جي کلڻ سان بدنامي ٿيڻ لڳندي. ان واسطي جيڪڏهن سچائي سان الله تعاليٰ کي راضي رکڻ واسطي بندگي ڪندس، ته جن ماڻهن جي بدنامي جو مون کي خوف آهي، اُهي به منهنجا دوست بنجي پوندا ۽ خدا تعاليٰ جي خوشي به حاصل ٿي ويندي.
    رياءَ جو ٽيون سبب حرص ۽ طمع آهي. جي اهو سبب هجي ته هي خيال ڪرڻ گهرجي ته جنهن شيءِ جي طمع اٿم، ان جو حاصل ٿيڻ هڪ شڪي ڳالهه آهي ۽ انهيءَ رياءَ جي ڪري خدا تعاليٰ جي ڪاوڙ يقيني آهي. پوءِ ڪنهن فائدي جي شڪي اميد تي خدا جو ڏمر سر تي کڻڻ ڪير پسند ڪندو؟ جڏهن ته الله تعاليٰ دلين جو ڦيرائيندڙ آهي. ان ڪري ياد رکو ته رياءَ سان جنهن دنيا جي مطلب واسطي عبادت ڪري رهيا آهيو، اُهو به حاصل ٿي ڪو نه سگهندو. بلڪه مخلوق جي آڏو طمع ڪرڻ سان ذلت ۽ خواري جدا ڏسندؤ ۽ ان جا ٿورائتا الڳ ٿيندؤ. جو هميشه ان جي آڏو اوهان جي گردن جهڪيل رهندي. جيڪڏهن بي طمع رهندؤ، ته حق تعاليٰ اوهان جي سڀني گهرجن جو ضامن ٿيندو ۽ مخلوق پاڻهي اوهان جي مطيع ٿي پوندي ۽ اخلاص ۽ سچائي جي ڪري جيڪي هميشه جون لذيذ نعمتون اوهان کي يقيني ۽ سچين ڳالهين کي ذهن ۾ وهاريو، ته پوءِ رياءَ جو نالو ۽ نشان به نه رهندو ۽ حق تعاليٰ اوهان کي اخلاص ۽ سچائي جي توفيق به بخشيندو.
    فصل: هن کان پوءِ اوهان کي گهڻو ڪري هي فڪر ٿيندو ته، رياءَ کان نفرت ته بيشڪ پيدا ٿي ويئي، مگر ڪن عبادتن ۾ ماڻهن جي واقف ٿيڻ سان، جو رياءُ امالڪ پيدا ٿئي ٿو، ان جو علاج ته معلوم نه ٿيو. ان ڪري ان جي تدبير به ڏسيان ٿو. اُها هي آهي ته، جيستائين ٿي سگهي، ڪنڊ پاسي اڪيلائي ۾ عبادت ڪندا ڪريو ۽ پنهنجيءَ عبادت کي اهڙي طرح لڪائيندا ڪريو، جهڙي طرح پنهنجن عيبن ۽ گناهن کي لڪائيندا آهيو. ٻڌو! حضرت ابو حفص حداد رح جي مجلس ۾ ڪنهن شخص هڪ دفعي دنيا ۽ دنيا وارن جي سٺ ڪئي، شيخ ان کي چيو ته، “اسان جي مجلس ۾ اڄ کانپوءِ نه وهندا ڪريو، ڇو ته اوهان هن جي لائق نه آهيو. ڇا لاءِ ته جو ڪم اوهان کي لڪائڻ گهربو هو، ان کي اوهان مجمعي ۾ ظاهر ڪيو.”
    ياد رکو! ته عبادت جو لڪائن منڍ ۾ ذرا ڏکيو معلوم ٿيندو، پر ڪجهه وقت ائين ڪندؤ ته اوهان کي ان جي عادت پئجي ويندي، بلڪه خلوت ۽ اڪيلائي جي عبادت ۽ مناجات ۾ اوهان کي لذت اچڻ لڳندي. انهن احتياطن هوندي به هن جو لحاظ رکو ته جنهن وقت به اوهان جي عبادت تي، ماڻهن جو واقف ٿيڻ کان اوهان جي دل ۾ خوشي پيدا ٿئي، تڏهن فورا مٿين سمجهاڻين کي ياد ڪريو ۽ خيال ڪريو ته ڪمزور مخلوق جو منهنجي عبادت کان واقف ٿيڻ منهنجي لاءِ ذري برابر به فائديمند نه آهي. انهيءَ ڪري هن بي سود ڳالهه تي خوش ٿيڻ اجايو ۽ حق تعاليٰ جي ڪاوڙ جو نشان بنجڻ آهي. جنهن وقت اهو خيال ڪندو ته، اها خوشي ۽ مُسرت، ڪراهت سان بدلجي ويندي. جڏهن ڪراهت ۽ مٺيان جو پڙُ ڳؤرو ٿيندو، تڏهن عبادت ان اخلاص جي طرف مائل ٿي ويندي، جيڪو اخلاص گهربل آهي. هن کان پوءِ به، جي خوشي جو اثر دل ۾ باقي رهي ته هيءَ طبعي ۽ بي اختياري ڳالهه آهي. ان جو فڪر ۽ خيال ڪرڻ فضول آهي. ڇو ته اها ڳالهه وس کان ٻاهر آهي. جا ڳالهه اختيار ۽ وس ۾ نه ٿي رهي، ان تي گناه به ڪو نه ٿو ٿئي.
    حاصل مطلب ته اوهان جو ڪم صرف ايتري قدر آهي ته اوهان پنهنجي عبادت کي سعيو ڪري ظاهر نه ڪريو ۽ مشهور ڪندا نه ڦرو. جي پاڻهي ماڻهن کي ان جي خبر پئجي وڃي. ان تي اوهان کي خوشي ٿي پوي، ته ان جي ميٽڻ جي ڪوشش ڪريو. امڪان آهر ان کي ڪراهت ۽ مَٺيان سان بدلايو، ته هن خوشي جو اثر ڪنهن ٻئي عمل تي نه پوي. هن کان پوءِ جا حالت رهي ته هاڻي ان جو دور ڪرڻ، جڏهن ته اوهان جي سگهه کان ٻاهر آهي. ان ڪري ان جو بلڪل خيال نه ڪريو.
    فصل: هن نيت سان عبادت جي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪجهه به نقصان نه آهي ته، ماڻهن کي رغبت ٿيندي ۽ اُهي به مون وانگر الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لڳندا.پر نيت جو خالص ۽ صاف رکڻ ضروري آهي. پر جيڪڏهن سرڪش يا اماره نفس هن بهاني سان اوهان کي شڪار ڪرڻ گهري يا هن سان ڪنهن لڪل خواهش جي وڌڻ جو انديشو هجي ته، هرگز ان جي جرئت نه ڪجو. بلڪه پابندي سان عبادت کي مخفي ڪندا اچو ۽ هن جي نشاني هي آهي ته عبادت جي ٻڌائڻ وقت اوهان جي دل جي هي خواهش قائم رهي ته جي ٻيا ماڻهو هي بار کڻن ۽ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڏسي ماڻهن کي عبادت جو شوق ۽ رغبت پيدا ٿئي ته تمام چڱو.
    انهيءَ ڪري دل کي اٿلائي پٿلائي ڏسو ته منجهس ڪهڙي خواهش آهي؟ ڇو ته جيڪڏهن دل کي هي خواهش هوندي ته فقط منهنجي عبادت ٻين جي عبادت جو ذريعو بنجي ۽ آءٌ پيشوا بنجان ۽ خلق منهنجي پوئلڳ ٿئي ته يقينا هي رياءُ ۽ شهرت جي خواهش ۽ معتبرائپ جي حب آهي. هن صورت ۾ ظاهر آهي ته اخلاص هليو ويو. انهيءَ بنا تي پنهنجن گناهن کي لڪائڻ ۽ ظاهر نه ڪرڻ جائز آهي. بشرطيڪه هن نيت سان هجي ته ماڻهو مون کي فاسق ۽ بدڪار نه چون. گناهن جي ڳجهي رهڻ تي خوش ٿيڻ ۽ ظاهر ٿيڻ تي رنج ٿيڻ ۾ ڪو حرج ڪانهي. پوءِ خواه حق تعاليٰ جي حڪم جي ڪري هجي، جو خدا تعاليٰ گناهَن جي لڪائڻ کي پسند ۽ پڌري ڪرڻ کي ناپسند فرمائي ٿو يا پنهنجي پاڻ تان ايذاءَ پري ڪرڻ جي خيال کان هجي. ڇو ته گناه جي پڌري ٿيڻ تي ماڻهن کي منهنجي برائي ۽ بدنامي ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ هن کان منهنجي دل کي صدمو پهچندو ۽ هي صدمو اختياري نه آهي. بلڪه طبيعت جي خواهش آهي يا حق تعاليٰ جي ستاري ظاهر ٿيڻ تي خوش ٿيڻ جي سبب کان هجي.
    بهرحال ڪنهن به نيت کان هجي ته گناهن جي ڳجهي رهڻ تي خوش ٿيڻ حرام نه آهي، مگر عبادت تي هن نيت سان خوش ٿيڻ ته ماڻهو تعريف ڪندا ۽ عابد ۽ پرهيز گار سمجهندا، بيشڪ حرام آهي، ڇو ته هيءَ خوشي، ڄڻ ته عبادت جي اجرت وٺڻ ۽ مخلوق جي ساراه کي پنهنجيءَ عبادت جو عوض بنائڻ آهي: جو ناجائز آهي.
    هن مضمون کي ٻئي طريقي سان هيئن سمجهو ته گناهن جي ظاهر ٿيڻ ۾ عموما حياءُ ۽ شرم ٿئي ٿو ۽ حيا جڏهن ته رياءُ نه آهي، انهيءَ ڪري هن خيال سان گناه جو لڪائڻ ۽ ان تي خوش ٿيڻ به حرام نه آهي. برخلاف عبادت جي جو ان جي ظاهر ٿيڻ تي خوش ٿيڻ جو سبب، هن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، جو خوشي کي عبادت جو وهمي عوض ۽ ڪميڻي دنيا جو فائدو پنهنجي دل ۾ ٺهرائجي ٿو، ٻيو معقول سبب ڪونهي. انهيءَ ڪري حرام آهي. پر رياءَ جي خوف کان عبادت کي نه ڇڏيو. بلڪه عبادت ڪندا رهو ۽ ان ۾ رياءُ پيدا ٿئي ته، ان جي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو. البته جي اهڙا ڪم هجن، جن کي خلق سان تعلق آهي، مثلا، نماز ۽ امام ٿيڻ يا مقدمن ۾ قاضي ۽ امين ٿيڻ ۽ وعظ ڪرڻ، جي انهن ڪمن۾ رياءَ جو غالب انديشو هجي، جو نفس ضرور شرارت ڪندو ۽ نيت ۽ اخلاص بلڪل قائم نه رهندو ته، بيشڪ انهن ڪمن کان ڀڄڻ گهرجي، ڇو ته سلفن جي اها روش هوندي هئي ۽ هن ۾ ضرور بهتري آهي.
    باقي رهيا نماز، روزه ۽ زڪوات وغيره جهڙا عمل سو رياءَ جي ڊپ کان انهن کي ڇڏي ڏيڻ جائز نه آهي.
    باقي جيڪڏهن بلڪل اخلاص نه هجي ۽ اول کان آخر تائين خدا جي رضا ۽ خدا جي عبادت جي صاف نيت نه هجي، بلڪه پاڻ جهڙي محتاج مخلوق جي ڏيکارڻ واسطي اهي ڪم ڪرڻ ۾ اچن ته پوءِ انهن ڪمن جو ڪرڻ به حرام آهي ۽ ڇڏي ڏيڻ بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن نيڪ ڪم جا اوهان عادي ۽پابند آهيو ۽ اتفاق سان ماڻهو جمع ٿي وڃن ته، ان مهل رياءَ جي شڪ کان پنهنجي عمل کي ترڪ نه ڪريو، بلڪه عادت جي موافق پنهنجو ڪم ڪريو ۽ رياءُ کي جيستائين ٿي سگهي دفع ڪريو ته، جيئن ويجهو ئي نه اچي.


    اخلاق جي سونهن ۽ ان ۾ نفس جو ڌوڪو

    اُهي خراب عادتون، جن کان نفس جو پاڪ ۽ صاف رکڻ ضروري آهي، گهڻيون ئي آهن. پر تن سڀني جا اصول اُهي ڏهه آهن، جن کي تفصيل سان مٿي بيان ڪري آيا آهيون. انهن عادتن جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي، جو هڪ سان ٻي ۽ ٻيءَ سان ٽين ملي پئي آهي. انهيءَ ڪري جيسين سڀني کان ڇوٽڪارو نه ملندو، تيسين نفس قابو نه ٿيندو، هڪڙيءَ جو سڌارڻ ۽ ٻيءَ جو خيال نه ڪرڻ ڪجهه به فائديمند نه ٿيندو. ڇو ته جيڪو ماڻهو ڏهن بيمارين ۾ ورتل آهي، سو تندرست ان وقت چيو ويندو، جڏهن ڏهه ئي بيماريون ان کي ڇڏي وينديون، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي سهڻو ان وقت چيو وڃي ٿو، جڏهن ان جا هٿ، پير، اکيون، ڪن ۽ سڀ عضوا مناسب، موزون ۽ خوبصورت هجن. اهڙي طرح انسان کي اخلاق جو حسن ۽ عادتن جي سونهن ان وقت حاصل ٿيندي، جڏهن انهن جون سڀئي باطني عادتون تعريف جوڳيون ۽ سهڻيون هونديون.
    حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمايو آهي ته: “مسلمان اهو آهي، جنهن جو خلق ڪامل هجي ۽ مومنن ۾ افضل اهو آهي،جنهن جو خلق سڀ کان بهتر هجي.” بس انهيءَ اصل جو نالو آهي: ان جي ڪامل ڪرڻ يا ڪماليت جي درجي تي پهچائڻ لاءِ ئي حضرت رسول اڪرم ﷺ جن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا. حُسن خُلق جي تحقيق، ان جي حد، ان جي فائدن ۽ نتيجن ۾، مختصر طرح سان ڪيون ٿا. ڄاڻڻ گهرجي ته خَلق ۽ خُلق (خ جي زبر ۽ پيش سان) جدا جدا ٻه لفظ آهن. خلق مان مراد ظاهري صورت آهي ۽ خُلق مان مراد باطني صورت آهي. ڇو ته جهڙي طرح انسان جسم سان ترڪيب ڏنو ويو آهي ۽ هٿ، پير، اکيون، ڪن ۽ٻيا عضوا ان کي مليا آهن. جن کي بصارت جي قوت، يعني ‘منهن’ جون اکيون سمجهي سگهن ٿيون.
    اهڙي طرح انسان روح ۽ نفس سان ترڪيب ڏنو ويو آهي، جنهن کي بصيرت يعني دل جان اکيون معلوم ڪري سگهن ٿيون. هيءَ ترڪيب هن ظاهري اکين سان نظر نه ٿي اچي ۽ انهن ٻنهي ترڪيبن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي جدا جدا صورتن ۽ قسمين قسمين شڪلين ۾ پيدا فرمايو آهي، جو ڪا صورت ۽ سيرت حسين ۽ سهڻي آهي ۽ ڪا صورت ۽ سيرت بري ۽ بدزيبي آهي. ظاهري شڪل ۽ هيئت کي صورت چون ٿا. باطني شڪل ۽ هيئت کي سيرت چون ٿا. مگر سيرت جو مرتبو صورت کان مٿانهون آهي. ڇو ته الله تعاليٰ جي نسبت پاڻ ڏي ڪئي آهي. جيئن ته: ( ) ‘وَنَفَخْتُ فِیۡہِ مِنۡ رُّوۡحِیۡ.’ ‘ آيت ۾ روح کي پنهنجو چيو اٿس ۽ ( ) ‘قُلِ الرُّوۡحُ مِنْ اَمْرِ رَبِّیۡ’ ۾ هيءُ ڳالهه ظاهر ڪئي اٿس ته روح رباني امر آهي ۽ جسم وانگر سفلي ۽ خاڪي نه آهي. ڇو ته جسم جي نسبت مٽيءَ ڏانهن فرمائي اٿس، جيئن ته، ( ) ‘اِنِّیۡ خَالِقٌۢ بَشَرًا مِّنۡ طِیۡنٍ’ ۾ اهو ارشاد ٿيل آهي. هن جاءِ تي روح ۽ نفس مان اسان جي مراد هڪڙي شيءِ آهي، يعني اها شيءِ جا حق تعاليٰ جي الهام سان پنهنجي پنهنجي لياقت موافق شين جي سڃاڻپ ۾ سمجهه حاصل ڪري ٿي. بهرحال ثابت ٿيو ته وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي لائق رباني امر يعني انساني سيرت آهي. جيستائين هن باطني ترڪيب جي شڪل ۽ هيئت ۾ حسن موجود نه ٿيندو، تيستائين انسان کي سيرت جو سٺو نه چيو ويندو. جڏهن ته هن ظاهري صورت جي عضون يعني هٿن ۽ پيرن وانگر سيرت کي به الله تعاليٰ باطني عضوا ڏنا آهن، جن جو نالو آهي علم جي قوت، ڪاوڙ جي قوت، شهوت جي قوت ۽ عدل جي قوت، ان ڪري جيستائين ڪنهن به ماڻهوءَ جا چار ئي باطني عضوا موزون ۽ مناسب اعتدال جي حد تي نه هوندا، تيستائين ان جي سيرت کي سهڻو ۽ حسين نه چيو ويندو. انهن باطني عضون ۾ جا به زيادتي ۽ گهٽتائي هوندي، سا ائين خراب لڳندي، جيئن ظاهري عضون جي گهٽتائي يا زيادتي خراب لڳندي. جيئن هڪ ماڻهوءَ جو پير هڪ گز جيترو هجي ۽ هٿ ٽن گزن جي برابر هجي يا هڪڙو هٿ گز جيترو هجي ۽ ٻيو هٿ پورو اڌ گز هجي، ته اهڙي انسان کي حسين ۽ سهڻو نه چيو ويندو، پوءِ اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن جي ڪاوڙ جي قوت، اعتدال جي حد کان گهٽ هجي ۽ شهواني قوت، اعتدال کان گهڻو وڌيل هجي ته ان کي سيرت جو سٺو نه چئبو. هاڻي اسين مٿين چئن عضون جو اعتدال ۽ حسن بيان ڪريون ٿا.

    پهريون علم جي قوت:
    هن جون اعتدال ۽ حسن هي آهي ته انسان ان جي ذريعي سان سچين ۽ ڪوڙين ڳالهين ۾ تميز ڪري سگهي، حق ۽ باطل جي عقيدن ۾ فرق ڪري سگهي. انهن مان چڱو ۽ بڇڙو سڃاڻي سگهي. پوءِ جنهن وقت اها لياقت ۽ صلاحيت پيدا ٿيندي. ان وقت حڪمت جو اهو نتيجو پيدا ٿيندو، جيڪو الله تعاليٰ هيٺين لفظن سان بيان فرمايو آهي: “جنهن کي حڪمت نصيب ٿي، ان کي گهڻو خير ڏنو ويو.” درحقيقت سڀني فضيلتن جي پاڙ ۽ بنياد اها حڪمت ئي آهي.

    ٻيو ڪاوڙ جي قوت ۽ ٽيون شهوت جي قوت:
    هنن جو اعتدال ۽ حسن هي آهي ته اهي ٻئي قوتون حڪمت ۽ شريعت جي اشاري تي هلن. تربيت ڏنل ۽ مطيع گهوڙي وانگر شريعت جون فرمانبردار بڻجن، جو جيڏانهن به انهن کي شريعت هلائي، تيڏانهن بنا عذر ۽ فڪر جي ڊوي وڃن ۽ شڪار تي حملو ڪن. جنهن وقت شريعت انهن کي روڪي ان وقت فورا بيهي رهن ۽ بس ڪري پنهنجي جڳهه تي ويهي رهن.

    چوٿون عدل جي قوت:
    هن جو اعتدال هي آهي ته ڪاوڙ ۽ شهوت جي قوت جي واڳ ماڻهو پنهنجي هٿ ۾ وٺي ۽ انهن کي دين ۽ عقل جو زيردست بنائي. گويا عقل حاڪم آهي ۽ عدل جي قوت سندس نائب آهي، جو جيڏانهن حاڪم جو اشارو ٿي ڏسي، يڪدم اوڏانهن ڊوري ٿي وڃي ۽ ان جي موافق حڪم جاري ٿي ڪري. شهوت جي قوت ۽ ڪاوڙ جي قوت ڄڻ ماڻهوءَ جي سيکاريل فرمانبردار گهوڙي وانگر آهن. جو انهن ۾ حاڪم جو حڪم ۽ ناصح جي نصيحت جاري ۽ چالو ٿين ٿا ۽ پوءِ جنهن وقت اها حالت، جنهن ماڻهوءَ ۾ خاطريءَ جهڙي ۽ تعريف جوڳي پيدا ٿي ويندي. ان وقت ان کي حسن الخلقِ يا سيرت جو سٺو چيو ويندو ۽ ان ڪري ماڻهوءَ جا اخلاق ۽ عادتون سڌري وينديون.
    ڪاوڙ جي قوت جي اعتدال جو نالو شجاعت آهي ۽ اُها خدا کي پسند آهي. ڇو ته هن ۾ جي زيادتي هوندي ته ان کي چئبو تَهَوّر (بي ڊپائي سان ناس ڪرڻ) ۽ جي گهٽتائي هوندي ته ان کي چئبو بزدلي. اهي ٻئي قوتون خراب آهن. ڪاوڙ جي اعتدال، يعني شجاعت مان، لطف ۽ ڪرم، بهادري ۽ چستي، بردباري ۽ استقلال، نرمي ۽ ڪاوڙ جي روڪڻ جو مادو، هر ڪم ۾ دور انديشي ۽ وقار (ڳنڀيرائي) پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ زيادتي پيدا ٿئي ٿي ته ناعاقبت انديشي (اڳ پوءِ نه جاچڻ) ٻٽاڪ هئڻ، آڪڙ ڪرڻ، جوش ۾ باهه ٿي وڃڻ، تڪبر ۽ خودپسندي پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن ان ۾ گهٽتائي پيدا ٿئي ٿي ته ان ۾ بزدلي، خواري، بي عزتي، ڪميڻپ ۽ خسيسائپ پيدا ٿين ٿيون.
    شهوت جي اعتدال جو نالو پاڪدامني آهي. پوءِ جي شهوت پنهنجي اعتدال جي حد کان وڌي ويندي ته ان کي حرص ۽ هوس چئبو. شهوت جي اعتدال جي حالت، يعني پاڪدامني خدا تعاليٰ کي پسند آهي. هن مان جيڪي خصلتون پيدا ٿين ٿيون، سي هي آهن: سخاوت، حيا، صبر، قناعت، پرهيز گاري، طمع جو گهٽجڻ ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو مادو. اعتدال جي حد کان شهوت جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ ڪري هي صفتون پيدا ٿين ٿيون: حرص، لالچ، خوشامد، چاپلوسي، اميرن جي آڏو ذليل ٿيڻ، غريبن کي گهٽتائي جي نظر سان ڏسڻ، بي حيائي، فضول خرچي، رياءُ، تنگدلي، نامردانگي ۽ حسد وغيره.
    عقل جي قوت ۾ جيڪڏهن اعتدال ٿئي ٿو ته انسان مدبر، منتظم، ذڪي ۽ سمجهو ٿئي ٿو ۽ ان جي راءِ سڌي ٿئي ٿي ۽ هر مضمون کي هن جي طبيعت ادا ڪري ٿي ۽ چستي ڏيکاري ٿي، جي اعتدال جي حد کان وڌي وڃي ٿي ته ان کي دغا بازي، مڪاري ۽ ٺڳي چئجي ٿو. جي عقل جي قوت ۾ ڪنهن قسم جي نقصان يا ضعيف پيدا ٿيندو ته ان کي چئبو ڪُند ذهني، حماقت ۽ بيوقوفي، جنهن جو اثر هي ٿيندو، ته اهڙو ماڻهو جلد ٻئي جي ڌوڪي ۾ اچي ويندو. غرض ته هي سڀئي قوتون جنهن وقت ، اعتدال جي حد تي اچي وينديون ته ان وقت انسان کي حَسنُ الخُلقِ، يعني سيرت جو سٺو چيو ويندو.
    ڇو ته اعتدال جي حد کان هٽڻ ۽ وڌڻ، اهي ٻئي حالتون حُسنَ کان خارج آهن. خير الامور اَوسطها (سڀني ڪمن ۾ بهتر انهن جو وچولو درجو ٿيندو آهي) حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “نه پنهنجو هٿ ڪنڌ سان ٻڌو، جو بخل ڪريو ۽ نه هن کي بلڪل کولي ڇڏيو، جو اِسراف ڪرڻ لڳو.” پڻ فرمائي ٿو ته، “اسان جي بندن جو هي شان آهي ته نه هو اسراف ڪن ٿا ۽ نه بخل، بلڪه انهن جي وچئينءَ حالت تي رهن ٿا.”
    فصل: انهن بد اخلاقن جي اصلاح جڏهن ته رياضت ۽ مجاهده سان ٿي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ ڪو بڇڙو خلق موجود هجي ته هن کي گهرجي ته نفس تي جبر ۽ زبردستي ڪري: مثلا، جي بخل جي حالت هجي ته جبر ۽ قهر سان، ان کي ڪڍي ڇڏي ۽ نفس کي ناراض ڪري، خرچ ڪرڻ جي عادت وجهي. جيڪڏهن فضول خرچيءَ جي عادت هجيس ته، نفس کي بيجا سخاوت کان روڪي۽ خرچ ڪرڻ بند ڪري ته، گهٽ خرچ ڪرڻ جي عادت پئجي وڃيس. پوءِ جڏهن ماڻهوءَ جي عادت سڌريل ۽ درست ٿي ويندي، تڏهن اها وچولي عادت پيدا ٿي ويندس، جا خدا تعاليٰ کي پسند آهي. پر هيئن نه سمجهو ته زور سان خرچ ڪرڻ ڪري، اهو ماڻهو سخي چئبو يا زور سان نياز ڪرڻ سان متواضع چئبو، نه، هرگز نه، ڇو ته سخاوت ۽ تواضع، طبعي حالت جو نالو آهي، جا تڪلف ۽ ناراضپي کان سواءِ موقعي تي مال خرچ ڪرائي ٿي ۽ ٻين جي آڏو نوڙت ظاهر ڪرائي ٿي. باقي هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته، انشاءُ الله تعاليٰ هن جبر، قهر ۽ زور سان خرچ ڪرڻ يا ماڻهن جي آڏو نوڙت ڪرڻ، اصل سخاوت ۽ سچي تواضع جو وسيلو بنجي ويندا. ڇو ته طبع تي زور وجهي ڪو ڪم ڪجي ٿو ته نيٺ ان جي عادت پئجي وڃي ٿي. پوءِ جڏهن عادت ٿي ويندي، تڏهن سٺيءَ خصلت سان، دل اهڙي موصوف ٿي ويندي، جو اها عمدي خصلت طبعي بڻجي ويندي.
    جهڙي طرح ظاهري حسن ۾ تفاوت هوندو آهي، جو ڪو وڌيڪ سهڻو هوندو آهي، ته ڪو گهٽ، اهڙي طرح باطني حسن ۾ به ماڻهو وڌ، گهٽ ٿيندا آهن. سڀني کان وڌيڪ سٺي سيرت وارا ته سرور عالم حضرت نبي ڪريم ﷺ جن آهن. ڇو ته سندن شان ۾ هيءَ آيت لٿي آهي:
    “انڪ لعليٰ خُلق عَظيم” (بيشڪ تون عاليشان عادت تي پيدا ڪيو ويو آهين) کانئن پوءِ جنهن به مسلمان کي، سندن عادتن سان جيتري قدر وڌيڪ مناسبت ۽ مشابهت هوندي، اوتري قدر انکي سيرت جو سٺو ۽ عادت جو سهڻو چئبو.
    هي ظاهري آهي ته باطني سيرت يا عادت ۾ جيتري قدر جنهن کي حسن حاصل هوندو، اوتري قدر ان کي آخرت جي سعادت يا سڀاڳ حاصل ٿيندو. ڇو ته ڪامل درجي جو سهڻو ماڻهو معشوق ۽ محبوب بڻجي وڃي ٿو ۽ وڏي درجي جو بڇڙو ۽ اندر جو خراب ماڻهو پنهنجي بغض جي ڪري نفرت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. وچوليءَ حالت ۾ محبت ۽ نفرت جا هزارين درجا نڪرندا، جن مان انهن جي قدر ۽ ڪيفيت جي مناسبت سان، نتيجا نروار ٿيندا. پوءِ سٺي سيرت ۽ بد سيرت وارن ماڻهن جي پرک هن ڪسوٽيءَ تي آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي.
    فصل: انسان کي پنهنجي نفس جي حالت معلوم ڪرڻ ۾ اڪثر ڌوڪو ٿي وڃي ٿو، جو بدخلق ماڻهو به بعضي پنهنجي پاڻ کي خليق ۽ خوب سيرت سمجهڻ لڳي ٿو. جيئن ته اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ماڻهوءَ کي ڪاوڙ ايندي آهي ۽ اهو هيئن سمجهندو آهي ته مون کي خدا ڪارڻ ڪاوڙ آئي آهي. جا چڱي عادت آهي يا مثلا، پنهنجون عبادتون ماڻهن تي ظاهر ڪري ٿو ته نفس هي ڌوڪو ڏئي بي فڪر بنائيس ٿو، ته تو هن غرض واسطي عبادت ظاهر ڪئي آهي ته ماڻهن کي ان جي ريس ٿئي ۽ انهيءَ عبادت ۾ تنهنجي پيروي ڪن. يا مثلا، عابد، زاهد، پرهيزگار ۽ نماز، روزي جو پابند رياءَ جي خيال سان ٿئي ٿو.
    مگر نفس اهو عيب نه ٿو ڄاڻائيس. مطلب ته ان ريت هي اماره نفس وڏا وڏا ڌوڪا ڏئي ٿو ۽ بڇڙائي ۾ ڦاسائڻ لاءِ عيب کي ثواب ثابت ڪري ڏيکاري ٿو.
    انهيءَ ڪري مناسب آهي ته، پنهنجي حالت، ڪنهن مخلص ۽ سچ چوندڙ دوست کان پڇندا ڪريو ته اهو اوهان کي ڇا ٿو سمجهي؟ ڇاڪاڻ ته اوهان جي خصلتن ۽ عادتن کي ٻيا ماڻهو چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا. (ڇو ته جن سان واسطو ۽ ڪم پوي ۽ انهن کي اوهان جي اخلاق جي امتحان جو موقعو ملي ته اهي چڱي طرح جانچي سگهن ٿا) انهيءَ ڪري جيڪڏهن اوهان جي دوستن کي اوهان جي خير خواهي يا سڄڻائپ منظور هوندي، ته هو بي تڪلف اوهان کي ٻڌائيندا ته اوهان جي فلاڻي عادت خراب آهي. پوءِ اوهان کي انهيءَ عادت جي سڌارڻ ۾ مشغول ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن گهڻيون خراب عادتون اوهان ۾ ظاهر ٿين ته سڀ کان وڌيڪ خراب عادت جو پهريائين فڪر ڪريو، جنهن جو نتيجو وڌيڪ خراب هجي. ان جو علاج سڀ کان اڳي ڪرڻ لازم سمجهو.
    مثلا، دنيا جي محبت اهڙي بلا آهي، جنهن کان ورلي ڪو ڇٽل هوندو، اها سڀني گناهَن جي پاڙ آهي. انهيءَ ڪري ان جو علاج سڀ کان مقدم ۽ وڌيڪ ضروري سمجهڻ گهرجي. اهو هي آهي ته، “اڪيلائي ۾ ويهي خيال ڪريو ته آخر دنيا سان مون کي ايتري رغبت ۽آخرت کان ايتري نفرت ڇو ٿي آهي؟” جيڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ خلاصو ويهي خيال ڪندؤ ته اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويندو ته، “جهالت ۽ ناداني کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ڪونهي.” ٿوري دير لاءِ کڻي ٿا مڃون ته اوهان جي عمر سؤ ورهيه به ٿي ۽ اوهان کي وري زمين جي بادشاهي به ملي وئي. پر پوءِ ان مان حاصل ڇا؟ آخر فنا اچڻي آهي، ستت اهو ڏينهن اچڻو آهي، جو نه اوهان رهندا ۽ نه هيءَ بادشاهي. نڪي هي ملڪ ئي رهندو. اهي سڀ فنا ٿي ويندا. مگر ان ڪري ابدي يا سدائين جي بادشاهي (جنهن جي ختم ٿيڻ جو وقت ئي ڪونهي) اوهان جي هٿ مان ضرور هلي ويندي.
    جيڪڏهن ابد جو مقدار اوهان جي خيال ۾ اچي نه سگهي ته، هن طرح تصور ڪريو ته، “سڄي دنيا هن طرف کان وٺي هن طرف تائين اناج سان ڀري پئي آهي ۽ هڪ پکي هڪ هزار ورهيه ۾ هن ٽمٽار دنيا مان هڪ داڻو کڻي ٿو. انهيءَ ريت هزار سال ۾ ‘اَن’ جي هڪ هڪ داڻي کڻڻ تي هڪ نه ٻئي ڏينهن هيءَ دنيا اَن کان ضرور خالي ٿي ويندي. پوءِ هيتري مدت تي به ابد جو نالو رکي نه ٿو سگهجي. ڇو ته ابد ايتري بي شمار ۽ بي انت مدت جو نالو آهي، جنهن جي ڪڏهن به پڄاڻي ۽ پڇاڙي ڪانهي. پوءِ انهيءَ عارضيءَ ۽ فنا ٿين واريءَ بادشاهيءَ ڏانهن توجهه ڪرڻ ۽ اَبدي بادشاهي کان بي پرواهه ۽ لاغرض بڻجڻ، نفس ڇو پسند ڪيو آهي؟
    ان کان سواءِ هي به خيال ڪريو ته بي بقا دنيا جي معمولي تجارت يا واپار ۾ اوهان ڪيتريون نه مصيبتون سهو ٿا ۽ رياست جي تلاش ۾ ڪيڏا ڪيڏا نه ڪٺن ڪشالا ۽ سخت سفر اختيار ڪيو ٿا حالانڪه انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان پوءِ به مال ۽ رياست جو ملڻ بلڪل موهوم يا غير يقيني آهي. ممڪن آهي ته، هن کان اڳي ئي اوهان کي موت اچي وڃي، ۽ واپار جو نفعو يا سفر جو نتيجو اوهان کي ڏسڻ به نصيب نه ٿئي. جي رياست نه کڻي ملي وڃي ته ممڪن آهي ته اهو عيش ۽ آرام، دل جي جميعت ۽ بي فڪري اوهان کي حاصل نه ٿئي، جا رياست مان مقصود آهن.
    بهرحال اهڙي غير يقيني ۽ شڪي دنيا ئي راحت جي اميد تي به اهي مصيبتون ۽ مشقتون اوهان کي ڏکيون نه ٿيون لڳن. ڇو ته پنهنجي خيال ۾ جيتري قدر اوهان پنهنجي عمر سمجهيو ويٺا آهيو، ان جي مقابلي ۾ هن محنت جي هڪ ٻن سالن کي ڪجهه به نه سمجهو ٿا ۽ هيئن خيال ڪيو ٿا ته هڪ سال تڪليف ۾ رهڻ کان، سڄي عمر جي راحت ۽ آرام ملي ويندو. حالانڪه جا نسبت اوهان جي عمر، بلڪه ساري دنيا جي عمر کي اَبد سان آهي. ان جو هڪ ذرو به هڪ سال کي اوهان جي خيالي عمر سان هرگز حاصل ڪو نه آهي. پوءِ دنيا جي حياتيءَ کي جيڪڏهن آخرت جي ابدي نعمت جي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪيو ۽ هن ٿورڙي وقت جي محنت ۽ تڪليف کي اتاهون جي دائمي لذت لاءِ گوارا ۽ پسند ڪيو ته ڪو مشڪل آهي؟ پر هي ٿئي ڪيئن؟ نفس ته اوهان کي وسوسي ۽ ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. غفلت ۾ گذاريو ٿا ۽ چئو ٿا ته “خدا ڪريم آهي، معافي ڏيڻ وارو آهي، سڀ ڪجهه بخشيندو ۽ چڱن ڪمن کان سواءِ اسان کي بهشت ۾ داخل ڪندو.”
    ڀلا آءٌ پڇان ٿو ته پوک ۽ واپار ۾ اهڙو خيال ڇو نه ٿا ڪيو؟ ڇا آخرت جو خدا ڪو ٻيو آهي ۽ دنيا جو ٻيو؟ جڏهن ته ٻنهي جو خدا هڪ ئي آهي، تڏهن دنيا جا به ڪم ڪار ڇڏي ڇو نه ٿا گهر ويهي رهو ۽ ڇو نٿا خدا تي ڀروسو رکو؟ ۽ ڇو نٿا اميد ڪريو ته خدا تعاليٰ ڪنهن ويراني جو لڪل خزانو اسان کي ننڊ ۾ ڏيکاريندو، جنهن کان اسان شاهوڪار ٿي پونداسين؟ مگر افسوس آهي ته هتي هي جواب ڏيو ٿا ته، روزگار جا اسباب هٿ ڪرڻ ضروري آهن. ڇو ته پوريل خزاني جو هٿ اچڻ هڪ اتفاقي ڳالهه آهي، جو ورلي ڪنهن کي اهڙو اتفاق پيش ايندو آهي ۽ سدائين ائين ڪو نه ٿيندو آهي، پوءِ آخرت بابت به اهو خيال ڪريو ته خراب عملن ۽ بدڪمن تي معافي جي اميد رکڻ ان کان وڌيڪ ورلي آهي.ڇو ته حق تعاليٰ صاف فرمائي چڪو آهي ته:
    “انسان کي اهو ئي ملندو، جيڪي هو ڪندو ۽ پرهيزگار ٻانها، بدڪارن جي برابر ٿي نه ٿا سگهن وغيره وغيره.” خدا تعاليٰ دنيا جي معاملات ۾ اسبابن جو هٿ ڪرڻ ضروري ڪو نه فرمايو آهي. بلڪه انهن کان بي فڪر بنايو اٿس، ۽ هيئن فرمايو اٿس ته، “ڪو به جاندار زمين تي هلندڙ اهڙو ڪونهي، جنهن جو رزق خدا جي ذمي نه هجي.” تعجب آهي ته دنيا ڪمائڻ بنسبت خدا تي ڀروسو نه ٿا رکو ۽ آخرت ۾ بد ڪمن جي معافي جو يقين ۽ بيجا اميد رکي پنهنجو دين برباد ڪري رهيا آهيو. پوءِ ياد رکو ته هي شيطاني وسوسو آهي، جنهن خلق کي خراب ڪيو آهي ۽ چڱن ڪمن کان سست بنائي، بندگيءَ کان روڪي ڇڏيو آهي. (خدا تعاليٰ شل پناه ڏئي.)
    فصل: جيڪڏهن اوهان هينئن چئو ته دنيا جي معاملات يا ڪاروبار جا نتيجا، اسان اکين سان ڏسون ٿا، رات ڏينهن انهن جو تجربو ڪيون ٿا ۽ آخرت جي معاملات مان ڪو واقعو ڪنهن ڪو نه ڏٺو آهي. انهيءَ ڪري دنيا جي ڪمائڻ لاءِ رغبت ٿئي ٿي ۽ دين جي طلب ۾ غفلت، ڇو ته جنهن شيءِ کي ماڻهوءَ ڪو نه ڏٺو آهي، ان جي پوري تسلي ۽ سچي پچي تصديق يا خاطري دل ۾ نه ٿي ٿئي ۽ ٻئي هيءَ ڳالهه به آهي ته سڀ ڪو شخص نقد کي اوڌر کان وڌيڪ سمجهي ٿو. انهيءَ ڪري دنيا جي طلب ۾ سڀئي تڪليفون سمجهه ۾ اچن ٿيون ۽ دين جي ڪم ۾ نفل ته نفلن جي ماڳ، فرض به ادا ڪرڻ مشڪل ۽ دشوار لڳن ٿا.
    هن جو جواب هي آهي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جي دل جون اکيون روشن فرمائي ۽ اوهان بصيرت جا صاحب بڻجي وڃو ته پوءِ ديني ڪمن جا نتيجا به دنيا وانگر اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪڏهن بصيرت نه هجيو ته بصيرت وارن (نبين ۽ ولين) جي هدايتن ۽ حڪمن ۾ غور ۽ ويچار ڪريو ۽ ڏسو ته انهيءَ وڏيءَ جماعت ۾، ڪو به اهڙو ڪو نه هو جو آخرت جي دائمي نعمت ۽ دائمي تڪليف جو قائل يا اقراري نه هجي. هيءَ يقيني ڳالهه آهي ته آخرت جي دائمي بهبودي يا ڀلائي الله تعاليٰ ڏي توجهه ڪرڻ کان سواءِ حاصل ٿي نه ٿي سگهي. جيسين دنيا کان منهن نه موڙيندؤ، تيسين الله تعاليٰ ڏي توجهه ۽ ڌيان ڪيئن ٿي سگهندو؟
    پوءِ جڏهن هنن ڳالهين کي سوچيندؤ، تڏهن اوهان کي آخرت تي سچو ۽ پڪو ايمان ٿيندو ۽ دل کي غيب جي ڳالهين تي تسلي ۽ يقين ٿيندو، ڇو ته جو شخص انڌو آهي، ان تي لازم آهي ته سڄي ماڻهوءَ جو تابع يا پوئلڳ ٿي هلي. ڇو ته واٽ جي هيٺاهين، مٿاهين ۽ منزل مقصود تائين پهچڻ واري واٽ ان کي نظر اچي ٿي. ڀلا جي اوهان طب جي علم ۾ ماهر نه هجو ۽ بيمار ٿي پؤ ته ٻڌايو ته اهڙي مهل اوهان کي طبيب جي ڏس تي هلڻ جي ضرورت آهي يا نه؟ خصوصا جيڪڏهن ڪا اهڙي صورت ٿي پوي، جنهن بابت سڀني طبيبن جو اتفاق هجي ته ان ۾ اوهان کي ڪنهن به قسم جو شڪ نه ٿيندو. پوءِ اهو حال اسلامي عقيدن يا ويساهن جو سمجهو ته پيغمبر عليهم السلام، اولياءِ اڪرام ۽ سڀئي بصيرت وارا بزرگ ‘روحاني طبيب’ آهن، انهن سڀني جو هن تي اتفاق آهي ته آخرت ضرور ٿيڻ واري آهي ۽ هن دنيا جي حياتيءَ جي نيڪ ۽ بدعملن جو بدلو ضرور ملڻو آهي. انهيءَ ڪري ان ۾ شڪ ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي.
    ڪي ٿورڙا ماڻهو اهڙا به آهن، جن ‘روح’ جي حقيقت کي ڪو نه سمجهيو آهي ته اهو ڪهڙي شيءِ آهي؟ انهن جي نظر، فقط هن جسماني روح تائين بند رهجي ويئي آهي، جنهن جي ذريعي انسان حس ۽ حرڪت ڪري ٿو. يعني اُهي بخار، جيڪي دل مان نڪرن ٿا ۽ بدن جي سڀني رڳن ۾ پکڙجي وڃن ٿا، پوءِ انهن، ماڻهن هن کي انساني روح سمجهيو آهي. حالانڪه هي روح حيوانن ۾ موجود آهي. پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ فرق ڪهڙو ٿيو؟ چڱي طرح سمجهو ته انساني روح جي نسبت خدا تعاليٰ ڏي آهي، جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته،
    “اي محمد! چئو ته روح امر ربي آهي.” پوءِ هي اهو روح آهي، جنهن جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون. خدا ئي روح جي حقيقت کي، اهي ڪوتاه نظر طبيب ۽ منجم نه ٿا سمجهي سگهن. انهيءَ ڪري انهن کي ڌوڪو ٿي پيو ۽ آخرت جا منڪر ٿي ‘دهريه’ بنجي پيا. اهي چون ٿا ته، روح جڏهن بدن مان نڪري ويو ۽ بدن جي حس ۽ حرڪت هلي وئي ته پوءِ بدن مٽي ٿي مٽي ۾ ملي ويو؛ جو هاڻ ان کي نه راحت جو شعور آهي، نه تڪليف جو، انهن بي سمجهه ماڻهن جي سمجهه تي افسوس آهي جو اول ته هڪ ‘جم غفير’ يا وڏي جماعت جي مقابلي ۾ انهن ٿورڙن ماڻهن جي قول کي ڪو وزن ئي ڪونهي ۽ جي ڪجهه هجي به ته، آءٌ پڇان ٿو ته انهن جي قول کي اوهان يقيني سمجهو ٿا يا ان ۾ ڪجهه ڪوڙ جو به شڪ ڪيو ٿا؟ پوءِ جي ڪوڙ جو شڪ اٿو ته، هاڻي اوهان ٻڌايو ته ان صورت ۾ احتياط ۽ دور انديشيءَ جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    ظاهر آهي ته دور انديشيءَ جي هيءَ خواهش آهي ته، آخرت جي واسطي سامان جمع ڪريو ۽ ان جي ڳڻتيءَ ۽ فڪر ڪريو، ڇو ته جي اوهان کي بک هجي ۽ کاڌو سامهون رکيل هجي، پر هڪ شخص پڪ سان چوي ته هن کاڌي ۾ زهر آهي ۽ ٻيو چوي ته هن ۾ زهر ڪونهي ته، هتي اوهان دور انديشي جي ڪري هن کاڌي کان ضرور پرهيز ڪندؤ ۽ چوندؤ ته جيتوڻيڪ هن ۾ زهر هجڻ جو يقين ڪونهي، پر شڪ ته ضرور آهي. ان ڪري هن شڪي کاڌي کانئڻ کان هڪ وقت بک ڪاٽڻ بهتر آهي. ڇو ته هن جي هڪ صورت ۾ مري وڃڻ جو انديشو آهي ۽ ٻيءَ صورت ۾ موت کان ته بچاءُ آهي. بک جي ٿوري تڪليف آهي، جا آسانيءَ سان سهي سگهبي، جو ٿورڙي لذت، جيڪڏهن حاصل نه ٿي ته پرواه ڪانهي، حياتي ته باقي رهندي. حياتي آهي ته، سڀ ڪجهه آهي.
    ڏسو! هڪ شاعر ڪم عقلي هوندي به ڇا چيو آهي؟ ان جي عربي بيتن جو ترجمو هي آهي ته: “ آخرت جي منڪر نجومي ۽ طبيب مون کي چيو ته مري ويندڙ ماڻهوءَ، ٻئي ڀيري جيئرا نه ٿيندا. مون انهن کي جواب ڏنو ته هٽو، پري ٿيو! جيڪڏهن اوهان سچا آهيو ته منهنجو ڪجهه به نقصان ڪو نه ٿيندو، فقط منهنجا عمل مون کي ڪم نه ايندا. ۽ جي اوهان ڪوڙا ثابت ٿيؤ ته آءٌ فائدي ۾ رهندس ۽ ڇيهو اوهان کي ٿيندو. ڇو ته اوهان آخرت کي نه مڃڻ ڪري، آخرت لاءِ ڪجهه به سامان پاڻ سان ڪو نه آندو ۽ آءٌ دنيا ۾ آخرت جو فڪر ڪري تيار ٿي آيو هوس.”
    مطلب ته دنيا ۾ رهي، ديني ڪمن جو سعيو ڪرڻ ۽چڱن ڪمن جي توشي جمع ڪرڻ جي صورت ۾ فائدو ئي فائدو آهي. جيڪڏهن اوهان هيئن چئو ته، اسان کي جاهل نجومي ۽ بي دين طبيب جو چوڻ بلڪل صحيح معلوم ٿئي ٿو، جو ان ۾ ڪوڙ جو بنهه شبهو ڪونهي ۽ نعوذ بالله سڀني پيغمبرن عليهم السلام ۽ اولياءِ ڪرام کي ڌوڪو ٿي ويو. پوءِ ته آخرت ئي ڪا شيءِ آهي، نڪي ثواب ۽ عذاب جي ڪا ڳالهه آهي! جيڪڏهن (خدا نه ڪري) اوهان جو اهڙو خيال ٿي وڃي ته، هاڻي اوهان جو اهو مرض لا علاج آهي. ڇو ته اوهان جي طبيعت جي خرابي ۽ عقل جي ڪمزوري چٽي طرح ظاهر ٿي ويئي ۽ پوءِ به اوهان هن کي سياڻپ سمجهو ٿا، جو بنا دليل جي هڪ وهمي ۽ بيهودي ڳالهه کي يقيني چئو ٿا. اهڙي صورت ۾ علاج ۽ تندرستيءَ جي ڪهڙي صورت ٿي سگهي ٿي؟
    پوءِ اسان به اهڙي شخص کي نصيحت ڪرڻ کان منهن موڙينداسين. پر هلندي هلندي، ايترو وري به سمجهائينداسين ته چڱو ميان! دنيا ئي اوهان جي محبوب آهي ۽ اوهان ان جي راحت ۽ آرام جا ديوانا ۽ متوالا آهيو، تڏهن به اسان جي چوڻ موافق بي بقا دنيا جي لاڳاپن کي گهٽائڻ اوهان لاءِ ضروري آهي. ڇو ته جيڪو مزو، راحت ۽ آرام آزاديءَ ۾ آهي، اهو پابنديءَ ۾ ڪونهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان نفس جا پابند ٿي ويو ۽ نفساني خواهشن ۽ سڌن ۾ جڪڙجي ويو ته، ياد رکو ته هر قسم جي ذلت ۽ خواري، اوهان کي سهڻي پوندي، جو پادر کائيندؤ ۽ پاڻ جهڙي محتاج مخلوق جي آڏو هٿ ڊگها ڪندو، خوشامندون چاپلوسيون ڪندا وتندؤ. ڏسو ۽ ويچار ڪريو ته دنيا جا تعلقات ۽ بکيڙا اهڙا بڇڙا آهن جو گهڻا ڪافر، جن کي آخرت تي ايمان به ڪو نه هو، اهي به انهن کان ڊڄي ويا ۽ دنيا کي ترڪ ڏئي، جوڳي ۽ راهب بنجي ويا. انهن به ايترو سمجهيو ته دنيا دل لڳائڻ جي لائق نه آهي. ڇو ته هن فاني جهان کي، هڪ ڏينهن ضرور ڇڏڻو پوندو. هتي رهي، جنهن سان به محبت يا لاڳاپو رکبو ته، اهو جلد ٽٽي پوندو، جو يا اسان هن کي اول ڇڏ، رخصت ٿي وينداسين يا هو اسان کي اول ڇڏي الوداع ڪري ويندو.
    ظاهر آهي ته هن جدائي جو نتيجو مصيبت، رنج، صدمي ۽ تڪليف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيندو، پوءِ جڏهن ڪافرن کي آخرت جي نه مڃڻ واري حالت ۾ دنيا جي تعلقن ڇڏڻ ۾ راحت معلوم ٿي. تڏهن معلوم نه ٿو ٿئي ته اوهان مسلمان چوائيندي به هنن تعلقن ۾ ڦاسڻ کي، آرام جو سامان الاهي ڪيئن سمجهو ٿا؟ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي دنيا جون آفتون ۽ ان جي ناپائداري به نظر نه اچي ۽ دنيا جي خواهش جي ڇڏڻ کي عقل موجب مفيد به نه سمجهي ته، بس هن نادان کي خدا سمجهائي، جو اهڙن ماڻهن جي حق ۾ حق تعاليٰ فرمايو آهي:
    “ذرهم ياڪلوا و يتمتعوا”-الخ يعني اي محمد ﷺ! انهن کي ڇڏي ڏي ته ڀل کائن ۽ مزا ڪن ۽ سندن اميدون کين غفلت ۾ وجهن. سو ستت انهن کي معلوم ٿي ويندو.


    دل کي سٺين عادتن سان سينگارڻ

    توبهه
    حق تعاليٰ فرمايو آهي ته، مسلمانو! “اوهان سڀ خدا ڏي موٽو. بيشڪ اهو توبهه ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.” حضرت محمد ﷺ فرمايو آهي ته: “جنهن گناه کان توبهه ڪئي، سو اهڙو ٿيو، ڄڻ گناه ئي ڪو نه ڪيو هئائين.” حق تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهي جي توبهه کان، جيتري خوشي ٿئي ٿي، ان جو اندازو هن مان ڪريو مثلا، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اهڙي خوفناڪ جهنگ ۾ وڃي پهچي، جنهن ۾ پاڻي ۽ گاه نه هجي ۽ ان جو وهٽ انهيءَ ثمر سميت، جيڪو مٿس رکيل آهي، گم ٿي وڃي ۽ هو ان کي ڳوليندو ڳوليندو ٿڪجي پوي ۽ نيٺ (هن ڪري، جو جهنگ مان ٻاهر نڪري نه ٿو سگهي ۽ نڪي ثمر کان سواءِ بک کان جان بچائي ٿو سگهي) حياتيءَ کان نااميد ٿي وڃي، جو نه پيادي هلڻ جي طاقت اٿس ۽ نه داڻي جو آسرو اٿس. انهيءَ ڪري نااميديءَ سببان، ڪنهن وڻ هيٺان سمهي پوي ۽ پنهنجي هٿ تي مٿو رکي، هن فڪر ۾ ليٽي پوي ته هاڻي موت اچي ٿو پوءِ اوچتو ان جي اک کلي پوي ۽ ڏسي ته سندس گم ٿيل وهٽ سندس ڀرسان بيٺو آهي، کاڌي پيتي جو سامان جيڪو مٿس رکيل هو، سو به سمورو سلامت آهي ته ان کي اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي حياتيءَ کان اميد لاهڻ کان پوءِ، حياتيءَ جي سامان لڀڻ کان، جيتري خوشي حاصل ٿيندي، ان کان به وڌيڪ حق تعاليٰ کي ان وقت خوشي ٿئي ٿي، جڏهن ٻانهو خدا ڏي رجوع ٿئي ٿو ۽ پنهنجي گناه کان توبهه ڪري ٿو.

    توبهه جي معنيٰ آهي:
    “موٽڻ ۽ ڏوراهينءَ کان ويجهائي ڏي موٽي اچڻ.، مگر هن جي لاءِ به هڪ منڍ آهي ۽ هڪ پڇاڙي. منڍ هي آهي ته دل تي معرفت جي نور جا شعاع پلٽجي پون ۽ دل کي هن مضمون جي پوري واقفيت ٿي وڃي، ته گناهه، قاتل زهر ۽ برباد ڪندڙ آهن. پوءِ جي خوف ۽ پشيماني پيدا ٿيڻ کان، گناه جي تدارڪ ڪرڻ جي سچي ۽ خالص ايتري رغبت پيدا ٿي وڃي، جنهن کان ان گناه کي يڪدم ڇڏي ڏئي، جنهن ۾ هو ڦاٿل آهي ۽ اڳتي جي لاءِ انهيءَ گناه کان بچڻ ۽ پرهيز ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ۽ هن سان گڏ، جيترو ٿي سگهي، اوترو گذريل قصور ۽ ڪوتاهيءَ جو تدارڪ ڪري. جڏهن ماضي، مستقبل ۽ حال، ٽنهي زمانن ۾ توبهه جو هي ثمرو يا نتيجو پيدا ٿي وڃي، تڏهن گويا توبهه جو اهو ڪمال حاصل ٿي ويو، جنهن جو نالو آهي توبهه جي پڇاڙي.
    فصل: توبهه جي معنيٰ ۽ حقيقت سمجهڻ کان پوءِ اوهان کي روشن ٿي ويو هوندو ته توبهه ڪرڻ سڀ ڪنهن شخص تي واجب آهي. ڇو ته خدا تعاليٰ سڀني مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته، “اي ايمان وارؤ اوهان سڀ توبهه ڪريو ته ڇوٽڪارو ماڻيو. جڏهن توبهه جي حقيقت هي آهي ته گناهن کي آخرت جي حياتيءَ لاءِ قاتل زهر سمجهي ۽ گناهَن کي ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪري ۽ ايترو مضمون ايمان جو جزو آهي. انهيءَ ڪري سڀ ڪنهن مومن تي ان جو واجب ۽ ضروري هجڻ ظاهر آهي. هاڻي رهيو سڄي بني آدم ۽ هر فرد بشر تي توبهه جو واجب هجڻ، سو انهيءَ جو سبب هي آهي ته، ماڻهو چئن قسمن جي صفتن سان مرڪب آهي، ڇو ته ان جي خمير ۾ (1) حرص، شهوت ۽ فسق و فجور داخل آهن. جي چوپاين جي خصلت آهن. (2) ڪاوڙ، ساڙ ۽ دشمنيءَ جو مادو ان ۾ موجود آهي، جو درندن جي خاصيت آهي، (3) فريب، مڪر، دغا بازي ۽ مڪاري ان ۾ رکيل آهي، جي شيطاني عادتون آهن، (4) هٺ، وڏائي، فخر، ساراه جي محبت، عزت ۽ معتبرائپ جي محبت، ۽ بادشاهي، حڪومت، شان ۽ غلبي جي طلب جو مادو، ان ۾ موجود آهي، اهي سڀ ‘ربوبيت’ (رب هجڻ) جون صفتون آهن.
    اهي چارئي خصلتون، پنهنجي پنهنجي وقت ۽ موقعي تي زور ۽ اثر ظاهر ڪن ٿيون، جيئن ته سڀ کان اول ٻاراڻي زماني ۾ چوپاين ۽ حيوانن جو عادتون غلبو ڪنديون آهن، ماڻهو خواهشن ۽ حرص ۾ ڄڻ ته چوپايو ۽ جانور بڻجي ٿو پوي. هن کان پوءِ جڏهن نوجوانيءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو، تڏهن درندن يا ڦاڙيندڙ جانورن جي عادتن جو غلبو ٿئي ٿو. جو هڪڙو ٻئي تي حسد ڪري ٿو، انهن ۾ دشمنيون پيدا ٿين ٿيون. ڪنهن جي ڪنهن سان دشمني آهي، ته ڪنهن سان ضد آهي. ڪنهن تي ڪاوڙ اچي رهي آهي، هڪڙو ٻئي کي ٿوري ناراضپي جي ڳالهه تي ماري ٿو ۽ پاڻ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هڪڙو ٻئي کي نعمت ۽ آسودگيءَ ۾ ڏسي ٿو ته جلي ٿو ۽ ان کان نعمت کسڻ لاءِ جوش ۾ اچي ٿو.
    مطلب ته هن حالت ۾ ماڻهو ۽ درندا هڪ جهڙا ٿي وڃن ٿا. هن کان پوءِ جڏهن نوجوانيءَ جي زماني جي پوري پوري جواني ٿئي ٿي، بدن ۾ قوت پيدا ٿئي ٿي، تڏهن اهي چوپاين ۽ درندن جون عادتون گهرن ٿيون ته پنهنجون خواهشون پوريون ڪريو. يعني مرغوب ۽ پياري شيءِ حاصل ڪريو. دشمن کي ۽ اڻوڻندڙ شيءِ کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
    پوءِ ان وقت شيطاني عادتون ظاهر ٿين ٿيون ۽ پنهنجو غلبو ۽ حملو ڪن ٿيون. يعني جي ڪنهن شيءِ جي خواهش ٿئي ٿي ته فريب ۽ دغا بازي ۾ مدد ڪرڻ جو اقرار ۽ انجام ڪن ٿا ۽ جي ڪنهن دشمن تي ڪاوڙ اچي ٿي، ته فورا مڪاري ۽ چالبازي پنهنجي دانائي ۽ هوشياري آڇي ٿي. مطلب ته جوانيءَ جي سمي ۾ شيطاني عادتون، چوپاين جي خصلتن ۽ درندن جي صفتن جي جاري ڪرڻ ۾ مددگار بڻجن ٿيون ۽ انسان کي شيطان جو پتلو بنائن ٿيون. جڏهن هن ۾ ڪاميابي ۽ پنهنجن خاطر خواه ڪمن ۾ فتح نظر اچڻ لڳي ٿي، هٺ ۽ وڏائي پيدا ٿئي ٿي، تڏهن هٺيلو گهري ٿو ته سڀ ڪو ماڻهو ان جي مدد ڪري، سڀ ڪو شخص ان جو مطيع ۽ تابعدار بڻجي، سڀ ڪو ماڻهو ان جي وڏائي ۽ ڪمال جو اقراري ٿئي، سڀ ڪو انسان ان کي عقلمند ۽ واجبُ التعظيم ( ) سمجهي، مطلب ته اهڙي فرعونيت ان جي ذهن ۾ سمائجي ٿي وڃي، جو اهو ‘همچون من ديگري نيست’( ) جي صورت بڻجي ٿي پوي.
    جڏهن انهن چئني خصلتن جو ظهور ٿئي ٿو، تڏهن عقل جي قنديل پنهنجو منهن ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ ايمان جو چراغ (ڏيو) روشن رهي ٿو ۽ ان کي چڱي ۽ سٺي ۾ تميز ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي، جيڪڏهن اها ايمان جي روشني ظاهر نه ٿئي ته مٿين عادتن جي ظلمت يا اونداهيءَ کان ماڻهوءَ کي نجات ملڻ مشڪل ٿي پوي.
    ڄاڻڻ گهرجي ته عقل جي قنديل ۽ ايمان جي مشعل جو نور، چاليهن ورهين جي عمر ۾ ڪمال کي پهچي ٿو ۽ جيڪي بد عادتون، بلوغت جي زماني کان پيدا ٿيڻ لڳن ٿيون، انهن جي هينئر اصليت ۽ حقيقت چڱي طرح کلي پوي ٿي. پوءِ جنهن وقت اهو نور نظر اچي ٿو، ان وقت انسان جي دل جنگ جو هڪ وڏو ميدان بڻجي پوي ٿي. جنهن ۾ انهيءَ ظلماتي لشڪر (مٿين چئن عادتن) ۽ خدائي لشڪر (عقل ۽ ايمان جي نور) جي پاڻ ۾ جنگ لڳي ٿي. ٻنهي لشڪرن مان هر هڪ گهري ٿو ته ٻئي کي مغلوب ۽ پنهنجو تابعدار غلام بنائي. پوءِ جي عقل جو نور ڪمزور ٿي پيو ته شيطاني لشڪر سوڀارو ٿي دل تي غالب پئجي ويندو ۽ دشمن کان بي خوف بڻجي، انسان جي دل تي تصرف ۽ حڪومت ڪرڻ لڳندو. جيڪڏهن شيطاني فوج پسپا ٿي ۽ جنگ جو ميدان عقل ۽ ايمان جيتيو ته پوءِ انسان جي حالت سڌري ويندي. طبيعت تهذيب ۽ فضيلت واري ٿي پوندي.
    جڏهن ته بني آدم جي فطرت جنگ جي خواهش رکي ٿي، انهيءَ ڪري هر شخص جي اڳيان، ان جو اچڻ لازمي ڳالهه آهي. پوءِ ثابت ٿي ويو ته توبهه کان ڪو به شخص بي پرواهه نه آهي. ڇو ته هن عقل جي نور جو نالو ئي توبهه آهي، جو جنگ جي ساعت ۾ ، شيطاني ۽حيواني عادتن جي لشڪر جي سامهون مقابلي لاءِ بيهي ٿو ۽ انسان کي هن پاڪ شريعت جي تابعدار بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن مان آخرت جي ڪاميابي ۽ هميشه جي نجات حاصل ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪو به انسان، ڪنهن به وقت گناه کان خالي نه آهي، انهيءَ ڪري ڪا به گهڙي اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ ڪو ماڻهو توبهه کان بي پرواهه هجي، ڇو ته انسان ڪهڙي به حال ۽ ڪهڙي به رتبي جو کڻي هجي، ته به هي ضروري آهي ته، يا ان جي عضون مان، ڪو عضو ڪنهن گناه ۾ ڦاٿل هوندو يا دل مان ڪو گناه صادر ٿي رهيو هوندو. يعني يا ته ظاهري عضوا شريعت جي برخلاف ڪنهن حالت ۾ آلودا هوندا يا دل، ڪنهن خراب خصلت يا اهڙي بد عادت ۾ ضرور گرفتار هوندي، جنهن جي سڌاري لاءِ توبهه جي گهرج هوندي.
    جيڪڏهن کڻي هي به مڃجي، ته ڪو انسان اهڙو مُهذب (سڌريل) ۽ فرشتو سيرت ٿي ويو آهي، جو ان جا ڪي به انت آهن. يعني ڪو به مرتبو اهڙو نه آهي، جنهن کان مٿان ٻيو مرتبو نه هجي، انهيءَ ڪري ٻيو نه مالڪ جي يادگيريءَ کان ان کي غفلت ٿي ويندي هوندي. جڏهن ته حق تعاليٰ جو حڪم آهي ته، “جنهن وقت پنهنجي پروردگار کي وساريو، تڏهن يڪدم ان کي ياد ڪريو.”
    انهيءَ ڪري انهيءَ حالت کان رجوع ڪرڻ ۽ غفلت کان ياد جي طرف موٽڻ جي ضرورت ثابت ٿي، ۽ انهيءَ موٽڻ جو نالو آهي توبهه. جيڪڏهن مڃجي ته ڪو شخص خدا تعاليٰ جي ياد ۾ هر گهڙيءَ اهڙو محو ۽ مستغرق آهي، جو ڪنهن به پل ۾ ان جي دل کي غفلت يا ڀل نه ٿي ٿئي، ان جو جواب هي آهي ته، جيتوڻيڪ ههڙو استغراق ۽ محو ٿيڻ دشوار بلڪه ناممڪن کي ويجهو آهي، تنهن هوندي به انسان جنهن مقام ۽ جنهن مرتبي ۾ آهي، ان کان مٿاهين مرتبي تي پهچڻ کان اڳ ۾ توبهه جو محتاج آهي. ڇو ته هر مقام ۾ هر مرتبو پاڻ کان، مٿاهين مقام ۽ مٿاهين مرتبي جي لحاظ کان ناقص يا گهٽ آهي. ناقص کان ٻاهر نڪرڻ، مٿاهين ۽ ڪامل درجي تي پهچڻ هر شخص تي لازم آهي. پوءِ جيستائين هن ۾ رهندو ، تيستائين ضرور توبهه جو محتاج رهندو. جڏهن ٻئي درجي تي پهچندو ته اهو درجو به جڏهن ته پاڻ کان مٿاهين درجي کان گهٽ آهي، انهيءَ ڪري جيسين ان کان ٻاهر نه نڪري ۽ مٿي نه چڙهي، تيسين اهو به توبهه جو محتاج آهي. اهڙي طرح هي سلسلو وڌندو ويندو. جيئن جيئن ترقي ڪندو ويندو، تيئن تيئن توبهه جو محتاج به ٿيندو ويندو.( )
    جڏهن ته خدائي قرب جا درجا ۽ مرتبا اڻکٽ ۽ بي حساب آهن جنهن ۾ انسان کي، نسبتا گهٽ مرتبي ۾ رهڻ سببان خطاوار، عاجز ۽ مٿاهين مرتبي تائين نه پهچڻ پاران توبهه جو محتاج نه چيو وڃي.( )
    اهو ئي راز آهي، جو حضرت نبي ڪريم، رؤف رحيم ﷺ پنهنجي معصوم ۽ بي گناه جند بابت فرمايو آهي ته، “آءٌ رات ۽ ڏينهن ستر ڀيرا استغفار ۽ توبهه ڪندو آهيان.” هاڻ! هي ضروري آهي ته عام ماڻهن جي توبهه، ظاهري گناهن کان ٿيندي آهي. صالحن جي توبهه، باطني گناهن ۽ دل جي خراب عادتن کان ٿيندي آهي. متقين جي توبهه، شڪ ۽ شبهن ۾ ڦاسڻ کان ٿيندي آهي. محبن جي توبهه، اُنهيءَ غفلت کان ٿيندي آهي، جنهن غفلت، کانئن ڪنهن پل ۾ الاهي ذڪر وسارايو هوندو. عارفن جي توبهه انهيءَ مقام کان ٿيندي آهي، جنهن تي هو پهتل آهن ۽ ان کان مٿي جيڪو ٻيو مرتبو آهي، جنهن تي انهن کي پهچڻ گهرجي، ان کي اڃا ڪو نه پهتا آهن.
    جڏهن ته الله تعاليٰ جي قرب جا مرتبا ۽ مقام غير محدود ۽ بي شمار آهن، انهيءَ ڪري عارفن جي توبهه جي ڪا خصلت اهڙي نه آهي، جنهن جي سڌارڻ جي ضرورت هجي، تڏهن به ڪو اهڙو وقت ضرور هوندو، جنهن ۾ حق تعاليٰ جي به حد ۽ نهايت ڪانهي، نڪي ان جي ختم ٿيڻ جو ڪو وقت مقرر آهي.

    فصل: جڏهن توبهه جا سڀئي شرط پورا ٿي ويندا، تڏهن ان جي قبوليت ۾ شڪ ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته توبهه قبول ٿيڻ جي هي معنيٰ آهي ته، ماڻهوءَ جي دل ۾ معرفت نور کي قبول ڪرڻ جي لياقت پيدا ٿي وڃي. ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جي دل، آئيني مثل آهي، جنهن تي نفساني خواهش، حرص ۽ هوائن ڪري، ڪٽ چڙهي وڃي ٿي يا گناهَن جي ڪري، ڪاراڻ وٺي وڃي ٿي. مگر چڱا ڪم، جي نور جي بجاءِ آهن، سي پنهنجيءَ روشني ۽ چمڪاٽ سان انهيءَ ڪٽ ۽ ڪاراڻ کي دور ڪري، دل جي آئيني کي صيقل ڪندا رهن ٿا.
    انهيءَ ڪري ماڻهو جڏهن چڱا ڪم ڪندو ۽ پشيمان ٿي، خدا تعاليٰ جي طرف متوجه ۽ مائل ٿيندو، تڏهن ضرور ان جي دل جي اهڙي حالت ٿيندي، جهڙي ڪپڙي جي، صابڻ لڳائڻ سان ٿيندي آهي. ڇو ته جيڪڏهن صابڻ باقاعدي لڳايو ويندو، ته ڪو به سبب ڪونهي، جو مٽي ۽ ميراڻ نه لهي. انهيءَ طرح دل جيڪڏهن سچائي ۽ ڌيان سان خدا تعاليٰ جي طرف رجوع ٿيندي ته ممڪن نه آهي جو دل ۾ صفائي ۽ معرفت جي تجلين جي لياقت پيدا نه ٿئي.
    مطلب ته جڏهن هي ثابت ٿي ويو، ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي توبهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هر فرد بشر هن علاج جو محتاج آهي، تڏهن توبهه ڪرڻ ۾ غفلت ڪرڻ درست نه آهي. ڇو ته غفلت ۽ نفس جي خواهش، اهڙي هلاڪ ڪندڙ ۽ ماريندڙ بيماري آهي، جنهن جي سبب کان، انسان خدا جي بي فرمانيءَ ۽ گناه جي ڪم تي مضبوطي ۽ هميشگي ڪرڻ لڳي ٿو. ظاهر آهي ته ننڍو گناه به هر هر ڪرڻ سان وڏو ٿي پوي ٿو. پوءِ جڏهن گناه جي اصرار، يا هر هر ڪرڻ کي ڇڏي ڏيندو، تڏهن انهيءَ باطنيءَ بيماري کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
    چڱي طرح ياد رکو ته غفلت جي دلي بيماري بخار، ڦٽ ڦرڙي ۽ ٻين بدن جي ظاهري بيمارين کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن جا گهڻا سبب آهن:
    پهريون، هن سبب کان ته بدن جون بيماريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اها دل جي بيماري ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، هن جو مثال هيئن سمجهو، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي منهن تي ڪوڙهه جا اڇا داغ هجن، اتفاق سان آئينو به موجود نه هجي، جنهن ۾ ڏسي پنهنجي بيماري معلوم ڪري ته هيءَ بيماري نهايت خطرناڪ ٿيندي. ڇو ته ممڪن آهي ته ٻئي جو چوڻ تي ان کي يقين نه ٿئي. هن بي اعتباريءَ جي ڪري، ان جي بيماري روزمره وڌندي وڃي.
    ٻيو، هن سبب کان ته غفلت جي باطني بيماري جي عاقبت انسان ڪا نه ڏٺي آهي. انهيءَ عاقبت جي نه ڏسڻ ڪري، الله تعاليٰ جي معافي تي ڀروسو ڪري، اهڙو خوش ۽ بي فڪر ٿيو ويٺو آهي، علاج جو ڪو به خيال نه ٿو ڪري. برخلاف بدني بيمارين جي، جو انهن جو نتيجو ۽ عاقبت سندس تجربي ۾ اچي چڪي آهي. ان ڪري هتي خدا تي ڀروسو نه ٿيس. بلڪه ان جي علاج ۾ حد درجي جي ڪوشش ٿو ڪري. حالانڪه ظاهر آهي ته هر قسم جي بيمارين جو پيدا ڪندڙ ۽ انهن کان شفا ڏيندڙ اهو ئي شافي آهي. پوءِ بيماريون جسماني هجن يا روحانيءَ ظاهري هجن يا باطني.
    ٽيون، انهيءَ سبب ڪري ته هن باطني بيماري جا طبيب گم ٿي ويا آهن ۽ هي ڳالهه نهايت افسوس ۽ حسرت جي لائق آهي. ڇو ته هن دلي بيماريءَ جا طبيب شريعت جا عالم ۽ زماني جا عاقل هئا. پر اُهي پاڻ باطني بيمارين ۾ گرفتار ٿي رهيا آهن. پوءِ انهن کي جڏهن ته پنهنجي علاج جي ئي خبر ڪانهي، تڏهن اهي ٻين جو علاج ڪهڙو ڪندا؟ ظاهر آهي ته سڀ کان وڌيڪ هلاڪ ڪندڙ بيماري، دنيا جي مال جي محبت آهي. هن فتني ۽ فساد واري زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ هن مرض ۾ علماءَ ئي گرفتار نظر اچن ٿا.
    اهو ئي سبب آهي ته ٻين کي دنيا جي محبت کان روڪڻ ۽ مَنع ڪرڻ جي انهن کي جرئت نه ٿي ٿئي. بلڪه پنهنجي خواري جي انديشي کان اُهي هي به ظاهر ڪري نه ٿا سگهن ته دنيا جي محبت بري شيءِ آهي ۽ اها باطني بيمارين مان اهڙي هلاڪ ڪندڙ ۽ ماريندڙ بيماري آهي، جنهن کان بچڻ دشوار آهي. پوءِ اهو ئي سبب آهي ته هيءَ بيماري لا علاج ٿي ويئي آهي. ڇو ته جڏهن طاعون يا وبا جي بيماري عام پکڙجي پوي ۽ ان جي دوا جو پتو به نه ملي سگهي، ۽ طبيب خود انهيءَ بيماري ۾ مبتلا هجن ته پوءِ هن کان نجات ڪيئن حاصل ٿيندي.
    سڀ کان وڏي مصيبت هيءَ آهي ته انهن روحاني طبيبن يعني عالمن کي ڏسندي عوام الناس کي دنيا جي محبت لاءِ رغبت وڌي وئي آهي، پرهيز يا دوا جي طرف توجه ڪرڻ جي ڪا سبيل ئي باقي ڪا نه رهي آهي. ڇو ته اهي اُهي بزرگ آهن، جن جي پيروي ڪئي وڃي ٿي. عام ماڻهو انهن کي پنهنجو پيشوا ۽ اڳواڻ سمجهن ٿا. پوءِ جڏهن انهن کي دنيا جي محبت ۾ گرفتار ڏسندا، تڏهن ان کي چڱي ڳالهه سمجهي، ڇو ته هو به سندن ريس ۽ پيروي ڪندا؟ جڏهن پيروي ڪندا، تڏهن اصلاح يا سڌاري جي ڪهڙي صورت؟ افسوس! جي ماڻهو طبيب بنائي دنيا ۾ موڪليا ويا هئا، سي علاج جي بجاءِ مرض کي وڌائڻ لڳا. جيڪي سڌاريندڙ بنجي آيا هئا، سي بگيڙيندڙ بنجي ويا. جن کي سونهون رٿيو ويو هو، سي خود گمراه ٿي ٻين جي رستي خراب ڪرڻ جي پويان پيا. گويا مٺي چشمي جي منهن تي پٿر رکي اڏامي ويا، ته نه پاڻ پاڻي پين ۽ نه ٻين کي پيئڻ ڏين.
    اي ڪاش! انهن کان دنيا خالي ٿي وڃي! ته هيءُ پٿر چشمي جي منهن تان پري ٿي وڃي. جي پاڻ لائق نه آهن ته نه سهي، مگر چشمي جو منهن ته نه روڪين ۽ ان کان هٽي پري ٿين ته ٻيا اڃايل سيراب ٿين ۽ ڍؤ ڪن. مطلب ته انهيءَ باطني مرض جو خلاصو علاج هيءُ آهي ته سبب ڳوليو ۽ گناه جي اصرار ۽ هر هر ڪرڻ تي ويچار ڪريو، ته ايئن ڇو ٿيو آهي؟ ياد رکو! ته ڪنهن گناه جي اصرار يا هميشگي هيٺين پنجن سببن مان ڪنهن به هڪ سبب ڪري ٿيندي آهي:

    پهريون:
    سبب هي آهي ته گناه جي جيڪا سزا الله تعاليٰ مقرر ڪئي آهي، سا گناه ڪندي يڪدم ڪا نه ٿي ملي ۽ جنهن ڪم جو نتيجو ترت نه ٿو ملي، ان جي دل ۾ وڏائي يا برائي ڪا نه ٿي رهي. انهيءَ ڪري گناه تي اصرار ٿيڻ لڳي ٿو. يعني هميشه ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هن جو علاج هي آهي ته سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته جا شيءِ هڪ ڏينهن ضرور اچڻ واري آهي سا ويجهي آهي. ڇو ته ڏوراهين ان کي چئجي، جيڪا اچڻي ئي نه هجي. جا شيءِ هڪ ڏينهن اچڻ واري آهي، سا پري نه آهي. خاص ڪري موت، جنهن جو اچڻ به يقيني آهي، ۽ وري ان جو وقت به مقرر ڪونهي. ان ڪري هن جي پري هجڻ جي معنيٰ ڪانهي. ڪهڙي خبر، جو اڄوڪو ڏينهن پويون ڏينهن هجي؟ ۽ هي مهينو پويون مهينو ۽ هي سال اوهان جي عمر جو پويون سال هجي. انهيءَ ڪري موت کان غفلت ڪرڻ بيوقوفي آهي. هي به خيال ڪريو ته سڃائي جي انديشي کان، روزگار حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ اوهان ڪيڏا ڪيڏا نه دور دراز سفر ڪريو ٿا ۽ ڪيئن نه مصيبتون سر تي سهو ٿا؟ پوءِ آخرت جي پائدار حياتيءَ جو، ايترو فڪر ڇو نه ٿا رکو، جيترو دنيا جي جلد ختم ٿيڻ واري ناپائدار حياتيءَ جو فڪر ڪريو ٿا؟

    ٻيو:
    سبب هي آهي ته نفس کي پنهنجن وڻندڙ خواهشن ۽ لذتن ۾ مزو اچي رهيو آهي. ان ڪري هنن جو ڇڏڻ نفس کي ناگوار ۽ بار لڳي ٿو. ان جو علاج هي آهي ته سوچيو ۽ ويچار ڪريو ته جيڪڏهن ڪو انگريز ڊاڪٽر هيئن چوي ته:
    “ميان! اوهان کي ٿڌو پاڻي نقصانڪار آهي. اوهان ان جي ڀرسان به نه وڃو، نه ته مري ويندؤ.” مان اوهان کان پڇان ٿو ته ڊاڪٽر جي هن چوڻ تي، اوهان تي ڪهڙو اثر ٿيندو؟ ظاهر آهي ته مرڻ جي خوف کان ٿڌي پاڻي جهڙي لذيذ نعمت کي اوهان ضرور ڇڏي ويندؤ. حالانڪه اهو هڪ انسان جو چوڻ آهي ته انسان به ڪافر، جنهن ۾ ڪوڙ جا سوين شڪ ٿي سگهن ٿا. خداوند حڪيم جي ٻڌايل نقصانڪار خواهشن کي ڇڏڻ ۾ اوهان کي ڪهڙو ويچار آهي؟ ڇا الله ۽ الله جي سچي رسول الله ﷺ جو چوڻ ڪافر طبيب جي برابر به نه آهي؟ يا بدني بيماري کان مري وڃڻ، هميشه باهه ۾ سڙڻ کان به وڌيڪ تڪليف وارو آهي؟ هي به خيال ڪريو ته جڏهن اوهان جو نفس اهڙو لذت پسند ۽ خواهش جو پابند آهي، جو دنيا ۾ ٿورن ڏينهن واسطي معمولي لذتن جو ڇڏڻ به هن کي سخت ڏکيو لڳي ٿو. تڏهن هتي هنن بي بقا لذتن حاصل ڪرڻ جي سبب، جو آخرت جون هميشه واريون نعمتون کسجي ويندس، انهن جو کسجي وڃڻ ۽ سدائين باهه ۾ جلڻ اهو ڪيئن سهي سگهندو؟

    ٽيون:
    سبب هي آهي ته نفس اوهان کي سستي جو سبق پڙهايو آهي ۽ وسوسو وڌو آهي ته ايتري تڪڙي توبهه جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اڄ نه ته سڀاڻي توبهه ڪبي. مطلب ته اهڙي طرح ڏينهن تي ڏينهن گذرندا وڃن ٿا، پر توبهه ٿي نه ٿي سگهي. هن رنڊڪ ۽ دير ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ۾ عمر پوري ٿي وڃي ٿي ۽ موت اچي وڃي ٿو! جيڪڏهن گناه تي اصرار ڪرڻ جو ڪارڻ اهو ڪاهلي ۽ سستي آهي ته هن مضمون کي سوچڻ گهرجي ته خاتمي جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندو؟ ڪير چئي سگهي ٿو ته اوهان سڀاڻي جيئرا رهندا ۽ اوهان کي توبهه به نصيب ٿيندي؟
    خوب ياد رکو ته اهڙا ئي ماڻهو دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا جيڪي توبهه ڪرڻ لاءِ اڄ سڀاڻي ڪندا رهن ٿا ۽ توبهه کان سواءِ مري وڃن ٿا! ٻي هيءَ ڳالهه به سوچڻ جي قابل آهي ته جڏهن نفس کي اڄ لذتن جو ڇڏڻ ڏکيو لڳي ٿو، تڏهن سڀاڻي، جو خواهشات جي لذت وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي، ان کي نفس ڪيئن ڇڏي سگهندو؟ هن جو مثال هي آهي ته جيئن اوهان کي ڪنهن وڻ پٽڻ جو حڪم ملي ۽ اوهان ائين چئو ته سائين! هيل نه، باقي ايندڙ سال ان کي پٽيندس. حالانڪه اوهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته وڻن جي پاڙ روزمره سخت ٿيندي ويندي ۽ اوهان جي قوت رومزه گهٽبي ويندي. پوءِ جنهن وڻ کي اڄ نه ٿا پٽي سگهو، ان کي ايندڙ سال ۾ ڪيئن پٽي سگهندو؟

    چوٿون:
    سبب هي آهي ته، نفس اوهان کي خدا تعاليٰ جي مهرباني ۽ معافي جو اميدوار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي وسوسو وڌو آهي ته “ميان! خدا تعاليٰ کي اسان جي گناه جي ڪهڙي پرواه آهي؟ هو وڏو غفور ۽ رحيم آهي. هو سڀ گناه معاف ڪندو.”
    خوب ياد رکو ته اها نفس جي مڪاري ۽ حيله جوئي آهي، جو شيطان ان کي مغرور ڪري، پنهنجي مطلب جو هٿيار بنايو آهي. حديث ۾ آيو آهي ته داناءُ اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي مطيع ڪيو ۽ مرڻ کان پوءِ ڪم اچڻ وارو سامان جمع ڪيو ۽ نادان اهو آهي، جيڪو خواهشن جو تابعدار ٿيو ۽ خدا جي عفو ۽ ڪرم جو اميدوار رهيو.”

    پنجون:
    سبب هي آهي ته ڪن ماڻهن کي (نعوذ بالله) قيامت ۽ ان جي حساب ٿيڻ ۾ شڪ آهي. ان جو علاج خراب عادتن ۾ بيان ٿي چڪو آهي، اُتي ڏسو ۽ ان موافق عمل ڪريو.
    فصل: هونئن ته سڀني گناهن کان توبهه ڪرڻ ضروري آهي. مگر وڏن گناهن کان توبهه ڪرڻ سخت ضروري آهي. اوهان هي معلوم ڪري چڪا آهيو ته ننڍو گناه هميشه ڪرڻ سان، وڏو ٿي وڃي ٿو. بلڪه ننڍو گناه جنهن صورت ۾ بار بار ڪيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري هڪ دفعي وڏي گناه ڪرڻ کان به وڌيڪ دل کي ڪارو ڪري ٿو. هن جو مثال هن طرح آهي ته جيئن: “ڪنهن سخت پٿر تي مينهن جي هڪ هڪ ڦڙيءَ جو وري وري لڳو لڳ ٽمڻ ۽ هڪ دفعي وڏ ڦڙي مينهن جو وسڻ.”
    ظاهر آهي ته هڪ ڦڙي جيتوڻيڪ حقير ۽ ڪمزور آهي. مگر بار بار پوڻ جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن پٿر ۾ به سوراخ ڪري وجهندي ۽ گهڻو مينهن جيتوڻيڪ لکين ڦڙيون آهي. مگر هڪ دفعي وسڻ سان، ان جو اهڙو اثر نه ٿيندو جهڙو هڪ ڦڙي جي آهستي آهستي پوڻ سان ٿيندو. اهڙيءَ طرح ننڍو گناه آهستي آهستي دل تي جيڪو اثر ڪندو رهي ٿو، سو وڏي گناه جي هڪ دفعي ڪرڻ جي اثر کان گهڻو خطرناڪ آهي ۽ ان جا گهڻا سبب آهن.

    پهريون:
    سبب هي آهي ته ننڍي گناه جو طبيعت ۾ ڪو وزن ڪونهي ۽ هن کي معمولي گناه سمجهي، بي پرواهيءَ سان ڪيو وڃي ٿو ۽ وڏي گناه جي وڏائيءَ سبب، اميد آهي ته ان کان بچڻ ۽ باز اچڻ جي طرف خيال ٿي ويندو. ان ڪري هڪ بزرگ جو قول آهي ته: “جنهن گناه جي بخشش نه ٿيندي، سو اهو گناه آهي، جنهن کي ماڻهو معمولي سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته هاءِ سمورا گناه اهڙا هجن ها!”

    ٻيون:
    سبب هي آهي ته، ننڍي گناه کي ماڻهو گهڻو ڪري نعمت سمجهي ٿو ۽ خوش ٿئي ٿو. جيئن ته ماڻهن کي اڪثر چوندو ٻڌو ويو آهي ته، “ڏٺئي نه، مون هن کي ڪهڙو نه جواب ڏنو، ڪهڙو نه بدلو ورتو مانس؟ ڪيئن نه خاڪ ۾ آبرو ملائي مانس ۽ ڪيئن ته ڌوڪو ڏنو مانس؟” ظاهر آهي ته گناه تي خوش ٿيڻ، وڌيڪ ضرر پهچائيندڙ ۽ قلب کي ڪارو ڪندڙ آهي.

    ٽيون:
    سبب هي آهي ته ماڻهو حق تعاليٰ جي پرده پوشي کي، اڪثر ڪري گهٽتائي جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ڪرامت ۽ بزرگي سمجهڻ لڳي ٿو. يعني هي خيال ڪري ٿو ته مان خدا جو پيارو آهيان. انهيءَ ڪري منهنجا گناه پڌرا نه ٿيا. مگر نه ٿو سمجهي ته هي خدا جي طرفان ان کي ڍر ڏني ٿي وڃي، ته ڀل هو گهڻا گناه ڪري اوچتو پڪڙيو وڃي ۽ اسفل السافلين ( ) ۾ وڌو وڃي.

    چوٿون:
    سبب هي آهي ته ننڍي گناه کي سندس ننڍي هجڻ جي ڪري ماڻهن ۾ ظاهر ڪندو ٿو وتي. حديث ۾ آيو آهي ته، سڀ گنهگار بخشيا ويندا. مگر ظاهر ظهور گناه ڪندڙ ۽ پنهنجا گناه ٻڌائيندڙ ماڻهو نه بخشيا ويندا.

    پنجون:
    سبب هي آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن عالم يا صوفي يا پيشوا کان ڪو ننڍو گناه ٿي وڃي ته هن جو اثر ٻين تي وڌيڪ بڇڙو پوي ٿو. ڇو ته عام ماڻهو هن کي ڏسي انهيءَ گناه ۾ بي ڊپائي ۽ بي پروائي سان گرفتار ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح گناه جو هڪ سلسلو قائم ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ته هي ننڍو گناه ايترو ڊگهو ٿي وڃي ٿو، جو هن جي مرڻ کان پوءِ به جاري رهي ٿو. ان جي ڏسڻ کان، جن ماڻهن ان گناه کي اختيار ڪيو آهي، تن سڀني جو وبال ان جي اعملنامي ۾ به درج ٿئي ٿو ظاهر آهي ته باقي رهندڙ گناه، ختم ٿيڻ واري گناه کان سخت بڇڙو آهي. پوءِ خوشخبري آهي، انهيءَ ماڻهوءَ واسطي جيڪو پنهنجي مرڻ سان پنهنجي گناه کي به دنيا مان کڻي وڃي. نه ته ان جو گناه ڏسي ٻيا ماڻهو وڌيڪ گمراه ٿيندا ۽ انهن جو گناه کيس به ٿيندو. بني اسرائيل ۾ هڪڙي عالم، جڏهن گناه کان توبهه ڪئي، تڏهن ان وقت جي پيغمبر تي وحي نازل ٿيو ته، “جيڪڏهن هن جا گناه منهنجي ۽ ان جي وچ ۾ هجن ها، ته مان ان کي بخشيان ها. مگر هن پيشوا بڻجي، منهنجن ٻين ٻانهن کي به گناه ۾ ڦاسايو ۽ دوزخ ۾ داخل ڪرايو.”
    حاصل مطلب ته سڀ ڪنهن گناه کان توبهه ڪرڻ هر فرد بشر لاءِ ضروري آهي ۽ توبهه انهيءَ وقت ٿي سگهي ٿي، جنهن وقت خدا جو خوف هجي ٿو. انهيءَ ڪري مناسب آهي ته خوف جي فضيلت به بيان ڪئي وڃي.


    خدا خوفي

    خدا تعاليٰ جو خوف ۽ سڀني چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ ۽ سڀني گناهن کان بچڻ جو ذريعو آهي. خوف ڪندڙن جي شان ۾ الله تعاليٰ هدايت، رحمت، عمل ۽ رضا جون سهڻيون خصلتون جمع فرمايون آهن. جو شخص خدا کان ڊڄي ٿو، ان کان سڀ ڪا شيءِ ڊڄي ٿي. حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته: “ڪنهن به ٻانهي کي ٻه خوف نصيب نه ٿيندا.” يعني جو ٻانهو دنيا ۾ خدا جو خوف ڪندو، سو دنيا ۾ به باقي مخلوق جي خوف کان آجو هوندو ۽ آخرت ۾ به بيخوف هوندو. جيڪو ماڻهو دنيا ۾ خدا کان نه ڊڄندو، ان کي دنيا ۾ به مخلوق کان ڇرڪ ٿيندا ۽ آخرت ۾ به امن ۽ آرام نصيب نه ٿيندو. خوف جي سچي معنيٰ هي آهي، ته “ڪنهن ايندڙ تڪليف جي ڊپ کان دل ڏڪي ۽ پريشان ٿئي.” ظاهر آهي ته جيسين الله تعاليٰ جي جلالي صفتن جي معرفت نه ٿيندي، تيسين خدا جو خوف نه ٿيندو. جڏهن هيءَ ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين ٿي ويندي، ته (الله تعاليٰ سڀ ڪنهن ننڍيءَ کان ننڍيءَ شيءِ تي ۽ وڏيءَ کان وڏيءَ شيءِ تي اهڙو قادر آهي، جو دم ۾ جيڪي وڻيس، سو ڪري سگهي ٿو، جنهن تي ڪو به شخص چون و چرا نه ٿو ڪري سگهي) تڏهن ٻانهي جي دل۾ خدا جو خوف پيدا ٿي ويندو. جيڪڏهن خوف پيدا ڪرڻ گهرو ٿا، ته الله تعاليٰ جي جلال، بزرگي، وڏائي ۽ ان جي بي نيازي تي نظر ڪريو، ۽ سوچيو ته بهشت موجو دآهي ۽ ان ۾ وڃڻ واري مخلوق به مقرر ڪئي ويئي آهي. اهڙي طرح دوزخ به موجود آهي، ۽ ان واسطي به مخلوق مقرر ٿي چڪي آهي، نيڪ بختي ۽ بد بختي جو قطعي حڪم هر شخص جي تقدير ۾ لکجي ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڦير گهير ٿي نه ٿي سگهي، ۽ هن ازلي حڪم جي روڪڻ وارو ڪو به ڪو نه آهي. پوءِ اي نفس! معلوم نه آهي ته تنهنجي حق ۾ ڪهڙو حڪم ٿيو آهي ۽ تنهنجو خاتمو ڪهڙي حال تي ليکيو ويو آهي؟ ممڪن آهي ته تون بهشت ۾ وڃين، ۽ هي به ممڪن آهي، ته تو واسطي دوزخ جي دائمي سزا تجويز ڪئي ويئي هجي. ياد رکو! ته خاتمي جي ڳجهي حال کان بي ڊپو اهو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي حقيقي معرفت حاصل ڪانهي. ان واسطي مناسب آهي ته انهن ڪاملن ۽ خدا جي خاص بندن جا احوال پڙهندا ڪريو ۽ ٻڌندا ڪريو، جن کي معرفت ۾ ڪمال حاصل آهي، يعني انبياءَ ڪرام عليهم السلام، اولياءَ ۽ اهل بصيرت رحمة الله عليهم- ڏسو! هنن بزرگن کي خدا سان ڪمال جي حد تائين قرب هوندي به ڪيترو نه خوف هو! حضرت رسول الله مقبول ﷺ فرمائين ٿا، “جنهن وقت به جبرائيل امين مون وٽ وحي کڻي پئي آيو، تڏهن خداوند جبار ۽ قهار جي خوف کان ڏڪندو، ڪبندو پئي آيو.” حضرت ابراهيم عليه السلام جي دل نماز ۾ خوف جي ڪري اهڙو جوش ٿي ڪيو، جيئن چلهي تي ديڳ جوش ڪندي آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضه هڪڙي پکي کي مخاطب بنائي هيئن فرمايو: “اي ڪاش! مان به تو جهڙو پکي هجان ها!ٰ ته شريعت ۽ خدائي حڪمن جو مڪلف (جوابدار) نه ٿيان ها! يا ته پيدا ئي نه ٿيان ها!” حضرت ابوذر رضه فرمائي ٿو ته، “ڪاش! مان وڻ هجان ها، ته ڪپجي وڃان ها!” ام المومنين بيبي عائشه رضه فرمايو آهي ته “مان وسري وڃان ها.” مطلب ته چڱي طرح ياد ڪريو، ته جن بزرگن کي الله تعاليٰ جي بي نيازي ۽ وڏائي جو علم آهي، سي ڪڏهن به بي خوف ۽ بي ڊپا رهي نه ٿا سگهن. بي ڊپو هجڻ ۽ انهن غفلتن ۾ گذارڻ اميرن ۽ دنيادارن جو شيوو آهي، جن کي نه پنهنجي خاتمي جو فڪر آهي، ۽ نه آخرت ڏي ڌيان. اهي غفلت جا پتلا ان بي سمجهه ٻار وانگر آهن، جن کي زهريلي نانگ کان به ڊپ نه ٿو ٿئي. مگر ٻار ٻئي جي سمجهائڻ سان، سمجهي وڃي ٿو. پوءِ اي ڪاش! جهڙي طرح بي سمجهه ٻار پنهنجي سمجهدار پيءُ کي نانگ کان ڊڄندو ۽ پاسو ڪندو ڏسي ۽ پاڻ به ڀڄي ٿو ۽ عقل سکي ٿو، اهڙي طرح غافل ۽ بي سمجهه مسلمان، پنهنجي محسن ۽ مربي روحاني طبيبن ۽ خدا جي خاص ٻانهن جو خوف ڏسي، شل عبرت ۽ نصيحت پرائين!

    فصل: خوف، در حقيقت هڪ چهبڪ آهي، جو انسان کي هميشه جي نيڪ بختي ۽ سدائين واري سڀاڳ ڏي ڊوڙائي ٿو. انهيءَ ڪري خوف، ان حد تائين چڱو آهي، جيستائين نيڪ ڪم ڪرائڻ جو ڪارڻ بڻجي، يعني خوف ايترو گهڻو نه هجي، جو بيڪار بنائي ۽ نااميديءَ جي حد تائين پهچائي ۽ عبادت ڪرڻ ڇڏائي ڇڏي. اهڙو حد کان وڌيل خوف، جنهن مان نااميدي پيدا ٿئي، شريعت ۾ سٺيل ۽ننديل آهي.ڇو ته حديث ۾ آيو آهي ته “ايمان، خوف ۽ اميد جي وچ ۾ آهي.” پوءِ خوف سان، گڏ اميد به ضروري آهي. مگر گنهگار مسلمان کي، خوف زياده رکڻ گهرجي جڏهن ديندار بنجي وڃي، تڏهن خوف ۽ اميد ٻئي برابر رکي. جيئن حضرت عمر فاروق رضه هڪ دفعي فرمايو هو ته، “جيڪڏهن الله پاڪ جو حڪم جاري ٿئي، ته ساري مخلوق مان فقط هڪ شخص بهشت ۾ ويندو، ته مان اميد ڪريان ٿو، ته “اهو شخص مان ئي هوندس، بارگاهه الاهي مان جيڪڏهن هي حڪم صادر ٿئي، ته دوزخ ۾ فقط هڪ ئي شخص داخل ٿيندو ته مون کي خوف آهي ته اهو شخص ڪٿي مان نه هجان.” هيءَ برابر جي حالت آهي، جنهن ۾ خوف ۽ اميد جا ٻئي پڙ برابر آهن.
    هي به ياد رکڻ گهرجي ته جواني ۽ تندرستيءَ جي زماني ۾ مسلمان کي خوف اميد کان زياره رکڻ گهرجي. ڇو ته هن شهوت جي غلبي جي زماني ۾ ، نفس جي شهوت کي روڪڻ ۽ منزل مقصود تائين پهچڻ جي لاءِ، ۽ مهذب بنائڻ واسطي، خوف جي چهبڪ جي ضرورت آهي. ٻڍاپڻ يا بيماريءَ جي زماني ۾، موت جي ويجهي هجڻ ڪري اميد خوف کان وڌيڪ رکڻ گهرجي. ڇو ته ڪمزوريءَ بيماريءَ جي ڪري ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي. پوءِ جي هن حالت ۾ خوف غالب هوندو ته جو ڪجهه چڱو عمل ٿي رهيو آهي، اهو به ٿي نه سگهندو. حديث ۾ آيو آهي ، ته “مسلمانن کي مرڻ وقت، پنهنجي خدا سان، نيڪ گمان رکڻ گهرجي.” ظاهر آهي ته نيڪ گمان ان وقت ٿيندو، جڏهن ڪجهه نيڪ عمل به هوندا. ڇو ته انسان جنهن وقت پوک واسطي زمين ۾ ٻج وجهي ٿو، ۽ پاڻي ڏيڻ واسطي وس آهر سڀ ڪوشش ڪري ٿو، ان وقت خدا جي فضل تي ڀروسو ڪري، پيدائش جي اميد رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻج ئي نه وڌائين ۽ اهڙي حالت ۾ اناج جي طلب ۽ خواهش رکيائين، ته ان کي اميد نه ٿو چئجي بلڪه سڌ ۽ هوس چئجي ٿو. سڌ ۽ هوس، شيطاني ڌوڪو آهي، انهيءَ لاءِ حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “جن ٻانهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪيو، اُهي ئي الله جي رحمت جا اميدوار آهن.”
    هن مان معلوم ٿيو، ته اميد سعي ۽ ڪوشش کان پوءِ ٿيندي آهي، جهڙي طرح ڪڙمي پوک پوکڻ ۽ پوري محنت ڪرڻ کان پوءِ انتظار ڪندو آهي، ته جيڪڏهن آسماني آفت کان، امن مليو ۽ وڄ، ڳڙن ۽ باهه وغيره کان پوک کي حق تعاليٰ سلامت رکيو، ته پوءِ اُميد آهي، ته جيترو ٻج پوکيو ويو آهي، ان جي هڪ داڻي جي بدلي ۾ ستر ستر، بلڪه ان کان به زياده ان حاصل ٿيندو. اهڙيءَ طرح مسلمان کي ، خدا تعاليٰ جي حڪم تي، هلڻ ۾ پوري تڪليف سهڻ، مجاهدو ۽ رياضت ڪرڻ کان بعد اميد رکڻ گهرجي، ته جي حق تعاليٰ پنهنجي فضل سا، منهنجا عمل ۽ چڱا ڪم قبول فرمايا، ته هڪ هڪ نيڪيءَ جا ست سؤ دفعا ، بلڪه ان کان به زياده اجر ملندو. خلاصو مطلب هي آهي ته عذاب جي خوف ڪري گناهن ۽ خدا جي نافرمانين پرهيز ڪرڻ گهرجي، ۽ رحمت جي اميد سببان، چڱن ڪمن جي رغبت پيدا ٿيڻ گهرجي. سچو پچو اهو خوف آهي، جيڪو اوهان کي گناهن کان روڪي ۽ گناهن تي جرئت ٿيڻ نه ڏئي. جيڪڏهن ان جو هي اثر نه آهي، ته اهو خوف نه آهي بلڪه عورتن جي دل واري نرمي، وهم ۽ خيال آهي، جنهن جو ڪجهه اعتبار ڪونهي.


    موت جو فڪر

    اهي نو مقام، جن جو اسان ذڪر ڪري چڪا آهيون، تن سڀني جو هڪ مرتبو نه آهي. بلڪه ڪي انهن مان پنهنجي ذات يا جند جي ڪري مقصود آهي. جيئن رضا ۽ محبت جو مقام ۽ ڪي ٻئي سبب جي ڪري مقصود آهن، جيئن توبهه، خوف، صبر ۽ زهد، ڇو ته حقيقت ۾ مقصود صرف خدائي قرب آهي ۽ اهي سڀ مقام قرب جي واٽ ۾ مددگار ۽ واهر ڪندڙ آهن ۽ پاڻ قرب نه آهن. ڇو ته قرب، معرفت ۽ محبت سان حاصل ٿيندو آهي. معرفت ۽ محبت ڪڏهن به حاصل ٿي نه ٿي سگهي، جيسين خدا جي غير جي محبت دل مان ڪڍي نه وڃي ۽ خدا جي غير جي محبت کي خوف، صبر، زهد ۽ توبهه جي وسيلي ڪڍي سگهجي ٿو.
    انهيءَ ڪري انهن جي به ضرورت آهي ۽ اهي ڳالهيون جن سان خدا جي قرب ۾ واهر ٿئي ٿي، تن مان هڪ ‘موت کي ياد ڪرڻ’ آهي. انهيءَ ڪري ان جو بيان ڪرڻ به مناسب آهي. ڇو ته موت جي بيان سان، دنيا جي محبت دل مان نڪري ٿي وڃي. جڏهن دنيا جي محبت قطع ٿيندي، تڏهن حق تعاليٰ جي محبت حاصل ٿيندي. حق تعاليٰ فرمايو آهي: “موت، جنهن کان اوهان ڀڄو ٿا سو ضرور اوهان کي پهچندو.”
    حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي: “لذتن جي وڃائيندڙ (موت) کي گهڻو ياد ڪندا ڪريو.” بيبي عائشه الله ($) کي عرض ڪيو ته، “يا رسول الله! قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ ٻيو به ڪو اٿندو؟” پاڻ فرمايائون ته “هائو! اهو ماڻهو جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ ويهه ڀيرا موت کي ياد ڪندو رهندو.” حضرت رسول الله ﷺ فرمايو آهي: “موت جي برابر ڪو به واعظ ڪونهي، يعني نصيحت ڪرڻ لاءِ موت ئي ڪافي آهي. جيڪڏهن جانورن کي موت جي ايتري ڄاڻ هجي ها، جيتري بني آدم کي آهي، ته ڪو به متارو جانور کائڻ لاءِ ڪو نه ملي ها. آءٌ اوهان ۾ ٻه واعظ ڇڏي وڃان ٿو، هڪ ماٺيڻو واعظه، يعني ‘موت’ ۽ ٻيو ڳالهائيندڙ واعظه يعني ‘قرآن مجيد’. موت، وڏي خوفناڪ شيءِ آهي. موت کان پوءِ ايندڙ واقعا وري موت کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن ۽ انهن جو بيان ڪرڻ ۽ ياد رکڻ، دنيا کي ڪوڙو ۽ بي مزي بنائي ٿو ۽ هن بي بقا جاءِ جي محبت دل مان ڪڍي ڇڏي ٿو. دنيا جي محبت، سڀني گناهن جي پاڙ آهي. جنهن وقت دنيا کان ماڻهوءَ جي دل کي نفرت ٿي وئي، تنهن وقت ڄاڻو ته ان کي سڀ ڪجهه ملي ويو. دنيا کان نفرت، ان وقت ٿيندي آهي، جنهن وقت موت جو فڪر ۽ خيال ٿيندو آهي ته عنقريب اسان تي ڪهڙي نه آفت اچڻي آهي؟
    موت جي فڪر جي واٽ هيءَ آهي ته، ڪنهن وقت ڪنڊ پاسي ۾ اڪيلو ويهي، سڀ خيال دل مان ڪڍيو ۽ قلب کي بلڪل خالي ڪري، توجهه ۽ عزم سان موت جو ڌيان ڪريو. پهريائين پنهنجن انهن دوستن، عزيزن ۽ قريبن جو تصور ڪريو، جيڪي دنيا مان لڏي ويا آهن ۽ هر هڪ جو هڪ ٻئي کان پوءِ خيال ڪندا وڃو ته اهي صورتون ڪاڏي هليون ويون ۽ اهي ماڻهو ڪهڙيون ڪهڙيون اميدون پاڻ سان قبر ڏي کڻي ويا؟ حرص ۽ ڊگهي اميد انهن ۾ ڪيترو نه پنهنجو زور ڏيکاريو؟ عزت، آبرو ۽ مال جون ڪهڙيون ته تمنائون ۽ سڌون انهن جي دل ۾ گهر ڪيو ويٺيون هيون. پر اڄ اهي سڀ خاڪ ۾ ملي ويا ۽ مٽيءَ جي ڍير هيٺان دٻيا پيا آهن، جو ڪو به انهن جو ڪڏهن به نالو ڪونه ٿو وٺي!
    هن کان پوءِ مئلن جي بدن ۽ جسم جو خيال ڪريو: ته ڪهڙا نه حسين ۽ نازڪ بدن هئا، پر هاڻي ته ذرا ذرا ٿي ڳري ويا، بدبوءِ ڪري ويا، ڪيڙن ۽ ماڪوڙين جو کاڄ بڻجي ويا.هن کان پوءِ انهن جي عضون مان هڪ هڪ عضوي جو خيال ڪريو ته اها زبان ڪاڏي وئي، جا ڪنهن به وقت چپ ڪرڻ ڄاڻندي ئي ڪانه هئي ۽ اهي هٿ ڪيڏانهن ويا، جيڪي حرڪت ڪندا هئا، روشن اکيون ۽ انهن جا سهڻا کوپا ڪهڙي ڪيڙي جي خوراڪ بڻيا؟
    مطلب ته اهڙي طرح خيال ڪندؤ، ته سعيد يا سڀاڳا بڻجي ويندؤ. ڇو ته حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي: “سعيد اهو آهي، جو ٻين مان نصيحت پرائي.” افسوس آهي جو اسان موت جهڙي هيبتناڪ شيءِ کان غافل بنجي ويا آهيون، ڪيترا اسان کان اڳي آيا ۽ ويا. مگر اسان ڀانئيون ٿا ته اسين سدائين هتي رهنداسين. ڀائرو! موت جو خطرناڪ سفر درپيش آهي. پر اسان کي ڪجهه به پرواهه ڪانهي! ايتري قدر اسان ۾ ‘ڊگهيءَ اميد’ ايتري غفلت پيدا ڪئي آهي. جيڪڏهن ڊگهي ءَ اميد واري ناداني ناس ٿي وڃي ته موت جو فڪر ۽ خيال پيدا ٿي پوي.
    انهيءَ ڪري حضرت رسول مقبول ﷺ حضرت عبدالله بن عمر کي نصيحت فرمائي هئي ته، صبح ٿئي ته شام جي ڳڻتي نه ڪريو، جي شام ٿئي ته صبح جو فڪر نه ڪريو ۽ دنيا ۾ اوهان ان لاءِ آيا آهيو ته حياتيءَ ۾ موت جو فڪر ۽ تندرستيءَ ۾ بيماري جو فڪر ڪريو. ڇو ته اي عبدالله! ڪهڙي خبر ته سڀاڻي تنهنجو ڪهڙو نالو هوندو؟ يعني جيئرو يا مئو؟ جنهن شيءِ جي اچڻ جو ڪو به وقت مقرر ڪونهي، ان جو فڪر هر وقت هجڻ گهرجي. انهيءَ ڪري پنهنجن اميدن تي خاڪ وجهو ۽ خواهشن کي وڌڻ نه ڏيو. خدا ڄاڻي ڪلاڪ کان پوءِ ڇا ٿيڻو آهي.


    نفس سان مناظرو ڪرڻ

    هيستائين اسان جيڪي بيان ڪيو آهي، ان جي وسيلي اسان اوهان کي سجاڳ ۽ خبردار ڪري چڪا آهيون ۽ الله تعاليٰ جي طرف هلڻ جو شوق ڏياري رهيا آهيون. جيڪڏهن اڃا به ڪن لائي نه ٻڌندو يا ائين ٻڌندؤ، جيئن قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌبيون آهن، ته پوءِ پنهنجو ئي ڇيهو ڪندؤ، ٻئي جو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ الله سائين فرمائي ٿو: “هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي، جنهن کي رب جي آيتن سان نصيحت ڪئي وئي ۽ انهيءَ منهن ڦيرايو ۽ ان کي وساريو، جيڪي قيامت لاءِ موڪليو اٿس؟ (يعني گناهَن کي وساري ڇڏيو اٿس) جيڪڏهن ڌيان ڏئي ٻڌندؤ ته دل سان هنڍائيندو ته بيشڪ فائدو لهندؤ. جيڪي شيون صراط مستقيم کان اوهان کي روڪيو ويٺيون آهن. تن کي ڇڏي ڏيندؤ.”
    ياد رکو! ته سلوڪ کان روڪيندڙ وڏي شيءِ صرف دنيا جي محبت آهي ۽ انهي خدا جي طرف کان بندي جي دل ۾ غفلت پيدا ڪئي آهي ۽ ڪنهن گهڙيءَ به قيامت ۽ محشر جي ياد دل ۾ اچڻ نه ٿي ڏئي. انهيءَ ڪري روزانو جيڪڏهن صبح جو نماز کان پوءِ جيڪو ذهن جي صفائي ۽ معدي جي خالي هجڻ جو وقت آهي، ڪجهه منٽ اڪيلو ويهي، پنهنجي حال تي غور ڪريو، اڳ ۽ پوءِ تي سوچ ۽ ويچار ڪريو ۽ نفس کان حساب وٺندا ڪريو ته تمام گهڻو نفعو ٿيندو. ان جي صورت هيءَ آهي ته نفس کي خطاب ڪري چوندا ڪريو ته:
    “اي نفس! آءٌ مسافر سوداگر آهيان ۽ سدائين جي سعادت ۽ الله جل جلاله جو قرب منهنجو ‘فائدو آهي ۽ سدائين جي بدبختي ۽ حق تعاليٰ کان حجاب مون لاءِ ٽوٽو آهي ۽ منهنجي عمر منهنجي موڙي آهي، جنهن جو هر هڪ پساه بي بها جواهر ۽ ڀرپور خزانو آهي، جنهن سان هميشه جي سعادت ۽ نيڪ بختي حاصل ٿي سگهي ٿي. جڏهن عمر پوري ٿيندي، تڏهن سوداگري به ختم ٿي ويندي. ۽ نااميد ٿيڻو پوندو. اڄوڪو ڏينهن منهنجي سوداگريءَ جو پويون ڏينهن آهي ۽ حق تعاليٰ مون کي وجهه ڏنو آهي ته جيڪڏهن آءٌ گهران ته سوداگريءَ مان فائدو پرايان. جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي دنيا مان گهرائي وٺي ته هوند مان خواهش ڪريان ته ڪاش! آءٌ دنيا ۾ وري موٽايو وڃان ۽ هڪ ڏينهن مون کي حياتي نصيب ٿئي ته ڪو نيڪ ڪم ڪريان.”
    “اي نفس! اهو مهلت جو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن آهي، جو تو کي خدا تعاليٰ جي طرفان مليو آهي. هاڻي تون پنهنجو انجام پورو ڪر ۽ ڏس ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ جيڪڏهن هن مهلت جي ڏينهن کي تو غنيمت سمجهيو ۽ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکيو، ته اڄوڪي سودي جو نفعو تو کي ملي ويو ۽ انهيءَ ڪري تو کي ارمان نه ٿيندو، جيڪڏهن سڀاڻي جيئرو رهين ته وري اهو مٿيون خيال ڪر.”
    مطلب ته جيسين جيئرو آهين، تيستائين هر هڪ ڏينهن کي نئون سمجهه ۽ خدا جي معافي کان ڌوڪو نه کاءُ. ڇو هو اهو تنهنجو رڳو گمان ئي گمان آهي، جو ممڪن آهي ته غلط نڪري، حق تعاليٰ کي معافي ڏيڻ ضروري يا مٿس تنهنجو فرض ته نه آهي، جنهن جو پورو ڪرڻ مٿس لازم هجي.
    جيڪڏهن تو کي معافي به ملي وئي ته، نيڪ ٻانهن جي ثواب کان محروم رهجي ويندين ۽ مرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ارمان ڪندين ته ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. گذريل وقت وري هٿ نه ٿو اچي. هڪ هڪ پساهه غنيمت ۽ بي بها موتي آهي. (1) هن کان پوءِ جيڪڏهن نفس پڇي ته ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان ۽ وقت جو ڪيئن قدر ڪريان؟ ته هن کي هيئن جواب ڏي ته جا شيءِ موت جي ڪري جدا ٿيڻي آهي، ان کي ڇڏي ڏي ۽ جيڪا شيءِ سدائين رهڻي آهي ۽ ڪنهن به وقت تو کي ڇڏي ڪين ويندي، ان کي هٿ ڪر، يعني الله جل جلاله جي معرفت حاصل ڪر ۽ خدا تعاليٰ جي ياد سان هري مري وڃ. پوءِ جيڪڏهن نفس چوي ته دنيا کي ڪيئن ڇڏي سگهجي ٿو، جنهن جا لاڳاپا دل ۾ مضبوط ۽ محڪم ٿي ويا آهن ۽ انهن جو ڪپجڻ نهايت مشڪل آهي؟ ته ان کي جواب ڏي ته دل جي اندر مان دنيا جا لاڳاپا ڪپ ۽ جاچ ڪر ته دنيا جو ڪهڙو لاڳاپو سخت آهي؟ اول ان جي پاڙ ڪپ. يعني جي مال جي محبت گهڻي آهي ته ان کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ جي عزت ۽ آبرو جي وڌيڪ محبت آهي ته ان کي ڇڏي ڏي.
    ڏهن مهلڪ بيمارين جي تشريح ۽ سندن علاج مٿي بيان ٿي چڪو آهي، تن کي ڏس ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم تي ڀروسو رکي تيار ٿي وڃ. سندرو ٻڌ ۽ جنهن شيءِ جي نفس کي خواهش هجي، ان جي برخلاف هل. پوءِ ڏس ته ڇوٽڪارو ملي ٿو يا نه؟ اي نفس! تون بيمار آهين ۽ عمر پنهنجي پرهيز جو زمانو آهي ۽ روحاني حازق طبيب يعني حضرت پيغمبر ڪريم ﷺ (جن جي سچائي کان تون واقف آهين) فرمايو آهي ته، لذتون تو کي نقصان پهچائيندڙ آهن ۽ ڪوڙيون دوائون تو لاءِ مفيد آهن.ڇا تو کان سفر جون مصيبتون هن اميد تي کڄي نه ٿيون سگهن ته منزل تي رسي آرام ڪندين؟ پوءِ جيڪڏهن واٽ جي تڪليف کان ٽهين ٿو ته، ياد رک ته قافلو نڪري ويندو ۽ تون جهنگ ۾ رهجي ويندين. پوءِ يا تو کي ڪو درندو ماري ڇڏيندو يا ائين ئي رلندومري ويندين.
    اي نفس! ٻڌاءِ ته سهي ته تو کي دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ سان محبت آهي؟ جي تون مال گهرين ٿو ته کڻي مڃ ته مال تو کي ملي به ويو ۽ تون وڏو مالدار ۽ شاهوڪار سيٺ بنجي وئين. پر پوءِ ان مان نتيجو ڪهڙو؟ جيڪڏهن تون نظر ڦيرائي ڏسندين ته گهڻا يهودي ۽ عيسائي اهڙا ملندا، جن وٽ تو کان وڌيڪ مال موجود آهي. جي تون عزت ۽ آبرو جو طالب آهين ته، گهڙي کن لاءِ کڻي مڃ ته اها تنهنجي خواهش پوري ٿي وئي ۽ تو کي عزت ۽ آبرو حاصل به ٿئي. پر ٻڌاءِ ته هن مان ڀلا حاصلات ڇا آهي؟ جيڪڏهن اکيون پٽي ڏسندين، ته سوين بيوقوف، جاهل، ڪافر ۽ الله تعاليٰ جا بي فرمان ۽ ذليل ۽ ڪميڻا بندا اهڙي حال ۾ ڏسندين، جن جي دنيا ۾ تو کان وڌيڪ عزت ڪئي وڃي ٿي. انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙي حڪومت جي مرتبي، بزرگي ۽ دٻدٻي جي مسند تي ويٺل نظر ايندا، جي تو کي به قيد ڪري جيلخاني ۾ اماڻي سگهن ٿا.
    پوءِ اي نفس! جيڪڏهن تون انهن آفتن ۽ مصيبتن کان نه ٿو ڊڄين، جيڪي عزت ۽ آبرو جي حاصل ڪرڻ لاءِ کڻڻيون پون ٿيون ۽ انهن بلائن کان به نه ٿو ڊڄين، جيڪي عزت حاصل ڪرڻ لاءِ پوءِ سر تي اچن ٿيون، ته تون انهن ذليلن ۽ ڪميڻن شريڪن جو خيال ڪر ته، ڪهڙي نه گهٽ درجي جي ماڻهن جو شريڪ ٿيڻ گهرين ٿو؟ ڇا اهڙي بي عزت ۽ خوار شيءِ به حاصل ڪرڻ جي لائق آهي، جنهن کي سڀئي خسيس کان خسيس ۽ رزيل کان رزيل ماڻهو به حاصل ڪري سگهن ٿا، بلڪه حاصل ڪيو ويٺا آهن ۽ ايتري قدر حاصل ڪئي اٿن، جو جيڪڏهن تون پنجاه ورهيه به ڪوشش ڪندين ته، تو کي نصيب نه ٿيندي؟
    اي نفس! جيڪڏهن تون دنيا کان منهن ڦيرائي آخرت جي پاسي ڌيان ڏيندين ته ياد رک ته، پنهنجي زماني ۾ يگانو ۽ پنهنجي وقت ۾ بي نظير ٿي ويندين ۽ وري زمين ۾ تنهنجو ڪو ثاني نظر نه ايندو. پوءِ اي نفس! هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته ڪهڙي شيءِ حاصل ڪرڻ جي لائق آهي؟ اي نفس! خوب ياد رک ته تو کان وڌيڪ تنهنجو ڪو ٻيو خيرخواه ڪونهي ۽ تون ڪنهن جي چوڻ ۽ ٻڌڻ تي نه هل. بلڪه دين ۽ دنيا ٻنهي جي عاقبت ۽ انجام تي پاڻ ويچار ڪري، جواب ڏي ته تنهنجي محبت ۽ رغبت ڪهڙيءَ شيءِ سان آهي؟
    اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان پنهنجي نفس سان مناظرو ۽ بحث ڪندا رهندؤ ته، هڪ ڏينهن هي نفس اوهان جي تابعدار بڻجي ويندو ۽ اوهان کي صراط مستقيم يا سڌي واٽ تي وٺي هلندو. جيڪڏهن اوهان دانا آهيو ته ڄاڻندؤ ته نفس سان اهو بحث ڪرڻ بدعتين ۽ معتزلن، بلڪه سڄي دنيا جي ڪوڙن مذهبن سان بحث ڪرڻ جي بنسبت وڌيڪ ضروري ۽ عاليشان آهي. ڇو ته ٻين جون غلطيون ۽ خطائون اوهان کي ڪجهه به نقصان نه پهچائينديون ۽ پنهنجي خطا ۽ غلطي جو وبال ضرور پنهنجي سر تي اچڻو آهي، جو ان جي سزا اوهان کي ڀوڳڻي پوندي. پوءِ پنهنجي پاسي ۾ ويٺل رت جي پياسي دشمن کي سڀ کان اول قتل ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن انهيءَ دشمن کان آزاد ٿيو ۽ آرام حاصل ڪيو، تڏهن ٻين جي خبر وٺڻ مناسب آهي. ڇو ته هن دشمن ڏي ڪڏهن به ڌيان ڏيڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. بلڪه جيڪي هي گهري ٿو، اهو ئي ان کي ڏنو وڃي ٿو ۽ جيڪو هي حڪم ڪري ٿو، ان جي تعميل ڪئي وڃي ٿي. هن جي درخواستن کي منظور ڪرڻ ۽ هن جي خواهشن جي پوري ڪرڻ لاءِ غور ۽ فڪر جا گهوڙا ڊوڙايا وڃن ٿا، حيلن ۽ تدبيرن کان ڪم ورتو وڃي ٿو.
    ڀلا! سوچيو ته سهي، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي دامن جي هيٺان هڪ زهريلو نانگ لڪايو ويٺو هجي، جيڪو ڦوڪون ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي ڏنگڻ ۽ مارڻ جي خيال ۾ لڳو ويٺو آهي ۽ هي شخص ان جي پرواهه به نه ٿو ڪري ۽ ٻين ماڻهن تان مکيون هڪلڻ ۽ پکي هڻڻ ۾ مشغول آهي ته، هن کان وڌيڪ بيوقوف ۽ احمق ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اهو ئي اوهان جو حال آهي، جو ٻين سان بحث ڪرڻ ۽ ٻين کي سڌي رستي لائڻ جي فڪر ۾ سرگرم آهيو. پر پنهنجي سرڪش نفس سان مناظرو ڪرڻ هن تباه ڪرندڙ شرير، دين ۽ ايمان جي دشمن کي هيٺان ڪرڻ جو اونو نه ٿا ڪريو.
    ياد رکو! ته جيسين نفس سان هڪ وڏي عرصي تائين انهيءَ ريت بحث نه ڪندؤ، تيسين نفس ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو ۽ جيسين هي سڌو نه ٿيندو، تيستائين نه اوهان کي الله جي يادگيري ٿي سگهندي، نه مناجات مان لذت ايندي، نه سلوڪ جي طرف توجهه ٿيندو ۽ نڪي صراط مستقيم تي هلڻ جو اوهان کي فڪر ٿيندو. انهيءَ ڪري اهو مناظرو ڪرڻ پاڻ تي فرض ۽ واجب سمجهو ۽ گهڻو وقت نفس سان، اهو بحث ۽ مناظرو شروع ڪندا ڪريو.
    جيڪڏهن نفس اوهان جي مخالفت ڪري ته ان کي جهڻڪيندا ڪريو ۽ اهڙي سزا ڏيندا ڪريوس جا ڪارگر ۽ بااثر هجي. ڇو ته نفس جي خاصيت ڪتي جهڙي آهي، جو جيستائين مار نه کائيندو، تيستائين فضيلت ۽ ادب نه پرائيندو. پوءِ جيڪڏهن اوهان نفس سان مناظرو ڪرڻ ۽ حساب وٺڻ يا نفس کي جهٽڪڻ يا سزا ڏيڻ جي طريقي معلوم ڪرڻ جي خواهش هجي ته احياءُ العلوم ۾ ‘ڪتاب المحاسبه والمراقبه’ جو مضمون ڏسو، جو هن مختصر ڪتاب ۾ ايتري تفصيل جي گنجائش ڪانهي.
    هاڻي دعا ڪريو ته، حق تعاليٰ شانه پنهنجي محبوب سيدنا و مولانا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي طفيل مون کي ۽ اوهان کي پنهنجي بي شمار عطائن سان ڍڪي. فضل ۽ ڪرم فرمائي ۽ جن ڳالهين جو اسان کي علم ڏنو اٿس، انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق بخشي ۽ جيڪي اسان پڙهيو يا ٻڌو آهي، اهو اسان جو حال بڻائي ته اصلي ڪيفيت اسان پنهنجي نفس ۾ جاري ٿيندي ڏسون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 846
    ڪتابن جو مشاهدو: 2254923
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 574738
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ