ڪتاب جو نالو: ڪرفيوءَ ۾ اڏامندڙ ڪاغذ
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 04 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 398 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 81 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انھن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلھاڙيل آهي. رسول ميمڻ جون سموريون ڪھاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • ڪھاڻيون

  • ڪرفيوءَ ۾ اُڏامندڙ ڪاغذ!
  • پڦي
  • خدا بخش جو کوهه
  • ڪانا
  • پناهه
  • منهنجا شهيد ٿيل چهرا !
  • مونجهارو
  • سچ ۽ حقيقت
  • ڦاٽڪ وارو
  • نفرت جي ڏينهن ۾ پيار!
  • وسري ويل ڪهاڻي
  • ڦُڙا
  • ڀڳل روڊ
  • پراسرار ڪتو
  • حالتون

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ڪرفيوءَ ۾ اُڏامندڙ ڪاغذ
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    سال : 2019ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    Karfiu men odamder kagaz

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2019
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar
    Digital Edition: 2019
    books.sindhsalamat.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪرفيوءَ ۾ اڏامندڙ ڪاغذ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
    ”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انھن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلھاڙيل آهي. رسول ميمڻ جون سموريون ڪھاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي ھر ھنڌ پھچايون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    اُن پراڻي
    گهڙيال جي نالي
    جنهن جي طاق ۾
    رزق رکندو آهيان ته
    اُن ۾ وقت جذب ٿي
    حياتي ڏيندو آهي!


    ڪھاڻيون

    ڪرفيوءَ ۾ اُڏامندڙ ڪاغذ!

    اُهي چار فرد موڪل وارو ڏينهن گڏ گذاريندا هيا، لياريءَ جي جهونا مسجد وٽ جيڪو رستو بغداديءَ ڏانهن وڃي ٿو. اُتي اهو فليٽ هيو، فليٽ ڇا هيو بس فليٽڙو هيو، جنهن ۾ هڪ ڪمرو، ڀرسان دالو ۽ پاسي کان رنڌڻو هيو، اڳيان گيلري هئي جتي بيهڻ سان نظر چيل چوڪ کان آگرا تاج ۽ بهار تائين هلي ويندي هئي. اهو ننڍڙو فليٽ ان چار ماڙ عمارت جي پهرين منزل تي هيو. هيٺان ٻه دوڪان هيا جن مان هڪ ۾ ڍورن جون کلون خريد ڪندڙ واپاري هيو ۽ ٻئي ۾ ڪٻاڙي.
    هونئن ته روڊ روان دوان هوندو هيو، پر ڪا خبر نه پوندي هئي اوچتو ڀاڄ شروع ٿي ويندي هئي، ماڻهو گهٽين ۾ گم ٿي ويندا هيا، موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ کان بچنديون زوڪٽ ڪنديون هليون وينديون هيون. بسون روڊن تي بيهي وينديون هيون، انهن مان ڪنڊيڪٽر مسافرن کي زوريءَ هيٺ لاهيندا هيا ۽ کين چوندا هيا “حالتون صحيح نه آهن، اهي اڳتي نه ويندا، هيٺ لهو ته اسان واپس موٽون.”
    لياريءَ جون حالتون کليل پيٽرول جهڙيون هيون، اوچتو باهه ڀڙڪي هر شيءِ کي وچڙي ويندي هئي.
    اهو موڪل جو ڏينهن هيو جڏهن عزرائيل ڊيوٽيءَ تي هيو، چيل چوڪ کان چاڪيواڙي ۽ آگرا تاج کان بهار تائين ڏهه ماڻهو ماريا ويا هيا، پوليس پاسو وٺي بيهي رهي، رينجرز وارا آيا، انهن ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو. ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران وڏو فساد مچي پيو. وڌيڪ پنج ماڻهو مئا ۽ رينجرز جا ٽي اهلڪار به دنيا مان موڪلائي ويا. حالتون ايڏيون خراب ٿي ويون جو فوج کي گهرايو ويو. فوج اچڻ شرط چار شڪي ماڻهو پڪڙي انهن کي گولين سان اڏائي ڇڏيو. هڪ بي قابو هجوم فوج تي فائرنگ ڪئي ۽ ڪجهه فوجي زخمي ٿيا.
    صورتحال ايڏي خراب ٿي وئي جو ڪرفيو نافذ ڪيو ويو. گهٽيون، روڊ رستا ويران ٿي ويا. اهي چار فرد فليٽ ۾ قيد ٿي ويا، سندن وقت هڪ وڳي تائين ته ٺيڪ گذريو پر پوءِ کين بک پريشان ڪيو، انهن رڌڻي ۾ پاروٿي ڊبل روٽي ۽ ڪجهه بچيل پٽاٽا کائي وقت گذاريو، انهن کي اها خبر نه هئي ته ڪو حالتون ايڏيون خراب ٿي وينديون جو مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويندا. انهن هر هر سنڪ وٽ وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري ٿي پيتو، جنهن ۾ سڙيل گوشت جي بوءِ هئي پر محسوس ڪيائون اها بوءِ چيل چوڪ کان ايندڙ ان دونهي ۾ آهي جيڪو پريان جهڙ جيان لياريءَ مٿان بدبوءَ جو مينهن وسائي رهيو هيو.
    پري جهونا مسجد جي ان ڪنڊ وٽ جتي رستو مٿي نالي کان ٿيندو ماڙي پور روڊ ڏانهن وڃي رهيو هيو اتي خاڪي ورديءَ وارن جي جيپ بيٺل هئي ۽ هڪ ورديءَ وارو ڪڇونءَ جي خول جهڙو ٽوپ پائي گن مشين سان بيٺل هيو. رکي رکي پريان گولين جي هلڻ جا آواز پئي آيا، پکي عرش ۾ اڏامندا هر هر جهونا مسجد جي سائي گنبذ تي لٿا پئي ۽ ڀڙڪو ڏئي اڏاميا پئي.
    گل محمد گلي جنهن بستر تي بوريت مان وٽ پئي کاڌا ان ڳالهايو.
    “اڙي ڪمال آ... هيءَ حڪومت آهي يا چاڪيواڙي جي چاچي زليخان.”
    رحيم بخش راوڙي بي چينيءَ مان ڪر ڀڃندي پڇيو
    “اهو زليخان ڪير آ؟”
    الهڏتي وچ ۾ جواب ڏنو “پٺاڻ کي يوسف جو پورو قصو ٻڌايو وڃي پوءِ به پڇندو اهو زليخان ڪير آ.”
    رحيم بخش راوڙي توائيءَ مان نسوارجي دٻلي ڪڍي ۽ آخري چپٽو ڀري گيلريءَ مان ٻاهر اڇلايائين، روڊ تي دٻلي ڪرڻ ڪري گوليءَ جهڙو آواز ٿيو، پريان بيٺل فوجيءَ آواز تي ڪنايو پر پوءِ اهو سوچي لنوائي ويو ته ڪنهن ٻار جي حرڪت هوندي.
    “بابا ڪجهه ته خيال ڪر.” سائين رکيي چيو. “نسوار جي دٻلي ته ائين ٿو اڇلين ڄڻ احسان ٿو ڪرين.”
    گل محمد گلي ڀڄندو گيلريءَ ۾ ويو ۽ هيٺ ڏٺو، نسوار جي دٻلي وچ روڊ تي پيل هئي، پريان هڪ فوجي گاڏي مٽي اڏاريندي آئي ۽ دٻيءَ مٿان چڙهي وئي. دٻي چيپجي سنهي ٿي وئي، روڊ تي ايمبولنسون ۽ فوجي گاڏيون سائرن وڄائيندو لنگهيون پئي، هڪ گاڏي جنهن ۾ ٿلهو اهلڪار ويٺل هيو ان مائيڪ هٿ ۾ جهلي خبردار ٿي ڪيو. “ڪو به گهر کان ٻاهر نه نڪري، ڪنهن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس گوليءَ سان اڏاريو ويندو.”
    گيلريءَ مان ڏسندي گل محمد گليءَ جي نظر هڪ ڪاغذ تي پئي جيڪو چڱو وڏو هيو، هن اکيون چنجهيون ڪري ان تي لکيل عبارت پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي ٻه سٽون لکيل هيون، مٿين سٽ غير واضح ۽ هيٺين ٿلهن اکرن ۾ واضح نظر اچي رهي هئي. هو ايڏو پڙهيل نه هيو پر پوءِ به ٿورو گهڻو پڙهي ويندو هيو، هن ڪاغذ تي لکيل عبارت تي غور ڪيو ان جي مٿين سِٽ غير واضح هجڻ ڪري ته پڙهي نه سگهيو پر هيٺين سٽ پڙهي ويو جنهن ۾ ڪچي گار لکيل هئي.
    گل محمد کي گهڻي دير گيلريءَ ۾ بيٺل ڏسي باقي ٽي ان تجسس ۾ ته متان ان ڪا کائڻ جي شيءِ ڏٺي هجي، اهي وڌي ان وٽ آيا ۽ گيلريءَ مان هيٺ نهارڻ لڳا، انهن ڏٺو اتي رحيم بخش راوڙي جي دٻلي چپاتيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي.
    گل محمد گليءَ دوستن کي ڀرسان ڏسندي کين ڌيان ان ڪاغذ ڏانهن ڇڪايو جيڪو اڏامي هيڏانهن هوڏانهن ڪري رهيو هيو، گل محمد گليءَ آڱر کڻي اشارو ڪندي چيو “هو ڏسو سامهون ڪاغذ، ان تي ڪجهه لکيل آهي، جيڪو پڙهي ٻڌائيندو ان کي ڳٽڪي وارو پان انعام ۾ ڏيندس.”
    پوءِ گل محمد کيسي مان اها پڙي ڪڍي جنهن ۾ چار پان ويڙهيل هيا، هڪ ڪڍي کائي ٻيا ويڙهي کيسي ۾ واپس وجهي ڇڏيا، انهن ٽن پري هلڪي هوا ۾ اڏامندڙ ڪاغذ کي غور سان پڙهڻ شروع ڪيو، ڪاغذ سامت ۾ آيو ته کين هيٺين سِٽ صاف سمجهه ۾ اچي وئي، پر مٿين سٽ جنهن تي شايد ڪنهن جو نانءُ لکيل هيو، سمجهه ۾ نه آئي، الهڏتي عينڪ لاهي شيشا صاف ڪيا ۽ وري پائي ڪاغذ کي چتايو، هن هدڪدم وڏي آواز ۾ رڙ ڪري چيو “لڳي شرط... اتي زرداريءَ جو نالو لکيل آهي.”
    پوءِ هن ڳالهه کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ وري چيو “ڏسو... ز...ر...د...ا...ر....يءَ.... زرداريءَ جي....”
    هن جي راءِ تي سائين رکيي منهن خراب ڪيو.
    “بابا زرداريءَ جون نانءُ ڇو هوندو.” هن چيو “لياري ته زرداريءَ جو ڳڙهه آهي، اهو زرداريءَ جو نانءُ نه آهي، غور سان ڏسو.”
    اهي ڏسي ئي رهيا هيا ته پريان ايمبولينس سائرن وڄائيندي آئي، جڏهن اتان لنگهي ته هوا تي ڪاغذ اڏامي اونڌو ٿي ويو.
    “اهو ڪاغذ اونڌو نه ٿيو آهي پر حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو آهي.” الهڏتي چيو.
    گل محمد گليءَ کلندي هن کي پٺيءَ واري مڪ وهائي ڪڍي.
    “حڪومت جو تختو اونڌو نه ٿيو آهي تو واري... اونڌي ٿي آهي، جنهن تي رحيم بخش راوڙ حڪومت ڪندو.”
    هو چارئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا، انهن وٽ وقت گذارڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو مشغلو نه هيو ته گيلريءَ مان بيهي ان ڪاغذ تي لکيل عبارت پڙهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان غير واضح نانءَ کي ڳولهي ڪڍن جنهن تي ڪچي گار ڏنل هئي، اهي چارئي گيلريءَ مان ڪاغذ جي سڌي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، مڇر ڪالونيءَ مان ايندڙ سڪل مڇي ۽ جهينگن جي بوءِ ۾ ونهتل واءُ سان اهو ڪاغذ اڏامي وري سڌو ٿي ويو. انهن چئني جون نظرون ڪاغذ ۾ کپي ويون.
    “اهو الطاف جو نالو لکيل آهي.” رحيم بخش راوڙي چيو. “غور سان ڏسو... ا...ل...ط...ا...ف... الطاف جي...”
    گل محمد گليءَ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو “ٿي سگهي ٿو اهو الطاف جو نالو هجي، ان به لياريءَ وارن سان گهٽ ڪونه ڪئي آهي.”
    پوءِ انهن ڏٺو نالي وٽ بيٺل فوجي گاڏيءَ تي فائرنگ شروع ٿي وئي.
    فوجي پوزيشن سنڀالي بيهجي ويا، هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، پري بهار ۽ آگرا تاج وٽ دونهي جو غبار مٿي اڀريو، ٿوري دير ۾ ٽي ايمبولنسون گيلريءَ هيٺان تيزيءَ سان لنگهيون، ڪاغذ بازيگر جيان قلابازيون کائيندو ڪٻاڙيءَ جي دوڪان وٽ ڪريو.
    گل محمد گليءَ چيو “ڪاغذ ڏاڪڻ وٽ پيل آهي، اجهو ٿو کڻي اچان، پوءِ ڏسجو ڪير سچو، ڪير ڪوڙو.”
    الهڏتي ان کي روڪيو.
    “نه وڃجانءِ وات ڳاڙها ڳٽڪي خور نه ته جسم به ڳاڙهو ٿي ويندئي.”
    گل محمد نه مڙيو، هو در کولي ڏاڪڻ طرف وڌيو ته سائين رکيي کيس ٻانهن کان پڪڙيو.
    “بابا ڇو ٿو موت کي دعوت ڏين، مرندين ته مائٽ گهنجڙي وارن وارو گهٽو به قربان نه ڪندئي.”
    پوءِ گل محمد گليءَ پلٽو کاڌو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين “توهان يقين ڇو نه ٿا ڪريو ته اتي نواز شريف جو نالو لکيل آهي، نواز شريف جي...”
    الهڏتي کي اها ڳالهه صفا نه وڻي، ان ناراض ٿيندي ذري گهٽ گل محمد گليءَ کي گار ڏني، جيڪا هن ڏيندي ڏيندي ان ڪري روڪي ته گار ڏيڻ سان معاملو وڌي وڃي ها، ان اعتراض واريندي چيو “لياريءَ ۾ نواز شريف جو ڪهڙو ڪم، ان لياريءَ وارن کي ڪهڙو تنگ ڪيو آهي؟”
    گل محمد گلي نه مڙيو، ان کيس کهرو جواب ڏنو.
    “توهان پنجابي بلوچن جا پڪا دشمن آهيو.”
    سائين رکيي وچ ۾ اچي ٻنهي کي الڳ ڪيو.
    “بابا ٿورو ته شرم ڪيو، نه ٿا ڏسو موقعو نه مهل.”
    پوءِ سائين رکيي ڳالهه ٽارڻ لاءِ ڪاغذ کي ڏسندي هروڀرو عمران خان جو نالو کنيو.
    “عمران خان جي....”
    رحيم بخش راوڙو رنگ جو ڳاڙهو ته هيو پر ڳالهه ٻڌي وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويو، هن سائين رکيي تي الر ڪئي، اڙي انڌو ته نه آهين... ڏس چڱيءَ طرح، عمران خان ڪيئن ٿي سگهي ٿو، سوچي ڳالهاءِ عمران خان ڪيئن به هجي پر ياد رک اهو خان آهي.”
    الهڏتي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائي وڌو، ان اوچتو راءِ ڏني “ان ڪاغذ تي اسفند يار جو نالو لکيل آهي... اسفنديار جي...”
    هو چارئي گيلريءَ ۾ وڙهندا هيا ۽ ڪاغذ ڪرفيو ۾ اڏامندو رهيو، شام جا پنج ٿي ويا ۽ ڪرفيو لهڻ جو ڪو امڪان نه هيو. بک چئني کي ڇتو ڪري وڌو هيو. گيلريءَ ۾ گوڙ متل هيو، انهن کي وڙهندو ڏسي نالي وٽ بيٺل فوجي وڌي گيلريءَ هيٺان آيو.
    “ڇا جو گوڙ لاتو اٿو.” ان ڪنڌ مٿي ڪري چيو “هلو اتان”
    اهي چارئي فوجيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳا، انهن صلاح ڪئي ته هيٺ بيٺل فوجيءَ کان ٿا پڇون ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل آهي.”
    سائين رکيي همت ڪئي ۽ فوجيءَ کي چيو. “اسان جي وڙهڻ جو سبب هيٺ پيل اهو ڪاغذ آهي. مهرباني ڪري پڙهي ٻڌاءِ ته ان ۾ ڇا لکيل آهي.”
    فوجيءَ هيٺ ڪنڌ ڪري ڪاغذ کي ڏٺو ۽ پوءِ نوڙي هٿ ۾ کنيو، ان ڪاغذ ڇهنڊي پڙهيو، سندس ڪاوڙ کان منهن ڳاڙهو ٿي ويو، پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون ظاهر ٿيون. ان ڪنڌ مٿي ڪري کين نفرت مان چيو “ان ۾ لکيل آهي، “توهان چئني جي...”
    پوءِ ان فوجيءَ ڪاغذ ڦاڙي چار ٽڪر ڪري روڊ تي ڦٽي ڪيو.


    پڦي

    واڻ،
    ڇڳل هيو،
    پوءِ به هڪ ٻئي ۾،
    ڦاٿل هيو.

    پڇاڙڪن ڏينهن حاجيءَ لاءِ موت مسئلو هيو، اٿندي ويهندي هن تي موت سوار هيو، هن جي هڪ ڄنگهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو، هٿ ڦري ويو هيو ۽ واڇ چٻي ٿي وئي هئي. موت هن لاءِ ڀوائتي صورت بڻجي چڪو هيو، جيڪو تارا ڦاڙي هن اڳيان بيٺل هوندو هيو، هو اوچتو رڙيون ڪندو هيو.
    “موت... موت... اڙي موت!”
    پوءِ هو اداس اکين سان گهرڀاتين ڏانهن ڏسندو هيو جيڪي هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا هيا. هو ڪڏهن شانت کٽ تي ليٽيل هوندو هيو، ائين لڳندو هيو جيئن هو ماضيءَ جي گهڙين ۾ پاڻ کي ڳولهيندو هجي. هن جو ماضي پٿر تي اڪريل تصويرن جيان اڻ مٽ هيو.
    هن جي زال جنهن کي هرڪو “پڦي” چوندو هيو، اها ڏاڍي ٿڌي سڀاءَ واري عورت هئي. واندڪائيءَ ۾ هوءَ گهر جي ونگن واري ڊگهي دالي ۾ ويٺل هوندي هئي. هر ڪم آرام ۽ سليقي سان ڪندي هئي، لڳندو هيو ڄڻ طبيعت جي سست آهي. هوءَ هر ڳالهه تي مرڪندي هئي ۽ پيار مان ڏاڍي ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. گهڻو وقت حاجيءَ جي خدمت ۾ گذاريندي هئي. هن لاءِ جنڊ تي ڪڻڪ ڏڏري ڀت پچائيندي هئي. اوطاق جي صفائي ڪندي هئي ۽ شام جو ان حقي کي تيار ڪندي هئي جنهن کي چار نڙ هيا. اهو هڪ وڏو حقو هوندو هيو، جنهن تي هڪ ويڪري ڦل ۾ ٽانڊا دکندا هيا. ان حقي کي هڪ وقت چار ماڻهو پي سگهندا هيا. پڦي حقي جو پاڻي بدلائيندي هئي. ان جا نڙ ڌوئي، ڦل جي رک ڇاڻي، تازو تماڪ وجهندي هئي. حاجي ڪڏهن ان حقي جو نڙ ڪڍي پڦيءَ کي پٺيءَ تي وهائي ڪڍندو هيو.
    “سستي ڇڏ...” هو چوندو هيو. “ڪم ته ائين ٿي ڪرين ڄڻ لڱن ۾ ساهه ئي ڪونه ٿي!”
    پڦي پنهنجي پٺي مهٽيندي هئي.
    “اڙي ربن جا پيءُ مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟” هوءَ چوندي هئي.
    حاجيءَ کي ٻه پٽ هيا، هڪ ربن ٻيو نبن. انهن جو گهڻو وقت ڪارخاني ۾ گذرندو هيو، جتي سٽ جي رنگائي ٿيندي هئي. گهر ڀرسان رنگائيءَ جو ڪارخانو هيو، جتي شهر جي ڪپڙي اڻڻ جي کڏين جو سٽ رنگائيءَ لاءِ ايندو هيو. محلي جي هر گهر ۾ ڪپڙي اڻڻ جي کڏي هوندي هئي، هر گهر اندر ڪپڙو اڻڻ ڪري نار جي کڙڪي جو آواز ٻڌبو هيو. حاجيءَ جي رنگ جو ڪارخانو مشهور هيو. ان ۾ بٺين تي وڏيون ٽانڪيون رکيل هونديون هيون، جن ۾ هو تيزاب ۽ رنگ جو اهڙو ته مقدار ملائيندو هيو جو رنگ پڪو صاف ۽ کليل هوندو هيو. ڪارخاني جي وچ تي هڪ وڏو ٿلهي ڪاٺ جو صليب لڳل هوندو هيو. جنهن جي ٻانهن ۾ بٺيءَ مان رنگيل سٽ ڪڍي لڙڪائي، لٺ وجهي، گول ڦيرائي نيپوڙيو ويندو هيو. هٿ جو پورهيو عام هيو. حاجيءَ جي رنگائيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪئي مزدور ڪم ڪندا هيا ۽ هن جي ڪارخاني جي ڪمائي عروج تي هئي.
    حاجي ڊبل گهوڙا بوسڪيءَ جي قميص پائي، چانديءَ تند وارو ململ جو پٽڪو ٻڌي، چمڪندڙ واچ ويڻيءَ ۾ وجهي جڏهن پاڙي مان لنگهندو هيو ته ماڻهو هٿ ٻڌي، سيني تي هٿ رکي “بسم الله” چئي هن کي دڳ ڏيندا هيا. حاجيءَ ست حج ڪيا پر پڦي هن سان ڪڏهن حج تي نه وئي. اهو سال خالي نه هوندو هيو جو حاجي فارم نه ڀرائي. پاڻيءَ وارا جهاز هوندا هيا. جن تي ست ڏينهن سفر ڪري حاجي حج تي پهچندا هيا. روهڙيءَ ۾ ريل تائين ڇڏڻ لاءِ ماڻهن جو جلوس هوندو هيو. هرڪو حاجيءَ کي هار پارائي ان پويان هلندو هيو. مولودي ٻوڙو ڪن تي هٿ رکي ڳائيندو حاجيءَ پويان ائين هلندو هيو جيئن راهه ڀليلن کي دڳ ٻڌائيندو هجي. ماڻهن جو ولر وڏي اڪير مان حاجيءَ کي سيٽ تي ويهاري ائين ورندو هيو جيئن انهن اڌ حج جو ثواب کٽيو هجي. ٽي مهينا لڳي ويندا هيا. زندگي ۽ موت جو مرحلو هوندو هيو. پاڻيءَ جو جهاز سمنڊ جي گج تي هيٺ مٿي ٿي هلندو هيو. ڪي اوڪارا ڏئي ساڻا ٿي پوندا هيا. ڪي مري ويندا هيا ۽ مئلن کي تختي سان ٻڌي وزن لڙڪائي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو هيو. موٽڻ جي اميد انتظار ڪندڙن جي اکين ۾ جهرڪيءَ جي آکيري ۾ ويٺل ٻچي جيان پَرَ هڻندي هئي. پر اهي پڦيءَ جي واندڪائيءَ جا ڏينهن هوندا هيا. هوءَ دالي ۾ پيل کٽ تي ڏاڍي سڪون سان ويٺل هوندي هئي. هوءَ ڪڏهن ڇنڊڻي کڻي ان جنڊ جي صفائي ڪندي هئي جيڪو انهن ڏينهن هن جيان آرام ۾ هوندو هيو يا هوءَ اوطاق ۾ وڃي ٻهاري ڏيندي هئي جتي مٿان بيٺل نم جا ڇڻيل پن پيل هوندا هيا. هوءَ خالي پيل ڪرسين کي ڏسندي هئي جتي حاجيءَ جا دوست ويهي حقو پيئدا هيا، پوءِ هن کي لڳندو هيو، اتي ٽهڪ گونجندا هجن. حاجيءَ حقي مان سوٽو هڻي دونهون هوا ۾ ڇڏيندي چيو هجي.
    “اڙي سيٺ جڙيا... جيءُ آهي ته جهان آهي.”
    سيٺ جڙيي کي اڇا ڪلف لڳل ڪڙڪ ڪپڙا پاتل هوندا هيا، ڪلهي کان هڪ پاسي گولين واري پٽي ۾ پستول لڙڪندو هيو. هو جڏهن کلندو هيو ته هن جا ڏند ايڏا ته اڇا هوندا هيا جو ڏسڻ واري جي دل به کلڻ چاهيندي هئي. هن کي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو هٽ هيو. بمبئيءَ ۾ ڪوٺي هئي جتي سنڌ مان ململ، سوسيون ۽ انگوڇا ويندا هيا، هن کي ايڏي آمدني ٿيندي هئي جو رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي. دولت کي لڪائڻ لاءِ ڪپهه جي جاءِ تي وهاڻن ۽ سوڙين ۾ ڀري ڇڏيو هيو. هو جنهن وهاڻي تي مٿو رکي مٿان نوٽن سان ڀريل سوڙ پائي سمهندو هيو، ان جي ماليت لکن ۾ هئي، سيٺ جو نوجوان پٽ هوندو هيو. جنهن کي ماچيس جي جاءِ تي نوٽن جي ٿهي کيسي ۾ پيل هوندي هئي. اهو جڏهن سگريٽ دکائيندو هيو ته کيسي مان نوٽن جي ٿهي ڪڍي، نوٽ ڦاڙي، روڊ تي ڪنهن هوٽل ٻاهران تنور تان ٻاري پوءِ سگريٽ دکائيندو هيو، ان جي پٽ جون اکيون سدائين ڳاڙهيون هونديون هيون، ڇو جو هو ڀنگ گهڻي پيئندو هيو.
    سيٺ جڙيو حاجيءَ جو گهرو دوست هيو. حقي جي چئن نڙن مان حاجيءَ جي ڀر وارو هن لاءِ مخصوص هيو، ٻه ٻيا نڙ صوبيدار ۽ حڪيم رئوف لاءِ هيا.
    صوبيدار وڏي لئي وارو ماڻهو هيو، هن جي ورديءَ کي ٽي گل هيا، سندس خوبصورت زال جي هر هنڌ هاڪ هوندي هئي، محلي ۾ سڀ کان سٺي جاءِ صوبيدار جي هئي، جنهن ۾ ٻاهران سٺا رنگ ڀريل هوندا هيا. ڏاڍو راشي هوندو هيو، هن جي رڌڻي ۾ مصالحي جي دٻن ۾ نوٽ ڀريل هوندا هيا، هن جو پٽ ڪنهن ڀوري انگريز وانگر هوندو هيو، اهو خراب سنگت ۾ اچي رلي ويو.
    باقي حڪيم رئوف سنهڙي جسم ۽ ننڍي قد وارو شخص هيو، جنهن کي مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتل هوندي هئي. اهو انهن ڏينهن اخبار ڪڍندو هيو ۽ سکين ماڻهن جي لڪيل مرضن جو علاج ڪندو هيو، هو سنکيو ماريندو هيو، هڪ دفعي هن کان سنکيو صحيح نه مئو. ڪپڙي مارڪيٽ جي هڪ سيٺ جو پٽ جنهن جي شاديءَ کي هفتو مس ٿيو هيو جڏهن اهي ڪک کاڌا ته هڪ هفتو هن جي آنڊن مان رت ايندو رهيو ۽ آخر هو دنيا مان موڪلائي ويو.
    بيمار ٿيڻ کان اڳ حاجي ستين حج تي ويو هيو ته هن پڦيءَ کي صلاح ڪئي هئي، پر پڦيءَ انڪار ڪيو هيو.
    “اڙي حاجي مان ڇا ڪندس حج ڪري؟”
    حاجي ڄڻ ڪاوڙجي پيو هيو. هن حقي جي نڙ ۾ هٿ وجهي، ان کي ٻاهر ڪڍي پڦيءَ کي چيلهه ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    “چوين ڇا ٿي؟” هن ڏند ڪرٽيندي چيو هيو. “چوانءِ ٿو حج تي هل ته توکي حج جي خبر ناهي؟”
    پڦيءَ نه ڪڏهن نماز پڙهي، نه ڪڏهن روزو رکيو، حاجي، سيٺ جڙيي جي هٽ تان رمضان ۾ ڪپڙو وٺي ايندو هيو جيڪو هوءَ زڪوات ۾ غريبن کي ورهائيندي هئي، عيد کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ حاجيءَ جي گهر ميلو متل هوندو هيو. ڀيل ۽ مارواڙي عورتون ميرا گگها پائي در ٻاهران بيٺيون هونديون هيون. پڦي ڪپڙو ڪڇي جوڙا ٺاهي ماين ۾ ورهائيندي هئي. حاجي هر ايندڙ ويندڙ عورت کي پيو جاچيندو هيو، ڪا عورت جڏهن ٻيهر ايندي هئي ته حاجي سمجهي ويندو هيو. هو پادر ۾ هٿ وجهندو هيو ۽ عورت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو. پڦي کلندي هئي.
    “اڙي حاجي ڇڏيس.” هوءَ چوندي هئي. “وٺي ٿي ته وٺڻ ڏيس... ڪهڙا کٽي وينداسي.”
    “مان چوانءِ ٿو بڪ بند ڪر.” هو پڦيءَ کي چوندو هيو. “خيال ڪر، ڪو ٻيهر وٺڻ اچي ته ان کي ٻاهر ڪڍ.”
    پڦي چپ ٿي ويندي هئي.
    حاجي پنج وقت نماز پڙهندو هيو. رمضان ۾ سڀ روزا رکندو هيو. صدقو زڪوات ڏيندو هيو ۽ مسجد جي ملان جي مالي مدد ڪندو هيو. پوءِ به هن وٽ گناهن جو احساس هوندو هيو. هو موت کان ڏاڍو ڊنل هوندو هيو. هو چوندو هيو قبر جو عذاب ڏاڍو وڏو آهي. رب جي سامهون گناهن جو اعتراف سڀ کان ڏکيو آهي.
    گهڻو پئسو هجڻ ڪري هو ڪجهه وقت عياشين ۾ مبتلا رهيو، سنگت جي رنگ ۾ رنگجي ويو. هو حقي جو نڙ وات مان ڪڍي دوستن کي ماضيءَ جو اهو قصو وڏي مزي سان ٻڌائيندو هيو. “هڪ دفعي هو ملڪ جي وڏي شهر ويو، رات جي وقت اتي اسٽيشن تي هن کي هڪ عورت ملي، هن پاڻ سان گڏ ان عورت کي ٽيڪسيءَ ۾ پوئين سيٽ تي سمهاريو، پوءِ ڊرائيور کي چيو ته هو شهر جي روڊن تي ٽيڪسيءَ کي هلائيندو رهي ۽ پوئتي نه ڏسي، ڊرائيور ٽيڪسيءَ اندر روشنيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هو ڪيتري دير ٽيڪسي روڊن تي ڀڄائيندو رهيو، هن کي هڪ وڏي رقم عورت ۽ ڊرائيور کي ڏيڻي پئي. هو جڏهن به چوياريءَ ۾ اها ڳالهه ٻڌائيندو هيو ته سڀ کلي کيرا ٿي پوندا هيا.
    “واهه حاجي تنهنجا ڏينهن.” سيٺ جڙيو چوندو هيو. “هاڻي حال ڪو نه ٿي... صفا چٽ ٿي ويو آن.”
    هو حاجيءَ کي ٽوڪيندو هيو.
    “دعا ڪر جڙيا.” حاجي چڙي پوندو هيو. “هاڻي به نڪران ته جهنگ ٻاري ڏيان.”
    هو سڀ ٽهڪ ڏيندا هيا ۽ حقو “گڙ گڙ” ڪندو هيو.
    اسر ويل محلي جو ملان ايڏي ته سريلي ٻانگ ڏيندو هيو جو پڦي جاڳڻ چاهيندي هئي پر هن کي ننڊ جا جهوٽا ايندا هيا. حاجي ننڊ مان اٿي نماز پڙهي ايندو هيو ته پڦي پڌر ۾ ستل هوندي هئي. حاجي رڙ ڪندو هيو.
    “اڙي اٿ چوانءِ ٿو... چيلهه نه ڀڃي ڇڏيانءِ.”
    پڦي اٿي کٽ تي ويهندي هئي.
    حاجي ڪارخاني ۾ وڃي رنگ جون بٺيون گرم ڪندو هيو ۽ پڦي اٿي ڏڌ ولوڙيندي هئي. مکڻ جو چاڻو ڪڍي سڀ کان پهريون ڏهٽي ڏي موڪليندي هئي. هن جو ڏهٽو جنهن کي پيار مان “دلدو” چوندا هيا، ان وقت نون سالن جو هيو، کير مکڻ کائڻ ڪري بدن ۾ سگهارو هوندو هيو. گهمندو هيو ته ڳٽا هيٺ مٿي ٿيندا هيس. جڏهن حاجي آخري حج تي ويو هيو ته هن لاءِ قيمتي ريڊيو آندو هيو جيڪو هو شام جو گهر ٻاهران ٻهاري ڏئي، ڇڻڪار ڪري، کٽ ڪڍي ان تي رلهي وڇائي ويهي وڄائيندو هيو. پاڙي جا همعصر ڇوڪرا هن چوڌاري ويهندا هيا ۽ پوءِ ريڊيو تي جڏهن الغوزن جو آواز ايندو هيو ته دلدو اٿي نچڻ شروع ڪندو هيو، هو الغوزن جي آواز تي مست ٿي پوندو هيو. هن کي الغوزن وڄائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. هڪ دفعي هن الغوزن جو جوڙو ورتو، پوءِ هو اهڙي شخص کي ڳولهڻ لڳو جيڪو هن کي الغوزا وڄائڻ سيکاري. پاڙي ۾ هزاري خان رهندو هيو، جيڪو کٽون واڻيندو هيو ۽ ايندڙ ويندڙ سان ڀوڳ چرچا ڪندو هيو. هن جڏهن دلدوءَ جي هٿن ۾ الغوزا ڏٺا ته ان کي سڏ ڪيائين. دلدو جڏهن ان وٽ ويو ته ان کي ٻڌايائين “جوانيءَ ۾ هو الغوزا وڄائيندو هيو. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن هن الغوزا نه وڄايا آهن.”
    هن الغوزا دلدوءَ کان ورتا ۽ وات ۾ وجهي ائين وڄائڻ لڳو ڄڻ هن جو ساهه وچڙي پيو هجي. وات واري نڙ مان ساهه کڻي ته نڪ مان نه کڻي سگهي ۽ نڪ مان کڻي ته وات مان نه کڻي سگهي. الغوزا گگ سان ڀرجي ويا ۽ هن دلدوءَ کي اهو چئي واپس ڪيا ته “اهي سٺا نه آهن، سستا آهن.”
    دلدوءَ ان ڏينهن کان پوءِ اهي الغوزا وات ۾ نه وڌا ۽ هر وقت هزاريءَ کي پيو گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو. پڦيءَ کي سڀ کان گهڻو پيار دلدوءَ سان هوندو هيو. سياري ۾ پڦي ڀاڱ ڀُڃندي هئي. هوءَ سٺي گيهه ۾ اٽي جي چوري ٺاهي ان ۾ سڪل ميوو ڪٽي ملائيندي هئي. پاڙي جون ست مايون ان ۾ ڀاڱو ڪنديون هيون. وڏي گلم تي اڇي چادر ڀاڱ سان ڀرجي ويندي هئي. پورو پاڙو پنچوريءَ سان واسجي ويندو هيو. دلدو چوريءَ جا مُٺيا ڀري کائيندو هيو ۽ پوءِ ريڊيو وڄائي نچندو هيو.
    پڦي ڏاڍي رحمدل عورت هئي. ائين گهمندي هئي جيئن جيت تي پير نه اچي. هڪ دفعي ڪو نانگ گهر ۾ گهري آيو جيڪو پڦيءَ جي پيرن مان لنگهي ويو. پڦيءَ ڪنهن کي نه ٻڌايو. جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر جي مردن ساڳيو نانگ ڏٺو ته لٺيون هڻي ماريائون. پڦيءَ رڙ ڪئي.
    “اهو ته ٽيون ڏينهن منهنجن پيرن وٽان لنگهيو هيو.”
    سڀني کي پڦيءَ تي ڏاڍي کل آئي، پر حاجي باهه ٿي ويو.
    “تو سمجهيو ته اهو به گهر جو ڀاتي آهي... ڀلي گهمي پيو.” حاجيءَ چيو.
    محلي جا ماڻهو حاجيءَ کي سکيي ستابي سان گڏ سياڻو ۽ سمجهدار به سمجهندا هيا. هن وٽ نجوم تي ڪافي ڪتاب هيا. هو ماڻهن جا هٿ ڏسندو هيو ۽ ٻڌائيندو هيو ته هن جي قسمت ۾ گهڻيون شاديون لکيل آهن؟ هن کي گهڻي دولت هٿ ايندي؟ يا هن جي حياتي ڪيتري آهي؟ هو لاها چاڙها ڏئي ماڻهن جي نفسيات کي سامهون رکي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو جو هرڪو هن مان متاثر ٿيندو هيو. هڪ دفعي ڪي ٻار اروڙ مان پراڻا سڪا لهي آيا. سڪا جَنورَ جي ٽڪيءَ جيترا ٿلها ۽ بي ترتيب هيا. ڪجهه به ظاهر نه هيو. حاجيءَ ٻارن کان اهي سڪا وٺي، فرش تي رکي اهڙو تيزاب هاريو جو چٽا صاف ٿي پيا، پوءِ هن عينڪ پائي ڪنهن تاريخدان جيان انهن کي ڏٺو. اتي ڏنگن ڦڏن اکرن وچ ۾ هڪ ديويءَ جي مورت هئي، جنهن کي نانگ ويڙهيل هيو. حاجيءَ سڪن کي چتائي ڏسي ٻڌايو.
    “اها راجا ڏاهر جي ڀيڻ آهي، جنهن سان هن شادي ڪئي هئي، اها وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي.”
    جاءِ جي اڏاوت کان اڳ محلي جا ماڻهو حاجيءَ سان صلاح ضرور ڪندا هيا. هن کي پلاٽ تي وٺي ويندا هيا. حاجي ڪنهن ماهر آرڪيٽيڪٽ جيان جائزو وٺي وڏي اعتماد سان چوندو هيو.
    “بابا... ڪوٺيون هتان ٺهراءِ... دالو هيڏانهن ويندو... هتي رنڌڻو ٺهندو... ۽ ڏاڪڻ هتان مٿي ويندي. اوطاق ٺهرائيندين ته پڌر ننڍو ٿي ويندئي... منهنجي صلاح آهي، ڇڏ اوطاق کي.”
    هو چوندو هيو ۽ جاءِ جو مالڪ رڳو ڪنڌ لوڏي “ها...ها” ڪندو هيو.
    اهي سياري جا ڏينهن هيا جڏهن حاجي ستين حج تان موٽيو هيو. ماڻهن جو هجوم هن سان ساڻ هيو. هو گلابن جي ڪنڍين سان سٿيو پيو هيو، مولودي ٻوڙو هن پويان ڪن تي هٿ رکي ڳائيندو پئي آيو. هرڪو حاجي کي مبارڪون ڏئي رهيو هيو. گهر پهتو ته سڄو گهر عورتن سان ڀريل هيو. ٻار ڊوڙي رهيا هيا. سانجهيءَ جي نماز جو وقت هيو. حاجي وضو ڪرڻ لاءِ دڪي تي ويٺو ته هن ڪوٽ لاهي ڀرسان رکي قميص جون ٻانهون مٿي ڪيون. تڪڙ ۾ اٿيو ته هن جو ڪوٽ اتي وسري ويو. هن جي ڪوٽ ۾ سون جو ڳنڍو پيل هيو، جيڪو هن مديني مان ورتو هيو. ڪوئي اک بچائي ڪوٽ مان اهو سون جو ڳنڍو چورائي ويو. حاجيءَ نماز پڙهي جڏهن ڪوٽ پائي کيسي ۾ هٿ وڌو ته هن جا هوش اڏامي ويا.
    “اڙي سون جو ڳنڍو ڪاڏي ويو؟” هن رڙ ڪئي، ماڻهن ۾ چوٻول پئجي ويو، پڇا ڳاڇا ٿيڻ لڳي، هرڪو قسم قرآن کڻي ويو. سون جو ڳنڍو نه مليو. ان ڏينهن کان ڏک ۽ فڪر ۾ حاجيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڪاوڙ ۽ غصو وڌي ويو، اٿندي ويهندي پڦيءَ سان پيو وڙهندو هيو.
    “اڙي حاجي ڇاتي ڇتو ٿيو آن... سون ويو ته الله ٻيو ڏيندو.” هوءَ چوندي هئي.
    هڪ ڏينهن حاجي بيمار ٿي پيو. هن جي هڪ ڄنگهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هو مڙي ويو ۽ واچ چٻي ٿي وئي. سڀني سمجهيو، حاجيءَ جو آخري وقت اچي چڪو آهي، حاجيءَ به محسوس ڪيو، هاڻي هو مرڻ وارو آهي. هاڻي قبر جو عذاب آهي. هاڻي هو رب ڏانهن راهي ٿيڻ وارو آهي جتي هن جي اعمالن جو پڇاڻو ٿيندو. هن سوچيو جيڪر هن جا حج، زڪواتون ۽ خيراتون هن کي موت کان بچائي سگهن، پر اهو سڀ ناممڪن هيو. هر انسان کي هلڻو آهي ۽ هن جون ڄنگهون به قبر ۾ لڙڪي رهيون هيون. حاجيءَ کي زندگي ڏاڍي عزيز هئي، هن کي موت کان نفرت هئي، هن لاءِ زندگي ڪهڙي به هئي پر ڏاڍي سٺي هئي، موت جي احساس هن کي بزدل ڪري وڌو هيو. هو هر وقت رڙيون ڪري روئندو هيو.
    “موت... موت... اڙي موت”
    انهن ڏينهن پڦيءَ حاجيءَ جي وڏي خدمت ڪئي. هوءَ ڪڻڪ ڏڏري، ڀت رنڌي، حاجيءَ کي هٿن سان کارائيندي هئي. هن کي واڻ تي ويهاري صابڻ سان جسم ڌوئيندي هئي. منجهند جو جهنگلي ڪبوتر جو شوروو تيار ڪري پيئاريندي هئي. هن کي سهارو ڏئي هر هر اٿاريندي هئي ۽ سمهاريندي هئي. هن جا هنڌ بسترو صاف رکندي هئي. پڦي اهو سڀ اطمينان ۽ صبر سان ڪندي هئي. هن نرڙ تي ڪڏهن گهنج نه وڌو ۽ هن جي چپن تي سدائين مرڪ هوندي هئي. هڪ دفعي حاجيءَ هن کي مرڪندو ڏسي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ چيو.
    “مان ٿو مران ۽ تون ٿي ڏند ڪڍين.”
    پڦيءَ ڪو جواب نه ڏنو، هوءَ پيار ۽ ڏک مان حاجيءَ کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ هن جا گندا ڪپڙا کڻي هلي وئي.
    حاجيءَ جي صحت لاءِ ڪارن ٻڪرن جو صدقو ڏنو ويو. قرآن جا ختما ڪڍرايا ويا ۽ مسجدن ۾ دعائون گهرايون ويون، انهن ڏينهن پڦيءَ پهريون دفعو رب کان دعا گهري.
    “اي رب... حاجيءَ کي حياتي ڏي.”
    حاجيءَ جي طبيعت نه سڌري، وقت سان خراب ٿيندي اهڙيءَ حد تي پهتي جو سڀ آسرو لاهي ويٺا، انهن سمجهيو هاڻي حاجي مرڻ وارو آهي. پر حاجي نه مئو هڪ ڏينهن پڦي مري وئي.
    هوءَ رات جو حاجيءَ جي خدمت ڪري ٿڪجي سمهي، صبح سان ننڊ مان نه اٿي، سڀني اچي ڏٺو پڦي سڌي سمهيل هئي ۽ دنيا مان موڪلائي چڪي هئي. سڀ هن مٿان ڪٺا ٿي ڏاڍو رُنا.
    دفنائڻ کان اڳ حاجيءَ کي سهارو ڏئي هن جي مڙهه مٿان آندو ويو. هن پڦيءَ جو آخري ديدار ڪيو. پڦي ڪفن ۾ ڏاڍي آرام سان ليٽيل هئي. هن جي منهن تي اطمينان هيو ۽ چپن تي مرڪ. پڦيءَ جي چپن جي مرڪ ڏسي حاجي روئڻ ۾ اهڙو ته ڇٽو جو هن کي ڪو به چُپ نه ڪرائي سگهيو.


    خدا بخش جو کوهه

    ڳوٺ کان ڪوهه پري اتر طرف جتي انبن جا وڻ هيا، انهن وچ ۾ خدا بخش جو کوهه هيو. کوهه ڇا هيو ڄڻ خدا بخش هڪ گهر جو الڳ ڳوٺ اڏيو هيو. هن جي چار جريب زمين کوهه جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندي هئي ۽ گهر کوهه ويجهو زمين کي ڏنل ٻني تي هيو. اوڏڪين ڀتين ۽ ٿوڻين تي بيٺل ان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ ڪنڍي مينهن هئي، پاسي سان ڏاندن جي بيهارڻ لاءِ لانڍي ۽ ڀرسان ئي ڪڪڙن جي کُڏ هئي. وڏي اڱڻ چوڌاري ڍينگر هيا ۽ ڍينگرن جي وچ تي ڪاٺ جي ٿلهين ٻانهين سان ٺهيل ڏنگو ڦڏو در هيو. جنهن جو ڪم چورن کي روڪڻ نه هيو پر گهر جي حد ظاهر ڪرڻ هيو.
    خدا بخش سڄو ڏينهن کوهه تي ڪم ڪندو هيو. هو ٻاريون ٺاهي سبزي پوکيندو هيو. هر هلائي اناج اپائيندو هيو. مالهه ۾ ڦرندڙ ڏاندن جي سيوا ڪندو هيو. ڪنڍيءَ جو کير ڏهي زال کي ڏيندو هيو. زال ڏڌ ولوڙيندي هئي. مکڻ جام هيو، نم ۽ انبن جي وڻن ۾ ماکيءَ جا مانارا ائين لڙڪندا هيا، لڳندو هيو انهن مان ماکي ٽمي ڄاڻ هيٺ ڪري.
    خدا بخش لکيل پڙهيل نه هيو. نه ٽي وي هئي، نه ريڊيو، نه اخبار، هن جو ملڪ کوهه هيو. کوهه هلندو هيو ڄڻ ملڪ هلندو هيو، ڏاند کوهه چوڌاري ڦرندا هيا. مالهه ۾ ٻڌل ڪينرين مان پاڻي نيسر تي وهي ٻنيءَ ۾ ويندو هيو. گوگڙو، ڀينڊيون، توريون، پالڪ، ڪريلا، گوبي، وانڱڻ، ٽماٽا، سڀ سبزيون ائين ٿينديون هيون جو ٻار، پاڻ ۽ سندس زال کائي کيرا ٿي پوندا هيا. اناج ايترو هيو جو گنديون ڪڏهن نه کٽيون، ڪڪڙ، بيدا ۽ ماکي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي هيا.
    خدا بخش واندو ٿيندو هيو ته کوهه جي پاسي کان انب جي ڇانوَ ۾ کٽ تي آهلي پوندو هيو. جڏهن رب جا ٿورا مڃڻ لاءِ منهن آسمان ڏي ڪندو هيو ته کيس آسمان نظر نه ايندو هيو، آسمان گهاٽين لامن ۾ لڪيل هوندو هيو ۽ لامن مان لڙڪندڙ انب ڏسي لڳندو هيو ڄڻ سوين سائيون دليون هن مٿان قربان ٿيڻ لئي تيار هجن.
    هڪ ڀيري هو کٽ تي آهليو پيو هيو ته سدائين جيئن قربان علي هڪ هٿ ۾ اخبار جهلي هن وٽ آيو ۽ سلام ڪري ڀرسان ويٺو. اچڻ شرط هن خدابخش کي ٻڌايو ته “شهر ۾ وڳوڙ وڌي ويا آهن. ماڻهو ماڻهوءَ کي ماري رهيو آهي، ڪا خبر نه ٿي پوي، ڪير مري ٿو، ڪير ماري ٿو؟ ڪو قانون نه آهي. حڪومت بي وس آهي.”
    خدا بخش سوچيو، ڇا جي حڪومت، الائي ڪهڙو قانون. کوهه هلي ٿو، ڏاند سلامت آهن، خدا مينهن کي حياتي ڏي. ٻارن ٻچن جو خير، باقي حڪومت جا ڪم حڪومت سان.
    هن قربان عليءَ جون خبرون ٻڌيون ۽ پوءِ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيون.
    قربان علي شهر کان موٽندو هيو ته ڳوٺ وڃڻ کان اڳ خدا بخش وٽ ساهي پٽيندو هيو. هو نيسر مان ٻڪ پاڻيءَ جو پي حال اوريندو هيو.
    هڪ دفعي شهر کان موٽندي قربان عليءَ ٻڌايس ته “بجلي ۽ گئس ايڏي مهانگي ٿي وئي آهي جو ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن. ماڻهن جون اڌ پگهارون بلن ۾ هليون وڃن ٿيون.”
    خدا بخش سوچيو، نه کيس فرج، نه اي سي، نه پکا، نه بلب، باقي گئس جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جهنگ ۾ ڪاٺيون جام آهن. ڍورن ڪري ڇيڻن جي کوٽ نه آهي. قربان علي ويو ته هو بي فڪر ٿي ليٽي پيو.
    هڪ ڀيري هو ڪم مان واندو ٿي کٽ تي ويٺو ئي مس ته قربان علي پريان سهڪندو آيو. نيسر مان ٻڪ پاڻيءَ جو پيتو ۽ منهن کي ڇنڊو هڻي ٻڌايو ته “اليڪشن کان پوءِ قهر ٿي ويو آهي، نئين حڪومت جي اچڻ سان ڊالر وڃي آسمان کي لڳو آهي. روپئي جو ملهه گهٽجي ويو آهي، ملڪ قرض هيٺ ٻڏڻ وارو آهي. هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائي مهانگائي ڪئي وئي آهي. ڪرپشن جي ڪيس ۾ وڏا ماڻهو پڪڙيا آهن، انهن کان اوڳاڙيءَ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هرڪو خوف ۾ مبتلا آهي.”
    قربان عليءَ جون ڳالهيون ٻڌي خدا بخش سوچيو، الائي ڪهڙو ڊالر، الائي ڪهڙو قرض، پوءِ هن منهن مٿي ڪري ڄڻ دعا گهري “رب وڏن ماڻهن کان پناهه ڏي، کوهه سلامت رک، ٻارن ۽ ڏاندن کي حياتي ڏي، ڪنڍيءَ جو خيال ڪجانءِ، ڪڪڙين جي حفاظت ڪجانءِ.”
    قربان عليءَ جي وڃڻ کانپوءِ هو آهلي پيو.
    قربان علي هڪ دفعي آيو ۽ ٻڌايائين ته “پيٽرول ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي جو هڪ ڊرائيور پنهنجي رڪشي کي اهو چئي ساڙيو آهي ته ٽريفڪ وارن جو ڀتو ۽ پيٽرول جو خرچ ڪڍڻ کانپوءِ ايترو نه ٿو بچي جو گهر هلائي سگهي، جنهن رڪشي جي هلڻ سان گهر نه هلي ان کي ساڙڻ بهتر آهي.”
    قربان عليءَ جي خبر تي خدا بخش کليو ۽ سوچيائين شڪر آهي ڏاند آهن، ڏاند گاهه کائيندا آهن، پيٽرول نه پيئندا آهن. اهو سوچي هو بي فڪر ٿي سمهي پيو ۽ پوءِ رب جو شڪر ڪيائين جنهن کيس کوهه جهڙي نعمت سان نوازيو ۽ پاڻيءَ جهڙي رحمت ڏني جيڪا پيٽرول کان سوَ درجا بهتر هئي.
    هڪ دفعي هو ڪم مان واندو ٿي، نيسر وٽ هٿ منهن ڌوئي کٽ تي ويهڻ وارو هيو ته قربان علي شهر کان موٽيو ۽ پاڻيءَ چڪو پي کيس ٻڌايو ته “ٺهندڙ ڊيمن ڪري درياهه ۾ پاڻي ايڏو ته گهٽجي ويو آهي جو هاري بيروزگار ٿي ويا آهن. زميندار بک مرڻ لڳا آهن، پڇڙيءَ وارن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. مظاهرا ٿي رهيا آهن. سمنڊ مٿي چڙهي آيو آهي. هزارين ايڪڙ زمين کاري ٿي چڪي آهي. حالتون خراب آهن.”
    خدا بخش سوچيو، شڪر آهي رب جو کوهه سلامت آهي، ٻني سائي آهي، سبزي جام آهي. گنديون خالي نه آهن. پوءِ هو مطمئن ٿي ڏاندن جي ٻوٿ تي هٿ ڦيرڻ لڳو.
    قربان علي جڏهن به ڳوٺ موٽندو هيو ته رستي ۾ خدا بخش جو کوهه هجڻ ڪري، ان وٽ ويهي ساهي پٽيندو هيو، پاڻيءَ چڪو پي کيس احوال اوريندو هيو. ان ڪڏهن شهر کان سٺي خبر نه آندي. سڀ خبرون مايوس ڪندڙ هيون. پر انهن جو خدا بخش تي ڪو اثر نه پيو. هن وٽ کوهه هيو، کوهه ۾ پاڻي هيو. ڏاند هيا، ٻني هئي، سبزيون، اناج، ڪڪڙيون، بيدا، کير، مکڻ، ڏڌ، انب ۽ ماکي هئي، هو الڳ ملڪ جو ماڻهو هيو. هن مٿان چورن، ڌاڙيلن، ظالمن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو ڪو اثر نه هيو. هن وٽ پنهنجي معيشت هئي. پنهنجو نظام هيو.
    ڏاند کوهه چوڌاري ڦرندا رهيا، پاڻي ڪينرين ۾ ڀرجي نيسر مان وهندو ٻني آباد ڪندو رهيو. سبزيون پچنديون رهيون، اناج اپندا رهيا. ڪڪڙيون، بيدا، لسي، مکڻ، کير، ماکيون ۽ انب پچندا رهيا، خدا بخش جي زندگي وڏي مزي ۾ پئي گذري. ملڪ ٻرندو رهيو. ماڻهو وڙهندا رهيا. مهانگائي چوٽ چڙهي وئي. ڊالر آسمان ڇهڻ لڳو، پيٽرول ناياب ٿي ويو. بجلي اڻ لڀ ٿي وئي. گئس کٽي وئي. ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو. پر خدا بخش جي کوهه جو خير هيو. هن جي دنيا هلندي رهي.
    نيٺ ڇا ٿيو جو موسم ۾ تبديلي آئي، مينهن نه وٺا، کوهه جي پاڻيءَ جي سطح ڏينهون ڏينهن هيٺ ٿيندي وئي، جتي پاڻي نظر ايندو هيو اتي پاڻي وڃي تري کي لڳو. مالهه ننڍي ٿي وئي. ڪينريون خالي ٿي ويون. هن اميد ڪئي ته مينهن وسندا ۽ کوهه ڀربو پر سال لنگهي ويا مينهن نه وٺو. کوهه صفا خالي ٿي ويو، زمين ويران ٿي وئي. ڏاند ڏٻرا ٿي ويا. ڪنڍيءَ کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو. اَنُ ناياب ٿي ويو. ڪڪڙيون، هڪ هڪ ٿي مرڻ لڳيون، وڻ ويران ٿي ويا. ماکي موڪلائي وئي، انب اڻ لڀ ٿي ويا. سبزيون سڪي ويون، اناج ڄڻ هيو ئي ڪونه. هر طرف ڌوڙ اڏرڻ لڳي. ٻار بک مرڻ لڳا. زال بيمار ٿي پئي. پاڻ ڪمزور ٿي کٽ تي ڪريو. منهن کڻي مٿي ڏٺائين. وڻن جي سڪل ٽارين مان آسمان صاف پئي نظر آيو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. روئندي رب کي چيائين:
    “الله تون نه رُسين ها، باقي هي ته منهنجو آڱوٺو به پٽي نه سگهن ها.”


    ڪانا

    شاخ جي ٻنهي پاسن کان وڻ ۽ ٻوڙا سڪي ويا. ڪڏهن اهي ساوا هوندا هيا. شاخ ڪنن تائين وهندي هئي. هاڻي شاخ ۾ ڌوڙ ائين اڏرندي هئي ڄڻ پوئڪيءَ جو روح. پوئڪي خاص مڇي هئي جيڪا شاخ جي وهندڙ پاڻيءَ تي حڪمراني ڪندي هئي. مڇي مار ته پوئڪي مرندي هئي. قداور جي ڄنگهه جيڏي پوئڪي، پچاءِ ته اهڙي سڻڀي جو گيهه وجهڻ جي ضرورت نه پوي.
    شاخ سڪي ٺوٺ ٿي وئي، ٻوڙا سڪي ويا، شاخ ڪنارن تي ڪرڻن جهڙا ڪانا اڻ لڀ ٿي ويا.
    ڪانن مان پترون ٺهنديون آهن. ڪاٺيون نه هجن ته چلهه ۾ ڪانا سڙندا آهن. ڪانو ڪٽي اڳٺ وجهڻي ٺاهبي آهي، ڪوري تانيءَ ۾ ڪانا وجهي ڪپڙي جي چال ٺاهيندو آهي. ڪنڍيءَ ۾ ڪانو ٻڌي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا آهن، مڇي ڪنڍيءَ ۾ پيل کاڄ کي چڪ هڻندي آهي ته ڪانو لڏندو آهي، ڪانو مئل جي قد سان ماپي قبر جي کوٽائي ٿيندي آهي. پر پيرل ڪاني سان ملهه وڙهندو هيو.
    هيو به ڪاني جهڙو سنهو، منهن مان ئي مسخرو لڳندو هيو، چپ بند ڪري نه، کولي مرڪندو هيو.
    اهي ڳوٺ جا سکيا ڏينهن هيا، پاڻي پاڻ سان گڏ برڪت وهائي کڻي ايندو آهي. شاخ خزاني سان ڀريل هوندي هئي. ٻنيءَ ۾ اوت ته هر طرف اناج جا داڻا موتين جيئن وکري ويندا هيا. ٻاجهر ايڏي هوندي هئي جو جهار هلڪڻ جي ضرورت نه ٿيندي هئي، پکي پيٽ ڀري کائيندا هيا. جيڪا بچي ته ماڻهن جي کائڻ کان مٿي هوندي هئي.
    لابارا لهندا هيا ته ميلا مچندا هيا، گندين ڪڏهن گوندر نه ڏٺا، ڪنارن تائين ائين سٿيل هونديون هيون جيئن پکين جا گج، جن سان نڙيون ڦوڪيل هونديون آهن.
    پڇاڙڪو ڳوٺ هيو، هاري ئي هاري هيا، ڪنهن کي وڏيري ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. هڪ چڱو مڙس هيو جنهن جو پنج ڪوهه پري هڪ وڏيري سان واسطو هيو، ڳوٺ چڱي مڙس معرفت وڏيري سان “ها” ۾ “ها” ملائيندو هيو.
    هر لاباري تي لالڻ لنگهو اهڙو ته دهل وڄائيندو هيو جو ڪڻڪ جا ٻوٽا مست ٿي نچندا هيا ۽ نچي نچي ڪنڌ لاباري لاءِ پيش ڪندا هيا. شاهه جي پڌر ۾ سڄو ڳوٺ گڏ ٿيندو هيو ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. هر ڪو خوش ۽ کلندو هيو. ملهه ۽ پڃريءَ جا مقابلا ٿيندا هيا. نم جي وڏي وڻ هيٺان پٿر جون پڃريون پيل هونديون هيون، هر ڪو زور آزمائي ڪندو هيو پر ڌمڻ ماڇيءَ جهڙو جانٺو ڪو به نه هيو. ٻيا سڀ پڃريءَ جي هٿئي ۾ مٺ وجهي هڪ هٿ سان مڻ جي پڃري کڻن ته ڌمڻ ماڇي هڪ هٿ سان سٽ ڏئي ٻن مڻن جي پڃري ائين کڻندو هيو جو پٿر جي پڃريءَ مان چيلهه جي سٽ جو آواز ايندو هيو.
    ملهه جا مقابلا ٿيندا هيا ته ميدان ۾ سڀ کان پهريون پنهنجي قد جيڏو ڪانو کڻي پيرل لهندو هيو، پيرل ۽ ڪاني ۾ ٿورو فرق هيو. ڪانو پيرل کان ٿورو سنهو هيو، ٻيو پيرل کي لنگ وريل هوندو هيو ۽ ڪانو انگ اگهاڙو، ڪاني کي ڪپڙن جي ضرورت نه پوندي آهي ڇو جو اهو لڳ نه ڪندو آهي، شاخ ڪناري پاڻي مٽيءَ سان لڳ ڪندو آهي ته ڪانو پيدا ٿيندو آهي.
    ميدان ۾ تاڙيون وڄنديون هيون، لالڻ لنگهو بود مان پٽو ورائي پيٽ تي رکيل دهل ڪٽيندو هيو، دهل مان آواز ايندو هيو “پيٽ ۾ لُل... ڳوٺ ۾ هُل... پيٽ ۾ لُل... ڳوٺ ۾ هُل... پيٽ ۾ لُل...”
    ملاکڙي جو دستور هيو، باقاعدي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ وندرائڻ لاءِ پيرل ۽ ڪاني جي ملهه ضروري هئي، پيرل ڪانو ساڻ ڪري ميدان ۾ ايندو هيو ته ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا. پوءِ هو ڪاني سان ملهه وڙهندو هيو. وڏو فنڪار هيو. ڪانو ائين جهليندو هيو جو ڪاني ۾ ساهه پئجي ويندو هيو. پوءِ ويڙهه شروع ٿي ويندي هئي، لڳندو هيو، ڪاني کي به ٻانهون ۽ ڄنگهون هجن. پيرل ڪاني کي ڀاڪر وجهي ته ڪانو به ان کي چنبڙي پوندو هيو، ڪڏهن ڪانو اڳتي ته پيرل پوئتي، ڪڏهن پيرل اڳتي ته ڪانو پوئتي، ڪانو انڊي هڻندو هيو ۽ پيرل ڇڏائيندو هيو، پيرل انڊي هڻندو هيو ته ڪانو ڇڏائيندو هيو، پيرل زور ڏئي ڪاني کي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪندو هيو ۽ ڪانو زور ڏئي پيرل کي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪندو هيو.
    هجوم ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا، لالڻ لنگهو دهل تي وسندڙ هر ڏونڪي تي مست ٿي پيو لڏندو هيو.
    ڪانو ۽ پيرل هڪ ٻئي کي ائين زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا، لڳندو هيو ڄاڻ ٿو ڪانو ملهه کٽي ۽ وري لڳندو هيو اها ملهه ڪاني کان زور آهي ڄاڻ ٿو پير ڪاني کي دسي. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ نيٺ ملهه پيرل ئي ماريندو هيو. ڪانو ڦيرائي آخري انڊي هڻي هيٺ ڪيرائي مٿان چڙهي پوءِ اٿي نچندو هيو. ماڻهن جون تاڙيون وڄي وينديون هيون، ٽهڪ دهل جي ڌڪن تي پکين جيان اڏامي وري اچي ملاکڙي تي لهندا هيا.
    ملهه ماري پيرل اڳتي ايندو هيو ته پنهل پهلوان کيس ٽوڪيندو هيو “سدائين ٿو ملهون مارين، ڪڏهن ڪاني کي به وارو ڏي.”
    “ڪانو ملهه ماري ته پيرل پهلوان ڪيئن سڏجي ؟” هو کلي جواب ڏيندو هيو.
    پيرل جي ڳالهه تي پنهل کان ٽهڪ نڪري ويندو هيو ۽ هو کيس ويندي چوندو هيو “واهه جي ڪئي ٿي اسان پهلوانن سان.”
    پوءِ باقاعدي ملهه جا مقابلا شروع ٿي ويندا هيا، ملهه ملهون وڙهندا هيا، ڪي دسبا هيا ته ڪي دسيندا هيا پر پيرل ۽ ڪاني جهڙي مزيدار ملهه ڪو به وڙهي نه سگهندو هيو.
    ان پڇاڙڪي شاخ جي خوشي پاڻيءَ جهڙي هئي، پاڻي خوشي هوندو آهي ته خوشي پاڻي ٿي ويندي آهي، جيسين شاخ وهي پئي، تيسين “واهه” وهي پئي ۽ پوءِ روڪ شروع ٿي وئي.
    گذريل چاليهن سالن ۾ ڪهڙا ڪِيس نه ٿيا؟ ائين لڳو ڄڻ پاڻي زمين چوسي وئي، زمين پاڻي چوسيندي آهي ته ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ محفوظ هوندو آهي، وڻ ساوا هوندا آهن، ٻوڙا ڪڏهن نه سڪندا آهن پر پاڻي اهڙو سڪو جو ڌرتيءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي، زمين ڏرا ڏئي وئي.
    ڊيم ٺهيا، رُخ موڙيا، پاڻي چوري ٿيو، پاڻي چوري نه ٿيندو آهي، اغوا ٿيندو آهي. چوري بي جان شيون ٿينديون آهن. پاڻيءَ ۾ ته ساهه آهي. اغوا ٿيل ڀنگ ڏئي موٽندا آهن پر پاڻي ڀنگ ڏئي اغوا ڪيو ويندو آهي.
    جڏهن پڇاڙڪي شاخ سڪي ته ماڻهن جا منهن لهي ويا، انهن احتجاج ڪيو، روڊ تي آيا ۽ باهه ڏئي ڪانا ساڙيا، روڊ بند ته ٿيو پر شاخ نه کُلي، نه ڪو ملڻ آيو، نه ڪنهن دلداري ڏني، نه ڪنهن ذمو کنيو.
    چڱي مڙس پنج ڪوهه پري وڏيري سان ڳالهايو، شاخ ۾ ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو. پاڻي ائين آيو ڄڻ دانگيءَ تي ڇنڊا، ان پڇاڙڪي شاخ جي ڳوٺ جون خوشيون ختم ٿي ويون. ڪڏهن ڪڻڪ سان ڪنگريون ڀرجي وينديون هيون. هاڻي ٻاجهر ٻڪ ۾ نه ٿي سمائي. ميلا ملاکڙا ٿيندا هيا پر لالڻ لنگهي جو دهل ائين وڄندو هيو جيئن ماتم ڪندو هجي.
    اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، پيرل ملاکڙي ۾ ملهه وڙهڻ لاءِ شاخ ڪناري ڪانو ڪٽڻ ويو. ڪانا هيائي ڪونه، جيڪي ٻه چار بيٺل هيا اهي هوا ۾ گسي اهڙو آواز ڪڍي رهيا هيا جيئن روئندا هجن. دانهن ڏيندا هجن، چوندا هجن “اسان ڪک جا نه رهياسي.”
    پيرل ڪنايو، کيس ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو، اڳتي وڌي، اهو سوچي ڏٺائين ته ملهه لاءِ ڪو مضبوط ڪانو ڪٽي کڻي وڃان پر سڀ ڪانا سڙي سنها ٿي ويا هيا. هن کي هڪ ڪانو اهڙو نظر آيو جيڪو ڳَرُ ۾ ٻين ڪانن کان سَرسُ هيو. هن هٿ وڌائي ان کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪاني مان آواز آيو. هو ڊڄي ويو پر همت ڪري ڪانو ڪٽيائين. نظر ورائي ڏٺائين کيس سڀ ڪانا ڪاوڙ مان ڏسي رهيا هيا.
    هو ڪانو ڪٽي شاهه جي پڌر طرف هليو ته لالڻ لنگهي جي دهل جو آواز پري کان ٻڌجي رهيو هيو. پري کان دهل جو آواز وڻندو آهي، ويجهو آيو ته دهل بک کان روئي رهيو هيو. “ناهي لل ته ڪهڙو هُل... ناهي لل ته ڪهڙو هُل... ناهي لل ته...”
    پهريون پڃرين کڻڻ جا مقابلا ٿيا، ائين لڳو ڄڻ پٿر جون پڃريون ڳريون ٿي ويون هجن. جتي جانٺا مڻ جي پڃري هڪ هٿ سان کڻندا هيا، اتي ٻن هٿن جو زور ڏئي به نه کڻي سگهيا. ڌمڻ ماڇي جنهن تي اهو نانءُ ان ڪري پيو جو سندس ڄنگهون هاٿيءَ جهڙيون هونديون هيون. ان اڳتي وڌي جڏهن ٻن مڻن جي پڃريءَ ۾ هٿ وجهي مٿي ڇڪيو ته لڳو پراڻن پاون تي بيٺل ڇت بار سهي نه سگهندي.
    ملهه جا مقابلا شروع ٿيا، سڀ کان پهريون جڏهن پيرل هٿ ۾ ڪانو جهلي ميدان ۾ لٿو ته ٽهڪڙا پئجي ويا، ماڻهن جا مايوس چهرا تازا ٿي ويا، ڄڻ هجوم ۾ جان پئجي وئي، تاڙيون وڄي ويون، لالڻ لنگهي جي دهل ۾ ساڳي موج موٽي آئي، هو دهل تي ڏونڪا وسائڻ لڳو ته دهل جي ڪنن جا پردا کلي ويا.
    پيرل ڪاني کي هٿ سان سامهون بيهاريو ته لڳو ڪاني کي اکيون آهن. ڪانو ڪاوڙ مان هن ڏي تڪي رهيو آهي، پيرل ڪاني کي ويجهو آڻي ٻک وڌو ته کيس محسوس ٿيو ڪاني جون ٻانهون نڪري آيون آهن ۽ انهن به اهڙو ٻک وجهي سوگهو ڪيو آهي جو سندس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. پيرل ڪاني کي ڦيرائي انڊي هنئي. ڪانو ڄنگهه ڇڏائي ويو. ڪاني مان ڄنگهه نڪتي ۽ پيرل جي ڄنگهه ۾ وچڙي پئي. پيرل حيران ٿي ويو. هو ڪاني کي پاڻ نه وڙهائي رهيو هيو پر ڪانو پاڻ وڙهي رهيو هيو. سوچڻ لڳو ڪانو آهي يا جن. ڪانو ملهه جيان وڙهڻ لڳو. پيرل سهڪي پيو ۽ هن ڪلهي وٽ ڪاني جي سهڪڻ جو آواز ٻڌو.
    ماڻهو تاڙين ۾ مچي ويا. انهن اڳ پيرل جي ڪاني سان اهڙي ملهه نه ڏٺي هئي. تاڙيون ائين وڄڻ لڳيون ڄڻ سڪل وڻن جا پن نڪري آيا هجن ۽ شوهه ۾ پنن جو آواز تاڙين کان گهٽ نه هجي. ملهه وڙهندي پيرل ڪاني کان انڊي ڇڏائي ٻک ۾ گول ڦيرائڻ لڳو. ڪاني پير سنڀاليا ۽ پيرل کي چيلهه ۾ هٿ وجهي اهڙو ڦيرايائين جو ڏسندڙن جو مٿو ڦري ويو “اڙي واهه!” پنهل پهلوان چيو. “ملهه ته ڏس ڄڻ ماڻهو پيا وڙهن” پيرل وڙهندي ڏٺو، ڪانو جوش ۾ ڏڪي رهيو هيو. سندس نظر ايندڙ هٿ هيا، ڄنگهون هيون ۽ منهن هيو. ان جي اکين ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. اهو ملهه جيان جسم کي حرڪت ڏئي داءَ هڻي رهيو هيو.
    ملهه وڏو وقت هلي، لالڻ لنگهي جو دهل وڄي ڦاٽڻ لڳو. ماڻهن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، کين لڳو اهو مقابلو مسخري نه آهي. هڪ پهلوان جو پهلوان سان مقابلو آهي. ڪاني ۽ پيرل جي هر داءَ تي هجوم تاڙيون وڄائي داد ڏيڻ لڳو. مقابلو هلندي ڪانو پيرل کي اهڙو وچڙيو جو کيس ڦيرائي کڻي پٽ تي اڇليو. چيلهه جي سٽ کان پيرل جي رڙ نڪري وئي. پيرل هيٺ ڪانو مٿان.
    هجوم ۾ حيرت ڇائنجي وئي، اها ان ڳوٺ جي پهرين ملهه هئي جيڪا ڪاني پيرل کي ماري هئي نه ته ان کان اڳ سڀ ملهون پيرل ئي ماريندو هيو، تاڙين جي گونج ۾ پٽ تي پيرل، مٿان پيل ڪاني کي ڏٺو. ڪاني ڳالهايو.
    “پيارا پيرل ڳالهه سِرَ تي اچي ته وڙهڻو پوندو آهي، باقي روڊ تي ڪانن ساڙڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.”


    پناهه

    ماڻهو ڌاڙيلن کان ڊنل هوندا آهن ۽ چور ماڻهن کان، چور ۽ ڌاڙيلن ۾ ٻٽ جو فرق هوندوآهي، ڌاڙيلن ٻٽون ٻڌڻ ڇڏي ڏنيون آهن.
    هو چور هيا، ڌاڙيل نه هيا، چور هجڻ ڪري لڪندا وتندا هيا، سج انهن جو دشمن هيو ۽ رات جو رنگ انهن جي ٻڌل ٻٽ جهڙو.
    جڏهن ٻوڏ آئي ته ڳوٺ خالي ٿي ويا، اڳواٽ اطلاع ڪري ڳوٺاڻا مال متاع ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي ويا. ڪٿي ڪا شيءِ رهجي وئي ته اها ايڏي قيمتي نه هئي جو ان کي جنازي جيان ڪلهو ڏئي قبر ۾ لڪائجي.
    نظر جي حد تائين سڃ ئي سڃ هئي، پکين وڏن وڻن جي چوٽين تي پناهه ورتي هئي، پکين کي خبر هئي ته ٻوڏ اچڻ واري آهي، جڏهن ٻوڏ اچڻ واري هوندي آهي ته ڪانءُ هر هر تيڪ لاهيندو آهي.
    اها وڏي ٻوڏ هئي، پاڻي پري کان ائين پئي ڊڪندو آيو، جيئن جانورن جو ڌڻ ڌوڙ اڏاريندو پيو اچي، ٻوڏ هر شيءِ لتاڙي وئي، ڪچ سريون جايون، پڪسريون جايون، حويليءَ جي چوديواري جنهن ۾ سڀ راز لڙهي ويا. اها ٻوڏ نه هئي، قيامت هئي، جيڪا سڀ گناهه وهائي ڌرتي پاڪ ڪري وئي، وڻن جي چوٽين تي ويٺل پکين کي پاڻي ڪلهن تي آيو، ان کان اڳ جو انهن جون چهنبون ٻڏن، اهي اڏامي اهڙو وڻ ڳولهڻ لڳا جيڪو کين چهنب کي پناهه ڏئي سگهي.
    ماڻهن شهر جي اسڪولن ۾ پناهه ورتي هئي، پکي پناهه جي ڳولها ۾ شهرن جو رستو ڳولهي رهيا هيا ۽ پاڻي ڊڪندو ڄڻ پناهه ڳولهي رهيو هيو.
    جڏهن سڀ پناهه ڳولهيندا آهن ته چور پناهگاهن مان ٻاهر نڪري ايندا آهن، هو چور هيا ۽ انهن جي پناهه ڪمند جي پوکن کان پري، ڪڙٻ جي ڪنارن کان ٿيندي، ڪانهن جي ڪانن وچ ۾ کوٽيل کڏ مٿان اوڏڪين ڀتين اندر لڪيل ايتري وٿي هئي جنهن مان ماڪوڙا آرام سان اچي وڃي سگهندا آهن. اهي ڏاڍا ڊنل چور هيا، انڪري ته سندن پوليس سان دوستي نه هئي، انهن جي پناهگاهه جي خبر صرف جهرڪين کي هئي ۽ دوستن کي انڪري نه هئي جو کين چانهه پيئارڻ جيترا پئسا به نه هيا. ڌاڙيلن جي دور ۾ چورن کي ڪير ٿو پڇي؟
    پناهگاهه مان نڪرڻ ۾ کين ڏکيائي نه ٿي ڇو جو ٻوڏ سڃ مان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. اها ڳوٺ واهڻ ۽ وستيون لتاڙيندي آهي، جيئن ماڻهن کي سندس اهميت جو اندازو ٿئي، ٻوڏ چورن لاءِ رُخ نه مٽائيندي آهي، ڀل اهي چور گدڙ جيان کڏ ۾ لڪيل ڇو نه هجن!
    هو پناهگاهه ڇڏي ان نيت سان نڪتا ته مخلوق پناهگاهن ۾ لڪيل هئي، انهن کي چوريءَ لاءِ ٻٽ ٻڌڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ڇو جو کين خبر هئي ته خدا سڃاڻي ٿو، بس ماڻهو نه سڃاڻين، جڏهن ماڻهو هيا ئي نه ته ٻٽ ٻڌڻ مان ڇا فائدو؟
    هو هلندا هڪ ڳوٺ ۾ آيا ته اتي مئل ڪوئن کانسواءِ ڪجهه نه هيو، کين حيرت ٿي، انهن کي خبر هئي جهاز ٻڏندا آهن ته سڀ کان پهريون ڪوئا ڀڄندا آهن، پر اهي ڳوٺ پرست ڪوئا جن ٻوڏ جي خوف کان ڌرتي نه ڇڏي ۽ موت جي منهن ۾ وڃي ماڻهن کي مات ڏني.
    “خيال سان” ربنواز چيو. “ڪو ڪوئو جاڳي نه پوي.”
    قادر بخش ٽهڪ ڏنو.
    “ڪوئا جاڳي ٻلن کي ڇا ڪندا؟” هن چيو.
    پوءِ هن گپ مان ڏاند جي گهنٽي ڪڍي ربنواز کي ڏيندي چيو “وٺ ٻڌي ڇڏ.”
    هو کلڻ لڳا، کلڻ جو اصل سبب خالي ڳوٺ هيو، سڃ ۾ چورن جو ميلو لڳندو آهي، هو ڳوٺ جو هر گهر لوسي ڪتي وانگر نوسڻ لڳا.
    “اڙي ڦاٽل بوٽ” ربنواز بوٽ مان پاڻي هاريندي چيو. “وٺ پٽ کي ڏجانءِ”
    قادر بخش کليو ته سندس چولي مان سنهي چيلهه ڦتڪندي نظر آئي.
    انهن ڏٺو، ڀتيون ۽ ڇتيون ائين ڪريل هيون جيئن ناراض هجن. جاين خودڪشي ڪئي هئي، پيل سامان وڇوڙي جي ڏک ۾ مري ڌپ ڪري ويو هجي. ڇڳل کٽون، ڀڳل پاوا، ڦاٽل رلهيون، جيڪي گپ ۾ ايڏيون ته ڪوجهيون نظر اچي رهيون هيون، جو سندن دل چاهيو ته کڏ کوٽي دفنائي ڇڏين، ڀڳل مٽ، چٻا گلاس ۽ هڪ دانگي جنهن کي ربنواز هٿ ۾ کنيو ۽ پٺ ڏسي پري ڦٽو ڪيو.
    “دانگيءَ جي پٺ ٻوڏ ڌوئي ڇڏي آهي.” ان چيو.
    “وڏو ڪو...” قادر بخش کيس گار ڏني. “کڻ پچائي کاءُ، ڪاري ٿي ته ڪم آڻجانءِ.”
    “اڙي پچائڻ لاءِ به ته ڪجهه هجي نه.” ربنواز چيو. “منهن ۽ ان بنا دانگي ڪهڙي ڪم جي.”
    هو ڳوٺ جي گپ ۾ گهمندا رهيا، ڪا ڪم جي شيءِ نه هئي.
    “واهه موسميات وارو توهان کي ڌوڙ وجهان.” ربنواز ٻيڙي کي ڏندن ۾ چڪ هڻندي چيو. “ڪو وقت هيو ٻوڏ ايندي هئي ته ماڻهو خوابن ۾ ڊڪون ڀريندا هيا، هاڻي وقت آهي جو ٻوڏ جي پهچڻ کان اڳ ان جي خبر پهچي وڃي ٿي.”
    قادر بخش ٿڌو ساهه کنيو.
    “چوين سچ ٿو چور جا پٽ” هن مذاق ۾ کيس ٽوڪيندي چيو “جوان جو پٽ ان ڪري نه چوندو سانءِ جو تون اڃان ڳوٺ ۾ ڪم جي شيءِ چوري نه ڪئي آهي.”
    “هيءَ ڳوٺ نه ته ٻيو ڳوٺ، ٻيو نه ته ٽيون، ڪٿي نه ڪٿي ڪا شيءِ ملي پوندي.” هن چيو.
    “ها” قادر بخش چيو. “سون سان ڀريل پيتي، جنهن ۾ رکيل نوٽ آلا ٿي ويا هوندا ۽ سون ڌوپجي چمڪندو هوندو.”
    هو ڳوٺ ڇڏي ٻاهر آيا، انهن ڏٺو ڪڙ سان لوَن جون چوٽيون ڌوپجي گلابي ٿي چڪيون هيون، پاڻي لهڻ کانپوءِ پکي سانتيڪا ٿي آکيرن ۾ ائين پناهه وٺي ويٺل هيا جيئن موت کي جهنگلي جانور جيان ويجهو ڏسي هيسل هجن. ڳيرا ميرانجهڙن پرن سان وڪوڙجي آلين اکين سان آکيرن مان ائين ڏسي رهيا هيا جيئن کين ڪنهن ٻئيءَ ٻوڏ جو انتظار هجي، جيڪا کين پناهگاهه کان بي دخل ڪري ڇڏيندي، جهرڪيون، ڪٻريون، ڪانءَ ۽ ڳوٺ جي وڏي پڌر پويان مزار ۾ لڪيل ڪبوترن جي هيٺان رکيل آنا ائين ڦتڪي رهيا هيا جيئن انهن ۾ ٻچا ڪنهن ايندڙ آفت کان ڏڪندا هجن.
    ٻئي ڳوٺ ۾ پهتا. اهو به پهرين جيئن هيو، ماڻهو ويندي سڀ کڻي وڃي ٿو، اهو ڪفن به نه ٿو ڇڏي، ڳوٺ ۾ ڪجهه نه هيو سواءِ ڪانون جي جيڪي گپ ۾ مئل ڏٻري ڏاند جي هڏن کي ٺونگا هڻي رهيا هيا. هڪ بيمار ڪتو ڪمزور ڏندن سان هڏن چٻاڙڻ جي ڪوشش ۾ ڏندن جي سور کان ڪنجهي رهيو هيو. چورن کي ايندي ڏسي ان ڀونڪڻ جي ڪئي ته پوئين ڄنگهن ۾ ساهه نه هجڻ ڪري ائين جهڪي ويو جيئن سندس جسم جو روح ٻاهر نڪرڻ لاءِ پڇ هيٺان زور ڏيندو هجي.
    “اڙي مڙس ڏس، مڙس جا ڪم ڏس.” ربنواز چيو .
    قادر بخش ٻيڙي آڱرين ۾ جهليندي چيو “ڀونڪڻ ڏيس، ڀونڪ بند ٿيس ته پاڻ ٻئي ڀونڪنداسين.”
    هو ڳوٺ جو هر گهر جاچڻ لڳا، مينهن جا ڪونر پاڻيءَ سان ڀريل هيا، ڪٽ لڳل پيٽين جا ڍڪ ائين کليل هيا جيئن ساهه منجهڻ ڪري انهن جا وات ڦاٽي ويا هجن. ميرا چولا، سٿڻيون، پلاسٽڪ جا بال، ڀڳل ڇهتير، پترون ۽ ڳريل سرون، ڪا شيءِ اهڙي نه هئي جيڪا ڪم آڻي سگهن. هڪ هنڌ گپ ۾ چاٻين جو ڇلو پيل هيو، قادر بخش کنيو، ننڍيون وڏيون چاٻيون ڏسي ٿڌو ساهه کنيو.
    “سڄي عمر چاٻيون ڳولهيندي گذري وئي، مليون به ته تالا نه هيا.”
    هن افسوس مان چيو.
    ربنواز گپ ۾ هلندي کيس ڪنڌ ورائي ڏٺو.
    “چريا اهي جنت جون چاٻيون اٿئي.” ان چيو. “ٻڌو آهي جنت کي تالو نه آهي پر چاٻيون آهن، اڇلائجانءِ نه، ڪنهن ملان کي ڏينداسين.
    قادر بخش چاٻيون چمي کيسي ۾ وڌيون، هو گهمندا رهيا ۽ هڪ ڊٿل گهر جي پئيءَ مان ڪونئرو ڪڍي آيا، اهو سوچي ته اڄ کانپوءِ ڌوئينداسين.”
    هو هلندا ٽئين ڳوٺ ۾ آيا ۽ پوءِ چوٿين ۽ پنجين ۾، سڀ ڳوٺ هڪجهڙا هيا، ڪٿي ڪو ماڻهو نظر نه آيو، ڇيڻا جام هيا.
    “ڪمال آهي ڇيڻو آهي، ماڻهو ڪونهي.” قادر بخش ٻيڙي دکائيندي چيو.
    ربنواز وري ٽهڪ ڏئي کليو.
    “پاڻ ٻئي ڇا آهيون؟” هن سوال ڪيو.
    “چورن کانسواءِ ماڻهو، ماڻهو نه هوندا آهن.” هن چيو “۽ ماڻهن کانسواءِ چور، چور نه هوندا آهن.”
    قادر بخش گپ ۾ پيل سليٽ ڏٺي، سليٽ تي لڪيل هيو “ٻوڏ”. هو ٿورو گهڻو پڙهيل هيا، پڙهي حيرت ٿي ته آخر “ٻوڏ” جو لفظ ڊٿو ڇو نه آهي. ربنواز ڏٺو ۽ چيو “اهو ٻار نه لکيو آهي، پر شايد ٻوڏ لکيو آهي، جيڪا پليٽ مٿان لنگهيندي لکي وئي.”
    “چوين سچ ٿو” قادر بخش چيو “ٻوڏ به ته ٻوڏ هئي، اهڙي ٻوڏ هڪ دفعو اڳ ٻڌي هئي، جڏهن ڏاڏو جيئرو هيو ۽ چوندو هيو ته پٽ اهڙي ٻوڏ آئي جو توهان جي پڙڏاڏي کي وهائي وئي.”
    “يا رب پناهه” ربنواز چيو “ان وقت کان پناهه جنهن وقت ٻوڏ نه اچي.”
    اهي کلندا، ڀوڳ چرچا ڪندا گهمندا رهيا، ڪائنات جي هر شيءِ پناهه ورتي هئي، سج جهڙ ۾، ڌرتيءَ پاڻيءَ ۾، ماڻهن سرڪاري اسڪولن ۾، پکين آکيرن ۾، ڍورن وٿاڻن ۾، نانگن وڻ جي شاخن ۾، بس هو هيا جيڪي پناهه ڇڏي، پناهه ڇڏي ويلن جي نشانن کي ڳولهي رهيا هيا. کين ڪٿي به ڪا ڪم جي شيءِ نه ملي، هلندا هڪ گهر ۾ آيا، اتي هڪ صندل تي پيٽي پيل هئي، پيٽيءَ کي تالو لڳل هيو. انهن پيٽيءَ کي سوري ڏٺو، پيٽي ڀريل ۽ وزني هئي، کين پڪ ٿي وئي ته ڳولهيندي نيٺ خزانو ملي ويو آهي. ان ۾ ضرور سون ڳهه ڳٺا، نوٽ ۽ نوان ڪپڙا هوندا، ربنواز تڪڙ ۾ سراٽو کڻي پيٽيءَ جي تالي کي هنيو. تالو ائين کلي ويو جيئن ٻئي ڌڪ برداشت ڪرڻ جي ان ۾ همت نه هجي. انهن ڍڪ کولي ڏٺو، سندن منهن لهي ويو. ٻيڙي ربنواز جي ڏندن مان ڇڏائجي هيٺ آلاڻ ۾ ڪري ته ان مان سوسٽ ائين نڪتو ڄڻ قادر بخش جي چپن مان نڪتو هجي.
    پيٽي پاڻي سان ڀريل هئي، ٻوڏ کان بچڻ لاءِ پاڻيءَ پيٽيءَ ۾ پناهه ورتي هئي.“ايڏي ٻوڏ” انهن چيو ۽ ڪنن تي هٿ رکيا.


    منهنجا شهيد ٿيل چهرا !

    منهنجي عمر ايڪهٺ سال آهي، ماضي ڏاڍو ياد اچي ٿو، عمر جا سڀ چهرا ياد آهن، ڪڏهن ڪنهن ٻار، نوجوان يا اڌڙوٽ جو چهرو ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو آهي جيئن منهنجو چهرو ڪنهن وقت ان جهڙو هيو.
    جڏهن صفا ننڍو هيس ته امڙ ٻڌائيندي هئي، مونکي سهڪي جي بيماري هئي، سهڪندو هيس ته سيني ۾ سيٽيون وڄنديون هيون، سيٽيون وڄڻ سٺو سوَڻ نه هوندو آهي، پراڻن ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ماڻهوءَ جي مرڻ کان اڳ عزرائيل ان جي ڪن وٽ سيٽي وڄائيندو آهي، چون ٿا قيامت کان اڳ سيٽي وڄڻي آهي ۽ اها سيٽي سنک مان سرائيل وڄائيندو. ننڍپڻ ۾ منهنجو منهن ڪمزور ۽ هيڊو هيو. پاسيريون نڪتل هونديون هيون ۽ بخار ۾ ورتل هوندو هيس. ڏرا ڏئي ويل اکيون ڳوڙهن سان تر هونديون هيون. مون هڪ مئل ٿري ٻار جو چهرو ڏٺو، مونکي ان چهري ۾ پنهنجو چهرو نظر آيو.
    حقيقت اها آهي ته مان جنهن ماحول ۾ ڄايس اهو ٿر جي ماحول جهڙو نه هيو، ڪمزوري ۽ بيماريءَ جو سبب منهنجي ذاتي صحت هئي. ٿر جي ڀيٽ ۾ روزگار جا وسيلا وڌيڪ هيا، منهنجو پيءَ هڪ اسڪول جو هيڊماستر هيو ۽ شام جو بازار ۾ هڪ هول سيل ڪپڙي جي دڪان تي ملازمت ڪندو هيو. وقت چڱو گذري رهيو هيو. جڏهن نوَن سالن جو ٿيس ته بيماريءَ هيڻائيءَ مان نڪري آيو هيس. علاج ۽ خوراڪ سٺو اثر ڏيکاريو. منهنجو منهن مرڪندڙ ۽ تازو هيو. گهاٽا وار چهري تي ٺهندڙ هيا. اسڪول ۾ پڙهندو هيس ۽ فٽ بال کيڏندو هيس. روز هڪ ڪلاڪ ان بينڊ ماسٽر وٽ ڪلارنيٽ سکندو هيس جيڪو صبح سان اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ بينڊ تي قومي ترانو وڄائيندو هيو. مان آئيني ۾ ڦڻي ڏيندو هيس ته منهنجو چهرو سهڻو ڏسڻ ۾ ايندو هيو. صفا ان ٻار جي چهري جهڙو جيڪو ٻه سال اڳ پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو، مون سڀني شهيد ٻارڙن جا فوٽو ڏٺا، منهنجي شڪل ان ڇوڪري سان ملندڙ هئي جنهن جو فوٽو بورڊ تي ٻيو نمبر صف ۾ ساڄي پاسي ٽئين نمبر تي لڳل هيو. ڀريل ويڪرو منهن ٺهندڙ سهڻا وار ان جي چپن تي مرڪ هئي ۽ اکيون منهنجي ماءُ جي اکين سان ملندڙ هيون، ڇو جو منهنجيون اکيون امڙ جي اکين جهڙيون آهن، وڏي ڳالهه اها آهي ته ان جو منهن منهنجي پٽ سان به ملندڙ هيو ۽ منهنجي پٽ جي شڪل صفا مون جهڙي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي، مان مري ويو آهيان يا منهنجو پٽ؟
    مان جيئرو آهيان ۽ ڪيترا دفعا مري چڪو آهيان. منهنجا ڪيترائي چهرا فنا ٿي چڪا آهن ۽ منهنجين يادن ۾ مدفون آهن. سورهن سالن جي عمر ۾ جوانيءَ جو تجربو ٽي سال هوندو آهي. هر شيءِ خوبصورت نظر ايندي آهي، مان ڦوهه جوان هيس. منهن تي ٺهندڙ هلڪيون مڇون هيون، مونکي پنهنجو اهو چهرو ياد آهي، اهو ان نوجوان جي چهري جهڙو هيو جيڪو شهر ۾ نسل پرست دهشتگرد هٿان ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريو ويو. چون ٿا مئل ڪڏهن جيئرا نه ٿيندا آهن، پر مان ان جو مثال آهيان، جڏهن ڪو مري جيئرو ٿيندو آهي ته موت جو احساس ان وٽ پنهنجي شدت سان موجود هوندو آهي. موت کي هڪ جيئرو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ مون وٽ اهي سڀ احساس موجود آهن.
    جڏهن چوويهن سالن جو ٿيس ته ڪتابن سان دوستي هئي، هر وقت پڙهندو رهندو هيس. هڪ پراڻي ڪاٺ جي ٽيبل هوندي هئي، جنهن تي ٽيبل ليمپ ڪتاب مٿان ڪنڌ هيٺ ڪري ائين بيٺل هوندو هيو جيئن مون سان گڏ اهو به هر ورق غور سان پڙهندو هجي. ڪمري ۾ اتر واري دريءَ کان نم جو وڻ هيو ۽ هوا سان گڏ نم جا هيڊا پن ڪمري ۾ ڪرندا هيا. اتي ٻور جي خوشبوءِ هوندي هئي. يونيورسٽيءَ جو آخري سال هيو. اکين ۾ مستقبل جي چمڪ هئي ۽ چپن تي اميد جي مرڪ، منهنجو چهرو صفا ان نوجوان جي چهري جهڙو هيو جيڪو يونيورسٽيءَ تي ٿيل دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو، ٽيهن کان مٿي شاگرد شهيد ٿيا، بورڊ تي لڳل فوٽن ۾ منهنجو چهرو ان چهري سان ملندڙ هيو جيڪو پنجين نمبر صف ۾ کاٻي پاسي ڇهون نمبر هيو. صفا منهنجي چهري جهڙو، مرڪندڙ ۽ حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندڙ. اهو مان هيس، مون کان سواءِ ڪير ٿي سگهي ٿو. اها گولي مونکي لڳي.
    جڏهن پنجٽيهن سالن جو هيس ته مون کي ٻه ٻار هيا، سرڪاري ملازم هيس ۽ جوابدارين جي بار کان ٿورو جهڪيل هيس. ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ ٻه ٽي اڇا وار هيا ۽ اکين هيٺيان هلڪا گهنج هيا. حج جي حسرت هئي، نماز روزي جو پابند هيس. زڪوات وت آهر ڏيندو هيس، شڪارپور جي مسجد ۾ ڌماڪو ٿيو منهنجو چهرو انهن مان هڪ نمازيءَ جهڙو هيو.
    جڏهن چاليهن سالن جو ٿيس ته جسم ۾ ڀريل هوندو هيس. ڍلو منهن لڙڪندڙ ڏاڙهيءَ ۾ لڪيل هيو. ٽوپي پائيندو هيس ۽ ڪڏهن ڪلهي تي رومال رکندو هيس ته متان وقت جي ڌوڙ منهن تان صاف ڪرڻي پوي. منهنجو چهرو عام رواجي هيو جنهن جي چمڪ عمر جي ڪوهيڙي ۾ جهڪي پئي ٿيندي وئي. اهو صفا ان شخص جي چهري جهڙو هيو جيڪو قبائلي جهيڙي ۾ ماريو ويو. ساڳيو چهرو، ڍليون اکيون، هيٺيان گهنجن جون لڪيرون، ميرانجهڙا وار، قبيلي وارن بس بيهاري سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺا ۽ ذات پڙهي کين گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.
    جڏهن ٻاونجاهه سالن جو ٿيس ته نرڙ جا گهنج واضح هيا، وار کير جهڙا اڇا هيا. فلسفو پڙهڻ ڪري اکين جي چمڪ موٽي آئي هئي، چپ سنها ۽ افسوس کان ڀيڪوڙيل هوندا هيا. سٺن ماڻهن جي سنگت ۾ ويهڻ جو موقعو مليو جنهن ڪري ڳالهائڻ ۾ لحاظ ۽ نرمي هئي. منهنجو چهرو صفا ان دانشور جي چهري جيان هيو جنهن کي يونيورسٽي روڊ تي شهيد ڪيائون. اهو منهنجو چهرو هيو. ڪهڙو فرق هيو؟ مون ان چهري کي گهڻا دفعا غور سان ڏٺو. اهو منهنجي عمر جي ان حصي ۾ چهري سان ملندڙ هيو. مان مري چڪو هيس ۽ مان آهيان جيڪو جيئرو آهيان!
    هاڻي ايڪهٺ سالن جي عمر ۾ منهنجو چهرو ان شخص جي چهري جهڙو آهي جيڪو هڪ ويران ڪمري ۾ ڌرتيءَ جا ڏک ۽ سور لکي رهيو آهي. ان اميد ۾ ته هڪ ڏينهن انهن جو انت ضرور ٿيندو.


    مونجهارو

    اهو شام جو وقت هيو، هڪ هال اندر دهشت گرديءَ خلاف ڪانفرنس جاري هئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي. اتي سائنسدان هيا. ڊاڪٽر هيا، پروفيسر هيا، انجنيئر هيا، هاري هيا، مزدور هيا، شاعر هيا ۽ جج هيا، هر شعبي جي نمائندي کي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو هيو. سڀ پنهنجي راءِ ڏئي رهيا هيا، هڪ وڏو بحث متل هيو. دهشتگردن جي ٽولي جي سربراهه ٻه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ ان ڪانفرنس کي آمريڪي سازش قرار ڏنو هيو. هن چيو هيو ته حڪومت اهڙيون ڪانفرنسون ڪوٺائي آمريڪا کي خوش ڪرڻ گهري ٿي جيئن ان کان هڪ وڏي امداد حاصل ڪري هڙپ ڪري سگهجي. دهشتگردن جي سربراهه اڳواٽ بيان جاري ڪري اها ڌمڪي پڻ ڏني هئي، جيڪڏهن اهڙي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته ان جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪرندو. ڌمڪيءَ باوجود حڪومت وڏو خرچ ڪري اها ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ۽ ان جو اجلاس زور ۽ شور سان جاري هيو.
    ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن جي بچاءَ لاءِ حڪومت وڏا اُپاءَ ورتا هيا. هر شريڪ ٿيندڙ کي ڳچيءَ ۾ ڪارڊ لڙڪايو ويو هيو. ٻاهرين در وٽ ڦاٽڪ بند ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت چڪاس پئي ڪئي وئي ۽ هال جي ڇت تي مصلح گارڊ گنين سان بيهاريا ويا هيا.
    هال ۾ جاري ڪانفرنس ۾ سائنسدان ڳالهائيندي چيو “مون ايٽم بم ٺاهيو، ميزائيل ٺاهيا، آبدوز ۽ جنگي جهاز ٺاهيا، مون قوم جي بچاءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري هر اهو هٿيار ٺاهيو جيڪو انهن کي تحفظ ڏئي سگهي. پر افسوس ايڏن هٿيارن هوندي به ماڻهو محفوظ نه آهن. ملڪ ۾ ڪنهن جي به عزت ۽ آبرو سلامت نه آهي. هر ڪنهن جي جان خطرن ۾ ويڙهيل آهي پر پوءِ به منهنجو دماغ هن قوم جي امانت آهي” هن جي ڳالهه تي هال ۾ موجود حاضرين تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ پروفيسر ڏڪندو مٿي آيو ۽ هن تقرير دوران ڳالهه سمجهائڻ لاءِ پنهنجي هٿن کي هر هر هوا ۾ پئي هلايو. هن چيو “تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي ته انسان ائين بي وس بڻيو هجي جيئن اڄڪلهه آهي، معاشيات کي ڌڪ لڳو آهي. جاگرافيائي سطح تي اسين ورهائجي چڪا آهيون. آثار قديما اندر ٻڌ جي مجسمن کي خطرو آهي. اسلاميات مان سچ ۽ ڪوڙ جي شناس نڪري چڪي آهي ۽ علم لانسان ۾ انسانيت جي وصف بدلجي چڪي آهي. مون هن زبان سان هزارين ليڪچر ڏئي جهالت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڄ به منهنجي زبان قوم جي امانت آهي.”
    هن جي ڳالهه تي وري تاڙيون وڳيون ۽ پوءِ هڪ ڊاڪٽر اڇو ڪوٽ پائي اسٽيج تي آيو. هن کيسي مان ٿرماميٽر ڪڍي ڏيکاريندي چيو “گذريل ڪيترن ڏينهن کان ماڻهن جو گرمي پد بدلجي چڪو آهي. هر ڪنهن جي حرارت وڌي چڪي آهي. رت جو دٻاءُ پنهنجي عروج تي آهي. شگر انسان جي جسم ۾ ضايع ٿي رهي آهي. اهو سڀ دهشت ۽ خوف ڪري آهي. اسان مجبور آهيون، اسان جي هٿن ۾ ٿرماميٽر کانسواءِ ڪجهه نه آهي، منهنجي هٿن شفا ڏني، هزارين آپريشن ڪيا ۽ اڄ به منهنجا هٿ قوم جي امانت آهن.”
    هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ جڏهن هو هيٺ لٿو ته هڪ انجنيئر مٿي چڙهيو، ان سڀ کان پهريون پنهنجي عينڪ لاهي اگهي اکين تي پاتي ۽ پوءِ چيو “معزز دوستو پليون تباهه ڪيون ويون، جيترو ڪمپيوٽر کي خوار ڪيو ويو شايد ئي ڪنهن ٻئيءَ شيءِ سان اهڙي جُٺ ٿي هجي، موبائيل فون دهشتگردن جو وڏو هٿيار آهي. مون تيز نظرن سان مشاهدو ڪري آسائشيون ايجاد ڪيون پر اهي بي آراميءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهن، بجلي نه هوندي ته شيون ڪيئن هلنديون، منهنجيون تيز مشاهدو ڪندڙ اکيون اڄ به قوم جون امانت آهن.”
    هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ ڏٻرو شاعر مٿي اسٽيج تي آيو، ان جي منهن جا ڳٽا اندر ۽ وات ٻاهر نڪتل هيو، ان چيو “ڌماڪن ۾ شاعريءَ جو آواز دٻجي چڪو آهي، شاعريءَ جا سڀ صفحا رت ۾ آلا آهن. ڌماڪن جي آواز تي آسمان جا سڀ پکي غائب آهن، گوشت اڏامي رهيو آهي، دونهي ۾ ڳوڙهن جو رنگ سرمئي آهي ۽ اکيون ڳاڙهيون آهن. دهشت جي باهه ۾ محبوبا جا وار ڄر جيان لهرائجي رهيا آهن ۽ ان جا چپ خشڪ آهن ظالم جي دماغ جيان، منهنجي دل ڌڙڪي ٿي قلم جي نوڪ تي، مان جيئرو رهندس ۽ اڄ به هيءَ دل قوم جي امانت آهي.”
    هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ شاعر جي ڳالهه کان پوءِ اهو ضروري سمجهيو ويو ته سڀني کي چانهه پياري وڃي. هڪ الڳ هال ۾ چانهه جو بندوبست ڪيو ويو هيو جتي سڀني گڏجي نمڪو کائي چانهه پيئي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ميل ملاقات جو سٺو موقعو مليو. ٿوري دير ۾ سڀ سٺي موڊ ۾ کلندا ڳالهائيندا وري هال ۾ داخل ٿيا ۽ ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان جاري رهي.
    هڪ هارين جو اڳواڻ اٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان ميري گوڏ سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو “سائين ڪهڙو عرض ڪيان، ڳالهه اها آهي ته زماني ترقي ڪئي، ٽيڪٽر کيڙيو، ڀاڻ وڌايو، پر بابي سائينءَ کي به ساڳي ميري گوڏ جيڪا مون کي ٻڌل آهي، دهشتگردي عروج تي آهي، ڪتن ڪڻڪ کائڻ شروع ڪئي آهي، باز چانور چڳي رهيا آهن، جڏهن ٻٻرن ٻير ڏنا ته کائينداسين، جڏهن ڏاند ڏڌا ته پيئنداسين، منهنجون ورانگون اڄ به هَرَ پويان آهن، ڏاند ٿڪيا نه آهن ۽ هي ڄنگهون اڄ به قوم جي امانت آهن.”
    هاريءَ جي ڳالهين تي پورو هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ پوءِ هڪ مزدور پانو هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي آيو. هن چيو “هن پاني سان مون وڏا نٽ سوگها ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر نٽ ايڏا ته ڍلا آهن جو سوگها ٿين ئي ڪونه ٿا. جڏهن ڏس ڪل ٿڙي پئي آهي، پيچ نڪتو پيو آهي. ڦيٿو ٻاهر پيو آهي، دهشتگردن رڻ ٻاري ڏنو آهي. انهن جا ڏند ايڏا ته مضبوط آهن جو اهي اسٽيل چٻاڙي وڃن ٿا ۽ انجڻيون رهڙي ٿا وڃن، منهنجيون سگهاريون ٻانهون ڪم ڪري ٿڪجي چڪيون آهن. منهنجو بکايل پيٽ پٺيءَ سان ملي غائب ٿي چڪو آهي. مان دهشتگردن جو ماس پٽي کائڻ چاهيان ٿو. ان جي رت سان اڃ اجهائڻ چاهيان ٿو. مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ منهنجيون ٻانهون قوم جي امانت آهي.”
    مزدور جي جذباتي تقرير تي زوردار تاڙيون وڳيون ۽ هو پانو هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڪنهن انقلابيءَ جيان لهرائيندو هيٺ لٿو ته سڀ کان آخر ۾ ڍلين اکين وارو جج مٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان چيو “ملڪ مان انصاف موڪلائي ويو آهي. جيڪڏهن انصاف تي عمل ڪيو وڃي ته دهشتگردي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي، انتها ته ڏسو انصاف جي حصول لاءِ ججن کي پاڻ مظاهرا ٿا ڪرڻا پون. جيئن اسان جج نه ڏوهاري آهيون، انصاف ملندو ته جج سڏائينداسين. پرُسال هڪ سپاهيءَ مونکي گريبان کان جهليو، ڪاوڙ ڏاڍي آئي ڪجهه ڪري نه سگهيس، هن سال سوچيان ٿو ڪاوڙ ڪرڻ سان ڪو فائدو نه آهي، انصاف جو دارومدار عقل تي آهي. مان دهشتگرديءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ مطالبو ڪيان ٿو ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ دهشتگرديءَ کي ختم ڪيو وڃي. مان مظلومن جي فرياد ٻڌڻ لئي تيار آهيان منهنجا ڪن قوم جي امانت آهن.”
    هن جي ڳالهه تي سڀ اٿي بيٺا ۽ تاڙيون وڄائي حوصلا افزائي ڪئي، اڃا هو تاڙيون وڄائي هڪ ٻئي کي ڪامياب ڪانفرنس تي مبارڪون ڏئي رهيا هيا ته ڪو دهشتگرد ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٽرڪ تيزيءَ سان هلائيندو ٻاهريون ڦاٽڪ ٽوڙي اندر داخل ٿيو، ڇت تي بيٺل سپاهين ڪجهه سڌا فائر ڪيا جيڪي گسي ويا. دهشتگرد ٽرڪ هلائيندو ڪانفرنس هال جي مک دروازي سان اچي ٽڪرايو. هڪ وڏو تماڪو ٿيو ۽ هر طرف باهه جا اُلا ڀڙڪڻ لڳا. ڪانفرنس هال ذرا ذرا ٿي اڏامي ويو ۽ ماڻهن جي جسمن جا حصا هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجي ويا، دهشتگرد سميت ٻاونجاهه ماڻهو موت حوالي ٿي ويا. جن ۾ سائنسدان هيا، پروفيسر هيا، ڊاڪٽر هيا، انجنيئر هيا، شاعر هيا، هاري هيا، مزدور هيا ۽ جج هيا. مري ويلن جي جسم جا حصا ائين پيل هيا جيئن انهن کي ڪنهن آريءَ سان ڪٽي الڳ ڪيو هجي. ڄنگهون، ٻانهون، دل، گڙدا، آنڊا گونڊا، نڪ، ڪن، زبانون ۽ ميڄالا هر طرف وکريل هيا. دهشتگرد جو پورو جسم غائب هيو. پري ڌماڪي ۾ ڇڻي ويل وڻ هيٺان هن جي منڍي پيل هئي جنهن جو منهن چچريل هيو، اکيون ٻاهر نڪتل هيون، ڪن ڪٽيل هيا، زبان ڇڳل هئي ۽ مغز غائب هيو، اهلڪارن دهشتگرد جي منڍيءَ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ اتي پيل عضون کي ڪٺو ڪيو، گهرو وزارت جا آفيسر ٿرٿلي ۾ اچي ويا. وڏو قومي نقصان ٿيو هيو، افسوس ۽ اچرج مان سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، هرڪو انتظاميه کي قصور وار ڪوٺڻ لڳو. حڪومت جي نااهليءَ کي نندڻ لڳو.
    شهر جي سرڪاري پلاسٽڪ سرجن کي هڪ گاڏيءَ ۾ اتي آندو ويو جيئن اهو دهشتگرد جي منڍي ۽ جسم جي الڳ ٿيل حصن کي ملائي ان کي اصل صورت ۾ بحال ڪري، ان کي سڃاڻپ ۾ مدد ملي ۽ اصلي جوابدارن تائين پهچڻ ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي، پلاسٽڪ سرجن اتي پهچي دهشتگرد جي منڍيءَ جو جائزو ورتو، پوءِ هن جي منهن جي مرمت ڪئي، هن ڏٺو ان جون اکيون غائب هيون، هن عضون جي ڍير مان ٻه اکيون ڳولهي اندر وڌيون، هن ڏٺو ان جي زبان ڪٽيل هئي، هن عضون جي ڍير مان هڪ زبان ڳولهي اتي ڳنڍي، هن ڏٺو ان جا ڪن ڪونه هيا، هن عضون جي ڍير مان ٻه ڪن ڳولهي اتي هنيا، هن ڏٺو اتي مغز ڪونه هيو، هن عضون جي ڍير مان هڪ مغز ڳولهيو ۽ ان کي کوپڙيءَ ۾ وجهي محفوظ ڪيو، جڏهن منڍي هر لحاظ کان تيار ٿي ته هن ڌڙ ٺاهڻ شروع ڪيو. هن ان ۾ دل وڌي، ٻه ٻانهون سبيون ۽ ڄنگهون ڳولهي هيٺان هنيون، ٿوري دير ۾ پوري شخص جو جسم ٺهي تيار ٿي ويو، جنهن جي وجود جو ڪو به حصو کٽيل نه هيو، پلاسٽڪ سرجن جسم کي فارملن سان ڌوئي ڳرڻ کان محفوظ ڪيو، هڪ فوٽوگرافر ان جي منهن جا مختلف پاسن کان فوٽو ڪڍيا. ٿوري دير ۾ دهشتگرد جي جسم کي اسپتال آندو ويو جيئن پئٿالاجسٽ ان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪري سڃاڻپ کي محفوظ ڪري سگهي. علائقي جي پوليس آفيسر گهرو وزارت جي هڪ خط سان گڏ دهشتگرد جو جسم پئٿالاجسٽ حوالي ڪيو. خط ۾ اهو لکيل هيو ته “واقعي واري هنڌ تان حاصل ٿيل دهشتگرد جو جسم ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيو وڃي ٿو. توهان ٽيسٽ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ کي موڪليندا ته جيئن دهشتگرد جي سڃاڻ ۾ مدد ملي ۽ معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري حقيقي ملزمن تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. رپورٽ موڪلڻ ۾ ڪا به سستي برداشت نه ڪئي ويندي.”
    پئٿالاجسٽ خط سان گڏ لاش حاصل ڪري جلدي ڪم شروع ڪيو، هن لاش جي مختلف عضون کي چڪاسيو ۽ ٽيسٽ ڪري هڪ مڪمل رپورٽ ٺاهي ٽن ڏينهن کان پوءِ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ ڏانهن اماڻي ڏني، اعليٰ آفيسرن جڏهن اها رپورٽ پڙهي ته دنگ رهجي ويا. مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا ۽ سوچڻ لڳا ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ رپورٽ ۾ لکيل هيو.
    “گهرو وزارت پاران حاصل ڪيل هڪ لاش جي سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي، ان جي نتيجي موجب ان جا هٿ هڪ ڊاڪٽر جا آهن، ان جون ٻانهون هڪ مزدور جون آهن، ان جون ڄنگهون هڪ هاريءَ جون آهن، ان جا ڪن هڪ جج جا آهن. ان جون اکيون هڪ انجنيئر جون آهن. ان جو دماغ هڪ سائنسدان جو آهي، ان جي زبان هڪ پروفيسر جي آهي ۽ ان جي دل هڪ شاعر جي آهي.”


    سچ ۽ حقيقت

    مرشد وٽ مريد جي سوالن جو مناسب جواب نه هيو، مرشد پهتل بندو هيو پر مريد به گهٽ نه هيو. محفل ۾ جڏهن مريد اٿي مرشد کان سوال ڪندو هيو ته مرشد اهڙو جواب ڏيندو هيو جنهن ۾ مريد لاءِ سوين سوال سمايل هوندا هيا.
    “ڇا اهو سچ نه آهي ته وقت سچ کي ڪوڙ ثابت ڪري ٿو؟” مريد چوندو هيو ۽ مرشد مرڪندو هيو.
    “ها” مرشد جواب ڏيندي چوندو هيو “سچ ڪوڙ ۾ بدلجي وڃي ٿو پر سچ آهي ضرور ڇو جو دنيا قائم آهي.”
    مريد بحث کي اڳتي وڌائيندو هيو.
    “دنيا وقت جو سانحو آهي... حادثو آهي.” مريد چوندو هيو “دنيا جڏهن سچ ڳولهيو ته فنا ٿي ويندي.”
    هو خاص مريد هيو، محفل ۾ ٻيا مريد هن جيڏي ڄاڻ رکندڙ نه هيا، انڪري اڪثر چپ ڪري ٻڌندا هيا ۽ هو ٻئي بحث ۾ پئجي ويندا هيا، مريد کي ٻين سمجهايو ته مرشد سان بحث ڪرڻ عقيدي خلاف آهي. پر مرشد هن کي پاڻ اجازت ڏني هئي ته هو ڳالهائي ڇو جو هن جي ڳالهين ۾ وزن هيو، مرشد مريد جي بحث مان سوچ وسيع ڪندو هيو.
    “هر شيءِ تبديليءَ مان گذرندي آهي.” مريد چوندو هيو “حقيقت هر حال ۾ حقيقت نه آهي، حقيقت وقت سان غير حقيقي ثابت ٿئي ٿي ۽ غير حقيقي وقت سان حقيقي ثابت ٿئي ٿي.”
    “جيڪڏهن حقيقت نه هجي.” مرشد چيو “ته اسان جيئرا ڪيئن هجون، اسان جو وجود ان ڳالهه جي گواهي آهي ته اسين جيئرا آهيون ۽ اهائي حقيقت آهي.”
    سوال جو جواب ڏيندي مرشد پنهنجي جواب مان مطمئن نه هوندو هيو ڇو جو مريد جا سوال منجهائيندڙ هوندا هيا.
    “اسان جو جيئرو رهڻ به عارضي آهي.” مريد چوندو هيو “اڄ آهيون سڀاڻ نه هونداسين، حقيقت عارضي هجڻ نه گهرجي، حقيقت کي تڏهن مڃي سگهجي ٿو جڏهن اها ساڳي صورت ۾ برقرار هجي.”
    مرشد منجهي پيو.
    “حقيقت اهائي آهي جيڪا اکين اڳيان نظر اچي ٿي.” مرشد جواب ڏيندي چيو “تون، مان، مخلوق ۽ ڪائنات. اها برقرار آهي، سچ جيان سامهون آهي.”
    مريد نهايت عاجزيءَ مان عرض ڪيو “اها حقيقت نه آهي، اهو نظر جو دوکو آهي، حقيقت ڪنهن ٻئي هنڌ آهي، خالق حقيقت آهي، پر نظر نه ٿو اچي، ضروري نه آهي ته حقيقت نظر اچي، سچ ۽ ڪوڙ ساڳي شيءِ جا ٻه نالا آهن.”
    مرشد مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو، سوچيندو رهيو ته سچ کي ڪيئن ثابت ڪجي، حقيقت کي ڪيئن کولي بيان ڪجي، هو سوچيندو رهيو ۽ مريد ڳالهائيندو رهيو.
    “دنيا جا تضاد ان ڳالهه جي گواهي آهن ته سچ ۽ حقيقت سڀني لاءِ ساڳيا نه آهن، ملڪ ۽ قومون انهن جي وصف تي متفق نه آهن. هر طرف فساد ۽ فتنو ڦهليو پيو آهي. انسانن جي نظر ۾ خالق جو تصور ساڳيو نه آهي. خالق پاڻ متضاد آهي ۽ متضاد شيءِ سچ نه آهي. جيڪڏهن سچ ۽ حقيقت جو وجود هجي ته دنيا ان تي متفق ٿي امن جو رستو اختيار ڪري پر هر هنڌ تفاوت آهي، سچ صدين کان سفر ڪري به سچ نه ٿي سگهيو آهي ۽ حقيقت ڪٿي ناحق آهي ته ناحق ڪٿي حقيقت جو روپ ڌاري رائج آهي.”
    مرشد صفا چپ ٿي ويو، هن محسوس ڪيو سندس سوچ مڪمل نه آهي، هن کي وڌيڪ فڪري رياضت جي ضرورت آهي، هو ڪجهه وقت اڪيلائيءَ ۾ ويهي انهن مسئلن تي سوچي ته پوءِ مريد کي جواب ڏئي مطمئن ڪري سگهندو. هو سوچي ئي رهيو هيو ته مريد وري عاجزيءَ مان عرض ڪيو.
    “قبلا جيڪڏهن سچ ۽ حقيقت جي باري ۾ کولي ٻڌايو ته من جي مونجهه هلڪي ٿئي، دل تان اهو بار جهڪو ٿئي ته دنيا ڪوڙ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه آهي، دنيا ۾ سچ ۽ انصاف آهي. حقيقت موجود آهي ۽ ان سِلي ۾ خالق غريب سان انصاف ڪندو. سزا ظالم جو مقدر آهي ۽ مظلوم نجات ماڻيندو.”
    مرشد اٿيو ۽ حڪم ڏنو ته ڏهه فوٽ گهري ۽ ٻارنهن فوٽ ويڪري کڏ کوٽي وڃي، هو ان ۾ ايڪويهه ڏينهن چلو ڪڍي ان مسئلي تي اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچيندو ته آخر سچ ۽ حقيقت ڇا آهي.”
    هن وڌيڪ احڪام ڏيندي چيو ته “کڏ کي مٿان مڪمل طور بند ڪيو وڃي، سواءِ ساهه لاءِ هڪ سوراخ جي، ڇو جو هو ايڪويهه ڏينهن هوا کانسواءِ ڪجهه نه کائيندو ۽ ڳوڙهن کانسواءِ ڪجهه نه پيئندو. ٿي سگهي ٿو پاڻ تي ڪيل اهڙي سختيءَ جي ِسِلي ۾ خالق رابطي ۾ اچي ۽ ڪي ڳجهه جون ڳالهيون ٻڌائي.”
    مريدن مرشد جي حڪم تي عمل ڪيو، ڏهه فوٽ گهري ۽ ٻارنهن فوٽ ويڪري کڏ کوٽي وئي، مرشد اندر ويٺو ته مٿان ڪاٺيون ۽ پترون ڏئي مٽيءَ سان لنبي بند ڪيو ويو. هوا لاءِ هڪ سوراخ رکيو ويو جيئن مرشد ساهه کڻي سگهي. مرشد جي حڪم موجب ڪو به کاڌو خوراڪ يا پاڻي اندر نه رکيو ويو. مرشد کڏ اندر مراقبي ۾ ويهي رهيو. ٻاهر مريد کڏ چوڌاري ايڪويهن ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳا ته جڏهن مرشد کي کڏ کوٽي ڪڍيو ويندو ته اهو کين سچ ۽ حقيقت جي باري ۾ کولي بيان ڪندو.
    خاص مريد مرشد جي اهڙي ڪارنامي تي خوش به هيو ته ڏکي به. خوش انڪري هيو ته کيس سچ ۽ حقيقت جي ڄاڻ پوندي ۽ ڏکي انڪري هيو جو هن مرشد کي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هيو. مرشد تڪليف پنهنجي سِر تي کنئي هئي، اڃ ۽ بک تي اهڙي اڪيلائي قبول ڪئي هئي جنهن ۾ جيءَ جو جوکو هيو.
    ايڪويهه ڏينهن پورا ٿيا، سانجهيءَ وقت جڏهن سج غروب ٿي چڪو هيو ته خاص مريد ٻين مريدن سان ملي کڏ کوٽي، انهن ڇت تان پترون هٽائي هٺ ڏٺو ته مرشد بيهوش پيل هيو، سڀ هيٺ لٿا، خاص مريد مرشد کي سڌو ڪري ڪوزي مان پاڻيءَ ڦڙا سندس وات تي رکي منهن تي ڇنڊا هنيا ته هن اک پٽي، مريد مرشد جي منهن ۾ غور سان ڏٺو، کيس لڳو اهو سندس آخري وقت آهي، هو ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي، سوچيائين ان کان اڳ جو مرشد موڪلائي وڃي ڇو نه پڇي وٺان ته هن سچ ۽ حقيقت جي باري ۾ ڪهڙي ڄاڻ حاصل ڪئي، اهو سوچي هو مرشد جي ڪن ويجهو آيو ۽ سوال ڪيائين .
    “مرشد ڏي خبر، سچ ۽ حقيقت جي باري ۾ ڪا بشارت ٿي؟”
    ائين چئي پوءِ ڪن مرشد جي چپن ويجهو آندائين، مرشد تمام هلڪي منجهيل ۽ ٽٽل ڦٽيل لفظن ۾ ڳالهايو، جيڪو مريد کي تمام غور سان ٻڌڻ کانپوءِ به سمجهه ۾ نه آيو، مرشد چيو “سچ... اد... را... ڪ... حقي... قت... جو... ڳا... يو... هي... هو... حقي... قت... ماد... يت... سچ... شعو... ر... ڪم... ڪري... هو... ها... هي... حقي... قت... معرو... فن... نظر... هي... ها... هو... هو... سچ... رنگ... عيا... ن... خاص... يت... آ... هي... هو... ها... ها... ها...”
    پوءِ سندس اکيون بند ٿي ويون. سڀني اتاولو ٿي خاص مريد کان پڇيو “مرشد ڇا چيو، ٻڌاءِ مرشد ڇا چيو؟”
    مريد ڳوڙهن ڀريل اکيون کڻي جواب ڏنو “مرشد سچ ۽ حقيقت بيان ڪئي، واقعي ئي سچ ۽ حقيقت ائين ئي آهي جو مان بيان ڪري نه ٿو سگهان.”


    ڦاٽڪ وارو

    سٺ واري ڏهاڪي ۾ ريل جو ڦاٽڪ وچ شهر کان ٿورو پري نئين ڳوٺ وٽ هيو، ڦاٽڪ ڇا هيو، چار در هيا، ٻه سڄي پاسي، ٻه کٻي پاسي، وچ تان ريل جي بند جون ٻه پٽڙيون ائين لنگهينديون هيون جيئن گناهه ۽ ثواب هڪ ٻئي سان جيئڻ ۽ مرڻ جو قسم کنيو هجي. ڦاٽڪ ڀرسان پڪسري ڪوٺي هئي جنهن ۾ سنگل جا هٿيا ۽ هڪ کٽ پيل هوندي هئي جنهن تي ڦاٽڪ واري کي سمهڻ گهٽ نصيب ٿيندو هيو. ڏينهن رات پٽڙيءَ تي ريلن جي اچ وڃ هوندي هئي. مسافر گاڏيون گهٽ، مال گاڏا گهڻا هيا، مسافر گاڏيون ائين لنگهيندون هيون جو خبر نه پوندي هئي، مال گاڏا کٽڻ جو نانءُ نه وٺنداهيا، آهستي آهستي هلندا هيا ۽ ان ۾ گاڏا ايڏا ته گهڻا هوندا هيا جو ماڻهو ڳڻي ٿڪجي پوي. ڦاٽڪ بند ٿيندو هيو ته ٻنهي پاسي ٽريفڪ بند ٿي ويندي هئي. ٽريفڪ ۾ ڪا ورلي ڪار، هڪ ٻه مسافر بسون نه ته ٽانگا، گڏهه گاڏا ۽ ڏاند گاڏيون جام هوندا هيا.
    ڦاٽڪ واري جي عثمان سان دوستي اهڙي ته گهاٽي هئي جيئن مٿان بيٺل بڙ، جنهن جو پن پن کان الڳ نه هوندو هيو، عثمان ڀرسان پاڙي ۾ رهندو هيو، کيس چُن جو بٺو هيو، نئين ڳوٺ وٽ ڪڏهن چُن جا پهاڙ ايڏا هيا جو لڳندو هيو شهر پٿر جو ٺهيل آهي، ڪا به عمارت ايڏي ڊگهي نه هوندي هئي، جيڏا چُن جا پهاڙ، عمارتون ڊگهيون ٿينديون آهن ته پهاڙ مٽجي ويندا آهن.
    چُن جو بٺو ڦاٽڪ جي ويجهو هجڻ ڪري عثمان سڄو ڏينهن ڦاٽڪ تي ويٺو هوندو هيو، بٺي تي مزدور ڪم ڪندا هيا ۽ هو ڦاٽڪ واري سان ويهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي پيو ڏسندو هيو. ڪاريون انجڻيون پري کان دونهون ڇڏينديون ائين اينديون هيون ڄڻ انهن کي باهه لڳي هجي ۽ باهه جي عذاب کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڊڪنديون هجن.
    عثمان ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو هيو، جڏهن ڪو ٽانگي وارو سواري ساڻ ڪري پريان گهوڙو ڊڪائيندو ايندو هيو ۽ اوچتو ڦاٽڪ بند ٿيندو هيو ته اهو ڦاٽڪ واري کي عرض ڪندو هيو “ٿورو بيهه، لنگهي وڃان.”
    ڦاٽڪ وارو هڪ نه ٻڌندو هيو، پوءِ ٽانگي وارو اتي بيٺل عثمان کي چوندو هيو “تون چويس، در کولي نه ته ڪلاڪ رلي ويندس.”
    عثمان ڦاٽڪ واري کي چوندو هيو “وڃڻ ڏيس، پنهنجو ماڻهو آهي.”
    ڦاٽڪ وارو ٽانگي واري تي احسان ڪندي چوندو هيو.
    “هيءُ ٿو چوي ڦاٽڪ کوليانءِ ٿو نه ته صفا وڃڻ نه ڏيانءِ.”
    هو ڦاٽڪ کوليندو هيو ۽ ٽانگي واري پويان، ٻه چار ٻيا ٽانگا، گڏهه گاڏا ۽ ڏاند گاڏيون لنگهي ويندا هيا.
    عثمان ڪڏهن ننڍپڻ جي دوست ربنواز سان گهمندو هيو ته فخر محسوس ڪندو هيو. هو ربنواز سان اسڪول ۾ گڏ پڙهيو هيو. عثمان پڙهڻ ۾ ڏِڏُ هيو. سدائين ماستر جا موچڙا کائيندو هيو. نڪ مان گوبو وهندو هيس، وار کنڊريل، ڪلهن تي ٻَڦو ۽ جوئان گهمنديون هيس، هڪ لفظ پڙهي نه سگهيو، استاد جان ڇڏائڻ لاءِ زوريءَ پاسي ڪندا هيس، ان جي ڀيٽ ۾ ربنواز، سلڇڻو، صاف سٿرو، سليقي وارو، پڙهڻ ۾ هوشيار، امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هيو.
    دوستيءَ جو سبب پاڙو هيو، هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هيا ۽ ڪڏهن شهر ۾ گڏ گهمندا هيا، جڏهن گڏ گهمندا هيا ته وک وک تي ٽانگي وارا گهوڙي کي چهٻڪ هڻي هٿ ٻڌي عثمان کي سلام ڪندا هيا.
    “سائين بابا جو خير... مولا مدد...”
    “بادشاهي جو خير.”
    “سائين خادم... نوڪر.”
    “مولا خوش رکئي.”
    ربنواز محسوس ڪندو هيو عثمان کي سڄو شهر سڃاڻي ٿو. ان جي وڏي عزت آهي.
    هن هڪ دفعي عثمان کان پڇيو “هڪ ڳالهه چوانءِ ناراض ته نه ٿيندين؟”
    “پڇ” عثمان علي چيو “ڪهڙي”
    “شهر ۾ سڀ توکي سڃاڻين ٿا، آخر ڇو؟”
    عثمان کليو ۽ جواب ڏنائين.
    “اهو هڪ راز آهي.”
    پر ربنواز کي خبر هئي، هن کي ڦاٽڪ وارو سڃاڻي ۽ جنهن کي ڦاٽڪ وارو سڃاڻي ان کي سڀ سڃاڻيندا آهن.


    نفرت جي ڏينهن ۾ پيار!

    مون کي ڪا ڄاڻ نه هئي، مون سان پيار ڪري ٿي يا نه، پر اها پڪ هئي ته سندس من ۾ مون لاءِ نفرت نه آهي. ڪنهن وقت به اظهار ڪري پئي سگهي. مون کي چاهي ٿي يا اهڙو دوست سمجهي ٿي جيئن کاڌي جي ٽيبل تي رکيل سلاد ڪا موري، کيرو يا ڳاڙهي گجر.
    اڄ هن وقت ته ڏنو هيو پر حالتون خراب هيون، خراب ته ڇا ڏاڍيون خراب هيون، شهر جهنگ ۾ لڳل باهه جيان سڙي رهيو هيون، رات چار عمارتون ساڙيون ويون، ٽي هوٽل هڪ پوليس اسٽيشن، پنجن بسن ۽ ٻارهن موٽرسائيڪلن کي باهه ڏني وئي. پنج ماڻهو ماريا ويا ۽ ٻاويهه زخمي ٿيا، صبح سان شهر روان دوان هيو، ساڳيون گاڏيون، ساڳيا ماڻهو ۽ جاڳندڙ عمارتون، رات جيڪي ٿيو سڀني کي ڄاڻ هئي، ڪنهن سان تذڪري جي ضرورت نه هئي. ڪا نئين ڳالهه نه هئي، ائين ٿيندو رهندو آهي. منهنجي سهڻي تون ڪڏهن اظهار ڪندين؟ جڏهن مان ڌرتيءَ تي نه هوندس؟ ڪنهن ٽارگيٽ ڪلر جو نشانو بنجي ويندس؟ يا نسلي تنظيم جي ڪارڪنن هٿان زخمي ٿي تنهنجي در تي پهچندس؟
    اڄ تون وقت ته ڏنو آهي پر منهنجي لاءِ وقت خراب نه آهي، خبر آهي جنهن پارڪ ۾ توسان ملڻو آهي اهو سمنڊ ڪناري شهيد راڻيءَ سان منسوب ٿيل آهي، ان پارڪ اندر هر حالت ۾ گل ٽڙن ٿا. ڪرفيو هجي، ٽارگيٽ ڪلنگ هجي، هڙتال هجي يا رستا بند هجن، اتي ولائتي گلابن جي ڏانڊين جا گُل ڪڏهن نه ٿا ڪومائجن، گينڊي جا گُل موسمن جي معيار تي رنگ نه ٿا بدلائين ۽ دائوديءَ جا واڱڻائي گل ڪڏهن نارنگي نه ٿا ٿين. مان اتي ايندس ۽ ان گل مهري هيٺان تنهنجو انتظار ڪندس جنهن جي ڀڪ ۾ املتاس جون پيلي رنگ جون لڙيون شرم انگيز ڇمڪڻين ۾ تبديل ٿي هوا ۾ لڙڪن ٿيون. ڪا خبر نه آهي هاڻي جڏهن توکي ياد ڪيان ٿو، تون به ياد ڪندين هوندينءَ الاءِ نه؟ شايد تو ناشتو ڪيو هجي ۽ هڏڪيءَ کان جان ڇڏائڻ لاءِ ٿڌي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر اهو ضرور سوچجانءِ ته مان توکي ياد ڪيو آهي.
    مونکي ڪا خبر نه آهي ته هن سان ڪهڙو رشتو آهي، هڪ محبوب جو؟ ڀل نه هجي پر پاڻ کي هن جو عاشق سمجهان ٿو. ٿي سگهي ٿو هن اهڙي عشق جي اظهار لاءِ سڏايو هجي يا کتي جواب لاءِ ته هن جي شادي سوٽ سان ٿي رهي آهي، هو اهڙي اميد نه رکي ۽ وقت گذارڻ لاءِ هڪ وفادار دوست جي صورت ۾ سندس ڏک ونڊائيندو رهي.
    منهنجا وسوسا، منهنجا خدشا، منهنجي مايوسي، دل ۾ دکندڙ انديشن کان جهڪي ويل ڪلها، همت ڇڏائي ويل جسم، خوف کان ڌڙڪندڙ دل، نااميديءَ کان لڙکڙائيندڙ قدم، اڙي شهر جون حالتون.
    شهر روان دوان هلندڙ بس، وچين سيٽ تي ويٺل منهنجو نٻل ڍرو وجود، وسوسن جو طوفان، ٻاهر ٽارگيٽ ڪلنگ، منهنجي گهر کان سمنڊ ڪناري اهو پارڪ ويهه ڪلوميٽر هيو. لوڪل بس هلي پئي رڪي پئي، هر قدم تي ماڻهو لٿا پئي، چڙهيا پئي، ماڻهو چپ، پٿر جا ماڻهو، لوهه جا ماڻهو، ڪپهه جا ماڻهو، ڪاٺ جا ماڻهو، سيمينٽ جي بلاڪن مان ٺهيل پلستر ماڻهو، واڻ مان اڻيل، باهه دونهي ٻاڦ جا ماڻهو، اجنبي ڌارين اکين سان ڏسندڙ ماڻهو، زخم جيان سبيل چپن جا ماڻهو، مون دريءَ کان ٻاهر ڏٺو، روڊ پوئتي ڊڪي رهيو هيو. درين جا ڀڳل شيشا هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هيا. شهر جي هر شيءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مري چڪي هئي، روڊ، رستا، جايون جن ۾ ڪا چرپر نه هئي، ماڻهو ڪلهن تي جيئرا لاش ڍوئي رهيا هيا. خوف جون ڦاٽل اکيون ڪنهن اڻ سڃاتل گوليءَ جي انتظار ۾ هيون.
    بس صفورا چورنگيءَ وٽ پهتي، مايوس مزدورن جا ولر پڙِيءَ تي پريشان، واڍا، رنگ ساز، اوستا، ٽيڪم، بيلچا، تگاريون، برش، دٻا، ڦڙڪي تي ڇاپيل رنگ، رندا، ڪارايون، هٿوڙا، سڀ ڪم بند، موسميات چورنگي، پاروٿيون سبزيون ننڍا دڪان، صوف ساوا ڪچا، زيتونن جي بوءِ، سڙندڙ ڪچرو، ڪيلا ننڍا ڄڻ ڪٽيل هٿ آڱريون، صندل تي رکيل مڇيون، اکيون کليل، وات پٽيل، ڪهاڙيءَ تي ويٺل مکيون، سگريٽ جا ڪش هڻندڙ مهاڻو، نيپا چورنگي، قطار ۾ بيٺل ڪنٽريڪٽ ملازمن جون بسون، چنگچيون، ڄڻ مينهن جي موسم ۾ ٽپا ڏيندڙ ڏيڏر، مڪئيءَ جا داڻا واريءَ ۾ وجهي لوهانڊي ۾ سيڪيندڙ پٺاڻ ڇوڪرو، ٻرندڙ ڪاٺين مان اڀرندڙ دونهو، ڦلي جيان ڦاٽل منهن، بيت الڪرم، مسجد، ناريلن جا وڻ، لڙڪندڙ بم ڊڄي داخل ٿيندڙ نمازي، ڀيڏين کان مٿي شلوارون، ڏڪندڙ پير، ممتاز منزل، عينڪ جو دڪان، شوڪيس ۾ رکيل عينڪون، رنگبرنگي، فريم بي رنگ شيشا، عينڪ جي شيشن مان روڊ ڏي ڏسندڙ ٻه اداس اکيون، عينڪون اکين جي انتظار ۾. حسن اسڪوائر، بس اسٽاپ تي چار شخص، نيلامي ٽاءِ پائي بيٺل اڌ وهيءَ جو سرڪاري ملازم، منهن تي خدشا، مٿي جي پاسن کان پريشان وار، گهر کان واندو گريجيوئيٽ ۽ ڌيءَ کي ڇڏڻ آيل ماءُ. منهن جي گهنجن مان لڳو پئي ڄڻ اها سندس الوداعي موڪلائي هجي. نيو ٽائون، سوڙهو رستو، هڪ ٻئي کي اور ٽيڪ ڪندڙ ٻه ايمبولنسون، هڪ ڊرائيور مائيڪ ۾ چيو.
    “پري هٺ رستو ڏي منهنجو مريض وڌيڪ خطري ۾ آهي.”
    ٻئي ايڪسيلريٽر زور ڏنو ۽ ان کان اڳتي نڪري ويو، جيل چورنگي، جيل جي ٿلهي ڀت ٽارگيٽ ڪلنگ کان محفوظ، بس ڀرسان لنگهيندڙ موٽرسائيڪل، هيلمٽ پائي ويٺل شخص پويان سنهن سوراخن واري ٽوپي پائي ويٺل ننڍي قد وارو شخص، وچ ۾ جهليل پراڻي سڙيل ٽي وي، بهادرآباد، مٺائيءَ جي دوڪان ٻاهران ڪڙهائيءَ ۾ مئل مکيون، ڪپڙي جي دڪان تي ويٺل ميري پينٽ وارو شخص، هوٽل ٻاهران چرغن مان ايندڙ ڪيڪڙن جي بوءِ، هڪ بنگلي ٻاهران پٽ جو انتظار ڪندڙ ماءُ، دعائون ماءُ جي هٿن تي اٽي جيان چنبڙيل آهن. ٽيپو سلطان روڊ، وڳوڙ، ٽائرن کي باهيون، جنازو، جنازي تي رت جهڙا گلاب، رستو بند، منجهيل ٽريفڪ، بس موڙ ڪاٽيندي ائين ڀڳي، جيئن پويان ماچيس جي تيلي هوا ۾ اڏامندي پئي آئي.
    شاهراهه فيصل، ڀرسان لنگهيندڙ رڪشو، ٻه عورتون، هڪ ڌيءَ ٻي ماءُ، رئي ۾ ويڙهيل، ماءُ جي چپن تي قرآني آيتون، تين تلوار، نرسري ڪومايل گُل، پيلاپن، ڪونڊين ۾ پيل ٿوهر، ڪنڊن ۾ ڦاٿل گل، سڪل مٽي، اس ۾ پيل ڀاڻ، باربيڪيو، ٽانڊن تي ٻوٽيون، گهاٽي رس ڇڊي ٽريفڪ، دروازي تي اداس ڪشميري بيرا، سمنڊ ڪنارو، شهيد راڻي پارڪ.
    بس مان لٿس ته هوا ۾ سڪل پن اڏامي رهيا هيا.
    ڪو به ڪونه هيو، سوچيم هوءَ ڀلا ڇو ايندي، گل مهري جو وڻ گلن بنا اگهاڙو لڳي رهيو هيو. ڏاڍو بي شرم هيو املتاس، ويٺس ۽ هڪ گهڙي، ٻي گهڙي، ٽين گهڙي، چوٿين گهڙي، پنجين گهڙي جي آخري ڪناري تي هوءَ ڇوليون هڻندي آئي، منهنجا سڀ وسوسا، خدشا، بدگمانيون، سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، هن کي ڏسي اٿيس، هوءَ ويجهو اچي ويهي رهي.
    “سوچيو هيم شايد نه ايندينءَ” مون چيو.
    “ڪيئن نه ايندس ڇو جو يقين هيو تون ضرور ايندين” هن چيو.
    ٿوري دير لاءِ ٻئي چپ، مون بي ڌيانيءَ ۾ هيٺ ڇٻر کي ڏٺو، وڻ جي ٿڙ تان نظرون مٿي پنن تي پيون، اتان شرميلي ڪوئل اڏامي وئي، هن جي من ۾ آنڌ مانڌ، سوچن ۾ وچڙيل، مون اڳ کيس ائين نه ڏٺو هيو، شايد ڪا ڳالهه من ۾ لڪائي کڻي آئي هئي.
    “شهر خوف جي طوفان ۾ ويڙهيل آهي.” هن چيو.
    “ها” مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو “منهنجي اندر جهڙو خوف جيڪو ان وسوسي کان پيدا ٿي چڪو آهي ته متان انڪار نه ڪرين.”
    هوءَ ذري گهٽ ناراض ٿي وئي.
    “ائين نه سوچيندو ڪر” هن چيو “دشمنيءَ جي دور ۾ اسان ٻئي دوست آهيون.”
    مان مايوس ٿي ويس، هن جي منهن تي مرڪ هئي.
    “پر پيار؟” مون پڇيو “تنهنجون قربتون، ويجهڙايون؟”
    “ايڏو جذباتي نه ٿيءُ” هن چيو “وقت جو انتظار ڪر، حالتون صحيح نه آهن.”
    پريان سمنڊ جي ڇولين جو آواز بکايل شينهن جي گاج جهڙو هيو، مان چپ ٿي ويس، سوچڻ لڳس، شايد هوءَ وقت گذارڻ آئي آهي. سندس من اڃان پيار کان خالي آهي، مون وري چيو.
    “پياري تو بنا ائين مري ويندس، جيئن ڪٽي پهاڙيءَ وٽ ڪرفيو ٽوڙيندڙ شخص”
    هوءَ ويجهو آئي وات تي هٿ رکيائين.
    “ائين نه چئهُ” اڪيلي ٿي ويندس”
    منهنجي من ۾ پيار اڇل ڏني، مون هن جو هٿ وات تان هٽائي هٿن ۾ ورتو. ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.
    سندس ساهه تيز ٿي ويا، مون اندر ۾ طوفان محسوس ڪيو.
    “تنهنجيون اڪيلائيون دور ڪندس” مون چيو “توسان ساڻ هوندس.”
    وڌيڪ ويجهو اچي وئي مون دل ڀرسان سندس دل جو آواز ٻڌو، جيڪو صفا سمجهه ۾ نه آيو، ٻئي چپ هياسين، پريان شايد سلطان آباد جي علائقي مان دونهون بلند ٿي رهيو هيو. ٻه فائر ٿيا اٽڪل چاليهه ڪبوترن جو ولر ٽاهه کائي اڏاميو، مٿان لنگهيو، مون ڏٺو سڀ ڪبوتر ڪارا نه هيا، ڪجهه اڇا به هيا، هن جي رئي جهڙا جيڪو هلڪي هوا ۾ منهن جي منهن ڀرسان لهرائي رهيو هيو. هن کي اڳ ڪڏهن مون ايڏو ويجهو نه محسوس ڪيو هيو.
    “پياري” مون التجا ڪئي “تنهنجي پيار جي اظهار جا ٻه لفظ گهرجن”
    هن ڪنڌ کڻي منهنجين اکين ۾ ڏٺو، هن جي اکين ۾ پيار جو سمنڊ هيو.
    “ها” هن چيو “توسان پيار ڪيان ٿي.”
    منهنجي دل شهيد راڻي پارڪ جيڏي وسيع ٿي وئي، من ۾ وڻ پوکيل هيا، بينچون رکيل هيون، هر بينچ تي هوءَ ويٺل هئي ۽ چپن تي پيار جي لافاني مرڪ هئي. جيڪا مون لاءِ هئي.
    هن جي پيار جو اظهار، من سرور ۾ ويڙهجي ويو، سلطان آباد وٽ دونهون وسامي ويو. ڪبوترن جو ولر واپس وري ويو. ملڻ جو واعدو ڪري موڪلايائين، اکين ۾ لڙڪ هيا چپن تي مرڪ هئي.
    “پنهنجو خيال ڪجانءِ، خدا حافظ” هن چيو. مون چيو.
    بس هلي ماڻهو چپ هيا، سامهون عورت جي هنج ۾ ٻار مرڪي رهيو هيو.باربيڪيو، ٽانڊن تي ٻوٽيون، ڇتي بک، دروازي تي خوشمزاج ڪشميري بيرا، تين تلوار، نرسري، ٽڙيل گل، ساوا پن، ڪونڊين ۾ پيل منفرد ٿوهر، سگهارو ڀاڻ، پائيپ سان پاڻي ڏيندڙ مالهي، شاهراهه فيصل، ڀرسان لنگهيندڙ رڪشو، ويٺل هڪ ڌيءَ ٻي ماءُ، ماءُ رئي ۾ ويڙهيل، ڌيءَ وارن ۾ ڳاڙهو بڪل، ڪنن ۾ هيڊ فون، چپن تي گانا، ٽيپو سلطان روڊ، وسائيل ٽائر، لڳل طنبو، ماڻهن جو هجوم، شاديءَ جي دعوت، بهادر آباد، مٺائيءَ جو دوڪان، ڪڙهائيءَ ۾ جليبي، ڪپڙن جو دوڪان ويٺل خوشپوش شخص، هوٽل، ٻاهران لڙڪندڙ ذائقيدار چرغا، هڪ بنگلي ٻاهران پٽ جو آڌرڀاءُ ڪندڙ ماءُ “دعائون سڻڀي مانيءَ جيان ٻڪ ۾ پيل، جيل چورنگي، جيل جي ٿلهي ڀت، حفاظت جو احساس، بس ڀرسان لنگهيندڙ موٽرسائيڪل، هيلمٽ پائي ويٺل شخص، پويان سنهن سوراخن واري ٽوپي پائي ويٺل ننڍي قدر وارو شخص وچ ۾ رکيل مٺائيءَ جي پيٽي، نيو ٽائون، خالي رستو، خاموش بيٺل ايمبولنسون، حسن اسڪوائر، نظر ايندڙ چار شخص، نيلامي ٽاءِ پاڻي ڊيوٽيءَ تان موٽندڙ سرڪاري ملازم، منهن تي سرهاڻ، نجات جو احساس، شڪراني جا تاثر، سونف سپاري کائيندڙ واندو گريجيوئيٽ، واپس ايندڙ ڌيءَ کي گهر وٺي ويندڙ، پرمسرت ماءُ، ممتاز منزل، عينڪن جو دڪان، شوڪيس ۾ رکيل عينڪون، رنگبرنگي فريم، پرنور شيشا، عينڪ جي شيشن مان روڊ ڏي ڏسندڙ ٻه نيريون اکيون، سپنن ۾ سمهيل عينڪون، بيت المڪرم، مسجد، ناريلن جا وڻ، اڇي ڏونگهي، خوشبودار پاڻي، مسجد مان نڪرندڙ مطمئن نمازي، ڀيڏين کان مٿي سلوارون، ڌوتل پير، نيپا چورنگي، گهر ويندڙ ملازمن سان ڀريل ڪنٽريڪٽ بسون، روڊ تي رونق ڪري بيٺل چنگچيون مڪئيءَ جا داڻا واريءَ ۾ وجهي لوهانڊي ۾ سيڪي پاڻ کائي خوش ٿيندڙ پٺاڻ ڇوڪرو، ٻرندڙ ڪاٺين سان اڀرندڙ دونهي ۾ بيدمشڪ جي بوءِ، موسميات چورنگي، گاڏا، تازيون سبزيون، ڪشادا دڪان، صوف سوادي، ذائيقيدار زيتون، سڙي ويل ڪچرو، ڪيلا ڊگها، پرينءَ جا هٿ آڱريون، صندل تي رکيل مڇيون، ڪهاڙيءَ سان ڇليندڙ مهاڻو، بيٺل گراهڪ، صفوران چورنگي، مزدورن جا ولر، واڍا، رنگساز، اوستا، ٽيڪم، بيلچا تگاريون، برش، دٻا، ڦڙڪي تي ڇاپيل رنگ، رندا، ڪارايون، هٿوڙا، سڀ ڪڍ، اڳيان ڪم تي وٺي ويندڙ شخص منهنجي منزل، تنهنجو پيار.


    وسري ويل ڪهاڻي

    انسان جو هر عمل ان جي دماغ کي جيئرو رکڻ هوندو آهي، هو دراصل پوڙهو نه ٿيو هيو پر زندگيءَ ۾ تجربن جي آڌار تي ڄڻ پوڙهائپ جي حدن کي وڃي پهتو هيو. دماغ ۾ ايڏا ته گهنج آهن جو پوڙهي انسان جي چمڙيءَ ۾ به نه.
    اها اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي ڪجهه لکندي ڪا ڳالهه هن جي دماغ ۾ وڄ جيان چمڪي وسامي وئي، ٻئي ڏينهن هن ياد ڪيو پر اها ڳالهه هن جي پوڙهي دماغ مان هميشه لاءِ نڪري چڪي هئي. هو دماغ جي سطح تي ڇولين جيان بلند ٿيندڙ ۽ اڳتي وڌندڙ خيال اڪثر پنهنجي نوٽ بڪ ۾ لکي قيد ڪري ڇڏيندو هيو پر هن ان ناياب ڪهاڻيءَ جي خيال کي سٺي طريقي سان ياد ڪري اهو سوچي نوٽ نه ڪيو جو هن اهو ترت لکڻ پئي چاهيو پر افسوس اهو خيال ڪنهن لهندڙ وير جيان ويندي سڀ پيرا ڊاهي ويو. هن کي هاڻي اهو خيال ذهن جي ڪنهن به اونداهيءَ ڪنڊ ۾ ڪٿي ڪنهن اٻاڻڪي انسان جيان ويٺل نظر نه آيو.
    زندگيءَ جي تجربن هن کي پوڙهو ڪري ديوانگيءَ جي حد تي پهچائي ڇڏيو هيو. هن ڪيترا دفعا محسوس ڪيو ته دنيا جي هر شيءِ آڏين ترشين لڪيرن ۾ تبديل ٿي ڊهندي پئي وڃي، ماڻهن جون شڪليون اجنبين ۾ تبديل ٿينديون پيون وڃن.
    شايد دنيا ۾ ڏک ۽ روئڻ اهڙيون شيون آهن، جنهن کي ياد ڪرڻ جي ضرورت نه آهي اهي انسان جي اکين جو حصو آهن ۽ هن جون اکيون به ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هن سوچيو جيڪر هو ان ناياب ڪهاڻيءَ جي پلاٽ تي ان وقت لکي محفوظ ڪري ها! اهو عظيم تصور جنهن جهڙو پهريون ڪڏهن به هن جي دماغ ۾ نه آيو. هو ان موضوع تي ايترو ته گهرائيءَ مان لکي پئي سگهيو جو اهو هن کي دنيا ۾ امر بڻائي سندس مان مٿانهون ڪري ها. هونئن ته راهن تي هلندي ڪيترائي خيال ۽ تصور هن جي دماغ ۾ اڀرندا ۽ لهندا هيا پر شايد اهي اهڙا اهم نه هيا جهڙو اهو خيال اهم هيو جيڪو هو هاڻي وساري ويٺو هيو.
    اهو سوچي ته من اهو خيال وري هن وٽ واپس اچي هو ڪجهه پنا ۽ پين کڻي اهڙي هنڌ اچي ويٺو جتي ويراني ۽ سانت هئي، پوءِ هن ان وسري ويل خيال کي وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو. هن دماغ تي زور ڏنو ۽ سوچيو، شايد اهو عظيم تصور ان چانڊوڪيءَ رات جو هيو جن ڏينهن هو عشق ۾ مبتلا هيو. تنهن رات هن چنڊ کي ڏسي ڪو نظم پئي لکڻ چاهيو. اها پاڻيءَ جي مند ۽ اونهاري جا ڏينهن هيا. جڏهن پوکن ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي ۽ سارين جا سِلا گرم هوا ۾ موسمي بخار جي مريضن جيان ڏڪندا آهن. اهو هن جي هائوس جاب وارو وقت هيو جڏهن اڌ رات جو هو اسپتال مان نڪري هاسٽل وڃي رهيو هيو. هاسٽل اتان ڏيڍ ڪلوميٽر پري هئي، تن ڏينهن اڃان اهو روڊ پڪو نه ٿيو هيو ۽ نانگ اتي وڪڙ هڻي ائين گهمندا هيا جيئن اهي وڪڙ ڪنهن جي ياد جيان هن جي ذهن جي گهرائين مان ڪَرُ کڻندا هجن. چوڏهينءَ جو چنڊ آڪاش ۾ نروار هيو پر هو ڪنڌ کڻي مٿي چنڊ کي نه پئي ڏسي سگهيو. اتي وک وک تي نانگ گهمي رهيا هيا.
    ان رات هن کي افسوس ٿيو هيو ڇو جو هو چنڊ تي نظم نه لکي سگهيو هيو. پنهنجي عاشقيءَ وارا ڏينهن ياد ڪري هن ٿڌو ساهه کنيو، ها بيشڪ عشق، محبت، پيار، ادب، شاعري، خوف ۽ محرومي دنيا جا وڏا موضوع آهن. هن سوچيو پر اهو ڪو ٻيو موضوع هيو جنهن کي هو وساري ويٺو آهي.
    پوءِ هن کي رات جو پنهنجي هڪ اديب دوست سان گڏ کاڌل اها ماني ياد آئي، جيڪا هڪ يادگار ماني هئي، هو ٻئي کائي رهيا هئا ۽ ڳالهائي رهيا هيا. هنن جي ڳالهين جو موضوع انهن جا اهي وڇڙي ويل دوست هيا جيڪي سڀ جوانيءَ ۾ غير فطري موت حوالي ٿي ويا هيا.
    “ها... هو ڪينسر جو کاڄ ٿي ويو.” هن جو دوست وڏي ڏک مان ٻڌائي رهيو هيو.
    “۽ هو... هو سلهه جي ور چڙهي ويو.”
    ٿوري وقفي کانپوءِ گرهه چٻاڙيندي ٻنهي مان هڪ ڳالهايو.
    “۽ هو... هو وڏيري جي بندوقن مان نڪتل گولين حوالي ٿي ويو.”
    هو وڏي افسوس مان انهن کي ياد ڪندا رهيا.
    “هائو دوست زندگيءَ جي تند ڏاڍي سنهي ۽ تيز آهي، وڍي ٿي ۽ ڇڏندي دير ئي نه ٿي ڪري.”
    پوءِ هن جي دوست چيو “ڪهڙي خبر هيءَ گرهه جيڪو هٿ ۾ آهي توسان گڏ چٻاڙيل زندگيءَ جو آخري گرهه هجي.”
    ٿوري دير کانپوءِ هنن موڪلايو، هڪ هفتي کانپوءِ هن کي خبر پئي سندس اهو دوست دل جي دوري سبب فوت ٿي چڪو آهي.
    هو پنهنجي ان اديب دوست کي ياد ڪري اداس ٿي ويو ۽ پوءِ سوچيو، بيشڪ ياري دوستي، غربت بيماريون، ظلم ۽ موت زندگيءَ سان لاڳاپيل اهم موضوع آهن. پر هن ڪا ٻئي ڳالهه لکڻ پئي چاهي جيڪا هو وساري ويٺو آهي.
    هن وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو، هن دماغ تي زور ڏئي سوچيو، شايد اهو عظيم تصور انهن ڪمانين جيان وڪڙ کاڌل ويڪرن دروازن واري بئريج ڀرسان ٺهيل ان ڪکائين ڳوٺ ۾ رهندڙ باگڙين جي باري ۾ هيو جتي ڪنهن زماني ۾ هن جي اسپتال هئي.
    ڪجهه يادگيريون ٻڏنديون ترنديون اکين اڳيان اڀري آيس، هڪ ٿرماميٽر جيڪو سيءَ ۽ بخار کان ٿڙڪندڙ ان باگڙيءَ جي وات ۾ ويو ۽ جڏهن ڪجهه دير کانپوءِ هن واپس ڪڍيو ته ان جو پويون پاري وارو حصو غائب هيو. هو حيران ٿي ويو.
    “مون ٿرماميٽر ته تنهنجي وات ۾ ثابت وڌو، هن جو پويون حصو ڪيڏانهن ويو؟ هن باگڙيءَ کي چيو.
    “سائين رب جو قسم آ... مان ڪجهه نه ڪيو، اهو ائين ئي هيو جيئن آهي.”
    هو وائڙن جيان ڪڏهن ٿرماميٽر کي ته ڪڏهن باگڙيءَ کي ڏسندو رهيو.
    “بابا سچ ٻڌاءِ... پئسا نه ڀرائيندو مانءِ، هن جو پويون حصو ڪاڏي ويو؟”
    باگڙي صفا ڳالهه ئي نه مڃي، جڏهن هن سمجهائيس ته جيڪڏهن اهو هن جي پيٽ ۾ بنا علاج جي پيو هوندو ته کيس جان جو جوکو سمجهڻ گهرجي، تڏهن باگڙيءَ سچي ڪئي ته “ها سائين برابر وات ۾ وجهڻ مهل غلطيءَ سان ان تي ڏند اچي ويو. هو ڀڳل حصو اهو سوچي اڳري ويو ته متان ان جا پئسا نه ڀرڻا پون.”
    ان مسڪين باگڙيءَ جي ڳالهه ياد ڪري هن کلي ڏنو، ها غربت ۽ جهالت هڪ وڏو موضوع آهي، پر اهو ڪو ٻيو عظيم خيال هيو جنهن جيڪو هن کان وسري چڪو آهي.
    پوءِ هن کي پنهنجو اهو دوست ياد آيو جيڪو هڪ حادثي ۾ فوت ٿي چڪو هيو، هن جو ڀائرن جهڙو عزيز دوست جيڪو هن کي هميشه نصيحت ڪندو هيو ته “گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل سڃاڻپ ڪارڊ کيسي ۾ ضرور رکندو ڪر.”
    هن جو اهو دوست هڪ ڏينهن ڪراچيءَ جو روڊ ٽپندي حادثي جو شڪار ٿي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هن جو لاش لاوارث روڊ جي هڪ پاسي گهڻي دير پيو رهيو ڇو جو ڪو شاهينگ مرڻ کانپوءِ هن جي کيسي ۾ رکيل پرس سڃاڻپ ڪارڊ سميت ڪڍي هليو ويو هيو. هو پنهنجي مرحوم دوست کي ياد ڪري ڏاڍو رُنو ڇو جو هو هن جي ننڍپڻ جو ساٿي ۽ ڪراچي جهڙي ظالم شهر ۾ واحد ماڻهو هيو جنهن سان هو دل جا حال ونڊي ذهن جو بار هلڪو ڪندو هيو.
    هن سوچيو واقعي زندگيءَ جا حادثا، ڏک، درد ۽ غير انساني سلوڪ وڏا موضوع آهن، پر اهو ڪو ٻيو لازوال آفاقي موضوع هيو جيڪو هن جي ذهن مان نڪري چڪو آهي.
    پوءِ هو هڪ دفعو وري خيالن ۾ گم ٿي ويو، تن ڏينهن هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ استاد هيو، ان شعبي جي ميوزم ۾ انساني جسمن جا ڪٽيل حصا فارملن سان ڀريل شيشي جي وڏن سلنڊرن ۾ رکيل هوندا هيا. اتي هڪ وڍيل انساني منڍي شيشي جي هڪ وڏي جار ۾ رکيل هوندي هئي، هو جڏهن به ان جار ڀرسان اچي بيهندو هيو ته هن کي ان اندر رکيل منڍي ائين محسوس ٿيندي هئي جيئن اها پاڻيءَ اندر ترندڙ ڪنهن جيئري شخص جي حيرت مان هن ڏانهن ڏسندڙ شڪل هجي. ان جون اکيون حد کان وڌيڪ کليل هونديون هيون جن ۾ هزارين سوال ڳوڙهن جيان اٽڪيل هوندا هيا. گول ويڪرو وات ۽ نرڙ جا گهنج سڀ ملي هڪ درد ناڪ احساس پيدا ڪندا هيا. اهو هڪ نوجوان جو چهرو هيو جيڪو فارملن جي ڪيميڪل ۾ محفوظ ٿي ويو هيو. ڪيترائي سوال، ڪئي ڳجهارتون ۽ حيرانگي اتي برف جيان ڄميل هيون. آخر اهو نوجوان ڪير هيو؟ ان جي موت جا ڪهڙا ڪارڻ هيا؟ اهو سوچي هڪ ڏينهن هن رجسٽر ۾ داخل انهن ڊيڊ باڊين جي وصوليءَ وارين تاريخن تي نظر ڊوڙائڻ شروع ڪئي. ٽي سال اڳ هڪ نوجوان ناري ۽ ڇوڪري جي لاوارث لاشن کي سول اسپتال جي سرد خالي مان وصول ڪيو ويو هيو جيئن انهن لاشن جي چير ڦاڙ ڪري ايناٽاميءَ جا شاگرد ڄاڻ حاصل ڪري سگهن هن ٻئي ڏينهن سول اسپتال وڃي ان ساڳي تاريخ ۾ جڏهن رجسٽر جاچيو ته اهي ٻئي لاش پوليس ان شهر جي هڪ ڀرواري ڳوٺ مان هٿ ڪيا هيا. هو جڏهن ان ڳوٺ جي ماڻهن سان مليو ته ڪنهن به ان راز تان پردو نه کنيو ته آخر انهن جي موت جا ڪهڙا سبب هيا. هرڪو ماڻهو ڊنل هيو ۽ هن کي حقيقت جي ڪا به پروڙ پئجي نه سگهي. هو جڏهن واپس موٽيو ته ان ڪٽيل منڍيءَ اڳيان بيهندي هن محسوس ڪيو جيئن اها منڍي هن جي پنهنجي هجي. ڇو جو هن جي اکين ۾ به ساڳيا سوال هيا جيڪي ان ڪيميڪل اندر پيل منڍيءَ جي اکين ۾. هن سوچيو بيشڪ ظلم ۽ جبر وڏا موضوع آهن پر اهو ڪو وڏو موضوع هيو جيڪو هن کي ياد نه رهيو آهي.
    اهو سوچي هن وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪن گهرن خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن تصور ۾ مزدورن جو اهو ڳوٺ ڏٺو جيڪو شهر کان ٻاهر ان وڏي ۽ ويڪري روڊ کان اندر ويندڙ ڪچي رستي وٽ هيو، جنهن ۾ سوين مزدور سوڙهين گهٽين اندر ڪچين ڀتين وارن گهرن ۾ لاتعداد ڪارن ٻارن واري لشڪر سميت سٿيا پيا هوندا هيا. ان ڳوٺ جا رهواسي ويهارو سال اڳ مسلمان ٿيا هيا. ان کان اڳ اهو ڳوٺ ڀيلن جي ڳوٺ سان مشهور هوندو هيو. مولوي نذير نالي ڪنهن بزرگ انهن کي مشرف به اسلام ڪيو ۽ پوءِ اتان جي ننڍن وڏن ڪيترا ڏينهن ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌيون، انهن واعدو ڪيو ته اهي مستقبل ۾ دين تي پورو عمل ڪندي روزي نماز جي پابندي ڪندا ۽ ڪڏهن به ڳوهون ۽ ڏيڏر نه کائيندا.
    ڳوٺ ۾ ٺاهيل مسجد ويران پئي هوندي هئي، اهي نه نمازون پڙهندا هيا ۽ نه ئي ڪا روزي عبادت جي مقصد ۽ مطلب جي انهن کي خبر هئي، ان ڳوٺ جو چڱو مڙس جنهن کي ٿلهي جسم تي پيٽ کان مٿي گنجي پاتل هوندي هئي ۽ گوڏ سندس ٻاهر نڪتل اڌ پيٽ تي ٻڌل هوندي هئي. اهو گوڏن جي سور کان پنهنجي گهر جي در ٻاهران ويٺل هوندو هيو. مزدورن جي ان ڳوٺ جا ماڻهو سڄو ڏينهن نوجوان عورتن کي ساڻ ڪري شهر ۾ ٺهندڙ عمارتن تي ڪم ڪندا هيا ۽ شام جو موٽندي چرس جا روڙا اهڙي ته مهارت سان لڪائي کڻي ايندا هيا جو درياهه ڪناري ٺهيل باغ ڀرسان بيٺل پوليس وارا جڏهن انهن جي تلاشي وٺندا هيا ته گهڻي ڪوشش جي باوجود اهي ان لڪايل چرس کي حاصل نه ڪري سگهندا هيا. رات جو سڀ ڳوٺ وارا گڏجي ويهندا هيا ۽ پوءِ اهو ڳوٺ چرس جي ناسي دونهي ۾ پورجي ويندو هيو. ڳوٺ جو چڱو مڙس هڪ وڏي ديڳ مان سڀني کي ماني ورهائي ڏيندو هيو. انهن کي نشي ۾ اها خبر نه پوندي هئي ته هو پنهنجيءَ زال سان ستل آهن يا پرائيءَ عورت سان. ڳوٺ جا سڀ ٻار انهن جي گڏيل ملڪيت هوندا هيا. انهن جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي هو ڪڏهن به پنهنجي ۽ پرائي ۾ فرق محسوس نه ڪندا هيا. جيڪي ڪمائيندا هيا اهو ايمانداريءَ سان چڱي مڙس حوالي ڪندا هيا ۽ چڱو مڙس لاهي پائي سڀ انهن مٿان خرچ ڪندو هيو. ٻار ڄڻيندي اڪثر عورتن جو موت واقع ٿيندو هيو پر ڳوٺ ۾ ڪو روئندو نه هيو، ڪڏهن ڪو ٻار وڏي روڊ ڏي نڪري ڪنهن گاڏيءَ هيٺان اچي چيڀاٽجي ويندو هيو ته شهر جي ميونسپلٽيءَ وارا ان کي کڻائي ويندا هيا. ڪو ماڻهو ڳوٺ وارن تي ڪاوڙبو هيو ته سندن در ٻاهران بيهي ڀيڻ ماءُ جون ڪچيون گاريون ڏيندو هيو ۽ هو هٿ ٻڌي جان ڇڏائيندا هيا. اهي جن کي نوان مسلمان چيو ويندو هيو تن کي نه دوزخ جو خوف هيو ۽ نه جنت جي لالچ. دونهي ۾ ويڙهيل اهو هڪجهڙين ڪچين هڪ ماڙ جائين وارو ڳوٺ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڪنهن خواب جيان هوندو هيو.
    هن سوچيو بيشڪ عزت ۽ جهالت دنيا جا وڏا موضوع آهن پر اهو ڪو اهڙو خيال هيو جيڪو منفرد ۽ نواڻ سان ڀرپور هيو.
    هو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هن جي اکين اڳيان هڪ شخص جو چهرو تري آيو. هڪ ڏاڙهي مڇون ڪٽيل ڊگهي منهن وارو شخص جنهن کي مٿي تي ٽوپلو ۽ لنڊا مان ورتل چمڙي جو ڪوٽ پاتل هوندو هيو. هو ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري اڌ منهن ڍڪي وات ۾ هڪ پراڻو پائيپ وجهي ڪاري عينڪ سان رات جو اڪثر هن جي هاسٽل واري ڪمري جي دريءَ وٽ اچي نروار ٿيندو هيو. هو ان کي ڏسي ڪمري جو در کوليندو هيو ۽ پوءِ اهو شخص ڪنهن ڊنل چور جيان اچي ائين ڪرسيءَ تي ويهندو هيو جيئن پوليس ان پويان پيل هجي.
    “بس ڪامريڊ هاڻي دير نه آهي.” هو اتاولو ٿي چوندو هيو.
    “انقلاب ٻن چئن قدمن جي فاصلي تي آهي.”
    هو پائيپ مان زهريلي دونهي جا ڪش هڻي ڳالهائيندو هيو.
    “توکي هر امتحان لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اسان کي تو جهڙي سڄاڻ ۽ ذهين ماڻهوءَ جي سخت ضرورت آهي.”
    پوءِ هو سوشلزم ۽ ڪميونزم تي اهڙو ته ڳالهائيندو هيو جو هن جي ڳالهين جا حوالا ڪنهن به ڪتاب ۾ موجود نه هوندا هيا. تن ڏينهن شراب پيئڻ ۽ سوشلزم تي ڳالهائڻ فيشن هوندو هيو. ترقي پسند، رجعت پسند، پرولتاري ۽ بور زوا جا لفظ هر لکيل پڙهيل جي زبان تي هوندا هيا. ترجمو ٿيل روسي ادب ڪتاب گهرن تي عام وڪري لاءِ سستي اگهن تي موجود هوندو هيو. ڪارل مارڪس ۽ لينن کي پنهنجو رهبر سمجهندي هر ڪنهن وٽ ڪميونزم ۽ سوشلزم جي باري ۾ الڳ الڳ خيال ۽ بحث هوندا هيا.
    اهو پراسرار شخص جنهن کي هو ڪامريڊ چمڙا پوش چوندو هيو، اڪثر راتين جو اچي هن سان بحث ڪري نوان مونجهارا پيدا ڪندو هيو. هڪ رات ڪامريڊ چمڙا پوش اوچتو ڪاري عينڪ سان اچي هن جي ڪمري وٽ دريءَ مان نروار ٿيو ۽ ان ڪمري ۾ گهري ڪوٽ جا چمڙي وارا ڪالر مٿي ڪندي هن کي چيو
    “اٿ ڪامريڊ انقلاب جو وقت اچي ويو آهي، اڄ تنهنجو امتحان آهي.”
    هو ڪامريڊ جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿيو ۽ سڀ ڪم اڌ ۾ ڇڏي هن سان گڏ تيزيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪتو. ٻاهر نڪري ڪامريڊ چمڙا پوش هن کي اڳيان سائيڪل تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ هو رات جو اوندهه ۾ سنسان روڊ تي تيزيءَ مان سائيڪل هلائيندو هن کي شهر کان ٻاهر هڪ قبرستان ۾ وٺي آيو. سياري جا ڏينهن هيا ۽ هو ٿڙ ٿڙ پئي ڏڪيو. ماحول ائين هيو جيئن ٿڌ ڪري قبرن جي وات مان ٻاڦ پئي نڪتي.
    ڪامريڊ چمڙا پوش هن کي سائيڪل تان هيٺ لاهي مرڪيو ۽ چيو
    “شاباس ڪامريڊ تون اڄ هڪ وڏي امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهين، تو ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به ضرورت وقت تون بنا ڪجهه سوچڻ جي انقلاب لاءِ ڪم اچي سگهين ٿو.”
    پوءِ هن چيو “بس تنهنجو امتحان پورو ٿيو، هاڻي واپس سائيڪل تي ويهه ته توکي هاسٽل ڇڏي اچان.”
    هن جي ڌنڌلين يادن ۾ اڄ به ڪامريڊ چمڙا پوش سج اڳيان اڀرندڙ دونهي مان هيٺ ڌرتيءَ تي ٺهندڙ پاڇن جيان غير واضح پر موجود ضرور هيو. هن سوچيو، بيشڪ انقلاب ۽ بي وقوفي اهم موضوع آهن پر اهو ڪو اهڙو موضوع هيو جيڪو عظيم هيو.
    هن کي ان انفرادي موضوع کي ياد ڪندي گهڻي ويل لنگهي وئي اهو انوکو موضوع جنهن کي هو وساري ويٺو هيو اهو هن جي ذهن جي ڪنهن به اونداهي ڪنڊ ۾ ڪرڻي جيان ظاهر ٿي ڪو نه نڪتو. هو نيٺ بيزار ٿي ويو. اهو موضوع شايد ڪو وهم يا وسوسو هيو جنهن جي ڪا به حقيقت نه هئي. آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته وڌيڪ سوچڻ فضول آهي، پوءِ هن ٿڌو ساهه کڻي جسم کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ آرام سان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. واءُ لڳي ۽ هن جا ڪهاڻي لکڻ لئي ڪاغذ هوا ۾ اڏامي هليا ويا. هن سٽ ڏئي پين کي پري ڦٽو ڪيو. هو ڪيتري دير ائين ويٺو رهيو، هن ساهه ائين پئي کنيو جيئن اهي هن جي زندگيءَ جا آخري ساهه هيا.
    اوچتو هن جون اکيون ڪنهن اوندهه ۾ تيز روشنيءَ جيان کلي ويون سندس پوڙهي جسم ۾ سگهه اچي وئي. هو اٿيو ۽ هن پري اڇلايل پين ۾ وڃي هٿ ڌو، هو ڊڪندو انهن ڪاغذن پويان ويو جيڪي واءُ ۾ وکري چڪا هيا. هن ڪاغذ هٿ ڪيا ۽ پوءِ هن تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو.
    اوچتو اهو انفرادي موضوع هن جي ذهن ۾ واپس اچي چڪو هيو.


    ڦُڙا


    هو ويران جاءِ ڳولهيندا رهيا، ويراني عاشقن جي جنت هوندي آهي، گُل، ٻوٽا، وڻ، ڦل، هوا، پاڻي ۽ جبل عشق جي پيداوار آهن. هو جيڪي وڇڙيا ۽ ملي، نه وڇڙجڻ جي حسرت ۾ رليا، اڪيلائيءَ جي ڳولها ۾، جتي پهچي وجهو اچي سگهن، اندر جي باهه اوتي سگهن.
    باهه جا ٻه قسم آهن، اندر جي باهه ۽ ٻاهر جي باهه، ٻاهر جي باهه نظر ايندي آهي، اندر جي باهه محسوس ڪبي آهي. عشق جي باهه سيني ۾ ۽ بکايل جي باهه پيٽ ۾ هوندي آهي. انسان قيامت جو منظر آهي، دل جنت ۽ پيٽ دوزخ آهي.
    اهي هجومن کي چيريندا اڳتي وڌندا رهيا، ويراني ڪٿي به نه هئي، اڪيلائي ڪٿي به نه هئي. انهن ٻن جي اڪيلائي.
    ٻن جي اڪيلائي انڪري ته اهي هڪ هيا، جدائي ٻه تخليق ڪندي آهي ۽ ميلاپ هڪ، اهي الڳ هيا ته ٻه هيا، مليا ته هڪ ٿيا. انهن جي وڇوڙي جو سبب وقت هيو. وقت جيڪو سدائين ساڳيو نه آهي. وقت جيڪو ٽڪنڊو آهي، چوڪنڊو آهي، مستطيل، گول ۽ ڊگهي لڪير آهي، ڪڏهن انسان گول ڦري ٿو، ڪڏهن چار پاسا، ڪڏهن ٽڪنڊي ۾ وچڙجي پاڻ سان ٽڪرائجي پوي ٿو ۽ ڪڏهن ڊگهي لڪير ۾ بي مقصد هلندو رهي ٿو.
    انهن وقت جي قيد کان فرار ٿيڻ چاهيو پئي، هڪ اهڙي آزادي جنهن ۾ ويجهو اچي هڪ ٻئي ۾ قيد ٿي سگهن. فرار جي حسرت ۾ ڊوڙندي انهن جي اميد جا پير گسي ويا پر هو نااميد نه هيا. مدتن بعد مليا هيا ۽ کين پڪ هئي ته اهڙي جاءِ تي پهچندا جتي ڪو به نه هوندو. هو ويجهو اچي هڪ ٻئي کي ڏسي سگهندا، دل جي حسرت پوري ڪري سگهندا ۽ ڀڙ ڪندڙ باهه وسائي سگهندا.
    اڪيلائين طرف ڊوڙندي هن، ان کي چيو “انتظار جي عمر وڏي آهي.”
    “پر انتظار ۽ خضر موت جي قيد کان آزاد نه آهن.” ان چيو.
    “وڇوڙي جو عرصو حياتيءَ جو خال آهي.” هن چيو.
    “حياتيءَ جو خال اڻ هوند آهي ۽ اڻ هوند ۾ ميلاپ آهي.” ان چيو.
    هو هلندا رهيا ۽ ڊوڙندا رهيا.
    “وڇوڙي جون مدتون ميلاپ سان زائل ٿي وڃن ٿيون.” هن چيو.
    “وڇوڙو ميلاپ جو خواب آهي.” ان چيو.
    “سيني جي شاخ ۾ لڙڪندڙ دل ڳوڙهي جو عڪس آهي.” هن چيو.
    “دل جسم تي اميدن جو داغ آهي.” ان چيو.
    جڏهن ويجهڙائي جي حسرت ۾ جلي رهيا هيا ته مينهن وسي رهيو هيو، ٽمندڙ پاڻي انهن جي چپن وٽ ضايع ٿي رهيو هيو. سندن اڃ اجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هيو. اهي آلي ڌرتيءَ تي خشڪ هوا جيئن هلي رهيا هيا. انهن وٽ وڇوڙو ڌرتي ۽ آسمان جي وٿيءَ جو احساس هيو.
    “مون وٽ ميلاپ جو تصور سج گرهڻ آهي.” هن چيو.
    “۽ مون وٽ چنڊ گرهڻ” ان چيو.
    “ڇا تون رات ۽ مان ڏينهن آهيان؟” هن پڇيو.
    “نه” ان چيو “ڏينهن ۽ رات جو ميلاپ”
    هلندي هن کيس عجب مان ڏٺو ۽ چيو “مان صبح آهيان جتي رات ڏينهن سان ملي ٿي.”
    “۽ مان سانجهي جتي ڏينهن رات سان ملي ٿو.” ان چيو.
    اهي هلندا رهيا، وڇوڙي جي پوروڇوٽ لڪيرن تان، وڇوڙي جون پوروڇوٽ لڪيرون جيڪي انهن جي پيڙا جو عذاب محسوس ڪندي ڪاتب جي ڏڪي ويل هٿ جي جنبش سان ملي هڪ ٿي ويون هيون. پوروڇوٽ ڊگهيون لڪيرون جيڪي مئل زندگيءَ جو نشان هيون، لڪيرن جي جنبش جنهن ۾ زندگيءَ جي حرڪت هئي. لڪيرن جو ميلاپ ۽ لڪيرن تان لنگهيندڙ ٻن دلين جو ميلاپ جيڪو وڇوڙي جي اڻ کٽ فاصلي جو انت ۽ هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڄڻ جي جستجو ۽ لامڪان ڏي ويندڙ اهڙو سفر جنهن کٽڻ جو نانءُ نه پئي ورتو. هو هلندي ٿڪجي پيا.
    “پيار جا ڏيئا شهوت جي بهشت ۾ ٻرن ٿا.” هن سهڪندي چيو.
    “ها” ان چيو “بهشت دوزخ ۾ سڙي ٿو.”
    هو سڙي خاڪ ٿي چڪا هيا، اندر جي اڃ اجهائڻ لاءِ کين اڪيلائي نصيب نه ٿي، جڏهن هڪ ويراني ۾ پهتا ته ويل لنگهي چڪي هئي، هو عمر جي خزان ۾ سڙي ويل وڻ جي ڇڊي ڇانوَ ۾ ويٺا، انهن هٿ هٿ ۾ ڏنو ۽ دل کولي رُنا، جڏهن ڳوڙهن جا ڦُڙا ٻاهر نڪتا ته مطمئن ٿيا.


    ڀڳل روڊ

    ڪراچي سٽي گورنمينٽ جي حد ڄڻ موسميات چورنگيءَ وٽ ختم ٿئي ٿي، سڀ اورهيڊ پليون، ويڪرا صاف رستا ۽ ٽريفڪ جو نظام موسميات چورنگيءَ کان پهريون آهي. اوهان جيئن موسميات چورنگي ٽپندا ته گندگي، ڀڳل روڊ، اڀرندڙ گٽر ۽ ٽريفڪ جي پيهه شروع ٿي ويندي.
    منهنجو گهر موسميات کان اڳتي، صفوران چورنگيءَ کان چار ڪلوميٽر پري سڄي پاسي سپرهائي وي ڀرسان آهي. اهو چار ڪلوميٽر روڊ ڪڏهن ائين هوندو هيو جيئن ڪنهن گم ٿي ويل شهر جي کنڊر جي رستي کي کوٽي ڳولهيو ويو هجي. هر هنڌ کڏون ۽ کٻا هوندا هيا. هلڪي هوا تي گهڻي مٽي اڏامندي هئي. آفيس اچڻ ۽ وڃڻ وقت منهنجو گذر ان روڊ سان ٿيندو هيو. ساڳي روڊ تي ٻن طرفن کان هلندڙ ٽريفڪ ڪري ننڍا وڏا حادثا پڻ ٿيندا هيا.
    هڪ ڏينهن اتي هڪ شخص نظر آيو، جنهن وٽ بيلچو هوندو هيو ۽ اهو روڊ جي پاسن کان مٽي ڪڍي کڏن ۽ کٻن ۾ وجهي رستو هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو جيئن ٽريفڪ جي رواني برقرار هجي.
    اهو چار ڪلوميٽر روڊ ائين هوندو هيو جيئن اسان جي ملڪ جا چار صوبا ۽ بيلچو اهڙي سربراهه وٽ هجي، جيڪو مٽي وجهي ڀڳل روڊ جي هڪ ڪلوميٽر جي مرمت ڪندو هجي ته مرمت ڪيل ٻئي ڪلوميٽر جي مٽي لنگهيندڙ گاڏين جي ٽائرن هيٺان اچي اڏامي ويندي هجي ۽ کڏا کٻا وري ظاهر ٿي پوندا هجن. جڏهن هو بيلچو کڻي ٽئين ڪلوميٽر جي مرمت ڪندو هجي ته چوٿين ڪلوميٽر وٽ اڳ مرمت ڪيل روڊ جي مٽي اڏامي کڏا کٻا ظاهر ڪري وجهندي هجي.
    ان جي محنت کان متاثر ٿي گاڏين ۾ لنگهيندڙ اڪثر ماڻهو سندس مالي مدد ڪندا هيا ۽ ان بي روزگار شخص جي روزگار جو در کلي پيو. ان شخص پنج سال روڊ جي مرمت جي ڪوشش ڪئي. اهو مٽي وجهي وت آهر روڊ کي هموار ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين لاءِ سهولت فراهم ڪندو هيو پر مٽي کڏن ۽ کٻن ۾ ٽڪندي ڪونه هئي. مون هڪ دفعي گاڏي روڪي کيس خرچي ڏني ۽ سوال ڪيو
    “گذريل پنجن سالن کان تون ڪنهن سربراهه جيان روڊ جي مرمت ڪري رهيو آهين پر ڪهڙو فائدو؟”
    منهنجي عجيب سوال تي هو مرڪيو ۽ جواب ڏنائين
    “صاحب مون وٽ هڪ بيلچي ۽ مٿيءَ کان سواءِ ڪجهه نه آهي.”
    مون پوءِ به کيس شابس ڏيندي چيو “نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ بهتر آهي.”
    پنجن سالن کانپوءِ حڪومت کي روڊ ٺهرائڻ جو خيال آيو، ڇو جو شهر ۾ تنگيءَ سبب اڏاوتن جو زور شهر جي ٻاهرن پاسن ڏانهن هيو. ان روڊ ڪناري وڏيون عمارتون اڏجڻ لڳيون ۽ تڪ جي ميمبر کي بجيٽ جاري ڪئي وئي جيئن اهو روڊ ٺهرائي ۽ مستقبل جي مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.
    جڏهن نئون روڊ ٺهيو ته اهو مٽي وجهندڙ شخص بي روزگار ٿي ويو، نئين روڊ ۾ ڪٿي به کڏو کٻو نه هيو جو هو ان ۾ مٽي وجهي هموار ڪري سگهي. چار ڪلوميٽر روڊ ڪاري ڏانمر هيٺان دفن ٿي ويو ۽ گاڏيون زوڪٽ ڪنديون ان مٿان هلڻ لڳيون. هڪ ڏينهن اهو شخص مايوس ٿي بيلچو کڻي هليو ويو.
    روڊ ٺهڻ جي پهرين سال ايڏو مينهن نه وٺو جيڏي ان جي اڳڪٿي هئي. ماڻهن جي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙها ڏسي ڪراچيءَ مان مينهن موڪلائي ويو آهي. ڪجهه ڪڻيون وسيون ته روڊ ۾ ڏار پئجي ويا. ڏک کان روڊ جو سينو ڦاٽي پيو، گاڏيون هليون ته وري کڏا ۽ کٻا ٺهي پيا.
    اهو روڊ پنج سال به نه هليو، ماڻهن لاءِ مصيبت ٿي وئي، حادثا وڌي ويا ۽ ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي، اتي مٽيءَ سان کڏا کٻا ڀرڻ وارو ڪير نه هيو.
    ٽريفڪ ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون اکيون وري روڊ جي پاسن کان بيلچو جهلي بيٺل شخص کي ڳولهڻ لڳيون.


    پراسرار ڪتو

    اهو جنوريءَ جو ڏينهن هيو، جڏهن ڪتي چوويهن ماڻهن کي چڪ هنيا، سيءُ نه هيو، ماڻهو ڪتي کان ڏڪي رهيا هيا.
    مان ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽرآهيان، ڪجهه ڏينهن اڳ مون ڊاريڪٽر کي صلاح ڏني هئي ته “ڪتن جو تعداد ايڏو نه آهي جيڏو ڪتن کان متاثر ماڻهن جو، جيڪڏهن ماڻهن بجاءِ ڪتن کي سئيون هنيون وڃن ته قومي خزاني جو نقصان گهٽ ٿيندو.”
    ڊائريڪٽر منهنجيءَ صلاح تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ چيائين “ڪتن کي پڪڙي سئيون هڻڻ سولي ڳالهه نه آهي، ٻيو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان اهڙيون سئيون ايجاد نه ٿيون آهن جيڪي ڪتن کي هنيون وڃن، جيڪڏهن انهن کي هڻڻ لاءِ سئيون ٻاهران گهرايون ته قومي خزاني جو نقصان گهٽ نه پر اڃان وڌيڪ ٿيندو.
    مون وري کيس ٻئي تجويز پيش ڪندي چيو “جيڪڏهن ڪتن کي سئيون نه ٿا هڻايون ته گهٽ ۾ گهٽ گوليون ضرور هڻايون، ماڻهن جي جان ته ڇٽندي.”
    “اڃا گولين هڻائڻ جو وقت نه آيو آهي.” ڊائريڪٽر چيو “انتظار ڪر.”
    انتظار جو نتيجو اهو نڪتو جو ان ڏينهن ڪتي جا کاڌل چوويهه ماڻهو اسپتال آندا ويا، جن کي ڄنگهن، هٿن ۽ ٻانهن تي زخمن جا نشان هيا، حيرت جي ڳالهه هئي ته ڪتو هڪ عورت جي اها آڱر پٽي ويو جنهن ۾ کيس مڱڻي جي منڊي پاتل هئي، سڀني جا زخم صاف ڪري پٽيون ٻڌيون ويون ۽ ڪتن کان بچاءُ جا ٽڪا هڻي گهر روانو ڪيو ويو. جڏهن ڊريسر انهن کان ڪتي متعلق پڇيو هيو ته سڀني ساڳيو جواب ڏنو “اهو ڪاري رنگ جو ڪتو، توانو ۽ طاقتور پئي ڏٺو، جنهن کي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جي شعلي جهڙو اڇو نشان هيو.”
    مون علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان رابطو ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته “ٽائون ۾ هڪ ڪاري رنگ جو ڪتو داخل ٿي ويو آهي، جنهن کي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جي شعلي جهڙو اڇو نشان آهي. ڪتو بظاهر بيمار نظر نه ٿو اچي، ان ڪيترن ئي ماڻهن کي چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو آهي. چوويهه ماڻهو اسان اسپتال ۾ علاج کانپوءِ فارغ ڪري چڪا آهيون.”
    اسسٽنٽ ڪمشنر ميونسپل ڪارپوريشن فون ڪري اهڙا عملدار گهرايا، جن قيمي ۾ زهر ملائي ٽائون ۾ اڇلايو. ڪتن جي مضبوط نيٽ ورڪ سبب اهو ڪنهن ڪتي نه کاڌو، ان غلط فهميءَ ۾ ٽائون جا سڀ شريف ٻلا ۽ ٻليون، ٻچن سميت دنيا مان موڪلائي ويا.
    فيبروريءَ ۾ ڪتي جي کاڌل ماڻهن جو تعداد ان حد تائين وڌي ويو جو ٻيا سڀ مريض، جن ۾ نزلي زڪام کان وٺي ويندي ٽائفائيڊ، مليريا، پيٽ جي ڪيڙن ۽ چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض شامل هيا، انهن کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته “اسپتال ۾ ڪاري ڪتي جا کاڌل ماڻهو ايڏا ته ڪٺا ٿي ويا آهن جو پير پائڻ جي جاءِ نه آهي، جيڪڏهن ٻيا مريض داخل ٿيا ته ڊاڪٽرن ۽ عملي کي اسپتال کان ٻاهر بيهڻو پوندو.”
    هڪ مسجد مان اعلان ڪيو ويو ته “ماڻهو هڪ ڪاري ڪتي کان هوشيار رهن، جيڪو اوچتو حملو ڪري گهٽين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڪنهن کي ڪتو ڪٿي لڪيل نظر اچي ته ٽائون جي چڱي مڙس گل خان کي اطلاع ڪري.”
    هڪ ڪٻاڙي جنهن جي گاڏي تي ڀڳل بحري جهاز جا ڪٽ لڳل پرزا پيل هيا، اهو جيڪسن مارڪيٽ کان ٿيندو جڏهن ريل جي ان پٽڙيءَ وٽ پهتو جنهن تان گذريل سٺ سالن کان ڪا به ريل نه لنگهي هئي ته اتي ان کي ساڳيو ڪتو نظر اچي ويو. ڪٻاڙي گاڏو ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ اچي گل خان کي ٻڌايائين ته هن اهو ڪتو ريل جي پراڻين پٽڙين وٽ ڏٺو آهي، گل خان پنهنجي دوناليءَ ۾ صرف هڪ گولي اهو سوچي وڌي ته “ڪتي لاءِ هڪ ئي ڪافي آهي.”
    اهو ڪٻاڙيءَ سان جيپ ۾ چڙهي ريل جي پٽڙيءَ تي پهتو، ڪاٺ جي ڳريل سليپرن وچ ۾ کوٽيل کڏ اندر جيئن بندوق سڌي ڪيائين ته ڪتي الر ڪيس، گل خان جي گولي ڇٽي وئي ۽ ڪتي جو سينو پار ڪري ڪجهه ڇريا ڀرسان بيٺل بڙ ۾ گهري ويا. ٿڙ مان دونهون ائين نڪرڻ لڳو جيئن ڪتي جي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جو شعلو وسامي ويو هجي.
    سڄي ٽائون ۾ هوڪر پئجي وئي “جيڪو ڪم ميونسپل وارن کان نه ٿيو، اهو گل خان ڪيو آهي، ڪارو ڪتو مري چڪو آهي.”
    اها حيرت جي ڳالهه هئي ته ڪتي جي مرڻ کان پوءِ ڪتي جا کاڌل اڃان به اسپتال اچڻ لڳا. هرڪو سوچڻ لڳو، جيڪڏهن ڪتو مري چڪو آهي ته پوءِ هيءَ وري ڪهڙو ڪتو آهي جيڪو ماڻهن جي ڪڍ پئجي ويو آهي؟ سڀ فڪرمند ٿي ويا.
    هڪ لنگڙو جنهن جي ڪاٺ جي گهوڙيءَ کي ڪتي ڄنگهه سمجهي چڪ پاتو هيو. اهو اسپتال آيو ۽ ٻڌايائين ته ساڳيو ڪتو مون وزير مينشن جي پليٽ فارم پويان وڇايل ڪوئلي جي ڍير تي ڏٺو آهي. اهو ڪارو ڪتو ڪوئلي جي ڍير تي ائين ستل هيو جو نظر نه اچي رهيو هيو، سواءِ پيشانيءَ جي نشان جي جنهن کي مون ڍير تي ويٺل اڇو ڪبوتر سمجهيو.
    مون ڊاريڪٽر کي فون ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته “ان ڪتي کي وزير مينشن اسٽيشن ڀرسان ڏٺو ويو آهي.” ۽ اهو به ٻڌايو ته “ڪتن جي بچاءَ جي ٽڪن جو آخري پيڪٽ بچيو آهي.”
    ڊاريڪٽر اهو چئي جلدي ۾ فون بند ڪري ڇڏيو ته “ڪتي کي مارڻ لاءِ بندوق باز موڪليا ٿو، باقي ٽڪن جو اسٽاڪ مان وٽ به ختم ٿي چڪو آهي.”
    مان مايوس ٿي ويس پر ٿوري دير ۾ خبر آئي ته ڪارو ڪتو ڪوئلي جي ڍير تي ڍير ٿي چڪو آهي. ان خوشيءَ جي خبر جو ڪو اثر نه ٿيو، ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ ڪتي کاڌلن جو ساڳيو تعداد هيو. ڊريسر جا پٽيون ڪري هٿ سڄي ويا ۽ ٽڪن جو اسٽاڪ صفا ختم ٿي ويو. ٽڪا اڻ لڀ ٿي ويا. ماڻهن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوءِ روڊن تي نڪري آيا، ٽائر ساڙيائون، ٽريفڪ ۽ دڪان بند ٿي ويا.
    بالا آفيسرن نوٽيس ورتو ۽ ميونسپل جا جوان رپيٽرن سان پهچي ويا، سڄي ٽائون جا ڪتا گوليون هڻي ماري وڌائون، اسپتال ۾ اها خبر پوندي هئي ته ڪتا مارڻ جي ايڪشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ روز ڏهه ٻارنهن ڪتا مري رهيا آهن.
    پوءِ به حيرت جي ڳالهه هئي اسپتال ۾ ڪتي جا کاڌل ايندا رهيا.
    ان ڪاري ڪتي جا کاڌل ڪيترا ماڻهو مري چڪا آهن پر اهو پراسرار ڪتو جيئرو آهي. آخري اطلاع موجب ان ڪتي هڪ انڌي شخص تي حملو ڪري کيس دسي سيني ۾ چڪ هنيا، جڏهن ان انڌي شخص کي استپال وٺي آيا ته ٻڌايائين
    “ڪتي کي پٽو پاتل هيو.”
    سڀ حيران ٿي ويا ۽ پڇيائونس
    “تون ته انڌو آهين، توکي پٽو ڪيئن نظر آيو؟”
    هن ٻڌايو ته “جڏهن ڪتي حملو ڪيو ته منهنجو هٿ ان جي پٽي ۾ پئجي ويو!”
    هڪ انڌي پراسرار ڪتي جو معمو حل ڪري وڌو، دراصل پٽي پاتل ڪتا مارڻ غير قانوني عمل آهي.


    حالتون

    موسا گهر ۾ اڪيلو هيو، ٻه ڏينهن اڳ وڏو ڀاءُ ٻارن سوڌو سکر ويو، سندس اها ذميواري رکي ويو ته
    “ايڪيورم ۾ مڇين کي داڻو ضرور ڏجانءِ.”
    ٻه سونهري مڇيون جيڪي چمڪندي نظر اينديون هيون، ڊرائنگ روم جي ڪنڊ ۾ رکيل ايڪيورم اندر پريشر واري ننڍڙي موٽر مڇر جهڙي آواز سان ڄڻ پاڻيءَ ۾ ڦوهارو ڇڏيندي هئي، مڇيون مستيءَ ۾ چيلهه لوڏي ائين ترنديون هيون جيئن دنيا جون سڀ خوشيون ان ٽي باءِ ٻن جي ايڪيورم ۾ قيد ٿي ويون هجن.
    گهر جي ڀتين کي مرانجهڙو رنگ انڪري ڪرايو ويو هيو جيئن اهي ميريون نه ٿين، واش رومز جي ٽائيلن تي جهرڪيون ڇاپيل هونديون هيون ۽ انهن هيٺان وٺين جا ڍير پيل هوندا هيا.
    وڏو ڀاءُ هليو ويو پر ويندي ننڍي مٿان وڏي ذميواري رکي ويو، موسا هڪ ڊنل شخص هيو، اندر ۾ ائين ڏڪندو هيو جيئن مٿان خوف جي برف وسندي هجي. هو ظاهر ته پراعتماد هيو پر اندر ۾ ائين لڙهي ويل هيو جيئن سيلاب کان پوءِ ڪنهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ گپ اندر پاڻيءَ جي پيرن جا نشان هجن. وڏو ته هليو ويو پر ڄڻ موسا مڇيءَ جيان ڄار ۾ ڦاسي پيو. شهر جون حالتون ٺيڪ نه هيون، ٽارگيٽ ڪلنگ ائين هئي ڄڻ جهنگ ۾ نشانو وٺي صحتمند هرڻ ڇڏي، ڪمزور هرڻ ماريندا هجن، ڪمزور هرڻ جي جسم تي ماس گهٽ هوندو آهي ۽ هڏا وڌيڪ، جن کي ڪتا وڏي شوق سان کائيندا آهن.
    “مڇين کي داڻو ڏيڻو آهي.”
    موسا مٿي کي ڌڪ هڻي ڀڻڪيو، ٻاهر وڃي در ڏٺائين، ڪڙو بند هيو، هو موٽي آيو ۽ پلنگ تي چڙهي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي خيالن ۾ گم ٿي ويو. کيس دهشتگرد در پٽي گهر ۾ گهڙندي نظر آيا، اٿيو ٻاهر ويو، ڏٺائين ڪڙو بند هيو، رنڌڻي ۾ ويو ۽ پيڪٽ کنيائين جنهن ۾ مڇين جو داڻو پيل هيو. هن پهريون ڪڏهن مڇين کي داڻو نه ڏنو هيو. اهو پهريون دفعو هيو جو وڏي ڀاءُ سندس مٿان اها ذميواري رکي هئي. تصور ۾ هن کي وڏو ڀاءُ ڀرسان بيٺل نظر آيو.
    “ڀاءُ ٿورڙو داڻو ڏجانءِ... او هيترو.” وڏي ڀاءُ هٿ تي داڻا ڪڍي ڏيکاريا. “گهڻو داڻو نه ڏجانءِ، انهن جا پيٽ ڦاٽي پوندا.”
    وڏو ڀاءُ تصور ۾ سندس سامهون مرڪي رهيو هيو، اوچتو ان جي مرڪ ائين غائب ٿي وئي جيئن ڪليءَ مان قميص ڪري پئي هجي.
    “ها” وڏي ڀاءُ سنجيدگيءَ سان کيس وڌيڪ سمجهائيندي چيو
    “جيڪڏهن داڻو ڏيڻ وساريندين تڏهن به انهن جا پيٽ ڦاٽي پوندا، ڇو جو بکايل ماڻهن جا پيٽ ڦاٽل هوندا آهن.”
    هن تصور ۾ ڏٺو بکايل مڇين جا پيٽ ڦاٽل هيا، ڪنهن کيس ٻڌايو هيو ته مردي جو قبر ۾ سڀ کان پهريون پيٽ ڦاٽندو آهي، ماڻهو مرندو تڏهن آهي جڏهن جهان مان ان جو رزق ختم ٿي ويندو آهي جنهن جو رزق ختم ٿيندو آهي، اهو بکايل هوندو آهي ۽ بکايل جو سڀ کان پهريون پيٽ ڦاٽندو آهي، هن ڀرسان ڀاءُ قميص مٿي ڪري بيٺل هيو، هيٺان ان جو پيٽ هيو، پيٽ تي وار هيا، سندس ڀاءُ ٽهڪ ڏئي رهيو هيو.
    “پوک پاڻيءَ تي ٿيندي آهي، پيٽ ۾ پاڻي هجي ته وار ڦٽندا آهن.” ان چيو ۽ پوءِ اهو ٻاڦ ٿي ويو. اهڙي ٻاڦ جيڪا رنڌڻي ۾ پچندڙ چانورن جو ڍڪ لاهڻ سان اڀامي تحليل ٿي ويندي آهي. هن کي تازن پڪل چانورن جي بوءِ آئي، هو بکايل هيو، سوچيائين مڇيون بکايل آهن، هن داڻو کڻي مڇين جي ايڪيورم ۾ وجهي ڇڏيو، مڇيون شفاف پاڻيءَ ۾ لهر جيان اڀري مٿي آيون ۽ داڻا وات گول ڪري کائڻ لڳيون، موسا اوڳرائيءَ جو آواز ٻڌو.
    “لڪڙ هضم، پٿر هضم، ٽي ويلا صرف هجمولا، خبردار خالي پيٽ ماني کائڻ منع آهي.”
    ٽي ويءَ مان آواز آيو، هو حيران ٿي ويو، ٽي وي ڪنهن هلائي؟ هن ته نه هلائي، شايد بٽڻ کليل هيو، اوچتو بجلي اچي وئي، نه نه بجلي ته پهريون هئي، شايد اوچتو ٽي وي اچي وئي. ٽي وي ڪيئن اچي سگهي ٿي؟ ٽي وي آهي، ٽي بي ته نه آهي، ٽي بي ايندي آهي ته کنگهه مچندي آهي، کنگهه لاءِ بجليءَ جو هجڻ ته ضروري نه آهي.
    “يار موسا ڇا ٿي ويو ٿي؟” هلندڙ پکي مان آواز آيو.
    هن مٿي نهاريو، سوچيائين هوائن جو مالڪ رب آهي، پکو ڪير ٿيندو آهي بڪ بڪ ڪرڻ وارو، هن بٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
    “خدا انسان کي طاقت ڏني آهي.”
    هن پنهنجي منهن چيو، کيس گرمي ٿي. “شهر جون حالتون خراب آهن.” پنهنجي منهن وري ڀُڻڪيو، فرج مان ماني ڪڍي تئي تي رکيائين. کيس خيال آيو، ڪڙو کليل آهي. تڪڙ ۾ ٻاهر ويو. ڪڙي کي ڇُهي محسوس ڪيائين، ڪڙو بند هيو، هٿ سنگهيائين، بيسن وٽ ويو، صابڻ سان صاف ڪيائين، سنگهيائين وري بوءِ اچي رهي هئي. وري ڌوتائين، سنگهيائين، هٿن مان ماني سڙڻ جي بوءِ اچي رهي هئي. ڀڄندو رنڌڻي ۾ ويو، ماني سڙي چڪي هئي. سندس دل چاهيو، پيڪٽ مان مڇين جا داڻا ڪڍي چٻاڙي وڃي، کيس ڏاڍي بک محسوس ٿي، سوچيائين هُن مڇين کي داڻو ڏنو آهي الائي نه. ذهن تي زور ڏنائين “شايد نه” پيڪيٽ کولي تريءَ تي داڻا رکي ڊرائنگ روم ۾ ويو، مڇيون مستيءَ ۾ هيٺ مٿي گهتون هڻي رهيون هيون، هن داڻو ايڪيورم ۾ وڌو ۽ مڇيون کائڻ لڳيون.
    ڏينهن جي حياتي وڏي هئي، سج نڪتو ته ڄڻ لٿو ئي نه پئي، ڪڏهن ڏينهن ايڏو ڊگهو ٿي ويندو آهي جو ان جو مٿو سج سان ٽڪرائجڻ لڳندو آهي. ڪڏهن ايڏو ننڍو جو ڌرتيءَ تي پاڇو نه ٺهندو آهي، ڪڏهن رات ائين گول ٿي ويندي آهي جو ان ۾ گهڻيون ڳالهيون گول ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ائين چوڪنڊي جيئن موسا جا ڪلها، جيئن قميص ڄڻ هينگر ۾ ٽنگيل هوندي آهي. موسا چوڪنڊو آهي، سندس پنهنجي هڪ ڪنڊ دل ۾ چُڀندي محسوس ٿيندي آهي، ڇو جو شهر جون حالتون خراب آهن، روز ويهه ماڻهو مرن ٿا، لاتعداد زخمي ٿين ٿا. زخمي آهستي آهستي مرن ٿا ۽ جيڪي مئل آهن اهي روڊن تي گهمن ٿا. موسا ڊڄي ٿو. “يا رب بجليءَ جو خير.”
    هو نماز پڙهي ٿو، خوف کان الحمد وسري وڃيس ٿو، نماز ۾ اکيون ٻوٽي الحمد ياد ڪري ٿو، نماز پڙهي دعا گهري ٿو. “يا رب غلطيون معاف” تصور ۾ شيطان ڏسي ٿو، جيڪو اگهاڙو آهي ۽ مغز ۾ مٽي ٿو. سڀ ياداشتون لڙهنديون وڃن ٿيون.
    موسا کي بک ورايو آهي، ٿڌا چانور ڪڍي کائي ٿو. چانور کائيندي ياد اچيس ٿو، هن بسم الله نه پڙهي آهي، بسم الله پڙهي کلي ٿو. هن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ٿو. جڏهن ملان ٻڌايو هيس ته “بسم الله نه پڙهندين ته شيطان توسان گڏ کائيندو ۽ کاڌي مان برڪت نڪري ويندي.”
    “جيڪڏهن ماني کائيندي وچ ۾ بسم الله ياد اچي ته پوءِ؟” هن ملان کان سوال ڪيو.
    “پوءِ شيطان الٽي ڪندو آهي.”
    ننڍي هوندي هو ڄاڻي واڻي مانيءَ وچ ۾ بسم الله پڙهي شيطان کي الٽي ڪرائيندو هيو ۽ هاڻي هن کان شيطان وسري ويو آهي، ڇو جو شهر جون حالتون خراب آهن. هن چانور کائيندي بسم الله پڙهي، کليو ۽ کيس پاڻ کي الٽي آئي، سوچيائين هن مڇين کي داڻو نه ڏنو آهي، پيڪيٽ کولي مڇين جو داڻو ڪڍي تريءَ تي رکي ايڪيورم ۾ وجهي ڇڏيو، صابڻ سان هٿ ڌوئي، ٽي وي کوليائين، کيس ٽي ويءَ ۾ وڏو ڀاءُ نظر آيو، جيڪو سکر پهچي ويو هيو. ٻارن سان خوش کٽ تي ويهي هنداڻو کائي رهيو هيو. ان ڦار ۾ چڪ هڻي اسڪرين ڏي منهن ڪري چيو “موسا مڇين کي داڻو ڏنو ٿي؟”
    “اهو ته مون کان وسري ويو.” هو اٿيو ۽ وري پيڪٽ کولي تريءَ تي داڻو رکي ايڪيورم ۾ وجهي آيو. ٽي ويءَ تي رڌ پچاءَ جو پروگرام شروع ٿي ويو. “نهاري ڪيئن پچائجي؟” هڪ ڪاري رنگ جو ڪاسائي پان چٻاڙي چئي رهيو هيو. “شهر ۾ گهمندڙ ڪو به ماڻهو هٿ ڪيو، آرام سان گولي هڻي، ڪپڙن ۽ جوتن سميت ٻوريءَ ۾ وجهو، مرچ مصالحا وجهڻ جو ضرور نه آهي. اهي سڀ ان ۾ موجود آهن. ان کي هلڪي باهه تي ڌوٻي گهاٽ جي بٺيءَ ۾ وجهي اچو، صبح سان نهاري تيار پوليس وارا پليٽون کڻي توهان وٽ پهچي ويندا.”
    فون جي گهنٽي وڄي ٿي.
    “هيلو...ڪير؟ ڀائو وڏو... هاها... مڇيون خوش آهن... ڀاڄائيءَ جو خيال ڪيو.”
    سوچي ٿو شايد مڇيون بکايل آهن، رنڌڻي ۾ وڃي پيڪٽ مان داڻا ڪڍي هن ايڪيورم ۾ اڇلائي ڇڏيا، موسا کان وسري ويو ته هن گذريل چوويهن ڪلاڪن کان ڪجهه نه کاڌو آهي، کيس بک محسوس ٿي، فرج ۾ هيو به ڇا، هڪ وانڱڻ ٻه ٽماٽا، ٿوري پالڪ هئي جيڪا ائين لڳڙي ٿي چڪي هئي جيئن روڊن تي گهمندڙ پوليس وارا، ٽماٽا وري به ٺيڪ آهن، باقي وانڱڻ به ڪا کائڻ جي شئي آهي، اها سبزين جي چڙ آهي، چڙاڪ سبزيون هضم نه ٿينديون آهن، پيٽ ڦاڙي وجهنديون آهن. “اي رب دنيا ۾ ماڻهن جي هوندي وانڱڻن جو ڪهڙو ضرور هيو.”
    ٻاهر در وٽ ڪو گهنٽي وڄائي ٿو، ڏسي کيس حيرت ٿئي ٿي، ڪڙو کليل آهي، هن ته ڪڙو بند ڪيو هيو، پو کليل ڪيئن آهي؟ جڏهن ڪڙو بند ڪرڻ آيو هيو ته بند ڪڙو کولي هليو ويو هيو.
    “ڪير آهي؟” هو ٻاهر آواز ڏئي ٿو.
    “ٽپالي”
    “ڪيئن آيو آن؟”
    “مڇين کي داڻو ڏنو ٿي؟” ٻاهران آواز اچي ٿو.
    ڪڙو بند ڪري هٿ ڌوئي سنگهي ٿو، وري ڌوئي ٿو، رنڌڻي ۾ وڃي پيڪٽ کولي داڻا تريءَ تي رکي ايڪيورم ۾ اڇلي ٿو. مڇيون داڻن ڏانهن الرڪن ٿيون، موسا بک محسوس ڪري ٿو. ٽماٽو وات ۾ وجهي چٻاڙي سنڪ مٿان آرسيءَ ۾ ڏسي ٿو. سندس منهن هيڊو ۽ وات ڳاڙهو آهي. سوچي ٿو، شهر جون حالتون خراب آهن، مڇيون بکايل آهن، ڀاءُ کي ڪهڙو جواب ڏيندو، هڪ ننڍڙي ذميواري هن مٿان رکي ويو ۽ اها پوري ڪري نه سگهيو. هن رنڌڻي ۾ وڃي پيڪٽ کولي داڻا تريءَ تي رکيا ۽ ڊرائنگ روم ۾ وڃي ايڪيورم ۾ وجهي ڇڏيا.
    سوچڻ لڳو، ڪيڏو نه لاپرواهه ۽ غير ذميوار شخص آهي، هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا ذميواري پوري نه ڪئي، پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيائين، هن هٿ ڌوتا ۽ سنگهيائين، کيس مڇيءَ جي بوءِ آئي، ٻاهر ويو ڪڙو ڏٺائين بند هيو، اندر اچي بستر تي ڪري پيو. دل ائين ڌڙڪي رهي هيس جيئن روڊ تان ڪنهن جي ڊڪڻ جو آواز ايندو هجي. اٿي ويهي رهيو، ڪنائڻ لڳو، پاڻي ڀري پيتائين، کيس ياد آيو هن مڇين کي داڻو نه ڏنو آهي، رنڌڻي ۾ وڃي پيڪٽ کولي داڻا تريءَ تي رکي ڊرائنگ روم ۾ ويو، داڻا ايڪيورم ۾ اڇلايائين، مڇين ۾ ڪا به حرڪت نه ٿي، نوڙي ڏٺائين، مڇين جا پيٽ ڦاٽل هيا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336012
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598204
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ