ڪتاب جو نالو: اگهاڙپ جو فلسفو
مصنف: ڪرشن چندر / ڀون سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 30 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 1080 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 406 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 12 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. ڪرشن جون ڪهاڻيون تلخ حقيقتن جي عڪاسي ۽ طنز سان ٽمٽار هوندي به شائسته اسلوب جو ويس پهريل آهن. هي ڪهاڻيون ڀوَن سنڌي ترجمو ڪري ادب ۾ اضافو ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • سنڌيڪار جو نوٽ
  • گل جي هيکلائپ
  • روح جون رولاڪيون
  • اُگهاڙپ جو فلسفو
  • لک پتي بڻجڻ جو نسخو
  • جواڻ جماڻ جذبا
  • شاعر، فلسفي ۽ ڪلارڪ
  • نئون خزانو
  • بي نام رشتا
  • جر مٿي جوڀن
  • آدم کان اڳي ۽ آدم کان پوءِ
  • عورت جو عطر
  • صاحب
  • ڀوَن سنڌيءَ جا ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

    ڪتاب جو نالو: اگهاڙپ جو فلسفو
    موضوع: پرڏيهي ڪهاڻيون
    ليکڪ: ڪرشن چندر
    سنڌيڪار: ڀون سنڌي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: اپريل 2019
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021- 34690389 Cell # 0333-32115821

    مُلهه : 200/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اگھاڙپ جو فلسفو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 12 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي.
    مھاڳ ۾ نصير سومرو لکي ٿو:
    ”ڪرشن جون ڪهاڻيون تلخ حقيقتن جي عڪاسي ۽ طنز سان ٽمٽار هوندي به شائسته اسلوب جو ويس پهريل آهن. هي ڪهاڻيون ڀوَن سنڌي ترجمو ڪري ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪرشن چندر جي هنن ڪهاڻين، يا افسانن جنهن جا ڪردار انساني آهي ۽ انهن جا تڪرار ۽ انتشار به انسانن جي وچ ۾ آهن جيڪي پيدا به انسانن خود ڪيا آهن ۽ انهن جو نبيرو به کين ئي ڪرڻو آهي ۽ هي علاج گھايل دلين کي ڪيتريقدر سرت ۽ سگھه ڏيندڙ آهي سو ته ڪرشن کي پڙهڻ کانپوءِ ئي پتو پوندو ۽ بس.“

    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ننڍي کند جي،
    آرٽ ۽ ادب جي نانءَ
    جنهنجي سرهاڻ کي،
    سرحدن تي،
    روڪي نٿو سگهجي.


    مهاڳ

    سنڌي ٻوليءَ ۾، ٿورڙي عرصي ۾ چڱا ناول ۽ افسانا، ڏيهي توڻي پرڏيهي ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ۽ انهن کي ڇاپيندڙ ادارن مان، “نئون نياپو” وڌيڪ جس لهڻي ٿو. هي ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو، “اُگھاڙپ جو فلسفو” به ذڪر ڪيل پبلشر طرفان ڇپائيءَ هيٺ آهي، جنهن جو مهاڳ لکڻ لاءَ مونکي چيو ويو آهي. ڏينهن ٻن کان وڌيڪ وٿي ملي ها ته، هوُند “مهاڳ ڇا آهي؟”، تِنهن بابت ٻه اکر لکجن ها، جو سنڌي ڪتابن جي مهاڳن جي اڃا تائين مُلهه - ڪَٿَ ٿي ئي نه آهي.
    ورهاڱي کان اڳ وارو هندستان ڪيئن هو، سو ٻڌائيندڙ ترقي پسند تحريڪ جي فڪري لڏي مان، ڪرشن چندر ڀلوڙ ليکڪ به هو ته ڀلوڙ سڀاءَ وارو شخص به هو، جنهن افسانن ۽ ناولن ۾ پرچار جي بدران نج فني پهچ/ artistic approach کي اُتم رکيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس تخليق کي، تڏهوڪي مانَ مرتبي وانگر اڄ به مانُ ڏنو وڃي ٿو. هن ورهاڱي کانپوءِ جي هندستان جي حالتن کي به، نه رڳو ڏٺو پر هتان جي سماجي، سياسي ۽ تهذيبي معاملن تي دلسوزيءَ سان ويچاريو به. ڪارج ۽ اَڪارج جي وچ ۾ سَنڌو ڪڍي پنهنجي تخيلاتي آرٽ کي انسان دوستيءَ سان جوڙي رکيو.
    ڪرشن ڪمال جو ليکڪ آهي ۽ ڪمال مٿان ڪمال اهو ته، هُو سماجي سائنسدان جي حيثيت ۾ ماڻهپي جي آفاقي قدرن جي تال ميل ۾ زندگي کي لاحق مُونجهارن جو حل به ٻڌائي ٿو. پڙهندڙ، ساڻس سهمت ٿين، يا اَسهمت _ سندن استحقاق آهي، پر ڪرشن چندر پنهنجي اظهار ۾ پِيسجندڙ طبقي جي ڌر بڻجي ساڻن گڏ بيٺو آهي. هن جي تخليق جو اڀياس، گڏيل انساني جذبن ۽ احساسن جو اڀياس آهي ۽ انهيءَ ڪري سندس افسانا ۽ ناول ٻين ڪيترين ئي ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي رهيا آهن. “اگھاڙپ جو فلسفو” اهڙين ئي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ انساني جذبن ۽ احساسن جي ويا کيا افسانوي انداز ۾ رومانويت ۽ حقيقت پسنديءَ جي آس پاس ڦرندي رهي ٿي. طرزِ تفڪر، يا رويي جو رخ ترقي پسنداڻو اٿس جيڪو سماج کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. ان ادب جي سنڌ کي گھڻي ضرورت آهي. سو، چئبو ته ڪرشن چندر جو افسانوي ادب سنڌيءَ ۾ الٿو ٿيڻ، نه رڳو ڪارائتو وکر آهي پر وقتائتو به آهي. هڪ ٻيو پهلو هي ته ناول، يا افساني ۾ جنسي معاملا زير بحث آڻڻ کانسواءِ تخليق بيوهه جي ٻسن ڪنن وانگر رس چس کان وانجھيل شماربي آهي ۽ اهو به ته جيئن نسائي نفسيات جون باريڪيون اردو افسانن ۽ ناولن ۾ عورت ليکندڙن قلمبند ڪيون آهن تيئن سنڌيءَ ۾ مثال گھٽ، يا بنهه ناپيد آهي. ڪرشن جون ڪهاڻيون تلخ حقيقتن جي عڪاسي ۽ طنز سان ٽمٽار هوندي به شائسته اسلوب جو ويس پهريل آهن.
    هي ڪهاڻيون ڀوَن سنڌي ترجمو ڪري ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. منهنجي ساڻن ملاقات نه آهي پر هي پورهيو _ ڪهاڻين جو ترجمو “اگھاڙپ جو فلسفو” سندن علمي سڃاڻپ ئي اصل ملاقات آهي. سنڌيڪار جي ڄاڻ موجب، ڪرشن چندر جا 20 ناول ۽ هن جي ڪهاڻين تي مشتمل 30 مجموعا مارڪيٽ ۾ آيا، پر “ ہندستانی ادب کے معمار” جي سلسلي جي ڪتاب “ڪرشن چندر” ۾ مرتب: جيلاني بانوءَ ناولن ۽ افسانن جي مجموعن جا انگ اکر قدري مختلف ڏنا آهن. ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ طرفان ڇپيل ڪتاب ۾ ڏنل وچور آهر ناولن جو تعداد 47 آهي جنهن مان ٻه ٽائيٽل “فلمی قاعدہ” ۽ “اور گوالیار کا حجام” ناول نه آهن. جڏهن ته افسانن جا مجموعا 32 ٻڌايا ويا آهن ۽ ترتيبوار هر مجموعي جو نالو ڏنل آهي. پهريون افسانن جو مجموعو “طلسمِ خیال “ سن 1939 ۾ مڪتبه اردو لاهور طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن جي ڊرامن جا مجموعا 6 ڇپيل آهن ۽ رپورتاز، ٻارن جي ادب جا 11 ڪتاب ۽ ٻيا متفرقه ڪتاب 3 اٿس جنهن مان نئے زاویے ٻن جلدن تي مشتمل آهي.
    ڪتاب “اگھاڙپ جو فلسفو” جي سڳنڌ ٻارنهن ڪهاڻين تائين ڦهليل آهي.
    ٽائيٽل ڪهاڻيءَ مان ٽڪروآهي:
    “سونهن ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪ اُها جيڪا خدا پيدا ڪري ٿو ۽ ٻي اُها جيڪا درزي عطا ڪري ٿو. ماڻهوءَ جي ناشڪري ڏسو، جو خدا طرفان مليل حسن کي ڇڏي درزيءَ طرفان مليل مصنوعي حسن جي پويان لڳو پيو آهي.”

    هڪ ٻيو ٽڪرو:
    “ذرا سوچيو اوهين برهمڻ دور جا شيدائي آهيو. اوهان جي دماغ تي اهو دور ئي ڇانيل آهي. برهمڻ دور جو بنياد ئي فائدي تي ٻڌل آهي. توهان جي نظر م جيڪڏهن ڪنهن شيء ۾ فائدو آهي ته اُها سٺي، نه ته خراب. هتي ڪارخانو هلايو وڃي ٿو فائدي لاءِ، خيرات ڪئي ٿي وڃي ته جيئن نالو ٿئي، اخبارن ۾ شهرت ملي، ساک ٺهي ۽ انهيءَ ساک مان وري ڪاروبار ۾ فائدو ٿئي. توهان ته هر شيءِ کي فائدي جي ڪسوٽي تي توريو ٿا. توهان پڪ ڄاڻو ته اگھاڙپ پسندن جي جماعت جي ڪاميابي ٿي ته اها سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪندي ته هُو لفظ فائدي کي لغت مان هميشه لاءِ ڪڍي ڇڏيندي.”

    مٿئين ٽڪري ۾ “فائدي” جي طرف اشارو انقلابي فڪر جو اولڙو ۽ سماج اندر مروج ناڪاري ۽ پرماري روين ۽ لاڙن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ساڳي طرح جي رويي جو صاحب جيڪو پڻ ويچارڪ ۽ تخليقي صلاحيت رکندڙ هجي، اهو ئي اهڙو ترجمو ڪري سگھي ٿو. ڀوَن سنڌي پاڻ پروفيسر هئڻ ناتي اڀرندڙ ٽهيءَ کي جانڪاريءَ جي جوت پهچائيندو رهيو آهي ۽ ترجمي سان گڏ تخليقي ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم تيزيءَ سان ان ڪري سندن ڪريڊٽ تي آهن جو هاڻ درس ۽ تدريس جي ذميدارين کان آجو آهي. هُونِءَ به فڪري ۽ فني پورهيو ڪرڻ لاءِ رٽائرمينٽ کان پوءِ وقت دستياب هوندو آهي. ڀوَن صاحب جا ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن بوقتن ڇپجندا رهندا آهن، جنهن ڪري به سندن نالو اڻ ٻڌو يا اوپرو بنهه نه آهي. پرڏيهي ڪهاڻين جو ڪتاب، “گوري، گهاگهر ۽ گوندر” ترجمو ڪيائين جيڪو سال 1985 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جو ٻيو ايڊيشن سال 2015 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سال 2015 جي نومبر ۾، سال 1986 ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “سندري سپنا ۽ صليب” مارڪيٽ ۾ آيو. 2015 ۾ ٻه پرڏيهي ڪهاڻين جا ڪتاب “درد بڻيو دلربا”، ۽ “ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص” شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتا. سال 2016 ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي جو ڪتاب “محبت ماريا ماڻهو” شايع ٿيو ۽ ايندڙ ڪجهه ڪتاب جن ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو، ڊائريءَ جا ورق، مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ پرڏيهي ترجمن تي ٻڌل ڪتاب شامل آهن.

    ڪرشن چندر جي هنن ڪهاڻين، يا افسانن جنهن جا ڪردار انساني آهي ۽ انهن جا تڪرار ۽ انتشار به انسانن جي وچ ۾ آهن جيڪي پيدا به انسانن خود ڪيا آهن ۽ انهن جو نبيرو به کين ئي ڪرڻو آهي ۽ هي علاج گھايل دلين کي ڪيتريقدر سرت ۽ سگھه ڏيندڙ آهي سو ته ڪرشن کي پڙهڻ کانپوءِ ئي پتو پوندو ۽ بس.

    - نصير سومرو

    ڪراچي
    12/12/2018


    سنڌيڪار جو نوٽ

    ڦلن مُٺ...

    ڪرشن چندر کي ننڍي هوندي کان پڙهيو اٿم. سندس لکڻين ۾ هڪ جادو آهي. هنجا ڪردار بنهه سادا، بنا ميڪ اپ جي زندگي جي عام رستن تي گهمندي ڦرندي نظر ايندا. ۽ هن جي ڪردارن جي وڏي خوبي اها آهي ته هن جي ڪردارن ۾ پڙهندڙ کي پنهنجو اولڙو پيو محسوس ٿيندو. اُنهن جي دردن، خوشين، خواهشن، جذبن، ارادن، منزلن، مقصدن ۽ آدرشن ۾ پڙهندڙ کي پنهنجو وجود محسوس ٿئي ٿو پڙهڻ ويلي ايئن پيو لڳندو ته ڄڻ اُهو هو پاڻ ئي هجي. وڏي ڳالهه ته فڪر ۽ فلسفو سادن لفظن ۾ عام ڪردارن جي ذريعي سمجهائڻ جو ڏانءُ جيڪو ڪرشن چندر وٽ آهي، اُهو دنيا جي تمام ٿورڙن اديبن وٽ هوندو .
    ننڍي کنڊ جي هن عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار 23 نومبر 1914 ۾ ڀرت پور شهر راجستان (انڊيا) ۾ جنم ورتو. هن جو ننڍپڻ پونچ شهر (ڄمون ڪشمير) ۾ گذريو جتي هن جو پيءُ گوري شنڪر چوپڙا مهاراجا پونچ جو فيملي فزيشن هو. هن پنهنجي ننڍپڻ جي يادن تي هڪ ناول “مٹی کی صنم” لکيو. اُردو ادب ۾ ٻال پڻي جي ساروڻين تي هي هڪ شاهڪار ناول شمار ڪيو وڃي ٿو.
    ڪن اديبن ۽ مورخن جو خيال آهي ته ڪرشن چندر جو جنم وزيرآباد ضلعي گوجرانوالا (پاڪستان) ۾ ٿيو ۽ هن جو ننڍپڻ لاهور ۾ گذريو ۽ FC ڪاليج لاهور ۾ به پڙهيو ان جي تصديق لاءِ هو اِهو حوالو ڏين ٿا ته ڪرشن چندر اڪثر محفلن ۾ پاڻ کي لاهوري چوائيندي فخر محسوس ڪندو هو.
    ڪرشن چندر جي پهرين شادي ودياوتيءَ سان ٿي ۽ ٻي شادي لکنوءَ جي ماهر تعليم پروفيسر راشد احمد صديقيءَ جي ڌيءُ ۽ اُردو ادب جي مشهور ليکڪا سلميٰ صديقيءَ سان ٿي، جنهن جون ناول ”سڪندر نامه“ ۽ ٻيون پڻ کوڙ ساريون تخليقون لکيل آهن. هن جوڙي جي شاديءَ جو به هڪ دلچسپ پس منظر آهي. ٿيو ايئن جو هڪ دفعي شيام سندر پرواز پنهنجي رسالي، جنهن ۾ سلميٰ صديقي سب ايڊيٽر هئي، جي ڪاپي کڻي ڪرشن چندر وٽ ويو ۽ کائنس رسالي لاءِ ڪهاڻي جي گهر ڪيائين. ڪرشن چندر رسالي ۾ سلميٰ صديقي جي تصوير ڏسي چيو، ”ڇا هوءَ لکندي به آهي؟“ ڪرشن چندر کيس پنهنجي ڪهاڻي ڏيندي چيو، ”هو جڏهن لکنوءَ ايندو ته ساڻس هن جي ملاقات ضرور ڪرائجانءِ...!“
    پر اُن کان اڳ ئي ٽائون هال علي ڳڙهه ۾ ڪرشن چندر جي سلميٰ صديقيءَ سان ملاقات ٿي وئي. ٿيو ايئن جو ڪرشن چندر جي قلمي پورهئي تي مڃتا ڏيڻ لاءِ سلميٰ صديقي کي سڏيو ويو. سلميٰ صديقيءَ جو ڪرشن چندر پسنديده ليکڪ هو ۽ هوءَ کيس چوڏهن ورهين جي عمر کان پڙهندي پئي آئي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ علي سردار جعفري سلميٰ صديقيءَ کي فون ڪري ٻڌايو ته، “تو اسٽيج تي الائجي ڇا ڳالهايو آهي جو ڪرشن چندر توکان ڏاڍو متاثر ٿيو آهي.”
    سلميٰ صديقي وراڻيو، “مون ته فقط سندس تخليقي پورهئي کي صحيح معنيٰ ۾ ڀيٽا ڏني آهي، جيڪو هو لهڻي ٿو.”
    ڪجهه وقت کان پوءِ ڪرشن چندر سلميٰ صديقيءَ کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي شاديءَ جي ڪوٺ ڏيئي گهرايو. سلميٰ صديقيءَ کائنس سندس لکيل هڪ ڪتاب جي گهر ڪئي جيڪو مارڪيٽ ۾ ڪونه ٿي مليو. تنهن تي ڪرشن چندر وراڻيو: “تون اُن کي ڇا ڪنديئينءَ؟ منهنجا ڪتاب مون کان مختلف آهن ڇا؟”
    سلمي صديقيءَ وراڻيو، “مون کي پوءِ به تنهنجي ان ڪتاب جو اوسيئڙو رهندو.”
    ڪرشن چندر وراڻيو، ““۽ هڪ ڏينهن ايندو جڏهن تون منهنجو انتظار ڪنديئينءَ!”
    سلميٰ صديقي ان مامري بابت ٻڌائي ٿي ته، آئون اُن وقت ڪرشن چندر جي لفظن کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي نه سگهي هيس ۽ مون کيس وراڻيو: “هائو! پر جي تون پاڻ سان گڏ پنهنجا ڪتاب آڻيندين.”
    ۽ پوءِ 1957ع ۾ اسان جي نيني تال ۾ شادي ٿي ويئي.
    سلميٰ صديقي ڪرشن چندر جون ساروڻيون سهيڙيندي لکي ٿي ته، هو هميشه پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ گم ٿي ويندو هو. هڪ لڱان سندس چهري تي نفرت ۽ ڌڪار جا اولڙا پسي مون کان ته بنهه ڇرڪ نڪري ويو. تڏهن هو “آدھی گھنٹے کا خدا” ڪهاڻي لکي رهيو هو.
    ڪرشن چوندو هو ته، “منهنجي هر تخليق جو هر ڪردار مون منجهان اُڀري نڪري ٿو.”
    سلميٰ صديقي پنهنجي ور کي “ڪرشن جي” ڪري مخاطب ٿيندي هئي. هوءَ وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته، “ڪرشن چندر کي اسٽيج تي ڳالهائڻ ۾ هميشه هٻڪ محسوس ٿيندي هئي. هو جهڙيءَ ريت روانيءَ سان لکي سگهندو تنهن ريت ڳالهائي نه سگهندو هو.” مون جڏهن ساڻس اُن جو ذڪر ڪيو ته، هن وراڻيو. “پر مان جڏهن توسان ڳالهائيندو آهيان ته بنهه پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ منهنجي اُهائي ڪهاڻي سرجڻ واري ڌارا برقرار رهندي آهي.”
    ڪرشن چندر 1930ع ۾ ڪرسچن ڪاليج جنهن ۾ هن اَوائلي تعليم ورتي هئي اُن پاران نڪتل مئگزين جو انگريزي سيڪشن به ايڊٽ ڪيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “ساڌو” 1932ع ۾ شايع ٿي. ڪرشن چندر ڪل 20 ناول لکيا ۽ هن جي ڪهاڻين تي ٻڌل 30 ڳٽڪا مارڪيٽ ۾ آيا. ان کان سواءِ هن کوڙ سارا ريڊيو پلي ۽ فلمن لاءِ اسڪرپٽ پڻ لکيا. هن نه صرف اُردو پر هندي ۽ انگريزي ٻولي ۾ پڻ ادب تخليق ڪيو. ڪرشن چندر جي ناولن ۽ ڪهاڻين تي ڪافي فلمون ٺهيون جن عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. 1946ع ۾ ڪرشن چندر جي ڪهاڻي “ان داتا” تي خواجه احمد عباس “دھرتی کے لال” نالي سان فلم ٺاهي. اُن کان علاوه هن جي مختلف ڪهاڻين ۽ ناولن تي ٺهيل فلمن مان آندولن (1951)، ايک دو تين (1953)، فرار (1955)، دو پھول (1958)، شرافت (1970، دوچور (1972)، فيملی (1973، رام بهروسی (1977)، مان بهومي (1979)، سئنيما گهرن ۾ ڌوم مچائي ڇڏي.
    ڪرشن چندر جو ناول “ایک گدھے کی سرگزشت” جنهن جي لکڻ جو هڪ ڪارڻ کيس سرڪار نامدار طرفان پاسپورٽ جاري نه ٿيڻ به هو، جيڪو 16 هندستاني ٻولين کان علاوه انگريزي ۾ پڻ ترجمو ٿيو. هن جي ناول “غدار” جو ڳاڻيٽو اردو ادب جي شاهڪار ناولن ۾ ٿئي ٿو. هن جو ناول “شکست” ورهاڱي جي درد ۽ ڀوڳنائن تي هڪ بي مثال ناول آهي.
    “ایک گدھے کی سرگزشت” سياسي خدائن ۽ بيورو ڪرسيءَ جا ڪچا چٺا پڌرا ڪري ڇڏيا. ان ناول جي ايڏي ته واکاڻ ٿيڻ لڳي جو، تڏهوڪو هندستاني وزير اعظم نهرو پريشان ٿيڻ لڳو. ڪرشن چندر کي جڏهن وناش راءِ بچن سان گڏ سويت ليند نهرو ايوارڊ مليو ٿي ته، اُتي نهرو به آيل هو. نهرو بچن فيملي ۽ سلميٰ صديقيءَ سان ته مليو، پر هن ڪرشن چندر کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو. جڏهن ارونا آصف علي، پنڊت جواهر لال نهرو جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته، “ڇا توهان ڪرشن چندر کي ڪو نه ٿا سڃاڻو؟” ته هن ڪرشن ڏانهن بنا ڏسڻ جي چيو ته، “هي اُهو شخص آهي نه، جنهن اهو گڏهه پائيءَ وارو قصو لکيو آهي.”
    سلميٰ صديقيءَ اهو به ٻڌايو ته توڻي جو نهروءَ کي ڪرشن چندر کان “ایک گدھے کی سرگزشت” ناول لکڻ تي چڙ هئي پر پوءِ به نهرو بنهه ذاتي بغض يا دشمنيءَ ۾ ويساهه نه رکندو هو ۽ نه ئي انتقامي سياست هن جو شيوو هو. اهو ئي سبب هو، جو هو جڏهن به ڪرشن چندر سان ڪنهن گڏجاڻي يا ٻئي ڪنهن هنڌ مليو ته ساڻس ڏاڍي حب ۽ پنهنجائپ مان ملندو هو.
    ڪرشن چندر هڪ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر ذهن جو ماڻهو هو. هن هميشه انسان کي فرقي، نسل، رنگ، ذات پات، ٻولي ۽ مذهب کان اُتاهون سمجهيو. هن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي مسئلن جي ڀرپور نموني نشاندهي ٿيل آهي. هن جي تخليقن ۾ پيڙهيل طبقن، مزدورن ۽ هارين جي غربت، اڻاٺ، ۽ نراسائپ ۽ اميرن جي مزاجن، عياشين، سماجي ۽ رياستي بربريت ۽ غلاميءَ جي عذابن جي چڱي پت وائکي ٿيل آهي. ڪرشن چندر جي تحريرن ۾ فطرت جا سڀ رنگ ۽ خوبصورتيون ۽ محبوبن جا ماڻا موجود آهن. سندس تخليقن ۾ آئيندي جي انسان جا خواب، عالمي امن، شانتي، تهذيبن ۽ ثقافتن جا سڀ سانگ ۽ اسلوب پڻ نمايان آهن.
    ڪرشن چندر هڪ بيباڪ ليکڪ هو جنهن ڪڏهن به، وقت جي حڪمران جي پرواهه ڪئي ۽ نه ئي مصلحت کان ڪم ورتو. جڏهن سرڪاري نوڪري هن کي نه آئڙي ته هن اُن منجهان هٿ ڪڍندي دير ئي نه ڪئي. ڪرشن چندر پنهنجي هڪ تخليق: جنهن ۾ هو چڪلي مان نهرو ۽ جناح کي خط لکي ٿو. خط ۾ ورهاڱي جو دردناڪ ذڪر سان گڏ ڪرشن چندر جي ان هڪ ڪهاڻي “نهرو اور جناح ڪي نام ايک طوائف کا خط” ۾ ورهاڱي جي دردناڪ واقعن جو ذڪر ٿو. هن جي ان دردناڪ ۽ ڀوڳنائن واري ڪهاڻيءَ جا ٻه مک ڪردار آهن. هڪ هندستاني ۽ ٻي پاڪستاني ڇوڪري، ڪهاڻي ايترو اثر رکندڙ هئي، جو سرڪار نامدار ان کان اهڙو ڇرڪي پئي جو اُن وقت جي مهاراشٽر جي وزيراعليٰ مرار جي ڊيسائي (جيڪو پوءِ هندستان جو وزيراعظم به ٿيو)، اُن ڪرشن چندر جي بمبئي واري گهر تي پوليس چاڙهي موڪلي ته ڪٿي اهي ٻئي ڇوڪريون اُتي ته موجود ناهن.
    برصغير جو هن ناليواري اديب 8 مارچ 1977ع تي 62 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات کانپوءِ ڪشميري حڪومت پاران پونچ جي فائونٽيشن پارڪ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر پارڪ رکيو ويو. ڪرشن چندر جي حياتي، توڻي پڄاڻان هن تي ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، ڊراما وغيرا ٿيندا رهيا آهن جن ۾ جاويد اختر، گلزار، خواجه احمد عباس، جاويد نقوي، ضيا محي الدين ۽ پاڪستان ۽ هندستان جا ناليوارا اديب، شاعر، محقق، صحافي، سياستدان شريڪ ٿيندا رهيا آهن. نه صرف ايترو پر ٻين ملڪن ۾ کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ به ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا. سندس ادبي پورهيئي جي عيوض ساهيته اڪيڊمي ايوارڊ پڻ سندس حصي ۾ آيو. تازو ئي سندس سئو سالا جنم ڏڻ پڻ ان سلسلي جي ڪڙي هئي. هن جي ناولن ۽ ڪهاڻين جي مجموعن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي وڪرو ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به ڇپندا رهن ٿا.
    اهو به عجيب اتفاق چئبو جو هي مهان ڪلاڪار زندگي کان هميشه لاءِ موڪلائڻ وقت به ٽيبل ڪرسي تي ويٺي پنهنجي ڪهاڻي “ادب بڑی بطخ” لکي رهيو هو. اڃا هن ڪهاڻي جي پهرين سٽ مس لکي : “نورانی کو بچپن سے ہے پالتو جانوروں کا شوق تھا، کبوتر، بندر، رنگ برنگی چڑیا۔۔۔” ۽ هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو جسماني طور تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پر پنهنجي ڪلا ۽ ڏات وسيلي سدائين صبح جي ٿڌڙي هير ۽ محبوب جي ماڻن وانگر زندگي کي هميشه تازگي ۽ سونهن بخشيندو رهندو.
    ڪرشن چندر اڪثر چوندو هو ته، “آئون هڪ اهڙو جانور آهيان جيڪو فقط لکڻ ڄاڻي ٿو. آئون لکڻ ڇڏي ڏيندس ته زندهه رهي نه سگهندس.” ان ۾ ڪو شڪ به ناهي ته ڪرشن زندگي جي آخري گهڙين تائين لکيو ۽ ان کي موت جيتوڻيڪ جسماني طور تي زندگي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي پر هن جو تخليقون ۽ تحريرون اڄ به زندگي کي دوام بخشينديون رهن ٿيون.
    ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو ڪيل ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. مون ترجمي جي ڏانءُ سان ڪيترو نباهيو آهي. اُن تي ٽيڪا ٽپڻي مون کي نه پر توهان کي ڪرڻي آهي. ڪرشن چندر جي ڪلا تي ڳالهائڻ مون جهڙي جيتامڙي اديب جي وس جي ئي ڳالهه ناهي. ڪرشن چندر تي مون جن به وڏن اديبن کي پڙهيو آهي، اُهو لڳ ڀڳ سندس فني بلندين جي ساراهه بابت ئي هوندو آهي. ڪٿي به انهن ناليوارن اديبن ڪرشن چندر جي تخليقن ۾ فني جهول جو اظهار ناهي ڪيو.
    ويهين صدي جنهن ۾ ڪرشن چندر موجود هو، ادب جي دنيا ۾ پنهنجي ساک ۽ هاڪ برابر قائم رکي ۽ اُن تي هن جي مسلسل ڇاپ رهي. ڪرشن چندر جي تخليقن جا ڪردار ۽ موضوع هر دور سان ايترا ته هم آهنگ آهن جو اُنهن کي وقت ۽ حالتن جي تبديلي ڪڏهن به موت جي ننڍ سمهاري نٿا سگهن. ايئن جيئن فطرت جي سونهن کي اجل ڳڙڪائي نٿو سگهي تيئن ڪرشن چندر جي تخليقن جي حسن کي ڪڏهن به زوال ناهي اچڻو ۽ هو اُنهن تخليقن جي روپ ۾ ادب جي تارن ڀري آسمان ۾ چنڊ جيان چمڪندو رهندو.
    آئون توهان کي ڇا ٻڌايان، بس ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي ترجمو ڪندي، مون کي نه صرف خوشي محسوس ٿي رهي آهي بلڪه آئون اُن کي پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهان ٿو، جو هيڏي وڏي قد ڪاٺ واري ڪلاڪار کي پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهيان، ان خواهش سان ته اوهان جي اندر ۾ ڪرشن چندر جي تخليقن جو انسان ڀانبڙا پائي اوهان کي جاڳائي، انسان جي ازلي پيڙائن، دردن ۽ پيڙائن جو احساس ڏياري ۽ اُنهن جي ڇوٽڪاري جا گس ڏسي، اوهان کي زندگي جي انهي خوبصورت شاهراهه تي وٺي اچي، جنهن جي هر طرف فطرت جا دلفريب ۽ عجيب غريب رنگ ۽ نظارا آهن، محبوبن جا ماڻا ۽ حسناڪيون آهن، فضائن ۾ خوشين جا نغما ۽ نرتڪين جا روح پرور رقص آهن. جتي درد ۽ پيڙا جو ڪو به وجود ناهي ۽ چوڏس خوشيون ئي خوشيون ۽ شادمانيون آهن.
    بس اها ئي ڀيٽا آهي هن سدا بهار ليکڪ کي اهو ئي خواب هو هن سدا بهار ليکڪ جو عالم جي انسان لاءِ، هي ترجمو به ان انسان جي سندر خوابن تائين رسڻ جو هٿ پورهيو آهي. شل قبول پوي.


    ڀُونءِ جو بندو

    - ڀوَن سنڌي
    حيدرآباد
    Email: bhawansindhi1@gmail.com


    گل جي هيکلائپ

    “توکي ڪهڙي قسم جو گهر کپي؟”
    مسواڙي گهرن جي دلال مون کان پڇيو. هو مون کي تون ڪري ڪڏهن به نه ڳالهائي ها، جيڪر هن جي نظر منهنجي پراڻي پتلون تي نه پوي ها.
    “مون کي اهڙو گهر گهرجي جنهن ۾ ڪمرو ته ڀلي هڪ هجي پر اهو باٿ روم وارو هجي. اڳيان لان هجي. لان ۾ سائي ڇٻر هجي ۽ اُن ڇٻر جي پاسن کان گل ٽڙيل هجن...”
    “گلن جي وچ ۾ اُس کائڻ واري هڪ ڇٽي هجي ۽ ڇٽيءَ جي هيٺان هڪ پوپري آهليل هجي؟” دلال تصوير مڪمل ڪري ورتي.
    “مسٽر! توکي گهر جي ڳولا نه، پنهنجي عقل جو ويمو ڪرائڻ گهرجي.”
    “ماڻهو ته سمجهدار پيو لڳي.” مون دلال کي واکاڻ وارين نظرن سان ڏسندي سوچيو.
    دلال منهنجي ويجهو اچي هورڙيان پڇيو: “ڪرايو ڪيترو ڏيندين؟”
    “پنجويهه رپيا”
    “پنجويهه رپين ۾ ته، رڳو گاهه ملي سگهي ٿو، گهر نه...”
    مون چيو: “مون توکي گهر ڏيکارڻ لاءِ ٽي رپيا اڳواٽ ڏنا آهن. اها ڳالهه توکي ڏوڪڙ وٺڻ کان اڳ ۾ چوڻ گهربي هئي. هاڻي چپڙي ڪري گهر ڏيکار.”
    دلال ٽن رپين سان ٻڌل ڀاڙي جي گهوڙي وانگر هلڻ لڳو، مون سوچيو. هر شخص جي ڪنڌ ۾ هڪ رسو هوندي آهي. ٽن رپين وارو يا ٽن سئو رپين وارو، يا ٽن هزارن وارو يا ٽن لکن وارو، پر رسو هر ڪنهن جي ڪنڌ ۾ پيل هوندو آهي. هونءَ ته مون کي به پنهنجي ڳچي لاءِ رسي جي ڳولا هئي، پر پئسن واري نه پر ڦاهي واري! مون مرڻ جو پهه ڪري ورتو هو. هلندي هلندي منهنجي دل مون کان پڇيو.
    “جڏهن تو مرڻ جو فيصلو ڪري ئي ڇڏيو آهي ته پوءِ، گهر جي ڳولا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟”
    مون دل کي چيو.“تون ته ڳالهاءِ ئي نه! تنهنجي ڪري ئي هي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن. تنهنجي چوڻ تي مون غلط عورت سان محبت ڪئي. ڪڌا ڪم ۽ ڪاڻيارا دوست ڪيا. سڄي ڄمار غلط رستن تي هليس... گهڻو ٿيو، تون منهنجي موت ۽ مون وچ ۾ ڳالهائڻ واري ڀلا ٿيندي ڪير آهين...؟”
    “آئون ڳالهايان ڪٿي پئي؟” دل چيو. “نوڙت سان رڳو اِهو پڇڻ پئي گهريم ته جي مرڻو ئي آهي ته پوءِ گهر جي ڳولا ڇو؟ ڇو نه ڪنهن وڻ جي ڳولا ڪجي؟ درياهه، ڍنڍ، ريل بند يا ڪو زهر...!؟”
    “تون ته، اصل ڪا موڳي آهين!” مون دل کي دڙڪو ڏنو. “تون مون کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهينءَ! ڀلا مون جهڙو انسان هڪ رواجي موت ڪيئن ٿو مري سگهي؟ مان ته ڪنهن سورهيه جهڙو من موهيندڙ موت چاهيان ٿو.”
    “هڪ خوبصورت ڪمرو، لالٽين جي هڪلي هلڪي روشنيءَ ۾ منهنجي هٿن ۾ ڇُلڪندڙ آخري جام، ڇت جي پکي سان لٽڪيل ريشمي رسيءَ ۾ جهومندڙ منهنجو جسم ۽ دري کان ٻاهر هڪ خوبصورت لان. لان ۾ چهچ سائي ڇٻر، ڇٻر جي پاسن کان ٽڙيل گل، اُس کائڻ واري ڇٽي ۽ ڇٽيءَ هيٺان آهليل هڪ پوپري، پوءِ اُها ڀلي پاڙيسريءَ جي زال ئي ڇو نه هجي!”
    “رات جو وري اُس ڪٿان ايندي ۽ پوپري رات جي وقت کليل ڇٽيءَ ۾ ڇو تنهنجي لاءِ سيءَ ۾ ڏڪڻ چاهيندي؟”دل پڇيو.
    “ته پوءِ ڀلا! آئون ڏينهن ۾ آپگهات ڪندس...” مون دل کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: “هاڻي تون ماٺ به ڪر.” دل چپ ٿي ويئي.
    اڳيان هڪ گهر به اچي ويو. ٺاهوڪو گهر هو. وروڪڙ کائيندڙ ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ پهرين ماڙ تي هڪ سهڻو ڪمرو هو. هر ڀت جو رنگ الڳ الڳ هو. ڀورو، سونهري، نارنگي ۽ ڪرمچي. ڀت سان لڳو لڳ نيري رنگ جو پٿريلو ڪٻٽ، فانوس ۽ اُن سان گڏ هڪ ڪمرو هو.
    ڀتيون پيليون، گلابي ۽ ڳاڙهسري هيون. ان ڪمري جي هڪ پاسي بار ٺهيل هئي. اُن سان گڏ ڪمرو هو اُن ۾ ٻه الماڙيون ، هڪ منهنجي لاءِ ۽ هڪ منهنجي زال جي لاءِ. ڀت تي وڏا آئينا لڳل هئا. پهريان ٻه سال عشق ڪرڻ لاءِ ۽ اُن کان پوءِ سڄي زندگي ويچارا ڪڍڻ لاءِ. آئون فرش تي پراڻي جتي گندي پيٽيڪوٽ ۽ ٻار جي ... جو تصور ڪرڻ لڳس.
    تصور اهڙو ته دل لڀائيندڙ هو جو جهٽ ڏئي دروازو کولي باٿ ۾ هليو ويس.
    باٿ روم صاف سٿرو هو. فرش تي سفيد ٽائل، ڀتين تي هلڪي نيري رنگ جون ٽائل، سائي رنگ جون واش بيسڻ ۽ اُن ئي رنگ جو نلڪو، سامهون دريءَ مان هيٺين ماڙ جو ورانڊو ۽ ورانڊي کان ٻاهر لان نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ چهچ سائي ڇٻر جي پاسن تي گل ٽڙيل هئا. لڳو لڳ ستن رنگن واري اُس ڇٽيءَ هيٺ هڪ سترهن ارڙهن سالن جي پوپري دنيا جو بهترين ادب يعني جاسوسي ناول پڙهي رهي هئي.
    مون سرٻاٽ ڪيو.“واهه واهه! آپگهات ڪرڻ لاءِ ڪيڏي نه ڀلي جاءِ آهي.”
    مون مڙي دلال کان پڇيو “هن گهرجي مسواڙ گهڻي آهي؟”
    “چار سئو رپيا.”
    “چرياا!” مون ڏکاڻي لهجي ۾ چيو: “پر مون ته توکي پنجويهه رپيا مسواڙ وارو گهر ڏيکارڻ لاءِ چيو هو؟.”
    دلال مون کي ڪجهه چوڻ بنا ڏاڪڻن تان هيٺ لهي آيو.
    ٻيو گهر جيڪو مون کي دلال ڏيکاريو اُهو به ٺيڪ ٺاڪ هو. بس رڳو اُن ۾ پهريئن گهر جهڙو سامان سڙو ڪو نه هو. نه ناز ۽ ادا جي اُها ڪيفيت ۽ نه ڀتين جو اُهو رنگ ۽ روپ، پر سٺو ۽ صاف سٿرو ضرور هو.
    ڪمرا فقط ٻه هئا. ٻئي هڪڙي غسل خاني ۾ کليا ٿي. هڪ طرف رنڌڻو هو. رنڌڻي کان ٻاهر ورانڊي ٻاهران موچاري اڱڻ ۾ سائي سائي ڇٻر لڳل هئي.
    “گل ڪٿي آهن؟” مون دلال کان پڇيو.
    “گل تون پاڻ پوکجانءِ .” هن چيو. “اُس واري ڇٽي خريد ڪري وٺجانءِ ۽ ڇٽيءَ هيٺان حسينه نه ملنئي ته پنهنجي زال کي ويهاري ڇڏجانءِ.”
    “گل پوکڻ لاءِ مون وٽ وقت ڪونهي.” مون چيو “ڇٽيءَ لاءِ مون وٽ پئسه ناهن ۽ زال؟ ميان! جيڪڏهن زال هجي ها ته آءٌ گهر ڇو ڳولهيان ها؟ هڪ رنڌڻو نه ڳولهيان ها؟ خير! جنهن ڪم جي لاءِ مون کي اڳيون گهر وڻيو هو، اُن جي لاءِ هي به ٺيڪ رهندو. آئون گل ٻاٽي لان ۾ رکي ڇڏيندس. ٻاٽيءَ مٿان ڇٽيءَ جي بجاءِ پنهنجي پراڻي برسات واري ڇٽي رکي ڇڏيندس ۽ اُن جي هيٺان هڪ حسينه جي تصوير به لڳائي ڇڏيندس. ها پر هن گهرجي مسواڙ ڪيتري ٿيندي؟”
    “اڍائي سئو رپيه”
    “چريا! اڍائي سئو رپين وارو گهر ڇو ٿو ڏيکارين؟ مون کي فقط پنجويهه رپين وارو گهر کپي.”
    دلال منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. ماٺ ڪري گهر کان ٻاهر نڪري آيو. ٽيون گهر جيڪو مون ڏٺو اُن ۾ سڀ کان پهرين غسل خانو هو. پوءِ ڏاڪڻيون چڙهي هڪ ڪمرو آيو ۽ ڪمري سان لڳ هڪ رنڌڻو هو، جڏهن ته اتي غسل خانو هئڻ گهرجي ها.
    جڏهن مون دلال کان پڇيو ته هن چيو.
    “هن علائقي ۾ جيترا به گهر ٺهيل آهن انهن ۾ رهڻ واري ڪمري سان گڏ رنڌڻو رکيو ويو آهي ۽ غسل خانو ڏاڪڻين هيٺان.”
    “اهو ڇو؟”
    “اهو ان ڪري جو عورتون رنڌڻي ۾ هوندي به هر وقت پنهنجي مڙسن تي نظر رکي سگهن ٿيون. ڏس هن رنڌڻي سان لڳو لڳ ڪمرو هيٺ وڃڻ واري ڏاڪڻ جي سامهون غسل خاني تائين نظر اچي ٿو.”
    مون چيو. “سٺو ٿيو جو مون ڪڏهن زال نه ڌاري، ان لاءِ آئون ڪنهن جي جاسوسي کان نٿو ڊڄان. باقي غسل خاني کي رنڌڻو ۽ رنڌڻي کي غسل خانو ڪري ڇڏيندس. مون کي ته ٻيئي هڪڙي نموني جا ٺهيل محسوس ٿين ٿا.”
    دلال منهنجي دانائيءَ جو داد ڏيندي چيو “اهو توهان ڄاڻو ۽ مالڪ ڄاڻي. جيڪڏهن هي گهر اوهان کي پسند آهي ته ڏيو سئو رپيه.”
    “سئو رپيا؟” مون رڙڪندي چيو. “ڇو سئو رپيا؟”
    “سئو رپيا هن گهر جي ماهوار مسواڙ آهي.”
    “اڙي موڳا!” مون هٿ ٻڌندي هن کي چيو “مون توکي پنجويهه رپين وارو گهر ڏيکارڻ جو چيو آهي ۽ تون آهين جو سَون جي ڳالهه ڪندي نٿو ٿڪجين.”
    دلال چيو “منهنجو ڪم گهر ڏيکارڻ آهي. ڪهڙي خبر اوهان کي ڪهڙو گهر پسند اچي وڃي. هتي مون اڪثر ماڻهن کي ڏٺو آهي ته پنجويهه رپين وارو گهر ڳولڻ ايندا آهن ۽ چار سئو وارو گهر وٺي لائيندا آهن. مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي چار سئو وارو گهر وٺڻ لاءِ نڪرندا آهن ۽ پنجويهه رپين واري گهر تي اچي بيهندا آهن. گراهڪن جي ڪا خبر نٿي پوي.”
    هاڻي دلال جنهن عمارت جي اندر مون کي وٺي ويو اُها پنج ماڙ هئي ۽ جهاز وانگر هئي ۽ اُن جي ڇت تي ٺهيل ڌڪي ڌڪي مٿي هڪ بحري جهاز ٺهيل هو ۽ اُن تي لکيل هو S.S.ATMARAM MULTAN دلال چيو “هن بلڊنگ جي اندر گوشت کائڻ منع آهي. بصر کائڻ منع آهي. شراب پيئڻ منع آهي!.”
    “ته پوءِ هتي زال سان رهڻ به منع هوندو؟.” مون پڇيو.
    دلال مونکي حيرت سان ڏسڻ لڳو.
    “پوءِ هتي سوچڻ به منع هوندو. آسمان ڏانهن نهارڻ به منع هوندو. زور سان ٽهڪ ڏيڻ به منع هوندو. بستري تي اونڌو ليٽي سگريٽ پيئڻ به منع هوندو. ڪلهي تي ٽوال رکي دروازي تي بيهي ڏاڪڻ تان لهندڙ ڪنهن چنچل حسينه کي ڏسڻ به منع هوندو. مسٽر آئون گهر ڏسڻ آيو آهيان. ونوبا ٻاويءَ جي آشرم ۾ گيان وٺڻ ڪو نه آيو آهيان....!”
    اهو چئي آئون گهر مان نڪري آيس.
    هاڻي دلال مون کي جنهن گهر ۾ وٺي آيو. اُهو واقعي پنجويهه رپين وارو گهر لڳو ٿي. نه لان، نه ڇٻر، نه گل. چوٿين ماڙ تي هڪ ڪمرو هو. درين ۾ ٿلهي لوهي گرل لڳل هئي ته جيئن ڪوبه گهر جي مسواڙ کان گهٻرائجي دريءَ مان ٽپو نه ڏيئي سگهي. ڀتين تي ٽيهه سال پراڻو سفيد رنگ ڪيل هو جيڪو هاڻي ڪاراڻ ۾ تبديل ٿي ويو هو. ڇت تي ڄميل ڄارن جي وچ ۾ هڪ پراڻو پکو لٽڪي رهيو هو.
    مون اُن کي تصور ۾ ئي قبول ڪري ورتو. ٺيڪ آهي لان نه سهي. ڇٻر نه سهي، گل نه سهي، حسينه نه سهي. هن ڪمري ۾ پکي جو هُڪ ته آهي جنهن سان لٽڪي جان ته ڏئي سگهجي ٿي.
    “پر غسل خانو ڪٿي آهي؟”
    “اُهو گڏيل آهي” دلال هڪ ڪنڊ جي در ڏانهن اشارو ڪيو آئون غسل خاني ۾ گهڙي ويس. غسل خاني ۾ وڏن وڏن اکين واري هڪ عورت ذبح ٿيل مرغيءَ جا کنڀ لاهي رهي هئي. مون کي ڏسي هن کلي ڏنو ۽ جڏهن هن جو ٿلهن ٿلهن چپن وارو ارڙهن انچي وات کليو، ته مون کي اُن ۾ پان جي پڪ ۾ رڱيل ڏند ڏاڍا خطرناڪ لڳا. آئون گهٻرائي پويان موٽڻ وارو هئس جو هن ڪافر ادا پنهنجي جبل جيڏي ڪلهي کي لوڏيندي چيو.
    “ تون نئون مسواڙي ٿو لڳين؟”
    “لڳان ٿو الائي نٿو لڳان، ها پر مان ته رڳو اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريا ته هي غسل خانو ڪنهن جو آهي. اوهان جو يا منهنجو؟”
    “تنهنجو به ۽ منهنجو به” هن ڪجهه اهڙي انداز سان چيو ڄڻ زندگي ڀر جي لاءِ ساڻس منهنجو رشتو پڪو ٿي ويو هجي. مون گهٻرائجي هڪ وک پويان کنئين. هن هڪ وک اڳيان کڻندي چيو.
    “تون اچي وڃ، ٻي ڪا ڳڻتي ئي نه ڪر، گڏجي سڏجي ڪم ٽپائي وينداسين.”
    اهو چئي هن مون ڏانهن ڏسي مرڪيو . آئون هيسجي دروازي تي ويس . هن ڪڪڙ جو آخري کنڀ زور سان لاهيندي پنهنجي ارڙهن انچي ۾ وڌو ۽ اُن سان ڏند کوٽيندي چيائين:
    “ڀلا پنجاهه رپيه مسواڙ ڪير ڪمري سان الڳ غسل خانو ڏيڻ چاهيندو.”
    مون بلڊنگ کان ٻاهر اچي چيو.
    “جيڪڏهن تون مون کي پنجويهه رپين وارو گهر نٿو ڏياري سگهين ته منهنجا ٽي رپيه واپس ڪر.”
    دلال چيو، “شريفن جي پاڙي ۾ ته پنجويهه رپين وارو گهر ملي نٿو سگهي. ها جيڪڏهن توهان کي گندي گهٽيءَ ۾ رهڻ تي ارهائي نه ٿئي ته آئون اوهان کي پنجويهه رپين وارو گهر ڏياري سگهان ٿو.”
    “هل هلي گهر ڏيکار. رڳو ڳالهيون پيو ڪرين.”
    هو مون کي گندي وستي ۾ وٺي ويو، جيڪو شهر جو سڀ کان گندو پاڙو هو. جتي شهر جا بلڪل غريب ماڻهو رهندا هئا. غلاظت جا ڍير لڳل هئا. کليون ناليون هيون.
    اُتي هن گندي وستي جي دلال کي پريان وٺي وڃي ڪجهه ڳالهايو ۽ پوءِ ٻئي واپس مون وٽ آيا. منهنجي دلال مون کي چيو.
    “هي چوي ٿو ته هن پاڙي ۾ پنجويهه رپين وارو گهر ڪونهي.”
    “ته پوءِ گهڻي وارو گهر آهي؟”
    “سورهن رپين وارو آهي.”
    “سورهن رپين وارو گهر به خالي ناهي. ها... هڪڙو آهي پر، شايد اُهو تنهنجي لائق نه هجي.”
    “منهنجي لائق ڇو نه آهي؟” مون گندي پاڙي جي دلال کان پڇيو. گندي پاڙي جي دلال ڪياڙي کنهندي چيو، “ان گهر جو مسواڙي اسان وانگي هڪ مزدور هو ۽ چوڙين جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو.”
    “مزدور هو ته ڇا ٿي پيو!؟آخر هو چوڙيون ٺاهيندو هو چوري ته ڪو نه ڪندو هو؟”
    “نه صاحب! اها ڳالهه ناهي،” گندي پاڙي جي دلال چيلهه کنهندي چيو، “هئو ته چوڙين ٺاهڻ وارو، پر چُلهي ۾ ٻارڻ ٻاريندي ۽ سڙندڙ ڦلهيار کي ڦوڪيندي ڦوڪيندي بيمار ٿي پيو.”
    “پوءِ ڇا ٿيو. هر ماڻهو زندگي ۾ بيمار ٿئي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن سبب بيمار ٿئي ٿو. چاهي اُهو ڦلهيار ڦوڪڻ سان ٿئي يا زيادهه کائڻ پيئڻ سان !”
    “تون سمجهين نٿو صاحب!”
    گندي پاڙي جي دلال پنهنجي ٽنگ کنهندي چيو، “ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته هن کي بخار ٿي پيو هو. جنهن کي توهان ٽي بي چوندا آهيو ۽ هو ان ڪوٺي ۾ پنج سال بيمار رهيو ۽ ڪم ڪندو رهيو۽ جيئڻ جا جتن ڪندو رهيو. هن کي چار پٽ هئا ۽ هڪ زال هئي. جڏهن هو مري ويو ته سندس زال ۽ ٻار اهو گهر خالي ڪري ويا. ڇو ته اُهي سورهن رپيا مسوار ڏئي نٿي سگهيا. تنهن ڪري اهي هو شهر کان پريان جهوپڙين ۾ هليا ويا. جتي سِرون ڍوئڻ وارا رهندا آهن. ان هي ڪري ئي آئون توکي چوان ٿو ته اها ڪوٺي خالي ته آهي پر تنهنجي لائق نه آهي.”
    ڪوٺي ننڍڙي هئي. اونداهيون ڀتيون، چيڪاٽ ڪندڙ دروازو ۽ ڪٽ لڳل ڪڙو، ڪٽيل دري ۽ ان جو لوهي سيخون ۽ انهن سيخن کان ٻاهر سرن واري نالي، مون ٻاهر کان نظر هٽائي وري جو ڏنو ته، هڪ ڪنڊ ۾ پاڻي جو نلڪو نظر آيو، جنهن تي مٽي جا تهه چڙهيل هئا. پوءِ به ان مٽي جي تهن مان پاڻي ٽپ ٽپ ڪندو سينورجي ويل پٽ تي وهي رهيو هو، جيئن رَت ڦٽ منجهان وهندو آهي. پوءِ مون کي هڪ ڪنڊ ۾ گل ٻاٽي نظر ئي. جنهن ۾ گلاب رکيل هو ۽ ان جي ٽاريءَ تي هڪ گل ٽڙيل هو. گلاب جو تمام وڏو ڳاڙهو گل...
    “هي ڇا آهي؟”
    گندي پاڙي جو دلال پيلا ڏند ڪڍي کلي چوڻ لڳو.
    “هي تنهنجي لاءِ آهي صاحب.”
    “منهنجي لاءِ؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “ها صاحب” دلال چيو. “مرڻ ويلي مرڻ واري چيو هو ته، جيڪو منهنجي هن ڪمري ۾ رهي لاءِ اچي اُن کي هي گل ٻاٽي ڏجانءِ، ۽ چئجانس ته ڏهاڙي ان ۾ پاڻي وجهي، جيئن گلاب جو ٻوٽو سائو رهي... پاڳل هو هُو شخص!”
    مونکي محسوس ٿيو ته منهنجي جسم مان ڄڻ ڪا تيز لهر گذري منهنجي ساري وجود کي لوڏي ويئي ۽ آئون ان اونداهين ڀتين ۾ واڙيل اُن گلاب جي گل کي ڏسڻ لڳس. چئوڦير گهٽ، ٻوسٽ، نا اُميدي ۽ هڪ گل هيکلو... اوندهه، گندگي، بک، بدصورتي ۽ هي گل.... ڪلراٺي سرن جي وٿين ۾ ڄميل ڄارن ۽ ڪٽجي ويل لوهي شيخن جي وچ ۾ ٽڙيل هي هيکلو گل ... انسان جي دل ۾ ڦٽندڙ ۽ انسان جي سگهه، سورهيائپ ۽ مهانتا جيان اوچو، فطرت سان وڙهندڙ، موت تي کلندڙ...... پر هي گل ته مرجهائجي ويندو. هڪ ڏينهن هي گل مرجهائجي ويندو. مون سوچيو.
    هن ڪوٺيءَ جي گندگي، گهٽ ٻوسٽ هن جي سڄي سُرهائي چوسي وٺندي. ۽ هيءَ اوندهه هن جو رنگ، روپ ۽ سُرهاڻ کسي وٺندي.
    هن تي ڄارو چڙهي ويندو ۽ هي ڪلراٽيل ۽ سيڪيل ڀتيون تازي هوا کي روڪي ڇڏينديون ۽ هي گل مرجهائجي ويندو. جيئن هو چوڙيون ٺاهيندڙ مزدور مرجهائجي ويو هو ...
    پر هي گل زندهه رهندو ۽ هر روز لکن ڪروڙن ماڻهن جي دلين ۾ ٽڙندو. جيڪي چوڙيون ٺاهن ٿا، آفيس وڃن ٿا، مزدور، ڪاريگر جيڪي مٿي تي سرون کڻي گهر ٺاهن ٿا، جيئن محبت ڪرڻ وارا انسان چپن تي چپ رکن ٿا. هي گل هر روز اُنهن انسانن جي دل ۾ ڦٽندو ۽ تڙندو رهندو ۽ زندگي ۽ اُن جي لڳاتار جاکوڙ جو جادو ۽ جلوو جرڪائيندو رهندو.
    هي گل ڪڏهن به مري نٿو سگهي!
    مون اهائي ڪوٺي ڪرائي تي ورتي آهي.... ۽ اُن ڏينهن کان وٺي آئون اُن ۾ رهان پيو!!.
    ***


    روح جون رولاڪيون

    جيئي ئي اسٽيشن تي لٿس ته ڪنن کي طرح طرح جي آوازن گهيري ورتو.
    “ڪارونيشن هوٽل!”
    “پنجاب هوٽل!”
    “دلڪش هوٽل!”
    “ريگل ۾، شريفن لاءِ خاص انتظام آهي.”
    “اسٽينڊرڊ هلو صاحب! ڪشادا ڪمرا، باٿ روم الڳ، فليش سسٽم، بهترين انتظام.”
    اُمالڪ ڪنهن سرٻاٽ ڪيو، “صاحب! منهنجي ڳالهه مڃو آرام هوٽل هلو” ۽ پوءِ مون ڏانهن جهڪندي چوڻ لڳو . “والله ڇا ٻڌايان ڏاڍي مزي واري جڳهه آهي.”
    مون کي هن جو انداز وڻڻ لڳو. مون هن کي ترڇي نگاهه سان ڏٺو، ڇڊي ڏاڙهي، چپن تي پان جي پڪ، هڪ اک کان ڪاڻو، ماڻهو مسخرو ٿي لڳو. مون سوچيو. هن جي لهجي ۾ ڪيڏي نه ڇڪ آهي ۽ مٿان ڳري ايڏو پراسرار جو مغل حرم سرائن جي شان شوڪت جي تصور کي آرام هوٽل ۾ تازو ڪري رهيو آهي.
    مون کي کوهه ۾ ڪرندو ڏسي هڪ ماڻهو روڪڻ چاهيو. “صاحب آرام هوٽل ۾ نه وڃو. اِها به ڪا هوٽل آهي؟ صاحب اُن کي ته بي آرام هوٽل چوڻ گهرجي.”
    ““بي آرام هوٽل؟” ريگل هوٽل جي ايجنٽ رڙ ڪئي، “اُن کي ته حرام هوٽل چوڻ گهرجي حرام هوٽل! ڪو شريف ماڻهو اُن هوٽل جي اڳيان گذرڻ به پسند نه ڪندو.”
    جواب ۾ ڇڊي ڏاڙهيءَ واري رڳو مرڪيو. مون کي اُن جي مُرڪ ان جي ڪاڻي اک تائين پکڙجندي ڏيکائي ڏيڻ لڳي. هن جي مرڪ، بنا ڪجهه چوڻ جي هڪ هاڪاري جواب هو. هن جي پراسراريت، گهٽ ڳالهائو مزاج، ريگل هوٽل جي ايجنٽ جي لٻاڙ کان وڌ موثر ثابت ٿي.
    ۽ آئون کوهه ۾ ڪري پيس.
    آرام هوٽل کوهه ئي ته هو. ليڪن هڪ انڌو کوهه، چون ٿا ته پهرين هي هڪ سڄو کوهه هو. پر غدر جي زماني ۾ جڏهن ڪافي سڌيون شيون اُلٽيون ڪيون ويون هيون ته هي به ابتو ٿي آرام هوٽل بڻجي ويو هو. هي اسٽيشن سان لڳو لڳ هڪ سوڙهي گهٽيءَ منجهه هو. سوڙهي ڏاڪڻ، پنج ماڙ مٿي چڙهي وڃو. ڏاڪڻ کٽڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. هر هڪ ماڙ تي چئني پاسن ڪمرا، دروازن تي پردا لڳل هئا ۽ چئني طرف گهري سانت ڇانيل هئي. پنجين ماڙ تي پهچي ڇڊي ڏاڙهيءَ واري هڪ ڪمري جو دروازو کوليو. بجلي چالو ٿي ته مون ڏٺو ڪمرو ڪشادو هو جنهن جا دروازا ٻاهر گهٽيءَ منجهه کليا ٿي ۽ اندر لائونج طرف به ڪمري ۾ ٻه وزني ۽ پراڻا پلنگ وڇايل هئا. هڪ ميز هئي جنهن جون ماڻهن جهڙيون ٽنگون هيون. ٻه ڪرسيون هيون، جن جون چيلهيون بي رحم زماني ڀڃي ڇڏيون هيون. هڪ آرسي ڀت تي لڳل هئي جيڪا به هڪ ڪنڊ کان ڀڳل هئي. مون کي ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ آرسي به هڪ اک کان ڪاڻي هئي ۽ مون کي مرڪي چئي رهي هئي. “هي آرام هوٽل آهي، والله! ڏاڍي مزي واري جڳهه آهي.” مون پٺتي مُڙي ڏٺو ته ڪاڻو ايجنٽ ڪڏهوڪو وڃي چڪو هو. سانت، گهرو سناٽو، ۽ اهو ڪاڻو ايجنٽ ڪيڏانهن گم ٿي ويو. هي ڪهڙي جڳهه آهي؟ منهنجي بت ۾ ڄڻ ڪا تيز لهر ڊوڙي وئي. مون وڏي واڪي چيو “ڪير آهي؟” ۽ منهنجو سڏ ڪي پل پنج ماڙ جڳهه ۾ پڙاڏو بڻجي ويو. مٽيالي پردار هوا ۾ لڏي رهيا هئا ۽ پوءِ وري سانت ٿي وئي “ڪير آهي؟” مون وري سڏيو.
    “فرمايو! ڇا حڪم آهي؟”
    مون کان اصل ڇرڪ نڪري ويو. اُمالڪ ڪٿان کان سانت سلهاڙيل قدمن سان هڪ عورت اچي دروازي تي بيٺي. ٿلها چپ ۽ اکين جون وڏيون ماڻڪيون اڌڙوٽ عمر پر ٺاهه ٺوهه جي شوقين، مون ڊنل نگاهن سان هن کي ڏٺو ۽ ڪجهه پٺتي ٿي ويس.
    “توهان ڪير آهيو؟” مون پڇيو.
    آئون هن هوٽل جي مئنيجر آهيان. هن پان چٻاڙيندي جواب ڏنو.
    “ته... ته...” مون گهٻرائيندي چيو، “ڇا هتي ڪو ماڻهو ناهي ۽ هو... هو... هو صاحب ڪٿي آهي، جيڪو مون کي هتي وٺي آيو هو.”
    هن مون کي آٿت ڏيندي چيو ، “توهان پريشان نه ٿيو. آئون هاڻي ئي نوڪرياڻيءَ کي توهان ڏانهن موڪليان ٿي. هو صاحب اسٽيشن تي ڪنهن ٻئي گراهڪ کي وٺڻ لاءِ ويو آهي. هن ڪمري جو ڪرايو ڏيڍ رپيو روز جو آهي ۽ پکي جا چار آنا الڳ سان آهن. آئون هاڻي نوڪر جي هٿان رسيد موڪليان ٿي ۽ هڪ فارم به، توهان اُن تي پنهنجو نالو ۽ ڏس پتو وغيره لکي واپس ڪجو.”
    اهو چئي هن پنهنجيون وڏيون ماڻڪيون مٿي کڻي مون کي مٿي کان پيرن تائين ڏٺو، جيئن مڪڙي ڄار ۾ ڦاٿل شڪار کي ڏسندي آهي. پوءِ هن پنهنجي ساڙهي جو پلئه سنڀاليو ۽ ڪلها لوڏيندي ڏاڪڻن ۾ گم ٿي ويئي.
    آئون جڏهن ٽاءِ لاهڻ لاءِ شيشي آڏو آيس ته شيشي پنهنجي ڪاڻي اک ڇنڀندي چيو، اُن عورت کان بچي رهجان ڏاڍي خونخوار لڳي ٿي.
    ڏاڪڻ تان ييرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪو مٿي اچي رهيو هو.پڪ ڪو نوڪر چاڪر ئي هوندو. نوڪر جهٽ سڃاڻپ ۾ اچي وڃن ٿا.
    ٿانءَ ملڻ واري ڦلهيار هر وقت انهن جي هٿن تي لڳل هوندي آهي. ڪپڙا ڀل صاف هجن ته به ٻوڙ جي بوءِ هر وقت اُنهن ۾ رچيل هوندي آهي. مٿي جا وار وڏا ۽ اُلجهيل هوندا آهن. هي نوڪر هميشه ڪنهن ٻئي شهر کان ايندا آهن. يعني جيڪڏهن دهلي ۾ هوندا ته سهارنپور کان ايندا، الموڙي کان ايندا، لاهور کان ايندا. پر دهلي وارا دهلي ۾ نڪ ڪو نه ڪٽرائيندا. جيڪڏهن توهان لاهور ۾ رهو ٿا ته نوڪر دهلي جو هوندو، ڪلڪتي جو هوندو، ڪابل جو هوندو يا ٻئي ڪٿي جو هوندو پر لاهور جو نه هوندو. ڀلا پنهنجي گهر ويٺي ڪير پنهنجو نڪ ڪٽرائيندو. اها ڳالهه آهي به سچ، صدين جي غلامي ۾ وطن عزيز سڀ ڪجهه وڃايو آهي پر نڪ ناهي وڃايو. اُهو جيئن جو تيئن سلامت آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو.
    جيڪو نوڪر مون وٽ آيو اُهو الموڙي جو هو. ويڪرو منهن منگوليائي مهانڊا، مُنهن هر وقت کِلندڙ ڏيکائي ڏيندڙ پر اڳيان وارا ٽي ڏند گم هئس. ان ڪري آئون اُن جي کلڻ ۽ روئڻ ۾ فرق محسوس ڪري نٿي سگهيس. هونءَ به غريب ماڻهو جي رئڻ ۽ کلڻ جون حدون بلڪل هڪ ٻئي جي ويجهو هونديون آهن. هن اچڻ سان ئي سلام ڪيو. جنهن سان منهنجي ڪنڌ ۾ غير شعوري طور هڪ قسم جي هلچل پيدا ٿي ويئي. ڇو ته آئون وچولي طبقي جي سڀ کان هيٺئين درجي سان تعلق رکان ٿو. مون کي آقا بڻجڻ جو هروڀرو به رهندو شوق آهي ۽ اهو شوق گهڻو تڻو پورو به ٿي ويندو آهي. جڏهن ڪو نوڪر يا پيشور شخص مون کي جهڪي سلام ڪندو آهي ته مون کي پنهنجي آقا هئڻ جو پورو ويساهه ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري مون نوڪر کي چيو.
    “الماڙيءَ مان بسترو ڪڍي پلنگ تي وڇاءِ.”
    هن ايئن ئي ڪيو.
    “هي ڪوٽ ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگ.”
    “ٽوال کڻي ڏي.”
    “بوٽ پالش ڪر”
    “شيشي کي ٻئي تي ٽنگ.”
    “گلاس ۾ پاڻي ڀر”
    جڏهن ڏاڙهي ٺاهي واندو ٿيس ته صابڻ ۽ تيل جي شيشي کڻي غسل خاني ڏانهن وڌيس. تيل جي شيشي منهنجي هٿ مان ڇڏائجي فرش تي ڪري ڀڄي پئي ۽ تيل فرش تي وهڻ لڳو، نوڪر ڦڙٽيءَ سان تيل کي ميڙيو. ايئن ڪندي شيشي جو هڪ ٽڪرو هن جي آڱر ۾ چڀي ويو ۽ آڱر مان رت وهڻ لڳو.
    مون دل ۾ چيو. “ڄٽ، موڳو مٽر! تيل ۾ رت ملائي منهنجو خوشبودار تيل ئي خراب ڪري ڇڏيائين.”
    مون هن کان پڇيو، “تو وٽ ڪا ٻي خالي شيشي آهي؟.”
    نوڪر پنهنجي تيل جي شيشي خالي ڪري آيو ۽ تيل شيشيءَ ۾ لاهي شيشي منهنجي هٿ ۾ ڏني. هاڻي هن جي آڱر تي پٽي ٻڌل هئي، ڪنهن ڦاٽل رومال جو گندو ٽڪرو.
    ٻنپهرن جو منهنجي دروازي تي ڪنهن هلڪي ٺڪ ٺڪ ڪئي. آئون ڪجهه خط پٽ لکي سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هوس، ته اها عورت آئي. سنهڙي ملائم ساڙهي جي ڪناري تي دلفريب طائوسي ڀرت ڀريل. ٻانهن ۾ سائي رنگ جون چوڙيون. مسڪرائي چوڻ لڳي “توهان وٽ ماچيس هوندو؟”
    آءٌ گهڙي پل لاءِ پنڊپهڻ ٿي ويس.
    هن جي اکين ۾ ڪجل هو. ۽ هوءَ مونکي جلندي محسوس ٿي، ڄڻ هن جي اکين کي رات ڀر ننڍ نه ملي هجي، ڄڻ ماڻهن هن جو سڄو رس چوسي ورتو هجي.
    هوءَ منهنجي ويجهو آئي. سايون چوڙيون ڇم ڇم ڇمڪڻ لڳيون. آهستي چيائين، “اندر اچان!؟”
    “آئون سگريٽ ڪو نه پيئندو آهيان.” ۽ مون دروازو بند ڪري ڇڏيو.
    جڏهن آئون جاڳ ٿيس ته شام ٿي چڪي هئي. چئوڦير هنگامو مچيل هو. ڪمرن ۾ لڳل ميٽوڙي پردا هوا ۾ لڏيا پئي. شرابي ڳائي رهيا هئا. ڪٿي هارمونيم وڄي رهيو هو. هڪ ڪمري مان هڪ ڪاليج جو ڇوڪرو رومال سان چهري جو پگهر اُگهندي ٻاهر نڪتو. پردي جي پويان کان هڪ زنانو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. “وري ڪڏهن ايندين؟” ڪاليج جي ڇوڪري ڪو به جواب نه ڏنو. نوڪر چانهه کڻي آيو. آئون چانهه پيئڻ ويٺس ته هيٺين ماڙ مان زوردار رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪنهن مرد جو آواز هو ۽ هو ڪنهن عورت کان پناهه گهري رهيو هو. جيڪا هن کي لڳاتار موچڙا هڻي رهي هئي. مون پريشاني وچان نوڪر کان پڇيو، “هي سڀ ڇا آهي؟” هن چيو، “حضور! اُها ساين چوڙين واري ساڳي عورت آهي جيڪا ٻنپهرن جو حضور کان ماچيس وٺڻ آئي هئي.” نوڪر جي وات مان ٽي ڏند غائب هئا ۽ هاڻي هو واقعي کلي رهيو هو. منهنجو منهن تپي ڳاڙهو ٿي ويو. مون چيو “پر آئون سگريٽ ڪو نه پيئندو آهيان ۽ هاڻي هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” نوڪر جواب ڏنو، “حضور! هاڻي ڳالهه اها آهي ته اها عورت شراب جي نشي ۾ چور ٿي پنهنجي مڙس کي ڪٽي رهي آهي. جيڪو هنجو مڙس به آهي ۽ دلال به.”
    “هان اُهو ڪاڻو ڇڊي ڏاڙهي وارو؟ ولله آرام هي هوٽل ته ڏاڍي مزي جي جڳهه آهي.”
    مون نوڪر کي چيو ،”چڱوآئون جيسين چانهه پيان تيسين تون منهنجو سامان ٻڌي وٺ.”
    “وڃڻ چاهيو ٿا توهان هتان وڃڻ چاهيو ٿا؟” نوڪر حيران ٿيندي پڇيو “اوهان کي هتي ڪهڙي تڪليف آهي؟”
    جڏهن آئون بل چڪائڻ لاءِ ويس ته، هوٽل جي مئنيجر به پڇيو، “اوهان ڇو وڃي رهيا آهيو؟ ڇا اوهان کي هيءَ جڳهه پسند نه آئي؟” ۽ ايئن چوندي هوءَ پنهنجي ڦاٽل اکين سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    “جي ها، آئون وڃي رهيو آهيان مون کي ننڊ جي ضرورت آهي. آئون ٿڪل آهيان. اوهان جي هوٽل ۾ مون کي، ڪو ئي سمهڻ ئي نٿو ڏي.”
    هن کلي ڏنو، “توهان به عجيب ماڻهو آهيو صاحب! ڇا هوٽل ۾ ماڻهو سمهڻ لاءِ ايندا آهن؟”
    آئون هڪ مائٽ جي قرول باغ ڏانهن هليو ويس. هن جو باغ پڇاڙ ۾ هو. اُن کان پري کليل پٽن ۾ چمارن جون جهوپڙيون هيون. ماڻهو انڪري ان جڳهه کي چمري ڪري ڪوٺيندا هئا. دهلي ۾ ٻه چمريون ٻيون به آهن. پر اُتي چمار ڪو نه ٿا رهن اتي ته دفترن جا بابو ۽ ڪلارڪ هوندا آهن. ڄڻ روح هڪ پر دليون جدا جدا آهن.
    هي گهر تمام وڏو هو. هن جا ٽي حصا هئا. هڪ حصي ۾ مالڪ رهندو هو. هڪ حصو خالي هو ۽ هڪ حصي ۾ مسواڙي رهندو هو. پاڻي جا ٽي نلڪا هئا ۽ سڄو ڏينهن هتان پاڻي ڀرينديون هيون. ننڍيون ڇوڪريون، نوجوان نهرون ۽ پوڙهيون مائرون، مون ڏٺو آهي ته چمارن ۾ ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق آهي ۽ واندڪائيءَ ۾ هي جوتا به ٺاهيندا آهن. نه ته اهي زندگيءَ جو وڏو عرصو قرض ڏيندڙن جي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ، گانا ڳائڻ، وڙهڻ پرچڻ ۽ پنهنجين ڇوڪرين جي وڪري ۽ ڏي وٺ ۾ کپايو ڇڏين. هي هندو به آهن ته مسلمان به ۽ ڏوڪڙ ملين ته عيسائي به بڻجي ويندا آهن. آخر نالي ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ پر هي سدائين هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا آهن ۽ جي وڌيڪ جڳهه نه ملي ته هڪ ئي جهوپڙي ۾ پنجاهه سٺ ماڻهو گذارو ڪري وٺندا آهن. اهڙيون بليڪ هول جهڙيون وستيون مون هر شهر ۾ ڏٺيون آهن. جيتوڻيڪ ڪلڪتي مان بليڪ هول وستيون کنيون ويون آهن پر ان اپاءَ سان به هندستان جي چمارن کي ڪو خاص فائدو ڪونهي پهتو.
    باغ ۾ مون کي هڪ چماري ڏاڍو وڻي وئي، پر. ان معاملي ۾ منهنجو مزاج بلڪل پرو لتاري قسم جو آهي. هن جو نالو هو اجيا. اجيا جو اجرو رنگ، موچارا مهانڊا ۽ ڳنڀير چهرو، منهنجي دل ۾ لهي ويو هو ۽ جڏهن هوءَ پاڻي جي نل تي جهڪي پاڻي ڀريندي هئي، ته هن جو بت ڪمان وانگر ڇڪجي سڊول ٿي ويندو هو ۽ مونکي وڻن ۾ ڇير وڄندي محسوس ٿيندي هئي. آئون صبح جو ان بابت وڏي دير تائين سوچيندو رهيس. ٻنپهرن جو جڏهن اسين ماني کائڻ ويٺا هئاسين ته منهنجي هڪ مائٽ اها ڳالهه ڪري منهنجو سارو عشق چوپٽ ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته اجيا هڪ چمار دڪاندار جي زال آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ پنجابيءَ جي رکيل پڻ آهي، جيڪو ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ ساڍا چار سئو رپيا پگهار کڻي ٿو. مون اِهو ٻڌي اطمينان جو ساهه کنيو ۽ سوچيو ته شڪر آهي هڪ ٻئي عشق کان بچي ويس. هڪ نوجوان جي زندگيءَ ۾ جي سندس دماغ صحيح ۽ دل پنهنجي جاءِ تي آهي ته ڪيئن نه هن قسم جا ناڪام ۽ وقتي عشق اچن ٿا ۽ ٻي ئي لمحي ۾ ختم ٿي وڃن ٿا. پر جي ان نوجوان جو دماغ صحيح ناهي ۽ دل جذبا اُن جي هٿ وس ناهن ته هو ڇا ڇا نٿو ڪري ويهي. جهڙوڪ هو عورت سان پيٽ ڀري عشق ڪري ٿو ويهي ۽ پوءِ اُن سان شادي به ڪري وٺي ٿو، پوءِ ان مان ٻار پيدا ڪري وٺي ٿو. ۽ پوءِ هو اهي راڳ ڳائيندي مري کپي ٿو وڃي ته، “هاءِ ڙي زندگي هاءِ!”
    اُن ڏينهن باغ ۾ جهڳڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. ڳالهه اها آهي ته اجيا جي مڙس جي ڄميل رڳ جو حرڪت ۾ آئي ته هن اجيا کي ڏاڍي مار ڪڍي. اجيا گهر دير سان آئي هئي. اجيا چيو اُن ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي. هوءَ پنهنجي مالڪ وٽان اچي رهي آهي جيڪو هن کي اڃان نه ڇڏي رهيو هو. ۽ اها خبر ته هر ڪنهن کي هئي ته اجيا جا ٻه حقدار هئا. هڪ هن جو مڙس ۽ ٻيو هن جو مالڪ. مڙس سان ته رڳو هن جي شادي ٿي هئي ۽ مالڪ هن کي خرچ پکو ڏيندو هو. هن جي لاءِ ساڙهيون، وڏي کڙي وارا بوٽ، چاندي جي ڇير، ريشمي چولي ۽ گگريون آڻي ڏيندو هو. هن جو مڙس هڪ غريب دڪاندار هو جيڪو اٽو، لوڻ، تيل وڪڻندو هو ۽ آفيم کائيندو هو جڏهن ته مالڪ ساڍا چار سئو رپيا پگهار کڻندو هو. مالڪن جو حق هميشه مڙسن تي حاوي هوندو آهي. انساني سماج جو هي هڪ سنئون سڌو اصول آهي. جڏهن اجيا کي لٺ سان ماريو پي ويو ته هن جي مالڪ کي خبر پئجي ويئي ۽ فرقي واراڻو سوال پيدا ٿي ويو. ڇو ته وطن عزيز ۾ صرف هندو ۽ مسلمانن جا ئي فرقا ناهن پر ٻيا به گهڻا فرقا آهن. جن ۾ اڪثر لڙائي ٿيندي رهندي آهي. مثلن پنجابي، پوربي، بنگالي، بهاري، براري وغيره. اڪثر انهن لڙاين ۾ ماڻهو قتل نٿا ڪيا وڃن. ليڪن جذبات جو خون بي بها وهايو ويندو آهي ۽ بغض ۽ نفرت جي باهه نسل در نسل دکندي رهندي آهي. جهڳڙو شروع ٿيندي ئي هڪ ننڍو ٻارڙو سهڪندو سهڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو. “بابا! چمارن سان جهڳڙو ٿيڻ وارو آهي. توهان اُتي پهچو. منهنجي مائٽ هڪ ڀلو ڏنڊو کنيو ۽ ڊوڙندو گهر کان ٻاهر نڪتو آئون به هن جي پويان پويان ويس. اجيا جي مڙس جي دڪان تي ڪافي پنجابي ۽ پوربي بيٺل هئا. پنجابين دڪان تي حملو ڪري ڏنو ۽ چمار کي گهليندا ٻاهر آيا. چماريون ڇاتين تي هٿ هڻي پٽڻ لڳيون. خير ماڻهن جهڳڙو ٽاري ڇڏيو. غريب چمارن معافي گهري ورتي. مون هڪ نوجوان پنجابي ڪلارڪ کان پڇيو “ادڙا! جهڳڙو ڪهڙي ڳالهه تي ٿيو آهي؟” ان ٻڌايو، “جناب! هن چمار اسان جي پنجابي بابو کي گار ڏني آهي جيڪو دفتر ۾ سپرنٽنڊنٽ آهي ۽ ساڍا چار سئو رپيا پگهار کڻي ٿو. هاڻي ڏسو زماني کي ڇا ٿي ويو آهي. هي چمار به اسان جي سامهون ٿيڻ لڳا آهن. اسين ماري ماري انهن جو ميڄالو ڪڍي ڇڏينداسين. جي اسان چمارن کان به ڊڄي وياسين ته پوءِ بس ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.”
    مون چيو،”ڇڏيو ان ڳالهه کي توهان به ته ڏاڍائي ڪريون ٿا؟” هن چيو، “نه صاحب، هي عزت جو معاملو آهي. توهان کي، ڪهڙي هتان جي ڄاڻ هي ماڻهو وڏا ڪميڻا آهن.” معاملو ان حد تائين وڌي ويو جو پوليس کي رپورٽ ڪئي وئي. چمارن معافي حاضري ڀريندي، پر پنجابي بابوءَ جي ڪاوڙ اڃان نه لٿي هئي. ٿاڻي ۾ ٻئي ڌريون ڪيئي ڏينهن حاضري ڀرينديون رهيون. اجيا به سڏائي ويئي. آخرڪار راضي نامو ٿيو. محلي جي پوربي حڪيم صاحب جڏهن هي ماجرا ٻڌي ته هن کي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي. خارن مان چيائين “انهن لفنگن پنجابڙن اسان جي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي آهي. تڏهن ته آزادي حاصل نٿي ٿئي.” هوڏانهن پنجابي پوربين کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا، “انهن اسان کي سمجهيو ڇا آهي؟ اسين انهن جي ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏينداسين.” مون پنهنجي مائٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، “ڀلا ان ۾ پنجابي ۽ پوربي جو معاملو ڪٿان آيو؟ هي جهڳڙو ته هڪ عورت تان ٿيو هو ۽ جيستائين عورتون دنيا ۾ هونديون هي جهڳڙا ته ٿيندا رهندا. ٻه سال اڳ مون کي چڪور پالڻ جو شوق ٿيو. مون جنگل مان ٽي چڪور جهلايا. ٻه نر هئا ۽ هڪ مادي. هاڻي مون کي چڪورن کي لڙائي سيکارڻ جو شوق جاڳيو. مون ٻنهي چڪورن کي پنهنجن پنڃرن مان ڪڍي هڪ ننڍ ڪمري ۾ بند ڪري وڙهڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. پر هو هزار ڪوششن جي باوجود به ويڙهه تي نه لٿا ۽ هڪ ٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڀائرن وانگر بيٺا رهيا. هاڻي آئون تترن کي آمهون سامهون آڻي اُنهن کي ويڙهايان ٿو. ليڪن چڪور آهن، ڳڙ جيان مٺا عدم تشدد جا حامي بلڪل پر امن. اوچتو منهنجي دل ۾ هڪ خيال آيو ۽ مون چڪورڻي کي پڃري مان ڪڍي اُنهن جي سامهون آندو. هاڻي جو چڪورن پنهنجون چهنبون سڌيون ڪري ايتري لڙائي ڪئي جو ٻئي رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا. چڪورڻي خاموشي سان هڪ پاسي بيٺي تماشو ڏسندي رهي.”
    ثابت ٿيو ته عورت فساد جي جڙ آهي.
    منهنجي مائٽ چيو “تون چريو آهين.” ۽ هن جي زال چيو: “ياد رک اڄ توکي ماني ڪو نه ملندي.”
    ڪڻ ڪڻ پئجي رهي هئي. سانوڻ جي ڦوهار. چمارين جڳهه جڳهه تي رسيون ٻڌي جهولا ٺاهيا هئا ۽ سانوڻيءَ جا گيت ڳائي رهيون هيون. چمارن صاف سٿرا ڪپڙا پاتا هئا ۽ ڪجل اکين ۾ لائي بازارن ۾ چڪر هڻي رهيا هئا. ننڍڙا ننڍڙا ٻالڪ انبڙين ۽ ڄمن مان مزو وٺي رهيا هئا. ڌنيا چماري جون ٻئي نُهرون پنهنجي سس سان ضد ڪري رهيون هيون ته اُها هنن کي هڪ پئسي جا جمون ۽ آڌئي جا انب خريد ڪري ڏي. اُهي ڄمون ۽ انب کڻي خوشي خوشي پنهنجي ننڍڙن مڙسن جون آڱريون پڪڙي جهولا جهولڻ لاءِ نڪري ويون ۽ ڌنيا چماري اُنهن کي ڏسي خوشي ۾ نه پئي ماپي. مون سوچيو جيڪڏهن اسان جي به اهڙي طرح ننڍي هوندي شادي ٿي وڃي ها ته ڪيترو نه سٺو ٿئي ها، اهڙي طرح انب جي ککڙي چوسي ۽ زال جي آڱر سان آڱر ملائي ڊوڙندا ڦرون ها ۽ وڻن مان ڄمون پٽي کائون ها. “منهنجو ننڍڙو ننڍڙو ساجن اڱڻ ۾ راند ڪري.” پورب ۾ سانوڻ جي بهار ڏسي اڄ محسوس ٿيو ته ننڍپڻ جي شادي ڪيڏي نه سٺي آهي، ڪيڏي نه خوشين ڀري زندگي گذري ٿي ۽ ٻي پاسي فرنگي آهن جيڪي سٺ سالن ۾ پوڙها کڳ ٿي شادي رچائن ٿا. اصل ۾ اهو منڌ جو ڦيرو آهي. اُنهن وٽ نه سانوڻ جو مينهن ٿئي ۽ نه انب ۽ ڄمون. هر وقت هڪ ميرانجهڙي ڌنڌ ڇانيل رهي ٿي. اهو سوچي رهيو هوس ته مائٽ چيو “اڄ مند ملهار ٿي پئي آهي. اچ ته قطب مينار هلون. انب ۽ ڄمون گڏ کڻي هلنداسين.”
    مون چيو “۽ گهرواري؟” چوڻ لڳو. “آهستي ڳالهاءِ.”
    قطب صاحب جي ڇٻر تي وڏي رونق لڳي پئي هئي. قطب کان پهرين حوض خاص اچي ٿو. هي پراڻا کنڊر آهن. حوض خاص ۾ پراڻا مقبرا آهن. هونءَ به سڄي دهلي قبرن سان ئي ڀري پئي آهي. جيتري دنيا دهلي جي ڌرتيءَ ۾ هيٺ پوريل آهي اوتري دهلي جي ڌرتيءَ مٿان آباد ناهي. حوض خاص ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏو تلاءُ هوندو هو. هاڻي هڪ ويران کنڊر آهي. ڀڳل ڀريل، هِت هُت ماڻهو ويٺل هئا. ڪئين ماڻهو پاڻ سان کائڻ پيئڻ جو سامان کڻي آيا هئا ۽ گڏوگڏ پاندان ۽ زالون يا سنگتياڻيون، ڪٿان سارنگيءَ جا سُر پئي ٻُريا ته ڪٿان ٽهڪ. حوض جو وڏو حصو سڪل هو ۽ اُن ۾ ماڻهو فٽبال کيڏي رهيا هئا. پراسرار ۽ منجهيل ۽ سوڙهين ڏاڪڻين تان ٿيندا اسان گنبذ جي ڇتن تي وڃڻ لڳاسين. ڇت منجهان ڪٿان ڪٿان پاڻي ڳڙي رهيو هو. سامهون ٻه عورتون اچي رهيون هيون. پاسو وٺي مٽڻ جي جاءِ ئي نه هئي يا ته اسان کي پٺتي موٽڻو پوي ها يا اُنهن کي اسان گهڻو ئي سوچيو ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي. آخر اُها ٻڪرين واري آکاڻي ياد آئي. اسين ٻئي فرش تي ليٽي پياسين ۽ اُهي اسان مٿان ٽپي ويون. اڳيان وياسين ته سوڙهي ڏاڪڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ عورتن جا ٽهڪن پئي ٻُريا. ڏٺوسين ته ٻه جوان جماڻ ڇوڪريون هيون ۽ ڇوڪرا اُنهن جو رستو روڪي بيٺا هئا. ڪيڏو نه دل لڀائيندڙ نظارو هو. اسان کي لڳو ته، هتي به ساڳيو ٻڪرين وارو قصو ورجايو ويندو. پر ٿيو ان جي ابتڙ اُهي ڇوڪريون مڙي مٿي هليون ويون ۽ نوجوان ڇوڪرا انهن جي پويان ۽ اسين انهن جي پويان هلڻ لڳاسين . گنبذ جي ڇت تي چڙهي اسان هيٺ حوض جي سڪل پٽ تي فٽ بال کيڏڻ وارن جو تماشو ڏسڻ لڳاسين ۽ اهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪنهن ٻئي گنبذ جي سوڙهي ڏاڪڻ جي ڳولا ۾ لڳي ويا.
    قطب صاحب جي لاٽ به هڪ دلچسپ جڳهه آهي. ان کي قطب الدين ايبڪ ٺهرايو هو. مرهيات بادشاهه جو ارادو ته اهو هو ته، هتي چئن قبن واري عاليشان مسجد بڻائي وڃي. اڄ ڪلهه ماڻهو ان جڳهه کي پڪنڪ جي لاءِ ڪتب آڻين ٿا. اسان وٽ اڃان به، مردن ۽ عورتن جو هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وجهي هلڻ عيب سمجهيو ويندو آهي. پر قطب جي ڏاڪڻين تي اهڙا ڏيک هر ڏهاڙي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ماڻهو آڌي رات تائين قطب ٻاهران باغ ۾ گهمندا رهندا آهن ۽ پنهنجين ...... محبوبائن سان گڏجي پراڻن اڏاوتي ڪاريگرن جي حيرت انگيز اڏاوتن جي مشاهدو ڪندا آهن. ڪيڏو نه اوچو مينار آهي. ڪيڏي نه ٺاهوڪي جڙاوت ڪهڙا ڪهڙا نه ڪتبا. اهو ڏسندي ڏسندي صبح ٿي ويندو آهي. ها اهو مڃڻو پوندو ته، دهلي وارن کي پنهنجن بزرگن سان خاصو لڳاءُ آهي. اُهڙو لڳاءُ جهڙو لاهورين کي پنهنجين گندين گهٽين سان آهي. جڏهن شام ٿيندي آهي ته، لاهور جون گنديون گهٽيون ۽ بازارون سينگارجي چمڪڻ لڳنديون آهن. پر دهلي..... ڪنات پيلس جا دڪان ساڍي اٺين وڳي ئي بند ٿي وڃن ٿا. چاندني چوڪ ۾ نائين وڳي کان پوءِ ڪتا ۽ چوڪيدار ڀونڪڻ لڳندا آهن. راهون سنسان ٿي وينديون آهن ۽ شهر ۾ سانت سلهاڙجي ويندي آهي. مون رستي تي هلندي هلندي سوچيو: ماڻهو ڀلا ڪيڏانهن هليا ٿا وڃن؟ يا خدا! انهن ماڻهن کي پنهنجي گهر جي پراڻين سِرن سان ايڏو عشق ڇو آهي؟.
    اڄ خبر پئي ته، جڏهن دهليءَ جون گهٽيون ۽ بازارون ويران ٿي وڃن ٿيون تڏهن دهليءَ جا مقبرا آباد ٿيڻ شروع ٿين ٿا. دهلي جي مقبرن ۾ رات جو ئي رونق هوندي آهي جيڪا لاهور جي انارڪلي بازار ۾ يا ڪلڪتي جي نيو مارڪيٽ ۾. رات جو اوهان ڪيڏانهن وڃو توهان کي دهلي جون بازارون گهٽيون، راهون سنسان ۽ اُداس نظر اينديون، ۽ کنڊرن ۾ خوبصورت محفلون مچيل ملنديون. همايون جي مقبري ۾ ماڻهو داد ڏئي واهه واهه ڪندي نظر ايندا. هُن ڪنڊ ۾ .... ڪاليج جون ڇوڪريون، هتي نواب جمن شاهه جيڪو تيموري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. مس عذرا جان جو گانو ٻڌي رهيو آهي. قرول باغ جو هڪ چمار جيڪو ٻئي چمار جي زال کي ڦاسائي وٺي آيو آهي. ڇڙواڳ ڇوڪرا ڳڙڪائي ويندڙ نهارن سان هيڏانهن هوڏانهن واجهه وجهي رهيا آهن. همايون جو مقبرو سانت ۾ ٻڏل آهي. ڪيترا ته پاڻ سان پاندان گلدان، غاليچا، ريشمي بسترا، حقا، گيس ليمپ تائين گڏ کڻي آيا آهن. هڪ ڪنڊ ۾ ڪاليج جي ڇوڪري پنهنجي ساٿي کي چئي رهي آهي “شٽ اپ يو سوائن” ڇوڪري مُرڪي ان جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهي اُن کي چمڻ شروع ڪري ڏنو. انهن ئي ڏڪاڻن تان همايون ڪريو هو. انهن ئي راهن تي هن پنهنجي وڃايل بادشاهت حاصل ڪئي هئي. “شٽ اپ يوسوائن” هاڻي جمن شاهه پنهنجي محبوبه کي چئي رهيو هو. “مون کي سينيما ۽ ٿيٽر بنهه آئڙي ئي نه. اسين اُن جي لٻاڙ بازي پسند نٿا ڪريون.”
    “جي! اوهان صحيح فرمايو.”
    هندستان جا ماڻهو عالمگير روحانيت جا مالڪ آهن. هو مذهب تي ساهه گهوريندا ۽ ڪڍندا آهن. هو ٻين جي ڀيٽ ۾ شريف آهن هو سينيما، ٿيٽر، ناچ گهر ۽ ان قسم جي بڪواس پسند نٿا ڪن. هو رڳو پنهنجن بزرگن جي پوڄا ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ سڄي سڄي رات انهن عبادت گاهن ۾ ويهي رياضت ڪن ٿا. قطب الدين جو ارادو هو ته هو ان قسم جا چار مينار ٻيا جوڙائي.
    چار ٻيون عيش گاهون، هي اشوڪ جي قطبي تي ڇا لکيل آهي؟.
    زندگي ۾ سچائي کان ڪم وٺو. شٽ اپ يو سوائن!
    رات جو دير سان چاندني چوڪ ۾ جلسو ٿي رهيو هو. مقرر رڙيو ڪري چئي رهيو هو. “اسين هڪ آهيون. هندو مسلمان سڀ ڀائرآهن. اسان ۾ ڪو به اير غير ناهي. پنجاب کان وٺي راج ڪماري تائين اسان هڪ ملڪ جا ماڻهو آهيون. هڪ قوم، هڪ زبان، اسين هندستاني آهيون...”
    مون سوچيو هندستان هڪ رنڊي آهي ۽ اسين سڀ اُن جا دلال اسان مان هر ڪنهن ا ُن کي ڪنهن نه ڪنهن هٿان وڪيو آهي. آرين جي هٿان، يونانين جي هٿان، عربن جي هٿان، ترڪن جي هٿان، فرنگين جي هٿان ۽ هاڻي اڌ هندستاني اُن کي مغرب جي هٿان وڪڻڻ چاهين ٿا ۽ اڌ جاپانين جي هٿان.... ڪوڙا، مڪار، دوکيباز.
    ان کان ته ڀلو اهو آهي ته وڄايو دهل، جهانجهر ۽ دڦلي ۽ هلو همايون جي مقبري ڏانهن.
    ***


    اُگهاڙپ جو فلسفو

    ٽيون ڏينهن واندن جي ڪلب ۾، فٽ فاٽ جنٽلمين سان ٽڪر ٿي ويو. هو اُگهاڙپ جو حامي لڳو ٿي. هن کي ٻين اگهاڙپ جي حامين جيان، هڪ عمدي قسم جو فل سوٽ پاتل هو ۽ هڪ اعليٰ قسم جو سگار پي رهيو هو.
    اُگهاڙپ جي اصولن جي تشريح ڪندي چوڻ لڳو، “سونهن ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪ اُها جيڪا خدا پيدا ڪري ٿو، ۽ ٻي اُها جيڪا درزي عطا ڪري ٿو. ماڻهو جي ناشڪري ڏسو، جو خدا طرفان مليل حسن کي ڇڏي، درزيءَ طرفان مليل مصنوعي حسن جي پويان لڳو پيو آهي.”
    جنٽلمين ڪافي دير تائين اگهاڙپ تي ڳالهائيندو رهيو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان، اگهاڙپ پسندن جي باري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هوس ۽ ان دلچسپ تحريڪ بابت ڄاڻ حاصل ڪري رهيو هوس. پر هن ملاقات رهيل سهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ۽ منهنجو اگهاڙپ جي سچائيءَ ۾ اعتقاد وڌيڪ پختو ٿي ويو. “اُگهاڙپ کي جسماني نه پر روحاني انقلاب سمجهڻ گهرجي. ڇو ته جسم هڪ فاني شئي آهي. اصل چيز ته روح آهي ۽ اُهو به هندستاني روح.”
    پر منهنجا مائٽ ۽ دوست، جيڪي سوچن ۾ اڃان قرون، وسطيٰ جي دور مان ناهن نڪتا ۽ منهنجي هن نئين عقيدي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. “ها سائين!ڀلا اوهان کي اگهاڙي رهڻ ۾ ڪهڙو فائدو نظر اچي ٿو؟” اهو سوال ڪرڻ وقت، هو اِهو پڇن ئي ڪونه ٿا ته مونکي ڪپڙا ڇو پاتل آهن؟ ۽ جيڪڏهن مان ڪپڙا پايان ٿو ته ٻين کي ڪپڙا لاهي ڦٽا ڪرڻ جي هدايت ڇو ٿو ڪريان؟ ڇا انهي ۾ منهنجي شرير مزاج جو ڪو دخل آهي؟
    پر بحث جي شوق منهنجي مائٽن ۽ دوستن کي اهڙو ته انڌو ڪيو هوندو آهي، جو هو منهنجي جسم تي ڪپڙا به ڏسي نه سگهندا آهن ۽ هڪدم سوال ڪري ڏيندا آهن.
    “ها سائين! ڀلا اوهانکي اُگهاڙي رهڻ ۾ ڪهڙو فائدو نظر اچي ٿو؟” ۽ آءٌ پنهنجي ڪاري شيرواني______ مون وٽ اِها هڪ ئي آهي ۽ اڪثر ٻن موقعن تي استعمال ڪندو آهيان.
    1. مشاعري ۾ شعر پڙهڻ وقت.
    2. سئنيما ۾ مفت فلم ڏسڻ وقت.
    آءٌ پنهنجي ڪاري شيرواني جا بٽڻ بند ڪري نهايت اطمينان سان جواب ڏيندو آهيان، “ٺيڪ آ! مونکي اُگهاڙپ ۾ ڪو فائدو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.”
    “اڙي!” هو زور سان رڙيون چوندا آهن. “جيڪڏهن اسين غلطي نٿا ڪريون ته...”
    “بلڪل توهين غلطي پيا ڪريو.” آءٌ پنهنجي پوري قوت سان جواب ڏيندو آهيان “ مون اِهو ته ڪڏهن به ناهي چيو ته، مونکي اگھاڙي رهڻ ۾ ڪو فائدو نظر اچي ٿو، پر اِهو صحيح آهي ته، آءٌ اُگهاڙو رهندڙن جي حمايت ضرور ڪريان ٿو.”
    “ته پوءِ...” هو گهٻرائيندي پڇندا آهن. “توهان چوڻ ڇاٿا چاهيو؟ اسين ته سمجهي نٿا سگهون!”
    “ڪيئن سمجهي سگهندا؟” آءٌ جواب ڏيندو آهيان، ٿورڙو “سوچيو!، اوهين برهمڻ دور جا شيدائي آهيو. اوهان جي دماغ تي اهو دور ئي ڇانيل آهي. برهمڻ دور جو بنياد ئي فائدي تي ٻڌل آهي. توهانجي نظر ۾ جيڪڏهن ڪنهن شئي ۾ فائدو آهي ته اُها سٺي، نه ته خراب. هتي ڪارخانو هلايو وڃي ٿو فائدي لاءِ، خيرات ڪئي وڃي ٿي ته جيئن نالو ٿئي، اخبارن ۾ شهرت ملي، ساک ٺهي ۽ انهيءَ ساک مان وري ڪاروبار ۾ فائدو ٿئي. توهان ته هر شئي کي فائدي جي ڪسوٽي سان پرليو ٿا. توهان پڪ ڄاڻو ته جيڪڏهن اُگهاڙپ پسندن جي جماعت ڪاميابي ماڻي، ته اُها سڀ کان پهريون ڪم اِهو ڪندي ته، لفظ فائدي کي لغت مان هميشه لاءِ ڪڍي ڇڏيندي.”
    “افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، توهين ماڻهو هر شئي کي انهي انداز سان ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آهيو. هن ۾ فائدو آهي... ڪهڙو فائدو آهي؟ ڪيترو فائدو آهي؟ ڇو فائدو آهي؟”
    نتيجو اهو ٿو نڪري، جو توهين انهي فائدي جي چڪر ۾ ايترو اڳتي ٿا نڪري وڃو جو خوشيءَ جهڙي نعمت کي به وساري ٿا ويهو. آخر خوش رهڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي؟”
    توهانجي نظر ۾ خوشي هڪ بي فائديمند ۽ بي اختياري وارو جذبو آهي ۽ برهمڻي سوچ جي انڌي چڪر ۾ پوندي، اهو به سوچي نٿا سگهو ته اهڙيون ڪيتريون ئي بي فائديمند شيون آهن، جيڪي توهانجي زندگي جو اهم جزو ۽ حصو آهن، ۽ آخر انهن بي فائديمند ڳالهين تي سوچڻ مان ڪهڙو فائدو؟جيڪڏهن اهو ئي وقت ڪوڪ شاستر يا نفيس نازڪ ريشمي ساڙهين جي وڪڻڻ تي کپائجي ته ڪيڌو نه فائدو ٿئي.”
    ٺيڪ آهي توهين فائدو حاصل ڪريو. هونءَ به اگهاڙي رهڻ جي بي فائدي تحريڪ تي بحث ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟”
    ۽ منهنجا دوست ۽ مائٽ ڪاوڙ ۾ اچي چوندا آهن، “تو ته هروڀرو لفظ فائدي کي ڊيگهه ڏيئي نوڙيءَ مان کڻي نانگ بڻايو آهي. اسان ته اُن جي اونهائي ۾ وڃڻ به ڪونه ٿا چاهيون. اسين فقط اهو ڄاڻڻ ٿا چاهيون، ته آخر اسين اُگهاڙا ڇو رهون؟”
    ۽ آئون پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کان پڇان ٿو ته، آخر اسين اُگهاڙا ڇو رهون؟” ۽ مون کان جيڪڏهن اوهان صاف صاف پڇڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٻڌو. “منهنجو هن تحريڪ سان همدردي جو سبب اُهو غصو ۽ نفرت آهي، جيڪا مونکي پنهنجي درزي کان آهي. آءٌ اگهاڙو رهڻ انهي لاءِ پسند ڪريان ٿو جو آءٌ، پنهنجي درزي جو بل ادا ڪندي ڪندي هاڻي ٿڪجي پيو آهيان. جيتوڻيڪ مونکي انهي ڳالهه جو احساس به آهي، ته درزيءَ کي اسان جهڙن کي انسان بڻائڻ لاءِ چڱي موچاري محنت ڪرڻي پوي ٿي. منهنجي هن ڪاري شيروانيءَ کي ئي ڏسو. ڪيڏي نه ڀلي سبيل آهي. جيڪڏهن اِها منهنجي جسم تي پيل نه هجي ها، ته ڀلا ڪير مونکي انسان ڪوٺي ها؟ اصل۾ اوهان جهڙا ماڻهو ڳالهه جي تهه تائين پهچن ئي ڪو نه ٿا يا ائين کڻي چئجي ته پهچڻ ئي ڪو نه ٿا چاهين. حقيقت اهي آهي ته، هڪ اَڄاتل ڊپَ اوهان کي ڊيڄاري اوهانجي دل ۽ دماغ ۾ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي ۽ اِهو ڊپ اوهان کي ويڙهي ويو آهي، ته متان ڪو اوهان کي حيوان نه سمجهي ويهي. ٻين ٻن پيرن يا چئن پيرن وارن جانورن وانگر اوهين به اگهاڙا پيدا ٿيا آهيو. ڪافي عرصو اگهاڙي رهڻ کانپوءِ، ٺينگ ٽپا ڏيندي، اوهان وڻن جا پن پهري ورتا، جيئن رونشي رونشي ڀولڙن سوداگرن کان ٽوپيون کسي پنهنجن مٿن تي پائي ڇڏيون هيون. ۽ اڄ حالت اِها آهي جو اوهان پيرن جي مرين کي به جورابن ۾ لڪائي ٿا ڇڏيو. متان ڪو جانور اوهان کي سڃاڻي نه وٺي ۽ ڪجهه چئي نه ڏئي.
    “۽ اهوئي ڊپ ۽ ٽاهه آهي، جيڪو اوهانجن روحن کي باندي ۽ بت کي ٻانهو بڻائي ڇڏي ٿو. ويچاري ڊارون جي مخالفت به رڳو ان ڪارڻ ڪئي وڃي ٿي. ۽ اُگهاڙو رهڻ وارن تي جيڪي ڦٽڪارون وسايون وڃن ٿيون اُن جو ڪارڻ به اِهو ئي ڊپ آهي.”
    “هان! ڇا اسين جانور آهيون؟ ڇا اسين ڀولڙن جي ارتقائي منزل آهيون؟”
    “مونکي انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ کان انڪار ڪونهي. پر آءٌ ان ڳالهه کي غلط ٿو سمجهان ته، جيڪڏهن اسان ڪپڙا نه پائينداسين ته اشرف المخلوقات نه رهنداسين؟ انسان ۽ حيوان ۾ جيڪا هڪجهڙائي يا لاڳاپو آهي اُن ۾ ٻيا به گهڻائي فرق آهن. پر اِهو فرق ڪپڙي لٽي جو ناهي، جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا. اهڙن ماڻهن ۾ اولهه جا جا ڀائر به شامل آهن. هتي مونکي اُنهن ميم صاحبائن جون، شعوري حرڪتون به ياد اچن ٿيون جيڪي پنهنجن ڪتن، ٻلين ۽ بلبلن کي ڪوٽ فراڪ ۽ ڪنن ۾ واليون پارائي، اهو ڏيکاءُ ڏيڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن ته هي عام ڪتا، ٻليون ۽ بلبلون ناهن، بلڪ اُنهن کان مختلف ۽ انسانن سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن ٻي نسل مان آهن. ۽ اڄ ڪلهه ته لباس جو رواج ۽ مرض اهڙو ته وڌي ويو آهي جو هر شخص موچارو لباس پائڻ چاهي ٿو ۽ اُن کي ئي انسانيت جي معراج تائين پهچڻ جو ذريعو سمجهي ٿو.
    “اها ڪيڏي نه عجب وارتا آهي. ڀلا جي اهو دوکو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ جيڪڏهن آءٌ ڳاڙهو پٽڪو ٻڌي بازار مان مفت سودو سڙو وٺڻ لاءِ نڪران، ته ڪو به دڪاندار اوڌر ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. پر جيڪڏهن قيمتي ڪپڙا پهري نڪران، ته ساڳيو دڪاندار سوين رپين جي رکت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. مونکي پڪ آهي ته، آءٌ جيڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ اُگهاڙو هليو وڃان ته، مونکي چريو ۽ پاڳل سمجهي ڪڍيو ويندو، پر جيڪڏهن مونکي شيرواني پاتل آهي ته مشاعري جو انتطام سنڀالڻ وارا منهنجي اڳيان پويان ڊوڙندي نظر ايندا. “اچو صاحب، اچو! هتي اچي ويهو. هنن اڳين ڪرسي تي ٺهي ويهو.” اهڙي آءُ ڀڳت ٿيڻ لڳي ٿي جو منهنجي دل سڙڻ لڳي ٿي ۽ آءٌ سوچڻ لڳندو آهيان ته،! آءٌ شاعر آهيان، يا هيءَ منهنجي شيرواني؟”
    “ڪي ڀورا ماڻهو سمجهندا آهن ته ڪپڙا انسان جي خوبصورتي کي وڌائن ٿا. هتي آءٌ اِهو محاورو نٿو ورجائڻ چاهيان ته، چنڊ ڳهڻن کانسواءِ به سهڻو لڳي ٿو. پر آءٌ اها ڳالهه ضرور چوڻ چاهيندس ته انهن ڀورن ماڻهن جو خيال سراسر غلط آهي.”
    “ڪپڙا اصل ۾ ان لاءِ پاتا ويندا آهن ته، جيئن انسان پنهنجي ڪوجهائي کي لڪائي سگهي. جيئن روحاني ڪوجهائپ کي ماڻهو خيرات سان ميٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ساڳيءَ ريت جسماني ڪوجهائپ کي لڪائڻ لاءِ، مهانگا ويس وڳا پهريا ويندا آهن ته جيئن جسم جي اڊولتا تي نطر نه پوي.
    “منهن تي ميڪ اپ انهي لاءِ ٿڦيو وڃي ٿو ته جيئن ڦڪن ۽ مرجهايل ڳلن کي ٻهڪائي سگهجي. چپن تي سرخي انهي لاءِ هنئين وڃي ٿي. ته جيئن ڪوماڻل ۽ سڪل چپن کي سرهو ڪري سگهجي. هي ڪپڙا ته دوکي جو ڄار آهن. جيڪڏهن توهان واقعي ٻلوان ۽ سهڻا آهيو، ته پوءِ پنهنجي سهڻي بت کي ڇهه وال ڊگهي ساڙهي يا شيروانيءَ ۾ لڪائڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    “گلاب جي گل جي سونهن يا دلڪشي انهي ۾ آهي ته اِهو اوهان جي سامهون ٽڙندو رهي ۽ پنهنجي اَمُلهه سونهن ۽ سندرتا سان هن دنيا کي موهيندو ڏيندو رهي. جي گلاب، چنبيلي ۽ آسمان جي لالاڻ کي ڪپڙن جي ضرورت ناهي ته پوءِ، فقط انساني سونهن کي ڪپڙن جي ڇو ٿي ضرورت پوي؟ ڇا اِهو سچ پچ ايترو ڪَڙو، ڪسارو، ڪوجهو ۽ بيمار ٿي چڪو آهي جو اُن کي، پنهنجي هستي کي برقرار رکڻ لاءِ ڪپڙن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي؟
    آءٌ ڪيترن اهڙن ماڻهن کي سڃاڻان ٿو، جيڪي هونءَ ته اگهاڙپ جا پرستار نظر ايندا آهن پر پنهنجي اندر کان ڊنل هوندا آهن ۽ اڪثر هنن لفظن ۾ پنهنجي ڪمزوري جو اعتراف ڪندا آهن:
    “يار اُگهاڙپ آهي ته سٺي شئي، پر اسان کي پنهنجو پاڻ کي اُگهاڙو ڏسندي شرم ٿو ٿئي.” ۽ اهو شرم بلڪل جائز آهي ۽ حالتن مطابق به. ڇو ته انسان جي کوپڙي ۾ بدي ايڏا ته پير پختا ڪري چڪي آهي جو هو پنهنجو پاڻ کي اُگهاڙو ڏسندي قطعي پسند نٿا ڪن. چوري ڪرڻ وقت شرم نٿا ڪن، ٺڳي ڪرڻ وقت شرم نٿو اچين، پر ڪپڙا لاهڻ مهل شرم ضرور محسوس ڪندا آهن. ۽ شايد اِهو سچ به هجي، ڇو ته هاڻ انسان جي شرم لاءِ ڪپڙن کان سواءِ ٻي باقي ڪهڙي جڳهه بچي آهي، جتي هن کي پناهه ملي سگهي؟
    “وڏن کان ٻڌندا هئاسين ته انسان جو شرم سندس دل ۽ اکين ۾ هوندو آهي ۽ هاڻ اُهو رڳو ڪپڙن ۾ وڃي باقي بچيو آهي، جتي ان کي پناهه ملي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اِهي ڪپڙا به لاٿا وڃن ته پوءِ هو اُن کي ڪٿي بچائي رکندو؟ شايد موقعو مهل ڏسي انکي سستي اگهه وڪڻي ڇڏي. آخر ته سڌريل زمانو آهي. اڄڪلهه اُگهاڙپ جي فلسفي ۾ جنهن ڳالهه مونکي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، اُها آهي اُن جي ٺوس ۽ بنيادي سچائي. ان کان ڀلا ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته، ڇا خدا انسان کي اگهاڙو پيدا ناهي ڪيو؟ انسان ئي اهو پاڻ آهي جنهن پنهنجي اُگهاڙي حسن کان آهستي آهستي فرار اختيار ڪندا وياسين ۽ اُن کي ڪپڙن ۾ لڪائيندا وياسين. خود ڪڻڪ جي داڻي، شيطان يا حوا، انسان کي ايڏو ناهي ڀٽڪايو جيڏو ڪپڙن. ڪپڙا مصيبتن جو ڀنڊار آهن. جيڪڏهن انسان ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏي ته دنيا ۾ اڄ به امن، سک ۽ هڪجهڙائي جو دور موٽي اچي. انسان ذات جا سڀ اهنج اولاوا ختم ٿي وڃن. نه لڙايون ٿين ۽ نه ئي ڇوت ڇات جون بيماريون پکڙجن ۽ نه ئي درزين جو وجود باقي رهي . هر پاسي سک ئي سک ٿي پوي. اسيمبليءَ ۾ ميمبر موت جي شعاعن تي بحث ڪرڻ جي بجاءِ؛ الٽرا وايوليٽ شعاعن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏين. ڪانگريس آزادي آزادي پڪارڻ ڇڏي ڏيندي، ڇو جو اُن وقت هر ماڻهو ننڍو وڏو مهاتما گاندهي بڻجي چڪو هوندو. هندستان جي ڪروڙين ماڻهن (اُگهاڙن) جو مسئلو، مسئلو نه رهندو ۽ هڪ حل يعني هڪ اهڙو حل جنهن تي وڌيڪ ويچار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.
    “هاڻ هن سهڻي تصوير جو ٻيو پاسو. چوڻ لاءِ اِهو سڀ ڪجهه چئي سگهجي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته، دنيا ۾ اُگهاڙپ پسند ٿورائي ۾ آهن. اُنهن کي نه فقط درزين جو مقابلو ڪرڻو آهي، پر اُن سان گڏ اُنهن جماعتن جو به جيڪي هن وقت ڪپڙا پهرين ٿيون. سُمهندي، جاڳندي، گهمندي، ڦرندي، وهنجندي، عشق ڪندي، مطلب ته هر وقت فيش جي مطابق ڪپڙن ۾ ڍڪيل رهن ٿيون.
    “اُن کانسواءِ اُهي ماڻهو به آهن، جيڪي هونءَ ته، اُگهاڙا رهن ٿا، پر هر گهڙي ڪپڙي پائڻ جي خواهش ۾ زندهه ٿا. اُنهن کي اُگهاڙپ جي تحريڪ جو حامي نه، پر دشمن سمجهڻ گهرجي. اُگهاڙپ پسندن کي، انهن سڀني مضبوط ۽ طاقتور تنظيمن سان جنگ ڪرڻي آهي ۽ دنيا کي ڪپڙن جي عذاب کان نجات ڏيارڻي آهي. مونکي ويساهه آهي ته دنيا ۾ سچا پچا اشتراڪي رڳو اُگهاڙپ واري تنظيم ۾ ئي موجود آهن.
    نازين کان پهرين جرمني ۾ اشتراڪيت ۽ اُگهاڙپ جون تحريڪون ڪافي طاقتور هيون. هٽلر طاقت ۾ ايندي ئي موقعي جي نزاڪت کي سمجهي ورتو ۽ ٻنهي تحريڪن کي ترت دٻائي ڇڏيو. اسان کي به اِهو ئي ڪرڻ گهرجي جيڪو هٽلر ڪيو. يعني اشتراڪيت ۽ اگهاڙپ کي هڪ ئي تحريڪ سمجهڻ گهرجي.
    اسانجي جنت جهڙي ڌرتيءَ تي، اُگهاڙپ جي تحريڪ تمام پراڻي آهي ۽ صدين کان هلندي اچي هندستان ۾ ڪروڙين ماڻهو اُگهاڙا رهن ٿا. لکين گهر اهڙا آهن جن ۾ سڄي ڪٽنب جي سڀني عورتن لاءِ، فقط هڪ انگوشو هوندو آهي. جنهن کي ڪم ڪار ۾ واري واري سان استعمال ڪنديون آهن. مرد عورتون، ٻار عادتن ۽ ضرورتن اُگهاڙا رهن ٿا ۽ سڄي عمر انهيءَ کَل ۾ گذاريو ڇڏين، جيڪا، اهي ماءُ جي پيٽان پائي هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا آهن. اُن جو ڪارڻ نه غربت آهي ۽ نه ئي انگريزي راڄ جي برڪت. جي ڪارڻ آهي ته فقط قدرت جو قانون.
    “اُن کانسواءِ هندستان ۾ هڪ تمام ننڍي اهڙي اقليت به آهي، جنهن هزارين سالن کان اُگهاڙپ جي شمع کي پنهنجي علم ۽ فضل سان روشن پئي رکيو آهي. منهنجو اشارو نانگن ڏانهن آهي. نانگا اُهي بهادر، بي غرض فقير آهن، جيڪي اڪثر ڪنڀ جي ميلي ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انهن ماڻهن پنهنجي پوتر روايتن ۽ اڻ مَين قربانين سان، هندستان ۾ اُگهاڙپ جي تحريڪ کي اُنجي سموري سچائي ۽ سونهن سان جيئرو رکيو آهي. جيستائين اهي ماڻهو آهن، اها تحريڪ ختم ناهي ٿيڻي. آءٌ ته پهرين ئي چئي چڪو آهيان ته، هندستان ۾ لکين ڪروڙين اُگهاڙا رهن ٿا. پر اُهي ماڻهو نانگن جيان هن تحريڪ جي بنيادي روح کان واقف ناهن ۽ شايد اِهي ماڻهو هر وقت اها ئي دعا ڪندا رهندا آهن ته، اُنهن کي وڌيڪ ڪپڙا ملن ته جيئن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن جي جسمن کي ڪپڙن سان ڍڪي سگهن. انهن ماڻهن جي ذهنيت، رجعت پسند ۽ بورزوائي ذهنيت جيان خطرناڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اُنهن ماڻهن کي ڪپڙا نه ڏنا وڃن ۽ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته انهن کي ڪپڙن جي نقصانن ۽ خراب اثرن کان واقف ڪيو وڃي. ان ڪم لاءِ لڳاتار پروپئگنڊه جي ضرورت آهي.
    “شڪر آهي جو هندستان جي سرواڻن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ۾ ڄام نگر جي مهاراجا (مرهيات) هڪ شاندار سوليرم ٺهرايو هو. اهڙي طرح بمبئي جي لک پتي سيٺين به، هڪ اگهاڙن جو ڪلب قائم ڪيو آهي. هي اُها سچي پچي هڪجهڙائي آهي، جنهن کي فقط اُگهاڙا ئي زنده رکي سگهن ٿا. ۽ مون کي ته اگهاڙپ جو آئيندو ۽ اُن جي ڪري انسانن جو آئيندو روشن ۽ شاندار نظر اچي رهيو آهي ۽ آءٌ ته اندر جي اک سان اُهو زمانو ڏسي رهيو آهيان، جڏهن اُگهاڙو رهڻ وارا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا. جڏهن هن دنيا ۾ هڪ اُگهاڙو انقلاب ايندو. هڪ اُگهاڙو طوفان، جيڪو هر قسم جي ڪپڙن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندو ۽ سڀ ماڻهو قدرت جي حضور ۾ اگهاڙا بيٺا هوندا ۽ دنيا ۾ مڪمل هڪجهڙائي مڪمل آزادي ۽ مڪمل امن، سک ۽ شانتي جو راڄ هوندو. ”
    ***


    لک پتي بڻجڻ جو نسخو

    جڏهن آئون اٺين درجي ۾، چوٿين دفعي به ناپاس ٿيس ته گهران هڪ هزار رپيا ۽ ڪجهه زيور چوري ڪري، بمبئي ڀڄي ويس. بمبئي پهچي، ٽن مهينن جو ٽائپ جو ڪورس ڪيم ۽ هڪ ڪمپني ۾، نوڪري لاءِ درخواست ڏنم. ڪمپني جو مالڪ مون ڏانهن ڏسي کلي چوڻ لڳو، “اسان کي ته هڪ ڇوڪري گهرجي.”
    مون چيو، “اڄڪلهه ڇوڪري ۽ ڇوڪرِي ۾، ڪو خاص فرق ته رهيو ڪونهي. ڇوڪريون سوٽ پائن ٿيون، مان به پايان ٿو. ڇوڪريون بشرٽ نما بلائوز پائن ٿيون، مان بلائوز نما بشرٽ پايان ٿو. ڇوڪرين جا وار ڪٽيل هوندا آهن، وار منهنجا به ڪٽيل آهن. ڀلا آءٌ ڇوڪرين کان ڪهڙي ڳالهه ۾ گهٽ آهيان؟”
    ڪمپني جي مالڪ منهنجي سامهون، منهنجي درخواست جا چار ٽڪر ڪندي چيو، “تون گڏهه آهين، نڪري وڃ.”
    آءٌ نڪري آيس. پوءِ مون ٽن مهينن جو، بجلي جي پکن جي مرمت جو ڪورس ڪيو ۽ هڪ ڪمپني ۾ درخواست ڏنم.
    ڪمپني جي مالڪ چيو، “ڇا تون بجلي جي پنکن جا پرزا ٽوڙي سگهين ٿو؟”
    “جي نه... جوڙي سگهان ٿو.”
    “ڇا تون بجلي جا پنکا اهڙي ريت جوڙي سگهين ٿو، جو هر ٽيئين مهيني، اُنهنجي مرمت جي ٻيهر ضرورت پوي؟”
    “جي نه..” مون فخر مان ڳاٺ اوچو ڪندي چيو، “مان اهڙي مرمت ڪري سگهان ٿو جو ٽي مهينا ته ڇا پر سال تائين به، اُنهن جي مرمت جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو.”
    “ته پوءِ تون اسان جي ڪم جو ماڻهو ناهين.” صاحب جواب ڏنو. ۽ منهنجي درخواست جا منهنجي سامهون، اٺ ٽڪرا ڪري ڇڏيا.
    اُن کانپوءِ، آءٌ اسٽيل مل جي دفتر ۾ ويس ۽ وڏي صاحب کي چيم، “مونکي ڪم کپي.”
    “ڪهڙو ڪم؟”
    “ڪهڙو به ڪم هجي ڪري وٺندس.” مون جواب ڏنو.
    هن چيو، “پر تون ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟”
    مون چيو، “آءٌ پٽ تي ٻهاري ڏيڻ کان وٺي، توهان جي دماغ ۾ به ٻهارو ڦيري سگهان ٿو.”
    منهنجو جواب ٻڌي هن کلندي چيو، “تنهنجي جواب مان معلوم ٿو ٿئي، ته تون سيٺ ڪستوري چند جو ناٺي آهين؟”
    “جي نه...”
    “ته پوءِ پڪ تون ڌتوري چند جو ڏوهٽو آهين؟”
    “جي نه...”
    هن چيو، ته پوءِ پڪ سيٺ فتوري چند....؟” هن جو ساهه ڀرجي آيو.
    “جي نه....”
    منهنجو جواب ٻڌي هن آڪڙندي چيو، “ته پوءِ هتي ڇو آيو آهين؟ گيٽ آئوٽ.”
    گيٽ آئوٽ ٿي آءٌ هلڻ لڳس ۽ هلندو رهيس. سوچيندو رهيس ته هاڻي ڇا ڪريان. امان جا چورايل زيور، کائي کپائي چڪو هوس. ۽ هڪ هزار رپين مان باقي هڪ سو ٻارهن روپيه وڃي بچيا هئا.
    هلندي هلندي، مونکي جڏهن بک تمام گهڻو تنگ ڪيو ته آءٌ هڪ راندين جي سامان جي دڪان ۾ گهڙي ويس. دڪان ۾ ڪرڪٽ، هاڪي، فٽ بال ۽ ٽينس جي سامان سان گڏ، شيشي جي هڪ خوبصورت شوڪيس ۾ گول گول سفيد رس گلا رکيل هئا. مون دڪاندار ڏانهن منهن ڪندي چيو، “وڏو ڪو احمق ٿو ڏسجين. جو راندين جي سامان جي دڪان ۾ رس گلا ٿو رکين.”
    هن چيو، “هي بمبئي آهي. هتي سڀ ڪجهه هلندو آهي.”
    مون چيو، “مونکي ٻن رپين جا رس گلا ڏي.”
    هن ٻه رپيا وٺي شوڪيس مان ٻه رس گلا ڪڍيا ۽ چيو، “هي خاص قسم جا رس گلا اٿئي.”
    “ته پوءِ چار ڏي.”
    هن مونکي چئن رپين جا چار رس گلا ڏنا. رس گلا کڻي آءٌ روڊ تي ٻاهر نڪري آيس. اڳيان وڌيس ته هڪ جوهري جي دڪان تي ڪيلا نظر آيا. ساوا، ٿلها، تازا ۽ خوبصورت.
    مون دڪاندار کي چيو، “عجيب ماڻهو ٿو ڏسجين جو هيرن جي دڪان تي ڪيلا رکيا اٿئي.”
    “سون وڪڻڻ تي بندش آهي. انهي ڪري ڪيلا رکيا اٿم.”
    “ڪهڙو اگهه ڏيندين؟” مون پڇيو.
    “ڇهه رپيه ڊزن.”
    “ڇهه رپيه ڊزن؟” مون حيرت مان رڙڪندي چيو، ٻه آني ڊزن جي حساب سان، بازار مان جيترا کپنئي اوترا آڻي ڏيان.”
    “پر هي خاص قسم جا ڪيلا آهن.” دڪاندار وراڻيو.
    “جي ايئن آهي ته پوءِ هڪ ڊزن ڏي.”
    هن هڪ ڊزن ڪيلا لفافي ۾ وجهي منهنجي حوالي ڪيا. آءٌ دڪان کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ميٽرو سئنيما جي سامهون، ميدان ۾ هڪڙي ڪنڊ وٺي، ڇٻر تي اچي ويٺس. مون پهرين رس گلن وارو لفافو کوليو ۽ هڪ رس گلو ڪڍي، وات ۾ پاتم ئي مس جو ڪچ ڪچ ٿي. مونکي پتو پيو ته آءٌ جنهن کي رس گلو سمجهي ويٺو هوس، اهو ته اصل ۾ پنگ پانگ جو بال هو. مون مايوسي مان ٻيو لفافو کوليو. معلوم ٿيو ته، اُن لفافي جي اندر جيترا به ڪيلا هئا اُهي سڀ پلاسٽڪ جا هئا. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ مون سوچيو، ’پئسا ته آئون خرچ ڪري چڪو آهيان. بهتر ايئن ٿيندو ته، جيڪي ڪجهه به آهي الله الله ڪري کائي ڇڏڻ گهرجي. ۽ مٿان پاڻي پي ڇڏڻ گهرجي.‘ تنهنڪري مون ريان جا رس گلا ۽ پلاسٽڪ جا ڪيلا چٻاڙي کائي ڇڏيا. آيل رزق جو ڀلا آءٌ ڪيئن ٿي اپمان ڪري سگهيس؟ آءٌ ته رزق جي تلاش ۾ ئي، بمبئي ڏانهن اچي نڪتو هوس. هاڻ مونکي اُڃ ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ پيٽ ۾ عجيب قسم جي گڙ گڙ ٿيڻ لڳي.
    ايتري ۾ منهنجي ڀرسان هڪڙو ڇوڪرو لنگهيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ميرو ٿيلهو هو. هو هوڪو ڏيئي رهيو هو. “پاڻي پيو، ٻن رپين ۾ هڪ بوتل.”
    مون ڇوڪري کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ کائنس پڇيو “ڦر ٿي ويئي آهي ڇا جو بمبئي ۾ پاڻي جي بوتل ٻن رپين ۾ ٿو وڪڻين؟”
    ڇوڪري وراڻيو، “هي جوزف جو پاڻي آهي.”
    “جوزف ڪير آهي؟” مون هن کان پڇيو.
    “اسانجو مالڪ آهي.” هن چيو.
    “توهين ٻن رپين ۾ پاڻي جي بوتل ڇو ٿا وڪڻو، جڏهن ته لاگنور جو نارنگين جو رس ڇهن آنن ۾ ملي ٿو؟”
    “پر هي خاص قسم جو پاڻي آهي. پهرين ڌار جو.”
    مون پهرين ڌار جو پاڻي ڪڏهن به ڪونه چکيو هو. ٺيڪ آهي اڄ مزو وٺي ڏسجي. جيب ۾ هڪ سئو جي نوٽ جي علاوه اڃان به ٻه رپيا باقي هئا. مون انهن ٻن رپين ۾ هڪ بوتل خريد ڪري چپن تي آندي نڙي ۾ ويندي ئي ايئن لڳو، ڄڻ چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا هجن. دل ۽ دماغ ۾ جيترو به ڄارو هو، پيئڻ سان صاف ٿي چڪو هو. هر شئي روشن ۽ چٽي ۽ پنهنجي اصل روپ ۾ نظر اچڻ لڳي.
    آءٌ ٽپ ڏيئي پنهنجي جڳهه تان اُٿيس ۽ سئو جو نوٽ مٺ ۾ ڀڪوڙي ڪالبا ديوي روڊ جو رخ ڪيم. هتي عجيب هل هنگامو برپا هو. ڇڪ ڇڪان، ڌڪا، ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو هوندي به ايترو زور سان ڳالهائي رهيا هئا، ڄڻ هو هڪٻئي کان هزار والن جي مفاصلي تي هجن.
    واڪ لڳي رهيا هئا.
    “ڏنم، ورتم، وڪيم، خريد ڪيم، ست مٿي اٺ، هيٺ چاليهه هزار ڳٺڙيون، ستر هزار ڳٺڙيون، ڏيڍ لک...”
    ٻه لک مون غصي مان رڙ ڪئي.
    هڪ دلال منهنجي ويجهو آيو، چيائين “وڪڻين ٿو؟”
    “ها، وڪڻان ٿو.” مون وڦلندي چيو، “۽ خريد به ڪندو آهيان.”
    “ڪهڙي اگهه ۾؟” هن مون کي ڪلهن کان جهلي ورتو، ته جيئن آءٌ ٻي ڪنهن دلال وٽ هليو نه وڃان.
    “ست مٿي نو هيٺ.” مون وڏي آواز ۾ چيو.
    “ست مٿي نو هيٺ” هن خوشي مان رڙ ڪئي، ڄڻ منهنجي ڳالهه جو هنکي يقين نه آيو هجي.
    “ها ست مٿي نوهيٺ.” مون دهرايو.
    دلال خوشي مان زور سان واڪ ڏنو. “ٻه لک ڳٺڙيون ٻه لک ڳٺڙيون.” پوءِ هن هڪدم مون ڏانهن ڏسندي سوال ڪيو
    “ڪنهنجون؟”
    “عقل جون.”
    “عقل جون؟” ڇا هي ڪپهه جو نئون برانڊ آهي؟”
    هن مون ڏانهن شڪي نظرن سان ڏسندي پڇيو.
    “هڪ خاص قسم جو برانڊ آهي.” مون جواب ڏنو.
    هن منهنجي اکين ۾ اکيون ملائي چيو، “تون چرٽ رام اينڊ ڪمپني جو ماڻهو آهين نه؟”
    “ٻيو ڪنهن جو ٿو نظر اچان؟” مون رڙ ڪندي چيو، “سڃاڻي به ڪو نه ٿو؟”
    هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيو، “ايئن ئي پڇي ورتم. صاحب پڪ ڪرڻ ضروري آهي.”
    پوءِ هو مونکي ڇڏي اڳيان وڌيو ۽ پاڻ کي ٽي فٽ جي مفاصلي تي بيٺل ماڻهو جي ڪن ۾، پنهنجي پوري نڙي ڦاڙي چوڻ لڳو، “ٻه لک ڳٺڙيون چرٽ رام اينڊ ڪمپني ٻه لک ڳٺڙيون، ست مٿي نو هيٺ.”
    “۽ وچ ۾ ٻڙي؟” هو رڙيون ڪندو رش ۾ گم ٿي ويو.
    آءٌ تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين ڪنڊ وٺي هل هنگامون ڏسندو رهيس ۽ جڏهن مايوس ٿي دلال جو آسرو لاهي واپس وڃڻ لاءِ مڙيس ته ايتري ۾ دلال ڀيڙ کي ٽوڙيندو، ڊوڙندو ڊوڙندو منهنجي ويجهو آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ ٻاهٺ هزار روپيه اٽڪائي ڇڏيائين.
    “مون هن مان پنهنجي ڪميشن ناهي ڪاٺي.”
    “ڪاٽي وٺ.”
    “سيٺ جي پڇڻ کانسواءِ؟” هن حيرت مان پڇيو.
    “آءٌ سيٺ کي پاڻهي ٻڌائي ڇڏيندس. هو پو ناويل آهي.”
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ ٻه هزار ڏيئي ڇڏ.”
    ٻه هزار ڪٽڻ کانپوءِ آءٌ سٺ هزار کڻي ڪاٽن ايڪسچينج مان ٻاهر نڪري، اچي ٽيڪسي ۾ ويٺس ۽ ٽيڪسي واري کي چيم.
    “هل بمبئي کان ڪٿي به ٻاهر وٺي هل.” ۽ دل ئي دل ۾ سوچيم ته هي ٽيڪسي چرٽ رام اينڊ ڪمپني ۽ منهنجي وچ ۾ جيترو به مفاصلو وڌائي، اوترو منهنجي فائدي ۾ آهي.
    باندرا جي ويجهو مونکي زور سان پيشاب لڳو. ٽيڪسي جي فرش تي نگاهه وڌم، پر ٽيڪسي ڊرائيور جي وڏين مڇن کان ڀئو ٿيم. تنهنڪري گوڏا ڀيڙي پيشاب روڪڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو ڀانيم. لنڪ روڊ تي سڙڪ کان پري، خالي پلاٽ نظر آيو. هتي اڃان تائين عمارتون ڪونه اڏيون هيون. ٽيڪسي واري کي هشي ڏنم. هن ٽيڪسي کي اسپيڊ ڏني ۽ ٽيڪسي جڏهن هڪ خالي پلاٽ وٽ پهتي، ته مون هن کي ٽيڪسي روڪڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي بيهندي ئي آئون تير وانگر ٽيڪسي مان نڪتس، ۽ تيز ڊوڙندو خالي پلاٽ ڏانهن هليو ويس. پيشاب هاڻي مونکي ڪافي تنگ ڪيو هو. پلاٽ ۾ گهڙندي ئي، هڪ ماڻهو منهنجو رستو روڪي بيهه رهيو. شڪل صورت مان هو سنڌي لڳو ٿي.
    ڇا تون پلاٽ خريد ڪرڻ آيو آهين؟” هن مسڪرائيندي پڇيو.
    “ها.” مون جلدي ۾ چيو، “پر اڳيان کان ته هٽ.”
    “گهڻي ۾ وٺندين؟” هن منهنجو رستو روڪيندي پڇيو.
    “جيتري ۾ ڏين.” مون چيو، “پر آءٌ تمام جلدي ۾ آهيان هن وقت اڳيان کان هٽ پهرين مونکي فارغ ٿيڻ ڏي.”
    “وڙي تون ايترو جلدي ڪيئن فارغ ٿي سگهين ٿو؟” سنڌي پنهنجي مڇين تي هٿ ڦيريندي چيو، “هي پلاٽ سيٺ شرواني جو آهي ڏيڊ لک ۾ ڏيندو. پنجويهه هزار ائڊوانس وٺندو. تون هاڻي ئي ائڊوانس ڏيئي، سودو پڪو ڪري وڃ. باقي پئسه ڀلي پوءِ ڏجانءِ.”
    “هاڻي وڌيڪ شرواني بند ڪر، مون کي تڪليف ٿي ٿئي.”
    مون بيقراري مان رڙ ڪئي. ۽ کيسي مان پنجويهه هزار جا نوٽ ڪڍي چيم، هان هي وٺ ائڊوانس ۽ رستي کان پري هٽ، مونکي پلاٽ ڏسڻ ڏي.” مون جلدي ۾ هن کي ائڊوانس جا پنجويهه هزار هٿ ۾ ڏنا ۽ پلاٽ ۾ پيشاب ڪري فارغ ٿيس. اُن کانپوءِ سيٺ شرواني جو ايجنٽ، مونکي پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو ۽ پنجويهه هزار رپين جي رسيد ڏيندي چيائين، “سڀاڻي ٽين بجي سيٺ شرواني هتي ايندو. تون باقي پئسه کڻي اچجانءِ ۽ پلاٽ جا ڪاغذ کڻي وڃجانءِ.”
    مون ڀڳل دل سان رسيد ورتي. هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو؟. مون پنجويهه هزار رپين ۾ پيشاب ڪيو هو.
    دنيا جو سڀ کان مهانگو پيشاب!
    پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ باقي پئسه مون وٽ هئائي ڪٿي؟. بس ايئن ئي ڀڳل دل سان رسيد کيسي ۾ پائي پوئتي پير ڪيم ئي مس، جو آفيس جي ٻاهران هڪ ڪار اچي بيٺي ۽ هڪ موٽو ڀوري رنگ جو ماڻهو، ڊوڙندو اندر آيو ۽ سهڪندي سهڪندي چوڻ لڳو، “او گدواڻي ڊي نمبر پلاٽ تو وڪيو ته ڪونهي؟”
    گدواڻي نهن کان چوٽي تائين خوشي ۾ نٿي سمايو. هو پنجويهه هزار جا نوٽ شرواني جي هٿ ۾ ڏيئي چوڻ لڳو. “سودو ٿي ويو. پنجويهه هزار ائڊوانس به ملي ويو آهي. سيٺ هي وٺ.”
    “گهڻي ۾ وڪيئي؟”
    “جيتري ۾ توهان چيو هو. پوري ڏيڊ لک ۾. نه پائي گهٽ نه پائي وڌ.”
    شرواني پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳو، “سيٺ ڦولچند کي هتي سئنيما لاءِ پرمٽ ملي ويئي آهي. هو چئن لکن ۾ پلاٽ وٺڻ لاءِ تيار آهي.”
    “مون ته هن کي پلاٽ ڏيئي ڇڏيو آهي.”
    “اوه!” سيٺ مايوسي وچان بي اختيار ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ هن منهنجو هٿ پڪڙي، مونکي ڪرسي تي ويهاريو ۽ پنهنجي ڪرسي منهنجي ويجهو ڪري چوڻ لڳو، “سيٺ اسانجو نقصان نه ڪر هي سودو ختم ڪر.”
    “ڇو ڪريان؟” مون سختي مان انڪار ڪيو.
    “اسين توکي هن کان هڪ هزار فٽ زياده پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.”
    “نه اسانکي هي ئي پلاٽ کپي.” منهنجي لهجي ۾ چهبڪ جهڙي ڦڙتي اچي ويئي هئي.
    سيٺ شرواني مون ڏانهن بي وسي مان ڏسڻ لڳو، “اسين توکي پنجويهه هزار جي عيوض پنجاهه هزار ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پورا پنجويهه هزار مٿي. منظور آهي؟”
    “اسانکي پنجويهه هزار نه کپن هي پلاٽ کپي.”
    “ته پوءِ سٺ هزار وٺ.”
    “نه.”
    “ستر”
    “نه.”
    “ته پوءِ ڇا وٺندين؟” شرواني پنهنجي پيشاني جو پگهر اُگهڻ لڳو. هن جي چهري مان هڪ اهڙي بوءِ اُٿي رهي هئي، جيڪا هونءُ اُنهن نوٽن جي دستين مان نڪرندي آهي، جيڪي ڪافي دير تائين ڪنهن جي مٺ ۾ دٻيل رهيون هجن.
    “اڌو اڌ.” مون چيو.
    “اڌو اڌ ڇا؟” هو اڻ ڄاڻ بڻجي پڇڻ لڳو.
    مون چيو، “تو هن پلاٽ جي قيمت ڏيڊ لک لڳائي ٿي. هاڻي اُن جا توکي چار لک ملن ٿا. انهي لاءِ ڏيڊ لک کان مٿي، جيڪو به منافعو ملي ٿو اُن مان اڌو اڌ.”
    سيٺ شرواني ڪجهه دير تائين تيز نگاهن سان مونکي ڏٺو ۽ پوءِ هن ٿيلهو ڪڍي، اُن مان سوا لک منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چوڻ لڳو، “سيٺ تنهنجو ڀاڳ ڀلو آهي. هي مفت ۾ کڻي وڃ ۽ منهنجي پلاٽ مان هٿ ڪڍ.”
    آءٌ سوا لک کيسي ۾ وجهي اُتان هليو آيس.
    ننڍي هوندي مونکي برف جا گولا ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جڏهن برف ڄمڻ لڳندي هئي، ته آءٌ برف جا گولا ٺاهي وڻن تي ٽنگي ڇڏيندو هوس ۽ مٿان ڪرندڙ برف، انهن گولن ۾ سميٽجي ويندي هئي ۽ گولو وڏو ٿيندو ويندو هو. ۽ اهڙي ريت آءٌ وڏو ٿيندو ويس. اِهو ئي حال رپئي جو آهي. مون سوا لک جو گولو ٺاهي، بمبئي جي وڻن ۾ لٽڪايو ته رپئي سان رپيو ملندو ويو، ۽ هاڻ ته ايڏو وڏو گولو ٺهي ويو آهي، جو منهنجي سنڀالڻ کان به گهڻو وڏو آهي. اڄڪلهه منهنجو شمار بمبئي جي وڏن وڏن لک پتين ۾ ٿئي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا، جو باگرا يونيورسٽي مونکي ڊاڪٽر آف لاجي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ڊگري ڏيڻ وقت، وائس چانسلر مونکي درخواست ڪئي ته، آءٌ ملڪ جي هونهار شاگردن کي، پنهنجي ڪاميابي جو راز ٻڌايان. تقرير ۾ مون شاگردن کي چيو:
    “لک پتي بنجڻ جو فقط هڪڙو ئي نسخو آهي، محنت ڪريو، محنت ڪريو ۽ ايمانداري سان جيئو.”
    مونکي اُميد آهي ته، يونيورسٽي جا شاگرد ۽ هن قصي کي پڙهڻ وارا، منهنجي هن نصيحت تي جي عمل ڪندا، ته هڪ ڏينهن هو ضرور سٺا ڪلرڪ ٿي نڪرندا.
    ***


    جواڻ جماڻ جذبا

    خوبصورت عورت جو ٻڍاپو، وساميل ٻرندڙ جبل جيان هوندو آهي. هاڻ لاوو ٺري چڪو هو. باهه جو طوفان گذري چڪو هو. هاڻ تهه ۾ ڪجهه رک باقي هئي جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن اُلا اُٿيا ٿي. دهليءَ ۾ مون حبيبه جو جوڀن ڏٺو هو ۽ هاڻ لنڊن ۾، هن جو ٻڍاپو ڏسڻ جو موقعو مليو هو. وچ ۾ ٽيهه سال هئا.
    دهليءَ جي اُها شام مون کي اڄ به ياد ايندي آهي. مون حبيبه کي چيو هو، “جڏهن مون توکي انصاريءَ جي گهر، پهريون ۽ آخري ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن تنهنجا جوتا لٿل هئا ۽ تون غاليچي تي ٽهلي رهي هونئين يا ايئن کڻي چئجي ته ٽلندي ٽلندي جهومي رهي هونئن ۽ هاڻي؟ حبيبه جي چهري تي اُداس مرڪ ڦهلجي وئي.
    “مون کي اجازت ڏي ته آئون تنهنجو اُهو روپ بيان ڪريان. ذهني سروپ، ڇو جو خوبصورت عورت فقط هڪ جسم نه هوندي آهي، پر هڪ تاثر به هوندي آهي. رکي رکي مون کي تنهنجي جسم جو اُهو رنگ ياد اچي ٿو. تنهنجي انگ انگ مان ڄڻ ڪا جوت، نور ايئن ڇلڪي رهيو هو، ڄڻ شيشي جي پيالي ۾ شراب، اهو ڇاجو نور هو...؟”
    “ان تصور جو ته مان خوبصورت آهيان.” حبيبه مرڪندي وراڻيو
    “تنهنجي دل لڀائيندڙ مُرڪ ۾ اڃا به اُها مستي آهي. نه ڄاڻ تو اُن مُرڪ کي ڪهڙي طرح، اڄ به زندهه رکيو آهي. اڄ به تنهنجي مُرڪ، مون کي انگلينڊ جي هن موسم ۾ اٽليءَ جي آسمان جيان باسي ٿي.”
    “مهرباني” حبيبه منهنجي هٿ تي هٿ رکي هلڪو زور ڏيندي چيو، “هن عمر تي پهچي هر سهڻي عورت هڪ بکارڻ بڻجي ويندي آهي ۽ واکاڻ جي هڪڙي لفظ لاءِ به سڪندي آهي.”
    “مون کي ياد ڪرڻ ڏي اُهو جسم!” مون چيو، “... ريشم جي ڄاري ۾ ٻرندڙ لائو، بي چين ڇاتي ۾ ڇلڪندڙ لاوو، ڄڻ ڦاٽڻ لاءِ تيار. تنهنجو حسن به ڪيڏو نه عضبناڪ هو. اڄ به جڏهن مان ان زماني کي ساريان ٿو ته لڳيم ٿو ڄڻ ڪنهن ٻرندڙ جبل جي مٿان بيٺو آهيان. پر تنهنجي جسم کان به وڌ، تنهنجيون ڳالهيون ياد اٿم. سهڻي عورت جون ڀورائيءَ جو ڳالهيون به ته الهام جو درجو رکنديون آهن. پر جي هڪ خوبصورت عورت ذهانت سان ڀريل ڳالهيون ڪرڻ لڳي ته قيامت اچي ويندي آهي”.
    “مزي جي ڳالهه اها آهي ته تون مون کي بلڪل ياد به ڪو نه ٿو پوين” حبيبه چيو.
    “سچ پچ ته آئون اُن وقت ياد رکڻ جي لائق به نه هئس.” مون چيو، “عورت جي جواني، مرد جي جواني کان مختلف هوندي آهي. عورت جو جوڀن مڪمل هوندو آهي ۽ مرد جو اڌورو ۽ ڪچو. اُن تي وهي دير سان نازل ٿيندي آهي.”
    حبيبه ڪجهه دير سوچيندي رهي ۽ پوءِ مُرڪي ڏنائين. ڪجهه دير رکي هن ٻيهر مرڪي ڏنو ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ هڪ شفاف ۽ چمڪندڙ ڦوهارو فضا ۾ بلند ٿي ويو هجي ۽ پوءِ اُمالڪ اهڙي ماٺ ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن اُن ڦوهاري مٿان پير رکي ڇڏي هجي. مون گهٻرائجي هن ڏانهن نهاريو.
    هوءَ به ڪجهه ياد ڪري رهي هئي.
    “منهنجو حسن منهنجي لاءِ هڪ مسئلو بنيل رهيو.” هن ڪنهن گهري سوچ منجهان چيو، “ها پرانهي جو اِهو مطلب ناهي ته، مون کي سونهن کان نفرت آهي. ڪو به مرد ڪنهن عورت سان ايترو پيار ڪري، نٿو ٿي سگهي جيترو هوءِ خود پنهنجو پاڻ سان ڪندي آهي. پر هڪ ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ناهي آئي. تون چوين ٿو ته خوبصورتي جو هڪ تاثر به هوندو آهي، ته پوءِ مرد، اُن تاثر کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪندا آهن؟ جيڪڏهن تنهنجي اندر ڪا به خوبصورتي ناهي ته پوءِ تون ٻاهر جي خوبصورتي خريد ڪري ڇا ڪندين؟ خوبصورتي کي بار بار ڇهڻ سان، ڇا اُها تنهنجي ٿي ويندي؟ آءٌ پڇان ٿي گلاب جي گل جو مالڪ، اڄ تائين ڪير ٿي به سگهيو آهي؟ آءٌ نٿي چوان ته شادي ڪرڻ خراب ڳالهه آهي، پر ملڪيت جو اهو احساس يقينن خراب آهي ۽ مٿان وري مردن جو هي ٻهروپ، شادي کان اڳ عورت کي “منهنجي پياري، منهنجي ڊارلنگ، چوندي چوندي منهن هيڊو ٿي ويندو اٿن، هٿ ٻڌندا آهن، هڪ نگاهه جي لاءِ تڙپندا آهن، پيرين پوندا آهن، آزيون نيزاريون ڪندا آهن ۽ پوءِ شادي ٿيندي ئي گهر جي اڱڻ ۾ ڍڳي يا مينهن جي طرح، ڪلي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن، جنهن مان پوءِ کير ڏهڻ ۽ ڦر پيدا ڪرڻ جو ڪم وٺندا آهن.” حبيبه ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويئي. هن جون اکيون دونهاٽجي ويون.
    تلخي جو حبيبه جي زندگي سان گهرو تعلق هو. هن جو پهريون مڙس پوليس کاتي ۾ سپرنٽينڊنٽ هو. هن حبيبه کي گهر ۾ جيل جي قيدي جي طرح بند رکڻ چاهيو.... حبيبه جو پهريون مڙس هڪ ڍڳي جيان.... هو ۽ هڪ..... جيان مضبوط، پر منجهس اُها احساس جي ڪوملتا ڪا نه هئي، جنهن کان سواءِ حبيبه زندهه رهي نٿي سگهي. انهي ڪري، حبيبه پهريئين مڙس کان رسو ڇنائي ڀڳي.
    اُن کان پوءِ هن آءِ سي ايس آفيسر سان شادي ڪئي. شادي کان پهرين ڪورٽ شپ جي زماني ۾ مرد هڪ ٻيو ئي ماڻهو هوندو آهي. انصاري کي خبر هئي ته، حبيبه خوبصورت هئڻ سان گڏ ذهين به آهي. انصاري کي اهو به پتو هو ته هوءِ رنگين مزاج هئڻ سان گڏ حساس به آهي، انهي ڪري هن پنهنجي ڪورٽ شپ شيڪسپيئر کان شروع ڪئي. وچ ۾ غالب به آيو. برائوننگ جو به ذڪر ٿيو ۽ مائيس جي مصوري به .... هلو شادي ٿي ويئي.
    حبيبه ڏاڍي خوش هئي. ڍنگ جو مڙس مليو هوس. پر انصاري شادي کانپوءِ، هڪدم آئي. سي. ايس آفيسر بڻجي ويو. حبيبه سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ لڳو، ڄڻ هوءَ سندس زال نه، پر انڊر سيڪريٽري هئي. هن جي ڳالهين جو ميٺاج به ويندو رهيو. هن اهڙو ڪڙو لهجو اختيار ڪري ورتو، ڄڻ هو پنهنجي زال سان مخاطب نه، پر ڪنهن فائيل تي صحيح ڪري رهيو هجي.
    حبيبه کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هن انصاري کان به طلاق ورتي. ان عرصي ۾ حبيبه کي هڪ ٻار سپرنٽنڊنٽ پوليس ۽ ٻه ٻار آءِ سي ايس آفيسر مان ٿي چڪا هئا.
    حبيبه ٻن شادين جي باوجود اڃا به ڏاڍي خوبصورت ڏيکائي ڏيندي هئي. ماڻهو چون ٿا ته، هوءَ پنهنجي وقت ۾ اُتر هندستان جي سڀ کان خوبصورت عورت هئي. ماڻهو چون ٿا ته اهڙو حسن اڄ تائين ڪنهن پسيو ئي ناهي. انهي ڪري هن کي ٽيون مڙس ڳولڻ ۾ دير ڪو نه ٿي. هاڻ هن هڪ اديب کي پنهنجو مڙس بنايو.
    حساس طبيعت، شاعر مزاج، ڳالهه ٻولهه تي عورتن وانگي..... وارو...... حبيبه کي هو شروع ۾ ڏاڍو پسند آيو. پر جلد ئي پاڻي لهڻ لڳو. انهي خوشي، ذوق، نفاست ۽ ٽهڪن جي پويان، ڪاروباري پس منظر سامهون اچڻ لڳو. شهرت جي چوس، ٻين اديبن لاءِ بغض، پئسي کي هر وقت گاريون ڏيڻ جي باوجود اُن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش، هن جي اندر ۾ ڪيتري نه ڪر کڻي اُڀرندي هئي. هر وقت سرمائيدارن کي گاريون ڏيڻ جي پويان، هن کي اُنهن جون جتيون چٽڻ جي ڪيڏي نه خواهش هئي. فراخدلي، انسانيت، خدمت ۽ نيڪ دلي جو لبادو ويڙهيل هي اديب، اندران ڪيڏو نه خود غرض ۽ کوکلو هو. جڏهن آهستي آهستي حبيبه کي اُن جو اندازو ٿيڻ لڳو، ته هن جي دل اُجهامڻ لڳي.
    هن جي دل اُجهامندي ئي رهي ۽ جڏهن هن جي مڙس، کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ دليل ڏيڻ شروع ڪيا، ته حبيبه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کي محسوس ٿيو ته، جيڪڏهن هوءِ هن اديب سان شادي ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن جوهري سان شادي ڪري ها ته، اهو به ڪر هيري جو قدر صحيح طريقي سان ڪري ها.
    نيٺ حبيبه اُن اديب کان به الڳ ٿي ويئي. آهستي آهستي هوءِ، انهي نتيجي تي پهچڻ لڳي ته، هن لاءِ شادي ڪرڻ صحيح ناهي. پر هن جو حسن هڪ آڳ جي اُلي ۽ ٻرندڙ جبل جيان هو. اُن کي ڏسندي ايئن لڳندو هو، ڄڻ ڪنهن جلندڙ اڱارکي ڇهي ورتو هجي. گرم گرم لاوي تي هٿ رکي ورتو هجي.
    حبيبه حقيقت ۾ هاڻ عشق ۽ حسن، شاعري ۽ شادي کان بيزار ٿي چڪي هئي. پر عاشق هئا جيڪي نوس نوس ڪندا وتندا هئا. جتي ويئي ٿي، اُتي پريمي ماکي جي مکين وانگر ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳا ٿي. حبيبه کي اُنهن جي عشق جي انداز تي چڙ اچڻ لڳي. اُنهن جون ڳالهيون ٻڌي هن جي دل چڙڻ لڳي. هاڻ هوءِ ڪنهن مرد جي هٿ ۾ هٿ نه ڏيندي.
    جيترو هن جو انڪار پختو ٿيندو ويو، اوترو ئي مردن جو اصرار وڌندو ويو. هونئن ته عاشقن جي لائن لڳي پيئي هئي. پر اُنهن مان ٻه مرد ڌيان ڇڪائڻ وارا هئا. اُنهن مان هڪ انتهائي بيوقوف، سنئون سڌو پر وڏو امير هو. هو ٻارن جهڙيون حرڪتون ڪندو هو. اُن کي ڏسندي حبيبه جي دل ۾ خيال ايندو هو، “ڇو نه هاڻ هڪ اهڙي مرد سان شادي ڪجي، جنهن تي زال جي بجاءِ ماءُ جا حق جتائي سگهجن.”
    ٻيو مرد ٻيلي جو ٺيڪيدار هو. صفا اڻ پڙهيل ۽ پنهنجي اڻ پڙهيل هئڻ تي فخر هئس. هن جي خيال ۾ هو اڻ پڙهيل هئڻ ڪري ئي لکاپتي ٿي ويو هو. هن کي ڪتابن کان نفرت هئي. هو ڪلچر ۽ شيڪسپيئر، ٿيٽر ۽ فن، مصوري ۽ شاعري کان نه فقط ناواقف هو، پر هن ناواقف رهڻ به چاهيو ٿي. هن جي صحت ڏاڍي سٺي هئي ۽ کيس شڪار جو به ڏاڍو شوق هو. هن کي ڏسندي ئي حبيبه جي ذهن ۾ خيال ايندو هو “هيتري حساس تمدني زندگي گهارڻ کان پوءِ، اهڙي مڙس سان جهنگل ۾ زندگي گذارڻ ۾ ڪيڏو نه مزو ايندو.”
    ڪڏهن هوءِ بيوقوف امير جي طرف جهڪي ٿي، ته ڪڏهن هن جي دل ٻيلي جي ٺيڪيدار جي طرف، مڙي ٿي، ڪڏهن هن ٻنهي کان دور ٿي رهڻ چاهيو. هوءِ سوچيندي رهي ته ٻنهي مان ڪنهن سان زندگي گذاري. ٻنهي کي چاهڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. هوءِ ڪو به فيصلو ڪري نه سگهي.
    جنهن ڳالهه جو فيصلو حبيبه نه ڪري سگهي، اُن جو فيصلو ٻنهي عاشقن ڪري ورتو ۽ اُنهن جي وچ ۾ ٿيل ڊوئيل اڄ به مشهور آهي.
    ڊوئيل اسان جي رسم ناهي. اسين عشق ۾ يا ته زهر کائي ڇڏيندا آهيون، يا وري ڇوڪري کي زوري ڀڄائي ويندا آهيون. اسان وٽ ڊوئيل نه ٿيندي آهي. پر حبيبه لاءِ هنن ٻنهي عاشقن پنهنجي مقدس رسم به ٽوڙي ڇڏي ۽ لکنو جي هڪ باغ م پستول کڻي ڊوئيل کيڏي ۽ نتيجي ۾ ٻئي عاشق گولين جو کاڄ ٿي ويا. اخبار ۾ پهريئين صفحي تي شهه سرخي ۾ هن ڊوئيل جي خبر ۽ حبيبه جي تصوير ڇپي ۽ ايترو ته هنگامو برپا ٿيو جو ويچاري حبيبه کي، پنهنجو وطن ڇڏي لنڊن وڃڻو پيو. هن جا ماءُ پي ڪافي پئسي وارا هئا، انهي ڪري هن کي لنڊن ۾ پئسي جي ڪا به کوٽ محسوس نه ٿي ۽ وري هن پنهنجا ٻار به لنڊن گهرائي ورتا ۽ هن جا ٻيئي اڳوڻا مڙس، پنهنجن ٻارن لاءِ وضيفو به موڪلڻ لڳا. انهي ڪري حبيبه کي ڪنهن به طرح جي تڪليف کي منهن ڪو نه ڏيڻو پيو ۽ نه ئي ڪا پريشاني ڏسڻي پئي.
    “ٻار ڪٿي آهن؟”
    هڪ پاڪستان ۾ ۽ ٻه هندستان ۾ ۽آئون هتي لنڊن ۾. ٻاهر برف پئي رهي هئي ۽ اندر سگري ۾ باهه ٻري رهي هئي. هوءِ سگري تي ڪباب پچائيندي ويئي ۽ اسان کائيندا وياسين.
    ايراني غاليچي تي رکيل سونهري مڌ جو پيالو- اسين ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون ويٺل ۽ ديوارن تي حبيبه جون انگلستان جي شاهي خاندان سان تصويرون......، وڏن وڏن ماڻهن سان فوٽو....... جي اُهي پنهنجي لحاظ کان وڏا ماڻهو هئا، يا پنهنجي فن ۾ عظيم هئا، ته حبيبه پنهنجي حسن ۾ عظيم هئي.
    “انگريز قوم جي وضعداري اڄ به باقي آهي”. حبيبه منهنجيون نظرون، شاهي خاندان جي هڪ تصوير تي اٽڪيل ڏسي چيو، “شاهي خاندان وارا خاص خاص موقعن تي اڄ به کيس سڏائيندا آهن ۽ سندس شمار لنڊن جي انتهائي خوبصورت عورتن ۾ ڪندا آهن”.
    “ان ۾ شڪ به ڪهڙو آهي؟” مون ٿورڙو مبالغي کان ڪم وٺندي چيو، “مون پورن پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ به، اهڙي خوبصورت عورت اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺي....”
    “پنجونجاهه سالن جي.....؟” حبيبه اُداسي ۽ تلخي مان چيو. آءٌ چپ ٿي ويس.
    هن چيو، “هڪ عرصي تائين آءٌ پنهنجي عمر جي خلاف وڙهندي رهيس. شيمپو، هيئر آئل، ڪريم، ٻاڦ ۽ مالش اهو سڀ ڪجهه، جيڪو هن لڙائي ۾ ضروري هو، مون ڪيو ۽ آئون ايئن ڇو نه ڪريان؟ جيڪا شئي جنهن وٽ هوندي آهي، اُهو اُن کي سنڀالي رکڻ چاهيندو آهي. مون وٽ منهنجو حسن هو، ته پوءِ مون اُن کي سنڀالي رکڻ جي ڪوشش ڪيئن نه ڪئي هوندي؟ پر هي وقت جي ڇانئڻي به ڪيڏي نه ظالم آهي، جنهن مان حسن ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي ٿو ۽ آخر ۾ فقط ڇانئڻي جا سوراخ رهجي وڃن ٿا.”
    “ڇا توکي پنهنجن ٻارن سان محبت ڪو نه هئي؟”
    “ها- ڇو نه- ڏاڍا پيارا ٻار هئا. جيستائين مون سان گڏ رهيا. اڃان به انهن جا خط ايندا رهندا آهن. هاڻ هن عمر ۾ سوچيان ٿي ته، محسوس ٿو ٿيئيم ته مون کي پنهنجي حسن کان سواءِ ڪڏهن به ڪنهن سان محبت ناهي رهي. نه ڪنهن مڙس سان، نه ڪنهن دوست سان ۽ نه ئي ڪنهن ٻار سان. جي محبت رهي ته فقط پنهنجي حسن سان. آءٌ ڪڏهن به ماءُ بڻجي نه سگهيس، بس حبيبه ئي رهجي ويس.”
    “شايد هي محبت به اُن محبت وانگر آهي جيڪا ڪنهن فنڪار کي پنهنجي فن سان هوندي آهي.” مون چيو.
    “ها، پر فرق آهي.” حبيبه چيو، “فنڪار جو فن، اُن جي زندگي سان گڏ هلي ٿو. پر حسن بي وفا، رستي ۾ ئي ساٿ ڇڏيو ڏي. اهو مون کي اڄ معلوم ٿيو!”
    “جيڪڏهن حسن مان تنهنجي مراد، جسم جي تازگي آهي ۽ جيڪڏهن حسن مان تنهنجي مراد، صرف اکين جي چمڪ آهي پر روح ۽ دل جي تازگي ناهي، ته پوءِ تون سچ ٿي چوين، پر هڪ حسن اندر جو به هوندو آهي. جيڪڏهن انسان، عورت يا مرد حسن ۽ توازن، پنهنجي اندر پيدا ڪري ته ڪڏهن به پوڙهو ڪو نه ٿيندو. مون بالشاهي ٿيٽر ۾ پنجاهه ورهين کان به مٿي عمر جي پوڙهي اولانوا کي، سورهين ورهين جي ميزل جي ڪردار...... جيان نچندي ڏٺو آهي. فني توازن وقت ۽ حسن ٻنهي کي پنڊپهڻ بنائي ڇڏيو هو...”
    “آءٌ اولانوا ناهيان.” حبيبه خفا ٿيندي چيو. “آءٌ حبيبه آهيان. آئون ايتريقدر پسند ڪئي ويئي آهيان، جو پنهنجي ٻاهريئين حسن کي وساري نٿي سگهان. جڏهن وسارڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڪنهن به وسارڻ نه ڏنو.”
    “ٻڌ حبيبه.” مون تلخي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، “جنهن ڏينهن مون توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، انهيءَ ڏينهن کان توسان عشق ڪرڻ جو خيال جاڳيو هئم۽ اُن وقت آءٌ تمام ننڍي عمر جو هئس ۽ هاڻ.....!”.
    “ها ۽ هاڻي؟” هن تيز نظرن سان مون ڏانهن گهوريندي سوال ڪيو، “هاڻي ڇا آهي؟”
    “هاڻي تمام دير ٿي چڪي آهي.”
    حبيبه ڪو به جواب نه ڏنو، بس هن پنهنجو پيالو کڻي فرش تي زور سان اُڇليو ۽ پيالو ٽڪرا ٽڪرا ٿي فرش تي وکري ويو.
    “ڪنهن انگريز اڄ ڏينهن تائين مون سان اهڙي واهيات انداز ۾ گفتگو ناهي ڪئي” هن غصي مان چيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    “پر آءٌ انگريز ناهيان.” مون هن لاءِ ٻيو جام ٺاهيندي چيو “تو انگلستان ۾ رهي ڪري، ڪنهن انگريز سان شادي ڇو نه ڪئي؟”
    “ڪئي هئي.” هن لڙڪ اُگهندي چيو، “اهو هڪ انگريز سائنسدان هو ۽ نهايت ئي شريف، معصوم ۽ بي ضرر انسان هو. پر اُن ۾ هڪڙي خرابي هئي. هو منهنجون سٿرون چٽيندو هو.”
    “سٿرون؟”
    “ها سچ! ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرا، هو منهنجي اُگهاڙين سٿرن کي پنهنجي زبان سان ضرور چٽيندو هو. مون کي اُن وقت ڏاڍي ڪراهت محسوس ٿيندي هئي. مون کي لڳندو هو ته، ڄڻ ڪا مينهن منهنجي ڀرسان ويهي اوڳاري رهي هجي.” هوءِ اهو چوندي مرڪي ۽ مرڪندي کلي ڏنائين. هن جي ٽهڪ جو ڦوهارو ڪمري ۾ فانوس جيان روشن ٿي اُٿيو.
    “ٽن مهينن کان پوءِ، مون هن کان طلاق وٺي ڇڏي.”
    “پوءِ ڇا ٿيو؟”
    “۽ پوءِ وري نامراد عاشقن جو سلسلو.”
    “۽ هاڻي؟”
    “۽ هاڻي؟، هن چيو، “هل ڀرواري ڪمري ۾.”
    پاسي وارو ڪمرو فرش کان وٺي ڇت تائين تصويرن سان ڀريو پيو هو. ڪينواس تي هڪ اڻپوري تصوير هئي. رنگ ۽ برش ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ديوارن تي ننڍيون وڏيون، ڪئين تصويرون لڳل هيون. تصويرون ڏاڍيون ڀوائتيون۽ بدصورت هيون ۽ سڀني ۾ هڪ ئي چهرو هو، هڪ ئي جسم هو، حبيبه جو چهرو، حبيبه جو پنهنجو جسم. ڪنهن تصوير ۾ ماتا جي داڻن جيان کاڌل، ته ڪنهن ۾ روڳ ڀريل ۽ وري ڪنهن ۾ سارو چهرو رتورت. ڪنهن چهري ۾ اک ٻاهر نڪتل، ته ڪنهن ۾ نڪ چيڀاٽيل ته ڪنهن ۾ چپ ڦٽيل ۽ ڏند غائب. ڪنهن ۾ هڏائون پڃرو ته ڪنهن ۾ کل سڪل ۽ سڙيل. سڀني تصويرن ۾ حبيبه کان سواءِ، ٻيو ڪو به نه هو.
    “مون کي قادر ٻڌايو هو.” مون حبيبه کي چيو، “تون تصويرون ٺاهين ٿي پر ڪنهن کي ڏيکارين ڪو نه ٿي.”
    “آءٌ توکي هتي تصويرون ڏيکارڻ لاءِ وٺي ڪو نه آئي هئس پر پنهنجي مڙس سان ملائڻ لاءِ وٺي آئي هئس،”
    “تنهنجو مڙس؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “ها- اچ ته آئون توکي پنهنجي نئين مڙس سان ملايان.” ايترو چئي هوءِ مون کي تصويرن سان ڀريل هڪ ڪنڊ ۾ وٺي ويئي. آءٌ هڪدم ڊڄي پوئتي هٽيس.
    منهنجي سامهون هڪ اجگر نانگ پٽ تي پيو هو. تمام ٿلهو ۽ ڪافي فٽ ڊگهو نانگ، ڪنڊي ٺاهي هڪ ڪنڊ ۾ بيهوشي جي حالت ۾ پيل هو.
    اُن رات حبيبه اسان کي سوهو جي نائٽ ڪلپ م، رات جي ماني جي دعوت ڏني هئي. مون، قادر ۽ من موهن ۽ اُن جي بدصورت يوناني محبوبه کي به گهرايو هو.
    قادر ۽ من موهن اهو ٻڌي حيران ٿيا، ته حبيبه جهڙي عورت سان منهنجي واقفيت آهي، جنهن جو شمار پندرهن سالن تائين لنڊن جي حسين ۽ امير ترين عورت ۾ ٿيندو رهيو آهي. جيڪا ڪيئي ڀيرا شاهي خاندان جي، مهمان پڻ رهي چڪي آهي.
    “حبيبه اسان کي رات جي ماني تي سڏايو آهي؟” هو حيرت مان ايئن پڇڻ لڳا، ڄڻ هنن کي پنهنجين اکين۽ ڳالهين تي اعتبار نه ٿي آيو.
    “جي ها.” مون اهڙي سادگي سان وراڻيو، جنهن ۾ فخر جو گمان به ٿي سگهيو ٿي.
    اسين وقت تي پهچي چڪا هئاسين. پر حبيبه اڃا ڪو نه پهتي هئي. اسان لاءِ ٽيبل هڪ خوبصورت ڪنڊ ۾ محفوظ ٿيل هئي. مون اجگر نانگ وارو قصو پنهنجن يارن کي ٻڌايو.
    قادر ته گهري سوچ ۾ غلطان ٿي ويو. پر من موهن کي ذري به حيرت نه ٿي.
    “ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” من موهن پنهنجي بدصورت محبوبه جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، “هر ماڻهوءَ جي زندگي ۾، هڪ وقت اچي ٿو، جڏهن هو اجگر نانگ پالي وٺي ٿو، پنهنجي ماحول کان بيزاري جي صورتحال هڪ اها به آهي ته، ماڻهو جنهن سان رهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي، اُن جو منهن چيڙائي، جيئن آءٌ هن ڇوڪري کي غصو ڏياريان ٿو. بيزاري ۽ نفرت به هڪ قسم جو اجگر نانگ آهي. يعني هر نفرت جو پڇ ڊگهو ٿيندو آهي ۽ اُن ۾ زهر به هوندو آهي.”
    قادر چيو، “هاڻي مون کي اهو سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته، فزڪس جو قانون ته هر عمل جو ردعمل به ٿيندو آهي ۽ وڏي شدت سان ٿيندو آهي، صرف فزڪس جي دنيا تي نه پر نفسيات جي دنيا تي به لاڳو ٿئي ٿو. جڏهن انسان پنهنجي ماحول، پنهنجي زندگي ۽ اُن جي ترتيب کان مايوس ٿي وڃي ٿو، ته هن جو اندريون توازن به بگڙي وڃي ٿو ۽ پوءِ اُن توازن جي قائم رکڻ لاءِ ۽ اُن ذهني گهٽ ٻوسٽ کي رستو ڏيڻ لاءِ، انسان کي انيڪ جتن ڪرڻا پون ٿا. هو هڪ اجگر نانگ پالي وٺي ٿو. ڪوڪين کائي ٿو، ڀيانڪ مصوري ڪري ٿو. چرس جو دم هڻي ٿو. مائونٽ ايورسٽ تي چڙهي وڃي ٿو. پليٽ فارم تي چڙهي ڏهن هزار ماڻهن جي اڳيان بڪواس ڪري ٿو يا بور مٿان بور افسانه لکندو رهي ٿو، يا هر روز ڪنهن نئين ڇوڪري سان عشق ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن اِهو سڀ ڪجهه ان کي نصيب ڪو نه ٿو ٿئي، ته گهر اچي پنهنجي زال کي گاريون ڏي ٿو ۽ پنهنجن ٻارن کي ڪٽڻ به شروع ڪري ڏي ٿو.”
    “تو جيتريون به ڳالهيون ڪيون.........”، مون قادر کي چيو. “اُن ۾ فقط مائونٽ ايورسٽ تي چڙهڻ واري ڳالهه مون کي پسند آئي. يعني گهٽ ٻوسٽ جي اظهار جا به ڪيئي طريقا هوندا آهن. پنهنجي ماحول کان بيزاري جو اظهار، ڪنهن کي گاريون ڏيڻ ۾ ڇو ٿئي؟ مائونٽ ايورسٽ تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ڇو نه ظاهر ٿئي.”
    “تون ته هر ڳالهه ۾ مقصد کي کڻي اچين ٿو.” من موهن جتائيندي چيو، ۽ پوءِ منهن ڦيري پنهنجي محبوبه کان پڇڻ لڳو.
    “اجگر نانگ جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟”
    “کائي ماريندو” يوناني ڇوڪري وراڻيو.
    اسين سڀ کلڻ لڳاسين. هوءِ به کلي پئي، ڪيڏي نه ڀيانڪ کل هئي. ڪيڏا نه گدلا ۽ ميرا ڏندهئس، هن وري ڳالهايو، “پر ٺيڪ آهي. ماڻهو پنهنجين زالن کي مهينن ۽ سالن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري کائن ٿا ۽ هي اجگر نانگ، حبيبه کي هڪ ئي جهٽڪي سان ڳڙڪائي ويندو. هزار ڀيرا مرڻ کان ته هڪ ڀيرو مرڻ بهتر آهي.”
    ڪيڏو نه ڪرب هو اُن ڇوڪري جي ڳالهين ۾. هن جي چهري جو رنگ بدلجي ويو. هاڻ هوءِ مون کي ڪجهه خوبصورت نظر اچڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته ذهانت چهري کي نئون روپ ڏيندي آهي ۽ پوءِ بدصورتي نڪري ويندي آهي. جهريون ۽ داغ گم ٿي ويندا آهن. عمر ننڍي ٿي ويندي آهي. صرف هڪ ئي خيال، روشن خيال جو تاثر، چهري تي چمڪندو آهي. حبيبه اِها غلطي ڪئي جو هن پنهنجي حسن جو اهتمام ڪيو. زندگي ڀر پنهنجي ڳلن جا گلاب ٽڙائيندي رهي ۽ وساري ڇڏيئين اُنهن گلابن کي، جيڪي دل جي ٽارين تي ٽڙن ٿا. جيڪي هڪ معمولي۽ عام عورت جون خواهشون آهن. مامتا، قرباني، رشتن لاءِ محبت، پاڻ ارپڻ ۽ ڪنهن ۾ خود وڃائڻ جي تمنا، ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڏيڻ جي خواهش.... حبيبه وساري ويٺي ته زماني جا گلاب ته مرجهائي وڃن ٿا، پر خواهشن ۽ ترشنائن جا گلاب ڪڏهن به نٿا مرجهائن. سدائين ٽڙندا رهن ٿا.
    زوردار ٺڪاءُ سان نائٽ ڪلب جو دروازو کليو ۽ اسين سڀ درازي ڏانهن ڏسندي رهجي وياسين.
    حبيبه نائٽ ڪلب جي دروازي تي بيٺي هئي. اکين ۾ گهرو ڪجل، وار سنواريل، چهرو ميڪ اپ سان ٻهڪندڙ ۽ گلي ۾ هيرن جو هار. هن جو هٿ هڪ اهڙي انگريز جي چيلهه ۾ پيل هو، جنهن جي عمر مشڪل سان ئي ٻاويهه ورهيه هوندي.
    ***


    شاعر، فلسفي ۽ ڪلارڪ

    شاعر ڇت ڏانهن هٿ مٿي کڻندي چيو، “خوبصورتي! خوبصورتي به ڇا عجب شئي آهي. اُن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو، شاعرن جي بيان ڪرڻ جي سگهه به اُن کي پوري طرح لفظن ۾ ادا ڪري نٿي سگهي. هڪ سٺي کان سٺو شعر به اُن ميري آرسي جيان آهي جنهن ۾ انسان پنهنجو منهن به سٺي نموني ڏسي نٿو سگهي ۽ وري خوبصورتي جي عڪاسي ته هڪ نهايت ئي ڏکيو ڪم آهي.
    “ڪڏهن دل کي ڀائيندڙ مسڪراهٽ، ڪنهن جي ملڻ جو انداز، هڪ ٽڙندڙ گل، هڪ رئندڙ نازڪ سندري، اُهو سفيد رنگ جو ڪبوتر، جنهن ڳاڙهين اکين سان چتائي ڏٺو ۽ پوءِ گڙوگو ڪندو اُڏامي ويو. گندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ترندڙ بدڪ. آئون توکي سچ ٿو چوان، خوبصورتي اُها شئي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي. جنهن کي اسان جي حواسن سان ڀرپور زندگي به نامڪمل طور محسوس ڪري نه ٿي سگهي. مون اُها عورت اڄ تائين ڪونهي ڏٺي جنهن کي آئون مڪمل خوبصورتي چئي سگهان. اُها بدڪ ڪٿي آهي جنهن جا پر خوبصورت هئا. هرڻ جهڙيون اکيون، مور جهڙي چال، ڪجهه پلن لاءِ هوش ۽ حواس وڃائيندڙ نشو ۽ پوءِ- اها ئي زمين اهو ئي آسمان، آئون سوچيان ٿو ته خوبصورتي کي اڄ تائين مون اُنجي اصل، مڪمل ۽ بهترين حالت ۾ ناهي ڏٺو ۽ نه ئي ڏسي سگهندس. ڏٺو آهي ته اهڙي طرح جيئن ريشمي پردي جي پويان هڪ جاڳندڙ پاڇو، سريلن کجور جي اوچن وڻن جو هڪ مدهم گيت يا جيئن شفق جي دري پويان سج جو لهي وڃڻ ٿي وڃڻ يا سمنڊ جي ڇولين جو گيت ڳائيندي اُٿڻ، ڏٺا آهن ته بس خوبصورتي جي ان طرح جا منظر ۽ پوءِ اُهائي اوندهه، لڳاتار اوندهه، مٽي جا لکين گهر ۽ اُنهن ۾ سُرندڙ لکين ڪيڙا، هڻ هڻان، ماني، بيڪاري، گوڙگهمسان، انبوهه.........”.
    فلسفي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو. “ان بڪواس کي بند ڪر، شاعرن وٽ ڪنهن به شئي جي کوٽ ناهي. اگر کوٽ آهي ته بس عقل جي. پنهنجي جزبات جي وهڪري ۾ اجايو لڙهندو ٿو وڃين. جيڪڏهن ان وهندڙ درياءَ جي وهڪري کي قابو ۾ ڪر سگهين ته.... ته بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي. سوچيو سمجهو خوبصورتي ڪهڙي شئي آهي؟ عورتن جي خوبصورتي متعلق ته آئون فقط اهو چوڻ چاهيان ٿو ته، تون جنهن کي عورت جي خوبصورتي سمجهين ٿو اُها ته محض عورت جي انسانيت آهي ۽ باقي رهيون بدڪون ۽ گل. ته هاڻي صاف ظاهر آهي ته، تنهنجي اکين کي گل ۽ پاڻي ۾ ترندڙ بدڪون ضرور پياريون لڳنديون هونديون. پر آئون سوچيان ٿو ته انهن احساسات کان ٿورو پري ڇو نٿو وڃين سگهين؟ شايد تون سڄي عمر اهو سوچڻ کان وانجهيل هوندين ته خوبصورتي جو بنياد فقط جنسياتي ۽ حيواني آهي. ڪاش! تو پنهنجي زماني ۾ ويچاري ڊيڪارٽ کي ئي پڙهيو هجي ها. اُن جو هيئت يا صورت بابت فلسفو شايد تنهنجي شاعراڻه دماغ کي ڪنهن حد تائين ٺڪاڻي تي لڳائي ڇڏي ها. اسان وٽ خوبصورتي ڪنهن شاعراڻه جهالت جو نالو ناهي. بلڪه اسين خوبصورتي جو بنياد جيوميٽري جي اٽل اصولن تي رکون ٿا ۽ جيوميٽري کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگهجي. ڪجهه فلسفين کي ڇڏي دنيا جا تمام مشهور فلسفي انهي جيوميٽرڪ خوبصورتي تي ايمان رکن ٿا. خود فيثا غورث.....”.
    ويچارو ڪلرڪ جيڪو هن وقت تائين گهڻي حيرت مان هنن جي گفتگو ٻڌي رهيو هو. اڃان به وڌيڪ حيران ٿيندي پڇيو، “مگر يار جيوميٽري ۽ حسن جو تعلق ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. اِهو سچ آهي ته جيتريقدر جيوميٽري جو تعلق آهي، آئون اسڪول ۾ سڀني کان ڪمزور شاگرد هئس. الجبرا جا سوال ته ڪڏهن ڪڏهن حل ڪري وٺندو هئس پر جيتريقدر جيوميٽري جو تعلق آهي....”. اهو چئي ڪلارڪ زور سان ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻيڙي پيئڻ ۾ لڳي ويو.
    فلسفي رحم ڀرين نظرن سان ڪلارڪ کي ڏٺو ۽ پوءِ چڀو، “بي عقل! تون انهن ڳالهين مان ڇا ڄاڻين؟ سڄو ڏينهن ميز تي رجسٽر ۾ ڪيفيتون، داخلا، نيڪال، جمع بندي، جريان نمبر..... نه ڄاڻ الائجي ڇاڇا تهذيب کان هٽي ڪري ڳالهيون لکندو رهندو آهين. تون مال جي کاتي جي هڪ سوکڙي آهين. توکي انسان ڪير ٿو چوي؟ ٻيڙي پي ۽ رجسٽر ٺيڪ ڪر ۽ شام جو زال ۽ ٻارڙن کي وٺي وڃي ميونسپل باغ جو سير ڪر. تنهنجو خوبصورتي ۽ ان قسم جي ڳالهين سان ڇا تعلق؟”.
    ڪلرڪ تنگ ٿي چيو. “توهان جي نظر ۾ آئون سڄو ڏينهن فقط رجسٽر ۾ ڌيان لڳائي ويٺو هوندو آهيان، ته اها توهان جي غلط فهمي آهي. آئون ڪئين ڪلاڪ معمول جو ڪم ڪو نه ڪندو آهيان. ٻيڙي وات ۾ رکي، قلم کي ڪن ۾ لڳائي، رجسٽر کولي چپ چاپ ويٺو هوندو آهيان ۽ نه ڄاڻ ڇاڇا سوچيندو آهيان ته جيئن سپرنٽنڊنٽ کي ڪو شڪايت جو موقعو نه ملي ۽ ڏينهن ڀرجي ٿڪا وٽ به لاهي وٺندو آهيان. هاڻ ان خوبصورتي جي مسئلي کي وٺو. مون اُن تي ڪيترا ڀيرا غور ڪيو آهي. پر..... پر....”.
    “ها، ها” شاعر مسڪرائي چيو، “چئو، ڊڄين ڇو ٿو مال جي کاتي جا مسڪين ڪڪڙ؟”.
    ڪلارڪ چيو، “ڳالهه اصل هي آهي ته مون کي ڪجهه شرم اچي ٿو. ڇو ته ......”.
    شاعر چيو، “شرم ٿو اچي ۽توکي؟”
    ڪلارڪ ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو “ڇو ته آئون توهان کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ اُها ڪهاڻي منهنجي زندگي سان لاڳاپيل آهي”. شاعر ۽ فلسفي ٻنهي شڪي نگاهن سان ڪلرڪ کي ڏٺو ۽ پوءِ جلدي مان چيو.
    “ته ٻڌاءِ! دير ڇو ٿو ڪرين؟”
    ڪلرڪ چيو “ٿورو بيٽري دکائي وٺان”.
    “هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ايف اي ۾ فيل ٿي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هوس ۽ توهين ٻيئي گورنمينٽ ڪاليج ۾ بي اي ۾ بيڪاري جا ڏينهن پورا ڪرڻ لاءِ هليا ويا هئا. اسان جو ڳوٺ، آئون توهان کي ياد ڪرايان “ساڌو” جي نالي سان مشهور آهي. جيتوڻيڪ مون ان ڳوٺ ۾ اڄ تائين ڪو شوالو، مسجد يا گرد وارو ناهي ڏٺو، جو ويچارو ڪو ساڌو سنت اتي اچي رهي سگهي. ۽ ٻيو وري اسان جي ڳوٺ ۾ ڪير ايترو امير ماڻهو به ناهي جيڪو پنهنجي خاندان کي به ٻه ويلا ماني ڍئو ڪري کارائي سگهي. يا ايئن کڻي سمجهو ته اسان جي ڳوٺ ۾ سڀ ساڌو رهن ٿا. جڏهن منهنجي ناپاس ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ بورڊ وارن منهنجو وظيفو رد ڪري ڇڏيو ته منهنجو گهر موٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه هو”.
    “شاعر چيو ٺيڪ آهي. اڳيان چئو فضول ڳالهيون ڇو ٿو ٻڌائين؟”
    “ٻڌو ته سڀ ڪجهه ٻڌايان. هر ڳالهه جو ڪو نه ڪو مطلب هوندو آهي. اسان جي ڳوٺ کان ڏهه فرلانگ جي پنڌ تي “مدد” نالي جو هڪ ڳوٺ آهي. ريل اوستائين وڃي ٿي. اُن کان پوءِ مون کي ڏهه فرلانگ پنڌ ڪرڻو پئجي ويو. ٻنهرن جو وقت هو ۽ ٻنين ۾ ڪپهه جو فصل ڦٽي آيو هو. بس ائين معلوم ٿيو ٿي ته چئني طرفن ڄڻ برف وسي آهي. سفيد سفيد، ميلن تائين سفيدي ڇانئي پئي هئي. ٻن پهرن جي تيز اُس ۾ ڪپهه جي سفيدي اکين کي چپي رهي هئي. منهنجو سارو جسم پگهر ۾ شل هو. سوٽ ڪيس ۽ بسترو منهنجي ڪلهن تي هو. ڪنهن ڪنهن مهل ٻٻر جي وڻ جي ٿورڙي ڇانو ۾ ساهي پٽي ٿي لاٿم پر ان مان ڇا ٿي سگهيو ٿي؟. اُڃ ڏاڍو ستايو هو. رستي ۾ نه ڪا ئي نهر هئي ۽ نه هن مٽي هاڻن ميدانن ۾ انسان جي ڪا صورت ۾ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. چئني طرفن ڦهليل آسمان ۽ ڦنڍيل ڪپهه جو فصل ۽ اُس جا سفيد گولا ۽ زور جي اُڃ! اهڙي زوردار اُڃ مون کي اڄ تائين ناهي لڳي. پپر جو وڻ اڃا پنج فرلانگ پري هو. جتان وڏي ڳوٺ ڏانهن رستو ويو ٿي ۽ جتي پاڻي جي هڪ تانڪي هئي. ٻنپهرن جي وقت ايتري اُس ۾ ڳائڻ دراصل پنهنجي دل کي دوکو ڏيڻ هو. مون سوچيو جيڪو شخص ٻنپهرن جو گانو ڳائي سگهي ٿو يقينن اُن وٽ پاڻي به هوندو. اهو سوچيندي مون رستو ڇڏي ٻنين جي وچان هلڻ شروع ڪيو. منهنجي ويجهو پهچندي گاني جو آواز وڌندو ويو. هتي ٽي ڇوڪريون هيون ۽ وونئڻ چونڊي رهيون هيون. سانورا جسم، ٿلها ٿلها هٿ پير، ڪاريون اکيون، ڪجل پاتل، ڪپڙن ۾ ڇيڻن جي بدبوءِ، بس ويچاريون ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ته اهڙيون ئي هونديون آهن”.
    هڪڙي چيو، (ٿورڙو شرمائي) “ڀاءُ ڪهڙو ڪم آهي؟”
    مون چيو، “ڀيڻ اُڃ لڳي آهي”.
    هن چيو، “امرت وڃ هڪ ڪٽورو لسي جو ڀري اچ، (پوءِ منهنجي طرف ڏسي) ڪٿان آيو آهين؟”
    “لاهور کان”.
    “لاهور کان.” ٽنهي ڇوڪرين حيران ٿيندي چيو اُنهن جون ٿلهيون ٿلهيون ڪارين اکين جون پتليون هڪدم ڦهلجي ويون. هاڻي هو مون کي تعريف، تعجب ۽ شڪ جي مليل جليل جذبات سان ڏسي رهيون هيون. امرت ويچاري جو وات کليل هو ۽ اُنجي کاٻي هٿ ۾ ڦٽيون هيون. مون چيو “امرت هو لسي جو ڪٽورو؟”.
    پهرين ڇوڪري چيو “وڃ ڙي ڇوري! لسي ڇو نٿي کڻي اچين؟”
    مون سوٽ ڪيس ۽ بسترو پٽ تي رکي ڇڏيا ۽ ويهي لسي جو انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوري دير کان پوءِ امرت وڏي ڪٽوري ۾ لسي کڻي آئي. لسي جو مٽڪو هن ٻنين کان پري ٻٻر جي وڻ هيٺان کڏ کوٽي رکيو هو. انهي لاءِ لسي هيڏي باهه جهڙي اُس ۾ به ڪنهن پهاڙي چشمي جي پاڻي جيان ٿڌي هئي. لسي پيئڻ سان مون کي محسوس ٿيو ڄڻ وري جي اُٿيو آهيان. امرت مسڪرائيندي چيو “جي! اڃا لسي کڻي اچان؟”.
    “بس! آئون ته ڄڻ سڪل کيت جيان وري آباد ٿي ويس”.
    ٽيئي ڀيڻون هڪ ڀيرو وري کلي پيون. جيتوڻيڪ هي مذاق هو، پوءِ امرت پنهنجين ٿلهين ٿلهين اکين سان منهنجي طرف ڏسندي چيو.
    “ڇا تون سچ پچ لاهور کان آيو آهين؟”
    “ته ٻيو ڇا؟”
    “ته هاڻي ڪيڏانهن ويندين؟”
    “ساڌو ڳوٺ ۾ تپيدار شام سنگهه جو پٽ آهيان”.
    “ته تون تپيدار جو پٽ آهين؟” ٽنهي ڇوڪرين منهنجي طرف تڪيندي چيو. انهن جي نگاهن ۾ تعريف هئي، تعجب ۽ تقدس. ڳوٺ ۾ پٽواري ۽ زميدار جا ٻار ڪنهن مقدس ڍڳي کان گهٽ مرتبو نه رکندا آهن. ڳوٺ جي جوان ڇوڪرين ۾ هو هميشه توجه جو مرڪز بنيل هوندا آهن. انهن جون تعريفي نگاهون، سندن احساس مردانگي ۽ جرئت ۾ هڪ خطرناڪ اضافو ڪن ٿيون ۽ ماڻهو محض ان سبب اُنهن جي شرارتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو هو تپيدار يا زميدار جا ڇوڪرا آهن. نه ته جي ٻيو ڪو جي ڪڏهن اُنهن جي ڌين يا نهرن کي بري طرح سان ڏسي ته ماري ماري اُن کي قيمو ڪري ڇڏيندا آهن. دراصل ڳوٺ وارن کي پنهنجين عورتن جي عزت ان قدر پياري نٿي هجي جيتريقدر تپيدار جو کيسو زميدار جي مسڪراهٽ.
    مون هڪ نظر ۾ محسوس ڪيو ته امرت جو من مونتي بري طرح مائل آهي. دراصل هي بيوقوف ڇوڪريون خوبصورت ڪپڙن ۽ انگريزي طور طريقن تي ڏاڍو مرن ٿيون، مون پنهنجي ٽيڏي پيشاني تي هٿ ڦيري وارن کي پيشاني تي آندو ۽ پوءِ ٻه چار هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري اُنهن کان موڪلايم ۽ ويندي ويندي مون امرت کي محسوس ڪرايو ته آئون وري به ضرور هن سان ملڻ ايندس. هن جو ڳوٺ ته بلڪل ويجهو هو ۽ وري مون کي پنهنجون ڊگهيون موڪلون پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي گذارڻيون هيون ۽ اُن لاءِ دل لڳي جو ڪو ته سامان مون کي ڳولڻو ئي هو. انهي لاءِ مون کي امرت پسند اچي ويئي. اهو سچ آهي ته، نه مون هن سان ڪڏهن سچي دل سان محبت ڪئي ۽ نه ئي اُن کي ڪڏهن حسين سمجهيم. هي ته هڪ قسم جي مطلب پرستي هئي. هڪ عارضي رشتو جنهن کي پنهنجي پر ۾ هڪ ڪک جي طرح ٽوڙي سگهيس ٿي. عام طور تي هر عورت کي هر مرد کان ان قسم جي توقع رکڻ کپي ۽ جيڪڏهن ايئن ٿي پوي ته اسان جي زندگي ڪيڏي نه خوشگوار ٿي وڃي. آئون يقين سان نٿو چئي سگهان ته امرت جو منهنجي باري ۾ ڇا خيال هو؟. پر جڏهن به اسان چانڊوڪي راتين ۾ کيتن جي اوٽ ۾ ملياسين ٿي ته چمڙا اسان جي مٿان ڦڙ ڦڙائي گذريا ٿي ته امرت ڪيترا ڀيرا اچي منهنجي گود ۾ ويٺي ٿي ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳي ٿي ۽ مون کان قسم ٿي ورتا ته آئون هن کي ڪڏهن ڇڏي نه ويندس ۽ مون کي قسم کائڻ کان ڪڏهن به انڪار نه هو بلڪه هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿي ٿي. ڪوڙا قسم ته اڄ به آئون پنهنجي سپرنٽنڊنٽ جي سامهون کان ٿو. پر اُهو لطف ڪٿي؟ جيتوڻيڪ امرت خوبصورت نه هئي پر اُهي ڏينهن جيڪي مون هن سان گذاريا بي حد حسين ڏيکائي ڏين ٿا، جيوڻيڪ آئون اهو نٿو چئي سگهان ته امرت ۾ هڪ رڍ جون صفتون هيون ۽ وري مون ڪئين عورتون ڏٺيون آهن جيڪي ڀرپور جوڀن ۾ به بي حد بدصورت ڏيکائي ڏينديون آهن ۽ جواني جي ڪا به ادا به اُنهن جي بدصورتي ۾ ڪمي پيدا نٿي ڪري سگهي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ جواني کي حسن سان ڳنڍڻ ڪهڙي طرح به جائز ناهي.
    منهنجي بي روزگاري جي ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ پي هڪ سٺي گهر ۾ منهنجو رشتو طئه ڪري ڇڏيو. ڇوڪري مڊل پاس هئي ۽ پيءُ سپروائيزر هو. دراصل پيءَ جي عهدي جي دٻدٻي کان اسين متاثر ٿياسين ۽ آئون واندو ته هوس ئي، سو ڇو نه شادي ڪري ڇڏجي ۽ وري سهرو به سپروائيزر آهي ڪٿي نه ڪٿي پلن جي نگراني ڪندڙ صاحب کي چئي نوڪري تي لڳائي ڇڏيندو. نوڪري ۽ زال اهي ٻيئي شيون جنهن وٽ هجن ان جهڙو خوش قسمت ماڻهو دنيا ۾ ڪير هوندو؟ اِهو سوچي مون به ها ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ امرت کي اها ڳالهه مون ڪو نه ٻڌائي، مون سوچيو اُن کي بي فائدو رئاڙڻ مان ڇا فائدو؟ رئڻ لاءِ ته سڄي عمر پئي آهي. ليڪن زندگي جا اُهي پل جيڪي انهن راتين جي خوشگوار چانڊوڪي ۾ کيتن جي اوٽ ۾ زمين مان اُٿندڙ خوشبوءِ ۽ ڪارين اکين کي حيران ڪرڻ واريون گهراين ۾ گذري وڃن اُهي غنيمت آهن. اهو سوچي مون امرت کان ان ڳالهه کي لڪائي رکيو.
    ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي ته مون ان خبر کي هن کان ڇو لڪايو؟ جيڪڏهن آئون ايئن نه ڪريان ها ته شايد اُن کي ايترو شديد صدمو نه پهچي ها. آهستي آهستي ڳالهين ڳالهين ۾ هن کي پنهنجي مجبوري ۽ ماءُ پي جي ضد جو احوال ٻڌائي ڇڏيان ها ۽ پوءِ شايد هو ان غم تي قابو پائي وٺي ها. ڀلا پنهنجي زندگي ڪنهن کي پياري نٿي هجي؟ ڪير ٻئي سان لک ڀيرا محبت ڪري، پر جيترو پيار ماڻهو کي پنهنجي جان سان هوندو آهي، ٻي ڪنهن سان ناهي ٿيندو. پر ڪجهه بيوقوف ماڻهو احساس جي شدت کان تنگ اچي ان نڪتي کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. امرت به اُنهن مان هڪ هئي. جنهن ڏينهن اُن کي منهنجي شادي جي خبر پئي انهي ڏينهن هن خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳالهه هيئن هئي ته اسان جي گهر شادي جي خوشي ۾ گيت ڳائجڻ لڳا. هر روز ماني کائڻ کان پوءِ، ڳوٺ جون ڇوڪريون اڱڻ جي ٻاهر پپر جي وڻ جي هيٺان آڌي آڌي رات تائين گيت ڳائيندي شادي جا جوڙا ڀريا ٿي ۽ نچيون ٿي. پاسي واري ڳوٺ مان به جنهن ۾ امرت رهي ٿي، گهڻيون ئي ڇوڪريون آيون ٿي ۽ نيٺ امرت کي به اچڻ جو نياپو مليو. “سڀاڻي شام سنگهه پٽواري جي ڇوڪري جي شادي آهي. .....! تون هل مزو ايندو.....”، چون ٿا ته امرت اهو ٻڌي پهرين ته چپ ٿي ويئي. هن جي چهري جو رنگ ڦڪو پئجي ويو ۽ هن جون پلڪون ڪنبڻ لڳيون. پر ٻي ئي پل هن پنهنجو پاڻ تي قابو پائي ورتو ۽ چوڻ لڳي، هوءِ ضرور گيتن جي محفل ۾ شامل ٿيندي. شام سنگهه تپيدار جي ڇوڪري جي شادي جي هن کي ڏاڍي خوشي هئي.
    مون کي ان ڳالهه جو ڏک ناهي ته هن خودڪشي ڇو ڪئي؟ جيئن مون چيو ته احساس جي شدت ۾ انسان ڪافي اهڙيون حرڪتون ڪري ويهندو آهي. وري بعد ۾ پڇتائڻ چاهيندو آهي، بشرطيڪ هن کي موقع ملي. اها الڳ ڳالهه آهي ته امرت کي اهڙو موقعو نه مليو. ڇو ته جڏهن ماڻهو هڪ واري خودڪشي ڪري وٺي ٿو ته پوءِ هو بعد ۾ اُنجي متعلق ڇا ٿو سوچي سگهي ؟ خير آئون اهو اڄ به ڄاڻڻ چاهيان ٿو ۽ مون کي ڏک رڳو ان ڳالهه جو آهي ته مون شادي جي خبر ٻڌي ايڏي وڏي خوشي جو اظهار ڇو ڪيو؟. چون ٿا هن پنهنجي وارن ۾ خوشبوءِ دار تيل لڳايو، هٿن تي مهندي هنئي، وهنجي سهنجي عمدو وڳو ڀاتو ۽ شام جي گيتن جي محفل ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي اڱڻ جي کٽ تي ويهي رهي ۽ پنهنجي ساهڙين جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ جڏهن ساهڙيون هن کي وٺڻ لاءِ آيون ته هو کٽ تي خاموش جهڪي ويٺي هئي. هن جي ساهيڙين هن کي نالو وٺي ٽي ڀيرا سڏيو. پر هن ڪو به جواب نه ڏنو.
    ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ مون به هن کي انهي حالت ۾ ڏٺو، ڇو ته جوان ڇوڪري يا ڇوڪري جي موت جي خبر هڪدم آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڦهلي وڃي ٿي. هوءِ کٽ تي جهڪي ويٺي هئي ۽ هنجا ڪارا وار چهري تي اچي ويا هئا. جن هن جي چهري ۽ هٿن کي لڪائي ڇڏيو هو. وارن کي هنيل مهندي ايئن نظر اچي رهي هئي جيئن ٽارين مان گلاب جون پنکڙيون ڦٽي رهيون هجن. هوءِ وار کولي ائين جهڪيل هئي ڄڻ ڪنهن جي پوڄا ڪري رهي هجي ۽ اُنتي چڙهائڻ لاءِ گلاب جون پنکڙيون آنديون هجن. منهنجا ٻار ٻچا آهن. زال آهي. جيئن تو چيو، اُنهن کي گهمائڻ اڪثر ميونسپل باغ ويندو آهيان. مون کي اُنهن سان محبت آهي. آئون پنهنجي زال کي خوبصورت سمجهان ٿو. آئون کان ٿو، پايان ٿو، دفتر جو ڪم ڪريان ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن راتين جو ڪنهن جي اکين جون سياهه گهرايون، وارن جي چوٽن جي خوشبوءِ ۽ آڱرين مان اُٿندڙ مهندي مون کي ايتريقدر پنهنجي ويجهو محسوس ٿيندي آهي جو آئون پريشان ٿي ويندو آهيان. هي شيون مون کي پنهنجي زال کان به قريب ۽ پياريون لڳنديون آهن. منهنجو من ڀرجي ايندو آهي ۽ منهنجي اکين مان لڙڪ لڙڻ لڳندا آهن. هاڻي آئون سوچيندو آهيان شايد محبت محض هڪ خيالي ۽ شاعرانه شئي ناهي. نه حسن جيوميٽري جي چند شڪلين ۽ اُنهن جي ڪنڊن تي ٻڌل آهي. امرت جي موت مون کي هڪ عجيب ٻڏتر ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اک ۾ لڙڪ بڻجي وڃي ٿو. شايد اهي ٻئي هڪ ئي شئي جا مختلف نالا آهن. آئون هن کي امرت چوان ٿو ڇو ته هوءِ زهر جو پيالو پيئڻ کان پوءِ به زندهه آهي. تون جو شاعر آهين اُن کي يوسف چئي سگهين ٿو يا ليليٰ. آخر نالي ۾ ڇا رکيو آهي ۽ تون جو فسلفي آهين تو.....”.
    فلسفي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو “هي تنهنجي آتم ڪٿا ڏک ڀري ڪهاڻي ضروري آهي. پر امرت جي موت، حسن ۽ عشق جي مسئلي تي روشني نٿي وجهي. جيڪڏهن امرت خوبصورت هجي ها ته توکي فتح ڪري وٺي ها. شايد هن جي چهري جا خدوخال (ڪنڊون) جيوميٽري جي نقطي نگاهه کان درست ۽ موزون نه هئا ۽ انهي لاءِ توکي پنهنجي طرف ڇڪي نه سگهيا. ۽ جيڪڏهن توکي ڪنهن ٻي سان عشق هجي ها ته تنهنجو سپروائيزر سهرو توکي ڪلارڪ جي نوڪري تي نه ڏياري ها. معاملو صاف آهي. عشق هڪ شاعراڻو تخيل آهي. حسن جيوميٽري جي هڪ شڪل ۽ تون هڪ دقيانوسي اڌ مغزي ڪلارڪ.”
    شاعر آهستي پڇيو “۽ امرت؟ امرت!؟”
    فلسفي جواب ڏيڻ تي هو جو ڪلارڪ رڙ ڪري چيو، “اي فيثا غورث جا پٽ! هاڻ گهڻو ٿيو چپ ڪري ويهه”.


    نئون خزانو

    آئون پنهنجي بستري تي آرام سان ليٽيون پيو هوس. ننڊاکڙي جي عالم ۾ ڪهاڻي پڙهي رهيو هوس، جنهن ۾ نهايت خوبصورت ڇوڪري جو ذڪر هو. محبت ڏاڍي اُداس هئي ۽ انجام حيرت ۾ وجهڻ وارو هو يا کڻي چئجي ته ايئن ڪو نه به هو. گهڻي نرم نرم ۽ هلڪي گرم ماکي جي ميٺاس سان ڀريل ڪهاڻي هئي. جيڪا شايد ننڊ اکڙي جي عالم ۾ لکي ويئي هئي.
    ايتري ۾ منهنجو پٽ عمر ڇهه سال، قد ننڍو چڊي ڦاٽل اکيون چمڪندڙ، ٽپ ڏيئي منهنجي بستري تي اچي ويٺو ۽ گهڻي بيقراري پردلچسپي واري انداز ۾ مون کان پڇڻ لڳو.
    “منهنجو خزانو ڏسندين؟”
    “خزانو؟”
    “ها”. هن چيو، “بلڪل نئون خزانو آهي. ڏسندين؟”
    مون چيو “ڏيکار ضرور ڏسندس. پر تنهنجي پهريئين خزاني جو ڇا ٿيو؟”
    ٻارڙي چيو. “اُهو مون مالهي جي ڇوڪري بجو کي ڏئي ڇڏيو”. ايترو چئي ٻارڙي پنهنجي بند جهولي کولي. سڀ کان پهرين هن ماچيس جي ڏٻي ڪڍي. اُن ماچيس جي ڏٻي کي هن ايئن کوليو جيئن تماشو شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تان پردو هٽايو ويندو آهي. جڏهن پردو هٽي ويو ته مون ڏٺو ته ماچيس جي ڏٻي جي اندر ڪانچ (شيشي) جا ننڍا ننڍا ٽڪرا گڏ ڪيل هئا.
    “هي ڇا آهي؟” مون پڇيو.
    ٻارڙي منهنجي طرف ايئن ڏٺو ڄڻ هن کي منهنجي بيوقوفي تي افسوس ٿي رهيو هجي. مگر هن جي نگاهن ۾ تمام گهڻي گهرائي هئي. هن مون کي پيار سان سمجهائيندي چيو، “ڏس هي موتي آهن”.
    “موتي آهن؟”
    “امان جي چوڙين مان ٺاهيا آهن”.
    اُن کان پوءِ هن خزاني جي ڏٻي بند ڪري ڇڏي ۽ ٻي ڏٻي ڪڍي. هن ڏٻي ۾ تمام پراڻا نب پيل هئا. ڳاڙهي مس جي نب سان آئون اڪثر پنهنجيون ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ گهڻو ڪري ڪهاڻي لکڻ وقت ٽي يا چار نب استعمال ڪندو آهيان ۽ اُڇلائي ڇڏيندو آهيان. اصل ۾ مون کي ڳاڙهي مس جي نب جي ڌار پسند آهي. لکڻ وقت ايئن لڳندو آهي ڄڻ نب ڪهاڻي جي سيني ۾ لهندو ٿو وڃي، هر جي چوني جيان ڪنهن اڻ ڄاڻ اڻ ڏٺل ڌرتي کي چيريندو اڳتي وڌندو رهندو آهي. هاري جي فصل جيان ڪهاڻي به آهستي آهستي پچندي آهي. پهرين اُن تي ٻج ڦٽندو آهي. پوءِ ٻوٽو وڏو ٿيندو آهي. پوءِ هن کي هوا ۽ روشني ملندي آهي. پوءِ آسمان طرف ڏسندڙ نوڪدار پنن تي ڦرهيون جهومنديون آهن. تڏهن وڃي ڪٿي محبت جو هڪ داڻو پيدا ٿيندو آهي. پر ڪڏهن محبت جو هڪ داڻو به پيدا ڪو نه ٿيندو آهي ۽ ساري ڌرتي بنجر رهجي ويندي آهي. ان بنجر ڪهاڻي جي گهاوَ کي هڪ ڪهاڻيڪار کان بهتر ٻيو ڪير نٿو سمجهي سگهي.
    ٻارڙي جي ڏٻي انهن پراڻن نبن سان ڀريل هئي. جن سان مون نيون ۽ پراڻيون ڪهاڻيون لکيون هيون. سٺيون ۽ بريون ڪهاڻيون، جيڪي ازل وانگيان پراڻيون هيون ۽ اڄ جي انسان جيان نيون هيون. محبت سان سرشار ڪهاڻيون، ڪاوڙ ۽ ظلم سان ڀرپور ڪهاڻيون، رنگين بجلي جيان چمڪندڙ ڪهاڻيون ۽ بي رنگ، ڦڪيون ۽ اُجهاڻل ڪهاڻيون، جيئن دل اندران سڙي وڃي ۽ ڪهاڻي جي ڪک سنڍ ٿي وڃي. پر هي سڀ منهنجي پورهيئي جون ڪهاڻيون هيون. انهن ۾ منهنجي خيالن جو ۽ منهنجي احساسن جو پگهر شامل هو. انهي لاءِ مون ٻارڙي جي خزاني جي قصي کي ڏاڍي دلچسپي سان ڏٺو ۽ هن کان پڇيو.
    “هي سڀ ڇا آهي؟”
    ٻارري کي هاڻي منهنجي بيوقوفي جو پورو يقين ٿي چڪو هو. انهيءَ لاءِ هن مسڪرائيندي چيو “اڙي ڀائي هي نب آهن”.
    مون پڇيو، “انهن سان تون ڇا ڪندو آهين”.
    هن چيو، “ڪجهه ناهيان ڪندو. آئون انهن سان کيڏيندو آهيان”.
    “ڪيئن؟”
    هن چيو . “هي نب آهن ۽ هي اُن جو پيءُ آهي”.
    اهو چئي ٻارڙي ماچيس جي ٽين ڏٻي کولي ۽ اُن مان هڪ چق مق ڪڍيو. چق مق هڪ نب کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. جڏهن هڪ نب چهٽي پيو ته ٻيا نب به هڪ ٻئي جي آڱري پڪڙي چق مق سان چهٽي ويا.
    ٻارڙي کلي چيو، “ڏٺئي؟ هي سڀني جو پيءُ آهي. هي سڀ اُن جو اولاد آهن. هڪ ٻئي جون آڱريون پڪڙيو قطار ۾ بيٺا آهن. سمجهيئي؟”.
    آئون هڪدم سمجهي ويس. کوڙ سارين ڪهاڻين لکڻ جي باوجود جيڪو ڪجهه نه سمجهي سگهيو هئس سو اڄ سمجهي ويس. هونئن ته آئون ڄاڻندو هوس ته ڪهاڻيون سٺيون به هونديون آهن، بريون به هونديون آهن پر اڄ تائين اهو نه ڄاڻي سگهيو هوس ته سڀني ڪهاڻين جو هڪ ئي چق مق هوندو آهي جنهن جي سهاري اُهي خلا ۾ بيهه رهن ٿيون ۽ اُهو چق مق آهي، انسان! انسان کان سواءِ ڪا به ڪهاڻي بيهه نٿي سگهي.
    مون کي هاڻ ٻارري جي خزاني ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي اُن لاءِ مون هن کي چيو ته، “وڌيڪ ڏيکار! ٻيو ڇا ڇا آهي تو وٽ؟”.
    هاڻي ٻارڙي تصويرن جو وڏو بنڊل منهنجي سامهون رکي ڇڏيو. پهرين تصوير ڪنهن مهاراجا جي هئي. جنهن جي ڳلي ۾ هيرن جواهرن جا هار پاتل هئا.
    مون ٻارڙي کان پڇيو، “ڀلا هي سٺو ماڻهو ڪير آهي؟”
    ٻارڙي چيو، “هي گوتم ٻڌ آهي”.
    ٻارڙي شايد ڪلهه ئي پنهنجي ڀيڻ کان گوتم ٻڌ جو نالو ٻڌو هو. اهو نالو هن کي گهڻو عجيب ۽ نئون لڳو. هن جلدي ان نالي کي تصوير سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ آئون سوچيان ٿو ته ڇا غلط ڪيائين؟. هن ملڪ ۾ ٻار ڇا وڏا ڀي اڄ تائين مهاراجائن کي گوتم ٻڌ جي طرح پاڪ، صاف ۽ نيڪ ديوتا جيان مقدس سمجهن ٿا. مون کي ڪهڙي ضرورت آهي جو هڪ ٻار جي غلط فهمي دور ڪريان؟. وڏو ٿي خود ئي سمجهي ويندو. ٻارڙي هڪڙي ٻي تصوير ڪڍي. هڪ خوبصورت مراٺي ڇوڪري هڪ پوسٽ آفيس جي ڏٻي ۾ خط پائي رهي هئي.
    مون پڇيو. “هي ڇا آهي؟”
    ٻارڙي چيو. هي عورت پوسٽ جي دٻي ۾ خط وجهي رهي آهي ۽ هن جو گهر پوسٽ جي ڏٻي جي بلڪل ويجهو آهي”.
    مون چيو، “توکي ڪيئن خبر پئي ته هن عورت جو گهر پوسٽ جي ڏٻي جي ويجهو آهي؟”
    ٻارڙي منهنجي طرف بي رحم نگاهن سان ڏٺو، “ڏسو نٿا ته هن جا پير اُگهاڙا آهن. تڏهن ته بس گهر کان نڪري جلدي خط وجهڻ هلي آئي آهي. پري وڃڻو هجي ها ته چپل پائي نه وڃي ها؟”
    مون پنهنجي بيزاري لڪائيندي چيو “ٺيڪ آهي هاڻي ٻي تصوير ڪڍ؟”
    ننڍي شرلاڪ هو مز هڪ ٻي تصوير منهنجي اڳيان رکي ڇڏي. هن تصوير ۾ هڪ پڃرو هو. پڃري ۾ طوطو هو. طوطي جي ڀرسان هڪ خوبصورت عورت ڀڙڪيلا ڪپڙا پهري پنهنجي زيورن جو ڏٻو کولي ويٺي هئي ۽ طوطي ڏانهن ڏسي رهي هئي.
    مون پڇيو، “هي عورت هن طوطي ڏانهن ڇو ڏسي رهي آهي؟”
    ٻارڙي چيو، “هي عورت طوطي کان پڇي ٿي ته منهنجو موتي ڪٿي آهي؟”
    “ڪٿي آهي هن جو موتي؟”
    ٻارڙي غور سان تصوير کي ڏٺو، موتي پڃري ۾ ڪو نه هو. طوطي کي ڪوٽ پاتل ڪو نه هو. نه ته موتي اُن جي کيسي ۾ هجي ها. آخر سوچي سمجهي ٻارري چيو، “موتي طوطي جي اک ۾ آهي. طوطي موتي کي پنهنجي اک ۾ لڪائي ڇڏيو آهي”.
    اڄ تائين مون ڪافي اهڙيون ڪهاڻيون لکيون هيون جنهن ۾ انسان پنهنجي اکين ۾ لڙڪ لڪائيندو هو. پر اهڙي طوطي جي ڪهاڻي مون نه لکي هئي، جنهن موتي پنهنجي اک ۾ لڪائي ڇڏيو هو. نه ڄاڻ ڪڏهن هي ڪهاڻي لکي وڃي؟ نه ڄاڻ ٻيو ڪير هن ڪهاڻي کي لکندو؟ پر هي ڪهاڻي اهڙي آهي جيڪا هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به پراڻي نه ٿيندي. طوطي جي اک جيان چمڪندي رهندي.
    ٻار ٻي تصوير ڏيکارڻ وارو ئي هو جو هن جي ماءُ جو آواز آيو “ٻچڙا هاڻ اُٿي! نو ٿيڻ وارا آهن. توکي اسڪول وڃڻو آهي”.
    ٻارڙي کي جهٽڪو لڳو. مون کي به لڳو. اسين اهڙي خوبصورت دنيا ۾ پهتل هئاسين جنهن ۾ اسڪول جو نالو وٺڻ به گناهه هو ۽ اسڪول به ڪهڙو اسڪول؟ سوڙها ڪمرا، اونداها اڱڻ، غربت جي تلخ يادن جو ماريل مفلس ماستر ۽ اُن جي نفرت ۽ غصي سان ڀرپور لٺ ...... جيڪا تمام ڏور کان ايندي هئي پر لهندي هميشه ٻارن تي هئي.
    ٻارڙو هيسجي ويو.
    آئون به هيسجي ويس.
    ڇا ڪيو وڃي. مجبوري هئي. اسڪول وڃڻ به ضروري هو. ٻارڙي منهنجي طرف ڏسي بي وسي مان چيو “اسڪول نه وڃاڻ. ته ڇا ٿيندو؟”.
    مون چيو، “تون اسڪول ڇو نه ويندين؟ اڄ موڪل جو ڏينهن ناهي”.
    ٻارڙي پڇيو، “اڄ ڇو موڪل نه آهي؟ ڪالهه به موڪل هئي. اُن کان اڳيون ڏينهن به موڪل هئي. اڄ ڇو نه آهي؟”
    مون چيو، “روز روز موڪل ڪونهي ٿيندي”.
    هن چيو، “ڇو نٿي ٿئي؟”
    ماڻس هن کي منهنجي گود مان اُٿاري زمين تي کڙو ڪيو.
    “هون..... هاڻي سڌو اسڪول هليو وڃ. بهانا نه ٺاهي”.
    ٻارڙي پنهنجي سامان ۽ ٻن بي رحم انسانن کي ڏٺو. اسان جي چهرن تي هن کي ڪٿي به اُهو رنگين ڀونئرو ڏسڻ ۾ نه آيو، نه ڊگهن ڊگهن ڪنن وارو سهو، نه اُگهاڙن پيرن گهمڻ واري مراٺي ڇوڪري..... هن گهڻي اُداسي مان اسان جي چهرن جي سختي کي پڙهي ورتو ۽ مايوس ٿي پنهنجو ٿيلهو ٺاهڻ لڳو ۽ هن ٿيلهي ۾ اهڙا ئي ڪتاب هئا جيڪي اسان جي چهرن جيان سخت ۽ بي رحم هئا، ٻار گهڻو ڪجهه چاهي ٿو. گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو. پر هن کي اُهو سڀ ڪجهه ڪو نه ٿو ملي. ڇو جو اُهو سڀ ڪجهه ٻارن جي دنيا ۾ آهي. هي پوڙهن جي دنيا آهي ۽ بي ايمان، بدڪار، بدمعاش ماڻهن جي دنيا آهي، جنهن جي وات ۾ نه ڏند آهن نه پيٽ ۾ آنڊا. ٻار پنهنجين تصويرن ۾ اُن دنيا کي ڳولي ٿو جيڪا ٻارن جي طرح مسڪرائي سگهي. انهي ڪري ٻارڙي خاموشي سان ٿيلهو ٺاهي، ڪلهي ۾ پائي ورتو، پنهنجي خزاني کي پنهنجي کيسن ۾ ڀري ورتو ۽ اسان ڏانهن ڏسڻ بغير پڙهڻ لاءِ هليو ويو.
    ٻارڙي جو اسڪول گهر جي ويجهو هو. گهر کان اسڪول تائين اڌ فرلانگ کان به گهٽ رستو هو. جنهن جي هڪ طرف امير ماڻهو جي بنگلي جي چار ديواري هئي ۽ ٻئي طرف گل مهر جي وڻن جي قطار هئي. انهن ٻنهي جي وچان رستي تي منهنجو ڇوڪرو چپ چاپ ڪنڌ هيٺ ڪري اسڪول وڃي رهيو هو. جو مون هڪ وڻ جي پويان کان نڪري هن جو رستو روڪي ورتو.
    ٻارڙي منهنجي طرف ڏٺو.
    مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، هن کي آهستي چيو، “هليا اسڪول کان ڀڄي هلون”.
    اسڪول کان ڀڄڻ جي ڳالهه اڃا تائين هن جي دماغ ۾ نه آئي هئي. هڪدم هن جو چهرو ان خيال جي روشني سان ڀرجي ويو. اها روشني هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي. هن جا اُداس ڳل گل جي طرح ٽڙي پيا. آئون هن جي چهري جو بدلجندڙ رنگ ڏسي رهيو هوس. هن جي حيرت ۽ پوءِ وري هن جا اُميد ۽ خوشي سان ڀرپور راڳ ٻڌي رهيو هوس. ٻار جو خاموش چهرو به خوشي جا ڪهڙا ڪهڙا نه گيت ڳائي ٿو.
    هن هٿ وڌائي منهنجي آڱري پڪڙي ورتي. پوءِ هلندي هلندي هڪدم بيهه رهيو. منهنجي طرف سنجيدگي سان ڏسندي چوڻ لڳو، “امان سان ڳالهه ته نه ڪندين؟”.
    مون پنهنجي چپن تي آڱر رکي چيو، “شش....”
    ڊاک جي وڻ جي اڳيان جتي ٻيرن جي وڻن جو وڏو جهڳٽو هو اُتي اسان ٿيلهي کي لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ اسان گهمي ڦري هڪ سوڙهي جبل تي پهچي وياسين جيڪو جهنگل کان ڏور ناريل جي هڪ جهنگل مان گذري ٿو.
    اُن ڏينهن اسان تمام گهڻو گهمياسين. اُها صبح ڪافي صاف ۽ چمڪدار هئي. جهنگل ۾ چئني طرف سناٽو ڇانيل هو. هلڪي هلڪي سائي رنگ جي ٿڌي روشني چئني طرفن ڦهليل هئي. اسين ٻيئي اُگهاڙن پيرن سان ڌرتي تي هلي رهيا هئاسين. ڇو ته آئون به مراٺي ڇوڪري جيان جلدي ۾ اُگهاڙن پيرن سان ئي گهر مان ڀڄي آيو هوس. ڪافي ڏينهن کانپوءِ اڄ منهنجا اُگهاڙا پير ڌرتي تي هلي رهيا هئا ۽ ننڍپڻ جون پراڻيون ڄاتل سڃاتل پٿريون منهنجي پيرن سان گلي ملي رهيون هيون. منهنجي پيرن ۾ هڪ عجيب خوشي جو احساس سمائجي ويو هو ۽ آئون پنهنجي ٻارڙي سان گڏ جهنگل ۾ ٽٻيون هڻندو رهيس.
    ٻارڙي کي جهنگل ۽ دل کي راحت بخشيندڙ روشني بي حد وڻي، چيائين، “هتي ڏينهن آهي؟”.
    مون چيو. “ها ڏينهن آهي”.
    “اسان جي گهر ۾ به ڏينهن آهي؟”
    مون چيو، “اسان جي گهر ۾ به ڏينهن آهي”.
    هن چيو، “ڏينهن ۾ رات ڪونهي ٿيندي ڇا؟”
    مون چيو، “بابلا ڏينهن ۾ رات ڪونهي ٿيندي”.
    ٻارڙي ضد ڪندي پڇيو، “ٿورڙي به ڪونهي هوندي؟”
    مون پريشان ٿيندي چيو “ڪهڙا اجايا سوال ٿو ڪرين. ڀلا ڏينهن ۾ رات ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟”
    ٻارڙي چيو “هن وقت ڏينهن آهي ته اسان جي مالهي جي گهر ۾ رات ڇو آهي؟”
    منهنجي جسم ۾ ڄڻ خوف جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ مون کي پنهنجي بنگلي کان ٻاهر مالهي جي جهوپڙي ياد آئي، جنهن ۾ ڏينهن جو به رات لڳندي آهي ۽ ٻنپهرن جو به اندهه ڇانيل رهندي آهي ۽ مون کي مالهي جو گهر ۽ گهڻا ٻيا گهر به ياد آيا، جتي ڏينهن جو به اوندهه هوندي آهي ۽ پوءِ مون کي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ياد آيون، جتي رات جو به ڏينهن هوندو آهي. اهڙا گهر جتي ننڍو ڏينهن ۽ ڊگهي رات هوندي آهي. اهڙا گهر جتي ٿورڙي رات ۽، ڊگهو ڏينهن هوندو آهي. جيتوڻيڪ ٻارڙو سماجي تجزيو نٿو ڪري سگهي. پر هو جيڪڏهن ارسطو افلاطون نٿو هجي ته به اُنهن فيلسوفن جهڙو به نٿو هجي، جيڪي ڏينهن ۾ رات ۽ رات ۾ ڏينهن هئڻ جا عجيب دليل پيش ڪري سگهندا آهن. پر هڪ ٻار کي ڪهڙي طرح به مطمئن نٿا ڪري سگهن، جيڪو ڏينهن ۾ رات ۽ رات ۾ ڏينهن ڏسي ٿو ۽ ان تضاد تي حيرت مان خاموش ٿي وڃي ٿو.
    آئون ٻارڙي کي سوال جو جواب ڏئي نه سگهيس. ڇو ته منهنجو جواب گهڻو ڊگهو هو ۽ منهنجو ڇوڪرو گهڻو ننڍو هو. هاڻي سامهون هڪ ننڍي ندي اچي ويئي هئي. مون ٻارڙي کي هنج ۾ کنيو ۽ ندي جي ٻئي پار هن کي هڪ ٻي وڏي جبل مٿي وٺي ويس جتي هڪ ڌراڙ مينهون ۽ ڍڳيون چاري رهيو هو. ٻارڙي هڪ ٻه ڍڳيون ۽ مينهون ضرور ڏٺيون هيون، پر ايتريون ڍڳيون مينهون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. انهي لاءِ پهرين ته هو اُنهن کي گهڻي حيرت مان تڪيندو رهيو ۽ پوءِ چيو،
    “هي سڀ ڍڳيون ۽ مينهون آهن؟”
    “ها”.
    “۽ هو ڇا آهن؟”
    “ٻڪريون”.
    “هو رڍون آهن؟”
    “ها”.
    مون ٻارڙي جو تعارف ٻن ٽن رڍن ۽ ٻڪرين جي ننڍڙن ڦرن سان ڪرائي ڇڏيو. ٻارڙو اُنهن سان کيڏندو رهيو. پوءِ هن هڪ وڇڙي کي ڳئون جي ٿڻ مان کير پيئندي ڏٺو. ٻارڙو هڪدم سمجهي ويو ۽ چيو، “هي ماءُ جو کير پيئي ٿو”.
    مون چيو “ها”
    ٻارڙي پڇيو، “۽ جيڪو اسان جي گهر کير اچي ٿو اُهو ڪٿان اچي ٿو؟”
    “انهن ڍڳين مينهن جو کير هوندو آهي”.
    “ان کير کي هي ماڻهو وڇڙي جي وات مان ڪڍي وٺن ٿا؟”
    مون چيو، “وات مان ڪو نه ٿا ڪڍن، کير ڏهي ڪڍن ٿا”.
    “ڪيئن ڏهن ٿا؟”
    مون ڌراڙ کي چار آني ڏني ۽ هن هڪ ڍڳي کي ڏهي ڏيکاريو. نه صرف کير ڏهي ڏيکاريو پر هن ٻارري کي گود ۾ اهڙي طرح وهاريو، جهڙي طرح هو ڍڳي ڏهڻ وقت دلو پنهنجن گوڏن ۾ رکندو آهي. پوءِ هن ڍڳي جي ٿڻ مان گوائون (ڌارون) ٻار جي وات ۾ وڌيون. ٻارڙي کي ڏاڍو مزو آيو ۽ جڏهن کير جي گُوا غلطي سان ٻارڙي جي چهري تي ڦهلجي ويئي ته هو زور زور سان کلڻ لڳو. هن مون کي آهستي چيو، “وڏو ٿي آئون به ڌراڙ ٿيندس”.
    ٿوري دير کان پوءِ اسان ڌراڙ کي گهڻو پوئتي ڇڏي آيا هئاسين. هاڻي اُتي پهچي وياسين جتي اسان کي سمنڊ ويجهو هو ۽ هڪ ننڍو ڇوڪرو جيڪو منهنجي ڇوڪري کان پنج ڇهه سال وڏو هو. نهايت مزي سان گپ ۽ پاڻي ۾ بيهه جهينگا پڪڙي رهيو هو. ٻارڙي کي جهينگا پڪڙيندڙ ڇوڪري جي همٿ ڏاڍو متاثر ڪيو. هن نهايت آرام سان جهينگي هٿ سان جهلي. اُن جون سامهون واريون ٻه ٻانهون الڳ ڪري پوءِ اُن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي ڄاري واري پيتي ۾ پاتو ٿي. منهنجو ٻارڙو نهايت ڌيان سان هن ڪم کي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن اُتان کان روانه ٿي تمام گهڻو اڳيان نڪري وياسين ته ٻارڙي ٿڌو ساهه کڻي مون کي چيو “آئون به وڏو ٿي جهينگا پڪڙيندس”.
    جهنگل ۾ گهمندي نون وڻن، گلن، پوپٽن سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي اسين پراڻي مندر جي ڏاڪڻن تي وڃي ويٺاسين. هي ڪافي پراڻو مندر هو ۽ اُن جي ڇت ٽٽل هئي ۽ اُن مان سڌو آسمان نظر اچي رهيو هو. ڏاڪڻيون چڙهڻ سان اسان کي پٿر جو هڪ وڏو ڍڳو ڏسڻ ۾ آيو جو مندر جي ٻاهران رکيل هو.
    ٻارڙي چيو “هي ڍڳو آهي؟”
    “ها”
    “هتي ڇا پيو ڪري؟”
    مون چيو “مندر جي سامهون آرام پيو ڪري”.
    “هي مندر آهي”
    “ها”
    “مندر ڇا هوندو آهي؟”
    “مندر ۾ پوڄا ڪئي ويندي آهي”.
    “پوڄا ڇا هوندي آهي؟”
    آئون چپ ٿي ويس، هن کي ڇا ٻڌايان ته پوڄا ڪنهن کي چوندا آهن، ڇو ته ڀڳوان ۽ خدا جو خيال ته تمام پوءِ جي ڳالهه آهي. پهرين ته ٻار کير پيئي ٿو. ماءُ جو چهرو ڏسي ٿو، گوڏن ڀر هلي ٿو، پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، پهريان لفظ جيڪي هو اُچاري ٿو اُهي آ، پا، امان، پاڻي، ماني ۽ رانديڪن جا نالا هوندا آهن ۽ ڀائرن ڀينرن جو پيار هوندو آهي. هن ننڍڙي جي ننڍڙي ۽ پياري دنيا ۾ پوڄا ۽ ڀڳوان جو خيال ڪو نه ٿو اچي. انهي لاءِ مون ٻارڙي کي چيو.
    “مون کي به معلوم ناهي. اچ اندر هلي ڏسون ته پوڄا مندر ۾ ڪيئن ٿئي ٿي”.
    اسين مندر اندر هليا وياسين.
    مندر جي ڀڳل ٽٽل عمارت ۾ ڪافي مورتيون ٽٽيون پيون هيون. باندرن جون مورتيون ۽ هاٿي گهوڙن جون مورتيون، بي حد خراب حالت ۾ ديوارن جي اوسي پاسي پيون هيون ۽ اُنهن تي گاهه ڦٽي آيون هو. مندر جي وچ ۾ جتي مورتي هئڻ گهرجي ها اُتي فقط پٿر جو ڪنول جو گل باقي بچيل هو. جنهن جي اندر جهرڪين پنهنجو آکيرو ٺاهي ڇڏيو هو. ان آکيري جي اندر ٽي ڏاڍا خوبصورت آنا پيل هئا. هيڊي رنگ جا ٽي آنا جن تي ڄمون رنگ جا نشان نهايت ئي خوبصورت لڳي رهيا هئا.
    ٻارڙي خوشي ۾ رڙ ڪندي هڪ آني کي هٿ جي تري تي رکيو. ٻاررو بي حد خوش هو ۽ خوشي ۾ ٽپا ڏئي رهيو هو ۽ آني کي پيار ڪري رهيو هو، هن ڪنهن مهل اُن کي چميو ٿي، ڪنهن مهل ڳل سان لڳايائين ٿي ۽ ڪنهن مهل خوش ٿي منهنجي طرف ڏٺئين ٿي، ڄڻ هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو خزانو ملي ويو هجي. هن جي خوشي مون تائين پهتي ۽ منهنجي دل به عجيب خوشي جي جذبي سان ٽمٽار ٿي ويئي.
    ٿوري دير کان پوءِ ٻارڙي ان آني کي کڻي پنهنجي چڊي جي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. هاڻ هو ٻيو آنو کڻڻ تي لڳو ته مون هن کي روڪي ورتو.
    “ڇو؟” ٻارڙي پڇيو.
    “هي آنا اسان جا ناهن. هي آنا هن مندر جا آهن”
    ٻارڙي پڇيو. “ڇو هي پوڄا جا آنا آهن؟”
    “ها” مون خوش ٿي چيو، “هي پوڄا جا آنا آهن.
    “انهن آنن کي آکيري ۾ رکي اچ. پوءِ هڪ جهرڪي گانو ڳائيندي ايندي ۽ اُنهن کي پرن ۾ سميٽيندي ۽ پوءِ هوءِ وري گيت ڳائيندي ..... ۽ مندر جي ٽٽل ڇت مان آسمان مسڪرائيندو. پوءِ هن جي پرن جو پاند پيار ۽ سونهري خوشي سان ڀرجي ويندو”.
    ٻارڙي خوش ٿي چيو، ۽ “تڏهن پوڄا پوري ٿي ويندي؟”
    “ها پوءِ پوڄا مڪمل ٿي ويندي”.
    ٻارڙي کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن آنن کي واپس آکيري ۾ رکي ڇڏيو. هن کي هي پوڄا گهڻي پسند آئي. مون کي به صحيح معنيٰ ۾ اڄ ئي معلوم ٿيو ته پوڄا صرف ڀڳوان کي نٿو چئجي. پوڄا ماءُ کي به چئبو آهي، تخليق جي عمل کي به چئبو آهي ۽ زندگي جي پيار کي ڪوٺبو آهي.
    ٻارڙو هلي هلي هاڻي ٿڪجي پيوهو . مون هن کي هنج ۾ کڻي ورتو ۽ هلندي هلندي هن کي پرين جي ديس جي، هڪ خوبصورت خواب جهڙي ڌنڌلي ڌنڌلي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳس. جنهن کي ٻڌندي ٻڌندي ٻارڙو منهنجي ڪلهي تي سمهي رهيو.
    پوءِ واپس اچي مون بيرن جي گهاٽي جهڳٽي مان هن جو ٿيلهو کڻي ۽ ڪلهي ۾ پاتو. جيئن ئي پنهنجي ٻارڙي جي چهري کي ٻيهر ڏٺو ته مون کي هنجو چهرو پرسڪون ۽ پر اُميد محسوس ٿيو ۽ اُن جي معصوم چهري ۾ مون کي پنهنجو عڪس نظر آيو ۽ مون کي اُهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن آئون اهڙي طرح هڪ اونداهي اسڪول ۽ هڪ ظالم اُستاد جي ڊپ کان اسڪول مان ڀڳو هوس. ۽ پوءِ مون کي پنهنجي زندگي جون گهڻيون ئي تلخ ڳالهيون ياد آيون. جن جي منجهيل ڪنڊيدار راهن تان گذري لکين ٻارن جا پير ڦٽجي پيا هئا. اُهي ڏينهن رات جي طرح ڪارا هئا. اُهو موتي، جيڪو لالچي طوطي پنهنجي اکين ۾ لڪايو هو ۽ اُها تصوير جنهن کي ڪوڙهه جي ماريل هٿن داغدار بنايو هو. ڪيتريون ئي ڊگهيون تلخ ڪهاڻيون هيون جيڪي ٻالڪپڻي جي چهرن تي لڪيرن۽ جهرين جو هڪ ڊگهو ڄار ڦهلائي هليون ويون هيون.
    چون ٿا ته پرين جي ديس ۾ هر هڪ جي خواهش پوري ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اِها حقيقت آهي ته آئون اُن پرين جي ديس جي ٻارڙي کي هنج ۾ کڻي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪريان ٿو. ۽ چاهيان ٿو ته ان ٻار جي ڪهاڻي اسان جي نسل جي ڪهاڻي کان مختلف هجي. ان جي ڪهاڻي هڪ اهڙي زماني جي ڪهاڻي هجي، جنهن ۾ ٻارڙو پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ۽ ٻارڙن جيان مسڪرائي سگهي.
    اُن کان پوءِ آئون پنهنجي ننڍ ستل ٻارڙي کي چمي ڏيان ٿو ۽ هن کي ڳلي سان لڳائي گهر جي طرف هلي پوان ٿو.
    اڄ آسمان گهرو نيرو آهي ۽ منهنجي سيراندي ڀرسان گلاب جو گل آهي.


    بي نام رشتا

    اڄوڪي رات پنهنجي هئي. هونءَ به جڏهن کيسو خالي هوندو آهي ته، سڄي رات پنهنجي محسوس ٿيندي آهي ۽ جڏهن کيسي ۾ پئسا هوندا آهن ته سڄي رات پرائي محسوس ٿيندي آهي. اُها رات ميرين ڊرائيون تي ٿڙڪندڙ گاڏين جي معلوم ٿيندي آهي. رنگين فليٽن جي ڀاسندي آهي. ايمبيسڊر هوٽل جي ڇت تي نچندڙ نازنين جي ڀاسندي آهي. پر اڄوڪي رات بلڪل پنهنجي هئي. اڄوڪي رات، اُڀ جا سڀ تارا پنهنجا هئا ۽ بمبئي جون سڀ گهٽيون ۽ رستا پنهنجا هئا. جڏهن کيسي ۾ ڪجهه ڏوڪڙا هوندا آهن ته، سڄو شهر پاڻ تي ڇانئيل لڳندو آهي. هر شيءِ گهوريندي آهي. ڌڪا ڏيندي آهي، پنهنجو پاڻ کان پري رهڻ تي مجبور ڪندي آهي. خسيس پتلون کان وٺي ريڊيو گرام تائين، چوندو آهي مونکان پري رهه. پر جڏهن جيب ۾ هڪ پائي به نه هجي ته، اُن وقت سڄو شهر پنهنجي لاءِ جڙيل لڳندو آهي. اُن جي هر پٿر، هر گهٽي، هر موڙ ۽ بجليءَ جي هر ٿنڀي تي لکيل هوندو آهي، “ٽاٽ جوکيئي ۽ مست ليکڪ لاءِ جوڙيل .” اُن ڏينهن نه ٻَڌجڻ جو ڊپ هوندو آهي نه گاڏين هيٺان اچڻ جو، ۽ نه هوٽل ۾ کائڻ جي ڳڻتي. هڪ اڻکٽ بي فڪري ۽ بي انت بک جي مستي، جيڪا ڪيترن ئي ميلن تائين پکڙيل هوندي آهي. اُن رات آءٌ پاڻ ڪونه هلندو آهيان، پر اُن رات جو مونکي بمبئي جا رستا ڪلهن تي کڻي هلندا آهن. گهٽين جا موڙ، بازارون ۽ وڏين وڏين عمارتن جون اونداهيون ڪنڊون مونکي ڪوٺ ڏينديون آهن، “هيڏانهن اچ، اسانکي ڏس، اسان سان مل، دوست تون هن شهر ۾ اٺن سالن کان رهين ٿو، پر اوپرن وانگي اکيون ڦيري وڃين ٿو. هيڏانهن اچ، اسان سان هٿ ملائي.....”
    اڄوڪي رات پنهنجي هئي. اڄ ڪنهن جو به ڊپ نه هو. ڊپ ته ان کي ٿيندو آهي جنهن جي کيسي ۾ پئسا هوندا آهن. هن خالي کيسن واري ملڪ ۾ ڀريل کيسن وارن کي ڊپ ٿيڻ گهرجي. مون وٽ ڇا هو جو ڪير ڦري؟
    ٻڌو اٿم ته حڪومت هڪ قانون ٺاهي رکيو آهي، جنهن تحت ٻارهين وڳي کان پوءِ روڊن تي گهمڻ منع آهي. ڇو؟ ڇا ڳالهه آهي؟ رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ بمبئي ۾ ڇا ٿيندو آهي، جنهن کي هو مون کان لڪائڻ ٿا چاهين؟ آءٌ ته ضرور روڊن تي گهمندس، کڻي اُن جو ڪهڙا به نتيجا نڪرن. اڄ آئون هر حال ۾ پنهنجن دوستن سان ملندس.
    اهو ئي سوچي، آئون چرچ گيٽ جي سامهون وارو رستو پار ڪري يونيورسٽي گرائونڊ ۾ داخل ٿيس. اتان کان وري فلورافائونٽين وڃڻ جو جو خيال هو. ميدان مان گذرندي ڏٺم ته، هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڇوڪرا، گول دائري ۾ ويٺل هئا ۽ ڪجهه ڳائي رهيا هئا.
    تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو،
    تنهنجو منهنجو،
    منهنجو تنهنجو،
    تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو.
    هڪ ڇوڪرو، وات مان بانسري جو آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ٻيو ڪاٺ جي پيتي کان طبلي جو ڪم وٺي رهيو هو ۽ باقي ڇوڪرا گاني جي لئه تي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. سڀ خوشي مان ڪنڌ لوڏي رهيا هئا. مون اُنهن کان پڇيو. “ڀاءُ ڪريو خبر، ڪنهن جو ڪنهن سان پيار ٿي ويو؟”
    هو گانو بند ڪري گهڙي پل لاءِ مونکي ڏسڻ لڳا. خبر ناهي ته آئون ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿو لڳان؟ پر ايتري سا خبر اٿم ته، هڪ ڀيري ڏسڻ ۽ ملڻ سان ماڻهو مونسان هري مري ويندا آهن. ايتريقدر جو پنهنجي زندگي جا ڳجهه ۽ پنهنجي ننڍڙي سنسار جون هڙ تصويرون ۽ پنهنجي دل جا سڀ درد، مون سان سلڻ لڳندا آهن. منهنجي چهري ۾ ڪوبه رعب ۽ دٻدٻو ناهي، منهنجي لباس ۾ ڪابه چمڪ ڌمڪ ناهي ۽ نه ئي اها رونق جيڪا ڪاري شيرواني ۽ سرخ گلابي گل ۾ يا ڪمپليٽ سوٽ ۾ هوندي آهي. بس پيرن ۾ معمولي چپل هوندي آهي ۽ اُن جي مٿان چوڙيدار پاجامو ۽ اُن جي مٿان بافتي جي قميص، جيڪا اڪثر پٺن کان ميري هوندي آهي. ڇو جو هڪ ته مونکي جهڳيءَ ۾ پٽ تي سمهڻ جي عادت آهي، ۽ ٻي خرابي مون ۾ اها آهي ته جتي به ويهندو آهيان، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي زندگي ۾ اڪثر ميريون ڀتيون ڪجهه جهجهيون ئي اينديون آهن ۽ صاف سٿريون ڀتيون تمام گهٽ. ڪم بخت قميص ڪلهن کان جهٽ ڳري وڃي ٿي ۽ ڪلهن وٽ توهان کي ٽانڪا به گهڻا نظر ايندا. ڇو ته ٽانڪو نالو ئي آهي ڦاٽل ڪپڙي جي ٻن ڪنارن کي ڳنڍڻ جو. ڦاٽل ڪپڙن کي ته بار بار ٽانڪڻ اسان جي وس آهي، پر شيرواني تي، گلاب جي گل کي ٽانڪڻ اسان پارن جي وس جي ڳالهه ناهي. اُن ٽانڪي ۾ ۽ هن ٽانڪي ۾ ايڏو فرق ڇو آهي؟
    اِهو سچ آهي ته ٻه انسان هڪ جهڙا ناهن ٿيندا. هڪ مُنهن مهانڊي جا نه ٿيندا آهن. بمبئي ۾ ڏينهن رات مختلف چهرا ڏسندو آهيان. لکين مختلف چهرا. پر ايئن ڇو آهي جو، سڀني جي ڪلهن تي اهي ٽانڪا لڳل هوندا آهن. لکين ٽانڪا، ڦاٽل زندگي جي ڪنارن کي ملائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا. هڪ نقاد منهنجا افسانا پڙهي چيو ته، اُنهن ۾ ڪنهن به انسان جو چهرو نظر نٿو اچي. ها مون ۾ اها ئي خامي آهي جو آئون پنهنجي ڪردارن جو چهرو نٿو ڏيکاريان. آءٌ اُنهن جي ڪلهن جا ٽانڪا ڏيکاريان ٿو. ٽانڪا مونکي انسان جي اندر جو چهرو ڏيکارين ٿا. انهن جي ڏينهن رات جي ڇڪتاڻ ۽ محنت جو ڳجهه ٻڌائين ٿا، جنهن بنا زندگي جو ڪو به ناول، ۽ سماج جو ڪوبه افسانو مڪمل نٿو ٿئي. مونکي ان ڳالهه تي خوشي آهي ته، منهنجو چهرو ڏسي ڪو مون کي ڪلرڪ ٿو سمجهي ته، ڪو ڪٻاڙي. ڪو گهورڙيو ٿو سمجهي ته ڪو حجام. اڄ تائين ڪنهن به مونکي وزير يا ڪاٽڪو ناهي سمجهيو. مون کي ان ڳالهه تي به خوشي آهي ته، آئون اُنهن لکن ڪروڙن ماڻهن مان هڪ آهيان، جيڪي بنا ڪنهن حجاب ۽ بنا ڪنهن رسمي تعارف يا سڃاڻپ جي، هڪ ٻئي سان رلي ملي وڃن ٿا.
    هتي به هڪ پَل جي هٻڪ کانسواءِ، اُهي مون ڏانهن ڏسي کليا.
    هڪ ڇوڪري مونکي چيو، “اچ دوست! اچ هتي ويهه. ۽ جيڪڏهن اسان سان گڏ ڳائڻ چاهين ته ڳاءِ!”
    ايئن چوندي اُن سنهڙي ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ لوڏي وار پويان ڪيا ۽ ڪاٺ جي پيتي جو طبلو وڄائڻ لڳو. اسين سڀ گڏجي وري ڳائڻ لڳاسين.
    تنهنجو منهنجو،
    منهنجو تنهنجو،
    پيار ٿي ويو.
    اوچتو ئي ساڳئي سنهڙي ڇوڪري، طبلو وڄائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل ساٿي کي، جيڪو پنهنجو منهن گوڏن ۾ هڻي ويٺو هو، ٺوڪر هنئي.
    “چنڊا مڌو بالا! تون ڇو نٿو ڳائين؟”
    مڌوبالا پنهنجو منهن وڏي تڪليف سان گوڏن مان ڪڍيو. هن جو چهرو، ادا ڪاره مڌو بالا جهڙو خوبصورت نه هو. منهن کان وٺي کاٻي هٿ جي ٺونٺ تائين، باهه سان جلڻ جو هڪ وڏو نشان اڀريل هو. هن جي چهري تي، ڏک ۽ پيڙا جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا. هن جي ننڍين ننڍين اکين ۾ جيڪي هن جي چهري ۾ کنڊرن جيان لڳيون ٿي، انتهائي اُداسي ۽ پريشاني نظر اچي رهي هئي. هن پنهنجا چپ ڀيڙي طبلي وڄائيندڙ ڇوڪري کي چيو، “چنڊا مونکي ڇڏ، منهنجي پيٽ ۾ سور ٿو پوي.”
    “ڇو سور پيو اٿئي؟ تو وري ايراني پلاءُ ته ناهي کاڌي؟”
    مڌو بالا ڏک مان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
    “ڇو کاڌئي نڀاڳا؟”
    “ايراني پلاءُ نه کانءَ ها ته ٻيو ڇا کانءَ ها؟ اڄ فقط ٽي جوتا جو پالش ڪيا هئم.”
    هڪ ٻئي ڇوڪر، جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو ٿي نظر آيو ۽ جنهن جي کاڏيءَ تي ڏاڙهيءَ جا ڪجهه وار نڪري آيا هئا ۽ مٿي جا وار ڀرن تائين پکڙيل هئا، پنهنجي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو، “اڙي چنڊا اُٿي ڊوڙ پاءِ. هل ته آءٌ به توسان گڏجي ڊوڙ ان ٿو. ٻن چڪرن ۾ سور لهي ويندئي.”
    “ڇڏ چنڊا رهڻ ڏي.”
    “اُٿ چنڊا نه ته ٿڦ وهائيندو سانءِ.”
    مڌوبالا هٿ ٻڌي چيو: “ڪِڪو رهڻ ڏي. آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، هي پيٽ جو سور ئي مون لاءِ ٺيڪ آهي.”
    “چنڊا چوانءِ ٿو اُٿ، ڇوٿو اسان جي سنگت کي ٽِڪو لڳائين.” ايئن چوندي، ڪِڪو هٿ وڌائي مڌوبالا کي اُٿاريو ۽ ٻئي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڊوڙڻ لڳا.
    پهرين ته آءٌ ٻنهي کي، ڊوڙندو ڏسندو رهيس ۽ پوءِ جڏهن منهنجي ويجهو ويٺل ڇوڪري مٿو کنهندي ڳالهايو، “چنڊي ايراني پلاءُ به وڏي مصيبت آهي. کائو ته به مصيبت، نه کائو ته به مصيبت.”
    مون چيو، “ايراني پلاءُ ته مزيدار ٿيندي آهي اُن سان پيٽ ۾ سور ڇو ٿو پوي.”
    منهنجي ڳالهه ٻڌي، سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا. هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو ڪلديپ ڪورهو ۽ جنهن کي ڪڇو ۽ بشرٽ پاتل هو، موڏانهن نهاري کلندي چيو، “لڳيم ٿو ته، تو ڪڏهن ايراني پلاءُ ناهي کاڌي؟”
    ڪلديپ ڪور پنهنجي بشرٽ جا بٽڻ کوليندي مونکي ٻڌايو “ايراني پلاءُ هنن ڇوڪرن جو خاص اصطلاع آهي. اهي سدائين اهو پلاءُ ناهن کائيندا. پر جنهن ڏينهن ڪنهن ڇوڪري کي پالش جو ڪم گهٽ ملندو آهي، اُن ڏينهن هن کي اهو پلاءُ کائڻو پئجي ويندو آهي ۽ اهو پلاءُ سامهون واري ايراني هوٽل مان رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ ملندو آهي، جڏهن سڀ گراهڪ کائي پي وڃي چڪا هوندا آهن. سڄي ڏينهن جي کاڌي ۾، گراهڪ پليٽن ۾ جيڪي به ڊبل روٽي جا ٽڪرا، گوشت ۽ چوسيل هڏيون، چانور ۽ ٻيون شيون بچائيندا آهن، سي گڏ ڪري، اُن کي ملائي پلاءُ ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ٻه آنا في پليٽ جي حساب سان بورچي خاني جي پوئين در وٽ وڪيو ويندو آهي. ان کي ئي اسين ايراني پلاءُ ڪوٺيندا آهيون. ان پلاءَ کي هن علائقي جا غريب ماڻهو به کائڻ پسند ڪونه ڪندا آهن. تڏهن به هر روز سوين پليٽون وڪامنديون آهن. گراهڪن ۾ گهڻا تڻا بوٽ پالش وارا، فرنيچر ڍوئڻ وارا، گراهڪن لاءِ ٽيڪسي آڻڻ وارا ۽ ڀر پاسي جي بلڊنگن ۾ رهندڙ نوڪر، ۽ ٺهندڙ بلڊنگن ۾ ڪم ڪرڻ وارا مزور شامل هوندا آهن.”
    مون ڪلديپ ڪور کان پڇيو، “تنهنجو نالو ڪلديپ ڪور ڇو آهي؟”
    ڪلديپ ڪور بشرٽ لاهي ڇڏيو، ۽ گاهه تي ڏاڍي مزي سان ليٽي پنهنجي ڪاري پيٽ تي هٿ ڦيريندو رهيو ۽ منهنجي ڪيل سوال تي کلندو به رهيو. ۽ جڏهن کلي بس ڪيائين، ته پنهنجي هڪ ساٿي کي سڏيندي چيائين، “منهنجي پيتي کڻي اچ.” سندس ساٿي کيس پيتي آڻي ڏني. ان پيتي ۾ جيتريون به پالش جون ننڍيون وڏيون دٻيون هيون، اُنهن سڀني تي نرگس جون تصويرون لڳل هيون. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيل هيون.
    ڪلديپ ڪور چيو، “هي چنڊو نرگس پالش ڪندو آهي. هو نمي ۽ هو وري ثريا . اسان ۾ جيڪي به پالش وارا آهن سڀ ڪنهن نه ڪنهن فلم اداڪارا جون تصويرون ڪٽي پالش جي دٻين تي لڳائيندا آهن ۽ اُن جي نالي تي پالش ڪندا آهن.”
    “ڇو؟”
    چنڊا گراهڪ انهن ڳالهين مان ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. اسين انهن کان پڇندا آهيون، “صاحب ڪهڙي پالش هڻون؟ نرگس، ثريا يا مڌوبالا؟” ۽ پوءِ جيڪو گراهڪ جنهن اداڪاره کي پسند ڪندو آهي ان جي پالش هڻڻ لاءِ چوندو آهي ۽ اسين گراهڪ کي، ان ڇوڪري جي حوالي ڪندا آهيون، جيڪو اُن اداڪارا جي پالش هڻندو آهي. اسين پاڻ ۾ اٺ ڇوڪرا آهيون، ۽ چرچ گيٽ تي هن اسٽينڊ جي پويان ويهندا آهيون. جنهن وٽ جنهن اداڪاره جي پالش آهي، اُهو ئي اُن جو نالو آهي. ايئن ڪرڻ سان اسان جو ڌنڌو سٺو ٿيندو آهي ۽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو به ايندو آهي.”
    مون پڇيو، “تون بس اسٽاپ جي فوٽ پاٿ تي، ايراني هوٽل جي سامهون ويهين ٿو، توکي پوليس واراتنگ نٿا ڪن؟”
    ڪلديپ ڪور اونڌو ليٽيل هو ۽ هاڻ سڌو ٿي ويٺو. هن پنهنجي هٿ جي آڱوٺي کي آڱر سان دٻائي هڪدم ايئن لهرايو، ڄڻ ته فضا ۾ ئي اڇلائڻو هجيس”اهي چنڊا ڇا تنگ ڪندا؟ هن پٽ تي جيڪو به سمهندو آهي اُن لاءِ انهن کي هڪ پئسو ڏيندو آهي.” اهو چئي ڪلديپ ڪور فضا ۾ آڱوٺي سان خيالي اٺ آني اُڇلي، ۽ فضا ۾ نهارڻ لڳو. وري ٻئي هٿ کولي اُن اٺ آني کي جهٽي ورتائين. ڪلديپ ڪور ڪرب وچان کلي ڏنو. هن وڌيڪ ڪجهه ڪونه ڳالهيو ۽ وري چپ چاپ ليٽي پيو.
    نرگس مون کان پڇيو: “تون به هت، دادر ۾ پالش ڪندو آهين؟ لڳي ٿو مون توکي ايراني هوٽل آڏو ڏٺو آهي؟”
    مون چيو، “ها مونکي به هڪ پالش وارو ئي سمجهه.”
    “ڇا ملطلب؟” ڪلديپ ڪورهاڻي اُٿي ويٺو. هن مون ڏانهن گهوريندي چيو، “چنڊا سڌي ڳالهه ڇو نٿو ٻڌائين، ته ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين؟”
    هن مونکي چنڊو چيو. مونکي ان جي چنڊي ڪوٺڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻيو ڪير ايئن چوي ها ته، ڇٺي جو کير ياد ڏياري ڇڏيانس ها. پر جڏهن هن ڇوڪري مونکي چنڊو چيو، ته آئون ڏاڍو خوش ٿيس. ڇو جو هتي چنڊو گار نه هئي. پر برادري جو لفظ هو. اُنهن مونکي برادري ۾ شامل ڪري ورتو هو. انهي لاءِ مون چيو، “ڀائو هڪ لحاظ کان آئون به پالش وارو ئي آهيان. پر آئون لفظن جي پالش ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن چهرن کي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پراڻي چمڙي کي چيري ڏسندو آهيان، ته اُن جي تهه ۾ ڇا آهي؟”
    نرگس ۽ نمي هڪدم ڳالهيو، “ته چنڊا تون گڙ ٻڙ گهوٽالو ڪندو آهين؟ صاف صاف ڇو نٿو ٻڌائين ته ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين؟”
    مون چيو، “منهنجو نالو بشن آهي. آءٌ ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ اخبارن ۾ وڪامندو آهيان.”
    “اُن جو مطلب آهي ته تون بابو آهين.” نمي چيو.
    نمي هنن سڀني ۾ ننڍو هو. پر هنجي اکين ۾ ذهانت هئي ۽ جيئن ته هو اخبارون به وڪڻندو هو، انهي ڪري ان جي مون ۾ دلچسپي وڌي ويئي. هن بلڪل منهنجي ويجهو ايندي چيو.“ڪهڙي اخبار ۾ لکندو آهين؟ فري پريس، ٽائيم يا بمبئي ڪرانيل؟”
    مون چيو، “آءٌ شاهراهه ۾ لکندو آهيان.”
    “ساهراه وري ڪهڙي اخبار آهي؟”
    “دهليءَ کان نڪري ٿي.”
    “دلي پريس مان؟” نميءَ جون اکيون پٽجي ويون.
    “۽ هاڻ ادب لطيف ۾ لکندو آهيان.” مون رعب وجهندي چيو.
    ڪلديپ ڪور ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، “ڇا چيئي بدبي خلطيف؟”
    “اڙي نمي تون پنهنجو نالو مٽائي بدبي خلطيف رکي ڇڏ، ڏاڍو سٺو نالو آهي. جڏهن هنن سڀني کلي دنگ ڪيو ته مون سنجيدگي مان چيو ته، “بدبي خلطيف نه پر ادب لطيف. لاهور کان نڪري ٿو ڏاڍو سٺو رسالو آهي”
    نرگس بي پرواهي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو، “ها چنڊا ضرور هوندو. ادب خطيف ئي هوندو. اسانجو ڇا وڃي؟ اسين اُن کي وڪڻي ٿوروئي پئسا ڪمايون ٿا؟”
    ڪلديپ ڪورمون ڏانهن ڏسي وري کلڻ لڳو ۽ کلندي چيائين، “ها پر تون منهن مهانڊي مان ته پڙهيل ڳڙهيل ڪونه ٿو لڳين. بلڪل اسان وانگي، بوٽ پالش وارو لڳين ٿو.”
    پوءِ هو سڀ کلڻ لڳا. آءٌ به انهن سان ٽهڪ ڏيڻ لڳس. ٻيو ڪو رستو به ته ڪو نه هو.
    ڪلديپ ڪور کلندي کلندي هڪدم سنجيده ٿي ويو ۽ مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، “هڪ ڪهاڻي جي عيوض توکي ڇا ملندو آهي؟”
    “بس! ايترو ئي جيترو توهان کي بوٽ پالش مان ملندو آهي. گهڻو ڪري ايترو به نه ملندو آهي. جڏهن آئون لفظن تي پالش ڪري چڪو هوندو آهيان، ته اخبار وارا مهرباني مڃي مفت کڻي ويندا آهن ۽ ان سان پنهنجي اخبار يا رسالي کي چمڪائيندا آهن.”
    “ته پوءِ ٺلهي مغزماري ڇو ٿو ڪرين؟ اسان وانگي بوٽ پالش ڇو نٿو ڪرين؟ سچ ٿو چوان ته اسانجي برادري ۾ هليو آ، باقي تنهنجي ئي کوٽ هئي. تنهنجو نالو بدلائي بدبي خلطيف رکنداسين. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ ته پوءِ هٿ ملائي.”
    مون ڪلديپ ڪور سان هٿ ملايو.
    ڪلديپ ڪور چوڻ لڳو، “پر چار آنا هر روز پوليس واري کي ڏيڻا پوندئي.”
    “۽ جي ڪڏهن ڪنهن ڏينهن چار آ نه هجن ته پوءِ؟”
    “پوءِ جي اسانکي خبر ناهي. باقي چار آنا سو پوليس واري کي ڪيئن به ڪري ڏيڻا پوندا. اُن جي لاءِ کڻي ڌاڙو هڻڻو پوي ته به هڻڻو پوندو ۽ مهيني سوا ٻه ڏينهن جيل ۾ به رهڻو پوندئي.”
    “چنڊا سو وري ڇو؟”
    “اها اسانکي خبر ناهي. پوليس واري کي اسين هر روز چار آنا ڏيندا آهيون، ته به ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پڪڙي وٺي ويندو آهي. چوندو آهي اسين ڇا ڪريون. قانون جي خانا پورائي ڪرڻ لاءِ، اسان ايئن ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون.”
    مون چيو، “ٺيڪ آهي ٻه ڏينهن جيل ۾ به رهي وٺبو.”
    ڪلديپ ڪور چيو، “۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو توکي ڪورٽ ۾ به وڃڻو پوندو. اُتي تنهنجو چالان پيش ٿيندو ۽ ڪورٽ جو ڏنڊ به ڀرڻو پوندو. يعني ٻن کان ٽن پئسن تائين اُهي به ڏيڻا پوندا.”
    “اِهي وري ڇو؟ جڏهن ڏهاڙي چار آنا پوليس واري کي ڏيندس ته پوءِ ڏنڊ ڇا جو ڀرڻو پوندو؟”
    “اڙي چنڊا! پوليس کي به ته پنهنجي ڪار گذاري ڏيکارڻي پوي ٿي. تون سمجهين ڇو نٿو بدبي خلطيف.”
    مون اک ڀڃندي ڪلديپ ڪور کي چيو، “چنڊا سڀ سمجهان ٿو.” اسين سڀ کلڻ لڳاسين. ايتري ۾ مڌوبالا ۽ ڪڪو ميدان مان چڪر ڪاٽي واپس موٽي آيا.
    “پيٽ جو سور لهي ويو؟” مون مڌوبالا کان پڇيو.
    “سور ته لهي ويو، پر هاڻ بک پئي چڪ هڻي.” مڌوبالا وراڻيو.
    “۽ مونکي به” نرگس به رڙ ڪئي.
    “ته ڇا وري ايراني پلاءُ!؟” نمي ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    “وري پيٽ ۾ سور پوندو، وري ميدان جا چڪر ۽ وري بک.” ڪلديپ ڪور تلخي مان چيو.
    “آءٌ ٻه پئسا ڏيئي سگهان ٿو.” نمي آڇ ڪئي.
    “آنڪ منهنجي طرفان.” مون موٽ ڏني.
    سڀ ملائي چار آنا ٿيا. نمي کي ايراني پلاءُ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو. اسان ۾ هو سڀني کان ننڍو هو ۽ ايراني هوٽل جو بورچي کيس پسند به ڪندو هو. ان ڪري ممڪن هو ته، هو نمي کي ڏسي، ٻن پليٽن جي بجاءِ ٽي، يا گهٽ ۾ گهٽ ٽن پليٽن جيترو پلاءُ ڀري ڏي.
    نمي جي وڃڻ کانپوءِ مون پڇيو، “توهين روزانه هتي سمهندا آهيو؟”
    “مڌوبالا کانسواءِ ٻيا سڀ.” ڪڪو چيو “مڌوبالا روز پنهنجي گهر ويندوآهي پر اڄ ناهي ويو.”
    مون مڌو بالا کان پڇيو، “تنهنجو گهر آهي؟”
    “ها، سائيٽ ايريا ۾ جهوپڙي آهي. جتي امان سان گڏ رهندو آهيان.”
    “۽ بابو؟”
    “بابي جي مونکي ڪهڙي خبر، هوندو ڪو چنڊو سامهون واري بلڊنگ جو مالڪ.” مڌوبالا وراڻيو.
    اوچتو سڀ چپ ٿي ويا، ڄڻ سندن منهن تي ڪنهن ٿڦ وهائي ڪڍي هجي. هي ڇوڪرا بي گهر هئا. بنا ڪنهن سهاري بنا ڪنهن نالي. هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به، نه پائڻ واري محبت کي ڌنن ۾ جهونگارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    “تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو.”
    “ڪٿي آهي تنهنجو پيار؟ اي منهنجا پي؟ او منهنجي ماءُ؟ او منهنجا ڀاءُ؟ ته پوءِ تو ڇالاءِ مونکي جهان ۾ آندو؟ ۽ هنن سخت ۽ بي رحم ٽيڪس مڙهيل فٽ پاٿن تي ڌڪن کائڻ لاءِ اُڇلي ڇڏيو؟”
    گهڙي پل لاءِ، ڇوڪرن جا سوالي چهرا ڪنهن اَڻ ڏٺي ڊپ کان هيسجي ويا ۽ هو هڪ ٻئي سان ڏاڍو زور سان چهٽي پيا. ڄڻ ڪنهن کي ڪٿان به ڪو آسرو نه مليو، ڄڻ انهن کي شهر جي هر وڏي عمارت، ۽ هر فٽ پاٿ تي هلڻ وارو ٺوڪر ماري رهيو هجي ۽ اُنهن کي رات جي اونداهه ۾ هڪ ٻئي کي مضبوط جهلڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي.
    مونکي اهي اُن وقت ايئن ڊنل لڳا جيئن ٻولا ٻالا، ڪنهن اَڄاتل ۽ اَڻ کٽ جهنگل ۾ وڃائجي ويا هجن. ان ڪري بمبئي به مونکي ڪڏهن ڪڏهن شهر نه پر جهنگل لڳندو آهي. جنهن ۾ معاشري جو بي نام اولاد روڊن جي رنگينين ۾، پنهنجو رستو ڳوليندو آهي ۽ جڏهن اُنهن کي رستو نه ملندو آهي ته، هو اکيون بند ڪري وڻ جي هيٺان ويهي رهندا آهن... ۽ وري سوچڻ لڳندو آهيان ته، نه ايئن به ناهي. بمبئي جهنگل نه، پر هڪ شهر آهي. ماڻهو چون ٿا اُن جي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن آهي. اُن جي هڪ حڪومت آهي. بازارون آهن، گهٽيون آهن، دڪان آهن، رستا آهن ۽ اهي سڀ هڪٻئي سان ايئن جڙيل آهن، جيئن هڪ مهذب ۽ تمدن واري شهر ۾ شيون هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ ڳنڍيل هونديون آهن.
    آءٌ اهو سڀ ڄاڻان ٿو. بمبئي جي رستن ۽ گهرن جي خبر اٿم، ۽ اُنهن جي عزت ۽ احترام ڪريان ٿو. پر اُن عزت ۽ احترام ۽ محبت جي باوجود به، مونکي بمبئي شهر ۾ اهڙيون اڻڳڻيون گهٽيون نظر اچن ٿيون، جن مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪون به گس ناهي. ڪيترا اهڙا رستا آهن، جن کي پنهنجي منزل جي خبر ئي ناهي. ڪيترائي اهڙا ٻارڙا آهن، جن کي پنهنجي گهر جي خبر ئي ناهي.
    ان خاموشي کي نمي جي واپسي ٽوڙيو.
    هو ڊوڙندو ڊوڙندو اسانجي ويجهو آيو. هن جي هٿ ۾ ايراني پلاءُ جون ٽي پليٽون هيون، جن مان گرم گرم ٻاڦ نڪري رهي هئي. جڏهن هن پليٽون کڻي ڇٻر تي رکيون، ته اسانجي نظر نمي جي چهري تي پئي. نمي جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    “ڇو، ڇا ٿيو؟” ڪلديپ ڪور پڇيو.
    نمي ڪاوڙ مان چيو، “بورچيءَ هتي ڏاڍو زور سان چڪ پاتو آهي.” نمي پنهنجو ساڄو ڳل اسانجي طرف ڪيو.
    نمي جي ڳل تي وڏو نشان هو.
    ڪلديپ ڪور بورچي کي گاريون ڏيندي چيو، “حرامزادو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟” ۽ پوءِ هو سڀ ايراني پلاءُ کائڻ کي لڳي ويا.
    ***


    جر مٿي جوڀن

    جبل مٿي تلاءُ هو. جتان شهر جو ڏيک من مهڻو ۽ دل لڀائيندڙ لڳو ٿي. ننڍڙو جابلو شهر، گهرن جون ٽين جون ڇتيون اُس ۾ چانديءَ جيان چمڪيون ٿي. شوالن جا رنگين ڪلس، رستا جن تي ميرانجهڙي هيڊي رنگ جي بجري وڇايل هئي ۽ جن جي ٻنهي پاسي کان سرنهن ۽ ٽالين جا وڻ بيٺل هئا. باغ آڙن ۽ زردالن سان سٿيل هئا. انهن سڀني گڏجي هن ننڍڙي واديءَ جي سونهن کي وڌائي ڇڏيو هو. جيڪا اتر اولهه جي جابلو سلسلي جي هڪ گهاٽي ڌنڌ جي چادر ۾ ويڙهيل هئي. پهاڙ جي هنج ۾ بام جي وڻن جو هڪ وڏو جهڳٽو هڪ ڊگهي ۽ ڦهليل کيت تي ڇانوءَ ڪري رهيو هو. کيت جي وچ ۾ پٿر جا ٻه ڍڳا تراشي بيهاريل هئا ۽ اُهي ان بلندي تان خوبصورت رانديڪن جيان ڏيکائي ڏنا ٿي.
    مون انهن ٻن ڍڳن ڏانهن ڏسندي تلاءَ جي چوڪيدار کي چيو، “فيروز ڏاڍو افسوس ٿيو جڏهن اسان اها نڀاڳي خبر ٻڌي.... ٽيون ڏينهن ڊاڪٽر ساجد وٽ ويٺو هوس ته ڪنهن مون کي ٻڌايو ته تنهنجو ٻارڙو تلاءَ ۾ ٻڏي مري ويو. ڇا ٻڌايان بس اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان ڪارڻ اسين سڀ (پنهنجن دوستن ڏانهن اشارو ڪندي) ڪالهه هتي تلاءُ تي ترڻ لاءِ ڪو نه آياسين، هڪ ٻه ڀيرا دل چاهيو ته هلو هلون، شايد اسان جي چند رسمي ڳالهين سان تنهنجي دل کي تسڪين ٿئي، پر اسان جون طبيعتون ئي ڪجهه اهڙيون اُداس ۽ رنج هاڻيون ٿي پيون هيون جو ايڏانهن قدم ئي نه هلن”.
    فيروز چنار جي وڻ کي ٽيڪ ڏيندي چيو، “صحيح ٿا چئو بابوجي، ڪلهه مون سوچيو پي ته بابوجي ڇو ڪو نه آيا. آئون غريب ته آهيان پر پوءِ به مون کي اُميد هئي ته توهان ضرور ڏک ونڊڻ ايندا ۽ منهنجو حوصلو وڌائيندا”.
    جڳديش چيو، “بس اِها ئي ڳالهه هئي (منهنجي طرف اشارو ڪندي) جيڪا هن ٻڌائي ڇڏي آهي”.
    دت چيو، “هاها ڀلا نه اچڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو”.
    سرجيت پڇيو، “پر اهو ٿيو ڪيئن؟”
    فيروز هڪ آهه ڀريندي چيو، “بابوجي ڇا ٻڌايان ته اهو ڪيئن ٿيو؟ ڪهڙي طرح منهنجو ننڍڙو لال ڏسندي ڏسندي هميشه لاءِ منهنجين اکين کان اوجهل ٿي ويو. آئون اڃان تائين ان امر کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته هن کي موت ڇو آيو؟. ڀلا اهو به ڪو موت آهي؟ جيڪڏهن هن کي مرڻو ئي هو ته پهرين بيمار ٿئي ها، آئون هن جو علاج ڪرايان ها. ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ پنسارين وٽ کڻي وڃان ها. اُنهن کي هٿ ٻڌي عرض ڪريان ها. خدارا منهنجي پٽ جو سٺي نموني علاج ڪريو. اسين ٻيئي زال مڙس راتيون جاڳي ڪاٽيون ها. سارو ڏينهن هن جي سيراندي کان ويٺا هجون ها. هن جي ذري ذري فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ها. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان رٻڙ جي رانديڪي لاءِ ضد ڪري رهيو هو. هائي! مون هن کي رٻڙ جو رانديڪو ڇو نه وٺي ڏنو؟. مون هن کي اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ايندڙ پگهار تي وٺي ڏيندس. ڪهڙي خبر هئي ته جڏهن پگهار ايندو ته منهنجو پٽ رانديڪي سان کيڏڻ لاءِ موجود نه هوندو. دل چاهي ٿي ته آئون رٻڙ جو رانديڪو جيڪو هن کي پسند هو خريد ڪري پنهنجي پٽ جي قبر تي وڃي رکان ۽ هن کي چوان “هاڻي اُٿ پٽ منظور! تنهنجو پيءَ تنهنجي لاءِ رٻڙ وارو رانديڪو وٺي آيو آهي. ڇا بابوجي هو منهنجي ڳالهه ٻڌندو؟”
    “سرجيت پڇيو، ڪيترن سالن جو هو منظور؟”
    “اڍائي ٽن سالن جو هوندو، ننڍڙو ئي ته هو.”
    فيروز چيو: “ها بابوجي! بس ايتري ئي عمر جو هو. توهان ته ڏٺو هو نه. سانورو رنگ ٿلها ٿلها هٿ. هن جي ماءُ سعيده هن کي ڪيترين تڪليفن کان پوءِ پاتو هو. تعويذ ورتا، سکائون باسيون تڏهن وڃي گهر ۾ ٻچڙو آيو. اها خبر نه هئي ته ايترو جلدي اسان کي جدائي جو داغ ڏيئي ويندو، حيرت آهي ته اها. ايمان سان چوان ٿو ته منهنجي دل ۾ بس اهو ئي سور رهجي ويو ته هو بيمار ٿئي ها، منهنجي اکين جي سامهون ڪمزور پوي ها. منهنجي اکين جي سامهون پنهنجي ماءُ جي گود ۾ جان ڏي ها. پوءِ آئون هن کي ڪفن ڏئي دفنايان ها ته مون کي ايترو افسوس نه ٿئي ها. پر هي ڇا ٿيو جو آئون هتي تلاءُ جي بلڪل مٿي (هڪ گهر جي طرف اشارو ڪندي) پنهنجي اڱڻ ۾ بيٺل ڪافي هيٺ جبل جي پيچري تي ويندي انهن خوش باش بي فڪر نوجوان کي ڏسي رهيو هوس، جيڪي نچندي ڳائيندي بيساکي جي ميلي تي وڃي رهيا هئا. تلاءُ ۾ الهندي پاسي ڪجهه ڇوڪرا وهنجي رهيا هئا ۽ اُڀرندي پاسي ڪجهه عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون. منظور جي ماءُ سعيده اڱڻ ۾ چلهي تي مڪائي جون مانيون پچائي رهي هئي. منظور هن جي ڀرسان بيهه ٻاتڙي آواز ۾ چئي رهيو هو “امان اَئي، امان اوٽي” سعيده جي ماءُ کٽ تي چانهه پي رهي هئي، خبر ناهي ڪيڏي مهل منظور پنهنجي ماءُ جي پاسي کان اُٿي هليو ويو. ڪپڙا ڌوئيندڙ عورتن جي ڇُو ڇُو جو آواز، سک ڇوڪرن جا ٽهڪ، بيساکي جي ميلي جي ميلي تي وڃڻ وارن ياترين جو هل هنگامو. بس اسان گهڙي پل لاءِ منظور کي پنهنجي دل مان وساري ڇڏيو. ڪجهه دير ۾ تلاءُ جي ڪناري کان ڪنهن کي چوندي ٻڌو، هو ڏسو ڪاٺي جهڙي ڪا شئي تري رهي آهي. آئون ڊوڙندو ڪناري ڏانهن ويس. ڪنهن هٿ پير ڇهي چيو مري ويو شايد (ڇاتي تي هٿ هڻندي) هاءِ.”
    جڳديش: “بس صبر ڪر! فيروز صبر ڪر!”.
    فيروز چيو “بابوجي! صبر ڪريان ته ڪيئن؟ اکين جي اڳيان اُن جي ٻولي ٻالي صورت ڦري اچي ٿي. هاڻ اسان وٽ هن جي ياد کان سواءِ ٻيو ڇا رهجي ويو آهي؟ (فيروز جيب ۾ هٿ پائي ٿو) ۽ هي..... (جيب مان هٿ ٻاهر ڪڍندي) هي مساڳ ۽ هڪ ننڍڙي مٽي جي پيالي، مون کي اهي ٻئي شيون نهر جي ڪناري تي مليون. جيڪا هن تلاءُ کي پاڻي مهيا ڪري ٿي. شايد هو اڱڻ مان نڪري نهر جي انهن ڏاڪڻن طرف آيو هوندو، آهستي آهستي هن جهڪي مٽي جي پيالي ۾ پاڻي ڀريو هوندو. مساڳ کي زمين تي رکي هن نهر ۾ هٿ وجهي پاڻي سان گرڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ پوءِ هو هڪدم ترڪي ويو هوندو. پاڻي ۾ هلڪو گڙگڙ جو آواز پيدا ٿيو هوندو، هن رڙيون به ڪيون هونديون. تلاءُ جي ڪناري تائين ويندي ويندي هن هٿ پير به هنيا هوندا پر افسوس منهنجي اکين ڪجهه نه ڏٺو ۽ ڪنن ڪجهه نه ٻڌو. سواءِ اُنهن گيتن جي جيڪي واٽهڙو ڳائي رهيا هئا. سعيده ماني پچائيندي رهي. منهنجي سس کٽ تي چانهه پيئندي رهي ۽ هن نهر جي ڪناري اسان جي اکين جي اڳيان.... هائي..... بابوجي ڀلا صبر اچي ته ڪيئن اچي؟.”
    سرجيت “بس جيڪا رب جي رضا. اُن ۾ ڪنهن جو ڪهڙو عمل دخل؟ خدا توکي ڏنو اُنهي وٺي لاٿو. تنهنجو اُن تي بس ايترو ئي حق هو.”
    فيروز چيو، “سچ ٿا چئو بابو جي. ويچارو انسان ڇا ٿو ڪري سگهي؟.”
    دت چيو، “ڪيڏو نه پيارو ٻارڙو هو. جڳديش توکي ياد آهي اُهو ڏينهن؟ هو پنهنجي ننڍڙي قميص پاڻي ۾ پسائي رهيو هو. ڪيترو نه پيارو لڳو ٿي!. ياد اٿئي، مون توکي چيو هو اُن وقت جي ڪيميرا هجي ها ته هن جي تصوير ڪڍي وٺون ها ۽ انعامي مقابلي لاءِ موڪليون ها.
    سعيده جيڪا هن وقت تائين ڀرسان بيٺي هنن چپ چاپ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ۽ پنهنجا لڙڪ پوتي سان اُگهي رهي هئي، ڀريل آواز ۾ چيو “بابوجي! ڪنور لوڪ ناٿ سنگهه جي، جيڪو ڊاڪ بنگلي جي ويجهو هڪ ڪوٺي ۾ رهي ٿو، اُن هڪ ڀيرو منظور جي تصوير ڪڍي هئي. اسان اُن کان ڪيترا ڀيرا اُها تصوير گهري آهي پر هو ڏي نه ٿو. توهان اُن کي چئو ته....”
    جڳديش چيو “ٺيڪ آهي سعيده آئون ضرور اُن کي چوندس، اُميد آهي هو تصوير ڏيئي ڇڏيندو”.
    هاڻي اسين وهنجڻ وارا ڪپڙا پائي تلاءُ تي پهچي چڪا هئاسين. تلاءُ هڪ وڏي ڦهليل چادر جيان جي وسيع چادر اسان جي سامهون هو، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنول جا گل ٽڙيل هئا. هٿ ڦهلائي ٽٻي هڻن وارو ئي هوس، جو سرجيت آهستي آهستي منهنجي ڪن ۾ انگريزي زبان ۾ چيو “پويان نهار!”.
    مون مڙي ڏٺو. چنار جي وڻ جي ويجهو جهنگلي گلاب جي ولين جي وچ ۾ هڪڙي ڇوڪري بيٺي هئي. سرنهن جي وڻ جيان خوبصورت ۽ ڊگهو قد ۽ جهنگلي گلاب جي گل جيان نفيس ۽ نازڪ جسم. هن ٻنهي ٻانهن سان مٿي تي مٽي جي گهڙي کي جهلي رکيو هو. سعيده هن جي پاسي ۾ بيٺل هئي ۽ هن کي اشارن ۾ ڪجهه چئي رهي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هي عورت مصور چغتائي جي تصوير جيان سندر آهي.
    مون سرجيت کان پڇيو “هي ڪير آهي؟”
    سرجيت حيرت ظاهر ڪندي چيو “توکي خبر ناهي ته هي ڪير آهي؟”
    “هي ڪنڀارڻ آهي. مٿي تلاءُ جي هن پار (آڱري سان اشارو ڪندي) هو جو ڪچو گهر آهي اُن ۾ رهي ٿي. سب جج صاحب جو ڇوڪرو روز هتي وهنجڻ لاءِ ايندو رهندو آهي. هن ان جو نالو تلاءُ جي سندري رکي ڇڏيو آهي.”
    “تلاءُ جي حسينه.... تلاءُ جي سندري” مون دهرائيندي چيو.
    “اها! ته هي سعيده هن کي ڪهڙا شارا ڪري رهي آهي؟”
    “هي ويچاري غريب ڇوڪري گونگي آهي”.
    “اوه!....” مون آهستي چيو ۽ هڪدم منهنجي دل ۾ وري خيال آيو. هي ڇوڪري گونگي آهي ته وڌيڪ صحيح آهي. ڀلا ڪنهن چغتائي جي تصوير کي به ڳالهائيندي ڏٺو آهي.؟ جيڪڏهن تصوير، هڪ خاموش تصوير ڳالهائڻ لڳي ته اُن جي اڌ شاعري جهڙو ميٺاس، رنگ برنگي ۽ جادو ئي اثر ڪندڙ سونهن فنا ٿي وڃي. ڪاش دنيا جون سڀ حسين عورتون گونگيون هجن.
    اسان سڀني جون نظرون پنهنجي طرف ڏسي ڇوڪري حيران ٿي ويئي. هن وڏين وڏين وحشي هرڻين وارين اکين سان اسان ڏانهن ڏٺو ۽ گهٻرائجي هرڻي جيان هيسجي ويئي. هن پنهنجو چهرو اسان کان هٽائي ٻئي طرف ڪري ورتو. ڪنن ۾ پيل موتين جون واليون سج جي ڪرڻن تي چمڪي اُٿيون. هن سعيده جي طرف ڏسندي ڪنڌ کي لوڏيو. مٿي جي گهاگهر ۾ هلڪي لهر پيدا ٿي. پيرن ۾ ڇيرون ڇمڪڻ لڳيون. ساڪن ۽ خاموش تصوير ۾ زندگي جي لهر اُٿڻ لڳي. هوءِ آهستي آهستي جبل جي پيچري تان هيٺ لهڻ لڳي.
    مون هڪدم چيو “توکي خبر آهي سرجيت! هندستاني رقص جي ايجاد ڪيئن ٿي؟”
    “نه. ڇو؟”
    مون جبل جي پيچري کان هيٺ لهندڙ ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هو ڏس هڪ مٽي جي گهاگهر کڻي ايندڙ سندري ۽ پيرن ۾ وڄندڙ چاندي جون ڇيرون. اها ئي هندستاني رقص جي ابتدا ۽ انتها آهي.”
    جڳديش کلندي چيو، “منهنجو خيال آهي ته تون هن غريب ڇوڪري کي نگاهن سان ڳڙڪائي ويندين. ڪيئن نه غضب ناڪ نگاهن سان ڏسي رهيو آهين هاڻي وهنجين به ٿو يا ڏيئين پاڻي ۾ ڌڪو؟.”
    ايترو چئي هن ڪلها ڦهلائي، مٿي آڱريون کڻي هوا ۾ ابابيل جي طرح هڪ اُڏام ڀري ۽ ٻئي پل هن پاڻي ۾ ڌڙام سان ٽٻي هنئي.
    اُن کان پوءِ ڌڙام سان اسين سڀ پاڻي ۾ ٽپي پياسين. فضا ٽهڪن سان ڀرجي وئي. پاڻي جي سطح تي ٻانهن جا تيز تيز ونجهه هلي رهيا هئا. هڪ ٻئي کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي رهيا هئاسين. ڪنول جا گل ٽوڙي هڪ ٻئي ڏي اُڇلي رهيا هئاسين. دت بار بار وات ۾ پاڻي پائي گرڙيون ڪيون ٿي. سرجيت کي ترڻ گهٽ آيو ٿي. اُن ڪري هن سڀني کان الڳ ٿلڳ آهستي آهستي هٿ پير هلائي ترڻ جي مشق ڪئي ٿي. جڳديش هن جي ويجهو ويو ۽ اُنجي ڪنڌ کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڪري پيار سان چيو “اهو ترڻ بي معنيٰ آهي هڪ ٽٻي هڻي اونهائي ۾ هيٺ لهي وڃ” سرجيت رڙيون ڪرڻ لڳو. ڪناري تي فيروز ڏکاري نگاهن سان تلاءُ کي ڏسي رهيو هو.
    فيروز جي اُداس نگاهن منهنجي دل ۾ عجيب قسم جي پريشاني پيدا ڪري ڇڏي هئي. ترندي ترندي مون سوچيو ته، “هن زندگي جي بي انت تلاءُ ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو رهندو. هتي مسڪراهٽ ۽ ٽهڪن جون لهرون به آهن ۽ موت جا ڇنڊا به - ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن ڪا خوبصورت ڪنڀارڻ به.”
    ***


    آدم کان اڳي ۽ آدم کان پوءِ

    جيڪا سڙڪ سري نگر کان گل مرگ جي طرف وڃي ٿي، اُهو پري پري تائين شمشاد جي خوبصورت وڻن سان ڍڪي پئي آهي. هي سڙڪ سارين جي کيتن جي وچ مان گذري ٿي. سڙڪ جي ٻنهي طرفن آهستي آهستي هلندڙ نديون سارين جي فصلن کي سيراب ڪنديون وهي رهيون آهن. کيتن جي ڪناري جتي پاڻي موجود آهي يا هلندي هلندي رڪجي ويو آهي اُتي نيرا ڪنول ۽ مکڻ جي پيالن جهڙا پيلا پن اُڀري آيا آهن. ڪٿي ڪٿي چنار جي وڻن هيٺان ڌراڙ ڍڳيون ۽ ٻڪريون چاري رهيا آهن. عورتون ٽن يا چئن جون ٽوليون گيت ڳائيندي سارين جو فصل لڻي رهيو آهن. ....... هڪ عورت مٿي تي گهڙو رکي پاڻي ڀرڻ وڃي رهي آهي. لاري کي ڏسندي بنا ڪنهن سبب جي کلي ڏئي ٿي. هن جا موتين کان به اڇا ڏند ڪافي عرصي کان اکين ۾، پوءِ تخيل ۾ ڏڪندا رهن ٿا.
    جيڪا سڙڪ ننگ مرگ کان گل مرگ وڃي ٿو اُهو فقط ٽي ميل ڊگهي آهي. ان سڙڪ تي انگريز مرد ۽ عورتون عمده گهوڙن تي سواري ڪندي نظر اچن ٿا. اُنهن جي پويان پويان ڀوري رنگ وارا ڪشميري نوڪر ڊوڙندي ۽ سهڪندي هلي رهيا آهن. ڪنهن جي هٿ ۾ ٽوڪري آهي ته ڪنهن جي هٿ ۾ ٿرماس. ته وري ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنهن ميم صاحب جو ٻار کنيل آهي. مزور پنهنجي پٺي تي اڍائي مڻ جو وزن کڻي جهڪندي چڙهائي چڙهندا ويندا آهن هو پنچائت جا ٻه قول اڃان تائين پڙهي نه سگهيا آهن جيڪي بيمارين جي اشتهارن جيان هر جڳهه تي لڳل هوندا اهن “مزوري ۾ عزت آهي”.
    “مزوري کان لهرايو نه، مزوري ڪرڻ سکو” هن سڙڪ جي ٻنهي پاسن چيڙ ۽ ديودار جا گهاٽا وڻ آهن جن جي پيرن ۾ سفيد ڇٽي نما کنڀيون ڦٽي آيون آهن. اُن کان سواءِ رستي جي ٻنهي طرف سدا بهار جا گل ۽ سرپڙ جي ساوڪ ته وري ڪٿي ماکي جي مکين جا مانارا نظر اچن ٿا ۽ سڄو جهنگل اُنهن جي مدهم آواز سان گونجندو محسوس ٿئي ٿو. ان ماکي ۾ جهنگلي گلن جي ملاوٽ هوندي آهي ۽ اُن ۾ طاقت سان ڀرپور وٽامن موجود هوندا آهن.
    ٻه ننڍا ڪشميري ڇوڪرا هن سڙڪ تي هلندا نظر اچي رهيا آهن. جي گل مرگ کان ٿڪيل ٿڪيل قدمن سان هلي رهيا آهن. شايد گهر پهچڻ تي سندن ماءُ پيءُ به ناراض ٿيندا. ٿي سگهي ٿو ته کين ماني به نه ملي، صرف مار ئي ملي. سڙڪ جي پاسي کان گهڻو پري تائين گجگوڙ ڪندي فيروز پورندي وهي رهي آهي. نيرو پاڻي جنهن ۾ سفيد گجي مليل آهي. اهڙو نيرو جهڙيون اُنهن ڪشميري ڇوڪرن جون اکيون، سفيد سفيد جهڙا لاري جي طرف ڏسندڙ ڪشميرڻ جا ڏند. پر- انڊا پوءِ به نه وڪيا.
    ڏهه ٻارهن ڪشميرڻ ڇوڪريون پيالي نما ٽو ڪرين ۾ جهنگل مان ڪيل ڪاٺيون کڻي اچي رهيون آهن. انهن ٽوڪرين سان هو ننگ مرگ جي رهڻ وارن سياحن جي پاسي کان ٽي بي جي مريضن جيان لنگهي رهيون آهن. ڇو ته ڪاٺيون کڻڻ وقت جهڪي هلڻو پوي ٿو. اُنهن جون ٽنگون ننڍپڻ کان ئي مڙي بي ڊوليون ٿي وڃن ٿيون، اُنهن جي چال ۾ ناهمواري، ڳلن ۾ کڏون ۽ ڇاتين ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا. هي ڇوڪريون ڪڏهن به جوان نٿيون ٿين ۽ وري جلدي مائرون بڻجي وڃن ٿيون. جواني ڇا آهي؟ رس ڇا آهي؟ جهنگل ۾ ماکي جي مک ڇا جي لاءِ گلن جو رس جمع ڪري ٿي؟ ڪنول جا گل ڇو مسڪرائن ٿا؟ مکڻ پيالن جهڙا پيلا پن ڇو لڏندا رهن ٿا؟ انهن کي ان ڳالهه جي خبر ۽ سمجهه ئي ناهي.
    جيڪا سڙڪ نو هزار فٽن جي اوچائي تي گل مرگ جي پيالي نما واري جي چوگرد سونهري ڦيٿي جيان گهمي وڃي ٿي اُن کي سرڪيولر روڊ چوندا آهن. هتان سڄي ڪشمير جي وادي ڏيکائي ڏي ٿي. سوين ميلن تي مشتمل هي وسيع ميدان چئني طرفن کان وڏن ۽ اوچن پهاڙن ۾ گهيريل آهي. جنهن کي ڏسڻ سان ئي اندازو نه پر يقين ٿئي ٿو ته اڄ کان هزارين سال اڳ، جڏهن انسان اڃان پيدا به نه ٿيو هو انهن پهاڙن هڪ نيري ڍنڍ کي گهيري رکيو هوندو. چئني طرفن برف جا گلشيئر هوندا ۽ وچ ۾ هي ڍنڍ هوندي جنهن جا نشان اڄ به ڊل، دلر ۽ مانس بل جي ڍنڍن ۾ ملن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن اهو احساس ٿئي ٿو ته هاڻي به اُها ساڳي پراڻي ڍنڍ موجود آهي. اُهي ئي برف سان ڍڪيل پهاڙ آهن ۽ سج جي پهريئين ڪرڻي جي ظاهر ٿيڻ سان آئون ئي اُهو پهريون ماڻهو آهيان جيڪو اُهو پراسرار مافوق الفطرت منظر ڏسي رهيو آهيان.۽ پوءِ- اُهو ڍنڍ جو پاڻي ڄڻ هڪدم غائب ٿي وڃي ٿو ۽ وادي جي ساوڪ ۽ اُن جا ميدان ۽ اُن جا ڳوٺ ۽ شهر اکين جي اڳيان ڦهلجي وڃن ٿا. ديوداروڻن جي خاموشي فيروز پورندي جي گجگوڙ ۾ حل ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي هزارين سال اڳيان جي طرف موٽي اچي ٿي.
    هن سڙڪ تي منهنجي ملاقات هڪ آئرش ڇوڪري سان ڪرائي. نالو آهي ليرا اوڪانر. ليرا جون اکيون نه نيريون آهن، نه ڀوريون ۽ نه سبز. پر انهن ٽنهي رنگن سان ملندڙ جلندڙ ڪو ئي رنگ. ليرا جي اکين ۾ هڪ عجيب ڇڪ آهي. ڄڻ هي اکيون سدائين سپنا ئي ڏسنديون رهن ٿيون. ليراجي وارن جو رنگ پلاٽينم جهڙو آهي. نازڪ ۽ پشم جهڙي ڳچي، هوءِ آرام سان ديودار وڻ جي ڇانو ۾، هن گهاٽن وڻن سان سٿيل ماٿري جو خاڪو ٺاهي رهي آهي، جنهن ۾ وڻن جو هڪ وڏو ڄار وڇايل آهي ۽ آخر ۾ پاڻي جي ندي هڪ ڊگهي لڪير جيان پاڻي جي ندي ڇڪيل آهي.
    “هتي بيٺي بيٺي ڇا پيو ڪرين؟ ماٺڙي ڪري پنهنجو رستو وٺ.”
    مون اطمينان سان چيو. “هن اسڪيچ ۾ ساوڪ اجائي گهري ڏيکاريل آهي. گلن جي پنکڙين ۽ ديودار وڻن جي جي قطار جي بيهڪ به صحيح ناهي، هتي ته......”.
    “ويهه آئون هاڻي ئي صحيح ڪريان ٿي. ڇا توکي واٽر ڪلر جي ڄاڻ آهي؟.”
    “مون کي واٽر ڪلر سان عشق آهي. ايئن سمجهو ته هاڻي ئي ٿيو آهي” ليرا مسڪرائي ڏنو. هوءِ ڪافي دير تائين خاموسي سان اسڪيچ ٺاهيندي رهي.
    “مون کي بک لڳي آهي ۽ مون وٽ صرف هي ڪجهه بسڪٽ آهن” ليرا هڪ بسڪٽ چپن جي وچ ۾ رکندي چيو.
    “پر” مون چيو “مون وٽ رڌيل مرغي جو ٻوڙ آهي ۽ ٽفن ۾ ڪجهه مانيون به آهن. جيڪڏهن توهان کي هندستاني کاڌن کان نفرت نه هجي!؟.”
    “بلڪل نه، بلڪه آئون ته.....”
    هوءِ شوق مان کاڌو کائڻ لڳي.
    “هن ۾ مرچ تمام گهڻا آهن نه ڄاڻ ڇو توهين ماڻهو ايتريقدر مرچ ڇو پسند ڪريو ٿا؟.”
    “مرچ کاڌي جو ذائقو وڌائن ٿا. هندستانين جي سمورن دنيا ۽ سڀ حسون مري چڪيون آهن سواءِ ذائقي جي حس جي جيڪا اڃا برقرار آهي بلڪه اها لڳاتار اڃان به وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي. انهي لاءِ ڳاڙها مرچ.”
    “نه ڄاڻ توهان ماڻهن ۾ اها ڪهڙي عادت آهي؟” هن پنهنجي پلاٽينيم جهڙن وارن کي ڪنڌ سان لوڏيندي چيو. “ڪنهن پڙهيل لکيل هندستاني سان ڳالهايو، هو ڦري گري سياست تي اچي ويندو. آئون مرچن جي ڳالهه ڪري رهي هيس، تون وري پنهنجي ملڪ جي سياست جي ڳالهه ڪرڻ ويهي رهيئين. نه ڄاڻ اوهان جو ڇا مسئلو آهي؟” هن جا ڳاڙ چپ غصي کان ڀڪوڙجي ويا هئا.
    مون چيو، “رهڻ ڏيو ڳاڙهن مرچن جي ذڪر کي، اچو ته ڳاڙهن چپن جو ذڪر ڪريون. اُنهن گلاب جي گلن جو جيڪي توهان جي وارن تي کڙيل آهن. اُنهن چاندي جي ڪرڻن جو جن مان توهان جا وار ٺهيل آهن، اُنهن سپنن جو جيڪي توهان جي اکين جي پتلي ۾ ايئن چرپر ڪري رهيا آهن، جيئن ڪنهن خاموش جهرڻي تي ترناري جا حيران ۽ لڏندڙ گل!”
    ٻئي ڏينهن شام گل مرگ جي بازارن ۾ ليرا اوڪانر گهوڙي تي وڃي رهي هئي. مون هن کي ڏٺو. هن مون کي ڏٺو، پر هوءِ مون کي سڃاڻي نه سگهي. مشرق مشرق آهي ۽ مغرب مغرب.....
    جيڪا سڙڪ گل مرگ جي وادي جي وچان وڃي ٿي اُها گاف ڪورس کي وچ مان ڪٽي ٿي. ان سڙڪ جي ٻنهي طرفن انگريز مرد ۽ عورتون گاف ڪڏندي نظر ايندا آهن ۽ ڪشميري هٿن ۾ گاف جا باسڪيٽ۽ ڇڙيون کڻي اُنهن جي پويان ڀڄندا نظر ايندا آهن. ان سڙڪ تي گل مرگ جو ڪلب آهي ۽ اڳيان هلي بلڪل وچ ۾ هڪ اوچي جڳهه تي امپريل ۽ اينڊور هوٽل آهي. جاگيردارانه نظام ۾، ۽ اُن کان پهرين جيڪا اهميت ڌرم شالا ۽ عبادت خاني کي هوندي هئي، هن انگريزي نظام ۾ اُها ئي اهميت هوٽل ۽ بينڪ کي حاصل آهي. نئين نظام جا نوان مظهر، البته پوڄاري اُهي ئي آهن.
    هن سڙڪ تي انگريز ۽ انگريز نما هندستاني گهوڙا ڊوڙائيندا ڦرندا آهن. ڪشميري پورهيت ڳاڙهي شلغم ۽ بصر جا ٻورا کڻندا نظر ايندا آهن. انڊن جون ٽوڪريون، گوشت، چڻا ۽ ميوو ڊوئيندا نظر ايندا آهن. پر هي سڀ شيون اُنهن جي کاڌي لاءِ ناهن. صاحب لوڪن جي ٻارن ٽوپلا پائي رکيا آهن ۽ قيمتي سوئٽر. ميم صاحبائن مخمل جون مهانگيون پتلونون پائي رکيون آهن، جن کي گل مرگ جي ڪشميري درزين سبيو آهي، پر هي ماڻهو اُنهن پتلونن کي به پائي نٿا سگهن. هي ماڻهو صرف مزدوري ڪري سگهن ٿا جيئن پنچائت جو فرمان آهي “مزوري ۾ عزت آهي”. انهي سڙڪ تي هڪ هاري ويٺو آهي. اُن جي ڀرسان هڪ جوتا مرمت ڪرڻ وارو ويٺو آهي ۽ هڪ فقير هڪ مزور پيليون پيليون پڪل زردالن جي ٽوڪري سامهون رکي ويٺو آهي. هي زردالون هو پنهنجي کيت جي منڍ ۾ بيٺل زردالن جي وڻ مان پٽي آيو آهي. هن کيت ۾ جيڪو اناج هو اُهو زميندار، دڪاندار، واڻيي ۽ حڪومت پاڻ وٽ رکيو. هاڻي ٻه ٽي زردالن ۽ صوفن جا وڻ باقي رهجي ويا آهن. هو اُنهن جو ميوو گل مرگ کڻي وڃي وڪڻندو آهي ته جيئن هو صاحب لوڪن کي، زردالون ۽ صوف کارائي پنهنجي ٻارن جي لاءِ ٿورڙا چانور خريد ڪري سگهي. فقير پاٿولي ماري بي حيائي سان خيرات گهري رهيو آهي. جوتو مرمت ڪرڻ وارو هڪ اهڙو جوتو مرمت ڪري رهيو آهي، جنهن جي قيمت پنجاهه رپين کان گهٽ ڪو نه هوندي. خود هن جا پير اُگهاڙا آهن. پيرن ۾ لفون پئجي ويون آهن ۽ هڪ جاءِ کان ته خون به وهي رهيو آهي. خير جوتن جي قيمت هوندي آهي!؟. ڀلا هن جي خون جي ڪهڙي قيمت هوندي؟.
    هڪ پوڙهي انگريز عورت پنهنجي رنگين ڇٽي گهمائيندي گهمائيندي گڏ هلڻ واري عورت کي چئي رهي آهي، “مائي ڊيئر!” توکي خبر ناهي ته جڏهن هو هندستاني اسان جي گهر ۾ گهڙي آيو هو ته مون کي ڪيترو نه ڊپ لڳو هو. ڊپ ۽ غصي ۾ ڊوڙي ٻي ڪمري ۾ پنهنجي مڙس وٽ هلي ويئي هيس.....”
    اڄ وري گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهي سرڪيولر روڊ تي سير ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان. هي جهنگل بلڪل خاموش آهي. ڪشمير جي وادي تي سورج غروب ٿي رهيو آهي ۽ وڌندڙ انڌيرو ۽ گهٽجندڙ روشني هڪ مسلسل شطرنج جيان معمو بڻجندي پئي وڃي. هي جهنگل ڇو خاموش آهي؟ هن وادي جي قسمت ڇو خاموش آهي؟ هي جهنگ پنهنجي پٽن لاءِ به نٿو ڳالهائي؟ هن جهنگل جي ماکي، هن جا اکروٽ، هن جا صوف، ..... ڪاٺ، هن جو ريشم، هن جي ساري خوبصورتي ۽ چمڪ ڌمڪ، هن جي ڪا به شئي ان جي پنهنجي پٽن لاءِ ناهي؟ هي ڪهڙي خدائي آهي؟ هي جهنگل ڇو خاموش آهي؟ هي ڇو نٿو چوي، “مزوري نه ڪريو، محفلن ۾ اُچيون پتلونون پايو، صوف کائو، زردالون کائو، اکروٽ کائو، مزوري کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهوڙن تي سواري ڪريو، رمندا، گهمندا ۽ موج مستيون ڪندا ڦرو، هي زمين توهان جي آهي. هي آسمان توهان جو آهي....... ۽ جيڪڏهن- اهو سڀ ڪجهه توهان جو ناهي، ته اچو! هن ساري وادي کي هڪ ڍنڍ بنائي ڇڏيون. پاڻي سان ڪناڪن ٽمٽار ڍنڍ جنهن ۾ ننگ مرگ ۽ گل مرگ سڀ سمائجي وڃن. جنهن جي پاڻي ۾ انساني بي رحمي جا جهنمي ۽ وحشي گهر ۽ پناهه گاهون سڀ فنا ٿي وڃن. بس چئني طرف اُها پراڻي ڍنڍ هجي، هزارين لکين سال پراڻي ڍنڍ ۽ اُنجي چوطرف گليشيئر ۽ برف سان سٿيل پهاڙ بيٺل هجن، ته جيئن جڏهن آسمان جي اوچائين کان سج جو پهريون ڪرڻو ڍنڍ تي پوي ته خوشي مان رڙ ڪري چوي:
    “شڪر آهي جو اڃان انسان پيدا ناهي ٿيو.”
    ***


    عورت جو عطر

    ڪهاڻي ٻڌائڻ واري چيو:
    “۽ هن عورت جي پگهر مان به خوشبوءِ اچي رهي هئي!”
    سيٺ موهن لال بڪي هلائيندڙ، جيڪو صرف کادي جا ڪپڙا پائيندو هو، صرف وسڪي پيئندو هو ۽ صرف بليڪ مارڪيٽنگ جو ڌنڌو ڪندو هو، مسلسل ڪهاڻي ٻڌندي ٻڌندي هڪ جملي تي اٽڪي بيهه رهيو. هن افسانه نگار نروتم ڀائي پانڊيا کي اڌ۾ ڪٽيندي چيو:
    “اڙي پانڊيا! هي تو وري ڇا چيو؟”
    “جي! مون چيو ته اُن عورت جي پگهر مان دل کي ڀائيندڙ خوشبوءِ اچي رهي هئي.”
    “ڇا عورت جي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي آهي!؟ “بڪي هلائيندڙ موهن لال حيراني مان پڇيو.
    “جي ها! يقين نه اچي ته مس پريماوتي کان پڇي وٺو.”
    مس پريما وتي ٿورڙو مرڪيو، ٿورڙو شرمايو، پر سيٺ موهن لال اڳيان وڌي سونگهي ئي ورتو. مس پريماوتي هڪ هلڪي ٿڌيرڙي خوشبو لڳائي رکي هئي. سيٺ جي ناسن ۾ اها هلڪي بي نام خوشبوءِ گهر ڪري ويئي.
    سيٺ خوش ٿيندي چيو: “ها اچي ٿي. پر سڀني عورتن جي پگهر مان اهڙي خوشبوءِ اچي ٿي؟.”
    “سڀني مان ته نه.” پانديا فلاسافرن جيان سمجهائيندي چيو، “صرف ڪنوارين ڇوڪرين جي پگهر ۾ اها هوندي آهي.”
    مس پريماوتي جو چهرو خوشي مان ڳاڙهو ٿي ويو. سيٺ به خوش ٿيو، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ هو هڪ فلم ٺاهڻ جو سوچي رهيو هو ۽ انهي سلسلي ۾ هو نروتم ڀائي پانڊيا کان ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو. انهي ئي سلسلي ۾ هن مس پريماوتي کي هيروئن جي ڪردار لاءِ چونڊيو هو. نروتم ڀائي پانڊيا چيو، “سيٺ صاحب اڳيان ٻڌايان.”
    سيٺ موهل لال بڪي مالڪ، هڪ چيڪ بڪ ڪڍيو ۽ سئو رپين جو چيڪ ڪهاڻيڪار کي ڏيندي چيو:
    “تنهنجي ڪهاڻي تمام سٺي آهي. بلڪل زبردست، پر باقي ڪهاڻي سڀاڻي ٻڌنداسين سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ ڪٿي ڪهاڻي صحيح نه به هوندي ته آئون اُن کي خود ٺيڪ ڪري وٺندس. هن وقت تون وڃ.”
    سيٺ مس پريماوتي کي به اشاري سان چيو. هوءِ ۽ پانڊيا نمستي چئي اُتان روانا ٿي ويا.
    سيٺ صاحب ڪجهه دير لاءِ ڪرسي تي ويٺو ئي رهيو ۽ گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو.
    رات جو سيٺياڻي کاڌي جي ٿالهي کڻي رڌڻي کان ٻاهر نڪتي ۽ صندلي تي رکندي چيو. “اچو ماني کائو.”
    سيٺاڻي جو لهجو هميشه جي طرح کهرو ۽ تيزهو. پيشاني تي هر وقت گهنج هئڻ جي ڪري هن جي هڪ اک هيٺ ۽ هڪ اک مٿي ڏيکائي ڏيندي هئي. سيٺ به هميشه سيٺياڻي سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. پر اڄ هن سيٺياڻي جو غصو ڏسندي به مسڪرائي ڏنو. هن سيٺياڻي جو هٿ پڪڙي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. دراصل هن اُن کي سونگهڻ چاهيو ٿي.
    سيٺياڻي پيشاني تان پگهر اُگهندي چيو.
    “اڙي ڇا ٿو ڪرين. ڪوئي ڏسندو ته ڇا چوندو؟”
    سيٺ ناسن سان سونگهڻ کان پوءِ چيو.
    “سيٺياڻي تنهنجي پگهر مان ته بدبوءِ پئي اچي.”
    “اڙي تنهنجي عقل کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ايتري خبر به نٿي پونئي ته پگهر مان بدبوءِ نه ايندي ته ڇا خوشبوءِ ايندي؟”. سيٺياڻي ٿورڙو پري سرڪندي چيو.
    سيٺ چيو: “سيٺياڻي جڏهن تون ڪنواري هئين ته تنهنجي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي هئي.”
    سيٺياڻي چيو. “ڏي منهن. الاهجي ڪڏهن جي ڳالهه ڪرين ٿو.؟ جڏهن آئون ستن سالن جي هئس، تڏهن منهنجي توسان شادي ٿي ويئي هئي. جڏهن سڄي عمر گهر جي رڌپچاءَ ۾ گذري ويئي ته آئون ڇا ڄاڻان خوشبوءِ ٻشبوءِ کي. ۽ هي اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين؟ ڪٿي فلمي ڪمپني کولي اداڪارائن جي چڪر ۾ ته نه اچي ويو آهين؟ ياد رکجئين اهڙو حشر ڪنديسانءِ جو....”
    سيٺ پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي ڪندي جلدي مان چيو، “نه نه سيٺياڻي ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪرين؟، آئون ته بس ائين ئي پڇي رهيو هوس”.
    ايترو چوندي هن جلدي مان کاڌي ڏانهن هٿ وڌايو. پر سيٺياڻي ڏٺو ته کاڌو کائڻ وقت ڪيترا ڀيرا سيٺ جو هٿ رڪجي ٿي ويو ۽ گرهه هٿ ۾ ئي رهجي ٿي ويو.
    سيٺياڻي زور سان رڙ ڪندي چيو.
    “ڇا پيو سوچين؟ کاڌو کائڻ وقت ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي.”
    سيٺ صاحب اوچتو ئي ڇرڪ ڀريو. هو تصور جي دنيا مان نڪري واپس سيٺياڻي جي دنيا ۾ اچي ويو ۽ چيو.
    “ڪا ڳالهه ناهي، ڪا ڳالهه ناهي، آئون ته آهستي آهستي کاڌي جو مزو وٺي رهيو آهيان.”
    “ڪهڙو کاڌي مان مزو پيو وٺين؟. اُهائي روز واري پٽاٽن جي ڀاڄي آهي.” ايترو چئي سيٺياڻي پاڻي جو گلاس ڀرڻ لاءِ بورچيخاني ڏانهن هلي وئي.
    ٻئي ڏينهن مقرر وقت تي نروتم ڀائي پانڊيا ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ سيٺ جي دفتر ۾ پهچي ويو.
    سيٺ ۽ پريماوتي پهرين کان ئي موجود هئا. پانڊيا پنهنجو چمڙي جو ٿيلهو کوليو. اُن مان ڪهاڻي ڪڍي ٻڌائڻ وارو ئي هو جو سيٺ روڪي ورتس.
    سيٺ چيو: “رات مون تنهنجي ڪهاڻي تي تمام گهڻو سوچيو ۽ هڪ ترڪيب منهنجي ذهن ۾ آئي آهي.”
    پانڊيا ۽ پريماوتي ٻيئي خاموش ٿي ويا.
    سيٺ چيو: “مون سوچيو ته ڇو نه تنهنجي ڪهاڻي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جو عطر به تيار ڪيو وڃي.”
    “عورتن جو عطر؟” پريماوتي حيراني مان پڇيو.
    “ها-ها.” سيٺ موهن لال بڪي هلائيندڙ هڪدم خوشي سان ڀرپور زوردار آواز ۾ چيو: “جيڪڏهن عورتن جي پگهر مان خوشبوءِ نڪري ٿي ته اُن خوشبوءِ مان عطر به تيار ڪري سگهجي ٿو. جيئن گلاب جي پنکڙين مان عطر نڪري ٿو. اهڙي طرح عورتن جي پگهر مان به عطر تيار ڪندس. آئون اُن کي تيار ڪرڻ لاءِ وڏو ڪارخانو لڳائيندس. اُن تي ڏهه ڪروڙ رپيا خرچ ڪندس ۽ اُن ۾ هزارين لکين ڪنواريون ڇوڪريون نوڪري تي رکندس. اُنهن کي پوروڏينهن اُس ۾ بيهاري اُنهن جو پگهار ڪڍرائيندس ۽ پوءِ ان پگهر مان عطر ٺاهڻ جو مرحلو ايندو، ٿورڙو ساهي پٽيندي. “اُهو به مون سوچي ورتو آهي”. سيٺ جون اکيون خوشي منجهان چمڪي رهيون هيون “آئون آمريڪا مان وڏا وڏا آرڪ ليمپ گهرائيندس جن جي گرم ۽ تيز روشني اُنهن ڇوڪرين تي وجهندس جيڪي منهنجي ڪارخاني جون ملازم هونديون. آءُ گرمي جي موسم ۾ اُنهن کي اوني ڪپڙا پهرائيندس ته جيئن اُنهن جي چمڙي جي سوراخن مان خوب پگهر وهي سگهي ۽ پوءِ- برسات جي ڦوهاري جيان پگهر وهڻ لڳندو. جيترو پگهر زياده وهڻ لڳندو. اوترو عطر زياده تيار ٿيندو. منهنجو ڪارخانو هڪ جي بجاءِ ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندو. ڏينهن جو اُس جي شفٽ ۽ رات جو بجلي جي روشني ۾ ڪم ٿيندو. هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڇوڪري مان هڪ سير عطر تيار ٿي سگهندو. مون سڀ حساب لڳائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن آئون هڪ لک ڪنوارين ڇوڪرين جو ڪارخانو کوليان ۽ اُنهن جي پگهر جو عطر تيار ڪريان ته ٻن سالن ۾ منهنجي موڙي واپس اچي ويندي ۽ ٽيئين سال مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪروڙ جي آمدني ٿيندي.
    “اهو وري ڪيئن؟” پريماوتي حيراني مان پڇيو.
    “اشتهار بازي جي ذريعي.” سيٺ خوشي مان نه ماپندي چيو. “اڄڪلهه دنيا ۾ اشتهارن جي ذريعي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ۽ وري عورتن جو عطر، مس پريماوتي تون خود سوچ ته ڪهڙو مرد آهي، جيڪو عورتن جو عطر خريد ڪرڻ پسند نه ڪندو؟ مون کي افسوس ته اهو آهي ته مردن جي جسم مان اهڙي خوشبو نٿي نڪري ورنه عورتن جو عطر مردن لاءِ ۽ مردن جو عطر عورتن لاءِ وڪڻا ها، ۽ ٻيڻو فائدو ڪمايان ها. خير! اُن تي سوچڻ مان ڇا فائدو جيڪو ڪم ٿي ئي نٿو سگهي. في الحال مون ڪمپني جا پراسپيڪٽس ڇپجڻ لاءِ ڏنا آهن. ايندڙ هفتي ڪمپني ٺهي ويندي ۽ اُنجا سڀ جا سڀ حصا منهنجا ۽ منهنجي رشتيدارن جا هوندا. ڪجهه اشتهارن جا خاڪا به مون سوچي ورتا آهن. پانڊيا تون صلاح ڏي هي اشتهار ڪيئن رهندو؟”.
    “هاڻي ڪنوارين جي پويان ڀڄڻ جي ضرورت ناهي.”
    “ڪنواري ڇوڪرين جو عطر استعمال ڪريو” ۽ هي....
    “شادي جي خرچن کان بچڻ لاءِ صرف عورتن جو عطر استعمال ڪريو.”
    “ڏسو اسان جي ملڪ ۾ هزارين لکين اهڙا نوجوان آهن جيڪي معاشي حالتن جي مجبوري ڪري شادي ڪري نٿا سگهن ۽ برائي ۽ بي راهه روي جي طرف مائل ٿي وڃن ٿا. انهن سڀني لاءِ عورتن جو عطر بهترين رهندو. بس ٿورو عطر ڪپڙن تي لڳائي اُن مان اٿندڙ خوشبوءِ مان عورت جو مزو وٺندا لڏندا جهومندا سئنيما ڏسڻ هليا ويندا.
    “ڪيئن ڇا خيال آهي. آئون ڀلا ان فضول فلم ڪمپني جي چڪر ۾ ڇو پوان؟ صرف عطر ٺاهڻ جو ئي ڪارخانو ڇو نه لڳايان؟”.
    “ايئن نه ڪريو.” افسانه نگار پانڊيا بي وس ٿيندي چيو. “غضب ٿي ويندو”.
    “ڪهڙو غضب ٿيندو؟.”
    “او سيٺ صاحب! اوهان کي پنهنجي فلم ڪمپني جي ذريعي لکن جو فائدو ٿيڻ وارو آهي.”
    “اُهو وري ڪيئن؟”
    “ڏسو! جيڪي آرڪ ليمپ توهان پنهنجي ڪارخاني ۾ استعمال ڪندا. اُهي ئي اسان جي فلم ڪمپني ۾ به استعمال ٿيندا. فلم ٺاهڻ لاءِ آرڪ ليمپن جي گهڻي ضرورت پوندي آهي. بس هتي ڪارخاني ۾ عورتن مان عطر ڪڍايو ۽ هتي فلم ڪمپني ۾ اداڪارائن جو عطر ڪڍايو. نرگس جو عطر، مڌو بالا جو عطر، آئون ته چوان ٿو ته توهان ان کي هندستان تائين ئي ڇو محدود رکو. توهان هڪ بين الاقوامي فلم ٺاهيو ۽ گريٽا گاربو جو عطر ڪڍايو. ڀڳوان جو قسم کڻي چوان ٿو ته هڪ لک ۾ ته آساني سان وڪامندو. فلمون الڳ تيار ٿينديون ۽ فلم ٺهڻ وقت تيز روشني جي سامهون بيهڻ سان جيڪو پگهر نڪرندو اُن مان به عطر ٺاهجو. هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ۽ هڪ پنٿ ٻه ڪاڄ. ماڻهو به خوش.
    هي ڏسو! ماڻهو نرگس جي فلم تصوير ڏسڻ وڃي رهيا آهن نرگس جو عطر لڳائي. مڌوبالا جي فلم ڏسڻ وڃي رهيا آهن مڌو بالا جو عطر لڳائي. مون ويجهڙائي ۾ اخبار ۾ پڙهيو هو ته مڌوبالا جو هڪ عاشق مڌوبالا جي نالي جو ورد ڪري مري ويو. جيڪڏهن اُن ويچاري کي مڌوبالا جو عطر ئي ملي ها ته هڪ غريب جي جان ته بچي وڃي ها. آءُ ته چوان ٿو سيٺ جي! توهان هي ڪمپني کولي ڄڻ قوم تي وڏو احسان ڪندا. هزارين نوجوانن جون زندگيون بچائيندا. لکين نوجوان کي بداخلاقي کان بچائي وٺندا”.
    سيٺ موهن لال بڪي مالڪ پنهنجي چيڪ بڪ مان ٻه هزار جو چيڪ لکي نروتم ڀائي پانديا جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، “تو تمام سٺي تجويز ڏني آهي. هڪدم نئون خيال. آءُ ڏاڍو خوش آهيان. آئون توکي هميشه پاڻ سان گڏ رکندس.”
    پانڊيا چيڪ کي کيسي ۾ رکندي چيو. “هڪ ٻيو خيال ذهن ۾ آيو آهي. توهان عورتن کي ته ملازم رکي ئي رهيا آهيو، اُن سان ڪارخاني کي ٻيا به فائدا ٿي سگهن ٿا.”
    “مثلن؟”
    “اسين عورتن جي لڙڪن کي ڄمائي اُن مان قلفي ٺاهي سگهون ٿا. لڙڪن مان لوڻ الڳ ڪري عورتن جو لوڻ بازار ۾ وڪڻي سگهون ٿا وغيره وغيره.....”
    “ها.ها! بلڪل ٿي سگهي ٿو پر اهو مهانگو واپار آهي.” سيٺ صاحب چيو، ان مان ڪجهه ٻيا فائدا به ٿي سگهن ٿا. ٺيڪ آهي اسين ان تي ڪجهه ڪميشن به ڏيئي ڇڏينداسين.”
    “توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي”. افسانه نگار انتهائي مفلسي واري انداز ۾ چيو.
    پريماوتي جيڪا هيستائين چپ چاپ ويٺي هئي، پريشان نظرن سان سيٺ ڏانهن نهاريندي چيو.
    “ظاهر آهي توهان هن ڪارخاني ۾ ڪنوارين ڇوڪرين کي رکندئو.”
    “ها. ڇو ته خوشبوءِ ته صرف انهن جي پگهر مان ئي نڪري ٿي.”
    “پر جيڪڏهن ڪا شادي ڪرڻ چاهي ته؟”
    “اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟. منهنجي ڪارخاني جي ڪا به ڇوڪري شادي نه ڪري سگهندي. پهرين آئون هي ڪارخانو فقط هندستان ۾ لڳائيندس. پر بعد ۾ ٻين ملڪن ۾ به کوليندس. آمريڪا ۾، برطانيا ۾، فرانس ۾، اُتي انهن ملڪن ۾ عطر جو تمام گهڻو قدر ٿيندو. پر اهو شرط ته هر جڳهه رکندس ته اسان جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ واريون ڇوڪريون ڪڏهن به شادي ڪري نٿيون سگهن.”
    “ته توهان دنيا جي لکين عورتن کي شادي کان محروم ڪندا؟”
    “ڇا ڪجي. بزنيس بزنيس آهي.”
    مس پريماوتي پنهنجو پاڻ مسڪرائڻ لڳي.
    “ڇو پئي مسڪرائين؟” سيٺ موهن لال پڇيو.
    “ڪا ڳالهه ناهي.” پريماوتي آهستي چيو، “بس ايئن ئي ڪجهه سوچي رهي هيس.”
    ٿورڙي دير لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي. پر سيٺ صاحب کلي چيو “ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي، پر هي سائنس جو زمانو آهي، سموري تحقيقات ڪرڻ گهرجي ۽ سٺي نموني جاچ ڪرڻ گهرجي ته، ڪهڙي قسم جي ڇوڪري ۾ ڪهڙي خوشبوءِ هوندي آهي. ڪهڙي عمر ۾ اها خوشبوءِ زياده هوندي آهي. ڪهڙي عمر ۾ گهت هوندي آهي. ضروري ڳالهيون دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ سائنسدان سان ڳالهايو آهي. اُهو نيشنل ليبارٽري ۾ پنج سئو رپين تي ملازم هو، مون ٻه هزار مهيني تي اُن کي گهرائي ورتو آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ اُن جو نالو آهي. نوجوان آهي. پي ايڇ ڊي آهي. محنت ۽ دلچسپي سان ڪم ڪندو. ٻاهر ڪمري ۾ ويٺو آهي”. پانديا ڪجهه چوڻ وارو ئي هو جو پريماوتي جلدي مان چيو، “اُن کي اندر گهرائي وٺو”. سيٺ گهنٽي وڄائي سائنسدان کي اندر سڏي ورتو ۽ اُن کي سٺي نموني ڳالهه سمجهائي ڇڏي.
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو “هن تحقيقات ۾ ڇهه مهينا ته لازمي لڳندا”.
    سيٺ رڙ ڪندي چيو، “هي وري ڪهڙي ڳالهه ڪرين ٿو؟ آئون پراسپيڪٽس ڇپائي رهيو آهيان. ڪمپني جا حصا وڪڻي رهيو آهيان، ڪمپني جي ڪارخاني لاءِ مشينري جو آرڊر ڏيئي رهيو آهيان ۽ تون ڇهه مهينا تحقيقات ۾ لڳائيندين؟ ايستائين آئون انتظار نٿو ڪري سگهان. صرف ٽي مهينا ڪافي آهن. ٽن مهينن کان پوءِ تون مون کي هن دفتر ۾ ملجان. هي وٺ ٽن مهينن جو اڳواٽ پگهار”. سيٺ ڇهه هزار جو چيڪ سائنسدان کي ڏنو ۽ سائنسدان هٿ ٻڌندو روانو ٿي ويو.
    پورن ٽن مهينن کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيٺ جي دفتر جي گهنٽي وڄائي. سيٺ اُن کي هڪدم اندر گهرايو. سيٺ سائنسدان کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. سائنسدان جي اکين جي هيٺان ڪارا نشان پئجي ويا هئا. هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي ۽ اڌ کان زياده وار سفيد ٿي چڪا هئا.
    “هي توهان کي ڇا ٿيو؟” سيٺ حيراني مان پڇيو.
    مس پريماوتي ۽ پانڊيا به حيراني مان سائنسدان جي شڪل ڏسڻ لڳا.
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو. “اهو سڀ ڪجهه اوهان جي تحقيقات جي نتيجي ۾ ٿيو. جنهن ڏينهن توهان مون کي ڪم سونپيو بس انهي ڏينهن کان تحقيقات ۾ لڳي ويس. سڀ کان پهرين سوچيم ته اها تحقيقات ڪرڻ گهرجي ته عورتن جي پگهر ۾ ڪهڙي خوشبوءِ هوندي آهي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مون اداڪارائن ڏانهن ويس ۽ نرگس جو پگهر سونگهڻ جي ڪوشش ڪيم جڏهن هو فلم جي هڪ سيٽ تي ڪم ڪري رهي هئي. نڀاڳي نه ڪجهه سوچيو نه سمجهيو، منهنجي ڳل تي زوردار چماٽ هڻي ڪڍي. پوءِ اها چماٽ سهسائيندو مڌوبالا ڏانهن ويس. پر هن مون سان ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ٻين اداڪارائن به منهنجي بيعزتي ڪئي. پوءِ به آئون ڪجهه فلمي اداڪارائن جو پگهر سونگهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. اُن جي رپورٽ منهنجي فائل ۾ موجود آهي. اُن کان پوءِ مون عام ڪنوارين ڇوڪرين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. پر اها مصيبت ٿي ته جيئن ئي اُنهن جو پگهر سونگهڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم ته هو چپل لاهي پويان پئجي ٿي ويون. هڪ ڀيرو بازار ۾ هلندي هڪ ڇوڪري کي سونگهڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي پوليس مون کي پڪڙي ورتو ۽ هڪ هفتو جيل ۾ رکيو. جج مون کي هڪ مهينو نو ڏينهن جي سزا ڏني. هاڻي جيل کان سڌو هتي پهتو آهيان. “پر انهن تڪليفن جي باوجود پوءِ به مون پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي. اڄ تائين مون تقريبن ڇهه سو ڪنوارين ڇوڪرين جو پگهر سونگهيو آهي ۽ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته....”
    “ته.....؟” سيٺ انتهائي بي چيني مان پڇيو.
    “ته عورت جي پگهر ۾ خوشبوءِ هوندي ئي ناهي”.
    “بابا ڙي” سيٺ زور سان رڙ ڪئي.
    “نه ڪنوارين ڇوڪرين م نه شادي شده عورتن جي پگهر ۾، خوشبوءِ هوندي آهي. بلڪه اُنهن جي پگهر ۾ به اهڙي ئي بدبوءِ هوندي آهي جهڙي مردن ۾، پوءِ مون ان بدبوءِ تي تحقيقات ڪرڻ جو سوچيو ته ايئن ڇو آهي؟.
    “پر مون ته توکي خوشبوءِ تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو نه ڪه بدبوءِ تي تحقيقات لاءِ؟.”
    “اهو درست آهي. ليڪن مون سوچيو ته جيڪڏهن بدبوءِ جو پتو پئجي وڃي، ته ممڪن آهي ته خوشبوءِ ڪڍڻ جي صورت نڪري اچي. پر ان ۾ به مون کي ناڪامي ٿي. ڇو ته عورت جي پگهر ۾ جيڪي جزا موجود آهن اُن جو تفصيل هي آهي.
    عورت جو پگهر ٺهيل آهي = گندو پاڻي+ چند زهريلا مادا+ امونيا+ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ+ سوديم ڪلورائيڊ وغيره ۽ انهن مان ڪنهن مان به خوشبوءِ نٿي نڪري”.
    “اڙي آئون ته لٽجي ويس”. سيٺ پنهنجي ڇاتي تي زور سان هٿ هنيا.
    “مون ته ڪارخاني جي عمارت جو ٺيڪو به ڏيئي ڇڏيو آهي ٻن ڪروڙن ۾.
    “ترسو ترسو”. مس پريماوتي تسلي ڏيندي چيو ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ جي طرف مڙي اطمينان سان چيو، “ڊاڪٽر جيڪڏهن عورتن مان عطر نٿو ٺهي سگهي ته عورتن جي لڙڪن مان لوڻ ته ٺهي سگهي ٿو.؟”
    “ان تي به مون تحقيقات مڪمل ڪري ڇڏي آهي”. ڊاڪٽر انتهائي يقين سان وراڻيو، “لوڻ بلڪل ٺهي سگهي ٿو پر مون اندازو لڳايو آهي ته اهو ڪو نفعي بخش ڪاروبار نه هوندو، ڇو ته جيڪڏهن هڪ لک عورتن کي هڪ سال تائين رئاڙيو وڃي ته اُن جي لڙڪن مان فقط هڪ ڇٽانگ لوڻ ملندو”.
    “گهوڙا ڙي آئون ته ڦرجي ويس برباد ٿي ويس، هاڻي ته هن ڪارخاني مان اضافي فائدن جي اُميد به نه رهي. اڙي پانڊيا جا پٽ تو ته منهنجو ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيو ۽ تون به وري سائنسدان بنيو ڦرندو ٿو وتين، نڪري وڃو توهين ٻئي منهنجي ڪمري مان هن ئي وقت” پانڊيا ۽ سائنسدان اُتان جلدي کسڪي ويا. ڪمري ۾ صرف پريماوتي ۽ سيٺ صاحب رهجي ويا. مس پريماوتي رکي رکي مسڪرائي رهي هئي.
    سيٺ غصي ۾ اچي پڇيو “تون ڇو مسڪرائي رهي آهين؟”
    “بس ايئن ئي ڪجهه سوچي رهي هيس”.
    “ڇا سوچي رهي هئين؟”
    مس پريماوتي مسڪرائيندي چيو، “اهو ته سٺو ٿيو ته قدرت عورتن جي جسم ۾ خوشبوءِ نه رکي نه ته توهان سرمايه دار ماڻهو ته ......!”
    ***


    صاحب

    صاحب! هي ڇا پيو ٻڌان ته، هن ملڪ ۾ کاڌي جي کوٽ آهي. ماڻهن کي ماني ڳڀو ڪو نه ٿو ملي. اهو ته نسورو آهي. الزام آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو سڀ ڪوڙ ڪنهن ڪميونسٽ جو گهڙيل ٿو لڳي.
    صاحب! هن ملڪ ۾ کاڌي جي ڪا به اڻاٺ ناهي. هتي هر قسم جي خوراڪ ملي ٿي. مون کي ئي کڻي ڏسو. آئون ڪڪڙ، تتر، پلاءُ، قورمو، ڪباب هر شئي کائيندو آهيان. هر روز کائيندو آهيان ۽ وڏي شوق سان کائيندو آهيان. صبح شام منهنجي دسترخوان تي طرحين طرحين جا طعام رکيل هوندا آهن ۽ اڃان ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي، آءٌ خوراڪ جي وزير جي ڪوٺ تي ويو هوس. اُتي گهٽ ۾ گهٽ ڏهن کاڌن جا قسم ٽيبل تي سجايل هئا ۽ هر قسم جا ميوا پڻ رکيل هئا. ايڏا وڏا سون رنگا سنگتڙا مون اڳ ڪٿي به ڪو نه ڏٺا هئا. اسان جي ناگپور جا گدرا ته اُنهن جي سامهون بلڪل حبشي لڳا ٿي. خوراڪ جي وزير کان پڇڻ تي پتو پيو ته هي سنگتڙا خاص طور تي ڪئليفورنيا مان گهرايا ويا آهن. اُتي جون ٻه شيون تمام گهڻيون مشهور آهن. هڪ ته سنگتڙا ۽ ٻيون هالي ووڊ جون اداڪارائون. اڃان ته فقط سنگتڙا آيا آهن. پر جڏهن هندستان ۾ مارشل پلان نافذ ٿيندو ته هالي ووڊ جون اداڪارائون به اينديون ۽ ملڪ جي صنعت ۽ حرفت کي وڌيڪ ترقي ملندي.
    خير! ڳالهه خوراڪ جي ٿي رهي هئي ۽ ڪٿان جو ڪٿي پهچي ويس. اُن ڏينهن جي ڳالهه آهي، مون کي گورنمينٽ هائوس ۾ دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو. اُتي به مون کاڌي پيتي جي ڪا به کوٽ نه ڏٺي. ڪئين ڀيرا مون پنهنجي دوست ميمبر ڇور داس وٽ دعوتون کاڌيون آهن، اُتي به سڀ دوست کائيندي پيئندي خوش و خورم نظر آيا. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اخبارن ۾ ڏهاڙي اها خبر ڇوٿي اچي ته ملڪ ۾ کاڌي جي اڻاٺ آهي.
    صاحب! آئون سچ پيو چوان ته ملڪ ۾ کاڌي جي بنهه اڻاٺ ناهي ۽ جي ڪٿي آهي ته اُها به ڪميونسٽن جي پيدا ڪيل آهي. توهان اُنهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. کاڌي جي اڻاٺ خود به خود ختم ٿي ويندي. ڪميونسٽ وڏا بدمعاش ٿيندا آهن.
    صاحب! آئون اوهان کي پنهنجو مثال ٻڌايان ٿو ته هڪ لڱان هيئن ٿيو جو مون پنهنجي ڊرائيور کي ٽن مهينن تائين پگهار ڪو نه ڏني. اهو رڳو هڪ اتفاق هو نه ته، آئون پنهنجن نوڪرن چاڪرن جو تمام گهڻو خيال رکندو آهيان.
    صاحب! هو لُڙ ڪرڻ لڳو. جڏهن مون ان کي ڇنڊ پٽي ته سرخ ٽوپيءَ وارن کي پاڻ سان وٺي آيو ۽ ڀرپاسي جي بنگلن ۾ به لُڙ مچي ويو ته پهريئن بنگلي واري صاحب ڊرائيور کي ٽن مهينن کان پگهار ناهي ڏني.
    صاحب! انهن سرخ ٽوپيءَ وارن ڊرائيور کي ٽن مهينن جي پگهار به ڏياري ۽ هڪ مهيني جو بونس به. اُهي ڏاڍا مٿي ڦريل آهن. انهن کي اسان جي سرڪار جيترو جلدي چيڀاٽي اوترو ڀلو. اسان آزادي ان لاءِ نه ورتي هئي ته ڊرائيورن کي بونس ڏيندا وتون ۽ مزدورن کي مهانگائي الائونس به ڏيون. انهن غريبن کي جي مٿي تي چاڙهبو ته پوءِ حڪومت به هلي.
    ها! ٻيو پيگ ٺاهه پرٿورڙو مڙئي سوايو ٺاهه. الاجي ڇو اڄ برانڊ مان مزو ئي نه ٿو اچي. هي مکڻ ۾ تريل مٽر ۽ پٽاٽن جي چپس به ڄڻ رک ۾ تريل پئي لڳي. شايد هوٽل واري بورچي مٽائي ڇڏيو آهي. پراڻو بورچي ڪيڏانهن ويو؟ سٺ رپيا پگهار گهريئين ٿي؟ اڙي ميان هي ماڻهو سٺ رپيا ته ڇا سئو ۾ به خوش نه ٿيندا. اڄ ڪلهه ته هوا ئي اهڙي پئي گهلي. جنهن کي ڏسو مٿي تي چڙهي پيو ڳالهائي. چون ٿا مهانگائي الائونس ڏيو. ٻڌايو پهرين ڪيئن گذر ڪندا هئا؟ مان چوان ٿو پوري زماني کي ڄڻ باهه لڳي رهي آهي. چين ۾ ڏسو ڇا پيو ٿئي. ملائيشيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ برما ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ هي اسان جي حڪومت ڇو ستي پيئي آهي؟ چين ۾ فوجون ڇو نٿي موڪلي؟ ان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اڙي ميان مون پنهنجي زال جا زيور به سئيزرلينڊ موڪلي ڇڏيا آهن. تو ڪيڏانهن موڪليا آهن؟ ڏکڻ آمريڪا؟ ها ميان مون ٻڌو آهي ته برازيل به اڄڪلهه محفوظ جڳهه آهي. اُتي ڪو به ڪميونسٽ پير کوڙي نٿو سگهي. پر ميان! منهنجي ويجهو اچ توکي ڪن ۾ ڳالهه ٻڌايان! انهن ماڻهن تي ڪو ڀروسو ناهي. نه ڄاڻ ڪڏهن اُٿي کڙا ٿين. ڊرائيور ته اُتي به هوندا ۽ مزدور به هوندا. بس هي ماڻهو ته پوءِ اُتي به پهچي ويندا.
    ها ڀائو آءٌ کاڌي جي ڳالهه ڪري رهيو هوس. هندستان ۾ کاڌي جي ڪهڙي کوٽ آهي؟ اڙي ميان! هي ته سون جي جهرڪي آهي سون جي جهرڪي. هتي جي ته مٽي به سون پيدا ڪري ٿي. هڪ ڀيري اسان جي ڀنگي کي ڪچري جي ڍير مان سون جو والو مليو. هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته ڀنگي جي زال کي منهنجي زال جهڙو والو پاتل هو. اسان جي ڀنگي جي زال ڏاڍي خوبصورت آهي. کڻي جو ڏسوس ته دل ڏيئي ويهو. هڪڙي ڏينهن اچ ته توکي ان جو ديدار ڪرايان. هاهاها...
    مون هن کان پڇيو: “تو هي والو ڪٿان آندو؟”
    چيائين: “مڙس ڏنو آهي.”
    مون ڀنگي کان پڇيو ته، ان چيو “گند جي ڍير مان مليو آهي.”
    هي آهي هندستان جي مٽي، آئون توکي پنهنجو مثال ٻڌايان ٿو. جڏهن آئون ننڍو هوس. مون ڀنگي جي پٽ، يعني اهو جيڪو هن وقت اسان جو ڀنگي آهي ان سان گڏجي ڪچري جي ڍڳ کي ڦلورڻ شروع ڪيو ته اُن مان چار آني جو سڪو مليو، ٻه گدرا، هڪ زيتون ۽ هڪ ڪتاب جو پنو مليو جنهن تي لکيل هو “حسن جو سينگار” ۽ اُن کان سواءِ هڪ زنانو چپل، جنهن سان پوءِ امان مون کي ڏاڍو ڪٽيو ۽ هڪ ڪيڪ جو ٽڪرو جنهن تي مکڻ لڳل هو. کوڙ ساري برياني ۽ چار مانيون به. هاڻي هي ته هڪڙي بنگلي جي ڪچري جو احوال آهي. پاڻ ڳڻيو. ڀرپاسي جا سوين بنگلا، هي غريب ماڻهو جيڪي انهن گند جي ڍيرن کي ڦلورين ٿا ڏاڍو مزو وٺن ٿا. ڪلڪتي، بمبئي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ اهڙا لکين گند جا ڍير لڳا پيا آهن. غريب ماڻهو اُن مان فائدو وٺن ٿا ۽ اسان کي ۽ توهان کي ان مان ڪو فائدو نه ٿو ٿئي، توڻي جو اِهي سڀ شيون اسان جي ئي گهرن مان وڃن ٿيون. آئون ته چوان ٿو ته سرڪار کي ان گند تي به ٽيڪس لڳائڻ گهرجي؟
    هٿ ملائي يار ڪهڙي نه ڀلي ڳالهه ڪئي اٿئي. ان ڳالهه تي ته سرڪار کي اسان کي وزير بڻائڻ گهرجي. ڪروڙن جي آمدني ان ٽيڪس مان به ٿي سگهي ٿي. آئون توکي صحيح ٿو چوان ته هي ماڻهو ڪچري جي ڍير مان کاڌو نه پر ٻيون شيون ڳولين ٿا. اها ڪميونسٽن جي چال آهي آئون سڀ ڄاڻان ٿو. انهن سڀني تي ٽيڪس لڳائڻ گهرجي. ڇا خيال آهي حڪومت کي خط لکان؟
    هي کاڌي جي پيداوار وڌائڻ جي خيال تي حڪومت به هربرو پريشان ٿي رهي آهي. هندستان ۾ ڇا نٿو ٿئي؟ ڪڻڪ ٿئي ٿي، ٻاجهر ٿئي ٿي، مڪئي ٿئي ٿي، ڪمند ٿئي ٿي ٿو، سڻي ٿئي ٿي، گلاب جا گل ٿين ٿا.
    ۽ ڪڪڙ جي ران ٿئي ٿي جنهن جو مٽ سڄي دنيا ۾ ناهي. ڪيئن؟ سچ ٻڌاءِ. ڪڪڙ جي رانَ جو ڪومٽ دنيا ۾ آهي؟ سچ ٿو چئين دوست، ڪيڏي نه مزي جي ڳالهه ڪئي اٿئي! ۽ هي ماڻهو ان اُپائڻ جو روئڻو روئي رهيا آهن. اڙي يار، آئون توکي پنهنجون مثال ٻڌايان ٿو. مون وٽ چئن درجنن کان مٿي ٽوپيون هونديون ۽ هر هڪ ٽوپي جو وارو ٻئي يا ٽئين مهيني ئي ايندو آهي. هڪڙي ڏينهن آئون آمريڪن ٽوپي پائڻ لڳس ڇاڪاڻ جو اُن ڏينهن مان آمريڪن سوٽ پائي رهيو هوس، جو کڻي ڏسان ته ٽوپي جي مٿان هڪ گل ٽڙيو بيٺو آهي! ايئن ڪيئن ٿيو؟ ڏٺم ته ٽوپي جي مٿان هڪ مٽي جو لپو پيو آهي، شايد راهه ويندي اُن تي ڪريو هوندو ۽ شايد اُن کي ڪٿان پاڻي به اچي لڳو هوندو. هاڻ هن لپ مٽي مان گل ٽڙي پيو. ته جناب هي آهي هندستان جي مٽي. آئون سوچيان ٿو ته جيڪڏهن هر هندستاني پنهنجي پنهنجي ٽوپي تي پوک ڪرڻ لڳي ته ڪيئن رهندو؟ ٽوپيءَ جي مٿين ايراضي 52 اسڪوائر انچ آهي ۽ هندستان جا سڀ ماڻهو فقط پنهنجين ٽوپين تي پوک ڪرڻ شروع ڪن ته ڪڏهن به ڏڪار ئي نه ٿئي. ڇا ٿو چوين اگهاڙي مٿي وارا ايئن ڪندا؟
    اڙي يار! اُنهن جي مٿن لاءِ قانون پاس ڪري ٽوپيون نه پرننڍيون ننڍيون مٽي جون ڀريل ٽوڪريون رکايون وڃن ۽ ان ڪم لاءِ گانڌي ٽوپي وڌيڪ ڪارائتي رهندي. ڇا خيال آهي؟ منهنجي خيال ۾ هي هندستان جو سڀ کان وڏو منصوبو بڻجي سگهي ٿو. ٽوپي منصوبو! منهنجي خيال ۾ ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ آمريڪا کان ماهر سائنسدانن، انجنيئرن ۽ بينڪرس کان مدد ورتي وڃي ۽ ان ڪم جي شروعات به وزارتي ڪابينا جي ميمبرن کان ٿئي ته، جيئن ڪجهه ئي عرصي ۾ خبر پئجي وڃي ته، هي جو پنهنجي سر تي پوک پوکي اچي رهيو آهي اهو جيرامداس دولت رام آهي ۽ جنهن جي مٿي تي مڱن جي دال پوکيل آهي اُهو سردار پٽيل آهي. هي جوئر جي پوک پنڊت نهرو جي آهي ۽ جنهن جي سر تي گوبي جو گل ڦٽل آهي اُهو مولانا ابوالڪلام آزاد آهي! هاهاها! ڪيڏو نه مزو ايندو. هن وقت ڇا ته منهنجو دماغ ڪم ڪري رهيو آهي. هاڻي فرينچ براند سيف جو پيگ ٺاهي ڏي جو مون کي ڪم ڪرڻو آهي..... ٺيڪ آهي هاڻي جڏهن به پيئنداسين هتي نه پيئنداسين، گووا هلي پيئنداسين. مون ته پنهنجو بينڪ اڪائونٽ به گووا شفٽ ڪري ڇڏيو آهي. نه ڄاڻ سڀاڻي ڇا مان ڇا ٿي وڃي. ڪير ڪنهن تي اعتبار ڪري؟ تون به ائين ڪر، منهنجا يار ٻه چار لک هتي رهڻ ڏي باقي ٻاهر موڪلي ڇڏ.
    اڙي يار! هي ٻي ڳالهه ٻڌ. پاڻ وٽ چون ٿا ته کاڌي جي کوٽ آهي. ته هي ماڻهو ڪتا، ڪوئا ۽ ٻليون ڇو نٿا کائن؟ اڙي يار ٻين مشرقي ملڪن ۾ به ته ماڻهو اُنهن کي وڏي شوق سان کائيندا آهن. ڪتا ٻليون ته ڇا اهي نانگن کي به رڌي کائي وڃن ٿا. پوءِ هتي ڇو نٿا کائن؟ هتي ته ڪتا ٻليون ۽ ڪوئا ايڏي انگ ۾ آهن جو ڇا ٻڌايان؟ منهنجي پنهنجي بنگلي ۾ ئي ايڏي وڏي انگ ۾ آهن جو اُن مان چڱي ڀلي چائينيز هوٽل کلي سگهي ٿي. پر ڪنهن ۾ ايترو عقل ئي ڪٿي آ، جو انهن غريبن کي اهي شيون کائڻ جو چوي. هروبرو هر هفتي راشن ۾ ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ چانور ڏيئي انهن ماڻهن جو مٿو خراب ڪري رهيا آهن. آءٌ ته چوان ٿو ته راشن هڪ ئي ڌڪ سان بند ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي وڃي هي ماڻهو سڌرندا. اڙي يار! جڏهن آئون پيرس ۾ هئس ته، مون کي هڪ ڪينيڊين ڪمانڊر ٻڌايو ته، هڪ دفعي هو اهڙي علائقي ۾ هليو ويو، جو هن کي اُتي ٻن هفتن تائين گاهه اُٻاري کائڻو پيو. ڏس جڏهن هڪ ڪينيڊين ڪمانڊر گاهه اُٻاري کائي سگهي ٿو ، هاڻي ٻڌاءِ! جي جنگ جي ڏينهن ۾ ڪينيڊا جا يورپي ماڻهو گاهه کائي سگهن ٿا، ته ڏڪر ۾ هندستان جا ماڻهو گاهه ڇو نٿا کائي سگهن؟
    “ڇا چيئي! بيچاپور ۾ ماڻهو گاهه کائي رهيا آهن.”
    “ گجرات ۾ به ايئن آهي.”
    “ ها انهن چرين سان اهو ئي ٿيڻ گهرجي.”
    “چريا آهن هي ماڻهو؟”
    “تو ڇا چيو؟”
    “ چريا نه هجن ها ته گند جي ڍيرن مان کاڌو ڇو ڳولهن ها؟ ۽ سرمائيدارن مان محبت جي آس ڇو رکن ها....؟ “
    “ تون ڪير آهين جو اسان ٻن شريفن جي وچ ۾ پيو ڳالهائين؟ اڙي تون ته، هوٽل جو بيرو آهين! هتي بيهه تون اسان جون ڳالهيون ٿو ٻڌين؟ تون به مون کي ڪميونسٽ لڳين ٿو. آئون هاڻي ئي تنهنجي مئنيجر وٽ شڪايت ڪريان ٿو...”
    “نه يار نه. هاڻي آئون وڌيڪ نه پيئندس. هن مان ته، نشو ئي نٿو ٿئي!
    ***


    ڀوَن سنڌيءَ جا ڇپيل ڪتاب

    ڇپيل ڪتاب

    گوري گهاگهر ۽ گوندر (پرڏيهي ڪهاڻيون) ملهه: 150 رپيا
    سندري سپنا ۽ صليب (شاعري) ختم ٿيل
    ستارن پويا ڊوڙندڙ شخص (پرڏيهي ڪهاڻيون) ملهه: 150 رپيا
    درد بڻيو دلربا (پرڏيهي ڪهاڻيون) ملهه: 150 رپيا
    محبت ماريا ماڻهو (پرڏيهي ڪهاڻيون) ملهه: 150 رپيا
    پراڻو قرض (ڪهاڻيون) ڪرشن چندر / ڀوَن سنڌي ملهه: 200 رپيا
    اگهاڙپ جو فلسفو (ڪهاڻيون) ڪرشن چندر / ڀوَن سنڌي ملهه: 200 رپيا

    جلد ايندڙ ڪتاب

    خاڪن جو ڪتاب
    ڊائريءَ جا ورق ڪتاب
    شاعريءَ جو ڪتاب


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2404218
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 615591
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ