ڪتاب جو نالو: مون به ڏٺو ملائيشيا
مصنف: ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 20 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 658 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 183 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب سنڌ سلامت سٿ جي اھم رڪن ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ جو ملائيشيا بابت سفرنامو آھي.
ياد رھي تہ ھي سفرنامو 2011ع جو لکيل آھي جڏھن ڊاڪٽر حفيظ ھڪ عالمي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پڙھڻ لاءِ ھڪ ھفتي لاءِ ڪوالالمپور ويو ھو. ڪتاب ۾ ملائيشيا وڃڻ جي ويزا جي طريقيڪار، اتي سستي رھائش ڳولڻ، مختصر وقت ۾ گهڻو ڪيئن ۽ ڇا ڇا گهمجي، اتان جي ماڻھن جي ريتن رسمن، رھڻي ڪھڻي، کاڌن بابت مضمون، ڪوالالمپور جي ڪراچي ۽ حيدرآباد سان ڀيٽ ۽ ملائيشيا جي رنگينين بابت ڪجه دلچسپ لکڻيون شامل آھن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ملائيشيا جو سانباهو ۽ نه کٽندڙ پنچائتون
  • گهر ۾ وٽي تي نالو نه پر ايمريٽس ۾ بالم
  • ڪوالالمپور ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙو ئي آهي
  • ڪوالالمپور جو پهريون ڏينهن ۽ مساج وساج!
  • جاني ريسٽورينٽ جا ٻه سنڌي بيرا
  • ملائيشيا جي مونو ريل اسان جي به ضرورت آهي
  • چيني سيلز گرل جا دوستي، پيار ۽ شاديءَ بابت دليل!
  • سڀ پاڪستانيGay ته ناهن نه؟
  • ملئي ماڻهن سان گذاريل هڪ شام
  • سمپوزيم ۾ پڙھيل مقالو
  • ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ پاران ڪوالالمپور جي ٻهراڙيءَ جو ڪرايل سير
  • گئنتنگ هاءِ لينڊ ۽ نينڊُو چائنيز
  • ملائيشيا ۾ کاڌل انب ڀت
  • واپسيءَ جو وارو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مون بہ ڏٺو ملائيشيا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب سنڌ سلامت سٿ جي اھم رڪن ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ جو ملائيشيا بابت سفرنامو آھي.

    ياد رھي تہ ھي سفرنامو 2011ع جو لکيل آھي جڏھن ڊاڪٽر حفيظ ھڪ عالمي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پڙھڻ لاءِ ھڪ ھفتي لاءِ ڪوالالمپور ويو ھو. ڪتاب ۾ ملائيشيا وڃڻ جي ويزا جي طريقيڪار، اتي سستي رھائش ڳولڻ، مختصر وقت ۾ گهڻو ڪيئن ۽ ڇا ڇا گهمجي، اتان جي ماڻھن جي ريتن رسمن، رھڻي ڪھڻي، کاڌن بابت مضمون، ڪوالالمپور جي ڪراچي ۽ حيدرآباد سان ڀيٽ ۽ ملائيشيا جي رنگينين بابت ڪجه دلچسپ لکڻيون شامل آھن.

    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر ڊاڪٽر حفيظ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي. اسان سندس ٿورائتا آھيون.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ملائيشيا جو سانباهو ۽ نه کٽندڙ پنچائتون

    سچل ڳوٺ جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اوڀر _ اترين ڪنڊ واري آف يونيورسٽي روڊ تي 1988ع ۾ آباد ٿيو، تنهن ۾ علمي ادبي پروگرام شروع کان ٿيندا پئي رهيا آهن. اهڙا پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ سچل ڳوٺ اڏيندڙ ڪجهه دوستن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. مون کي هتي آئي هي چوٿون سال آهي. ان دوران آئون اهڙا ڪافي پرگرام اٽينڊ ڪري چُڪو آهيان، جنهن ۾ سائين سليمان شيخ ۽ مشهور اداڪار مصطفى قريشيءَ جي صدارت ۾ شهيد بينظير ڀُٽو جي ياد ۾ شام، محترمه سسئي پليجو پاران شهيد بينظير لائبريريءَ جي افتتاحي تقريب، سنڌ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم پاران ”سنڌ: ماضي، حال ۽ مُستقبل“ جي موضوع تي حفيظ ڪنڀر جو ليڪچر قابلِ ذڪر آهن.
    اهڙي ئي هِڪ تقريب سنڌ جي مشهور سفرنامانگار سائين لطاف شيخ جي مان ۾ رکي ويئي هئي. تقريب جا مُک ميزبان سنڌسلامت ڊاٽ ڪام (سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو انٽرنيٽ فورم) جي انتظاميا ۽ سگا هئا. انهيءَ کان اڳ ۾ به الطاف شيخ صاحب سان هِڪ مختصر ملاقات ٿي چُڪي هئي پر هن ڀيري سندن ليڪچر رکيو ويو هو، جنهن جو خاص مقصد اهو هو ته وڌ کان وڌ نوجوان کيس ٻُڌن ته جيئن انهن جو پڙهائي ۽ محنت طرف رُجحان ٿئي. ڀانيان ٿو ته اِهو مئي جو مهينو هو ۽ سال هو 2011ع. الطاف صاحب جو ڏنل ليڪچر (جيڪو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڊيو فارم ۾ موجود آهي) ته شاندار هو ئي پر اهو منهنجي لاءِ هِڪ نئين شوق جو سبب بڻجي ويو. جيئن مون اڳ ۾ ٻُڌايو ته مون کي هتي آئي ٽي سال ٿي چُڪا هئا ۽ هر ماڻهوءَ جيان آئون به ڪراچيءَ جي بد امني ۽ اِن سيڪيوئر زندگيءَ کان بيزار هوس، آهيان. اهڙي وقت سائين الطاف شيخ جو بار بار اهو چوڻ ته ملائيشيا دُنيا جو پُرامن ترين مُلڪ آهي؛ ڪنهن کي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي. ڇوڪريون رات جو اڪيليون ٽيڪسي ۾ چڙهي قيمتي موبائيل ۽ پئسا کنيو پيون گهُمن ڦِرن پر مجال آهي جو ڪير به ڪُجهه ڪري سگهي! اهي ڳالهيون ٻڌندي ٻُڌندي انهيءَ مهل ئي دِل ۾ آيو ته مولا! ڪو اهڙو چانس ڏيار جو ڪجهه عرصو ئي سهي پر اهڙي پُرامن مُلڪ ۾ رهي اچجي.
    چوندا آهن ته قبوليت جون ڪي گهڙيون هونديون آهن، سو مون سان به ڪُجهه اهڙو ٿيڻ وارو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ اسان جي آفيس ۾ پاڪستان سائنس فائونڊيشن پاران هڪ ليٽر آيو جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ پيپر (مقالو) پڙهڻ جو دعوتنامو آهي ته اهو اسان کي ڏياري موڪليو، توهان کي اوڏانهن موڪلڻ لاءِ فنڊنگ اسان ڪنداسون. مون وٽ ته اهڙو ڪجھه ڪونه هو پر پي ايڇ ڊي جي اسٽوڊنٽ لاءِ اهڙي قسم جو دعوت نامو حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سو، مون فوري طور تي پنهنجن ريسرچ پيپرن مان هڪ ايبسٽريڪٽ (تت) ٺاهي ملائيشيا ۾ رٿيل هڪ سمپوزيم جي انتطاميا کي موڪلي ڏنو. هُنن ٻئي ڏينهن ئي اي ميل ذريعي جواب موڪليو ته اوهان جو ايبسٽريڪٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي وٽ آهي، اُهي جيئن ئي پاس ڪندا ته اسان توهان کي دعوت نامو موڪلينداسين. مون به پئي انتظار ڪيو ۽ نيٺ ڏهن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ انهن جو آفيشل دعوت نامو اِي ميل ذريعي اچي پُهتو پر ڪنهن دوست ٻڌايو ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن واري ليٽر ۾ لکيل هو ته اوهان صرف مئي کان جولاءِ 2011ع جي وچ واري عرصي ۾ رٿيل ڪنهن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ وڃي سگهو ٿا ۽ ملائيشيا وارو سمپوزيم ته سيپٽمبر ۾ آهي! بهتر آهي ته ڪنهن ٻئي مُلڪ ۾ ڪا ڪانفرنس ڳول، جيڪا انهيءَ عرصي وِچ ۾ هُجي. هاڻي آئون ٻِه چِتو (Double Minded) ٿي سوچڻ لڳس ته ڇا ڪجي؟ نيٺ ليٽر تان نمبر ڏسي پي ايس ايف (پاڪستان سائنس فائونڊيشن) وارن کي فون ڪيم، اُنهن به اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اسان صرف ليٽر ۾ ڄاڻايل عرصي دوران ويندڙن کي پئسا ڏيئي سگهون ٿا. مون وري اچي انٽرنيٽ تي ڳولا شروع ڪئي پر اهڙي ڪابه ڪانفرنس نه ملي ۽ جيڪي مليون پي تِن ۾ اپلاءِ ڪرڻ جي ڊيڊلائين گُذري چُڪي هئي. حقيقت ۾ ٿيندو به ايئن ئي آهي. ڪنهن به انٽرنيشنل ڪانفرنس جي ڊيڊلائين تاريخ انهيءَ جي منعقد ٿيڻ جي تاريخ کان گهڻو اڳ رکندا آهن ته جيئن ڪوٺايلن جي اچڻ جي پڪ ٿي وڃي ۽ هُو پنهنجا انتظام ڪري سگهن. بهرحال، مون کي ڪنهن ٻي مُلڪ ۾ شايد انهي عرصي جي ڪانفرنس ملي به وڃي ها پر مون دِل سان ڳولا نه ڪئي.
    هڪ دفعو وري پي ايس ايف فون ڪري پڇيم ته مون وٽ سيپٽمبر، سو به آخر ۾، يعني 26 تاريخ جو دعوتنامو آهي. آئون فنڊنگ لاءِ اپلاءِ ڪريان ته پئسا ڏيندؤ؟ همراه ڪافي دير چُپ رهي ورندي ڏني ته اسان جي پهرين ترجيح اڳ وارن (يعني مئي کان جولاءِ) وارن کي هوندي، پوءِ به جيڪڏهن پئسا بچيا ته اڳتي وارا ڪيس به ڪڍبا پر پڪ ناهي. دوستن به چيو: يار، ملائيشيا جي شوق ۾ چريائي ٿو ڪرين. اڄڪلهه اهڙي ڪنهن هڪ چانس جي اعلان تي هڪ هزار درخواستون پُهچي وينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ تو لاءِ پئسا ڪٿي بچندا. پر مون الله تي رکي پي ايس ايف وارن جي ويب پيج تي موجود درخوست فارم ڀري گهُربل ڪاغذن سان موڪلي ڏنو. مهينو کن ترسي پي ايس ايف وارن چيو ته درخواست ۾ ڪُجهه شيون کُٽل آهن، جنهن ۾ ٻه اهم هيون: هڪ ملائيشيا لاءِ جهاز جي رِٽرن ٽڪيٽ جا ڪوٽيشن ۽ ٻيو ته پنهنجي اداري ۽ ملائيشيا جي سمپوزيم واري انتظاميا کان لکت ۾ وٺي ڏي ته تون انهن کان انهيءَ ٽِرپ لاءِ ڪنهن به مَد ۾ پئسا نه وٺندين. ان قسم جي خاطري وٺڻ وارو عمل مون کي عجيب لڳو پر پوءِ خبر پئي ته پي ايس ايف وارن جو ڏوهه ناهي. ڪجُهه همراهن ٻئي پاسا مزا وٺي پي ايس ايف وارن کي خبردار ڪري ڇڏيو هو. مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙين ڪانفرنسن ۾ ڪُجهه شيون ڪانفرنس انتظاميا پاران به هونديون آهن، مثال طور: ڪڏهن جهاز جو ٽڪيٽ، ڪڏهن رهائش ته ڪڏهن ماني ٽِڪي. ٻيو ته جنهن اداري ۾ اوهان ڪم ڪريو ٿا، اُهو به اوهان کي ڪنهن مَد ۾ پئسا ڏيئي سگهي ٿو. سو، انهيءَ کان بچڻ لاءِ پي ايس ايف وارن اڳواٽ اها تسلي ڪرڻ ٿي چاهي ته ڪٿي اوهان ٻئِي گدرا مُٺ ۾ ته نه ڪندؤ! هاڻي مون واري اداري ته هڪ ڏينهن ۾ لِکي ڏِنو ته ”اسان اِن مد ۾ ٽڪو به نه ڏينداسين، پي ايس ايف ڄاڻي پي ايس ايف جو ڪم ڄاڻي، ها باقي آفيشل موڪل ضرور ڏينداسون جيڪا پي ايس ايف جي فنڊ ڏيڻ لاءِ پهريون شرط هئي.“ ...پر ملائيشيا واري سمپوزيم جي منتظمين کان اهو لکرائڻ ڪُجهه ڏکيو توڙي عجيب پئي لڳو. پوءِ به کين هڪ اي ميل لکيم جنهن ۾ پي ايس ايف پاران آيل ميل به اٽيچ ڪيم ته مون کي اهڙو ڪو تصديقي ليٽر موڪليو جنهن ۾ اهو لکيل هُجي ته انهيءَ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اوهان ڪا مالي سهائتا ڪونه پيا ڏيو. پي ايس ايف جي ميل اٽيچ ڪرڻ جو مقصد پاڻ کي انهيءَ ڪم کان مُڪمل طرح آجو ڪرڻ هو ته اها شيءِ مون کي قطعي ڪانه کپي، البت اسپانسر ڪندڙ اداري کي گهربل آهي. ٽي ڏينهن رکي انهن ڀلن ماڻهن مون کي ساڳئي دعوتنامي ۾ ٻه لائينون وڌائي موڪليون، جنهن ۾ لکيائون ته دنيا ۾ وڌندڙ اقتصادي بحرانن جي اثر جو شڪار اسان به ٿيا آهيون، سو، هن سمپوزيم ۾ اسان ڪنهن به مدعو ڪيل مهمان کي ڪنهن به مد ۾ پئسا نه پيا ڏيون. گڏوگڏ اها مهرباني به ڪيائون ته ايئر پورٽ کان هوٽل اوٽ موٽ، هوٽل ۾ رهائش ۽ ماني ٽِڪيءَ جي خرچ جو احوال به لکي ڇڏيائون. اها ميل جيئن جو تيئن پي ايس ايف اُماڻيم. مهيني کن جي وڌيڪ انتظار کان پوءِ پي ايس ايف هڪ ميٽنگ ۾ مون وارو ڪيس به اپرووِ ڪيو ۽ انهيءَ وزٽ لاءِ هڪ ليٽر موڪليو، جنهن ۾ ٽڪيٽ جا، هُتي ٽرانسپورٽ ۽ کاڌي لاءِ ۽ سمپوزيم جي فيس جا ڪُل ملائي 139500 منظور ڪيا ويا.
    اها آگسٽ جي 24 تاريخ هئي جنهن تي مون کي ليٽر مليو. رمضان جو 23 هون روزو هو. رمضان جي پڇاڙڪي ڏهي ۾ اها منهنجي لاءِ ٻي نويد هئي، ڇو ته انهيءَ کان ٻه ڏينهن پهرين 21 رمضان جي ڀلاري رات منهنجي گهر ٻِي نياڻيءَ جو جنم ٿيو هو. پي ايس ايف ته ليٽر موڪليو پر انهيءَ کان پوءِ تياري ڪٿان شروع ڪجي جيئن باقي رهيل هڪ مهيني دوران سفر، سمپوزيم ۽ رهائش جون سڀ گهرجون مُڪمل ڪري روانو ٿي سگهجي؟ اهو سوال اهميت وارو هو. سو، پهرين فُرصت ۾ الطاف شيخ صاحب کي اي ميل ڪرڻ جو سوچيم. اهو فيصلو انهيءَ ڪري به ڪيم ته اسان کي ملائيشيا جا اهڙا ڀلا ڀلا قصا ٻُڌائي ولايت جي سفر لاءِ آماده ڪندڙ شخص کي گهٽ ۾ گھٽ ايتري مدد ته ڪرڻ کپي. ان کان پهرين به هڪ اڌ دفعو سائينءَ کي ڪنهن سلسلي ۾ ميل ڪئي هئم ۽ وٽانئس جواب آيو هو. هن دفعي پي ايس ايف جي گرانٽ ۽ هاڻي ڇا ڪجي وارا لاڳاپيل سوال لکي ميل ڪيم ته ڪُجهه دير ۾ هڪ اڻڄاتل نمبر تان ميسيج آيو: ”ٽيل مي (الطاف شيخ).“ ايڏي تڪڙي ريسپانس ٿوري دير لاءِ ڪنفيوز ڪري ڇڏيو پر پوءِ سمجهي ويس ته الطاف صاحب جو نمبر آهي ۽ پاڻ ٽيليفون ڪرڻ جو پيا چون. جهٽ ۾ ڪال ملايم ۽ حال احوال شروع ٿيا. پنهنجو تعارف ڪرائي ٻُڌايم ته ملائيشيا پيو وڃان هڪ سمپوزيم اٽينڊ ڪرڻ ۽ هيترا پئسا آهن. پاڻ پهرين ته مبارڪباد ڏنائون ۽ ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون ته مون کي اهڙو موقعو مليو آهي.
    مون ان موقعي کي غنيمت سمجهي سربستو احوال اوريندي کانئن پڇيو ”هاڻي ويزا ۽ ٽڪيٽ وغيره وارو ڪم ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ڪو سؤلو ۽ تڪڙو رستو ٻُڌايو، ڇو ته عيد جي موڪلن کي ملائي به باقي مهينو کن بچيو آهي روانگي ۾. جڏهن مون ملائيشيا جي ڪراچي ڪؤنسليٽ وارن سان ڳالهايو ته اُهي چون ٿا اسان وٽ اچڻ جي اجازت ناهي، ڪوريئر ذريعي ( سو به صرف ٽي سي ايس) پاسپورٽ ۽ درخواست فارم موڪليو، پوءِ ويزا لڳي يا نه لڳي. پاسپورٽ واپس به انهي طريقي سان ئي ملندو.“
    ان تي الطاف شيخ صاحب چوڻ لڳو، ”بابا، اهو ته هو صحيح ٿا چون، ڇو ته حالات ڏينهون ڏينهن اهڙا ٿيندا پيا وڃن جو هاڻي اِهي پاڪستانين کي پنهنجي مُلڪ ته ڇا پر اسان جي ئي مُلڪ ۾ سندن سفارتخانن ۾ گهُرائيندي به ڊڄن ٿا... پر خير، اوهان انهيءَ چڪر ۾ نه پئو، اوهان ڪراچي ۾ ڪنهن ايجنٽ جي معرفت اهو ڪم ڪرايو ته بهتر ٿيندو، ڇو جو اوهان ٽي سي ايس ذريعي ڪاغذ کڻي ٺاهي به موڪليو ۽ هُنن کي ڪا شيءِ وڌيڪ گهُربل هُجي يا اوهان ئي ڪا شيءِ کُٽائي موڪلي هُجي ته اهو موڪلڻ ۽ جواب ملڻ ملڻ ۾ مهينو ويندو گُذري، پر جي ٽريول ايجنٽ کان ڪرائيندؤ ته هو گهٽ ۾ گهٽ هُنن سان رابطي ۾ رهندو ۽ ڪم ڪُجهه تڪڙو نبري پوندو.“
    مون چيو، ”پوءِ ڀلا ڪنهن اهڙي ساک واري ٽريول ايجنٽ جو ڏس ڏيو، جنهن وٽ وڃي ڪم سولائيءَ سان ڪرائي وٺجي.“
    وراڻيائين، ”اوهان پاڻ ڏسو، ايجنٽ جام ويٺا آهن. منهنجو به هڪ ٻه دوست آهي پر بهتر ٿيندو ته اوهان پاڻ ئي ڏسو.”
    پڪ ٿيم ته الطاف صاحب ڇو نه پئي ٻُڌائڻ چاهيو. سندن ڪتاب پڙهندي پڙهندي ايترو ته اندازو ٿي ويو آهي ته سندن مرضي هوندي آهي ته ڪٿان به اهو امپريشن نه نڪري ته ڪنهن شيءِ کي تجويز يا رد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪو ذاتي مفاد آهي! بهرحال الطاف صاحب جي نٽائڻ باوجود به کانئن سٽي ٽريول ايجنٽ جو نالو پُڇڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. الطاف صاحب اتي قادر ديسائي نالي همراه سان ملڻ جو ڏس ڏنو. انهيءَ ٽريول ايجنٽ جو ذڪر الطاف صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ به ڪيو آهي. الطاف صاحب کان ڏس پتو پُڇيم. ٻڌايائون ته ايڊريس بس ايتري ته سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون آهي... جيڪا مون اُن وقت تائين ته ڪانه ڏٺي هئي. توڙي جو سنڌ سيڪريٽريٽ جا ڌِڪا تازو مارچ ۾ ان وقت کاڌا هئم، جڏهن ادي وڏي وارا عُمري تي پئي ويا ۽ منهنجي ڀيڻوئي کي ايڪس پاڪستان لِيوِ پئي کپي، جيڪا هڪ سرڪاري مُلازم کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ ضروري گهربل هوندي آهي. منهنجو اهو پُڦاٽ ۽ ڀيڻويو اسڪول ۾ ڪلارڪ آهي، تنهن بدين جي اي ڊي او کان ته هڪ ئي ڏينهن ۾ موڪل جي درخواست تي صحيح ڪرائي ڪاغذ مون کي موڪلي ڏنا ته انهي تي وڌيڪ ڪارروائي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري تعليم جي منظوريءَ تائين آئون ڪرايان. مون به هام هنئي ته ڪم ٿي ويندو پر پوءِ خبر پئي ته رولڙا ۽ شنوايون رُڳو ڪورٽن ۾ ناهن پر سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ به جائز ڪمن سان هليو هليو جتيون گسيو وڃن. سيڪريٽريٽ ۾ لاڳاپيل آفيس ۾ پهتس. پهرين ڌڪ ۾ انڪار ٿيو ته اڄڪلهه امتحان پيا هلن، سو آپا ( سيڪريٽري) منع ڪئي آهي ته ڪير به عمري تي نه وڃي. مون کي حيرت ٿي ته ڪلارڪ جو امتحان ۾ ڇا وڃي؟ پر تنهن کان وڌيڪ حيرت اُن وقت ٿي جڏهن ٿوري دير بعد ويهارو کن ماستر مولانا ڪٿان فون ڪرائي اچي لٿا ته اسان کي موڪل کپي، 40 ڏينهن جو چِلو ڪٽڻ لاءِ وڃڻو آهي. ملان ماسترن کي ڪابه رڪاوٽ پيش نه آئي. بيٺي پير ڪم ٿي ويو. دل ۾ آيو ته روڪڻ ته هِنن کي کپي جيڪي آفيشل موڪل تي سڄو سال چِلا ڪٽي ”تبليغ“ ڪن ٿا. مطلب ته پگهار به کڻبو ۽ ڊيوٽي به نه ڪبي ۽ ثواب به ڪمائبو. بهرحال مون هِن هُن سان ملڻ شروع ڪيو ته ڪُل ملائي نتيجو اهو نڪتو ته سفارش يا پئسن کان سواءِ ڪم ٿيڻو ئي نه هو. واسطيدار سيڪشن آفيسر کي چيم ته وڏي بي حيائيءَ سان چيائين، ”يار، تون ڳالهه کي سمجهين ڇو نٿو؟ اسان عمري وارن کان ته پئسا وٺندا ئي ناهيون!“ دل چيو ته پُڇانس ته باقي جيڪو ٻين کان وٺو ٿا سو ڄڻ اوهان لهڻو ٿا؟ خُدا جي ڪا مار پئيوَ. پاڻ ته ڌوڙ پايو پر ڪم وٺندڙ کي به پئسا ڏيڻ تي مجبور ڪري گنهگار ٿا ڪريو! خير، ڪم مون کان ته نه ٿيو. نيٺ مون وارو ڀيڻيويو پاڻ بدين کان اچي هتي اچي پُهتو ۽ روز جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي هفتي کن جي رولڙن کانپوءِ هڪ مهيني بجاءِ تعليم جي وسيع تر مفاد جي پيش نظر، آپا (سيڪريٽري تعليم)کان 15 ڏينهن جي موڪل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ خوش هو ته ڪم ٿيو پر کيس ڪهڙي خبر ته جنهن ايجنٽ کان هن ٽڪيٽ ورتي هئي سو سيڪريٽريٽ وارن کان به چڙهيل هوندو. شايد عارف بلڊر (جيڪو حيدرآباد جو وڏي ۾ وڏو بلڊر آهي) جو ڀاءُ هو، جنهن هن کي موڪل ۾ باقي هڪ ڏينهن بچڻ تي ٽڪيٽ ڏني سا به ڪراچي وايه دبئي_بحرين ٽو جده... ۽ اُتي پهچائي هوٽل نه ڏيڻ واري خواري الڳ. مون سوچيو: ادي جي خبر ناهي باقي الله تعاليٰ غفور و رحيم آهي، مون واري پُڦاٽ کي عُمري جو ثواب سعودي پُهچڻ کان پهرين ئي ملي ويو هوندو! ڇو ته ٽن ڪلاڪن جي پنڌ کي 18 ڪلاڪن تائين اينگهائڻ، ٽن جهازن تي لاهي چاڙهي سامان بحرين ۾ ئي رهائي اچڻ، وقت جو زيان ۽ اُتي هوٽل نه ملڻ ڪا گهٽ اذيت ته نه هوندي. ڀلي پار ويندڙن جي اهڙي خاطر تواضع ڪرڻ جا ايجنٽ کي ٻه ٽي روپيا وڌيڪ بچيا هوندا ته هوڏانهن هُن کي وري ثواب به ائڊوانس مليو هوندو.
    اهي سڀ خوف ۽ يادون کڻي سنڌ سيڪريٽريٽ وٽ پهچي ڪبوتر چوڪ جي پُچا ڪيم. ايئن ئي جيئن ڪنهن وقت ۾ ڪنهن کان پُڇيو هئم ته ڪراچي يونيورسٽي ڪهڙي روڊ تي آهي؟ بعد ۾ پتو پيو ته اها ته ايڏي مشهور آهي جو پورو روڊ ئي انهيءَ جي نالي تي آهي جيڪو يونيورسٽيءَ جي اڳيان ئي گذري ٿو. سو ڪبوتر چوڪ جي پُڇا به هتي ئي بيهي ڪيم. ٿورو اڳتي وڌيس ته سنڌ اسيمبليءَ جو بورڊ نظر آيو جنهن تان اسيمبلي جو A غائب هو، يعني سنڌ سيمبلي لکيل هو. سٽي ٽريول ٿورو ئي اڳيان ليفٽ تي نظر ايندڙ چند ماڙ بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي هئي. دروازو کولڻ جي ڪوشش ناڪام وئي جو هنن همراهن سيڪيورٽي رسڪ جي پيش نظر ريموٽ تي لاڪ کي اندران کوليو ۽ بند ٿي ڪيو. پوءِ شايد مون کي اندران ئي ڏسي ۽ شريف ماڻهو سمجهي لاڪ کولي اندر اچڻ ڏنائون. سامهون ئي ويٺل همراه جي شناخت قادر ديسائي طور ٿي، جنهن سان ملڻ لاءِ الطاف شيخ چيو هو. حال احوال ۽ الطاف صاحب جي ريفرنس کان پوءِ ديسائي (جنهن کي سائين الطاف شيخ ڏيسائي ٿي چيو) ملائيشيا جي ويزا وٺڻ لاءِ مختصر ڳالهه ۾ ڊگهي طلب ٻُڌائي ڄڻ ڌچڪو ڏنو. مطلوبه شين ۾ پنهنجي اداري جي هيڊ کان سفارشي خط، بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان گڏ بئنڪ کان سٺي ساک رکندڙ اڪائونٽ هولڊر جو سرٽيفڪيٽ، ڪنفرمڊ ٽڪيٽ، شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، ملائيشيا کان دعوت نامو رنگين پرنٽ ۾ ۽ هن کان اڳي ٻئي ڪنهن ملڪ جو ويزا لڳل پاسپورٽ کين گهربل هئا.
    پُڇيم ”بئنڪ اسٽيٽمينٽ ته ٺيڪ آهي پر اهو اڪائونٽ هولڊر جوسرٽيفڪيٽ ڇا آهي؟“
    چيائين، ”بئنڪ اسٽيٽمينٽ ڪوڙا به ٺهيو وڃن، تنهن ڪري هاڻي سفارتخاني انهي سرٽيفڪيٽ جو به شرط رکيو آهي.“
    پڇيومانس ”ڀلا ويزا لڳل پاسپورٽ مان ڇا مُراد آهي؟“
    وراڻيائين ”مطلب ته اوهان جو پاسپورٽ صفا ڪورو نه هُجي، هن کان پهرين به ڪنهن نه ڪنهن مُلڪ ويا هُجو، نه ته ملائيشيا جي ويزا ملڻ مشڪل آهي.“
    ٻڌايومانس ته ”آئون ته ڪڏهن به ڪيڏانهن به ناهيان ويو.“
    ”بس، پوءِ رسڪ تي جمع ڪرايو.“
    ”رِسڪ؟“
    ”رسڪ اهو ته جيڪڏهن ويزا نه لڳي ته ٽڪيٽ جا جيڪي پنجاهه سٺ هزار ڏيندين انهيءَ مان پنج ست پرسنٽ ڪٽبو.”
    ايڏا خفا !؟ اهو ته سوچيو به نه هئم. . . .!
    ديسائي صاحب اهي سڀ گهرجون پرچيءَ تي لکي ڏنيون ۽ گڏوگڏ اهو به ٻُڌايو ته تنهنجي روانگي واري تاريخ تي پي آءِ جي فلائيٽ ڪانهي ڪا ۽ هجي به ته سڀني کان مهانگي آهي. (دل ئي دل ۾ خوش ٿيس ۽ وڌيڪ پُختو يقين ٿيو ته اسان سڀ سرڪاري ادارن ۽ مشينري ۾ نوڪري ڪرڻ چاهيون ٿا پر خود انهيءَ جا ڪسٽمر ڪڏهن به ٿيڻ نٿا چاهيون). وڌيڪ ٻڌايائين ته سستا ترين ٻه آپشن آهن: هڪ ملائيشيا ايئرلائين سسٽم (MAS) ۽ ٻي ايمريٽس، پر ماس، ايمريٽس جي مقابلي ۾ پنج ڇهه هزار رپيا مهانگي ضرور آهي پر ويندي ڊائريڪٽ ۽ ڪل 5 ڪلاڪ فلائيٽ هوندي. جڏهن ته ايمريٽس ڪجهه سستي آهي پر دبئي کان ڦري ويندي جيڪو صفا ابتو پاسو هُجڻ ڪري سفر ۾ چئن ڪلاڪ جو اضافو ٿيندو، تنهن کان سواءِ ايئرپورٽ تي انتظار الڳ. مون حساب لڳايو ته پي ايس ايف پاران مليل ٽڪيٽ جي پئسن ۾ ايمريٽس ئي ملي پئي سگهي. ماس جي ٽڪيٽ تي لڳندڙ وڌيڪ ڏوڪڙ پاڻ کي ڀرڻا پون ها جو پي ايس ايف ايوارڊ ليٽر ۾ اهو صاف لکيو هو ته ڪنهن به مَد ۾ اضافي پئسا نه ملندا. سو، چيومانس “دبئي ايئرپورٽ جي تعريف ٻُڌي اٿم، اها به ڏسبي ۽ پئسا به بچندا، رهي ڳالهه ٽائيم جي، سو اسان وٽ هونئن ئي جام آهي.”
    سٽي ٽريول تان واپسيءَ تي اردو بازار جو چڪر هنيم. ڪاٺياواڙ اسٽور تان الطاف شيخ جو ملائيشيا تي لکيل آخري ڪتاب ”ملائيشيا ٻارهن سالن بعد“ ورتم، جيڪو ڇپجي اچڻ کانپوءِ شايد الطاف صاحب پاڻ به اڃا تائين نه ڏٺو هو جو پوءِ انهيءَ جو ذڪر ٿيو ته چيائون: ڪاٺياواڙ واري کي چئجو ته هڪ ڪاپي مون لاءِ رکي. انيتا شاهه جي لکيل مهاڳ سميت ڪتاب جو پهريون باب ته سچل ڳوٺ پُهچڻ تائين گاڏيءَ ۾ ئي پڙهي ورتم، جنهن مان پتو پيو ته ملائيشيا وڃڻ دوران ڪراچي ايئرپورٽ وارا ڪيڏي جُٺ ڪن ٿا ۽ ملائيشيا جي جديد ترين ايئرپورٽ نئين ماڻهو کي ڪيترو وائڙو ڪري ٿي! ايتري تائين جو 1991ع کان پوءِ 2004ع ۾ الطاف شيخ صاحب پاڻ به مُنجهي پيو هو، جنهن دنيا گهُمي ڏٺي آهي ۽ دنيا جا ڪي چند ايئرپورٽ هوندا جيڪي ڏسڻ کان رهجي ويا هوندس.
    ٻئي ڏينهن صبح کان لڳي ويس ڪاعذ پٽ گڏ ڪرڻ ۽ منجهند تائين سڀ سيٽ ڪري وري وڃي پُهتس سٽي ٽريول تي. قادر صاحب جي غيرموجودگيءَ ۾ جاويد نالي هڪ همراه ڪيس ورتو ۽ پڪ ڏنائين ته ويزا لڳندي. فريش پاسپورٽ وارو خدشو ورجايم ته چيائين ايئن آهي پر تنهنجو ڪم ٿي ويندو. سمجهه ۾ نه آيو ته آئون ڇو اهڙو معتبر ٿيس جو هي ايڏي پڪ پيو ڏي. سٽي ٽريول وارن هفتي جو ٽائيم ڏنو جيڪو وڏي بي چينيءَ سان گُذريو. هر هر اهي خيال پيا اچن ته جي ويزا نه لڳي ته مايوسي الڳ ٿيندي، پُڇ پُڇان الڳ. تنهن کان سواءِ ويزا رجيڪشن به ڪو سٺو سنؤڻ ناهي، انهيءَ سان ماڻهوءَ جي ڪريڊبلٽي به خراب ٿئي ٿي. پوءِ به انهيءَ انتظار دوران ڪُجهه ٻيا ڪم اُڪلائڻ جي ڪيم، خاص ڪري جڏهن پي ايس ايف وارن اهو ٻُڌايو ته اسان تو لاءِ پئسا منظور ته ڪيا آهن پر پاڪستان جي هر فنڊنگ اداري جي اصول جيان اسان به في الحال توکي پئسا نه ڏينداسين. پنهنجي اداري کان قرض طور وٺ يا وري پنهنجو بندوبست ڪري وڃ. واپس اچي هتي ڪيل خرچ جا ووچر ڏيکاريندين ته پئسا ملندئي. اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم هو ته پنهنجو بندوبست ڪجي. ڇو ته اتفاق سان جن ڏينهن ۾ منهنجو ڪم ٿيو، انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ضلعي بدين ۾ ٻوڏ آيل هئي ۽ سڀ ڪجهه پاڻي هيٺ اچي ويو هو. منهنجا سڀ گهر وارا به مون وٽ آيل هئا جو ڳوٺ وارو گهر به ٻُڏي ويو هو. تنهن ڪري ڪٿان به پنهنجو خرچ ڪڍڻ مُشڪل هو. پنهنجي اداري جي هيڊ کي منٿ ڪيم ته اُتان به جواب مليو ته اهو ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته اسين به سڀني جيان معاشي تنگي جو شڪار آهيون، ڪنهن به مد ۾ پئسا ناهن جو توکي مهيني ٻِن لاءِ کڻي ڏيون. نيٺ ڪجهه منهنجي منٿ ميڙ ۽ ڪجهه ٻِي چئوچوا تي پئسا ته مليا پر مون کان انڊر ٽيڪنگ ورتي ويئي ته پي ايس ايف پئسا نه ڏنا ته تنهنجي پگهار مان ڪٽينداسين. مون به لکي ڏنو ڇو ته جڏهن وڃبو ته خرچ به ٿيندو ۽ پي ايس ايف پئسا ڇو نه ڏيندي جڏهن پاڻ ٽريول گرانٽ منظور ڪئي اٿن ۽ پئسا ڏيڻا ڪيا اٿن سو به لکت ۾.
    هفتو کن، اهي پئسا وٺڻ، پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ۽ ويزا جي انتظار ۾ گذريو. 15 سيپٽمبر تي شام جو چئين بجي فون ڪري پُڇڻو هئم سٽي ٽريول وارن کان. اُن ڏينهن ٽِين بجي کان انٽرنيٽ تي منهنجو جگري دوست اظهر علي اياز فرانس مان آن لائين ويٺو هو. اظهر سان يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۽ هاسٽل ۾ چار سال گڏ گُذريا ۽ خوب گذريا هئا. هن اليڪٽرانڪس ۾ چار ساله بيچلر ڪئي، تنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ئي اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ريسرچ ايسوسئيٽ طور ڪم ڪيائين. آخرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي 2006ع ۾ قائم ٿيل لاڙ ڪئمپس بدين ۾ ليڪچرر ٿيو. پاڻ هن وقت فرانس ۾ ماسٽرس ڪري پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي ۽ منهنجي انهن دوستن ۾ ٽاپ تي آهي جن کان انسپريشن وٺي مون اڳتي وڌڻ لاءِ پير کنيا. اظهر فرانس پهچڻ لاءِ ڪيترا سور سَٺا، اهي شايد آئون هتي يا ڪٿي به صحيح طرح بيان نه ڪري سگهان، ڇو ته منهنجن لفظن جو ذخيرو سندس همٿ کان گهڻو، گهڻو گهٽ آهي. بس ايترو ٻُڌائيندو هلان ته هو هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي خرچ تي فرانس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.
    مون کيس جيئن ئي ٻُڌايو ته هڪ عجيب بي چينيءَ سان ويزا جو انتظار پيو ڪريان ته عادت موجب ٺهه پهه چيائين “يار، درويش ماڻهو آهين، ڇو نه ڏيندا ويزا؟ تون پنهنجي خرچ تي انهن کي ڪُجهه ٻُڌائڻ پيو وڃين. هُنن کي ڪهڙي ڪَس آ جو توکي ويزا نه ڏيندا!”
    “اها تنهنجي همت هئي جو يونيورسٽيءَ ۾ سفارش تي انعام هوندي به هر ڀيري ڊبيٽ ۾ حصو وٺڻ ۽ مهيني مهيني تائين تقرير جي تياري ڪري پنهنجو ۽ اسان جو سُک ڦٽائڻ يا وري يونيورسٽي کان پوءِ هڪ اسڪالرشپ لاءِ انٽرنيشنل جي آر اِي ۽ ٽوفل لاءِ پئسا نه هُجڻ تي جي آر اي وٺندڙ اداري کان ئي فيس گهُرڻ جي همت ڪرڻ ۽ مزي جي ڳالهه ته فيس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ ... پر مون جهڙن ماڻهن لاءِ ايترو آپٽيمسٽ ٿيڻ ڏکيو آهي.“ اظهر سان اهي احوال اوريندي 4 ٿي ويا، جنهن کانپوءِ سٽي ٽريول واري نمبر تي فون ڪيم ته قادر ديسائي ئي مليو.
    بسم الله پڙهي پُڇيم: ”ويزا لڳي؟“
    ڪجهه پل رکي چيائين “ها، اها ته لڳي وئي.” ٻُڌائڻ جو انداز اهڙو جو ڄڻ اهو ڪو معمولي ڪم هو، پر جي اهو واقعي معمولي ڪم هو به ته ايترو ڊيڄاريو ڇو ويو؟
    ٻئي ڏينهن وڃي ويزا لڳل پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ کڻي آيس. اڳئين وقت ۾ ته ٽڪيٽ عجيب هوندو هو ۽ ٽڪيٽ ئي سڀ ڪُجهه هو. ماڻهن کي پاسپورٽ سان گڏ ٽڪيٽ به سنڀالڻو پيو ٿي پر هاڻي ته هڪ عام پني تي پرنٽ ٿيل ٽڪيٽ هجي ٿو، جنهن تي لڳل بُڪنگ نمبر ئي اهم آهي ۽ اهو اوهان کان سواءِ ٻيو ڪير به استعمال نٿو ڪري سگهي.
    ايندڙ ڪجهه ڏينهن ٿورو گهڻو سامان سڙو وٺڻ ۾ لڳا. انهي وچ ۾ ”ملائيشيا ٻارهن سالن بعد“ پڙهي پڙهي پهه پچائيندو رهيس ته پهرئين ڀيري ملائيشيا ڏسڻ جو تجربو ڪيئن رهندو يا ڪيئن رهڻ کپي؟ دل ئي دل ۾ خوبصورت تصور پئي آيا ته اڄ تائين ڳوٺان ڪو حج عمري يا نوڪري سانگي ڪنهن ٻي ملڪ وڃي ته رڳو ڇڏي اچو ۽ وٺي اچو تائين محدود رهيس. هر ويندڙ جو جهاز ٽيڪ آف ڪندي ۽ هر ايندڙ جو جهاز لينڊنگ ڪندي ايئرپورٽ گئلري مان ڏسڻ تائين محدود رهيس پر هاڻ ته ڪو مون کي ڊراپ ڪندو ۽ وري واپسيءَ تي وٺڻ به ايندو. آئون پاڻ جهاز ۾ ويهندس. هڪ خوبصورت ايئر هوسٽس پاڻيءَ کان وٺي ماني تائين سروِ ڪندي. هزارين ڪوهه پري ڪنهن دور ديس جي ولايت ۾ وڃي نئون شهر، نوان ماڻهو ۽ نوان چهرا ڏسندس..!


    گهر ۾ وٽي تي نالو نه پر ايمريٽس ۾ بالم

    26 سيپٽمبر جي شروعات (رات 12 بجي) ٿي ته اک اک سان لڳي، جو انهيءَ کان اڳ ڪجهه خوشي ۽ ڪجهه گهر واريءَ سان ايڏو پري وڃڻ جي ڳالھين ۾ ننڊ نه پئي آئي. شاديءَ کان پوءِ گهرواري مون کان الڳ تمام گهٽ رهي آهي. سواءِ پي ايڇ ڊي جي چڪرن جي، مون ڪڏهن به کيس هفتي کان وڌيڪ عرصي لاءِ پاڻ کان الڳ ناهي رکيو. هيءُ پهريون دفعو هو جو سڄو هفتو کيس مون کان بنا رهڻو هو. مون کي رات جو ٽِين بجي ايئر پورٽ پهچڻو هو، سو ٻِين بجي جاڳڻ لاءِ الارم سيٽ ڪري رکيم. ننڊ الاءِ ڪهڙي وقت آئي پر دير سان آئي. اهو کٽڪو به هو ته متان جاڳ ئي نه ٿئي! ان اُلڪي جي ڪري ٻِين بجي کان 5 منٽ پهرين ئي اک کُلي ويئي. اٿي جلدي جلدي تيار ٿيڻ لڳس. گهر واري چانهن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويئي. بابا به اٿيو. تڙ تڪڙ ۾ چانهه جو ڪپ پي گاڏي اسٽارٽ ڪري نڪتاسين. سچل ڳوٺ کان موسميات چوڪ ۽ پوءِ ملير هالٽ واري روڊ کان ٿيندا ٽي لڳي ڏهن منٽن تي ايئرپورٽ پهچي وياسين.
    هي جيئن ته ڪراچي ايئرپورٽ هو ڪنهن ٻي ملڪ جو نه، جن جي باري ۾ ٻُڌو هئم ته اوهان سان آيل همراهه ويٽنگ لائونج تائين اوهان سان گڏ هلي سگهي ٿو. هتي ته مين انٽرنس تي ئي بابا ۽ گهرواريءَ کي الله حافظ چيم ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڊپارچر لائونج ۾ پير رکيم. اندر داخل ٿيندي ئي اڇي وردي پاتل اڻڄاتل فورس سان واسطو پيو پر هُنن گهڻي پُڇ پُڇان بجاءِ رڳو ايترو پُڇيو ته:
    ڪير آهين؟
    ڇا ڪندو آهين؟
    ڪيڏانهن پيو وڃين؟
    اُتان اڳتي وڌيس ته شايد ائنٽي نارڪوٽڪس وارن سامان هڪ مشين مان پاس ڪرايو ۽ منهنجي ٺيڪ ٺاڪ تلاشي ورتي. اُنهن به ڪو خاص ٽائيم نه ورتو. هاڻي وارو هو بورڊنگ جو. منهنجو اندازو هو ته پهريان اميگريشن ٿيندي جنهن ۾ اهو طئي ٿيندو آهي ته آيا اوهان ڌارئين ملڪ وڃي سگهو ٿا يا نه؟ ڇو ته پنهنجي هڪ ڪوليگ کان ٻُڌو هئم ته هڪ دفعو اوهان کي بورڊنگ پاس اِشو ٿي وڃي ته پوءِ اوهان کي جهاز ۾ چڙهڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بلڪه اوهان جي پُهچڻ کان پهرين جهاز ٽيڪ آف ئي نه ڪندو... پر هتي ته ائين نه هو. پهرين وڃي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻو هو. بورڊنگ ڪارڊ لاءِ هر ايئرلائين جو الڳ ڪائونٽر ٺهيل هو. مون کي جيئن ته ايمريٽس ۾ وڃڻو هو، سو سڌو اُنهن جي ڪائونٽر تي وڃي بيٺس. هتي اهو به سمجهه ۾ آيو ته ويچارا اڻ پڙهيا مسافر دانهون ڇو ٿا ڪن ته هڪ ٽيبل کان ٻِيءَ تي پُهچڻ ۾کين ڪلاڪ ڪلاڪ لڳيو وڃي. ظاهر آهي ته اڻ پڙهيو مسافر اينٽي نارڪوٽڪس کان ٿي پنهنجي ايئر لائين واري ڪائونٽر تي پهچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجو ٽڪيٽ ڏيکاري ڏََس پڇندو. جيڪڏهن ڪائونٽر سامهون ئي آهي ۽ نظر اچي وڃي ته واهه، نه ته وري اڳتي وڌي ڪنهن ٽئين شخص کي منٿ ڪري اُن کان ڏَس پڇندو.
    بورڊنگ واري همراه مون کان ٽڪيٽ جو پيپر وٺي رُڳو نمبر ڏسي واپس ڪيو. ٿوري دير بعد مون کي ٻه ڪارڊ ڏنائين جن تي نالو ۽ سِيٽ نمبر وغيره لکيل هو ۽ هُن انهن کي سنڀالي رکڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. مون کان لگيج ۾ ڏيڻ لاءِ سامان پُڇيائين ته کيس وڏو بئگ کڻي ڏنم. ان تي به بوردنگ ڪارڊ واري گڏيل معلومات وارو هڪ ٽئگ لڳايائين جنهن ۾ اهو واضح هو ته فلاڻو شخص، هِي ٽڪيٽ نمبر، فلاڻي فلائيٽ ۾ ڪراچيءَ کان دبئي ۽ دبئيءَ کان ڪوالالمپور ويندو. اهو ٽئگ هتي لوڊر، دبئيءَ ۾ هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين سامان پهچائيندڙ ۽ ڪولالمپور ۾ ايئرپورٽ اسٽاف لاءِ سامان صحيح هنڌ پڄائڻ لاءِ ڪافي هو. بئگ گهليندو ٿورو اڳيان وڌيس ته اهو مون کان وٺي اميگريشن ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو ويو.
    هتي به سفيد يونيفارم ۾ هڪ عجيب مخلوق ويٺل هئي. اهي، مون کان پهرين بيٺل هڪ ڇوڪري کي روڪيو بيٺا هئا جو وٽس پنهنجي اداري طرفان موڪل جي منظوريءَ وارو ليٽر نه هو، جيڪو ولايت ويندڙ هر سرڪاري ملازم لاءِ ضروري هوندو آهي. کيس سائيڊ تي ڪري مون کي وارو ڏنائون.
    پڇاڳاڇا شروع ٿي ويئي، “ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”
    چيم، “ملائيشيا.”
    اهلڪار اڍنگي نموني پڇيو “ڇو؟؟!!!!” ايئن پُڇيائين ڄڻ ملائيشيا وڃڻ ڪو ڪبيرو گناههِ هُجي يا اوڏانهن وڃڻ کان پهرين کيس ڇو نه ٻُڌايم!
    صرف ايترو چيم “ڪئمسٽري جي هِڪ سمپوزيم ۾ حصو وٺڻ.”
    “دعوت نامو اٿئي؟”
    “ڊيفينيٽلي، بي دعوتيو آئون ڪنهن شاديءَ ۾ به ناهيان ويندو.” مون همراهه جي منورنجن لاءِ ظرافت جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر لڳو ته هن کلڻ ته ڪڏهن سکيو ئي نه هو يا وري هن کي انهيءَ سِيٽ تي ٻُوٿ سُڄائي ويهڻ جي اضافي چارج به مليل هئي! مون کي ٿورو پوئتي هٽي بيهڻ لاءِ چئي ويب ڪيم سان فوٽو ڪڍي پاسپورٽ تي ويزا لڳل صفحي جي پاسي واري پيج تي اسٽئمپ هڻي اڳتي وڌڻ جو چيائين. صفا رليڪس ٿي اڳتي وڌيس ته جان ڇُٽي، هن پُل صراط تان ته پار ٿي ويس! پر ڏٺم ته اڳيان هن جو به ابو ويٺو هو. پاسپورٽ ڏسي پنا اُٿلائي پُٿلائي پُڇيائين:
    “پهلي بار باهر جا رهي هو؟”
    “جي، بالڪل!”
    “جائو سامني ڪرسي پر بيٺ جائو.” سندس اسٽائيل مان ايئن لڳو ڄڻ ڪو ٿاڻيدار ڪنهن سپاهيءَ کي قيدي لاڪپ ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هُجي. هن منهنجو پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ وٺي پاڻ وٽ رکيا ۽ لائين ۾ بيٺل ٻين ماڻهن جا پاسپورٽ چيڪ ڪندو اڳتي موڪليندو ويو. آئون انهيءَ مهل پاڻ کي ڪنهن پروڊڪٽ جو اهڙو ناقص پِيس طور سمجهڻ لڳس جنهن کي آٽوميٽڪ ريلنگ تان کڻي ورڪر سائيڊ تي رکندو ويندو آهي ۽ صحيح پروڊڪٽ اڳتي وڌائيندو ويندو آهي. پر سمجهه ۾ اهو نه آيو ته مون ۾ فالٽ آهي ڪهڙو؟ ڪافي دير انتظار کان پوءِ نيٺ پاسي ۾ بيٺل سندس هڪ پٽي ڀائي لڳندڙ شخص کان پُڇيم ته هن مون کي ڇو روڪيو آهي؟ ان تي جواب ڏيڻ بدران اُلٽو پڇيائين: پئسا گهڻا اٿئي؟ پريشان ٿي ويس ته کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟ نيٺ گول مول جواب ڏيڻ ۾ ئي عافيت سمجهي چيم: ايترا آهن جو ملائيشيا ۾ هفتو کن رهي اچان ۽ فيس به ڏيئي اچان. ڪجهه دير چپ رهي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏيندي چيائين: شايد فريش پاسپورٽ جي ڪري روڪيو هجيس.
    عجيب ماجرا آهي! هوڏانهن ملائيشيا ايمبيسيءَ کي اعتراض ته فريش پاسپورٽ ڇو آهي؟ هتي هي نٿا سَنوت ڏين. هر ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ته پهرئين ڀيري ئي وڃبو آهي. ڇا ايئن به ڪڏهن ٿيو آهي ته پهريون دفعو هجي پر ماڻهو ويندو ٻئي دفعي هُجي! انهي ڪشمڪش دوران هڪ همراه (اُن وقت ته ڄڻ فرشتو) الائي ڪٿان اچي نڪتو.
    چئي: ڪير آهين؟
    چيم: لغاري! “
    اڙي يار، رڙ ته ڪر نه! ايئن ماٺ ڪري ويهندين ته ڪم ڪيئن ٿيندئي!”
    مسڪرائي چيم “يار، سنڌي ته توهان به لڳو ٿا، پوءِ اوهان به کڻي رڙيون ڪريو ته جيئن خبر پوي ته اسان جا سنڌي ڀائر اسانجي مدد لاءِ هِتي موجود آهن!“
    ڏٺم ته مون کي روڪيندڙ همراهه، سنڌي ڀاءُ جي مڙئي ڪُجهه گهٽ ئي پئي ٻُڌي يا الائي بارگيننگ جي موڊ ۾ هو ۽ منهنجو سنڌي ڀاءُ وري مون کان کيس ٽڪو به ڏيارڻ بنا پار ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هو. هنن جي اها ڪشمڪش ۽ وچ ۾ آئون سينڊوچ بڻيل پريشان حال!
    خير، سنڌي ڀاءُ اُن گِگ جهڙي ماڻهوءَ مان منهنجي جان ڇڏائي مون کي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو. مون به نه پڇيو ته ڪيڏانهن؟ جڏهن ته اڳتي ساڄي توڙي کاٻي ٻنهي پاسي رستو هو پر ڪو بورڊ وغيره لڳل نه هو، جنهن مان خبر پوي ته اهي رستا ڪهڙي پاسي ٿا وڃن؟ الله تي رکي ساڄي پاسي رخ رکيم ته اچانڪ پويان سڏ ٿيو. هڪ پل لاءِ ساهه سُڪي ويو ته وري ڪا نئين مصيبت آهي شايد. پوئتي ڏٺم ته ساڳيو سنڌي ڀاءُ سڏ پيو ڪري:
    “اوهان جيڪو دعوت نامو پهرئين ڪائونٽر تي ڏنو هو سو واپس نه ورتو اٿؤ. وٺندا وڃو!”
    مون نئين امڪاني ڏچي کان بچڻ لاءِ کيس اُتان ئي جواب ڏنو:
    “ادا اهو فوٽو ڪاپي هو، مون وٽ ٻي ڪاپي آهي ۽ پنهنجي اي ميل ۾ به اٿم. اهو اوهان کي ڦٻيو، مون کي وڃڻ ڏيو، مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.” همراهه کلندو رهيو ۽ مون پوئتي مُڙي ڏسڻ بنا ٻَڌيون وکون کڻي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي هڪ بورڊ نظر آيو جنهن جي رهنمائيءَ ۾ کاٻي پاسي مڙيس ته ايئرپورٽ جي بلڊنگ جو نقشو ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ لڳو. وزيٽنگ گئلري وٽ بيهڻ سان ساڄي پاسي جيڪو وڏو ڪوريڊور نظر ايندو آهي، اهُو اهو رستو هو جنهن جي ذريعي اميگريشن کان پوءِ ويٽنگ لائونج وڃبو آهي. انهيءَ جي دنگ تي گولائي ۾ ٺهيل جڳهه ويٽنگ لائونج آهي، جنهن سان جهاز اچي لڳي بيهندا آهن.
    ويٽنگ لائونج کان پهرين به چيڪنگ جو هڪ مرحلو هو. اندازو ٿي ويو ته ڪيڏو ڊپ اٿن ته متان ڪو اسان جي ئي اسٽاف جي ملي ڀڳت سان هٿيار کڻي جهاز ۾ نه پُهچي وڃي. نه ته بار بار ايئن چيڪ نه ڪن ها. هتي ته بوٽ ۽ بيلٽ به لهرايائون بلڪه ڪپڙن توڙي جسم سان لڳل ڪنهن به ميٽلڪ شيءِ تي کين اعتراض هو. شڪر آهي جو فيشن جي چڪر ۾ ميٽل جا بڪل رڳو بوٽ ۽ بيلٽ تي ئي استعمال ٿين پيا پر جي فيشن جي نالي تي ميٽل جو ذرو انڊرويئر يا پينٽ تي لڳل هجي ته ڪر اهي به لاهڻا پئجي وڃن. ان ڪري منهنجي هاڻي سڀني کي صلاح آهي ته جهاز جي سفر لاءِ نڪرو ته بيلٽ کان سواءِ ڪُجهه به اهڙو نه پايو جنهن ۾ ڪا ميٽلڪ (ڌاتوئي) شيءِ استعمال ٿيل هُجي. انهيءَ ڳالهه جي سمجھاڻي لاءِ انڊيا جي مشهور اداڪار شاهه رُخ جي وڊيو گيم تي ٺهيل مووي را_ون ۾ هڪ سين اهڙو آهي جنهن ۾ وڊيو گيم جي هڪ ڪردار کي انهيءَ مشين مان پاس ٿيڻو پوندو آهي جنهن جو سڄو ئي جسم لوهه هُجي ٿو ۽ هو جسم جي هر حصي تي مختلف ميٽلڪ زيور پاتل هُجڻ جو بهانو ڪري پاس ٿيو وڃي. مون کي به اهو فائدو ٿيو ته بوٽ ۾ ڪابه ميٽلڪ شيءِ ڪانه هئي باقي بيلٽ سو هر هر لاهڻو ٿي پيو. اهڙي کاپاري بعد پڪو پهه ڪيم ته واپسيءَ تي ڊريسنگ ئي اهڙي ڪبي جو بيلٽ لڳائڻو نه پوي.
    اُتان ٿي اچي ويٽنگ لائونج ۾ سک جو ساهه کنيم. ڪجهه دير ساهه پٽڻ کان پوءِ ڏٺم ته ان سڄي مرحلي ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. اُن وقت ساڍا چار ٿيا هئا. لائونج ۾ ڪا خاص رش نه هئي. هونئن رش هجڻ کپندي هئي ڇو ته گلف وارن ملڪن خاص ڪري، قطر، ايمريٽس، بحرين وغيره جي ايئر لائينز جا جهاز فجر واري ٽائيم ضرور ايندا آهن.. پر اڄ شايد گهٽ ماڻهو وڃي رهيا هئا. خير، تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ جائزو ورتم ته ٽائيم پاس لاءِ ٻه ٽي آپشن هئا: هڪ اهو ته ٽي وي ڏسجي، سو هلي پيو جيو چئنل، جيڪو جانبداريءَ ڪري هاڻي گهٽ وڻي. ٻيو انٽرنيٽ استعمال ڪجي سو به ڪيم ۽ فيس بوڪ اسٽيٽس اپڊيٽ ڪري اي_ميل چيڪ ڪري ملائيشيا وارن سان هلندڙ رابطي واري اي ميل تي ميل ڪري ٻڌائي ڇڏيم ته اڄ روانو ٿيان پيو ۽ اجهو پهتس. ٽيون اهو ته شاپس تان ونڊو شاپنگ ڪجي. ڇاڪاڻ ته اهي دڪان ڪابه شيءِ وٺڻ جي لاءِ اوهان جي مالي خساري جو باعث ئي ٿي پي سگهيا. ان ڪري هوائي چڪر هڻي وري اچي ٽي وي تي ويٺس، جنهن تي شريف شو پئي هليو ۽ عمر شريف هڪ مهمان سان ويٺي ڀوڳ ڪيا. تنهن کان پوءِ وري ساحر شو هو. هيءُ همراهه به ڪڏهن رمضان جي افطاري پروگرام ۾ نيم مولوي ٿيو ويٺو آهي ته ڪڏهن وري ميرا جي مُڙس جي ڊوڙ واري پروگرام جي ميزباني پيو ڪري. اڄ وري هڪ اڃا نئون شو هئس جنهن ۾ به نچڻ ڪُڏڻ ۾ هو.
    انٽرنيٽ تي ويهي اهو ڏسي ورتو هئم ته جهاز هُتان اڌ ڪلاڪ ليٽ هليو آهي، سو اهو طئي ٿيل وقت کان اڌ ڪلاڪ پوءِ (يعني طئي ٿيل وقت پوڻي ڇهين بجي بجاءِ) سوائين ڇهين بجي هلندو. سو، هي بور پروگرم ڏسڻ بجاءِ ڪنهن سان ڪچهري ڪرڻ جو ارادو ڪيم. پريان ويٺل هڪ نوجوان کي ويجهو ٿيس. پهرين اردوءَ ۾ حال احوال ٿيا پر ٻئي هڪ ٻئي جي لهجي مان سمجهي وياسون ته سنڌي آهيون. همراهه ڪنهن اهڙي ڪمپنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيو، جيڪا دبئي بيسڊ هئي پر پاڪستان ۾ به ڪم هئس. سو، هُن ڪجهه وقت هتي ڪم ڪيو ۽ پوءِ کيس دبئي ٽرانسفر ڪيو ويو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”انٽر ڪري بي ايس سي ڪيم پئي ته جاب لڳي وئي، سو اڳتي پڙهي نه سگهيس. وري به پاڪستان ۾ جهڳاڙ ڪري پئي سگهيس پر دبئي وڃڻ کان پوءِ شيڊيول هونئن ته کڻي آئيديل رهيو پر پڙهائي نه ٿي سگهي.“ آئيڊيل انهيءَ ڪري ته کيس هر چئن مهينن کان پوءِ ٻه مهينا موڪل ٿي ملي جيڪا هن پاڪستان اچي ٿي گذاري. ايئن نه هو ته هو سڄو سال ڪاليج يا يونيورسٽي نه وڃڻ باوجود امتحان ڏيئي وڃي ها. دبئيءَ مان انهن ڏينهن ۾ ئي موڪل ملي اهو به ممڪن نه هو. بهرحال ڪل ملائي همراهه انهيءَ خيال جو هو ته ”انٽر ڪري به نوڪري شاندار آهي. شادي به ڪئي اٿم. ٻه ٻار آهن. زندگي سٺي پئي گذري. پڙهائي رڪجي ويئي ته ڇا ٿيو!“ مون کي به سندس ڳالهه لڳي ته سنڌي ماڻهوءَ کي نوڪري ٻاهر مُلڪ جي ۽ موڪل ڍؤ تي هجي ته ٻيو کپي به ڇا؟
    دنيا جي حوالن ۾ وقت ويو ويجھو ٿيندو. آهستي آهستي ٻيا مسافر به گڏ ٿيندا ويا جِن کي انهي جهاز ۾ وڃڻو هو. اها به پڪ ٿي ته فرسٽ ڪلاس وارن لاءِ ايڪانامي ڪلاس جي مسافرن سان لاڳو اهو شرط ناهي هوندو ته هروڀرو ٽي ڪلاڪ اڳ اچي پهچن ۽ پوءِ هر اسٽيپ تي بيٺل آفيسر دل کولي کين تنگ ڪري، جو کيس پڪ آهي ته جهاز ۾ ڪافي وقت پيو آهي. مون اهو نوٽ ڪيو ته آخري اڌ ڪلاڪ ۾ رڳو اهي مسافر پئي آيا جن کي ڏسي لڳو ته اهي فرسٽ ڪلاس يا بزنس ڪلاس وارا مسافر آهن. هڪ ته سندن ظاهري ڏيک ويک مان ۽ ٻيو انهيءَ ڪلاس جي ماڻهن جو پاڻ کي هروڀرو به مصروف ڏيکارڻ واري روش مان. خواه مخواه پيا فون تي ڊيگهه ڪندا يا مهانگي موبائيل سيٽ تي ميل چيڪ ڪندا، ڄڻ وڏو ڪو مسئلو بس هتي اچي بيٺو آهي. متان هو حقيقت ۾ ايترا مصروف هجن به سهي پر اسان پارن مولائين نه انهي زندگيءَ جو تجربو حاصل ڪيو آهي، نه وري الله ڪري ڪريون به سهي، ڇو ته اهڙي وٺ وٺان ۾ ڇا گهمڻ، ڇا ڏسڻ، ڇا ملڻ ته ڇا پڙهڻ؟
    ويٽنگ لائونج ۾ مختلف جڳهن تي لڳل ايل سي ڊي اسڪرينن تي مختلف روانگي فلائيٽس جا وقت ۽ گيٽ نمبر لڳل هئا. اسان واري جهاز جو گيٽ نمبر 23 هو، سو سڀ مسافر انهي گيٽ وٽ جمع پئي ٿيا. ٿوري دير ۾ اعلان ٿيو ته پنهنجا بورڊنگ ڪارڊ سنڀالي لائين ٺاهيو. سڀني ايئن ئي ڪيو. هونئن ته انهيءَ ڪم جي تڪڙ الآصف جي بس اڏي تي ته پڻ ڪبي آهي، جو ڀلي ٽڪيٽ ورتل به هجي پر جي ڪو ڪانڀو خان اوهان جي سيٽ تي ويهي رهيو ته معنيٰ سيٽ وئي پر جهاز ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو ناحق نه هوندو. تنهن هوندي به الطاف شيخ صاحب واري ڳالهه ته اوهان وٽ هئنڊ ڪيري ۾ ڪا اهڙي وڏي سائيز جي شيءِ آهي جيڪا اوهان کي مٿي مخصوص ڪيل جڳهه تي رکڻي آهي ته پوءِ تڪڙ ڪري پڄجي، نه ته جي جڳهه نه ملي ته اهو سامان پيرن اڳيان رکي سوڙهو ٿي ويهڻو پوندو. سو، ڪجهه ماڻهن اها تڪڙ ڏيکاري پر مون وٽ ننڍو شولڊر بئگ هو جيڪو پاڻ سان گڏ رکي پئي سگهيس. ٻيو ته مون کي ويسر جو مرض به جام آهي، سو وڏو بئگ هجي ها ته به پاڻ سان گڏ ئي رکان ها. آسپاس سامان رکڻ جي چڪر ۾ هڪ دفعو پنهنجو لئپٽاپ ٽئڪسي ۾ وساريو هئم جيڪو ٽئڪسي واري جي هٿ چڙهيو۽ واپس نه مليو.
    جهاز ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ ايئر هوسٽس بيٺل نظر آئي، جنهن تڪڙ ۾ هڪ نظر بورڊنگ ڪارڊ تي وڌي ٿي ۽ ٻڌايو ٿي ته اوهان ڪهڙي لائين ۾ وڃو. جهاز ۾ سيٽ نمبر جو حساب ايئن آهي ته سيٽ نمبر1 جو مطلب ته پهرين لائين. انهيءَ ۾ A کان K تائين سيٽ نمبر هوندا آهن. ايئن هر نمبر جي هڪ لائين ۾ ٻارهن سيٽون ٿين. اهڙيون 35 کان 40 لائينون هونديون آهن رڳو ايڪانامي ڪلاس جون. معنى 4 کان 5 سؤ مسافر ته رڳو ايڪانامي ڪلاس ۾ ويهن ٿا. سو، انهي حساب سان ايئر هوسٽس مسافرن کي اهڙي نموني موڪليو پئي ته جيئن اهي آسانيءَ سان پنهنجي سيٽ تي پهچي وڃن. ايئن نه جو سيٽ هجي 1A ۽ همراه هليو وڃي K واري لائين ۾. هاڻي K کان وٺي A تائين جي سيٽن وچان واپس اچي پنهنجي سيٽ تي پهچڻ مطلب ته ڪيترن ئي مسافرن جا پير لتاڙڻ. سو، اهڙي خفي کان بچڻ لاءِ هڪ ايئر هوسٽس انهيءَ ڪم تي مامور ڪئي وئي هئي.
    آئون به وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺس جيڪا 11A هئي، يعني 11 نمبر لائين جي پهرين سيٽ جيڪا کاٻي پاسي کان شروع ۾ هئي دريءَ سان گڏ. ٻاهر اڃا انڌيرو هو. پريان کان پي آءِ اي جو هڪ جهاز نظر پئي آيو. الائيِ ڪيترو ليٽ هو، ڇو ته ويٽنگ لائونج ۾ لڳل بورڊن تي پي آءِ اي جي ڪابه فلائيٽ پنهنجي وقت تي نه هئي. ايمريٽس جي هن وڏي جهاز ۾ هر طرف ڏسي ايئن پئي لڳو ڄڻ هاڻي ئي مئنوفيڪچرر ڊائريڪٽ هتي موڪليو آهي. دبئيءَ کان نه آيل هجي ها ته يقين ئي نه اچي ها ته هن جهاز ۾ اڳ به ڪو ويٺو هوندو. هر شيءِ صاف سٿري هئي. هر سيٽ جي اڳيان (اڳين مسافر جي پوئين سيٽ جي پٺيان) هڪ اسڪرين لڳل هئي، جنهن تي انائونسمينٽ پئي هليون ۽ ٻڌايو پئي ويو ته جهاز ۾ هنگامي صورتِحال ۾ ڇا ڪجي. ڇا ڪجي ته سمجهه ۾ گهٽ پئي آيو پر بئڪ گرائونڊ ميوزڪ واهه جي هئي. ٿوري دير ۾ جهاز چرڻ لڳو ۽ پائليٽ مخاطب ٿيو. ٻڌائڻ لڳو ته اسان دبئيءَ لاءِ سفر ڪنداسين جنهن لاءِ ڪل وقت پوڻا ٻه ڪلاڪ لڳندو ۽ مفاصلو اٽڪل 1181 ڪلوميٽر آهي. جهاز پهرين پوئين پيرن هليو، پوءِ پوزيشن سنڀالي اڳتي هليو. جڏهن مين رن وي تي پهتو ته بيهي رهيو ۽ پائليٽ باضابطه اعلان ڪيو ته هاڻي اسان اڏام شروع ڪنداسين. مون کي سدائين اهو تجسس رهيو آهي ته جهاز جي اڏام مهل دريءَ کان نظارو ڪيئن هوندو آهي. جيتوڻيڪ يو ٽيوب ڊاٽ ڪام تي دنيا جي تقريبن هر ايئر پورٽ ۽ هر ايئر لائين جي ٽيڪ آف ۽ لئنڊنگ جا ڪلپ پيا آهن، جيڪي وڏي شوق سان ڏسندو هوس پر اڄ اهو سڀ سامهون ڏسي، محسوس ڪري خوشي پئي ٿي. سو مون به ڪئميرا کڻي وڊيو رڪارڊنگ شروع ڪئي. جهاز پهريان رن وي تي ڪنهن تيز رفتار گاڏيءَ جيان هليو ۽ هڪ صاف سٿري رن وي تي هلندي به ايئن پئي لڳو ڄڻ اسان واري ڳوٺ ملڪاڻيءَ جي روڊ تي استاد رضا واري بس اسپيڊ پڪڙي هجي پر ڪجهه ئي لمحن ۾ جهاز زمين تان مٿي اٿي ساڄي پاسي هلڪو موڙ ڪَٽيو ۽ پوءِ جيئن پوءِ تيئن مٿي ۽ اڳتي وڌڻ لڳو. (اهو منظر مون به يو ٽيب تي اپلوڊ ڪري ڇڏيو آهي.) ڪراچي ايئر پورٽ جو رن وي اولهه- ڏکڻ طرف (جڏهن جهاز ٽيڪ آف ڪن ٿا) سو، هر جهاز کي ان حساب سان ٽرن ڪٽڻو پوي ٿو. جيڪي جهاز اولهه وارن ملڪن جهڙوڪ يورپ وغيره وڃن ٿا اهي ته سڌا ئي وڃن ٿا پر جيڪي نار وارن ملڪن ڏانهن وڃن اهي ٿورو کاٻي طرف مڙن ٿا ۽ پوءِ سڌا اولھہ پاسي ھليا وڃن ٿا ۽ اوڀر وارن ملڪن جهڙوڪ انڊيا، بنگلاديش يا ملائيشيا وڃڻ وارا جهاز وري يو ٽرن وٺي واپس مڙن ٿا. خود پاڪستان جي لوڪل فلائيٽس جا جهاز به سڀ يو ٽرن وٺي اوڀر رخ ڪن ٿا، ڇو جو ڪراچي اولهه ۾ آخري شهر آهي ۽ اهي جهاز سڄو ڏينهن گلستان جوهر مٿا يو ٽرن وٺي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مٿان ٿيندا اسان واري سچل ڳوٺ مٿان گذرن ٿا. هاڻي ته اهو گوڙ برداشت ڪرڻ جي هير پئجي ويئي آهي. ها باقي لوڪل ايئر لائين جي ٿڪل جهازن کان ڊپ، سو ضرور ٿئي ٿو جو متان اچي مٿان ڪرن! ڇو ته 2010ع کان 2012ع تائين ٽي جهاز ته ڪِري چڪا آهن، جنهن ۾ 28 جولاءِ 2010ع تي ايئر بليو جو جهاز مارگلا پهاڙين ۾ ڪريو هو (جيڪو پاڪستاني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو مسافر جهاز حادثو هو)، ان کان ٽي مهينا پوءِ هڪ ننڍو جهاز ڪراچيءَ جي پهلوان ڳوٺ ڀرسان ۽ ڀوڄا ايئر جو جهاز اسلام آباد ويجهو حسين آباد ۾ ڪريو هو. الله سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي پر ايترن واقعن کي ڏسي اتفاق بجاءِ لاپرواهي تي گمان وڌيو وڃي.
    ايمريٽس جي انهيءَ فلائيٽ ۾ اڪثريت پاڪستانين جي ئي هئي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سلسلي ۾ دبئي يا وري هتان اڳتي ڪا ٻي فلائيٽ پڪڙي ڪنهن ٻي ملڪ ٿي ويا. مون کي ڪوبه ڌاريو ان فلائيٽ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ نه وري ايتري رش هئي. ڇو ته اڪثر سيٽون خالي هيون. اسان جي ساڄي پاسي وارين چئن سيٽن تي صرف هڪ ئي همراهه ويٺل نظر آيو سو به صفا ٿوري دير لاءِ، ڇو ته ڪجهه ئي دير ۾ ”ڊونٽ ڊسٽرب“ جو ٽيگ سيٽ تي چِپڪائي سيٽن جي وچ ۾ ٺونٺ يا هٿ رکڻ لاءِ ٺهيل ٻانهيون مٿي ڪري سمهي رهيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو، جن جي فريڪوئنسي ايتري ته بهرحال هئي جو جهاز جي مخصوص ڀوووووووووووون وارو شور هوندي به آسپاس جي ٽن چئن سيٽن تي ويٺل مسافرن جو ڌيان ڇڪائي رهي هئي. ايمريٽس وارن اهو سک ڏنو آهي ته اوهان جي سيٽ تي (چِپڪائڻ قابل) ٽي ٽيگ رکيل هجن ٿا. هڪ ڊونٽ ڊسٽرب جو، ٻيو اهو ته مون کي مانيءَ لاءِ فلاڻي ٽائيم تي اٿارجو ۽ ٽيون اهو ته فلاڻي ٽائيم اٿارجو. هوائي ميزبان مرد/عورت اهڙي قسم جي هدايتن جي تعميل لاءِ ٻڌل آهي. سو، گهر ۾ کڻي اهڙا ناز نخرا اوهان جا نه به کنيا ويندا هُجن پر هڪ دفعو اهڙي ايئر لائين جو ٽڪيٽ وٺو ته ڪُجهه ڪلاڪ ئي سهي پر اوهان بالم ٿي سُتا پيا هجو، جنهن مهل چوندؤ اوهان کي اٿاري ماني يا پاڻيءَ جو پُڇيو ويندو.
    جهاز ڪجهه ئي دير ۾ ڪراچي شهر جي حدن مان نڪري چڪو هو. هي شهر سمنڊ ڪناري هجڻ ڪري پنهنجي گاڏيءَ ۾ به سمنڊ تي پهچڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ ڪافي آهي ۽ جهاز ته منٽ به نه لاتو ۽ سمنڊ جي مٿان هلڻ لڳو، جنهن لاءِ سامونڊي جهاز هلائيندڙ چون ٿا ته تمام گرم سمنڊ آهي. هوندو انهن لاءِ پر مون کيِ ته ان وقت ڪپهه جي ڍِڳ يا وري نيڻ نهار تائين ڦهليل ڪڪرن منظر ڏسندي جهاز جي ڪنڊيشنڊ ايئر ۾ مزو پئي آيو. ڪجهه ئي دير ۾ ناشتو ڏنو ويو. ناشتي ۾ پنير، گوبي ۽ قيمي جو ٻوڙ، ٻه ڪباب، فروٽ جا ٻه ٽڪرا ۽ چانهه/ڪافي (چوائس تي) ڏني ويئي. ناشتي کان پوءِ منهنجي پاسي وارو همراهه به سمهي پيو ۽ اڪثر ماڻهن کي ستل ئي ڏٺم، شايد انهن جو اهو سفر معمول هو. آئون جيئن ته نئون هوس، سو جهاز جي سفر کي انجواءِ پئي ڪيم.


    ڪوالالمپور ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙو ئي آهي

    آئون جياگرافيءَ ۾ انتهائي ڪمزور آهيان. نقشن ۾ ملڪن جي بيهڪ مون کي ياد ناهي بيهندي. منهنجو سوٽ محمد علي (جيڪو ڊي فارماسسٽ آهي ۽ دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪوالٽي ڪنٽرول واري شعبي ۾ ڪم ڪري ٿو پر جياگرافي پسنديده سبجيڪٽ اٿس) اڪثر مون کي گائيڊ ڪندو رهي ٿو. اهو به مون کي هُن ئي سمجهايو هو ته آمريڪا لاءِ پاڪستان ئي ڇو مجبوري آهي نيٽو رسائي واري ڪم ۾. يا وري سعوديءَ کان تيل وٺڻ باوجود زميني لحاظ کان آمريڪا ايران اڳيان ڇو مجبور آهي؟ ان ڪري ته کيس ايران کان بحري رستي گذري سعودي وڃڻو پوي ٿو. سو، مون کي صحيح طرح اها خبر نه هئي ته دبئي نار وارن ملڪن ۾ ڪهڙي پاسي تي آهي. سرسري طور ايتري خبر هئي ته اولهه پاسي آهي. جهاز ۾ بار بار وڏي اسڪرين توڙي سيٽ اڳيان لڳل ننڍي اسڪرين تي هڪ ريئل ٽائيم ڊاياگرام ذريعي ٻڌايو پئي ويو ته جهاز ڪٿي پهتو آهي. انهيءَ مان اندازو ٿيو ته جهاز ڪراچيءَ کان سڌو اولهه طرف بلوچستان جي سائيڊ وٺي هليو آهي ۽ دبئي ايئر پورٽ دبئيءَ جي اولهندي ڪناري تي آخر ۾ آهي. مون کي خوشي ٿي ته انهي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ جهاز جي دريءَ مان ئي سهي پر دبئيءَ جو هوائي جائزو ته وٺي وٺبو. جهاز جيئن جيئن دبئي ويجهو اچڻ لڳو ته اسڪرين تي شروع کان سفر جو ڪائونٽ ڊائون (ابتي ڳڻپ واري گهڙيءَ ۾ دورانيو) گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ جهاز به آهستي آهستي 30 هزار فوٽ جي بلنديءَ کان هيٺ اچڻ لڳو. ڪجهه ئي دير ۾ سمنڊ ڪنارو ڏسڻ ۾ آيو ۽ پوءِ هڪ برپٽ جو سلسلو شروع ٿيو. ايئن پئي لڳو ته ٿر جي وارياسي علائقي کان پوءِ شروع ٿيندڙ ڪارونجهر جابلو سلسلي جي وچ واري پٽ جهڙو هڪ ڊگهو سلسلو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو پَٽ ۽ واريءَ گاڏڙ مٽيءَ جا ڍير هجن. اهو نظارو جهاز کان به بهتر گوگل ارٿ تي ڪري سگهجي ٿو پر جيئن ته هيءُ اکين ڏٺو هو، سو مزو پئي آيو. جهاز هيٺ ٿيندو ويو، اڳتي وڌندو ويو ۽ 20 کان 25 منٽن ۾ سڄو دبئي اُڪري وڃي سمنڊ جي هن پار پهتو. پوءِ پري کان کاٻي پاسي اها بلڊنگ نظر اچڻ لڳي جنهن لاءِ (دبئي ۾ رهندڙ دوست انصاف سومرو، انجنيئر اتصالات ڪمپني) ٻڌائيندو آهي ته رڳو اندر وڃڻ جو ٽڪيٽ 200 درهم آهي، يعني پاڪستان جا رائج الوقت سِڪي جي حساب سان لڳ ڀڳ 5000 رپيا! انهيءَ جڳ مشهور بلڊنگ جو نالو آهي بُرج العرب.
    جهاز دبئيءَ جو اولهندو سمنڊ ڪنارو اُڪري کاٻي پاسي ٽرن ورتو ۽ ڊگهو ڦيرو ڪري سڌو هيٺ لهڻ لڳو. اسان ڪراچي، پاڪستان جي معياري وقت موجب 6:10 منٽن تي ڇڏي هئي ۽ اُن مهل هتي دبئيءَ ۾ 5:10 منٽ ٿيا هوندا، ڇو جو هن ملڪ تي، پاڪستان کان اولهه پاسي هجڻ ڪري سج جا ڪرڻا ڪجهه دير سان ٿا پون. اُن وقت (تقريبن پوڻن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ) منهنجي گهڙيءَ ۾ ته 7:45 ٿيا هئا پر اهو پاڪستاني وقت هو، جڏهن ته دبئيءَ جي اسٽينڊرڊ ٽائيم مطابق 6:45 ٿيا هئا. سو، اڃا جهڙوڪر صبح ساجهر هئي. سج هاڻي ئي پهرين ڪَني ڪڍي هئي. هيٺ، جيئن ٻڌا هئاسين تيئن بهترين روڊ هئا. گاڏين جي وهڪ جاري هئي. يقينن هفتي جي پهرين ڏينهن (سومر) تي ماڻهو آفيس پهچڻ چاهيندا هوندا يا پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳڻ لاءِ ويندا هوندا. جهاز به وڃي دبئيءَ جي ميلن ۾ پکڙيل ايئرپورٽ جي رن وي تي پير رکيا. انائونسمينٽ شروع ٿي جيڪا پهرين ته عربيءَ ۾ هئي پر پوءِ جيڪا انگريزيءَ ۾ شروع ٿي سا به عربي لهجي جي ڪري سمجهه ۾ نه آئي پر دريءَ مان ديدار ڪرڻ سان ئي اهو سمجهه ۾ آيو پئي ته سچائي هجي ته واري ۽ برپٽ ۾ به ترقيءَ جا شاهڪار کڙا ٿيو وڃن. ڇا رن وي ته ڇا ايئرپورٽ! هڪ اسان آهيون جيڪي ٿر ۾ اڃا تائين اهڙو روڊ ناهيون ٺاهي سگهيا جيڪو واريءَ تي جٽاءُ ڪري سگهي. اکين سان ڏسون پيا ته هر بارش کان پوءِ هيٺان واري نڪري وڃڻ ڪري مٿان هلڻ ئي جان جو خطرو ٿو پوي! اهو ته ٿيو وارياسو ٿر پر جيڪي ميداني علائقا يا ايتري تائين جو جتي پٿريلي زمين آهي (جيئن ڪراچي حيدرآباد وچ ۾) اتان جا روڊ به هر سال پيا ٽٽن، جتي ڪڏهن اُکيڙي وري ٺاهڻ يا وري اتي ئي مسالو ڀري چَتيون هڻڻ وارو ڪم ٻارهو ئي هلندي نظر پيو ايندا آهي. ٻئي پاسي هتي ٻڌو آهي ته واريءَ تي به اهڙا رستا ٺاهيا اٿن جو سالن جا سال ٿيو وڃن، مجال آهي جو ڪو ٽڪرو ڪٿان اکڙي يا دٻجي وڃي.
    دبئي ايئر پورٽ هڪ ڊگهي ريل گاڏيءَ وانگي آهي جنهن ۾ اِلاهي سارا جهاز بيهڻ جي گنجائش موجود آهي. ايئر پورٽ جي ٻنهي پاسي جهاز بيهندا آهن ۽ انهن سان لڳولڳ ويٽنگ لائونج آهن. ٻنهي پاسي ٺهيل ويٽنگ لائونجز جي اندران قطار ۾ ڊيوٽي فري شاپس آهن يعني اوهان ڪجهه به وٺي سگهو ٿا ۽ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي سگهو ٿا. دڪانن جي وچ تي به هلڻ لاءِ ڪافي ڪشادو رستو آهي، جنهن تي به ڪٿي ڪٿي مختلف اسٽال آهن، مثال طور مني ايڪسينجر، موبائيلز وغيره وغيره. جڳهه جڳهه ته رهنمائيءَ لاءِ بورڊ لڳل آهن ته جيئن خبر پوي ته اوهان هن وقت ڪهڙي ٽرمينل تي آهيو يا وري زنانو ۽ مردانو واش روم ڪهڙي طرف آهي؟ انهي کان علاوه اهڙا بورڊ به لڳل آهن جن تي ايندڙ چويهن ڪلاڪن جي سڀني فلائيٽس جا وقت، ماڳ ۽ ٽرمينل نمبر لکيل آهن ته جيئن خبر پوي ته ڪنهن کي ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي ۽ هو ڪهڙي ٽرمينل نمبر وٽ وڃي ويهي. مون اهو بورڊ ڏٺو ته خبر پئي ته ڪوالالمپور ويندڙ جهاز ٽرمينل نمبر 217 تي آهي ۽ وري ايئرپورٽ جو نقشو ڏٺم ته خبر پئي ته اُن وقت آئون ٽرمينل نمبر 220 وٽ بيٺل هوس. پنڌ هلندو وڃي 217 تي پهتس ۽ ڏٺم ته ٿوري ٿوري پنڌ کان پوءِ هڪ خودڪار زميني رستو به هو. مطلب ته اوهان انهي حصي تي بيهو ته اهو پٽ پاڻهي هلندو رهندو ۽ اوهان هڪ ٻه ٽرمينل بنا هلڻ جي طئي ڪري ويندا. انهيءَ کان علاوه پوڙهن ۽ معذورن کي کڻڻ لاءِ گاڏيون به هلنديون نظر آيون. چوڻ جو مقصد ته ايئرپورٽ تي ايندڙ مسافرن جي سهولت لاءِ انتظاميا ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي.
    مون پنهنجي ٽرمينل تي پهچي ڪائونٽر تي بيٺل هڪ عورت کي پنهنجو بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاريو ته چيائين: بلڪل هي ئي ٽرمينل آهي ۽ اوهان فلائيٽ جي ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ اڳ هتي اچجو. مون ڏٺو ته اُن وقت اڃا سوا ست ٿيا هئا، جڏهن ته جهاز جو وقت ساڍا ڏهه وڳا هو. سو، سوچيم ته ايئرپورٽ ۾ گهمجي ڦِرجي ۽ دنيا جي سستي ترين شاپنگ يعني ونڊو شاپنگ ڪجي. گهمندو ڦرندو رهيس ۽ ائين ٻه اڍائي ڪلاڪ دبئيءَ جي ايئرپورٽ جي رنگينين ۾ گذري ويا. پوڻين ڏهين ڌاري اچي پنهنجي ٽرمينل تي پهتس ته ڪافي رش لڳل هئي. يقينن منهنجا سڀ همسفر اچي هتي پهتا هوندا. آئون هڪ سيٽ خالي ڏسي ويهي رهيس. سامهون هڪ سوڊاني يا صومالي ليپ ٽاپ هنج ۾ رکي بي فڪر ستو پيو هو. دل ۾ آيو ته سجاڳ ڪريانس ته هاڻي تياري وٺ، فلائيٽ جو وقت ويجهو آهي. انهيءَ کان پهرين پاڻ ڏي متوجه ۽ هڪ ٻئي سان سُس پُس ڪندڙ نوجوان جوڙي کي هيلو ڪيم. ٻن چئن ورندين کان پوءِ خبر پئي ته مون واري انگريزي سندن سمجهه کان مٿي آهي، ايئن جيئن هُنن جِي مون لاءِ. مس مس اها خبر پئي ته ڇوڪرو ڇوڪري جاپان کان هني مون ملهائڻ لاءِ ويانا (آسٽريا) پيا وڃن. پر حيرت اها ٿيم ته هِن ٽرمينل تي ڇو ويٺا آهن. پڇڻ تي ٻڌايائون ته اسان هتي رات پهتا آهيون ۽ اڃا به جهاز ۾ ڪافي وقت پيو آهي، سو جنهن ٽرمينل تي رش گهٽ هجي ٿي، اتي وڃي سمهي ٿا پئون. دل ۾ آيو ته سٺو ٿيو جو سامهون ستل همراهه کي نه اٿاريم. ٿي سگهي ٿو اهو به انهيءَ ڪري ئي ستو هجي ته هِن ٽرمينل تي رش گهٽ آهي. پر هاڻي ته هتي به ڪافي گوڙ گهمسان هو. سو، جاپاني گڙيا ۽ گُڏو ته اٿي روانا ٿيا. باقي ليپ ٽاپ واري همراهه جا کونگهرا انهي گوڙ ۾ به چٽا ٻڌڻ ۾ آيا پئي.
    ٿوري دير ۾ اعلان ٿيو ته ڪوالالمپور ويندڙ مسافر قطار ٺاهين ۽ ڪائونٽر تي پنهنجا پاسپورٽ چيڪ ڪرائي هيٺين فلور تي ٺهيل آخري ويٽنگ لائونج ۾ وڃي ويهن، جتان پوءِ سڌو جهاز ۾ وڃڻو هو. نوٽ ڪيم ته جن وٽ ملائيشيا جو پاسپورٽ هو تن جو پاسپورٽ ته سؤلو کولي به نه پئي ڏٺائون. يورپين تي به هلڪو هٿ هو پر مون وارو گرين پاسپورٽ ڏسي، اڇي مٿي سان بيٺل پوڙهي همراهه بنا کولي ڏسڻ جي ئي مون کي سائيڊ تي ڪري بيهاريو. ٿورو حيرت ٿي ته ايئن ڇو؟
    پهريان پڇيائين “ڪاڏي؟”
    چيم “آبويسلي ملائيشيا.”
    “ڇو؟”
    ٻڌايم ته هڪ سمپوزيم ۾ پيپر پڙهڻ ٿو وڃان. پوءِ ويزا لڳل پيج کي غور سان ڏسي پاسي ۾ بيٺل ٻي همراهه کي ڏنائين ۽ پاڻ پويان بيٺل قطار ۾ ماڻهن کي اڪلائڻ لڳو. ٻيو شخص منهنجي پاسپورٽ کي ميگنفائينگ گلاس سان ڏسڻ لڳو، جنهن مان کيس ڇا پئي نظر آيو يا ڇا ٿي ڏسڻ چاهيائين اها پڪ ناهي پر مون کي انهي مان پنهنجي ملڪ جي ٻين ملڪن ۾ جُڙيل ساک صاف نظر اچي رهي هئي. ڇو ته انهيءَ جهاز ۾ آئون اڪيلو پاڪستاني هئس جيڪو ملائيشيا وڃي رهيو هوس. ڪافي دير غور فڪر کان پوءِ ٻي همراهه پهرين کي پاسپورٽ واپس ڪيو ۽ او ڪي چيائين.
    هاڻي هن اردوءَ ۾ ڳالهائيندي پڇيو “بيٽا ڪيا ڪرتي هو پاڪستان ۾؟”
    مون جواب ڏيڻ بدران جهٽ ۾ سوال ڪيو “آپ بهي پاڪستاني هين؟”
    “نهين، انڊين!”
    مون چيو “پي ايڇ ڊي ڪر رها هون اور جاب بهي.”
    مون کي اڳتي وڌڻ جو چيائين. هاڻي مون کي سندن ڪجهه سوائي جانچ پڙتال جو هڪ ٻيو سبب به سمجهه ۾ آيو ته شايد همراهه جو انڊين هجڻ به اسان پاڪستانين تي ڪرڙي اک رکڻ جو ڪارڻ هجي. بهرحال، هاڻي سڀ مسافر انهي هيٺين فلور تي ٺهيل هال ۾ پهچي چڪا هئا. مون کي هڪ خالي سيٽ ملي جنهن جي پاسي ۾ هڪ انڊين عورت اخبار پڙهي رهي هئي. انهيءَ هال ۾ دبئيءَ ۾ ڇپجندڙ روزاني اخبارن جون ڪافي ڪاپيون پيل هيون. ٿوري دير ۾ ئي انهيءَ مائي هيلو هاءِ ڪئي ۽ خبر پئي ته پاڻ ملئي نيشنل آهي ۽ مذهبن جي تقابلي علم (ڪمپيريٽوِ رليجن) ۾ ريسرچر آهي. مون جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته فورن پڇيائين:
    “هندو؟”
    چيم “نه”
    “پوءِ ڪڏهن ڪنورٽ ٿيا آهيو؟”
    چيم “ٿيو ئي ناهيان، آئون بِلٽ اِن مسلم آهيان.”
    کلندي چوڻ لڳي “نه نه، تون پنهنجي وڏن کان پُڇج، اوهان جي پنجن ستن پيڙهين کان وڌيڪ عرصو نه ٿيو هوندو ڪنورٽ ٿئي کي.”
    هو شايد راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي دؤر تي بيٺي هئي. مون کي ته وڌيڪ خبر به نه هئي پر پوءِ به چيومانس ته حجاج بن يوسف جي محمد بن قاسم کي واپس گهُرائڻ تائين انهيءَ همراهه سنڌ ۾ ڪافي ڪم ڪري ورتو هو. تنهن تي چوڻ لڳي،
    “ها اُن گهڻو ڪم ڪيو هو ۽ جي واپس نه وڃي ها ته اڃا به ڪافي ڪم ڪري ها پر کوڙ سارا ٻيا به پهلو آهن انهيءَ قصي جا.”
    ايئن ڏهه پندرهن منٽ ٻيا به انهي مائيءَ سان گڏ گذريا، جيڪا ڪنهن مهل پاڪستان جي حالتن ته ڪنهن مهل انڊو پاڪ هسٽريءَ تي ڳالهائيندي رهي.
    جڏهن جهاز ۾ ٺهيل A کان وٺي G تائين جي زون جي مسافرن کي واري واري سان سڏ ٿيو ته منهنجو وارو آخر ۾ آيو، ڇو ته هنن پهرين زون G وارن کي گهرايو جيڪا سڀ کان آخر ۾ هوندي آهي ۽ منهنجي سِيٽ زون A ۾ هئي. انهيءَ جو فائدو اهو هو ته پويان کان سيٽون ڀرجڻ سان سڀ آرام سان ويهندا ويا، نه ته جي زون A وارا پهرين وڃي سامان سڙو رکي سؤلا ٿي ويهن ئي نه ته پوين زونن وارا کين ٺونٺون هڻندا پوئتي وڃن ها.
    جهاز رواني ٿيڻ کان پهرين ئي مينو وارو بروشر ڏنو ويو، جنهن ۾ پهرين اپيٽائيزر ۽ پوءِ لنچ ۽ آخر ۾ جوس/آئس ڪريم جا تفصيل ڏنل هئا. گڏوگڏ ڪنهن به وقت گهرڻ تي ملندڙ شين جا نالا به ڄاڻايل هئا. ٿوري دير ۾ جهاز اڏاڻو ۽ سامهون اسڪرين تي نطر ايندڙ ڊاياگرام تي تجويز ٿيل روٽ موجب اسان کي بحرِعرب جي مٿان هلي سنڌ جو هيٺيون پاسو وٺي ممبئيءَ جي مٿان گذرندي پورو انڊيا ٽِپي وڃي چنائي کان گذرڻو هو. جنهن کان پوءِ بي آف بنگال ٽپي ملائيشيا پهچڻو هو. جهاز کي ڪيترو وقت لڳندو پهچڻ ۾ ۽ ڪيترو فاصلو آهي، اهو بار بار اسڪرين تي اچي رهيو هو. ڪنهن مهل انگلش ۾ ته ڪنهن مهل عربيءَ ۾. جڏهن عربيءَ ۾ ٿي آيو ته نالن جي ٿيل ڪٻاڙي تي کل به آئي پئي. مثال طور چنائي کي تشنائي لکيل هو جو عربي ۾ چ جو اچار ئي ناهي. ان وقت مون کي ننڍپڻ کان ٻڌل پنهنجي نانا محمد بچل سان ٿيل جٺون ياد آيون: جڏهن هو عمرو ڪرڻ سعودي پهتو ته هر هنڌ کيس بتشل چئي پڪارين ۽ هي پريشان ته ڇا ٿا چون! سواءِ هڪ اڌ شهر جي (ممبئي، حيدرآباد وغيره جي) ڪنهن کي به نه بخشيو هيائون. بينگلور بجاءِ بينغلور لکيل هو.
    منهنجي پاسي ۾ ڪو يورپي ويٺو هوجنهن وٽ آءِ پيڊ هئي ۽ مطالعو پئي ڪيائين. هو لڳ ڀڳ ستن ڪلاڪن جي سفر تائين انهيءَ ڪِرت ۾ مشغول رهيو. مون وٽ ته سواءِ الطاف شيخ جي ڪتاب ”ملائيشيا ٻارهن سالن بعد“ جي ڪجهه به اهڙو نه هو جو ويهي پڙهان ۽ اهو به اڳ ئي پڙهيل هو. رڳو هُتي وڃي ڪنهن ڳالهه يا جڳهه جي معلومات لاءِ گڏ کنيو هئم. ننڊ سفر ۾ اچي ڪانه. دريءَ جو ڪور کولي ٻاهر ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هو، رهندو تيز روشني اچڻ سبب يورپي پريشان پئي ٿيو. تنهن ڪري سڀني دريءَ سان ويٺل مُسافرن جيان مون به دريءَ جو ڪور بند رکيو پر ڪلاڪ اڌ جي ڳالهه هجي ته کڻي ماڻهو هٿ تي هٿ رکي ويهي. هتي ته 7 ڪلاڪ گذارڻا هئا. هاڻي ماحول ايئن هو جيئن ڪنهن ڊرائنگ روم ۾ اي سي آن ڪري هلڪي ڦِڪي ڪلر روشني آن ڪئي وئي هُجي. ماڻهو ماني کائي قيلوله ڪندا هُجن ۽ اهڙي ننڊ آئون ڪرڻ نه پيو چاهيان، سو نيٺ سامهون لڳل اسڪرين سان هٿ چراند شروع ڪيم جيڪا پاڪستان کان دبئي ايندي نه ڪئي هئم. انهيءَ جو آپريشنل فنڪشن ايڏو سولو هو جو منٽ ۾ سمجهي ويس. هيٺ لڳل ڪي پيڊ سان گڏ ٽچ سسٽم به هئس. خبر پئي ته ڪُل ٽي آپشن آهن: يا ته اوهان ويهي گانا، فلمون ڏسو/ ٻڌو يا وري ڏسو ته جهاز ڪٿي پيو هلي ۽ سفر جا تفصيل ڏسو. يا وري جهاز ۾ لڳل ٻه ڪئميرا جا ويو ڏسو. هڪ سامهون لڳل ڪئميرا جنهن مان لڳ ڀڳ اهو ئي نطارو ٿي پئي ٿي سگهيو جيڪو پائيلٽ جو هوندو. مطلب ته جيڪو پائلٽ ڏِسي رهيو آهي سو ئي اوهان به اسڪرين تي ڏِسي سگهو ٿا ۽ ٻيو هيٺين پاسي لڳل ڪئميرا جنهن سان هيٺ زمين جو نظارو پئي ٿيو. مون کي جڏهن ڊاياگرام تي خبر پئي ته جهاز انڊيا پيو پهچي ته مون هيٺ ويو ڪيو. واقعي ڏٺم ته هيٺ نظر ايندڙ بليو رنگ جو سمنڊ پورو ٿيو ۽ سمنڊ ڪناري کان پوءِ زمين شروع ٿي ۽ ڊاياگرام موجب اهو ممبئي هو. اهو سڀ مون لاءِ ڪافي دلچسپ هو. انهيءَ کان علاوه ٽيون آپشن اهو هو ته آڊيو گانا يا وڊيو فلم ٻُڌو يا ڏسو. گانن ۽ فلمن ۾ کوڙ سارين ٻولين سان گڏ هندي/اردوءَ به جي به سٺي خاشي ڪليڪشن هئي. انهيءَ دوران ڪڏهن اهي نظارا ته ڪڏهن وري ڪنهن فلم کي ڏسندي ڳچ وقت گذري ويو. منهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم اڃا به پاڪستان وارو هو. مون نوٽ ڪيو ته جڏهن مون وٽ ڇهه ٿيا ته ٻاهر نظر ايندڙ روشني اوچتو ئي اوچتو گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ انڌيرو ٿي ويو. يقينن اسان انهيءَ وقت زمين جي گولي جي انهيءَ حصي تي پهتا هئاسين جت سج پنهنجي روشني ڏيئي اڳتي وڌي چڪو هو. پر هڪدم ايئن ٿيڻ به ڪافي دلچسپ هو ۽ قدرت جي شان تي تعجب به ٿيو پئي ۽ انسان جي ڪرشمن تي حيرت به ٿي پئي ته ڪيئن هي هيڏيون بلائون آسمانن ۾ ايتري تيز رفتاريءَ سان هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جن وقت کي مات ڏيئي ڇڏي آهي.
    سفر اڃا ڪلاڪ کن باقي هو ۽ مون پنهنجي فيوريٽ مووي “دو دوني چار” ڏسي پوري ڪئي. اها مووي توڙي جو اڳ به ڏٺل هئي پر ايتري دلچسپ آهي جو بار بار ڏسڻ تي دل ڪري ٿي. انهيءَ فلم جي خاص ڳالهه اها به آهي ته انڊيا جي مشهور اداڪار رشي ڪپور جي زال نيتو سنگهه جي 30 سالن کان پوءِ آيل فلم آهي. نيتو شادي کان پوءِ (جيڪا 1982ع ۾ ٿي، آئون ته اڃا ڄائو ئي مس هوس) فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. مون سندس ڪافي فلمون ڏٺيون ۽ پراڻين اداڪارائن ۾ منهنجي پسنديده اداڪاره به آهي. سندس آيل هيءَ تازي مووي به گهٽ ناهي، جنهن ۾ هن رشي ڪپور جي زال جو ڪردار ادا ڪيو آهي (جيڪا هوءَ حقيقت ۾ آهي به) پر کيس هڪ ”آڻيون ۽ چاڙهيون“ واري خاندان طور ڏيکاريو ويو آهي. فلم ۾ دلچسپيءَ جا ٻيا به ڪافي عنصر آهن. ان دوران اسان کي ڪارڊ ڏنا ويا ته اهي فِل ڪريو جن ۾ هڪ حصو ته شايد انٽري ۽ اسٽي ڪارڊ جو هو، جنهن تي پاسپورٽ نمبر ۽ ڪجهه ٻيا تفصيل ڏنل هئا. ٻئي حصي تي نشي آور شين جي رکڻ کان تنبيهه به ٿيل هئي ۽ گڏوگڏ هڪ حلف نامي ٽائيپ ڪجهه اسٽيٽمينٽس به هيون، جنهن جي هيٺيان صحيح ڪري اهو مڃڻو هو ته اسان ملائيشيا پيا وڃون ۽ اتي جي قانون موجب نشي آور شئي گڏ رکڻ ڏوهه آهي. پڪڙجڻ تي هي هي سزائون آهن جيڪي اسان کي ڏوهي ثابت ٿيڻ تي ڀوڳڻيون پونديون. اهي ڀري صحيح ڪري واپس ڪياسون.
    هاڻي مون وڃي آڊيو سانگس ۾ سنگرس جي لسٽ ڳولي لڌي. خوشي ٿي ته انهيءَ ۾ راحت فتح علي خان، سونو نِگم ۽ شريا گهوشل جا نالا به هئا. چئبو ته ايمريٽس وارن ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ته هر مسافر جي پسند وٽان انٽرٽينمينٽ جي انهيءَ ڪليڪشن ۾ مواد رکون. توڙي جو راحت فتح علي خان ۽ شريا گهوشل جو اُن وقت نئون آيل انتهائي سريلو گانو ”تيري ميري پريم ڪهاني“ ته اڃان نه رکيو هيائون پر تنهن هوندي به شريا گهوشل جا ڪافي سولو توڙي دوگانا گانا پيل هئا. آئون شايد انهي وقت “مجهي حق هي” ٻڌي رهيو هوس جو وچ ۾ پائليٽ جي انائونسمينٽ ٿي، جنهن سان سڀ ڪجهه رڪجي ٿي ويو ۽ هيڊ فون مان توڙي جهاز ۾ لڳل اسپيڪرس مان به ان جو آواز اچڻ لڳو. پائليٽ اعلان ڪيو ته اسان جي سفر جو باقي مُنو ڪلاڪ هڪ تيز بارش ۾ گذرندو ۽ اوهان لاءِ ٿورو ناخوشگوار به هوندو پر جلد اسان ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي هونداسين جتي وڻندڙ هوائون اوهان جون منتظر آهن.
    پائليٽ جي ڳالهه سچي ٿي. ڪجهه ئي لمحن ۾ جهاز کي لوڏا اچڻ شروع ٿيا. دريءَ کان ٻاهر کنوڻين جي رکي رکي ٿيندڙ تجلن سان جهاز جي کنڀ تي روشني تي پئي جنهن تي مِينهن ڦڙين جو پاڻي صاف نظر پئي آيو. جيئن پوءِ تيئن بارش جو زور وڌندو ويو ۽ جهاز جا لوڏا ويا سوايا ٿيندا. جهاز کي اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هاڻي هيٺ به ٿيڻو هو جو منزل قريب هئي پر ڪجهه دير کان پوءِ جهاز جي هيٺ ٿيڻ سبب شايد تيز هوا ۽ بارش جو اثر سوايو ٿي ويو. پائليٽ بار بار اعلان ٿي ڪيو ته سِيٽ بيلٽ ٻڌو ۽ ڪير به هل چل نه ڪري. مون ڏٺو ته ايئر هوسٽس ۽ ٻيو ميزبان عملو ماڻهن کي روڪڻ لڳو ته پنهنجي سيٽ تان نه اُٿو. ڪجهه ئي دير ۾ واش رومس کي آٽوميٽڪ لاڪ لڳي ويو. نيٺ پائليٽ جهاز جي عملي کي به سِيٽن تي ويهڻ ۽ بيلٽ ٻڌڻ جو چيو. اسان جي سامهون پوئتي منهن ڪري ويهڻ لاءِ موجود هڪ ڪرسيءَ تي هڪ ايئر هوسٽس اچي ويٺي ۽ بيلٽ ٻَڌائين. مون کي خوف ٿيڻ لڳو. جهاز ۾ سفر جو منهنجو هيءُ جهڙو ڪر پهريون تجربو هو ۽ ڪوالالمپور پهچڻ جي خوشيءَ جو مزو اچڻ بجاءِ مورڳو ساهه ٿي ويو. مون کي پائليٽ پاران ڏياريل همت ياد آئي پئي ته گهٻرايو نه، پليزنٽ (وڻندڙ) هوائون اوهان جون منتظر آهن پر ڪهڙي خبر ته اهي منتظر ئي رهجي وڃن ۽ اسان وڃي اسٽيٽ آف ملاڪا ۾ ڪِرون. مون کي انهيءَ وقت احساس ٿيو ته مشهور سفرنامانگار مستنصر حسين تارڙ پنهنجي سفرنامي “نڪلي تيري تلاش ۾” جي پهرين باب ۾ لکيو هو ته جيڪر هو سفر ۾ مري وڃي ته ڪيئن سندس مائٽ اچي هن جو لاش وصول ڪن ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه، جيڪو هڪ ذهني خلش جو نتيجو هو. . . . .منهنجي پريشاني ان وقت وڌڻ لڳي جڏهن ايئر هوسٽس به دري ٻاهران ڏسي چپن کي گولائي ۾ آڻي هلڪڙِي دانهن ڪئي: ”او ماءِ گاڊ!“ سوچيم ته انهن لاءِ ته اها معمول جي ڳالهه هجڻ کپي پر جهاز جو عملو به جي ٿي پريشان ٿئي ته شايد قصو ايترو نارمل ناهي جيترو مون سمجهيو پئي. جهاز رکي رکي ايئن جهٽڪا پئي ڏنا جيئن کڏ کوٻي تي هلندڙ گاڏي کي ايندا آهن. نيٺ جهاز ڪوالالمپور رسيو ۽ بارش جو زور به گهٽجي ويو. هيٺ نظر ايندڙ روشنين ۾ جرڪندڙ شهر ڪوالالمپور هڪ دلڪش نظارو پيش ڪري رهيو هو. ايئن پئي لڳو ڄڻ هي شهر نه، ڪنهن شاديءَ لاءِ سجايل ڪو شادي هال هجي جنهن جو اسان هوائي نطارو ڪندا هجون. جهاز ڦرندو ڦرندو وڃي ايئرپورٽ جي ويجهو پهتو ۽ مون پائليٽ جي نطاري واري وڊيو آن ڪئي پنهنجي اسڪرين تي. سامهون نظر ايندڙ رن وي ئي هو جنهن تي قطار ۾ سائي رنگ جو بتيون هيون. جهاز جو رُخ به انهن ڏانهن ئي هو. جهاز لينڊنگ ڪئي ته سڀني سُک جو ساهه کنيو ۽ پائليٽ به اهو اعلان ڪافي مسرت سان ڪيو ته هاڻي اسان لينڊنگ ڪري چڪا آهيون. ٿوري ئي دير ۾ اسان جهاز کان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين ۽ مون پهريون دفعو پاسي ۾ ويٺل يورپيءَ سان هيلو ڪئي. سفر دوران نه مون کي نئين ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مزو اچي ۽ نه وري هن به ڪو اهڙو رُخ ڏيکاريو هو، سو مون به نه ڳالهايو. پاڻ اسڪاٽ ليند کان آيو هو. ٻڌايائين ته هتي هن ٽرمينل تي ڪجهه نه ٿيندو. پاڻ هڪ ٽرين ذريعي مين ايئر پورٽ ڪوالالمپور انٽرنيشنل ايئر پورٽ (KLIA) هلنداسين. مون کيس چيو: اها مون کي خبر آهي، رڳو اهو ٻڌاءِ ته انهيءَ ايئرپورٽ کان شهر ڪيئن پهچبو جو مون کي تڪڙ آهي ته پنهنجي رزروِ ڪيل ڪمري واري هوٽل تي پهچان. منهنجي رزرويشن رات ٻارهين کان پوءِ ڪئنسل ٿي ويندي. اڪثر يورپين جيان هي هونئن به تڪڙو تڪڙو پئي هليو، ويتر جو مون چيو ته اڃا وڌيڪ تيز هلڻ. لڳو لڳ ڀڳ هڪ فرلانگ هلي اسان وڃي هڪ هنڌ بيٺاسين ۽ ٿوري دير ۾ هڪ ٽرين بلڊنگ اندر ئي اچي بيٺي. خودڪار در کليا ۽ اسان اندر گهڙياسين. سيٽن جو تعداد تمام گهٽ هو. سو، جيڪي ويٺا سي ويٺا ٻيا بيٺا رهيا. سفر به ڪو وڏو نه پر ڪلوميٽر کن جو مس هو ۽ دير ئي نه ٿي، وڃي مين ايئرپورٽ KLIA پهتاسين. هتي ڇهه ست ڪائونٽر هئا جتي پاسپورٽ چيڪ پئي ٿيا. گهڻي رش لوڪل ماڻهن جي ڪائونٽر تي هئي جو مسافرن ۾ گهڻا تڻا ملئي هئا. مون ڏٺو ته مون وارو پارٽنر هڪ گهٽ رش واري لائين ۾ بيٺو. آئون به سندس پويان بيهي رهيس. هن ڀيري ايتري گهڻي سختي يا چيڪنگ نه ٿي، نه ته ڪنهن ٻڌايو هو ته پاڪستانين کان ارائيول ايئرپورٽ تي به وڏي چانج پڙتال ٿيندي آهي ته ڇو آيا آهيو؟ ڇا ڪندؤ وغيره وغيره. پر ڪائونٽر تي ويٺل هڪ بندري قد جو ملئي منهنجي آڱرين جا نشان وٺڻ سان گڏ فوٽو به ڪڍندو رهيو ۽ پڇندو به رهيو ته گهڻو وقت رهڻ جو ارادو اٿئي. مون سڌو چيو ته ويزا ته کڻي وڌيڪ عرصي جي آهي جيڪا لڳائي به تو واري پاڪستان جي ملئي سفارتخاني وارن آهي پر مون وٽ هفتي جي رهڻ جو خرچ، پروگرام ۽ ريٽرن ٽڪيٽ آهي. همراهه ٿورو مسڪرائي رٽرن ٽڪيٽ ڏسڻ چاهي جيڪا کيس ڏيکاريم. پوءِ به فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي مون کي انٽري ۽ اسٽي ڪارڊ ڏيندي هڪ مهيني جي اجازت نامي جو ٺپو هڻي ڏنائين ۽ چيائين ته هي ڪارڊ گُم نه ڪجان.
    انهيءَ کان پوءِ سامان کڻڻ جو وارو هو. اتفاق سان منهنجي پارٽنر جو سامان ٿورو جلدي آيو ۽ منهنجو دير سان. سو، هن مون کي ٻڌايو ته سامهون KLIA Express جو ڪائونٽر آهي جنهن تان KL central جي ٽڪيٽ وٺي هيٺين فلور تي وڃي ٽرين پڪڙجان. ايئن چئي پاڻ روانو ٿي ويو. شايد کيس وٺڻ لاءِ ڪو آيل هو يا وري ڪنهن ٻي ڪنوينس ذريعي وڃڻو هوس. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان وانگي بچت جي چڪر ۾ نه هوندو، سو ٽرين بجاءِ ٽيڪسي ڪئي هوندائين. بهرحال اها سا حقيقيت هئي ته ٽيڪسي ۽ ٽرين ۾ پئسن جو اڌواڌ فرق هو. ٿوري دير کان پوءِ منهنجو لگيج به رڙهندو اچي پهتو. کڻي اچي ٽڪيٽ ورتم ۽ خوشي خوشي اڳيان وڌي هيٺين فلور لاءِ لفٽ ڳولڻ لڳس پر پوءِ خبر پئي ته اڃا به هڪ چيڪنگ آهي. چيڪر شايد نارڪوٽڪس وارا هئا. همراهه مون کي روڪي بيگ کولي سامان هڪ هڪ ڪري سائيڊ تي رکڻ لڳو. بيگ جي سائيڊ ۾ ٺهيل هر ڪنڊ کي پوري طرح سان ڏسي پڪ ڪيائين ته اهڙو ڪجهه ناهي. انهيءَ همراهه جو رويو به انتهائي سخت پئي لڳو. اچانڪ مون واري سامان مان هڪ ڪپڙي جي ٺهيل گُڏي ڪڍي پڇيائين ته هي ڇا آهي؟ پهرين ته مون کي به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا آهي پر جلدي سڃاتم ته اها منهنجي بي بي فائقه جي عادت آهي ته پنهنجي راند جون شيون اڪثر منهنجي سامان ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. اها گُڏي به سندس ئي هوندي جيڪا هن بيگ ۾ وجهي ڇڏي ته ڀلي اها به ملائيشيا گهُمي اچي پر گُڏي جي نصيب ۾ ملائيشيا پهچندي ئي گرفتاري لکيل هئي! همراهن کي پڪو يقين ٿيو ته واهه جو پاڪسانيءَ پڪڙيو اٿئون. سائيڊ ٽيبل تي ويهي آرام آرام سان گُڏي جي نقش ٺاهڻ لاءِ لڳل ڌاڳن کي کولڻ لڳو ۽ آئون اطمينان سان سندس اهو جوش مايوسيءَ ۾ بدلجڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، جنهن لاءِ گهڻو انتظار نه ڪرڻو پيم. ٿوري دير ۾ گُڏي ڦُونڌا ڦُنڌا ٿي اڳيان پئي هئي ۽ مايوس همراهه مون کي بيگ ۾ سامان واپس رکڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو.
    ٽرين لاءِ هيٺين فلور تي آيس. ٿوري دير ۾ ٽرين اچي پهتي. ٽرين ۾ ويهڻ سان ئي هڪ ملئي همراهه مليو جيڪو بزنس جي سلسلي ۾ جڪارتا (انڊونيشيا) ويو هو ۽ هاڻي واپس پهتو هو. پڇيومانس ته ڪيترو فاصلو آهي KL International جو؟ ٻُڌايائين: 74 ڪلوميٽر.
    وري پڇيومانس “ٽرين ڪيترو وقت وٺندي؟” چيائين “28 منٽ.”
    سوچيم: 28 منٽ ڪافي آهن، کانئس ڪجهه ٻي ضروري معلومات به وٺي وٺان. ٻاهر سواءِ انڌيري ۽ بارش جي شپ شپ جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. سو ساڻس ڪچهري ڪرڻ بهتر هو. مون کي ٻڌايائين ته هيءَ ٽرين شهر جي مين اسٽاپ تي پهچندي جتان پوءِ ڪنهن به پاسي وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ملي ويندي. مون پنهنجي هوٽل بابت ٻڌايو ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هوٽل ڪٿي آهي؟ ڇو ته ملائيشيا ۾ ايتريون ته هوٽلون آهن جو هتي جي رهواسين لاءِ به اهو ممڪن ناهي ته اسان وانگي حيدرآباد جي حبيب هوٽل کان وٺي فاران هوٽل تائين، آڱرين تي ڳڻڻ جيترين هوٽلن جا هنڌ ياد رکن. مون کيس هوٽل رزرويشن جو پيپر ڏيکاريو.
    هن ڏسندي ئي چيو، “هي ته بُڪت بنتانگ ۾ آهي.” اهو ايئن چيائين ڄڻ حيدرآباد کان ڪو اچي ڪراچي واسيءَ کان هوٽل جو پُڇي ۽ هو کيس آسانيءَ سان چوي: يار اها ته صدر ۾ آهي يا ڪينٽ اسٽيشن وٽ آهي. سو، کيس اهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته هن فاسٽ ٽرين ۾ کڻي پاڻ 28 منٽن ۾ سينٽرل شهر پُهچون ته پُهچون پر مون واري دماغ تي اهي نالا آساني سان پُهچڻ ۽ بيهڻ ۾ وقت وٺندا.
    “يار اهو ته آئون به ڏسان پيو ته ائڊريس ۾ ڪوالالمپور کان پهرين جنهن علائقي جو نالو لکيل آهي، اها هوٽل انهيءَ ۾ ئي هوندي ۽ علائقي جو نالو بڪت بنتانگ ئي آهي.”
    ”پر سينٽرل شهر کان اوستائين پهچڻ لاءِ ڇا ڪبو؟”
    وراڻيائين “جيئن ئي هن ٽرين مان لهو ته سامهون ٽيڪسي اسٽينڊ آهي، اُتان ٽڪيٽ وٺي ٽيڪسيءَ ۾ ويهو. ڏهن منٽن ۾ بڪت بنتانگ پهچندا.”
    ايئن ئي ٿيو. ٽيڪسي جا ٽڪيٽ اشو ڪندڙ هڪ ملئي نوجوان ڇوڪري هئي، جنهن کي سندن مخصوص حجاب ويڙهيل هو. ٽڪيٽ تي نمبر ڏٺم ته منهنجي لاءِ بُڪ ٿيل ٽيڪسي سامهون ئي نظر آئي. برسات هڪ دفعو ٻيهر زور پڪڙي چُڪي هئي. ڊرائيور به ملئي هو، تنهن منهنجو وڏو بئگ کڻي پويان ڊگيءَ ۾ رکيو. گاڏي هلڻ لڳي. گاڏيءَ جا وائپر به هلڻ لڳا ۽ گڏوگڏ ڊرائيور جي زبان به.
    “ڪٿان پيا اچو؟”
    “پاڪستان.”
    “نوڪري لاءِ؟”
    “نه ڪيمسٽريءَ جي سمپوزيم ۾ حصو وٺڻ لاء.ِ”
    پوءِ ٻئي حال احوال ۾ اها به خبر پئي ته همراهه کي سيءَ ٿو ٿئي، سو اي سي برداشت نه ٿي ٿيس پر منهنجي ڪري سيءَ ۾ پيو ٿَڙڪي. پڇيومانس: گاڏي پنهنجي ته نه اٿئي نه؟ اهو انهيءَ لاءِ پڇيم ته ڏسانس ته واقعي سيءَ ٿئيس ٿو يا اي سي بند ڪري فيول ٿو بچائي. منهنجو اندازو صحيح نه هو. چيائين: نه، گاڏي ته ڪمپني جي آهي ۽ آئون ملازم آهيان. پوءِ مون کي ياد آيو ته سائين الطاف شيخ هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ملئي ماڻهن لاءِ هفتي ۾ ٽي دفعا به سيارو اچيو وڃي. جيڪڏهن ٿوري برسات بعد هوا لڳي، جنهن کي اسان پاڻ وٽ خوشگوار موسم چئون، سو هنن لاءِ سيارو ٿيو. خير، مون سوچيو اسان سدائين ملڪاڻي کان جهڏي جي ٽئڪسين ۾ شيشا بند ڪري ساهه منجهندي ڌوڙ کان پاڻ بچائڻ لاءِ سفر ڪيا آهن. اي سي جو سوال ئي پئدا نه ٿيندو آهي، رڳو ڪٿان اهڙي ليڪيج نه هجي باڊي ۾ جو اي سي لاءِ ٺهيل جڳهن مان رکي رکي ڌوڙ نه اچي. سو، هن همراهه کي سيءَ مارڻ بجاءِ انهيءَ ٺٺ کي ضرور نه سمجهيم ته اي سي آهي ته هرو ڀرو هلي به سهي. چيومانس: اي سي ڀلي بند ڪر. انهيءَ تي همراهه ڏاڍو خوش ٿيو.
    ڏسڻ سان لڳو ته سينٽرل شهر واري اسٽاپ کان وٺي بڪت بنتانگ وارو علائقو ۽ رستا ايئن هئا جيئن ڊرگ روڊ کان گلستان جوهر جي وچان جوهر موڙ کان جوهر چورنگي ڪراس ڪندي موسميات چؤڪ طرف اچجي. ايئن لاهين چاڙهين ۽ ورن وڪڙن وارا رستا. ٽرئفڪ تمام گهٽ هئي. بڪت بنتانگ ويجهو آيو ته چهل پهل وڌيڪ نظر آئي. هي ائين پئي لڳو جهڙو پنهنجو حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهيءَ وارو علائقو. لاهي ۽ چاڙهي به سلوپ جي ٿوري فرق سان تقريبن ساڳي هئي. رونق به اُها ئي هئي.
    برسات اڃا به ساڳي رفتار ۾ هئي. هوٽل رسيپشن تي ويٺل هڪ چائنيز کي پنهنجو نالو ٻڌايم ته فائل کولي چيڪ ڪيائين ۽ جلدي مٿي ٽائيم ڏٺائين. مسڪرائي ڏٺائين ۽ مون به سندس مسڪراهٽ جو مقصد سمجهي ورتو ته 15 منٽ اڃا به آهن منهنجي رزرويشن جا. پاسپورٽ وٺي انٽري ڪري واپس ڏنائين.
    هن مون کي مٿي هلي ڪمرو ڏيکاريو. چاٻي ڏيندي چيائين ته چاٻي جا ٽيهه رينگٽ الڳ جمع ٿيندا جيڪي فقط انهيءَ صورت ۾ قابلِ واپسي آهن ته چيڪ آئوٽ مهل آئون کيس چاٻي واپس ڪريان. مون پنهنجي ٽن ڏينهن واري پروويجنل بُڪنگ ڪنفرم ڪرائي 50 سيڪڙو چارجز ادا ڪيا. ڪمري ۾ اي سي تہ ھئي پر سستي جر چڪر ۾ ڪمرو اھو مليو جنھن ۾ اٽيچ باٿ نہ هو. بئڊ ڊبل هو ۽ آئون هيس سنگل!
    هيٺ اچي پنهنجو سامان مٿي پهچائڻ لاءِ چيم. هڪ بندري قد جي ڇوڪري (شايد انڊين تامل) اهو کڻي مٿي پُهچايو ۽ ڪنهن به ٽِپ لاءِ اڙي نه ڪيائين.
    هيٺ اچي رسيپشن واري کي چيم ته حلال کاڌي لاءِ ڪا ويجهي هوٽل ٻڌاءِ. ڇو ته هن هوٽل ۾ کاڌي پيتي جو ڪو به بِلو نه هو. ويندي ناشتو به نه، ۽ اهو صحيح به هو، ڇو ته ناشتي ۽ ٽيليويزن جي چڪر ۾ هوٽلن جا ريٽ وڏا ۽ ناشتي جو مينيو ۽ ٽي وي جا چئنل به پسند وٽان نٿا هجن ۽ خرچ به وڌيو وڃي.
    سامهون ئي نظر ايندڙ هوٽل جو ڏس ڏنائين. هوٽل جو مئنيجر انڊين مسلمان هو ۽ اردو آيس ٿي پر هندين جي مخصوص لهجي واري. ريٽ لسٽ ڀت تي لڳل هئي، جنهن تي سڀ کان مهانگي ڀاڄي جو درجو مرغي کي ئي هو، جيڪا سڄي دنيا ۾ عام آهي. مرغيءَ جي انهي هڪ هٽيءَ باوجود به مرغيءَ جي ٽيسٽ سبب اها اڪثريت جي چوائس آهي. مون به هڪ مرغي ۽ ٻه نان چيا. ٿوري دير ۾ مرغي ۽ ٻن نانن سان گڏ هڪ ڇڊي پاڻي جهڙي دال به آڻي رکيائون. دال به ۾ به ڪافي ٽيسٽ هو. پُڇا ڪيم ته هن دال جا چارجز آهن؟ ماني کڻي ايندڙ بيري ٻڌايو ته اها دال مانيءَ سان گڏ فري آهي. پُڇيم ته ڀلي ڪا به ڀاڄي نه وٺجي ته به؟ چيائين: ها. ڏاڍو سٺو! ماني آهي 80 سينٽ جي. ٻه مانيون سي به وڏيون ساريون. معنيٰ هڪ رينگٽ 60 سينٽ (پاڪستاني 45 روپيا) دال سميت. چئبو ته ماني ته سستي آهي. سو اهو الڪو به لٿو. مانيءَ جي ٽيسٽ ۾ ڪو خاص فرق نه هو. ساڳيو نان. ساڳي دال. باقي مرغيءَ مان هڪ مخصوص بوءِ آئي ٿي جنهن مان لڳو ٿي ته ڄڻ پوري پچيل نه هُجي.
    ماني کائي ڪمري ۾ اچي پنهنجو سامان وغيره سيٽ ڪري رکيم. جيڪي ڪپڙا صبح پائڻا هئا سي ڪڍي رکيم. پاسپورٽ انهيءَ ۾ رکيم. سمپوزيم جي رجسٽريشن جا پئسا به انهيءَ ۾ رکيم ته جيئن صبح وسري نه وڃن. دري کولي ٻاهر ڏٺم ته برسات بيهجي وئي هئي. در کولي گئلري ڏانهن ويس ته مٿين فلور تي ٺهيل گئلريز جيڪي هيٺين فلور جي حساب سان ٿورو اندر تي ٺهيل هيون، تن ۾ ڪرسيون رکي ڪجهه جوڙا ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئا. خيال آيو ته هنن کي ته اٽيچ باٿ وارا ڪمرا وٺڻ کپن. هي جواڻ جماڻ جوڙا جيڪي هتي گڏ رهن پيا، تن کي واش روم جي ته سوائي ضرورت هوندي. پوءِ خيال آيو ته هن ملڪ ۾ اهو عام ٻڌجي ٿو ته ڪنوارا جوڙا مائٽن جي مرضيءَ سان وڃي اڪيلا رهندا آهن، خاص ڪري چائنيز. سو، جي گڏ رهن ٿا تن لاءِ گڏ واش روم وڃي باٿ وٺڻ به عام هوندو. ڪهڙي پرائويسي ڪهڙو شرم حيا؟ وري خيال آيو ته نه، خير صفا ايئن به نه هوندو. ڪوريڊور مان گذرندا گڏجي وڃي واش روم ۾ گهڙڻ تي ٿوري لڄ ته ضرور ٿيندي هوندن. بهرحال مرضي اٿن! اهو خيال ترڪ ڪيم ۽ دل چيو ته ڪجهه دير ڪرسي رکي هتي ويهجي ۽ برسات کان پوءِ هِنن جي سياري ۽ اسان جي خوشگوار موسم جو مزو وٺجي پر سفر جي ٿڪ ۽ صبح سوير اٿي سمپوزيم واري هنڌ پُهچڻ جو خفو به هو، سو جلدي سمهڻ مناسب سمجهيم. واش روم وڃي چيڪ ڪيم ته پاڻي واقعي به نٿي آيو ان ٽيپ مان، باقي ٻين نلڪن ۾ پاڻي آيو ٿي.
    سمهڻ کان پهرين ٽوٿ برش ڪرڻ جي عادت ڪري واش بيسن جي ضرورت پئي ٿي، سو برش پيسٽ کڻي وڃي ڪامن باٿ واري حصي ۾ ٺهيل واش بيسنس وٽ پهتس. برش ڪري فارغ ٿيس ته هڪ واش روم جو در کليو ۽ ٿوري دير اڳ ڪيل پنهنجو گُمان صحيح لڳو. هڪ نظر ڏٺم پر هنن تي ڪو به فرق نه پيو. ڇوڪري پُسيل وارن کي جهنجهوڙيندي اڳيان پئي ويئي ۽ پويان سندس ساٿي نيڪر جو اڳٺ ٻڌندي هلندو ٿي ويو.


    ڪوالالمپور جو پهريون ڏينهن ۽ مساج وساج!

    ڪوالالمپور ۾ سج پنهنجي مُلڪ کان ٽي ڪلاڪ پهرين اُڀري ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته زمين جو گولو پنهنجو ڦيرو پورو ڪري وري ٻيهر پنهنجو چڪر شروع ڪري ٿو ته سج جا پهريان ڪرڻا اوڀر وارن مُلڪن تي پوڻ شروع ٿين ٿا. پوءِ جيڪو مُلڪ جيترو اوڀر طرف آهي اُتي اوترو جلدي صبح ٿئي ٿو. مختلف مُلڪن جي ٽائيم ۾ اهڙي فرق جي ڪري، ماڻهو جڏهن هڪ مُلڪ کان ٻي مُلڪ پهچي ٿو ته اِن حوالي سان هڪ مسئلو ٿي پوندو آهي. پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ته وري به ٽن ڪلاڪن جو فرق هو. آمريڪا ويندڙ دوست ته صفا ڦاسيو وڃن جو هتي ڏينهن ته هُتي رات. هُتي پُهچي کين ڏينهن جو ننڊ جا جهوٽا پيا ايندا ۽ رات جو فريش! ساڳي ڪار (ڳچ عرصو اُتي رهي ايندڙن کي) هتي به ٿئي ٿي. ميڊيڪل جي زبان ۾ انهيءَ کي جيٽ لاگ چئبو آهي.
    آئون به انهيءَ ڊپ کان الارم سيٽ ڪري سُتو هئس ته متان دير ٿي وڃي. صبح جو اُٿي دريءَ کان ٻاهر ڏٺم ته اڃا سج جي مڪمل روشني نه ٿي هئي. منظر اهڙو ئي هو جهڙو حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ وٽ هوندو آهي. ڪي دڪان اڃا بند ته ڪي ته کُليا پئي. ڪن صفائي پئي ڪئي ته ڪي وري دڪان جي ٻاهران ٺهيل دِڪيءَ؟ تي ويهي ڪو ڪتاب پڙهي رهيا هئا. شايد سندن مذهبي ڪتاب هوندو، جيئن پاڻ وٽ اڪثر دُڪاندار صبح جو دُڪان کولي قرآن جو پارو پڙهي وٺندا آهن. منهنجي سامهون نظر ايندڙ دڪانن تي اڪثريت چينين جي هئي.
    مون تڙ تڪڙ ۾ تياري ڪئي ۽ هيٺ لهي وڃي رات واري ساڳي هوٽل تان ناشتو ڪري آيس. سوچيم پئي ته جيئن رات مانيءَ سان گڏ دال فِري هئي، متان ايئن هن مهل فراءِ ٿيل پراٺي سان به ڪجهه فِري هُجي. ڪو انڊو يا وري ڪنهن سادي ٻوڙ جي پليٽ! پر اهڙو ڪجهه نه هو. انڊو ته هو ئي ڪونه. چئي: دير لڳندي انڊو اچڻ ۽ تيار ٿيڻ ۾. مون چانهه وٺي انهيءَ سان پراٺو کائي ناشتي جو فرض پورو ڪيو. واپس اچي رسيپشن واري کان پُڇيم:
    “ڏي خبر، هتان پُترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي بلڊنگ ڪيئن پُهچجي؟”
    چيائين “اها ته تمام ويجهي آهي.” چيم “اُهو ته رات به چيو هئيئي پر ويجهي به ڪيتري؟ پنڌ وڃڻ کان ته ڳچ فاصلوهو ندو نه؟”
    کلندي چيائين “ها، جي تون 4.8 ڪلوميٽر پنڌ ڪري سگهين ته پنڌ وڃڻ جيتري به آهي پر ٽائيم. . . سو ضايع ٿيندئي.” سوچيم ته پنڌ ته مون پنگريو ملڪاڻي روڊ جي 14 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وسندي مينهن ۾ به ڪيا آهن پر اهو فاصلو به 20 منٽن بجاءِ ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو هو، جڏهن برسات سبب گاڏي نه پئي ملي ۽ ڪاليج جي هاسٽل تي رهڻ بعد پهريون دفعو ڳوٺ پئي آيس. اڳتي جي گاڏي ڪانه پئي ملي ۽ واپس هاسٽل موٽڻ قطعي گوارا نه هو.
    هِن ٻڌايو ته هتان ٽئڪسي ملي ويندي. مون کيس چيو ته ٻڌو اٿم شهر ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين مونو ريل به هلي ٿي. چئي: ها اُهو ته آهي پر توکي اها سهولت واري نه رهندي ڇو ته ريل تبديل ڪرڻي پوندي. مون هن جي ڳالهه جو اعتبار ڪيو ۽ هونئن به پهرين ڏينهن ته ٽرين تي وڃڻ ٿورو رسڪ به هو ته متان وقت تي نه پُهچان.
    ٽئڪسي وارو هڪ چيني هو، تنهن لاءِ پروفيشنل هجڻ ته غيرمعمولي نه هو. پهرين ڌڪ ۾ پُڇيائين: ”گهڻن ڏينهن لاءِ آيو آهين ۽ سمپوزيم گهڻا ڏينهن هلندو؟ ايئرپورٽ تان ڪيئن آئين؟ واپسيءَ جو ڇا پروگرام اٿئي؟“
    سندس مقصد هو ته روز جي آئوٽ بيڪ ۽ آخر ۾ ايئرپورٽ پُهچائڻ وارو ٺيڪو يڪو کيس ڏيان. پر مون کي انهيءَ مهل ئي اندازو ٿي ويو هو ته آئون جيڪو رات ٽرين ۾ 35 رينگٽ ۾ پُهتو آهيان ۽ هيءُ ايئرپورٽ جا 80 رينگٽ پيو ٻڌائي ته يقينن هن هيئنر هوٽل کان پترا سينٽر جا 10 رينگٽ (سي به بارگيننگ کان پوءِ 12 مان 10 طئي ٿيا) وڌيڪ ورتا آهن. يقينن ٽرين وارو سؤدو سستو هو. همراهه پنهنجا ڪانٽيڪٽ نمبر وغيره ڏنا جيڪي مون اُن مهل ئي انهيءَ خيال سان ورتا ته انهن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت نه ايندي.
    پترا سينٽر هڪ وڏي، ويڪري ۽ گهڻ ماڙ عمارت آهي. اندر پهچي خبر پئي ته هيءَ سرڪاري بلڊنگ آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا هال ۽ ڪمرا آهن، جتي مختلف پروگرام ٿيندا رهن ٿا ۽ اهي ڪِرائي تي ورتا ويندا آهن. مون کي پنهنجي سمپوزيم هال ڳولڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ته نه لڳو، جو اهو داخلي گيٽ وٽ ئي ساڄي پاسي گرائونڊ فلور تي هو پر جي اهو مٿي ڪنهن چوٿين پنجين فلور جي ڪنڊ وٽ هجي ها ته يقينن اڌ ڪلاڪ ٻيو به لڳي ها. سمپوزيم وارو نمونو اهو ئي هو جيڪو اسان وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هوندو آهي. جيئن اڪثر نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان ائنالائيٽيڪل ڪيمسٽري (جتان مون پي ايڇ ڊي ڪئي) وارا انڊس هوٽل ۾ ڪندا آهن. ھر ڪانفرنس يا سيمپوزيم ۾ پهرين ڏينهن تي ڪلاڪ ڏيڍ ٽيبل رکي ويٺل (وس ويندي ڇوڪري ته جيئن حصو وٺندڙن کي ڊالرس ۾ ڏوڪڙ ڏيندي گهڻو ڏُک نه ٿئي) کي پئسا ڏيئي رجسٽريشن ڪرائڻي هوندي آهي اهي پئسا گهڻو ڪري ڊالرس ۾ هوندا آهن، ڇو ته انٽرنيشنل ڪانفرنس يا سمپوزيم ۾ اهو سِڪو ڪامن بيهي ٿو. اُتي به ٻه ڇوڪريون جيڪي مخصوص ملئي ڊريس (جنهن کي شايد باجو ڪورونگ سڏين) ۾ هيون، ماڻهن کان رجسٽريشن جا پئسا وٺي بيگ ۽ سمپوزيم متعلق ڇپيل لٽريچر ڏيئي رهيون هيون. مون هڪ دفعو وري ڏسي پڪ ڪئي ته منهنجو ليڪچر ڪڏهن آهي. اهو ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي پهرين سيشن جي اختمام تي هو. پوءِ سمپوزيم لاءِ مخصوص جڳهه جو جائزو ورتم، جنهن ۾ هڪ ڊگهو ڪوريڊور، ٻه وڏا ليڪچر هال ۽ هڪ لنچ لاءِ مخصوص هال هو. هال جا نالا به ڏنل هئا. منهنجو ليڪچر ديوان تُن حسين نالي هال ۾ هو. انهيِءَ هال کان علاوه به هن بلڊنگ ۾ ڪيئي هال ۽ ڪمرا آهن، جن بابت PWTC جي ويب سائيٽ تي وڃي ڏسجي ته عقل دنگ رهجي ويندو ته هُنن هِن بلڊنگ ۾ ڇا ڇا نه ٺاهيو آهي وڏا وڏا ايوينٽس منعقد ڪرائڻ لاءِ!
    ڪوريڊور جي ٻنهي پاسي چانهه ۽ ڪافيءَ جا ٻه اسٽال به هئا جن جو انتظام يقينن ميزبانن طرفان ئي ڪيل هو، جتي هر وقت گرم پاڻي موجود هو. گڏوگڏ چانهه يا ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ کير ۽ ڪافيءَ جا پائوڊر پڻ. اُتي ئي موجود ٻن سيالڪوٽين سان ملاقات ٿي جيڪي مخصوص اڇي يونيفارم ۾ ويٽر طور ڪم ڪري رهيا هئا. مون کي ڏسندي ئي سڃاڻي ويا تہ پاڪستاني آھي ۽ اچي مليا. پرديس ۾ پنهنجو ملي ته ٻنهيءَ لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه هوندي آهي جو هو به پنهنجن سان ملڻ لاءِ سِڪندا آهن ۽ اسان ويندڙن لاءِ به هو هڪ آسرو هوندا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ صحيح مشورو ته وٺي سگهبو. سو، مون به موقعي مان فائدو ورتو ۽ کانئن ضروري معلومات وٺڻ لڳس. ڪجهه دير ۾ ئي منهنجا ڪجهه مسئلا ته فوري طور حل ٿي ويا:
    هڪ اهو ته اچڻ وڃڻ لاءِ هتان کان پنهنجي هوٽل (جيڪا بڪت بنتانگ ۾ هئي) لاءِ روز ٽئڪسي جا 20 رينگٽ ڀرڻ بجاءِ ٽرين ۾ به وڃي سگهجي پيو. انهيءَ لاءِ ٿورو پنڌ ڪرڻو هو جيڪو گهڻو پرڀرو نه هو. ڇو ته مِني ٽئڪسي (ڪي فورسيٽر به چون) جا ٽي رپيا بچائڻ لاءِ اسٽوڊنٽ لائيف ۾ تلڪ چاڙهي کان حيدرچوڪ پنڌ وڃڻ ته هڪ معمولي ڳالهه هئي. هيءُ پنڌ ته ان جي اڌ کان به گهٽ هو. هوڏانهن 18 رينگٽ ان وقت جي سِڪي موجب لڳ ڀڳ 550 پاڪستاني رپيا ٿيا ٿي. ايترن پئسن مان ته هفتي جي ماني جو بلو ٿي وڃي ها ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ به بچت. ٻيو اهو کٽڪو به لٿو ته ڪا سستي سِم وٺجي، جنهن تان پاڪستان ڳالهائي سگهجي. انهيءَ لاءِ به ٻڌايائون ته پاسي ۾ ئي دي مال (The Mall) نالي شاپنگ سينٽر آهي جتان سِم آسانيءَ سان ملي ويندي. مون کي هاڻي ياد آيو ته هي بلڪل اهو ئي علائقو آهي جنهن جو الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هو ٿائلينڊ گهمڻ لاءِ ڪوالالمپور کان ٽرين رستي وڃي رهيو هو. هتي شايد ويجهو ئي ريلوي اسٽيشن به هئي. هم وطن سيالڪوٽين مون کي بڪت بنتانگ جي مساج گهرن جا نالا، ريٽ ۽ خوبيون به ٻڌائڻ شروع ڪيون، بلڪه پنجابي انداز ۾ ڳالهائيندي زور ڀرڻ لڳا ته “مساج وساج” ضرور ڪرائجان... پر مون کين معذرت ڪندي چيو ته في الحال مون کي پنهنجي حياتي پياري آهي ۽ جان جي امان کپي، جو ماڻهو هِنن جي چڪرن ۾ پيو ته هي “مساج” ڪندڙ مايون مساج کان ٽِپي جڏهن “وساج” تائين پُهچن ٿيون ته پوءِ همراهه پنهنجي ملڪ اچي پاڻ ته بيماريءَ ۾ وٺجي سو وٺجي پر پنهنجي همسفر جي زندگي به تباهه ڪري. انهيءَ بابت تفصيل لاءِ الطاف صاحب جي ساڳئي سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“ کي پڙهڻ گهرجي ته سادا ماڻهو ڪيئن نه مساج جي چڪرن ۾ اچي ڪجهه وڌيڪ پئسا ڀري جنسي هَوَس پوري ڪرڻ کانپوءِ عمر ڀر جي روڳ ۾ وٺجيو وڃن.
    سمپوزيم شروع ٿيو. اسٽيج سيڪريٽري هڪ ملئي ڇوڪري هئي، جنهن تمام دلچسپ انداز سان آجياڻو ڏنو. سندس سنهڙي آواز ۾ ملئي لهجي واري انگلش تمام پياري هئي. هن سڀني جو تعارف ڪرائيندي هر دفعي اهو پئي چيو ته هر سٺي پوسٽ تي مرد ئي ڇو؟ ايستائين جو اُن سمپوزيم جي مهمانِ خاص وزيرِ “سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن” کان وٺي هن سمپوزيم جي آرگنائيزر تائين سڀ مرد هئا. هوءَ چوي پئي: اها مردن جي هڪ هٽي آهي، جي ناهي ته آجياڻو اسان پاران ڇو؟ انتظام سنڀالڻ، مهمانن کي کلي کيڪارڻ اسان پاران ڇو؟ توڙي جو هن اهو سڀ مذاق ۾ پئي چيو پر عورتن جي وڪالت بهرحال ڪيائين پئي. پوءِ اهو به انائونس ڪيائين ته اسان جو ادارو انسٽيٽيويٽ ڪيميا ملائيشيا هن سمپوزيم سان گڏوگڏ هڪ ٻي تقريب به پاسي ۾ ئي هڪ هال ۾ ڪرائي رهيو آهي. اها تقريب مڪمل طرح سان عورتن لاءِ ئي هئي. انهيءَ تقريب جو عنوان هو International Symposium on Women in Science and Engineering جنهن جو هنن مخفف WISE پئي ڪڍيو. هيءَ چوي پئي: ڏسو، اسان عورتون ڪيڏيون وائيز آهيون!
    انهيءَ کان پوءِ ٽي بريڪ هو. مون چانهه پيئڻ بجاءِ اهو وقت وڃي دي مال مان سِم وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو شاپنگ سينٽر ڪو ايڏو پري نه هو. اُتي وڃي ڏٺم ته هر شيءِ جا ريٽ انهيءَ تي لڳل ٽئگ تي ئي لکيل هئا. اندازو ٿي ويو ته هتي شيءِ ته کڻي معياري آهي پر پوءِ به اسان جي ملڪ کان سستي ناهي. جيڪڏهن سڪو ڪنورٽ ڪجي ته اندازو ٿي ويندو. . . . مثال طور پاڻ وٽ ڀلي کان ڀلي جينز جي پينٽ 2 کان 3 هزار جي هوندي پر هِتي هڪ عام جينز جي پينٽ به 50 رينگٽ کان گهٽ نه هئي، جيڪي 1500 ٿيا ٿي. اڃا به جي ڪا موچاري پينٽ ڏس ته 2 کان 3 سؤ رينگٽ، معنيٰ 6 کان 8 هزار پاڪستاني رپيا. ساڳي طرح موبائيل جا ريٽ به ڀيٽي ڏٺم ته پاڪستان جي حساب سان مهانگا هئا. بهرحال اهو ضرور هوندو ته هتي اهي ريٽ سالن کان پوءِ تبديل ٿيندا هوندا، جو هنن جو سڪو مستحڪم آهي. اسان وارو روپيو ڏينهون ڏينهن ڪِري ٿو پيو، سو مهانگائي وڌڻ ته فطري ڳالهه آهي.
    سِم جا ريٽ پڇيم ته ڪي ڪهڙا پيا ٻڌائين ته ڪي ڪهڙا. ڪا سِم سستي ته بئلنس نه هجي ۽ بئلنس لاءِ ڪارڊ وڏي ماليت جو، ڪي وري بئلنس سان ڀريل ته ريٽ اوچا. مون کي ته بس هفتي لاءِ کتي ٿي، سو سستيءَ جي چڪر ۾ هئس. هڪ چائنيز دڪاندار نيٺ پُڇي به ورتو ته گهڻن ڏينهن لاءِ هتي آيو آهين؟ ٻڌايومانس ته هفتي لاءِ. ان بعد هڪ سم ڪڍي ڏنائين ۽ چوڻ لڳو ته هي 35 رينگٽ جي آهي، جنهن ۾ 35 رينگٽ ئي موجود آهن ۽ اها هڪ دفعو ئي استعمال ٿيندي. ٻيهر لوڊ وغيره نه ٿيندي. نه وري اها رجسٽر ٿيندي. سوچيم ته هِنن اسان جهڙن جي ضرورتن کي مدِنظر رکندي اهي سهولتون به رکيون آهن. واقعي سندن ٽوئرزم انڊسٽري حق تي ڪيامياب آهي جو اهي هر ڳالهه جو خيال رکن ٿا.
    پوءِ جڏهن پاڪستان ڪال ڪري ڏٺم ته خبر پئي ته پهريون منٽ هڪ رينگٽ ۽ پوءِ ٻيو منٽ اڌ رينگٽ، تنهن کان پوءِ هر منٽ 25 سينٽ (هڪ رينگٽ جو چوٿون حصو) تمام سٺي شئي ملي. هاڻ ماڻهو گهر سان چوويهه ڪلاڪ رابطي ۾ هوندو.
    اهو ڏينهن سمپوزيم جا ليڪچر ٻڌندي گذريو. لنچ بريڪ ۾ ته ڄڻ BUFFET هو. ڪافي ڊشز ۽ بهترين پريزنٽيشن. رڳو ٽيسٽ ڪندي ڍؤ ٿي ويو. ڪافي سينيئر ڪيمسٽس سان ملاقات ٿي، جيڪي وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جيان اچي هتي گڏ ٿيا هئا. پاڪستان مان آئون اڪيلو هئس. گهڻا يورپين هئا. ڪجهه ايشين به مليا جن ۾ انڊين ۽ بنگلاديشي سرِ فهرست هئا. ڪي وري هئا ته ٻين ملڪن جا پر پڙهڻ لاءِ هتي آيل هئا، سو انهن به هن سمپوزيم ۾ حصو ورتو هو. شام جا چار ٿيا ته مون اٿڻ جي ڪئي. سمپوزيم جو وقت ته پنجين تائين هو پر ٿڪاوٽ ڏاڍي هئي. سو، سوچيم ته وڃي ڪجهه آرام ڪجي ۽ رات جو شهر جو چڪر هڻي ڏسجي.


    جاني ريسٽورينٽ جا ٻه سنڌي بيرا

    پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت کان ويجهو، مونو ريل جي جيڪا اسٽيشن هئي، تنهن جو نالو چوڪٽ هو. انهيءَ لاءِ الطاف شيخ پنهنجي ڪتاب ”ملائيشيا ٻارهن سالن بعد“ ۾ لکيو آهي ته اها بولٽن مارڪيٽ جيان آهي. مون کي به ڪجهه ايئن ئي لڳو. سيالڪوٽِي ويٽرس انهيءَ رستي تي ئي جاني ريسٽورينٽ جو به ڏس ڏنو هو. هُنن ٻڌايو هو ته اهو هڪ سنڌيءَ جو آهي ۽ اسٽاف ۾ به ڪجهه سنڌي آهن. اهو دي مال کان چوڪٽ اسٽيشن واري رستي تي واقع هو. اندر وڃي ڏٺم ته هڪ ننڍڙو ريسٽورانٽ هو، جنهن ۾ ڪجهه گراهڪ ويٺا چانهه پي رهيا هئا ۽ هڪ ملئي بندري ڇوڪري کين سروَ پئي ڪيو. رسيپشن تي هڪ پنجابي ڇوڪرو ويٺل هو، تنهن کان پُڇا ڪيم ته هتي سنڌي ڇوڪرا آهن، انهن سان ملڻو آهي. سامهون اشارو ڪيائين جتي ٽي شرٽ سان هڪ نوجوان الائي ڪهڙين سوچن ۾ گُم بيٺو هو. ڀر سان وڃي ڪلهي تي هٿ رکندي چيومانس “ادا ڇا حال آهن؟” همراه في لحال ته ڇرڪي ويو. پوءِ گهوري ڏسڻ لڳو، شايد سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين.
    “ادا پريشان نه ٿي، آئون رات ئي ڪراچي کان هتي پُهتو آهيان. بڪت بنتانگ ۾ هڪ هوٽل ۾ رهان ٿو، پترا ۾ سمپوزيم ٿو اٽينڊ ڪريان.” همراه ڪرسي اڳتي ڪندي ويهڻ لاءِ چيو.
    “مهرباني!”
    “ڪا ڳالهه ناهي.” همراهه قد ۾ لڳ ڀڳ مون جيترو ۽ پڙهيو لکيو پئي لڳو پر حُلئي مان لڳو ٿي ته هِتي هي ڪنهن وڏي ذميواري تي ناهي.
    “توهان ڇا ڪندا آهيو هِتي؟” پُڇيومانس.
    ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين، “ٿانوَ ڌوئڻ، ٻهاري ڏيڻ وغيره وغيره.”
    “ڇو ڀلا؟ اوهان ته پڙهيل لکيل لڳو ٿا!”
    “ها، ادا آئون بي ايس سي پاس آهيان.”
    “پوءِ هي ڪم. . . . . . .! ”
    “ڇڏيو انهي ڳالهه کي، اوهان ٻڌايو ڪيئن ٿو لڳي ڪوالالمپور؟ ڪيترا ڏينهن آيو هتي. اصل ڪٿان جا آهيو؟”
    اڇا ته اهو ”اصل ڪٿان جا؟“ وارو سوال هتي رهندڙ سنڌي به ڪري ٿو، ڇو ته ڪراچي ۾ رهندڙ تقريبن هر سنڌي اصل ڪنهن ٻي شهر جو هوندو آهي، سو اهو سوال ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ڪاش، اسان جا سنڌي شروع کان وڏن شهرن جو رُخ ڪن ها ته اڄ اسان کي هي شهر ايئن اوپرو يا ڌاريو نه لڳي ها. خير، اهو سوچڻ لاءِ پوءِ به وقت هو. هِن وٽ الاءِ ڪيترو وقت هو جيڪو هو مون کي ڏيئي پئي سگهيو، ڇو ته پريان ڍڳ لڳل ٿانو يقينن هِن کي ئي ڌوئڻا هئا.
    “ڪوالالمپور لاءِ في الحال ته ڪا راءِ ناهي، ڇو ته اڃا هڪ رات ۽ اڌ ڏينهن گذريو آهي. رات ننڊ ڪندي ۽ ڏينهن سمپوزيم ۾ گذري ويا. گهمي ڦري ڏسان ته خبر پوي. باقي رهائش هِن وقت ڪراچي ۾ آهي ۽ اصل بدين جو آهيان. هاڻي پنهنجا احوال ڏي ته بي ايس سي ڪري هزارين ميل پري هتي اچي هوٽل ۾ ٿانوَ ڌوئڻ پٺيان ڪهڙو راز آهي؟”
    “ادا آئون اڪيلو ناهيان، هو پَريان جيڪو وڏا هنڊا ويٺو ڌوئي،” هُن جنهن ڏانهن ڏانهن اشارو ڪيو سو کانئس عمر ۾ ٻه ٽي سال وڏو ۽ همت ڀريو جوان لڳي رهيو هو “اهو به گڏ هو. اسان کي بي ايس سي کان پوءِ ڪا نوڪري نه پئي ملي ته ڪنهن ڏس ڏنو ته ڪراچيءَ جو هڪ ايجنٽ 60 هزار وٺي ٿو ۽ ملائيشيا ۾ اڪائونٽنٽ جي نوڪري وٺي ٿو ڏي. اسان سٺ هزار هٿ ڪيا ۽ ڏيئي هتِي پُهتاسون پر هتي اسان کي هڪ وڏي هوٽل جي هڪ اسٽور نما ڪمري ۾ اچي واڙيائون ۽ِ بصر ڪٽرائيندا رهيا. اسان پورا ٻه مهينا بصر ڪٽيا. جام رُناسين. . . لڙڪ بصرن ۽ روئڻ ڌوئڻ ۾ کٽي ويا پر ڪم نه کُٽو. ڪا خبر نه پوي ته ڪاڏي وڃجي، ڪنهن کي دانهنجي. هڪ ئي ڪمرو جنهن ۾ ٻه ويلا پوري سوري ماني هُجي ۽ سڄو ڏينهن بصر ڪٽڻ جو ڪم! اسان کي ڳوٺ به ڳالهائڻ نه ٿي ڏنائون، جو ٻڌايون ۽ ڪا مالڪي ٿئي. پوءِ هتي هڪ سنڌي اتفاق سان مليو، جنهن هن هوٽل جي مالڪ جو ڏس ڏنو. هڪ دفعو اسان کي ساڻس ملايائين. هن اسان کي پهرين ته اسان جي بي وقوفيءَ تي دڙڪا ڏنا، پوءِ چيائين ته اوهان جنهن وٽ آيا آهيو، هاڻي قانون موجب انهيءَ وٽ ڪم ڪرڻ جا پابند آهيو. هو اوهان کي ٻي ڪنهن وٽ وڃڻ جي اجازت ڏي ته سندس مرضي. پر لڳي نٿو ته هو ايئن راضي ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ لک ڏيڍ وٺندو. انهيءَ کان علاوه ايمبيسي وڃي ڪفيل مٽائڻ جو خرچ الڳ. بهرحال قصو مختصر ته هُن اسان لاِ اهو ڪيو جو ٻنهي جا 9000 رينگٽ جيڪي اسان جي ڪفيل گهريا، سي ڀري ڏنا ۽ ايمبيسيءَ مان به ڪم ڪرايو. اسان هاڻي سندس لک لک پاڪستاني رپين جا قرضي آهيون. 60 هزار پاڪستان ۾ ڏنا، سي به قرض کڻي ڏنا هئا. هتي هي اسان کي 800 رينگٽ مهيني جا ڏي ٿو، جنهن مان 300 رهڻ لاءِ ورتل ڄڳهه تي خرچ ٿيو وڃن. ماني هِن تي آهي. 500 کن بچايون ٿا. انهيءَ مان 300 هي پنهنجي قرض جا ڪٽي ٿو. 200 بچائي هر ٻين ٽين مهيني 500 کن رينگٽ ڳوٺ موڪليون ٿا ته هُتي وارو قرض لهي.”
    “ايئن ته ڏيڍ سال ته رڳو قرض لهڻ ۾ لڳندو ۽ اوهان وٽ بچت ڪا به نه هوندي.”
    “ها ادا ايئن ته آهي پر ڇا ڪجي. ڦاٿاسين ته ڇڏائڻو ته هو نه؟”
    “ڀلا اوهان کي اهو نٿو لڳي ته هِن ريسٽورانٽ واري اوهان کي هتي آڻي گهٽ پگهار ڏني يا ڪم به ڪو سٺو نه ڏنو؟”
    “ها ظاهري طور ته ايئن لڳي ٿو پر وري به هن جي مهرباني جنهن پنهنجا پئسا سيڙائي اسان جي هُتان جان ڇڏائي ۽ ڪم جي ڳالهه آهي ته هوٽل تي هن وٽ اڳي ئي اسٽاف هو. مثال طور رسيپشن يا مئنيجر وغيره. ايستائين جو بيرا به موجود هئا. هاڻي اسان کي آڻي هنن کي ڪڍي ته نه ها. جيڪو ڪم هو سو ڏنائين ۽ پگهار به گهٽ ناهي. عام طرح هتي انهيءَ ڪم جي ايتري ئي پگهار ملي ٿي. هن ته پاڻ هڪ طرح سان اسان جي پگهار ائڊوانس ڏيئي ڇڏي آهي، جيڪا اسان مزوري ڪري ڪٽرايون ٿا.”
    “ڀلا قرض لهڻ کان پوءِ جو ڪهڙو ارادو آهي. وڌيڪ رهي ڪمائبو يا واپس پنهنجي مُلڪ!؟”
    “نه ڀاءُ! باههِ ڏيوس اهڙي ڪمائي کي. سڄو ڏينهن ميرا ٿانؤ ڌوئي ڌوئي هٿ لهي پيا آهن، ڪا موڪل ناهي. ڪا بچت ناهي. بس قرض لهي. ٽڪيٽ جا پئسا ٿين ته واپس ڀڄبو.”
    “چئبو ته زندگيءَ جا قيمتي ٻه سال وڃائي حاصل ڪجهه نه ڪيوَ سواءِ پريشانين ۽ اڻ مئي ڪم جي.”
    “ها ادا بس ايئن ئي ٿيو” هو ايئن چئي مسڪرائڻ لڳو پر مون سندس روئداد ٻُڌندي هُن جون بار بار ڀرجي آيل اکيون ڏسي ورتيون هيون. انهيءَ وچ ۾ تيز ڳاڙهي رنگ جي شربت به آفر ڪيائين. مون ته منع ڪئي ته چوڻ لڳو،
    “صاحب جو چوڻ آهي ته ڪو به سنڌي اچي ته پاڻي يا شربت جا پئسا نه وٺو. سو، هي اسان ته رڳو پيش ڪئي آهي. سمجهو ته صاحب پاران آهي.”
    “ڀلا اوهان جو صاحب ايندو ڪڏهن آهي ته ملاقات ڪجي، هن جي شربت جو پي ورتي آهي. هاڻي ملاقات به ڪري وٺجي.”
    “صاحب جي مرضي آهي. هتي ٻيا به بزنيس اٿس. دوستي ياري به گهڻي اٿس، تنهن ڪري ڪو ٽائيم ناهي ته ڪهڙي وقت اچي.”
    مون کين مهرباني چوندي موڪلايو ۽ اچي مونو ريل اسٽيشن پهتس ته جيئن بُڪت بنتانگ پُهچان.


    ملائيشيا جي مونو ريل اسان جي به ضرورت آهي

    جيڪڏهن اوهان مُلڪن جي تاريخ ۾ ٿوري به دلچسپي رکو ٿا يا وري الطاف شيخ جا ملائيشيا تي لکيل سفرناما پڙهيا آهن ته اها خبر پڪ سان هوندوَ ته ملائيشيا جي جو جڳ مشهور شهر ڪوالالمپور ڪو ايڏو پُراڻو شهر ناهي. سنڌ جا وڏا ته ٺهيو پر ننڍا شهر جهڙوڪر هالا پُراڻا يا بدين به ڪوالالمپور کان ڄمار ۾ وڏا آهن. الطاف شيخ واري ڳالهه ته جيڪڏهن صدي سوا اڳ ملائيشيا جي گذاري ويل ماڻهو کان اڄ پُڇجي ته ڪوالالمپور ويو آهين ته هو حيران ٿي پُڇندو ته اهو ڪٿي آهي؟ ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندڙ اسان جي شهرن جي ڀيٽ ۾ هن شهر ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي پر اهو آهي ته ڪوالالمپور جتي پُراڻو شهر ناهي اُتي ملائيشيا جي ترقي يافته مُلڪن سان مقابلي ۾ اچي بيهڻ کي به ڪو وڏو وقت ناهي ٿيو. هن شهر جي هاڻوڪي بيهڪ به ٻڌائي ٿي ته هي ڪنهن خاص پلاننگ سان نه ٺاهيو ويو هو. ڪافي رستا صفا سوڙها آهن جنهن ڪري ٽرئفڪ جام جو مسئلو هر وقت رهي ٿو. وڏين مارڪيٽن ۽ گهُمڻ جي جاين تي ويجهو گاڏي پارڪ ڪرڻ ئي مُشڪل آهي پر جيئن جيئن شهر ترقي ڪئي ۽ ماڻهن وٽ ڏوڪڙ آيا ته گاڏين جو تعداد وڌيو. ظاهر آهي رش به وڌڻي ئي هئي.
    1997ع ۾ جڏهن رستا سوڙها ۽ ٽرئفڪ وڌيل هُجڻ جو مسئلو ڳنڀير ٿيڻ لڳو ته ڪي ايل انفرا اسٽرڪچر نالي هڪ گروپ هٽاچي لميٽڊ کي مونو ريل ٺاهڻ جو ڪم ڏنو. هُنن جي مرضي هئي ته اها ريل ڪُجهه اهڙي ريت هلي جو انهيءَ لاءِ پٽڙيون زمين بجاءِ مٿي وڇائجن ته جيئن هيٺ رستن تي ڪا به والار نه ٿئي. مطلب ته جيڪا ٽرانسپورٽ هلي ٿي سا پنهنجي حساب سان هلندي رهي پر لوڪل سفر لاءِ هڪ ٽرين هلي جيڪا سستي ۽ سؤلي هجي ته رستن تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جو زور ڪُجهه گهٽ ٿئي. ان مقصد لاءِ انهن ٻنهي روڊن جي وچ واري گئپ ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي سپورٽ لاءِ وڏا مظبوط پِلر بيهاريا ۽ مٿن ويڪر ۾ ڀيم رکيا ويا. مطلب ته انگريزي اکر “ٽي” جهڙي شڪل جي سپورٽ ٺاهي ويئي. انهيءَ کان پوءِ انهن تي ٻنهي طرف کان ساڳي مٽيريل جي پٽڙي وڇائڻ شروع ڪئي ويئي جيڪا ٽي جي مٿين لائين جي ڇيڙي تي بيهاري وئي ته جيئن ٻنهي لائينن وچ ۾ گئپ رهي. ان کي ايترو مٿي رکيو ويو جو هيٺ ڀلي ٻه ماڙ بس به گُذري ته مزي سان هلي وڃي ۽ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي.
    پر اُن سال سڄي ايشيا جو اقتصادي ڏيوالو نڪتل هُجڻ ڪري ڪم رُڪجي ويو، ڇو ته ڪي ايل انفرا اسٽرڪچر گروپ کي هٽاچي جهڙي ڪمپنيءَ کي پئسا ڏيڻ ايڏو سؤلو نه هو. جلد ئي ٻيهر 1998ع ۾ ايم ٽي هولڊنگ نالي هڪ لوڪل ڪمپني اهو ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجي ئي مُلڪ ۾ ريل جا ٽريڪ ۽ گاڏا تيار ڪيا، پئسا به بچايا ۽ ڪم به اُڪلائي ورتو. جڏهن مونو ريل جي لائين تيار ٿي ويئي ته ان جي لاڳت جو حساب ملائيشيا جي سِڪي رينگٽ جي حساب سان ڪو 1.18 ارب بيٺو، يعني پاڪستاني 34 ارب روپيا.
    ٽرين جو روٽ ڪو گهڻو وڏو نه رکيو ويو. بس ڪوشش ڪري اڳي ئي هلندڙ هڪ ٽرين لائين ٽرانزٽ ريلوي (ايل آر ٽي) جا رهيل اسٽاپ ڪَوَر ڪيا ويا. مطلب ته جِتان اها ٽرين نه ٿي گذري اُتان هِن کي گذاريو ويو. هيءَ ٽرين ڪي ايل سينٽرل تان هلي ٿي ۽ 8.6 ڪلوميٽر (اٽڪل پنج ميل) جو سفر طئي ڪندي آخري اسٽيشن ٽِٽي وانگسا پُهچي ٿي. وچ ۾ ڪي ڏهه اسٽاپ ڪري ٿي، جتي بهترين انتظام ٿيل آهن. هڪ ته جتي ٽرين بيهي ٿي اها جاءِ ڍڪيل آهي ته جيئن ٻاروهي وسندڙ مينهن جي ڪري ٽرين تان لهندڙ يا ٽرين جي انتظار ۾ بيهندڙ ڪو مسافر بنا ڇٽيءَ جي آهي ته پُسي ڀت نه ٿئي. هيءَ اسٽيشن اوترا ئي مٿي ٺهيل آهن جيترو مٿي اها ٽرين هلي ٿي. مٿي پُهچڻ لاءِ سيڙهيون ته آهن ئي آهن پر ڪُراڙن لاءِ يا وري ڳرو سامان هٿ ۾ هُجڻ وارن لاءِ خودڪار چاڙهيون (escalator) به آهن. مٿي پُهچڻ ساڻ هر طرف مختلف ڪمنپين جا اشتهار لڳل نظر ايندا سي يقينن مونو ريل جي ڪمائيءَ جو اضافي ذريعو آهن، جيڪي اُهي ڪمپنيون هن رش واري پبلڪ پليس تي هڻڻ لاءِ ڏينديون هونديون. سامهون ئي هڪ ننڍي ڪمري ۾ ڇوڪري ٽڪيٽ وڪڻڻ لاءِ موجود هوندي آهي. انهيءَ آفيس واري ڪمري ٻاهران سڀني اسٽيشنن جو هڪ فلو چارٽ ۾ نقشو به ڏنل آهي، جن ۾ سڀني اسٽيشنن جا نالا لکيل آهن ۽ اهو به ته اوهان هن وقت ڪهڙي اسٽيشن تي بيٺا آهيو ۽ ڪهڙي پاسي اوهان جي مطلوبه اسٽيشن آهي. ٽڪيٽ مفاصلي جي حساب سان هڪ کان وٺي ٻه رينگٽ ( يعني پاڪستاني 29 کان 58 روپيا) آهي. هتي چار کان پنج ننڍا لوهي ٺُلهه ۽ ان ۾ رڪاوٽ (ٿُلهي لوهي راڊ) انٽري ۽ ايگزٽ گيٽ ٺهيل آهن. اوهان جنهن به اسٽيشن تان چڙهي پنهنجي منزل جي ٽڪيٽ وٺي اڳتي وڌندا ته هڪ ٺُلهه ۾ اُهو ڪارڊ وجهندا، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن اي ٽي ايم ۾ ڪارڊ وجهبو آهي. ان سان رڪاوٽ هٽي ويندي ۽ اوهان جي گذرندي ئي ٻيهر اها رڪاوٽ اچي ويندي ۽ پويان ايندڙ کي پنهنجو ڪارڊ وجهي اڳتي وڌڻو پوندو. مطلب ته بنا ٽڪيٽ وارو اڳتي وڌي ئي نه سگهندو. هاڻي مونو ريل جي ٻن ننڍن گاڏن ۾ ويهڻ يا بيهڻ کان پوءِ ڪا به ٽڪيٽ چيڪنگ ناهي. بس، لهڻ مهل ساڳي طرح ايگزٽ گيٽ وٽ رڪاوٽ مان گذر ٿيندو ۽ ڪارڊ وجهڻو پوندو. اُتي اها مشين ئي اهو چيڪ ڪندي ته اوهان جنهن اسٽيشن لاءِ ٽڪيٽ ورتو اُتي ئي لٿا يا ويجهي اسٽيشن جو وٺي اڳتي لٿا. سو ٽڪيٽ صحيح هوندو ته واهه نه ته اوهان اُتي ئي اوستائين ڦاٿا رهندا جيستائين انهي ٺڳيءَ جو ڏنڊ ڀريو يا ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪريو. اسان وانگر ايئن ڪونهي ته ملير ڪينٽ مان شيراز ڪوچ تي نيپا جو ڪرايو ڏيئي ويٺل همراهه وڃي ٽاور تي لهي ۽ پٺاڻ ڪنڊڪٽر کي خبر ئي نه پوي! مونوريل جي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ۾ اهو ممڪن ناهي ته ڪو دو نمبري ڪري وڃي. ھتان ڪو بہ ڪنھن سلسلي ۾ ملائيشيا وڃي ٿو ۽ کڻي پئسي وارو آهي تہ بہ منهنجي خيال ۾ ٽيڪسي بدران بهتر ٿيندو ته انهي ٽرين ۾ سفر ڪري. هڪ ته وقت جي بچت. ٻيو ته رستي کان چڱو مٿي هُجڻ ڪري آسپاس جا نطار سُٺي نموني ڪندو. ڏهن ئي اسٽيشنن تي لهي ته به پنڌرهن کان ويهه رينگٽ ۾ هو سڄي شهر جا سڀ اسٽاپ ۽ آسپاس جا علائقا گهُمي سگهي ٿو. ڪراچيءَ جو مثال وٺجي ته اهو ايئن آهي جيئن اها ٽرين ملير ڪينٽ کان ٽاور تائين هلندي هُجي ۽ منجهس سوار ڪو پرڏيهي ملير کان ويهي اچي سفوران تي لهي، وري نيپا، حسن اسڪوائر، مزارِ قائد صدر ۽ ٽاور تي نيٽي جيٽي پُل جا نطارا ڪري.
    پاڻ وٽ هن مُلڪ ۾ گورنمنٽ جا ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا کاتا هوندا جيڪي ڪرپشن کان پاڪ هُجن پر جتي ڪرپشن يا غلط پلاننگ ڪري ادارو مسلسل نقصان ۾ وڃي ته اهو وس ڪري خانگائڻ جي ڪئي ويندي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ساڳيو ادارو ساڳين ماڻهن جي هوندي ترقي ڪريو وڃي. ملائيشيا ۾ وري اُلٽو قصو ٿيو. مونو ريل جي مالڪ ڪمپني ڪي ايل انفرا اسٽرڪچر شروع کان ئي انهيءَ پروجيڪٽ ۾ نقصان کنيو. سندن ڪمائي ايتري گهٽ هئي جو اهي نه ته ريل مونو ريل جو خرچو پئي ڪڍي سگهيا، نه ڪو پروجيڪٽ لاءِ کنيل قرض پئي واپس پئي ڪري سگهيا. ويتر وياج ويو وڌندو، سو قرض به کُٽڻ بجاءِ وڌڻ لڳو. انهيءَ وِچ ۾ ٻه ننڍا حادثا به ٿيا. هڪ دفعو ٽرين جو ٽائر نڪري وڃي هڪ راهگير صحافيءَ کي لڳو، جنهن هاسپيٽل جي خرچ سان گڏ وڏو هرجاڻو به ڪمپني کان ڀرايو. ٻئي دفعي ٻه ٽائر برسٽ ٿيڻ تي ٻه عورتون زخمي ٿيون. قصو ڪوتاهه 2007ع ۾ گورنمينٽ آف ملائيشيا پاڻ انهيءَ مونو ريل کي قرضن سميت خريد ڪيو ۽ انهيءَ ۾ بهتري آندي.
    آئون ڪوالالمپور ۾ نيو يارڪ جي ٽائيم اسڪوائر سان ڀيٽي ويندڙ علائقي بُڪت بنتانگ ۾ رهيو هوس، جتان سمپوزيم اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مون کي چوڪٽ اسٽيشن وڃڻو پيو ٿي. اُتان ڪُجهه پنڌ تي پي ڊبليو ٽي سي بلڊنگ هئي جتي سمپوزيم رکيل هو. پهرين ڏينهن ٽئڪسي ۾ وڃڻ تي ڏهه رينگٽ لڳا جيڪي هتي جا پوڻا ٽي سؤ ٿيندا. بسن ۾ وڃڻ به ڏکيو هو جو انهن کي منتخب روٽس تي هلندي ٽرئفڪ جام کي به منهن ڏيڻو هو. آخري ۽ سستو آپشن اهو ئي هو ته مونو ريل ۾ وڃجي. چئن ڪلوميٽرن جو اوٽ موٽ سفر صرف ٽي رينگٽ (پاڪستاني هڪ سؤ رپين کان به گهٽ) ۽ وقت جي بچت پڻ. اها مونو ريل روزانو صبح جو ڇهين بجي هلڻ شروع ٿئي ٿي ته رات جو ٻارهين تائين ماڻهو ڍوئيندي رهي ٿي. ٻن گاڏن واري انهي ريل ۾ هڪ ئي وقت ۾ 158 ماڻهو ويهي/بيهي سگهن ٿا. روز ايندي ويندي هڪ خيال ذهن ۾ آيو ته ڪراچيءَ ۾ به هڪ مونو ريل هُجڻ کپي. گورنمينٽ اربين رُپيا فلائي اوورس تي خرچ ڪيا پر انهيءَ کان پوءِ به ٽرئفڪ جو آزار اهو ئي رهيو. لوڪل ٽرانسپورٽ جو حال ته سڀني کي سُجهي ٿو. مِني بسن ۾ جهڙوڪر هلندي گاڏيءَ مان چڙهڻ ۽ لهڻ مهل به ذهن ۾ رکڻو آهي. پيهه پيهان ۾ بيزاري ۽ گرمي توڙي کيسا ڪٽجڻ جو ڊپ الڳ!
    ملائيشيا وارن 1.18 ارب يعني اٽڪل چوٽيهه ارب پاڪستاني رپين ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو. هُتي مونو ريل وارو روٽ 8.6 ڪلوميٽر آهي پر هتي ڪجهه وڌيڪ ڊگهي روٽ ٺهندو. مثال طور ملير ڪينٽ کان ٽاور تائين ته اهڙي روٽ جي ڊيگهه ٽيڻ تي وڌيڪ ٿيندي. سو، رڳو هڪ سؤ ارب روپين ۾ ڪراچيءَ جي هڪ وڏي روٽ تي لوڪل ٽرانسپورٽ جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ٿي سگهي ٿو. کڻي سِڪي جي حساب سان هن وقت ڪُجهه سوايو خرچ اچي پر ڪمائي ڏاڍي ٿيندي جو اشتهارن جا پئسا الڳ ته ڪرائي جي مد ۾ ڪمائي الڳ. هر جاءِ ته نه بيهڻ ۽ مخصوص اسٽاپ تي ماڻهو کڻڻ ۽ لاهڻ سان هڪ ته سهولت ٻيو اسٽاپ تي سيڪيورٽي جي ڪري ماڻهو بسن يا چنگچي رڪشن بجاءِ انهيءَ ٽرين ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪندا. وڏڙا ٻڌائيندا آهن ته 1970 واري ڏهاڪي تائين هڪ ننڍي ٽرام هلندي هئي ڪراچيءَ ۾ پر الائي ڪهڙن سببن جي ڪري بعد ۾ اها بند ڪئي وئي. هن وقت ڪراچيءَ جي آبادي ۽ رش کي نظر ۾ رکندي ڏسجي ته مونو ريل جهڙي ٽرين وقت جي ضرورت لڳي ٿي. انهيءَ سان نه ته ڪو زمين جو حصو سيڙهبو سو هن وقت اها ٽرين آسانيءَ سان ڪراچيءَ جي مين روٽس تي هلائي مِني بس وارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ سان گڏ عوام کي سفر جي هاڻوڪي عذاب کان بچائي سگهجي ٿو.


    چيني سيلز گرل جا دوستي، پيار ۽ شاديءَ بابت دليل!

    ڪانفرنس پوري ٿيڻ واري ڏينهن سج لٿي کان پوءِ فريش ٿي، ڪوالالمپور (ملائيشيا جي راڄڌاني) جي بڪت بنتانگ واري علائقي جو پيرين پنڌ ڦيرو ڪرڻ لاءِ نڪري پيس. هوٽل کان نڪرندي ئي ٻنهي پاسي کاڌي جا ڪجهه ريسٽورينٽس، مني ايڪسچئنجر، سپر اسٽورز ۽ گهڻا تڻا وري مساج گهر نظر آيا. هڪ لحاظ کان اهو علائقو کڻي رونق وارو هو پر هِتي پنڌ هلڻ وارن لاءِ عذاب اِهو هو ته اوهان کي وک وک تي ڌپارو ميڪ اپ ٿڦيل ۽ مِني اسڪرٽس پهريل ڇوڪريون مالش جي دعوت پيون ڏينديون ۽ “نو، سوري” چئي چئي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ ڪو ٻيو لفظ چيو ناهي ته روڪي بيهي رهنديون. ڀلي اُن لفظ جي معنى نه اچينِ ته به ايئن سمجهي وٺنديون ته اوهان مساج ڪرائڻ لاءِ راضي آهيو، هاڻي معاملو رڳو اهو طئي ٿيڻو آهي ته پئسا ڪيترا وٺنديون ۽ ڪهڙي ڪهڙي سروس هوندي! سو، کانئن بچندي بچندي يا جان ڇڏائيندي بڪت بنتانگ جي نظارن جو مزو وٺڻو پوي ٿو.
    بڪت بنتانگ جي اصل رونق آهي به شام جو. الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچيو گڏ ٿين ۽ پوءِ فوٽ پاٿن تي پيا واڪ ڪن. اهو ئي سبب هو جو ادي فوزيه شاهه (مسز حفيظ ڪنڀر) گهُمڻ لائق جيڪي جڳهون مون کي ٻڌايون هُيون، انهن ۾ بڪت بنتانگ واڪ به شامل هئي. رات جي وقت جڏهن ٿڌيون هوائون گُهلنديون هجن ۽ انهيءَ علائقي جي رنگن ۽ روشنين جو سنگم هجي ته هتي واڪ ڪرڻ واقعي به هڪ دل کي ريجهائيندڙ تجربو آهي. ايئن پيرين پنڌ هلندو رهيس ۽ انهيءَ دوران فيڊرل هوٽل، لوئِٽ پلازا (لئپ ٽاپ مارڪيٽ) ۽ ٽائيمز اسڪوائر (جيئن پاڻ وٽ پارڪ ٽاور يا ملينيم مال آهن) وغيره ڏسندو رهيس.
    انهيءَ دوران هڪ دڪان تي ويٺل چائنيز ڇوڪريءَ کان گهڙين جا ريٽ پُڇڻ لڳس. هوءَ به صفا موڙِي هجڻ سبب واندي ويٺي هئي. سو، ننڍو اسٽول ڪڍي ڏنائين ۽ چوڻ لڳي: ”ويهي آرام سان گهڙيون ڏس ۽ جيڪا پسند اچي وٺي وٺ... پر وٺجان ضرور، آئون اسٽوڊنٽ آهيان ۽ مون کي تنهنجي فيور کپي.“ مون کي ڪوالالمپور آئي ٽيون ڏينهن هو ۽ هتي جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪلچر کي جيترو ڏٺم ته ان حوالي سان ذهن ۾ڪافي سوال هئا جيڪي ڪنهن مقاميءَ سان سلڻ ٿي گهريم.
    “ڀلا گهڙي وٺان پر ڪجهه گهڙيون مون کي ڏيندينءِ؟ ڪجهه معلومات وٺڻي اٿم اوهان ملئي چائنيز جي باري ۾.”
    ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي: “اسان ملئي ئي آهيون ۽ جي چائنيز ٿو چوين ته چائنيز ئي سهي پر اهو ڪهڙو نئون ٽرم ٿو استعمال ڪرين: ملئي چائنيز.”
    چيم “اوهان آهيو ته کڻي ملئي باءِ نيشنلٽي پر اصليت ته چائنيز اٿوَ نه؟ هونئن نه ته ملئي ته اوهان کان رهڻي ڪهڻي توڙي ثقافتي ۽ مذهبي حوالي سان الڳ آهن.”
    چوڻ لڳي “ها اُهو ته آهي، خير، تون پُڇي سگهين ٿو ۽ منهنجيون ڪافي گهڙيون تنهنجي لاءِ آهن، ايستائين جيستائين ڪو ٻيو ڪسٽمر اچي.”
    مون کيس ڪافي دير کان ڏٺو پئي ته واندي ويٺي آهي، سو ڪنهن ٻئي ڪسٽمر جو تڪڙو چانس نه هو. اهو سوچي کانئس وڌيڪ حال احوال وٺڻ لڳس. “سڀ کان پهرين ته اهو ٻڌاءِ ته اوهان چائنيز جو اهو ڪهڙو حساب آهي ته اوهان جي نوجوان ٽهيءَ جي اڪثريت جلد ئي مائٽن کي ڇڏي، ڇوڪرو ڇوڪري دوست ٿي الڳ ٿلڳ وڃي ٿا رهن ۽ جوڙ به مٽبا رهن ٿا. نيٺ وڃي شادي به پنهنجي منهن ڪيو ٿا. اهو سڀ ڇا آهي؟”
    “بس، اسان وٽ اها روايت آهي. هونئن ضروري به ناهي ته سڀ ايئن هجن. ڪي ته ملئي ماڻهن کان به وڌيڪ پرو فيملي سسٽم جا قائل آهن، جيڪي ٻه ٻه ٽي ٽي پيڙهيون گڏ رهن ٿا... پر اڪثريت ايئن آهي ته ڇوڪرو/ ڇوڪري جوان ٿيا ته مائٽ به اهو چاهيندا آهن ته وڃي پنهنجي گرل/ بواءِ فرينڊ ڳولين ۽ اسان تان بار لهي... ۽ منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪا بُرائي به ناهي.”
    “پر ايئن ناهي ته ان سان ڇُڙواڳي وڌي ٿي؟ ٽينِ ايج جي ناسمجهه ٻارن ۾ زندگي ٺاهڻ واري سمجهه نه هوندي آهي؟”
    منهنجي سادگيءَ تي کلندي چيائين “جي ايئن هجي ها ته پوءِ اسان جي قوم محنتي ڪيئن هجي ها. هي سڀ ٽين ايج ۾ مائٽن جا تڙيل ئي آهن جن جي محنت جا ڳُڻ اڄ سڄي دنيا ڳائي ٿي.”
    ڳالهه ته واقعي صحيح پي ڪيائين.
    “ڀلا جيڪي گڏ رهن ٿا، سي يقينن ايئن ته نه رهندا هوندا. اوهان ڪنوارپ ته جَهٽ ۾ وڃايو ڇڏيو ۽ پوءِ به الائي گهڻن کان ڦِري ڦِري هڪ ٻئي جي مٿي ۾ لڳو ٿا جنهن سان شادي ٿئي ٿي... ته ڇا اُهي ٻئي هڪٻئي دل سان قبول ڪريو ٿا؟”
    “ڪنوارپ جو ڀوت گهٽ ۾ گهٽ اسان تي سوار ناهي. اها ڪا ايڏي وڏي شيءِ ناهي جنهن تي ڳنڍ ڏيئي بيهي رهجي. ٻيو ته جسماني لاڳاپا شروع ڪرڻ سان ته انهيءَ جو ختم ٿيڻ يقيني آهي. جسم کي پاڻي، کاڌي ۽ هوا جيان انهي شيءِ جي به ضرورت آهي بلڪه اها چوٿين خوراڪ آهي. اها هڪ حقيقيت آهي، باقي ڳالهه قبولڻ جي آهي. اهو مسئلو تڏهن ٿئي جڏهن هڪ ڌُر وِرجن (ڪنواري/ڪنوارو) هجي ۽ ٻي نه هجي. جڏهن ٻئي هڪ جهڙا آهن ۽ ٻنهي کي اهو قبول آهي ته پوءِ بس!”
    “پر آئون جنهن مذهب سان تعلق رکان ٿو انهيءَ ۾ شاديءَ کان اڳ اهڙا تعلقات قائم ڪرڻ جي منع آهي ۽ ان کي اخلاقي برائي به تصور ڪيو وڃي ٿو. سو، مون لاءِ اهو سڀ اسٽرينج (عجيب) آهي.”
    “ها، بلڪل صحيح ٿا چئو. ڪيئي مذهب انهيءَ کان منع ڪن ٿا. اخلاقي طرح به ڪيئي ماڻهو انهيءَ کي برو سمجهن ٿا. خود اسان ۾ به اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اهو ڪندي به انهيءَ کي غلط چون ٿا پر تون انهيءَ کي اسٽرينج (عجيب) نه چئو. مثال طور هندن ۾ عورت ٻي شادي نٿي ڪري سگهي پر اوهان وٽ مرد هڪ زال هوندي به ٽي ٻيون ڪري سگهي ٿو. عورت وري جيترا مڙس مرن يا کيس طلاق ڏين اوتريون شاديون ڪري سگهي ٿي... ته ڇا پوءِ اسان يا هندو اوهان کي اسٽرينج چئون؟” سندس دليل ۾ وزن ته هو ۽ لڳو پئي ته ڇوڪري ڄاڻ به ڪافي رکي ٿي.
    “ڀلا اوهان وٽ اهو به طئي هوندو آهي ته جنهن سان ٽينِ ايج ۾ رهو ٿا انهيءَ سان شادي ناهي ڪرڻي يا سِري کان اُنهيءَ سان پيار ئي نه هو؟”
    “طئي ته کڻي ناهي هوندو پر اصل ۾ هوندو يا وري چئجي ته ٿيندو ايئن ئي آهي. ڇو ته اسان کي نوجوان ٿيڻ کان پوءِ ڪو ساٿي کپندو آهي، جنهن سان گڏ رهي مائٽن تان بار لاهجي. گڏوگڏ پنهنجي جسم جي چوٿين خوراڪ جو بندوبست به ڪرڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي ڪيريئر پلاننگ به. اها گهڻو ڪري گريجوئيٽ اسٽڊيز جي شروعات هوندي آهي، سو ڪمائڻو به هوندو آهي، جيئن مان هِن وقت هي دڪان هلائي ڪمايان ٿي. منهنجو بواءِ فرينڊ به هڪ اسٽور تي ڪم ڪري ٿو. اسان هڪ ننڍي جڳهه ڪرائي تي ورتي اٿئون. اميد آهي ته گريجوئيشن کان پوءِ پاڻڀرا ٿي وينداسين.”
    “پر شادي ڪنهن ٻي سان ئي ڪندؤ ۽ اوهان پاڻ ۾ هڪٻئي سان نه ڪندؤ؟”
    “همممم! ضروري ناهي ته هڪٻئي سان ٿئي. ڏسو، هن وقت اسان کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي، جيئن توهان کي ٻڌايم ته هر نوجوان کي هوندي آهي پر شادي هڪ الڳ معاملو آهي.”
    “۽ پيار؟” مون جهٽ ۾ پُڇيو.
    “پيار اڃا به الڳ آهي. شروع ۾ هڪ ٻئي جو ساٿي بڻجڻ ته جيستائين ڪيريئر ٺهي، اهو هڪ الڳ معاملو آهي. پيار ٿيڻ هڪ ٻي شيءِ آهي. اهو عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. شادي وري ديرپا رشتو جوڙڻ جو ٻيو نالو آهي، جيڪا اڃا به الڳ شيءِ ٿي. هاڻي اهو سڀ ڪُجهه هڪ شخص سان ٿيڻ کڻي اڻ ٿيڻي ڳالهه ته ناهي پر پوءِ به ڏکيو ضرور آهي.”
    “چئبو ته اوهان ڪيريئر ٺاهڻ، پيرن تي بيهڻ ۽ پوءِ شادي ڪرڻ تي ته يقين رکو ٿا پر تيستائين مائٽن تي بار ٿيڻ ۽ جوانيءَ ۾ سمجهوتو ڪري پاڻ کي سِڪائڻ تي يقين نٿا رکو!؟”
    “ها، ايئن چئي سگهو ٿا. ڀلا پاڻ بابت به ٻڌايو نه؟”
    چيم، “ اسان جي توکي گهڻي قدر خبر آهي. بس، اهو ته اسان مائٽن سان گڏ رهندي اڪثر انهن جي مرضيءَ سان شادي ڪري ٻار ڄڻيندا آهيون ۽ اها ساڳي ڪار پنهنجن ٻارن سان به ڪريون ٿا.”
    “ها، اهو به صحيح آهي. اوهان جي انهيءَ سسٽم سان اسان کڻي اختلاف رکون پر اوهان ۾ به محنتي پيا آهن. اوهان جي ملڪ جا ڊاڪٽر ته دنيا ۾ مشهور آهن. سو، ڳالهه طور طريقن کان وڌيڪ ماڻهوءَ تي پاڻ تي به آهي. ڪهڙي به سٺي ماحول ۾ پلجي به بيڪار فرد پئدا ٿيندا آهن ۽ خراب ماڻهن جي اثر هيٺ رهي به سٺا ماڻهو پئدا ٿيندا آهن.”
    “ٺيڪ آهي. وڏي مهرباني. تو هڪ گھڙي پئسن سان ۽ ڪافي گهڙيون مفت ۾ ڏيئي ٿورو ڪيو. هاڻ يقين اٿم ته هيءَ گهڙي منهنجي گهر واريءَ کي پسند ايندي.”
    “شوئر شوئر! پنهنجي لاءِ به وٺو نه؟”
    چيم “پنهنجي لاءِ تنهنجيون ڏنل مفت جون گهڙيون ئي ڪافي آهن.” وڏو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ مون پاران سندس هئنگنگ بورڊ تان لاٿل ڪافي ساريون گهڙيون واپس پنهنجي پنهنجي ڄڳهه تي سجائڻ لڳي.”
    ايئن رلندي ڦرندي رات جا يارهن اچي ٿيا. واپس اچي ساڳي هوٽل تي ماني کائي ڪجهه دير هوٽل جي انٽرنيٽ تي ويهي آن لائين دوستن ۽ گهر واران سان حال احوال ڪيم ۽ پوءِ سمهڻ لاءِ سوچيم جو صبح سوير وري سمپوزيم جا ليڪچر ٻڌڻا هئا.


    سڀ پاڪستانيGay ته ناهن نه؟

    ٻئي ڏينهن تي صبح جو روٽين ۾ ليڪچر، چانهن جي بريڪ ۽ مانيءَ جي وقفي کان علاوه ڪجهه اهڙو نه هو جنهنجو ذڪر هتي ڪجي. اُن ڏينهن اسان سڀني کي هڪ دعوت نامو ڏنو ويو جنهن ۾ لکيل هو ته رات جي ماني ۽ انهيءَ کان پوءِ هڪ ڪلچلرل شو ٿيندو هتي هن ئي بلڊنگ جي هڪ هال ۾. انهيءَ ۾ اسان کي شرڪت جي ڪوٺ هئي. خوشي ٿي ته اڄ هتي اهو شو ڏسي وٺبو.
    شام جي چانهه واري وقفي کان پوءِ اڃا ٻه ليڪچر هئا پر مون ڪلهه وانگي اڄ به آخري ٻه ليڪچر ڇڏڻ جو سوچيو. هڪ ته ٿڪاوٽ، ٻيو آخري سيشن ۾ ليڪچر روزانو منهنجي فيلڊ کان هٽي ڪري هوندا هئا. سو، سوچيم ته هن بلڊنگ پترا سينٽر جو جائزو وٺجي. ائين هيٺ مٿي هلندو رهيس. ڪٿي ته وڃڻ جي اجازت نه به هئي. شايد ڪو اهڙو پروگرام ٿي هليو جنهن ۾ صرف ڪوٺ ڏيئي گهرايل ماڻهن کي ئي اجازت هئي.
    سامهون بيٺل هڪ چائنيز نوجوان منهنجي ڇاتيءَ تي لڙڪندڙ بيج ڏسي ويجهو آيو ۽ رڙ ڪري وڏو ڀاڪر پاتائين،“او پاڪستاني مين، گريٽ!”
    پاڪ چائنا دوستيءَ جي هونئن کڻي خبر ۽ يقين ته هئم پر هنن ٻن ڏينهن ۾ کوڙ چائنيز مليا، جن مان اهڙو اظهار ته ڪنهن نه ڪيو. خيال آيو ته شايد هي چائنيز چائنه جو آهي، تنهن ڪري دوستيءَ جو ڀرم پيو نڀائي. هتي وارا چائنيز ته ورهين کان ملئي آهن، سو اسان جي وڏن جي دوستيءَ جو ايترو فڪر ڪونه اٿن جو کڻي انهيءَ جو لحاظ ڪندي ڪُجهه پنهنجائپ ڏيکارين!
    “مهرباني دوست!” سندس گرمجوشيءَ جي موٽ ته ڏيڻي هئي.
    پُڇڻ لڳو “ڪڏهن آيو آهين؟”
    “ٻه ڏينهن ٿيا اٿم.”
    “اڃان ڪيترا ڏينهن هتي آهين؟ ڪٿي ترسيل آهين؟” ٻڌايومانس ته هفتي لاءِ آيو آهيان. بڪت بنتانگ ۾ رهان ٿو.
    “پاڪستان جا ماڻهو ڏاڍا سٺا آهن.”
    پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي پرڏيهه ۾ تعريف ٻڌي خوشي ٿي.
    چيم “ها، صحيح ٿو چوين. اسان زنده قوم آهيون. پائنده قوم آهيون.”
    چوڻ لڳو، “ها منهنجو هڪ دوست هو جيڪو ٽي سال گڏ رهيو پر هاڻ هليو ويو آهي.”
    “اڇا! ڇا ڪندو هو هتي؟”
    “هڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري هئس پر مون کي ڏاڍو پسند هو. آئون هُن مان ڏاڍو خوش هئس.”
    “خوش!!!” مون کي شڪ ٿيڻ لڳو ته همراهه ڪٿي ليڪي تان لٿل ته ناهي. منهنجو شڪ ڪجهه ئي لمحن ۾ صحيح ثابت ٿيو.
    “ها، هو منهنجو بواءِ فرينڊ هو ۽ اسان ٻنهي ٽي سال گڏ گذاريو. هو ڏاڍو تيز هو. سندس وڏي اسٽيمنا هئي. ... . . . . . . . .” ۽ پوءِ الاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون گنديون ڳالهيون ۽ عجيب شين جي ماپ تور ٻڌائڻ لڳو. گڏوگڏ سندس هٿن جا اشارا به ڪي چڱا نه پئي لڳا، جن سان هو منجهن رهيل تعلق کي وڌيڪ کولي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ آئون اهو موضوع بند ڪري ڀڄڻ جي چڪر ۾ هئس.
    “اسٽاپ اسٽاپ! ڳالهه ٻڌ، هڪ ته اهي اشارا بند ڪر. ٻِي ڳالهه ته اهو پاڪستاني ڪهڙي شهر جو هو؟”
    “پشاور” منهن ڦٽائيندي وراڻيائين. جهڙوڪر هو ڪا ڀلي اسٽوري جوش سان ٻڌائي رهيو هو، جنهن کي مون وچ تي ڪٽيو هجي.
    “هاڻي ڳالهه ٻڌ! انهي پاسي جي ماڻهن جي انهن افعالن بابت اسان به ٻڌو آهي ته تو وارا شوق رکن ٿا پر سڀ پاڪستاني ايئن ناهن. . . ماڻهو ٿي! ايئن هر پاڪستانيءَ مان اها توقع رکڻ ڪا فضيلت آهي؟”
    مون کي تيز ٿيندو ڏسي به مٿس ڪو فرق نه پيو. اڃا به بي شرمائيءَ سان چوڻ لڳو، “ٿي سگهي ٿو تون صحيح هجين پر سچ پچ ته مون کي هُن جهڙو مزو ڪنهن به نه ڏنو. . . سو . . . ”
    مون کيس گڊ باءِ چوندي پنهنجو رستو ورتو ۽ هن ڏي مُڙي ڏٺم ته هو في الحال ته اُتي ئي بيٺو هو پر لڳو پئي ته ڪڍ ايندو. آئون تڪڙو تڪڙو هلندو وڃي سيڪيورٽي گارڊ وٽ پهتس ته جي صفا جان نه ڇڏي ته هن جي مدد وٺبي پر شڪر ٿيو ته هو ٻئي پاسي هليو ويو.
    انهيءَ دوران مون کي سامهون هِن ئي پلازا ۾ مين ڪوريڊور وٽ هڪ ملئي ٽولو نظر آيو. ساڻن وڃي مليس، جيڪي ڏاڍا ڀلا ماڻهو هئا.


    ملئي ماڻهن سان گذاريل هڪ شام

    ملئي ماڻهن جي خاص نشاني اها آهي ته عورتن کي حجاب هوندو ۽ مردن جو رنگ اسان وانگي ۽ ڪپڙا لٽا ڍنگ جا هوندا. چائنيز وانگي ولگرٽي نه هوندن. سو، هنن همراهن کي ڏسندي ئي سمجهي ويس ته هي ملئي آهن. ڪُل ڇهه ڄڻا هئا. ٽي عورتون هيون ۽ ٽي مرد. اتفاق سان عمرن ۾ ساڳيو حساب هو. ٻه ڇوڪرا ڇوڪري جوان هئا (ڇوڪرو ماس ۽ ڇوڪري فائزه) ۽ مون کان به عمر ۾ ننڍا ٿي لڳا. ٻه اڌڙوٽ هئا (همراهه جو نالو جوهاري ۽ مائيءَ جو نالو جميله). ائين ئي ٻه پوڙها پوڙهي (پوڙهو قاسم ۽ پوڙهي حميزه) جن بابت خبر پئي ته رٽائرمينٽ کي ويجهو آهن. هنن وٽ رٽائرمينٽ جي عمر پنجونجاهه سال آهي. هي همراهه ملائيشيا جي تاريخي بندرگاهه واري شهر پينانگ جا رهواسي هئا، جيڪو مٿي اُتر پاسي ٿائلينڊ کي ويجهو ساحلي شهر آهي. هتي هِن بلڊنگ جي فرسٽ فلور تي لڳل هڪ نمائش ڏسڻ آيا هئا. اها نمائش تجزياتي ڪيمسٽريءَ جي مشينن جي هئي ۽ اهي يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جا ملازم هئا جن جو ڪم انهيءَ يونيورسٽي جي اسڪول آف بايولاجيڪل سائنسز ۾ اهڙي قسم جون مشينون هلائڻ هو، سو يونيورسٽيءَ پاران کين موڪليو ويو هو ته وڃي انهيءَ نمائش ۾ ڏسي اچن ته ڇا ڇا نئون آيو آهي ۽ اڳئي موجود مشينن ۾ ڪهڙي جدت آندي وئي آهي. اهڙيون نمائشون پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٿينديون رهن ٿيون ۽ لاڳاپيل ماڻهو انهن ۾ اچي شرڪت ڪندا رهن ٿا.
    آئون جڏهن ساڻن وڃي مليس ته سيني تي لٽڪندڙ بيج (جيڪو مون کي سمپوزيم وارن ڏنو هو) تي پاڪستان ڏسي وڏي جوش خروش سان مليا ۽ ويهڻ لاءِ چيائون. حال احوال ۽ تعارف کان پوءِ منهنجي پهرين ڳالهه تي هو ايترا خوش ٿيا جو سڀ مڙي اچي ويجها ٿيا. مون کين چيو ته اوهان ٿلهي ليکي سڀ ملئي سُريلا آهيو. توهان جو ميل جول، ڪپڙا لٽا سڀ ڍنگ جا آهن پر اوهان جي اڌ آبادي چائنيز آهي، جنهن اوهان جي ملڪ جو اميج ڪجهه ٻيو ٺاهي ڇڏيو آهي. هنن کي به ڪا ڪاوڙ سوائي هئي، پوءِ ته هر هڪ پنهنجو فرض سمجهي کين اخلاق جي دائري ۾ رهندي بُرو ڀلو چوڻ لڳو.
    منجهانئن جيڪو سينيئر هو ۽ ٽيم ليڊر تنهن پُڇيو، “گهڻا ڏينهن ٿيا آهن توکي ۽ اڃا ڪيترو وقت هتي رهندين؟”
    کلندي چيومانس “Most Common question from me after being here in Kuala Lumpur” سڀ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ سچ پچ هئو به ايئن. هتي جيڪو به مليو، جنهن سان ڪنهن لحاظ کان بنا ڪم جي ملاقات ٿي، انهيءَ اهو ئي ٿي پُڇيو. ٻڌايومانس ته ڪلهه پُهتو آهيان هتي هلندڙ هڪ سمپوزيم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ۽ اڃا پنج ڏينهن ٻيا به هتي هوندس.
    “تمام سٺو، ڀلا پاڪستان ۾ ڇا ڪرين؟”
    “اوهان وارو ئي ڪم آهي. فرق صرف اهو آهي ته اوهان يونيورسٽيءَ ۾ آهيو ۽ آئون هڪ گورنمينٽ جي ڪائونسل ۾ سائينٽيفڪ آفيسر آهيان، جتي اسان جو ڪم مختلف شين جي ٽيسٽنگ ۽ انڊسٽريءَ کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تحقيق جو ڪم آهي.”
    “گريٽ! تون ته اسان جو جوڙيوال ٿئين. ڀلا اڄ جو ڇا پروگرام اٿئي؟”
    “ڪجهه نه. هتان چوڪٽ اسٽاپ تان مونو ريل ۾ چڙهي بُڪت بنتانگ ۽ پوءِ آوار گردي ۽ رات جو هتي ڪو نائيٽ شو آهي سمپوزيم جي ميزبانن جو، اهو ڏسندس.”
    “ڇو؟ توکي ڪي خاص جايون گهمڻ جو شوق ناهي ڇا؟ يا اڳي ڏسي چُڪو آهين؟”
    “نه، آئون ته پهريون دفعو ئي آيو آهيان پر هڪ ته صحيح خبر ناهي ته ڪهڙي جڳهه ڪٿي آهي. ٻيو ته اڃا خبر به ناهي ته ڪيترو ڪرايو آهي ۽ ٿوري خرچ ۾ گهڻو ڪيئن گهُمي سگهجي ٿو! هڪ لسٽ کڻي ته آيو آهيان انهن جڳهن جي جيڪي ڏِسڻيون اٿم پر صحيح خبر ناهي ته ڇا ڇا ڏسي سگهندس.” پوءِ ادي فوزيه پاران ٺاهي ڏنل لسٽ کين ڏيکاريم. ڪافي دير تائين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا رهيا. انهيءَ دوران هڪ ٻيو ڪارڊ به ڏيکاريم جنهن لاءِ صبح بُڪنگ ڪرائي هئم. هڪ ٽوئرسٽ ڪمپني پاران 60 رينگٽ ۾ ڪوالالمپور جي ٻهراڙي گهمائڻي هئي. همراهن کي لِسٽ ته پسند آئي پر ٻهراڙي واري پيئڪج تي جلدي تحفظات ڏيکاريائون.
    “هن ۾ ته صرف ٽي پوائنٽس آهن گهمڻ لاءِ ۽ هي پئڪيج ته آهي به مهانگو.”
    وراڻيم. “هونئن نه ته ڇا اوهان فري ۾ يا سستا ٽوئر ڪرايو ته اوهان جو ملڪ ايترو ڪمائي؟ ۽ ڪيئن ٽوئرزم کي پنهنجي مُلڪ جي ٽيون نمبر وڏي انڊسٽري بڻايو؟”
    “نه نه، ايئن به ناهي. هي الاءِ ڇو اوهان کان الاهي پئسا پيا وٺن، تون جيڪر اسان سان گڏ هلين ته اسان تنهنجي ٺاهيل لسٽ ۾ هڪ اڌ شيون ڇڏي باقي سڀ گهُمائي سگهون ٿا.” شايد کين مُلڪ بابت مون واري ڳالهه ڏُکي لڳي، سو اها آفر پئي ڏنائون.
    “نه نه، آئون جيترو گهُمي سگهيس اوترو گهُمي وٺندس. مون مذاق ڪيو. اوهان پنهنجي روٽين ڊسٽرب نه ڪيو.”
    “بلڪل نه. اسان ته پاڻ اڄ ترسيا ئي ڪوالالمپور جو چڪر هڻڻ لاءِ آهيون. نه ته اڄ نمائش ته ختم ٿي وئي. اسان کي يونيورسٽيءَ جي گاڏي ۽ ڊرائيور آهي. سو، تون به اسان سان گڏ شهر جو چڪر هڻ. اسان کي به ٽي سال ٿيا آهن جو پئنانگ کان ڪوالالمپور اچڻ ناهي ٿيو. سٺو ٿيندو ته تون به گڏ هُج.”
    مون کي پوءِ به مناسب نه پئي لڳو. سوچڻ لڳس ته متان هِنن لاءِ هي ڄڳهون اهميت واريون نه هُجن. جيئن ڪو ڪراچي اچي ملائيشيا کان ۽ کيس سکر يا خيرپور پاسي جا ماڻهو ملن. اسان جو ملڻ ڪُجهه ايئن هو. هاڻي هتي وارن سي ويو ۽ ڪلفٽن اڳي به ڏٺو آهي ۽ اڄ سندن هاڪس بي يا منهوڙي جو پروگرام هو، پر ملئي همراهه وٽ ٽوئرسٽ اسپاٽ طور سي ويو ۽ ڪلفٽن جا نالا هجن، ته هي هروڀرو پنهنجو مزو خراب ڪن نه؟ سو اهو سوچي بئگ مان اهو دعوت نامو ڏيکاريندي کين چيم،
    “ڏسو، اڄ رات ته مون کي هنن سمپوزيم وارن ڊنر لاءِ چيو آهي، جيڪو هن ئي بلڊنگ جي ڪنهن هال ۾ آهي ۽ شايد ڪلچرل ڊانس وغيره جو به پروگرام اٿن.”
    همراهه ڪارڊ ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، “اهو ڊانس ته تون نيٽ تي به ڏسي سگهين ٿو ۽ ڊنر انهيءَ کان سٺو اسان تو کي ڪرائينداسين. تون اسان سان گڏ هل!”
    ڏٺم ته همراهن جو خلوص منهنجي نٽائڻ کان زور آهي. سو، وڃي ويٺس سندن وين ۾، جيڪا سندن فون ڪرڻ تي ڊرائيور اسان کان اڳ ئي مين گيٽ تي اچي بيهاري هئي. پهرين ته هي انهيءَ هوٽل تي هليا جتي ترسيل هئا. کين ڪپڙا وغيره چئنج ڪرڻا هئا ۽ عصر نماز جو به وقت هو. هنن وٽ ڪُل چار ڪمرا هئا. هڪ ۾ ٽيئي عورتون گڏ رهيون ٿي ۽ ٻئي ۾ ماس ۽ جوهاري ٿي رهيا. آئون جنهن ڪمري ۾ هلي ويٺس انهيءَ ۾ قاسم (ٽيم ليڊر) ۽ ڊرائيور نوردين گڏ ٿي رهيا. ٽيم ليڊر جي ڊرائيور سان گڏ رهڻ تي مون کي ٿوري حيرت ٿي، جنهن جو اظهار کڻي نه ڪيم پر پوءِ به هو سمجهي ويو. سو، پاڻ وضاحت ڪيائين ته اصل ۾ هيءَ هوٽل ڪافي مهانگي آهي. الڳ ڪمرو وٺڻ سان خرچ وڌي ها، جيڪو ڏيڻو ته وري به يونيورسٽيءَ کي ئي هو پر جيڪڏهن بچت جو ڪو آپشن آهي ته ڇو نه استعمال ڪجي. اها ڳالهه جيتوڻيڪ منهنجي دل وٽان آهي پر جڏهن به دوستن سان ڪنهن آفيس جي ٽوئر تي نڪر ته چوندا جيڪو سڀ کان مهانگو کاڌو، سواري يا رهائش هجي اهو وٺجي. دليل اهو ته پنهنجي ڪهڙو گهران ٿو وڃي؟ بهرحال هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي. شايد ڪڏهن آئون به ايئن پرائي خرچ تي ٽوپي نراڙ تي واري ڪار ڪندي اهو ڪم ڪري ويو هُجان پر سوچ اها ضرور اٿم ته پنهنجن ادارن جو دشمن نه ٿجي. پر اسان وٽ اهڙي سوچ رکڻ وارن کي اڪثريت پاران چريو ۽ سِر ڦريو ئي ڪوٺيو ويندو آهي.
    هنن اهو طئي ڪيو ته وهنجي ۽ نماز کان فارغ ٿي ڇهين بجي نڪرڻو آهي ۽ ڪو به ليٽ نه ڪري. مون کي به وهنجڻ لاءِ چيائون پر مون منع ڪئي. انهيءَ وقت هنن ڇا سوچيو، ڪهڙا تاثرات هئا اهو ته ياد ناهي پر مون ملائيشيا وڃڻ وقت الطاف شيخ جو ڪتاب “ملائيشيا ٻارهن سالن بعد” ئي پڙهيو هو. جيڪڏهن ان وقت مون کي “ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه” هٿ آيو هجي ها (جنهن لاءِ ڪوشش به ڪيم پر نه مليو) ته هڪ نه پر ٻه دفعا وهنجي وٺان ها؛ بلڪه جيڪو انهيءَ ڪتاب جو پهريون باب “ڪولالمپور ۾ هڪ رات” پڙهندو اُهو ڪنهن ملئي جي وهنجڻ لاءِ ڪيل آفر رد نه ڪندو، جو الطاف صاحب جو چوڻ آهي ته ملئي ماڻهو ڏينهن ۾ اٺ اٺ دفعا وهنجن ٿا ۽ جيڪو رات جو وهنجي نه سمهي يا شام جو نه وهنجي انهيءَ کي ته هو بلڪل ئي اسٽرينج وٺن ٿا. جيئن ته الطاف صاحب جي عمر جو ڪافي عرصو هتي گذريو آهي ۽ کين خبر هئي ته ملئي ڇا کي سٺو ۽ ڇا کي خراب سمجهن ٿا ۽ هُن اهي احتياط ڪيا ٿي پر مون کي اڃا ڏهه ڏينهن به نه ٿيا هئا. نه وري ٿيڻا به هئا، ڇاڪاڻ ته صرف هڪ هفتي جو پروگرام هو. اهڙيون ٻيون به ڪيئي چُڪون ٿيون هونديون، ڇو جو مون الطاف شيخ جا ملائيشيا بابت سڀ سفرناما ناهن پڙهيا. جيڪڏهن اُهي پڙهيل هجن ها ته ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ وانگي اهي ڪتاب ان سلسلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪن ها. عصر نماز سڀني پنهنجي منهن پڙهي، نه ته منهنجو اندازو هو ته شايد جماعت ڪندا. انهيءَ هوٽل جي ڪمري جي دريءَ جو ويو ايڏو ته پيارو هو جو جيستائين اهي وهنجي فارغ ٿيا تيستائين مون پئي فوٽو ڪڍيا. سامهون پئٽروناس ٽوئين ٽاور جي عمارت پئي نظر آئي. جڏهن پنج لڳي پنجونجاهه ٿيا ته قاسم پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي، آخري دفعو پنهنجا کُسڻ کان بچي ويل ڪُجهه وار ٺاهي تيار ٿيڻ لڳو ۽ ٺيڪ ڇهين بجي سڀ همراهه ڪوريڊور ۾ بيٺا هئا. هاڻي اهو پئي طئي ٿيو ته پهرين ڪٿي هلجي. اهو طئي ڪندي لفٽ ذريعي هيٺ پُهتاسين. پهرين ته فوٽ پاٿ تي ئي بيهي گروپ فوٽو ورتائون سندن ٻن ڪئميرائن کان علاوه منهنجي ڪئميرا ۾ به. گروپ ۾ سڀني کان ننڍي عُمر جي ڇوڪري فائزه وڃي فنگر چِپس وٺي آئي ته رستي ۾ وات رڳو ڳالهائڻ لاءِ نه پر کائڻ لاءِ به هلي. مون کان بار بار پُڇن پيا ته پريشان ته ناهين يا ڪو مسئلو ته ناهي. ٻڌايومانِ ته مون کي مفت ۾ گهُمايو ٿا، ڪمپني ڏيو ٿا، سو پريشاني ڪهڙي! اهو به ٻڌايم منهنجو وڏو مامو جنهن جو نالو به قاسم آهي ۽ هو به مون کي وڏن مان ڏاڍو ڀائڻ وارن مان آهي. سو، آئون هِن قاسم کي به مامو پيو سمجهان. ڪو فڪر ناهي. هُنن ٻڌايو ته هو ماءُ جي ڀاءُ کي “پاچي” چوندا آهن جنهن کي اسان مامو چئون. انهيءَ کان پوءِ سڄي سفر دوران کيس پاچي چئي پئي مخاطب ٿيس ۽ هو پئي کليا ته هڪ ڏينهن ۾ رشتا به جُڙي ويا!
    رستي ۾ جميله بار بار چوندي رهي ته توکي شايد عجيب لڳي پر اسان وٽ ٽرئفڪ جئم جو وڏو مسئلو آهي. جتي ڪٿي گاڏي ڦاسي ٿي پوي. مون چيو: مون کي ڪو فڪر ناهي. اوهان وٽ ته وري به رڳو جئم آهي. اسان وٽ ته ٽرئفڪ جئم سان گڏ رڪشن جي آواز ۽ دونهين سان گڏ هارن جي پِين پِين اضافي آهي. شل نه اوهان شام جو بندر روڊ کان قائد اعظم جي مزار طرف نڪرو. پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ ۾ ٻه ڪلاڪ ڇُٽا. هنن وٽ وري به اهو هو ته ڪنهن گاڏيءَ دونهون نٿي ڇڏيو. نه ڪنهن هروڀرو هارن ٿي وڄايا.
    اسان کي پئٽروناس ٽاورس تي پُهچندي ڪا گهڻي دير نه لڳي. ويجهو پُهچي سڀني جيان ملائيشيا جي لئنڊ مارڪ هن عظيم عمارت کي ڏسڻ لاءِ مٿي منهن ڪندي ڪنڌ ۾ سور ٿي پيو، ايڏي وڏي هئي. هنن همراهن سميت مون کي به وڏو جوش هو ته مٿي وڃي هنن ٽاورس جي جوڙ واري گئلريءَ مان بيهي هن شهر کي هڪ نظر ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪريان پر افسوس جو اهو نصيب ۾ نه هو. گرائونڊ فلور جي انٽرنس وٽ ئي لکيل هو ته گئلري ٽن مهينن لاءِ تعميري ڪم خاطرِ بند آهي. سو هاڻي هر وزيٽر جيان عمارت جي دامن ۾ بيهي اهڙي نموني فوٽو ڪڍڻ شروع ڪياسين ۽ اڪثر ناڪامي ئي پئي ٿي. اندر به وياسين ۽ ٽي چار فلور مٿي به وڃي ڏٺوسين جنهن ۾ اڪثر ته شاپنگ مال ۽ ڪنهن فلور تي وري آفيسز هيون. اهي ٽاور ۽ آسپاس جو علائقو اهڙو هو جو هتي ڪلاڪ ڏيڍ گذري ويو. پاسي ۾ هڪ دلڪش فائونٽين به هو. مون کي ياد آيو ته اميتاڀ بچن سال1978ع ۾ جيڪا ڊان ٺاهي ۽ انهيءَ جو ري ميڪ مشهور شاعر جاويد اختر جي پُٽ فرحان اختر ٺاهيو، جنهن ۾ هُن اميتاڀ بچن جي ڄڳهه تي شاهه رخ خان کي ۽ پران جي ڄڳهه تي ارجن رام پال کي کنيو. انهيءَ فلم جي ڪجهه سينز جي شوٽنگ هتي ٿي. شايد اهو سين جڏهن شاهه رخ خان ۽ ارجن رام پال هڪ ٻئي سان وڙهندي ڏيکاريا وڃن ٿا. پهروڪِي ڊان ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ٺهي، سو فرحان اختر لاءِ اهو سين هتي فلمائڻ سولو ٿي پيو، نه ته جنهن وقت ۾ ڊائريڪٽر چندرا بيرٽ اميتاڀ بچن جي اداڪاريءَ ۾ پراڻي ڊان ٺاهي ته ان وقت شايد هن بلڊنگ جو تصور به نه هو. نه وري پروڊيوسر نريمان ايراني وٽ ايترا پئسا هوندا جو هو ڪنهن اهڙي ڄڳهه تي اهو سين فلمائي. انهي ڪري ئي کيس اهو ساڳيو سين، جنهن ۾ پران ۽ اميتاڀ لڙائي ڪئي، ويران ڄڳهه تي ئي فلمائڻو پيو، جتي پراڻين سِرن جي ڍير لڳل ديوارن کان سواءِ ڪُجهه نه هو. جڏهن ته مشهور شاعر جاويد اختر جي پُٽ فرحان اختر فلم ٺاهڻ لاءِ پروڊيوسر رتيش سدواڻيءَ کان خوب خرچ ڪرايو، جو فلم جا ڪافي سين ڪوالالمپور ۾ فلمايا ويا.
    هِن شاندار عمارت سان هڪ ٻِي نسبت به ذهن ۾ آئي، اُها اِها ته هڪ سنڌي علي سولنگيءَ (الطاف شيخ جو دوست) جي پگهر جو پورهيو به انهيءَ جي اوساريءَ ۾ شامل آهي. علي سولنگي، جنهن جي زندگيءَ جي ٽرئجڊيءَ کان آگاهيءَ لاءِ ته اوهان کي الطاف شيخ جو ڪتاب “هليو آ هليو آ ملائيشيا” پڙهڻو پوندو. هتي صرف ايترو ٻڌائڻ تي اڪتفا ڪبي ته علي سولنگيءَ جي زندگيءَ ۾ ٻه دفعا اهڙا مرحلا آيا جڏهن هُن کي پنهنجو ڪيريئر زيرو کان اسٽارٽ ڪرڻو پيو. هڪ ڀيري ته کيس سنگاپور کان گاڏيءَ جي ڊِڪيءَ ۾ ويهي ملائيشيا پُهچڻو پيو هو. انهن ڏينهن ۾ کيس جاڙن ٽاورن جي تعمير ڪندڙ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي هئي.
    اُن گروپ ۾ قاسم جنهن کي مون پنهنجي ماما قاسم جي نسبت سان پاچي (ملئي ۾ ماما کي پاچي چون) پئي سڏيو، سو مون لاءِ گهڻو ئي فڪرمند هو. ٻيا سڀ هيٺ ئي بيٺا هئا. مون وارو عارضي مامو مون کي انهيءَ بلڊنگ ۾ چوٿين ماڙ تائين وٺي وڃي پئي سگهيو ۽ هُن منهنجي خاطر وسان نه گهٽايو. اندر وڃي ڏٺم ته رونق ئي ٻي هئي. وڏي وڏي برانڊيڊ شين جا دڪان ۽ چمڪندڙ روشنينون! قاسم ٻڌايو ته هتي شاپنگ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇو ته هي ڪافي مهانگي ڃڳهه آهي. اسان کي سج ته هتي ئي لهي ويو هو.
    انهيءَ ٽوئر دؤران مون کين جيڪا لسٽ ڏني هئي، تنهن ۾ سلطان عبدالصمد بلڊنگ جو نالو به شامل هو. هيءَ بلڊنگ انُ همراهه جي نالي سان آهي جيڪو انهيءَ رياست جو سلطان هو، يعني سيلنگور رياست، جنهن جي شهر ڪوالالمپور جا رستا لتاڙيندي مون کي اڄ ٻيو ڏينهن هو. هيءَ عمارت ته مشهور آهي ئي پر سلطان عبدالصمد هڪ خوشقسمت شخص هو، جيڪو رڳو پنهنجي قسمت جي ڪري سيلنگور جو سطان ٿيو. هو پنهنجي چاچي ۽ سُهري سلطان محمد شاهه کان پوءِ سُلطان ٿيڻ جو حقدار هيئن بڻجي ويو ته سندس چاچي کي پُٽ نه هو ۽ جيڪو هو سو وري شاهي خاندان جي ڪنهن راڻيءَ جي بجاءِ سلطان محمد شاهه جي سُريت يا ڪنيز مان هو. ايئن اهو تاج ڦِري گِهري اچي سُلطان عبدالصمد جي سر تي پيو. اهڙي خوشقسمت ماڻهوءَ جي نالي تي ٺهيل عمارت ڏسڻ لاءِ پُهتاسين. ڏٺم ته عمارت پُراڻي طرز تي ٺهيل هئي. جيئن پاڻ وٽ اولڊ ڪئمپس يا بادشاهي مسجد وغيره آهن پر شاهجهان مسجد جي عمارت ته انهن کان گهڻي گهڻي ڀلي آهي. ها باقي اهو فرق آهي ته هيءَ بلڊنگ ڏينهن جي وقت ڏسڻ اچ ته سٺو صاف سٿرو رستو ۽ آسپاس بهترين نظارا جڏھن تہ اسان واري بادشاھي مسجد جو غريباڻو رستو نہ ٺھي نہ ٺھيو. سندن آزاديءَ جو هنڌ (داتا مُرديڪا) آهي. رات جو وري هڪ نئين شيءِ ڏٺم. ڇهن ستن روشنين جو اهڙو حساب جو هڪ لمحي بلڊنگ صفا ڳاڙهي رنگ جي لڳي ته ٻئي لمحي اها سائي رنگ جي ٿيو پوي. اهو منظر اهڙو آهي جو ڏسڻ وارو ڪا دير ته اکيون هٽائي ئي نه سگهندو. چئي سگهجي ٿو ته اها بلڊنگ ڏينهن رات ڏسڻ وٽان آهي. هيڏانهن اسان وٽ شاهجهان مسجد کي نه مسجد وارو تقدس مليل، نه ڪو وري ان جي اڳيان رستو ٺهي سگهيو. هر وقت کڏا کاما ۽ ڌوڙ! نه حد دخليون هٽي سگهيون. هڪ قلفي ئي هئي جنهن جو ذائقو اڃا تائين ڪو نه ٿو وسري، سا به هاڻي پاڻيءَ جي ڀرپور ملاوٽ کان پوءِ اڳوڻو چس ڇڏي ويئي آهي.
    قلفي ياد ڪندي هاڻي جڏهن سندن گاڏي ۾ ويٺس ته پُڇڻ لڳا: ڊنر ۾ ڇا کائيندين؟ ڇو ته هنن اڳ ۾ ئي اهو وعدو وٺي ڇڏيو هو ته اڄ ماني هنن سان کائيندس پر مون سوچيو: هي پُر تڪلف همراهه هرو ڀرو نه ڪٿي وڏي جهنجهٽ ۾ پون، سو الطاف شيخ صاحب جي مهرباني جنهن پنهنجي اڪثر ڪتابن ۾ ناسي ليماڪ جو ذڪر ڪيو آهي. اها ملائيشيا جي خاص ڊش آهي، جنهن ۾ چانور ناريل جي پاڻيءَ ۾ ٺهن ٿا. مون هنن اڳيان ناسي ليماڪ جي فرمائش ڪئي.
    “او هو! اها صفا سادي ۽ سستي شيءِ آهي.” جميلا رڙ ڪئي.
    “پر مون انهيءَ شيءِ جي وڏي تعريف ٻڌي آهي، سو اها ئي کائيندس.” چيومانِ.
    “تعريف ته ضرور ٻڌي هوندئي جو ڏاڍي لذيذ آهي ۽ ڏسين نٿو، اسان جا هي هيڏا پيٽ نڪري آيا آهن، اهو سڀ انهي ناسي ليماڪ جو ئي ته ڪمال آهي. ڏاڍو هيوي کاڌو آهي.”
    “پر مون کي ته کائڻ گهرجي نه؟” پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيم.
    “ها ها ها ها! ضرور ضرور. تون ته ضرور کاءُ. اها کائڻ ئي تو جهڙي سلم کي کپي.” پوءِ ڪجهه دير پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا رهيا. شايد اهو طئي پئي ڪيائون ته ڪٿي هلي کائجي. يا شايد اهو ته کائجي به يا نه. بهرحال ڪجهه طئي ڪري ڊرائيور کي هلڻ جو چيائون. گاڏي ڪافي دير هلڻ کان پوءِ هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ پهتي جتي ڪجهه فوڊ ريسٽورينٽ هئا. هتي هڪ هلڪي سائي رنگ جي بورڊ تي وڏن اکرن ۾ ناسي ليماڪ لکيل هو. ريسٽورينٽ ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ ٽيبلون پيل هيون. تنهن ڪري رش پئي لڳي. اسان ٻن ويجهين ٽيبلن کي سنڀاليو. هڪ تي مرد ۽ ٻي تي عورتون ويٺيون. ناسي ليماڪ وٺڻ لاءِ سيلف سروس هئي. چانورن جي انهيءَ روايتي ڊش سان گڏ ٻيو ڪجهه به وٺي پئي سگهياسين. مون منع ڪئي ته آئون صرف ناسي ليماڪ کائيندس. انهيءَ تي کين ٿوري حيرت به ٿي ته رڳو چانور ڪيئن کائيندين... پر مون اهو انهيءَ ڪري پئي ڪيو جو مرغي، دال يا بوائل ٿيل انڊا ته اڳي به کاڌا هئم ۽ اهو خدشو به هو ته متان اهي ناسي ليماڪ چانورن جي ٽيسٽ تي حاوي ٿي اصل سواد جو اندازو ٿيڻ نه ڏين سو مون رڳو چانور ورتا. کائڻ سان لڳو پئي ته ناريل جو ٽيسٽ اٿن ۽ ڳرا به لڳا پئي. هڪ پليٽ وڏي مشڪل سان پوري ڪيم.
    پڇيومانِ: “اوهان ايترو پنڌ ڪري هتي آيا آهيو. ناسي ليماڪ ڪنهن ٻي هنڌ به ته ملي پئي سگهي نه؟”
    “ها پر هي ريسٽوينٽ ناسي ليماڪ جو پهرين ريسٽورينٽ آهي. اسان سوچيو ته توکي هتي ئي کارائجي. هن کان سٺي ناسي ليماڪ ڪٿي به نه ملي ها.”
    مون کي سندن ايتري خلوص تي ڏاڍي خوشي ٿي. هي مون کي ڪٿي به ناسي ليماڪ کارائين ها مون لاءِ ته نئين هئي، سو ڪهڙي خبر ته سُٺي آهي يا ڪسي. پر جيئن پاڻ وٽ اچي ڪو ڪيڪ جي فرمائش ڪري ته پاڙي جي ڪنهن بئڪري بجاءِ بمبئي بئڪري کي ترجيح ڏينداسون يا ڪو بريانيءَ جو چوندو ته بدين اسٽاپ تي ڪنهن ريڙهي بجاءِ شبير برياني تي وٺي هلنداسين، تيئن هنن به وس پُڄندي بهتر کان بهتر جي چونڊ ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ڪن چانهه پيتي ته ڪن لائيم جوس. توڙي جو ملئي هوٽلن جي چانهه جو سواد مون کي ڪٿي به نه وڻيو پر هتي وري به چانهه چڱي پئي لڳي سو چانهه ئي پيتم. ماني کائي بس ڪئيسين ته ٿوري ئي پنڌ تي موجود هڪ ٻي اسپاٽ تي وٺي هليا. هتي ڪنهن ٻوٽي جي وڏن پنن ۾ ويڙهي فرائي ڪيل مڇيءَ جا پِيس پئي مليا. پن کجيءَ جي پنن جيان سخت پر ويڪرا هئا. مڇيءَ جو پِيس ٻه انچ کن ڊگهو ۽ ايترو ئي ويڪرو هوندو. هنن ڪافي سارا ورتا پر ناسي ليماڪ کائي پيٽ اڳي ئي ايترو فل هو جو هڪ به مشڪل سان کائي سگهيس.
    “هيءَ اصل ۾ اسان جي شهر پينانگ جي مشهور ڊش آهي.” حميزه ٻڌايو.
    “اڇا!”
    “ها هتي سامونڊي مڇي گهڻي ٿي ملي ۽ هتي پنن ۾ فرائي ٿيل هيءَ مڇي هلي به گهڻي ٿي ۽ ماڻهو شوق سان کائين ٿا.”
    “آهي ته ڏاڍي ٽيسٽي پر ناسي ليماڪ کائڻ کان پوءِ هيءَ کائڻ مشڪل آهي.” ايئن چيم ته سڀ کلڻ لڳا. پوءِ جيستائين اها مڇي پئي کاڌيسين تيستائين مختلف موضوعن تي ڳالهيون به ٿينديون رهيون. پاچي قاسم ۽ سندس ڌي انڊين فلمن جا شوقين هئا. هو ڪافي فلمن بابت ڳالهيون ڪندو رهيو. شاهه رخ جي فلم ”ڪچهه ڪچهه هوتا هي“ سندن پسنديده فلم هئي. سڀ چوڻ لڳا ته اسان اها فلم ڏسي روئي ڏنو هو.
    انهيءَ کان پوءِ اسان جي منزل هئي سينٽرل مارڪيٽ. اها ڪوالالمپور جي سڀ کان پراڻي مارڪيٽ آهي. هيءَ مارڪيٽ ان زماني جي آهي جڏهن ملائيشيا ملايا هو ۽ حڪومت انگريزن جي هئي. هن عمارت جي ٻيهر تعمير ته 1937ع ۾ ٿي پر جڏهن ستر جي ڏهاڪي کان پوءِ ملائيشيا حڪومت ڏٺو ته هو گهڻي ترقي ڪرڻ لڳا آهن ته کين هيءَ پُراڻي عمارت هڪ داغ لڳڻ لڳي ۽ هنن انهيءَ کي ڊاهي بلڪل نئين شڪل ۾ ٺاهڻ گهُريو پر هيريٽيج کاتي اهڙي عمل جي سخت مزاحمت ڪئي ۽ ڪيس ڪري انهيءَ بلڊنگ کي بچايو. جيتوڻيڪ 2006 ۾ انهيءَ تي ڪُجهه ڪم ٿيو آهي پر پوءِ به هي 1937ع واري اصل حالت ۾ آهي. انهيءَ ڪوشش کان پوءِ هيريٽيج وارن جي مڃيندي حڪومت ان کي آخرڪار ثقافتي ورثو قرار ڏنو. سندن انهيءَ ڪوشش سان بچي ويل عمارت تي پُهچي لڳو ته حق تي هئا. هن مهل تائين پُراڻي دؤر جي نشاني طور اها واحد بچيل عمارت هئي. پراڻا ٽائيلس ۽ انهن جا اصلوڪا رنگ ڏسي 1937ع ۾ ٿيل ڪم کي مڃتا ڏيڻ ٺهيو ٿي. اندر گهڻا تڻا هئنڊي ڪرافٽ جا دُڪان هئا. ڪُجهه دُڪانن ۾ ملئي ۽ چائنيز عورتون توڙي مرد مختلف شين جا پورٽريٽ ٺاهي رهيا هئا. اڃا مٿئين فلور تي مختلف کاڌن جا دڪان به هئا پر وقت گهٽ هُجڻ ڪري نه ڏسي سگهياسين. هيءَ اهڙي عمارت آهي جنهن کي اڌ ڏينهن ڏيئي سگهجي ٿو مُڪمل طرح ڏسڻ لاءِ.
    آخر ۾ هو پارليا مينٽ هائوس به وٺي هليا پر رات جي يارهين وڳي ته ظاهر آهي اهو بند ئي هو. ايئن اسان جي ساٿ جو سفر پُڄاڻي کي ويجهو ٿيو. ڪوالالمپور جي وڏن ويڪرن رستن (جن جا نالا جيڪي مون کان ڪڏهن به ياد نه ٿيا) تان گذرندا اسان بڪت بنتانگ پهتاسين. هنن مون کي منهنجي هوٽل تي ڊراپ ڪيو ۽ هٿ لوڏيندا اڳتي نڪري ويا. سڄي ڏينهن جي ٿڪ سبب هاڻي سواءِ سمهڻ جي ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ نه هو ۽ نه ڪري پئي سگهيس، سو لت کوڙي سمهي پيس.


    سمپوزيم ۾ پڙھيل مقالو

    صبح سويري اُٿي تياري ڪيم. اڄ ڏيک ۾ وڻندڙ پر صفا اھنجي ڊريسنگ ڪرڻي ھئم يعني ٿري پيس سوٽ ڇو تہ اڄ جنھن مقصد لاءِ آيس اھو پورو ڪرڻو ھو. ان ڏينھن منجھند سمپوزيم ۾ ماني جي بريڪ کان ٿورو اڳ ۾ منھنجي مقالي پڙھڻ جو وقت مقرر ھو جنھن لاءِ مون کي 20 منٽ مليل ھئا. ھڪ دفعو وري چيڪ ڪيم تہ يو ايس بي ۾ پاوور پوائنٽ ۾ ٺھيل پريزنٽيشن موجود آھي ۽ اي ميل ۾ پڻ موجود آھي تہ جيئن اتي يو ايس بي نہ کُلي يا ڪو مسئلو ٿئي تہ جلدي ۾ اي ميل مان کڻي وٺجي.
    ساڳي روٽين سان مونو ريل ۾ چڙھي سمپوزيم ۾ پھتس جتي ساڳيا ماڻھو ساڳي رونق ساڳيو ماحول ھيو. ان ڏينھن گھڻي ڀاڱي ننڍي عمر وارن جو وارو ھو جيئن اڪثر ڪانفرسز ۾ ٿيندو آھي تہ پھرين ڏينھن سينيئر ٻئي ڏينھن وچولا ۽ آخري ڏينھن تي نوجوانن کي موقعو ڏنو ويندو آھي. مون غور ڪرڻ شروع ڪيو تہ حاضرين جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ڇا ضروري آھي؟ ھو ٻُڌڻ کي گھڻو ٿا ترجيح ڏين يا رڳو اسڪين تي سلائڊ ڏسڻ ۾ پورا آھن؟ اڪثريت ڪھڙي فيلڊ جي آھي ۽ گھڻا سوال ڪھڙي موضوع تي ٿي رھيا آھن اھي پوائنٽس نوٽ ڪندو ويس تہ جيئن پنھنجي واري ۾ ان جو خيال رکندي ڌيان ھُجي.
    منھنجي پي ايڇ ڊي سنڌ جي چونڊ ٻوٽن تي آھي. اصل ۾ ھي ڪم باٽني ڪيمسٽري ۽ فارميسي جي مضمون فارماڪوگنوسي جو سنگم آھي. ازل کان ٿيندو اھو رھيو آھي تہ انسان شعور اچڻ سان کيس تڪليف ڏيندڙ حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف وسيلا ڳوليا جن مان ھڪ اھو بہ آھي تہ جڏھن بيمار ٿيو تہ ٻوٽن ۽ وڻن جا مختلف حصا علاج طور ڪم آندا. جيئن جيئن آگاھي وڌي تہ ان جي کوجنا شروع ڪئي تہ ٻوٽي يا وڻ جو فلاڻو حصو ڪنھن مخصوص بيماري کان روڪڻ يا ان جي علاج ۾ ڪيئن ممدگار آھي. سائنس وري اڃان گھرائي ۾ وڃي ان کي ڏٺو تہ بجاءِ وڻ يا ٻوٽي جا سڀ پن، گُل، ڏانڊيون يا وري پاڙون گھوٽي پيئڻ جي رڳو اھا ئي جزو وٺجي جيڪو ان ۾ ڪارآمد آھي تہ جيئن ٻين غير ضروري جزن جي پيئڻ يا کائڻ کان بچي سگھجي جيڪي رھندو نقصان ڏيندا ھجن.
    ان تناظر ۾ ڪم ايئن شروع ٿيو جيئن سمجھڻ لاءي مثال ڏجي تہ بيماريون ڪنھن تالي جيان آھن جنھن جي اسان وٽ چاٻي (علاج) ناھي. ھاڻي اسان وٽ ھڪ قدرتي طاقت آھي جيڪا مختلف چاٻيون (ٻوٽن ۾ موجود ڪارآمد جزا) لڪايو ويٺي آھي جيڪو ھمت ڪري ڳولي تہ ملي ويندي ۽ آزمائي تہ چونڊ تالو ڪھڙي چاٻي سان کلندو. ھڪ دفعو اھا چاٻي ملي تہ ان جو اڻ ڳڻيون نقل ٺاھيندي ٻيڻو ڪندي ان قسم جا موجود سڀ تالا کلي ويندا ۽ کلندا رھندا. ايئن ئي ڪا بيماري آھي جنھن تي ڪنھن وڻ يا ٻوٽي جو ڪو حصو علاج طور ڪم اچي ٿو تہ ان جي ھڪ ھڪ جزي جي جانچ ڪئي وڃي ٿي ان جو ڪھڙو جزو/ڪمپائونڊ ان بيماري تي پئي ٿو، ھڪ دفعو مليو تہ مسئلو حل ڇو تہ اڄڪلھ ڪي ٿورا ئي اھڙا ڪمپائونڊ آھن جيڪي ڏسي ان جھڙا ٻيا ليبارٽري ۾ نہ ٿا ٺاھي سگھجن نہ تہ ڀلي ڪيڏي بہ ڳوڙھي بناوت جو ڪمپائونڊ ھجي ھڪ ڪيمسٽ ان کي ليبارٽري ۾ ٺاھي سگھي ٿو. جيئن مليريا جي علاج طور ماڻھو سنڪائنا cinchona نالي ھڪ ٻوٽي جا ڇوڏا کائنيدا ھئا اڳتي ھلي سائنسدانن ان مان ڪوئنين ڳولي لڌي جنھن جي مڪمل جانچ کان پوءِ ان جا صحيح ڊوز مقرر ڪري اڄ بہ واپرائي وڃي ٿي.
    منھنجي چونڊيل ٻوٽن ۾ ڪانڊيرو ۽ چلھ (ڪي جلھ بہ چون) ھئا. ڪانڊري جي خاصيت آھي تہ ان جو پاڙون السر جي مريضن لاءِ بھتر ھجن ٿيون. پاڙن جي جانچ ۾ مون کي ھڪ ڪمپائونڊ فليونائڊ مليو جيڪو يوريئيز گھٽ ڪرڻ ۾ ڪارآمد ھو مطلب السر جو باعث ٿيندڙ انزائم ان ڪمپائونڊ سان گھٽ ٿي پئي سگھيو ايئن ئي فنگل انفيڪشن ۾ ايماڪسل کان بہ بھتر نتيجا ڏيندڙ ھڪ ٽرپين بہ مليو. پر ضروري ناھي تہ اھي جزا ملندي ئي ماڻھن تي آزمايا وڃن. ڪا بہ نئين دوا ٺھڻ ۽ ان کي انسان تي آزمائڻ تائين ڏھاڪن جو سفر ھوندو آھي پر جيئن تہ عام ماڻھو رڳو اھو ئي ڪم مڃيندو آھي جيڪو کيس ان مھل ئي ٿيندو نظر اچي تنھنڪري ھي ڪم عام طور گھٽ سمجھہ ۾ اچي ۽ وري تسليم بہ ڏکيو ٿئي.
    خير مون اھو ڪم اتي پيش ڪيو تہ انھن ساراھہ ڪئي ۽ چيو تہ جھنگلي ٻوٽن تي اھو ڪم ڪرڻ ۽ ان مان ڪارآماد شيون ملڻ جو فائدو اھو بہ آھي تہ جيڪڏھن ان جي نقل نہ ٺھي سگھي ۽ سدائين ٻوتي مان ئي اھي جزا ڪڍي واپرائڻا پون تہ بہ اھو ذريعو (جھنگلي وڻ) آساني سان ملندڙ ھوندو. ان کان علاوہ انھن ان جي ڊوز جي بہ پڇا ڪئي تہ گھٽ ۾ 50 فيصد تائين افاديت ڏيکارڻ لاءِ ڪانڊري مان مليل جزن جو ڪيترو مقدار کتو ٿي؟ مون اھي جواب اعتماد سان ڏنا ۽ ايئن جنھن مقصد لاءي ويس اھو پورو ٿيو.


    ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ پاران ڪوالالمپور جي ٻهراڙيءَ جو ڪرايل سير

    ڇنڇر جو ڏينهن هو. اهو ڏينهن ٻنپهرن تائين هڪ ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ (ٽوئر 51 ملائيشيا) سان گذارڻو هو، جِن 60 رنگٽ (1700 پاڪستاني روپيا) وٺي اهو سير ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.
    اهڙيون ٻيون ڪمپنيون به متان هُجن پر هيءَ ڪافي مشهور پئي لڳي. هنن سپوزيم هلندي ئي پنهنجو اسٽال هڻي پنهنجا گراهڪ ڳولي ورتا هئا ۽ هر ڪنهن کان هوٽل جي ائڊريس وٺي صبح جو 9 بجي يا وري 1 بجي تيار رهڻ جي هدايت پئي ڪئي. کين مُختلف علائقن ۾ پنهنجيون گاڏيون موڪلي هوٽل تان ماڻهو وٺي اچي پنهنجي آفيس ۾ گڏ ڪرڻا هئا ۽ پوءِ اُتان هر گاڏيءَ ۾ مقرر هنڌ تي گهُمائڻ وٺي وڃڻو هو.
    وٽن مُختلف پئڪيج هئا. هڪ شهر جو سير، ٻيو ٻهراڙيءَ جو ۽ ٽيون ڪنهن پهاڙيءَ جو سير. پهاڙيءَ جي سير کي انهيءَ ڪري ڏٺم به ڪونه جو ڪوهه مري اڳي ئي ڏٺل هئي ۽ پنهنجي مُلڪ ۾ به پهاڙن جي کوٽ ناهي. هنن کڻي هُتي ڪُجهه رونق وڌائي هوندي، ٻيو ڇا؟ رهيو شهر گهُمڻ جو پئڪيج سو ته ملئي همراهن جي مهرباني سان اڳ ئي فري پئڪج ٿي ويو هو. نيٺ وڃي ڪوالالمپور جي ٻهراڙيءَ تي بيٺس، جو ٻهراڙي هر علائقي جي پنهنجي هوندي آهي. انهيءَ جا رنگ ئي الڳ هوندا آهن. پئڪج واري پيج تي لکيل هو ته اهي سڀ کان پهرين هڪ ٽِن جي فئڪٽريءَ ۾ وٺي هلندا، جتان پوءِ ڪپڙي رڱڻ جي فئڪٽري ۽ آخر ۾ باتو ڪيوِز (باتو غار) ۾ جيڪو هندن جي عبادت جو هنڌ آهي.
    آئون جنهن هوٽل ۾ رهيل هئس، انهيءَ جو رستو ڪافي سوڙهو هو، تنهن ڪري هنن هڪ ٻي ويجهي هوٽل جي نالي چيو ته اُتي اچجان. آئون 9 کان پنج منٽ اڳ ۾ پُهتس. گاڏي پنهنجي وقت تي آئي. ان ۾ اڪثريت يورپين جي هئي. لڳي ٿو اهي ڪي صفا پري پري جي هوٽلن تي ترسيل هئا ۽ آئون جتي رهيل هئس اهو هنڌ سندن آفيس کي ويجهو هو، تڏهن مون کي آخر ۾ کڻڻ آيا. آفيس پُهتاسين ته ٽِن گاڏين جا ماڻهو بيٺا هئا. مختلف مُلڪن جا هُجڻ ڪري مُختلف رنگ هئا. انهيءَ جي ڪري ئي جيڪي گورا هئا سي ڪارن جي هوندي ڪُجهه وڌيڪ گورا پئي لڳا. وري جو گورن جي هوندي ڪارن کي ڏِس ته ويتر ڪارا لڳن. پاڻ وري به شُڪر آهي جو وچ ۾ آهيون، سو ايترو مسئلو ناهي. مون کي اتفاق سان ساڳي ئي گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو. ڪُجهه ٻيا به ساڳيا همراه آيا، ڪُجهه وري ٻين گاڏين جا آيا. انهن کي جيڪي گاڏيون کڻي آيون هيون سي يا ته شهر جي وزٽ يا وري پهاڙِيءَ جي سفر لاءِ ويون پر هنن کي مون وانگي ٻهراڙي ڏِسڻي هئي سو هِن گاڏي ۾ ويٺا.
    گاڏي هلي ۽ گڏوگڏ مائيڪ سنڀالي گاڏي جا سڀ اسپيڪر آن ڪري انڊين نسل جي ملئي گائڊ جي زبان گاڏيءَ کان به تيز هلڻ لڳي. ڇا ته چِٽو آواز هو ۽ ڪيڏي رواني هئي سندس انگلش ۾. انهيءَ ۾ مزو اهو ته ايترو دلچسپ انداز ۾ ڳالهيون ٻُڌائڻ لڳو جو آسپاس جا نظارا ڇڏي کيس ڏِسڻ ۽ ٻُڌڻ لڳاسين. توڙي جو اسان جو پئڪج نالي ۾ ٻهراڙيءَ جو سفر هو پر هو شهر جي پسگردائيءَ جو. ٻهراڙي ته نالي ماتر هئي ۽ جيڪي جڳهون ڏسڻيون هُيون سي به ڪي گهڻيون پري نه هُيون.
    هُن اسان کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو ته ملائيشيا جيڪا ترقي ڪئي سا ته کڻي مهاتير جي محنتن ۽ سچائي جو نتيجو آهي پر اسان پاڻ ڀرو ٿيڻ جو تڏهن سوچڻ لڳا هئاسين، جڏهن هڪ صدي اڳ هتي ٽِن جي کاڻين جو سُراغ مليو هو. انهيءَ وقت اسان ائمپنگ روڊ تان گُذري رهيا هئاسين. چوڻ لڳو: هي اُهو هنڌ آهي جتان سڀ کان پهرين ٽِن مليو هو. ان وقت ۾ ته هن علائقي تائين پُهچڻ به مسئلو هو، جو رڳو جهنگ ۽ ٻيلا هئا. خطرناڪ جانورن جو ڊپ الڳ. پر اسان ٽِن جي کوٽائي پاڻ توڙي چائنيز جي مدد سان جاري رکي پر افسوس اهو ته جلدي ئي خبر پئي ته هي ڪو ايڏو وڏو ذخيرو ناهي جو ست پيڙهيون ويٺيون کائين. جيئن سعودي عرب وارن وٽ اڻ کُٽ تيل لڌو يا ايران وٽ ٻارڻ لاءِ ڪم ايندڙ گئس.،، اسان وٽ ٽِن جام هو. خوب مليو ۽ خوب ڪمايوسين پر اسان جي وڏن جلد ئي دور انديشي کان ڪم وٺندي هن مُلڪ کي ايترو خوبصورت بنائڻ شروع ڪيو جو جڏهن اسان ٽِن کپائي چُڪا هُجون ته ماڻهو هي مُلڪ ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ۽ مُلڪ ۾ ناڻو ايندو رهي. اسان جيئن رڳو ٽِن تي نه ڀاڙيو تيئن رڳو مُلڪ خوبصورت بڻائي سير تفريح لاءِ ايندڙ سياحن جي ڊالرن جو آسرو رکي به نه ويٺاسين. اسان جي مُلڪ ۾ پئدا ٿيندڙ ربڙ جي وڻ ۽ کاڄرو تيل جا وڻ به اسان ڪمائي جو وڏو ذريعو آهن. جڏهن به انهن جي پئداوار جي مُند ايندي آهي ته اوهان کي شهرن جا اڪثر دُڪان بند ملندا. دُڪان بند ڪري ماڻهو وڃي تاش نٿا کيڏن، بلڪه مُلڪ جي هن اهم ڪمائيءَ جي ذريعي ۾ هٿ ونڊائي مُلڪ سان سچائيءَ جو ثبوت ڏين ٿا. ڇو ته اهو ٻهراڙيءَ جي ٿوري آبادي جي ڪري پُڄڻ جيترو ڪم ناهي پر سڀ گڏجن ٿا ته پورو ٿئي ٿو. مون سوچيو: اسان وٽ ته اهو تصور به ناهي ته ڪڻڪ يا مرچ، ڪپهه جي هلندڙ سستي پورهئي واري لاباري تي شهر جا ماڻهو به هلي حصو وٺن ته جيئن اڻ مندائتين برساتن کان بچندي اهو ڪم تڪڙو اُڪلائي سگهجي. اسان وٽ ته ايتري ضرورت به ناهي پر هنن جي حُب الوطنيءَ جي اهڙي ريت وفا ڪيل وچن تي خوشي ٿي.
    هُن ٻڌايو ته ٽِن جي جيڪا فئڪٽري گهُمائڻ اسان اوهان کي وٺي هلي رهيا آهيون اتي ٽِن کي وڏي ٽئمپريچر تي ڳاري اُن ۾ ٽي سيڪڙو لوهه ۽ ڪاپر ملائجي ٿو نه ته هونئن ٽِن ايترو مظبوط نه هوندو آهي. ساڳي طرح جيئن سون به هڪ ڀُرڀُرو ڌاتو آهي. پيور سون مان ڪا شيءَ ٺاهڻ ممڪن ئي ناهي. هميشه سون کي قيراط ۾ ٻڌايو ويندو آهي. 24 قيراط سون بهترين آهي، جنهن ۾ سون جو تناسب وڌيڪ هوندو آهي. جڏهن ته 18 يا 20 قيراط سون کي هلڪو سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٽامي يا ٻين ڌاتُن جو تناسب سوايو هُجي ٿو.
    فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري ته عورتون ئي هُيون، جن جيڪو ڪم ڪيو ٿي اُن بابت اسان کي اُتي ئي ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪري سمجهايو به پئي پر هُن واري انگلش به پوري ساري هئي. هونئن ته انگريزي اسان جي به مادري زبان نه آهي، تنهن ڪري اسان ته سندس ڳالهيون ٻُڌيون اڻ ٻُڌيون پئي ڪيون. گورا ڪنهن مهل مُسڪرائين ته ڪنهن مهل ڪن ڪونه ڏين. سندن سياڻپ اها هئي ته جتي فئڪٽري گهُمائڻ وٺي آيل ڪمپنيءَ اسان مان ڪمايو ته هِتي فئڪٽري وارن به پنهنجي فئڪٽري ۾ ٺهندڙ شو پيس وڪري لاءِ رکيا هئا. انهن جي قيمت ٺيڪ ٺاڪ هئي. اسان پارن ته ڪونه ورتا باقي گورن خوب خريداري ڪئي.
    اسان جي اڳئين منزل هئي ڪپڙي جي فئڪٽري جتي رنگ برنگي ڪپڙو ٺهندو آهي. هتي به ساڳي طرح ڪم ڪندڙ ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ هو. لڳو پئي ته ويهڪ جو ڪم گهڻو آهي. ٿلهيون متاريون ملئي مايون سنهن ريشمي ڪپڙڻ ۾ پاڻ کي ويڙهيو بيٺيون هيون. هنن ڪپڙي ٺهڻ واري عمل جي مختلف مرحلن بابت ڄاڻ ڏني ۽ تيار ٿيل ڪپڙو به ڏيکاريو. گڏوگڏ هنن اسڪارف مان مختلف ڳنڍون ڏيئي گُل نما شيون ٺاهي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن پئي ڇڪايو. هُنن گھُمڻ لاءِ آيل ٽوئرسٽ کي به چيو ته اهو ساڳيو ڪم ڪري ڏيکاريو. مون ته انهيءَ پروسيس جي وڊيو به ڀري ورتي هئي، سو اهو ڪم آسان هو پر چِيٽنگ نه ڪيم. ٻين کي ميدان ۾ اچي ناڪام ٿيندي ڏٺم. هنن پاران ڪيل ڪم ڪو به نه ڪري سگهيو.
    هتي هڪ ٻيو راز به منهنجي اڳيان کُليو جنهن تي ڪُجهه پشيماني ته گهڻي پريشاني به ٿي. ٿيو ايئن جو صبح کان ئي لڳو پئي ته گورا وڏا مغرور ۽ پنهنجي ڌُن ۾ رهڻ وارا آهن. سو فوٽو ڇڪڻ لاءِ مون هڪ ڪاري نسل جي جوان جي چونڊ ڪئي. هو پنهنجي ماءُ سان گڏ نيڪر ۾ هو. پهريان ته هُن ۽ هُن جي ماءُ مائينڊ نه ڪيو پر هڪ اڌ دفعو جڏهن مون رش يا گوڙ ۾ توجه حاصل ڪرڻ لاءِ ڇوڪر جي ڪُلهي تي هٿ رکي سڏ ڪيو ته سندس ماءُ عجيب نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو. هتي اچي خبر پئي ته هيستائين مون جنهن کي ڇوڪر پئي سمجهيو سا ايل ۾ هڪ ڇوڪري هئي. ننڍن وارن سان ۽ انگ ڍنگ ۾ قطعي نه پئي لڳو ته اها ڇوڪري آهي. تڏهن پئي ماڻهس مون تي کاريون نظرون وڌيون ته ڇو پيو منهنجي ڌي سان حرڪت ڪري.
    هتي اسان کي صبح جا يارهن ٿي ويا هئا. هاڻي وارو هو باتو ڪيوِز (غار) جو. انهيءَ لاءِ مون کي اڳواٽ ئي منهنجي دوست انجنيئر گورڌن ولاسائي چئي ڇڏيو هو. هُن جو چوڻ انهيءَ ڪري به ٺهي پيو جو هو به سال ڏيڍ پهرين ملاڪا مان ٿي آيو هو. باتو غارون هڪ جبل ۾ ٺهيل هندو مذهب جي عبادتگاهه به آهن. سو ٻنهي حوالن سان هن جي اها تجويز ٺهي ٿي. هونئن به اوهان گوگل سرچ ۾ کڻي ڪوالالمپور جي ٽوئر لکي ڳولا ڪريو ته اوهان کي اميجز ۾ اهو ماڳ ۽ اُتي جي گولڊن مورت ضرور ڏسڻ ۾ ايندي. اسان جڏهن ڪپڙي واري فئڪٽري مان باتو غارن ڏي مُڙياسين ته اسان کي اسان جي ٽوئرسٽ گائيڊ ٻُڌائڻ شروع ڪيو. هو پاڻ به هندو هو، سو هن کي وڌيڪ ئي خبر هئي. هُن ٻين ڳالهين سان گڏ ڪُجهه اهڙيون دلچسپ ڳالهيون به ڪيون جيڪي اُتي پُهچڻ کان پهرين دلچسپيءَ جو باعث هُيون. هڪ ته هتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنهري رنگ جي مورتي آهي جيڪا 140 فوٽ ڊگهي آهي. انهيءَ کان علاوه 272 ڏاڪن تي چڙهي ماڻهو جبل جي ان حصي تي پُهچي ٿو جتي عبادت گاهه آهي. ڪُجهه دُڪان آهن جن تي هندو مذهب جي عبادت ۾ ڪم ايندڙ شيون وڪامن ٿيون، بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ درگاهن جي آسپاس کارڪن ۽ مٺن ڀُڳڙن يا پڙن جا دُڪان هوندا آهن.
    اهي چاڙهيون گهٽ کان گهٽ وقت ۾ چڙهڻ جا ڪي رڪارڊ قائم ٿيل آهن. هي همراهه انهيءَ لاءِ به چئي رهيو هو ته ڏسون اوهان اهو رڪارڊ ٽوڙيو ٿا يا نه پر اسان مان ڪنهن به اهڙي ڪوشش نه ڪئي. رهندو مٿي چڙهندي گورا ٽماٽن جهڙا ڳاڙها ٿي ويا. ڪيئي دفعا ساهيون کائي به مٿي ته پهتاسين پر ڪا خاص شئي نه هئي جيڪا ڏسجي. بس اهي ئي مورتيون. مون کي ته اهو ساڳيو ڏيک اسلام ڪوٽ واري آشرم ۾ به نظر آيو. خير، ايترو ضرور هو ته جبلن جي اندر اهو منظر ۽ جبلن جي وچ تي آسمان جو نظارو ڏسڻ وٽان هو.
    هتي هڪ سنڌي فئملي به ملي. اهي انڊيا کان گهُمڻ آيا هئا. اسان کان اڳ ۾ آيل هئا ۽ پوءِ به ويٺا هئا. مون وٽ سنڌي ٽوپي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. ٽوپي وٺي ننڍن وڏن اها ٽوپي پائي فوٽو ڪڍرايا. مون ته اها ٽوپي کين ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر چوڻ لڳا: اسان چاهينداسين ته تون اها پاڻ وٽ ئي رک ۽ اڃا جيترو گهُمي ڦري سگهين اُتي فوٽو ڪڍرائي. اها ٽوپي اڃا گهڻو گهُمي ته ڀلو!
    آئون هيٺ پُهتس ته وقت جي حساب سان مون وٽ صرف پنج منٽ هئا. منهنجا ساٿي به مون کي نظر نه پئي آيا. شايد گرمي وڌي وڃڻ ڪري هو وڃي گاڏي ۾ ويٺا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اي سي ته هئي. منهنجي دل چيو ته جلدي ناريل جو پاڻي پيئجي جنهن جي لاءِ ٻُڌو هئم ته هتي جو خاص ائٽم آهي پر رڳو ان کي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪٽيندڙ جي وڊيو ئي ڀري سگهيس. پويان گاڏيءَ جا هارن ٻُڌڻ ۾ پئي آيا، سو جلدي گاڏيءَ ۾ پُهتس.
    گاڏي پنهنجي رفتار سان هلي، دير ئي نه ڪئي جو اچي شهر پُهتاسين. مون ٽوئرسٽ گائيڊ ڪَم ڪنڊيڪٽر کي عرض ڪيو ته مون کي ڪنهن به اهڙي هنڌ لاهي جتان مونو ريل جو اسٽاپ ويجهو هُجي پر هو ٽوئرسٽ ڪَم ڪنڊيڪٽر ۾ لفظ CUM بجاءِ اردو وارو “کم” هو. هيستائين ته سڀني کي لهڻ مهل گيٽ کولي ڏيڻ لاءِ پيش پيش هو پر شايد واپسي ٿيندي ئي هن جي ڊيوٽي پوري ٿي وئي هئي.
    صفا جواب ڏنائين. رڳو جواب ڏي ها ته به ٺيڪ پر اهو به مهڻو ڏيئي ڪڍيائين ته هي ڪا شٽل سروس ناهي جيڪا اوهان کي جتي چئو اُتي لاهي. اسان کي ٽائيم ناهي! مون دل ۾ چيو: خير آهي، آئون ٽئڪسي پڪڙي به پُهچي ويندس پر آڪڙجي ته ڪيڏو ٿو! پر مزو تڏهن ٿيو جڏهن مونو ريل جو اسٽاپ به ويجهو هو ۽ ٽرئفڪ جئم ۾ يڪو ڏهه منٽ بيهجي وياسين. مون نوٽ ڪيو ته همراهه ڦڪائي ۾ چئي نه پيو سگهي باقي بار بار مون کي ڏسي ڪنڌ ڦيرائي پيو ڇڏي. ڪيئن چئي ته لهي وڃ. نيٺ مون ئي اشارو ڪيو ته ڀلا هاڻي لهي وڃان؟
    ”ها ها ڇو نه؟“ مون به چيو: پرديسي فقيرن سان ڦٽائيندين ته ايئن ئي ٿيندئي.
    هونئن ته آئون لهندي ئي سڌو رُخ ڪيان ها مونو ريل اسٽاپ جو جيڪا مون کي هڪ ٻه رينگٽ ۾ پنهنجي منزل ويجهو ڪري ها پر سامهون ڏٺم ته هڪ پُراڻي عمارت جي گيٽ جي پاسي ۾ لکيل هو: “هاءِ ڪميشن آف اسلامڪ جمهوريه آف پاڪستان.” جلديءَ ۾ اوڏانهن مُڙيس. ان لاءِ الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ ڪافي پڙهيو هو ته اڪثر سنڌي آفيسر به هوندا آهن. اها عمارت پاڪستان ان وقت ورتي هئي جڏهن پاڪستان کي آزادي ملندي ئي ملائيشيا تسليم ڪيو هو ۽ هاڻ هن عمارت ۽ وڏي لان جي قيمت ڪروڙن ۾ ٻُڌائي وڃي ٿي. دل ۾ آيو ته جيڪر ڪنهن سان ڪُجهه دير ملاقات ڪري وٺجي پر اتفاق سان ڇنڇر جو ڏينهن هُجڻ ڪري سڀ موڪل تي هئا. مون اُتي رڳو فوٽو ڪڍرايا ۽ اچي مونو ريل جي ٽڪيٽ وٺي سيٽ سنڀاليم.


    گئنتنگ هاءِ لينڊ ۽ نينڊُو چائنيز

    ان ڏينهن ئي منجهند چوڪٽ اسٽيشن تي لهي سڌو جاني ريسٽورينٽ تي پهتس جتي سنڌي ڇوڪرن نوڪري ٿي ڪئي. اهو ريسٽورينٽ هو به هڪ سنڌي مالڪ جو. اتفاق سان ان ڏينهن اهو ريسٽورينٽ مالڪ، جيڪو لاڙڪاڻي جو هڪ شيخ هو، سو به موجود هو. وڏي گرمجوشيءَ سان مليو ۽ سڀ کان ڀلو ڪم اهو ڪيائين جو نج سنڌي اسٽائيل ۾ چانهه پياريائين. نج سنڌي ايئن ته ديڳڙيءَ ۾ ڪُٻ هئا جيڪو هڪ عام سنڌي چانهه واري ديڳڙيءَ جي بنيادي نشاني آهي. ان کان علاوه ديڳڙيءَ جي جياگرافي ٻڌايو پئي ته ساڻس وڏي وقت کان اها جُٺ آهي ته منجهس فقط چانهه ئي ٺهي ٿي. اسان سنڌي سدائين هڪ اهڙي ديڳڙي چانهه لاءِ مخصوص ڪندا آهيون ۽ پوءِ اها سالن تائين چانهه ۾ پئي استعمال ٿيندي آهي. جڏهن سنڌي ريسٽورينٽ ۾ سنڌي چانهه سنڌي ڇوڪري اچي ٽيبل تي رکي ته سنڌي همراهه (هوٽل مالڪ) سان ڪوالالمپور بابت ڳالهيون شروع ٿيون.
    “ڪڏهن اچڻ ٿيو ڪوالالمپور؟” پڇيائين.
    ٻڌايم “سڀاڻي هفتو پورو ٿيندو ۽ سڀاڻي صبح واپسي آهي. 10 بجي ڌاري فلائيٽ آهي.”
    “ڪهڙي سلسلي ۾ اچڻ ٿيو؟ پاڪستان ۾ ڇا ڪريو؟”
    “پاڪستان ۾ سرڪار جي نوڪري ڪريان. هتي ڪيمسٽريءَ جي هڪ سمپوزيم ۾ اچڻ ٿيو.”
    “ڇا ڇا ڏٺوَ هن هفتي ۾؟”
    “شهر جون سڀ بلڊنگس: پئٽروناس ٽوئين ٽاورس، سلطان عبدالصمد بلڊنگ، سينٽرل مارڪيٽ وغيره وغيره ۽ شهر کان ٻاهر باتو ڪيوِز (باتو غار)، ڪپڙي رڱڻ واري فيڪٽري، ٽِن جي فيڪٽري...”
    “هفتي اندر اهو ئي ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو.” همراهه ڪجهه سوچي جواب ڏنو.
    “پر جي وڌيڪ گهمي به سگهجي ته اڃا ڇا ڇا آهي؟”
    همراهه کي ڳالهه شايد دل سان لڳي سو ٽهڪ ڏيئي کليو ۽ چوڻ لڳو “هڪ شيءِ اڃان رهي ٿي.”
    “ڪهڙي؟”
    “گينتنگ هاءِ لينڊس”
    “اهي ڪٿي آهن؟ ۽ ڇا آهي اُتي؟”
    “اهي هتان ڪجهه پرڀرو آهن ۽ اُتي اهو ڪجهه آهي جيڪو پنهنجي ڪوهه مريءَ ۾ آهي. ڏسڻ وٽان ڄڳهه آهي. ضرور ڏس!”
    “پر ڪوهه مري ته پنهنجي مُلڪ ۾ به ڏٺي اٿم.”
    “هي جو سويري کان چانهه جي واکاڻ پيو ڪرين. اها به ته هن کان اڳ پيتي هوندئي نه. هتي اچي مزو پئي ڏي. تيئن هتي جي ڪوهه مري به ڏسجي ۽ پنهنجي مُلڪ ۽ هتي جو فرق ڏسجي ته ڪهڙو عيب آهي؟”
    “مون وٽ فقط اڄوڪو ئي ڏينهن آهي. ڇا ٿا سمجهو ته آئون هيئنر وڃي واپس ٽائيم سان موٽي سگهان ٿو؟ سڀاڻي صبح جو فلائيٽ به آهي.”
    “ها، بلڪل موٽي سگهجي ٿو. هو سامهون جيڪا بلڊنگ نظر اچي ٿي، انهيءَ پويان گينتنگ ويندڙ گاڏين جو اسٽاپ آهي. جيڪڏهن هينئر نڪربو ته ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ آهي. اُتي ٻه ٽي ڪلاڪ گهمي ڦري سج لٿي مهل نڪربو ته آرام سان واپس پهچي سگهجي ٿو.”
    “پوءِ ته بس ٺيڪ آهي. آئون هاڻي ئي نڪران ٿو.”
    “ترسو، ماني کائي وٺو، ٽائيم ٿئي پيو ٿو.”
    “نه، مانيءَ جي في الحال طلب ناهي. آئون هتان جي ڪوهه مري ضرور ڏسڻ چاهيندس، ڇو ته هِتي هڪ ئي موسم ڏٺي اٿم. نه سردي نه گرمي. بس جهڙو هتي 12 ئي مهينه پاڪستان وارا آگسٽ سيپٽمبر وارا مهينا آهن موسم جي لحاظ کان. اچانڪ بارش، وري گرمي. ڪنهن مهل جهُڙ ته ڪنهن مهل ٿڌي هوا. گينتنگ ڪوهه مريءَ جيان آهي ته اُتي يقينن ٿڌ هوندي، جيڪا ڪوالالمپور ۾ هجڻ وڏي ڳالهه آهي.”
    ايئن هن همراهه جو ٿورو مڃيندي پنڌ ئي پنڌ وڏين وڏين بلڊنگس جي وچان هلندو انهيءَ وڏي عمارت جي پرئين پاسي پهتس جتان جو ڏس جاني هوٽل جي مالڪ ڏنو هو. هيءُ هڪ وڏو بس ٽرمينل هو، جتان شايد ڪنهن ٻي پاسي به گاڏيون وينديون هجن پر گهڻو تڻو گاڏيون پيلي رنگ جون هيون جن تي گينتنگ لکيل هو. ٽڪيٽ ڪائونٽر تي پهتس ته هڪ ملئي اڌڙوٽ مائي ويٺي ٽڪيٽ اشو ڪيا. ٻڌايائين ته ”هن مهل اڍائي ٿا ٿين. ٻن گاڏين جي ائڊوانس بڪنگ ٿي وئي آهي. هاڻي جنهن گاڏيءَ جي ٽڪيٽ توکي ملي سگهي ٿي اها ساڍا ٽين بجي هلندي.“
    “۽ اها ڪهڙي ٽائيم پهچندي گينتنگ جي اسپاٽ تي؟”
    “تقريبن پنجين ڌاري يا ٻه ٽي منٽ ليٽ.”
    “۽ واپسيءَ جون گاڏيون ڪيستائين هلنديون آهن هُتان کان؟”
    “ساڍي ڏهين تائين.”
    “مون کي واپسيءَ ۾ گاڏي ملي ويندي پڪ سان؟”
    “پڪ سان ته نٿي چئي سگهان پر ملڻ ته گهرجي. ڇو ته اُتي ڪيتري رش آهي، اها خبر ناهي. سو آئون توکي ڪا خاطري نٿي ڏيئي سگهان.”
    هڪ پل لاءِ خيال آيو ته ڇڏيان انهيءَ خفي کي. ٿڌي جڳهه ڏسڻ جي چڪر ۾ جي رات جو اُتي رهجي ويس ته سڀاڻي مون واري فلائيٽ ويندي نڪري ۽ پوءِ نه ٻيو ٽڪيٽ وٺڻ جا پئسا آهن، نه وري رهڻ ۽ کائڻ جو خرچ... پر ٻي لمحي ۾ خيال آيو ته هڪ ننڍو رسڪ کڻڻ ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ ٽڪيٽ ته وٺي ورتم جيڪو پنج رينگٽ ۽ نوي سينٽ جو هو. خوش ٿيس ته رڳو ڇهه رينگٽ (تقريبن 170 رپين) ۾ ايڏو وڏي سفر ۽ ڀلي ڄڳهه گهمڻ ته واهه جو ڪم ٿيو. هاڻي ڪلاڪ گذارڻ لاءِ بهتر اهو ئي هو ته ڪجهه کائي وٺجي. ڇو ته گينتگ تي الائي ڪجهه ملي الائي نه. ۽ جي ملي به ته ڪيتري ۾؟ ڇو ته اهڙين انوکين جڳهين تي جيڪڏهن وزيٽنگ پليس هوندا آهن ته اُتي شيءِ هڪ ته پاروٿي فريز يا گرم ڪيل هوندي ۽ ريٽ ٻيڻا چئوڻا هوندا. ٻيو ته اُتي ٽائيم به گهٽ هوندو، سو ڪجهه کائڻ لاءِ ويهڻ معنيٰ اهو وقت به وڃائڻ.
    آسپاس نظر ڦيرايم ته ڪٿي ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ ملي. سامهون ئي ملائيشيا جي روايتي ڌابا هوٽل ٽائيپ هڪ ريسٽورينٽ هو جتي وڃي ڏٺم ته گهڻي رش نه هئي. هڪ اڌ فيملي ويٺي ڪجهه کاڌو ۽ سندن ٻارن پئي ڌمچر مچايو. مون انهن ٻارن جا ڪجهه فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ وڃي پڇيم ته ماني ۾ ڇا ڇا آهي. اهو پڇڻ لاءِ ڪو رسيپشن وغيره نه هو، بلڪه اهڙن ريسٽورينٽس ۾ اسٽاف هوندو ئي ڪو هڪ اڌ ماين جو آهي، جيڪي ماني پچائين به سهي ته سروِ به ڪن يا گهڻي ڀاڱي سيلف سروس هوندي آهي. پئسا به اهي ئي وٺن. ٻيو ڪو هڪ اڌ ٿانو ڌوئڻ وارو يا واري هجي ته هجي نه ته بس.
    “هن مهل ڪجهه دير ٿي وئي آهي سو ماني يا نان وغيره ناهن. صرف چانور ملي سگهن ٿا ۽ گڏ ڪجهه ٻوڙ وغيره کپي ته اهو فري ۾ آهي.” انهيءَ عورت ٻڌايو جيڪا بورچي ڪم مئنيجر ڪم سڀ ڪجهه هئي.
    ڏٺم ته اڪثر ديڳڙن ۾ مختلف ٻوڙ جا ڇڊا رس پيا هئا. ٻيو ڪل خير هو. جهڙو سنڌ جي ڪنهن شاديءَ جي دعوت تي پڇاڙيءَ ۾ پهتو هُجان. هڪ نظر آسپاس ڏٺم ته ڪو ٻيو ويجهو ريسٽورينٽ نطر نه آيو. بک به ايتري نه هئي سو چانورن جي پليٽ ئي ورتم. مٿان هڪ ٻوڙ جو رس وجهرائي اچي ويٺس کائڻ. پهرين گرهه سان ئي احساس ٿيو ته ناحق رس هاري چانورن جو ٻيڙو ٻوڙيم. رس صفا ڪنهن ڪِني ۽ بدسواد ٻوڙ جو هو جو کائيندي ئي اصل وات جو ذائقو ئي خراب ٿي ويو. ڪوشش ڪيم ته جيڪي چانور رس جي رسائي کان بچي ويا آهن اهي الڳ ڪري کائجن پر رس ڪو اهڙو ڇڊو هو جو پوري طرح چانورن ۾ رلي ملي ويو هو. خدا خدا ڪري اها پليٽ ڏهن منٽن بدران اڌ ڪلاڪ ۾ پوري ڪيم. پوري ڇا ڪيم، بس ڪجهه چانور جيڪي کائي سگهيس اهي کاڌم. منهنجي انهي تجربي کان پوءِ اوهان سڀني کي به صلاح آهي ته ڪڏهن ڪوالالمپور وڃو ته ڪو به ٻوڙ سوچي سمجهي وٺجو. ڇو ته اڪثر ٻوڙ اهڙا ته بيڪار ٿا ٺاهين جو بس ڀلي آ.
    پاڻي مهانگو هجڻ سبب هوٽل جي ڪولر مان ئي ڀري نڪرڻ جي عادت ٺاهي هيم. پاڻي پي سڌو اچي پهتس واپس بس اسٽاپ تي. ڪوشش باوجود جيڪي رس مليل چانور پيٽ ۾ هليا ويا تن جو پيٽ سان جيڪا ڪار ڪئي سا ڪئي پر زبان اڃا به سڙي پئي. ذائقو مٽائڻ لاءِ هڪ وڏي ٽوڪري گلي ۾ لٽڪائي مختلف فروٽ ننڍين ٿيلهين ۾ وڪڻڻ واري همراهه کان وڃي هڪ ٿيلهي پائين ايپل جي وٺي کاڌم. پائين ايپل ته هر نارمل ماڻهو جو وڻندڙ فروٽ آهي سو ته آهي پر انهيءِ مهل جڏهن هُن کاري ۽ بي سوادي رس جو اثر اڃا زبان تي هو، تنهن ڪيفيت ۾ پائين ايپل پوري پوري مدد ڪئي وات جو ذائقو ٺيڪ ڪرڻ ۾.
    گاڏيءَ جو ٽائيم به اچي ويجهو ٿيو. ٽي لڳي ويهن منٽن تي گاڏيءَ جو در کليو ته پهريان ته جن وٽ ٽڪيٽ هئا تن کي ٽڪيٽ ڏسي ڪري اندر ڇڏيو ويو پر ڪجهه اهڙا به هئا جن شايد ٽڪيٽ ته ورتي پر بنا سيٽ جي. انهن ۾ مرد توڙي عورتون ڪل اٺ ڏهه ڄڻا هئا. ڪنهن به مجاهد ڪنهن عورت کي سيٽ آفر نه ڪئي ۽ نه وري لڳو پئي ته عورتون به انهي موڊ ۾ هيون جو دل ۾ ڪن ته ڏٽا مُٽا سيٽن تي بالم ٿيو ويٺا آهن ۽ اسان زائفون بيٺيون آهيون. ڪجهه دير ۾ گاڏي هلي ته بيٺلن مان اڪثر ته ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو وڇائي گاڏي جي فرش تي ئي ويهي رهيا. ڇو جو گاڏيءَ جي ٻنهي پاسي ٻه ٻه سيٽن هجڻ باوجود به وچ واري ڄڳهه ڪافي خلاصي هئي. منهنجي پاسي ۾ هڪ ٿلهو متارو چائنيز ويٺو هو. همراهه بت ۾ ايترو ڀريل هو جو سندس تشريف پنهنجي سيٽ ته والاري پر منهنجي سيٽ ۾ به حد دخلي پئي ڪئي. نه رڳو ايترو پر همراهه کي ننڊ جو به ڪي اُليون هيون. گاڏي اڃا شهر ۾ ئي هئي جو سمهي رهيو. هن جو سمهڻ مون لاءِ مصيبت ٿي پيو. هڪ ته کونگهرن جو واليوم وڏو، ٻيو سمهڻ کان پوءِ جهوٽا کائيندي هر هر منهنجي مٿان اچي ٿي ڪريو. آئون ٻاهر جا نظارا ڏسڻ جي موڊ ۾ هئس ۽ همراهه الائي ڪهري خيال سان پئي هليو گينتنگ جهڙي ڀلي جڳهه ڏانهن، جو ٻاهر جي نظارن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئس ۽ ننڊ پيو هو. شهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ گاڏيءَ کي ڪو خاص ٽائيم نه لڳو. ڪجهه ئي دير ۾ گاڏي سرسبز ٽڪرين تي هلڻ لڳي جيڪي آهستي آهستي وڏن جبلن ۾ تبديل ٿيڻ لڳيون. چؤطرف ايتري ساوڪ جو اکيون پيون ٺرن. هتي گهڻيون بارشون پوڻ جي ڪري هونئن به ساوڪ جام آهي پر جبلن تي سرسبز وڻن جا نظارا ڏسڻ وٽان هئا. جيئن پوءِ تيئن گاڏي مٿاهين ڏي هلڻ لڳي ۽ نطارا هڪ کان هڪ بهتر اچڻ لڳا ۽ آئون دري کان ٻاهر ڏسندو رهيس. پر هيءَ جا پاسي ۾ هچا ويٺي هئي بلڪه پئي هئي تنهن مان جان آجي ٿيڻ جي ڪابه واهه نظر ڪانه پئي آئي. سمجهه ۾ نه اچي ته ڪيئن جان ڇڏائجي. اهو ته چڱو جو آئون اڀرو ماڻهو هن سان گڏ ويٺل هئس ۽ هي خلاصو ٿيو ڪڻڪ جي اڍائي مڻي ٻوري جيان پيو هو پر جي هن جهڙو ئي ٻيو ڪو شخص ساڻس گڏ ويٺل هجي ته الاءِ ڇا ٿئي ها!
    نيٺ هڪ اٽڪل سُجهي آئي. همراهه جي ٽي شرٽ مان ظاهر ٿيندڙ ڪنهن وهٽ جي ٽنگن جهڙي ٻانهن کي جهلي زور سان ڌنڌوڙيم ته جيئن کونگهرن جو رڌم ٽُٽي. ان تي ٿلهن چپن مان “اوهه! واٽ!” جو آواز نڪتو. همراهه جلدي ٻاهر به ڏٺو ته شايد منزل اچي وئي. سو کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي چيم
    “او مسٽر .. . . هيڏي ڏس! گينتگ اڃا پري آهي. مون کي اهو ٻڌاءِ ته واپسيءَ جي گاڏي ملندي يا نه؟” مون هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ پئي چاهيا. همراهه کي ننڊ مان به اٿاريان ته فضيلت سان ويهي ۽ معلومات به وٺانس ته اُلڪو لهي.
    “اوهه! يس، واءِ ناٽ.”
    “پر رش هوندي، جي اڳواٽ ئي گاڏين جي بڪنگ ٿي وئي هجي ته پوءِ؟”
    “هاهاهاها!” وڏو ٽهڪ ڏنائين، جنهن آسپاس جي گهٽ ۾ گهٽ اٺن ڏهن ماڻهن کي ته متوجه ڪيو.
    “ڏس نه جيڪي ماڻهو هتان بسن ۾ وڃن پيا سي بسن ۾ ايندا. ايئن ته ناهي نه جو ڪو پرائيويٽ گاڏيءَ ۾ وڃي ۽ واپس بس ۾ اچي. اڃا پاڻ بسن ۾ ويندڙ ڪنهن کي لفٽ ملي ته هو پرائيويٽ ۾ اچي. انهيءَ حساب سان جيترا وڃن پيا اوترا ئي ايندا. اڃا پاڻ گهٽ ٿيندا. وڌندا ڪونه. ڊونٽ ووري!”
    همراهه ڳالهه ته پتي جي ڪئي ۽ خوشي ٿي ته قد بت ۾ وڏو ٿي پيو آهي ۽ ٿلهن ماڻهن کي ننڊ گهڻي هوندي آهي، سو مون لاءِ ويل ڪيو ويٺو آهي باقي آهي سريلو همراهه. مون کي ووري نه ٿيڻ جو چيائين ۽ پاڻ کي ته ڪا ووري هئس ئي ڪانه، سو وري سمهي رهيو ۽ واپس پنهنجي حالت ۽ حرڪت ۾ اچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳس. آئون ٻيهر هن کي برداشت ۽ ٻاهر جا نظارا ڪرڻ لڳس. ڪافي دير کان پوءِ وري موڊ ٿيو ته همراهه هاڻي گهڻو سُتو آهي. هڪ ڊوز ٻيو به ڏجيس. ساڳي ڪار ڪري اٿاريومانس. اُها ئي بڙ بڙ ڪري اٿيو ۽ ٻاهر ڏٺائين ۽ پوءِ مون ڏانهن انهن نظرن سان ته وري ڪهڙي مصيبت ٿي؟
    “ڏي خبر، اڃا گهڻو پنڌ آهي؟” هن دفعي مون کي به ڊپ هو ته همراهه چڙندو پر آرام سان ٻڌايائين ته بس باقي ٿورو پنڌ آهي. مون به شڪر ڪيو ته هاڻي پنڌ ٿورو آهي ۽ هي به نه سمهندو... پر نه سائين، همراهه سمهي رهيو. ٺيڪ پنج لڳي ويهن منٽن تي گاڏي پنهنجي منزل تي پهتي. هن دفعي کيس مون نه اٿاريو. اسان کان پويان ويٺل همراهه به مون لهندي ڏٺا پر ڪڻڪ جي ٻوري پنهنجي جاءِ تي ساڳي حالت ۾ پئي رهي. يقينن ڪنڊيڪٽر اچي اٿاريندس. آئون هر هر ڇو اٿاريانس. دل ئي دل ۾ چيم ۽ پاڻ ئي کلندو اڳتي هليس. منهنجي پهرين ترجيح واپسيءَ جو ٽڪيٽ هئي. ٽڪيٽ ڪائونٽر تي چڱي رش هئي. لائين ۾ بيٺس. اڌ ڪلاڪ ۾ وارو آيو. ساڍي ستين واري گاڏيءَ جي ٽڪيٽ ورتم ۽ هاڻي بي فڪر هئس، ڄڻ ذهن تان هڪ وڏو بار لهي ويو. انهيءَ مهل ڇهه پئي ٿيا. هاڻي مون وٽ ڪل ڏيڍ ڪلاڪ هو جنهن ۾ هيءَ پوائنٽ گهمڻي هئي.
    هيءَ جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي ۽ ٺيڪ ٺاڪ سردي هئي هِتي. هڪ ته مٿاهينءَ تي ۽ ٻيو ڪڪر ائين هيٺ هئا جو لڳي پيو ته رکي رکي اسان کي ڇهي ٿا گذرن ۽ سڄو جسم پسي پئي ويو. انتها درجي جي گهِم هجي. مون کي لڳو ته اها چُڪ ٿي وئي جو ڪا شال وغيره کنيو اچان ها يا گهٽ ۾ گھٽ ٽي شرٽ ۾ اچڻ بجاءِ ڪن اهڙن ڪپڙن ۾ اچان ها جو سيءُ کان بچاءُ ٿئي ها. مون کي ته سي لڳو پئي پر حالت انهن ٽين ايجرس ڇوڪرين جي هئي جيڪي پنهنجن بواءِ فرينڊس سان مِني اسڪرٽس ۾ هليون هيون ۽ هاڻي اگهاڙيون ٽنگون ٿڙڪائي رهيون هيون. اڪثر جوڙا ته ڪو ڪنڊ پاسو وٺي هڪٻئي سان چهٽي هڪ ٻئي کي گرمي ڏيئي رهيا هئا.
    آئون مختلف اسپاٽس تان ٿيندو هڪ وڏي بلڊنگ ۾ پهتس. ٻاهر جيان هتي به گهڻائي جهولن يا رائڊس جي هئي. مٿين فلور تي وڃڻ وارن جي گهڻائي ڏسي آئون به اوڏانهن ويس. الاءِ ڪهڙن وروڪڙن کان ٿيندو صفا ويران ڪوريڊور ۾ پهتس، جتي اڪثر ڪمرا بند هئا. اڳتي هلي ڪوريڊور ختم پئي ٿيو. سوچيم ته واپسي ۾ ئي بهتري آهي. الاءِ ڪو ريسٽ هائوس يا گيسٽ هائوس آهي. اچانڪ هڪ ڪمرو کليو ۽ ڪاري رنگ جا مختصر ڪپڙا پهريل هڪ چائنيز ڇوڪري ٻاهر نڪتي.
    “مساج يا..........؟”
    اڇا! هاڻي سمجهيم. هتي هزارين فوٽ بلنديءَ تي به ماڻهن لاءِ اها سهولت رکي اٿن. مساج ته ٺهيو پر ان کان اڳتي جي آفر به آهي.
    “نه، آئون غلطيءَ سان هن پاسي اچي نڪتس. مون کي فرسٽ فلور تي وڃڻو آهي.”
    “اڇا اڇا. هي فرسٽ فلور ئي آهي پر اوهان پرين گليءَ کان رائيٽ ٽرن وٺڻ بجاءِ ليفٽ ٽرن وٺو... پر اوهان مساج ڇو نٿا ڪرايو. تمام سٺي شيءِ آهي.”
    “نه، بس مهرباني،” چئي تڪڙو تڪڙو هلندو ليفٽ ٽرن وٺڻ واري هنڌ پهتس ۽ هوءَ اتي ئي بيهي ڪنهن نئين گراهڪ جو انتظار ڪرڻ لڳي. هن پاسي وڏي رونق هئي. ڪافي ماڻهو هئا جيڪي هڪ وڏي اسٽيج جي اڳيان بيهي شايد سمجهه ۾ ايندڙ انائونسمينٽ ٻڌي بيٺا هئا. مون کي ته ٿيندڙ اعلان مان هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه پئي آيو... پر سُر راڻو ته پوءِ واهه واهه واري ڪار ڪندي بيهي رهيس ته ايترا ماڻهو اسٽيج ۾ اکيون ٽنبي بيٺا آهن ته ضرور ڪجهه خاص هوندو... ۽ پوءِ اهو خاص ظاهر ٿيو. ڇهه نوجوان ڇوڪريون ٽن ڇوڪرن سان گڏجي اسٽيج تي نروار ٿيون. سندن ڪپڙن جي بيهڪ اهڙي هئي جو ڇاتين جو نماءُ ضرروت کان وڌيڪ ۽ مٿان سندن بار بار جهڪڻ الاءِ ڊانس جي اسٽيپ جو حصو هو به يا کين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه رکڻ لاءِ چيو ويو هو ته ايئن ڪريو. هو مختلف گانن تي ڊانس ڪنديون رهيون ۽ ڪافي دير تائين ڪنديون رهيون. مون کي حيرت ٿي ته انهيءَ لاءِ ڪو به اضافي ٽڪيٽ نه هو. گينتنگ آيل هر ماڻهوءَ لاءِ اهو ڊانس ڏسڻ فري هو. بس شرط اهو هو ته فرسٽ فلور تي پهچجي. مون جهڙا ڪيترا ته ليفٽ ٽرن جو رائيٽ پاسو ڇڏي رائيٽ ٽرن وٺي رانگ پاسي وڃيو نڪرن ۽ منجهي منجهي هيٺ هليا وڃن يا هن ڪڻڪ ٻوري جيان گاڏيءَ ۾ ئي پيا ننڊون ڪن ته انهن لاءِ هي شيءِ متان ڏکي هجي پر جيڪو هتي پهتو سو هي مزو مفت وٺي سگهي ٿو. مون وٽ جيئن ته ٽائيم گهٽ هو سو هيٺ لهي آيس ۽ مختلف اسپاٽ تي فوٽو ورتم. پوءِ گينتنگ جي مشهور ڍنڍ ڳوليم جيڪا نه ملي.
    جڏهن ساڍا ست ٿيڻ ۾ باقي ڏهه منٽ وڃي بچيا ته اچي اسٽاپ تي بيٺس. هلڻ ڦرڻ سان وري به سيءُ گهٽ پئي لڳو پر بيهڻ سان ته اصل جسم منجهان هوا گذري پئي وئي. جوڙا به سخت پريشان هئا. مون کي حيرت ٿي ته هي هِتي جا لوڪل آهن. هنن کي ته خبر هوندي ته هتي سيءُ ٿيندو آهي. پوءِ به ڇوڪريون اسڪرٽس ۾ اچي نڪتيون آهن ۽ هاڻي سوڙهيون سوڙهيون پيون ٿين. گاڏي آئي ته اهڙي وٺو وٺ ٿي جهڙو عيد جي موقعي تي اسان وٽ ٽرين ۾ ٿيندي آهي. مون وٽ ته ٽڪيٽ هئي سو پريشاني نه هئي. اچڻ مهل پهرين ٽڪيٽ وارا سڪون سان چڙهيا ۽ پوءِ جيڪي بيهي سفر ڪن، انهن کي چڙهڻ ڏنو ويو هو پر هينئر ائين نه هو. مون به تڪڙ ڪئي. مون کي انهن ننڍين نيٽين ڇوڪرين تي ترس پئي آيو جن کي ماڻهو چپيندا مٿي پئي چڙهيا. گاڏيءَ ۾ تمام گهڻي رش هئي. آئون پنهنجي سيٽ سنڀالڻ ۾ آسانيءَ سان ڪامياب ٿي ويس، ڇو ته ايتري رش هوندي به مرد ته ڇا پر ڪا ليڊيز به ڪنهن ٻي جي سيٽ تي نه ويٺي. گاڏي ڪجهه ئي دير ۾ هلي پئي. هن دفعي پاسي ۾ ويٺل همراهه هڪ جهونو هو جيڪو سڄي رستي ۾ ڪچهري ڪندو هليو. واپسيءَ ۾ گاڏي جيئن ته لاهينءَ تي هئي سو جلدي جلدي سفر ڪٽڻ لڳي ۽ اسان ڪلاڪ ۾ اچي ڪوالالمپور پهتاسين، جتي گهم ۽ گهٽ هوا واري گرمي اسان جي ڄڻ ته منتظر هئي. گاڏيءَ مان لهندي ئي پگهر چڙهڻ لڳا.


    ملائيشيا ۾ کاڌل انب ڀت

    پهرين آڪٽوبر جي شام سوچيم ويٺي ته هاڻي سامان پيڪ ڪجي. واپسي جو ذهن ٺاهجي. اهو به سوچيم پئي ته ڇا هئنڊ ڪيريءَ ۾ کڻجي ۽ ڇا لگيج ۾ ڏجي. ٻنهي جي ترتيبوار لِمٽ 7 ۽ 30 ڪلو آهي. (ايمريٽس جي تڏهوڪي قانون مطابق) پر هميشه جيان ان معاملي ۾ سستي برقرار هئي. پاڪستان ايندي ته گهرواري ئي سڀ سامان سيٽ ڪيو ۽ منهنجي ننڍي فائقه به کيس پئي هٿ ونڊايو، جنهن جي هٿ ونڊائڻ ذري گهٽ مارايو هو (جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چُڪو آهيان). پر ڪجهه سُستي ڪجهه فيس بوڪ جا اپڊيٽس ڏسندي ڪافي ٿي ويئي. سامان ته پيڪ نه ٿيو پر ٻاهر نڪري رستن تي بنا ڪنهن ڏِس سُجهڻ جي هلڻ لڳس ۽ بي خياليءَ ۾ وڃي ساڳي هوٽل تي پُهتس جتي روز رات جي ماني کائيندو هئس. حيرت ٿيڻ لڳي ته اڄ معمول کان وڌيڪ رش هئي. توڙي جو سڀ ڪجهه ساڳيو هو. ساڳيا دُڪان، اهي ئي مساج ڪرائڻ لاءِ زوري جهلي منٿون ڪندڙ اڌ اُگهاڙيون ڇوڪريون ۽ سندن پائوڊر جي ساڳي ڪِني ڌپ، ڪا به اضافي يا نئين شيءِ ڪانه هئي سواءِ ماڻهن جي پيهوپيهه جي. ٿورڙي حيرت کائيندو، مساجي ڇوڪرين کان پاڻ بچائيندو وڃي هوٽل تي پُهتس. مانيءَ لاءِ اڄ اڳ ۾ ئي ڊش طئي ٿيل هئي. روز رات جو هوٽل جي سامهون واري فوٽ پاٿ تي فروٽ جي گاڏي تي پيل انب ڏسي طئي ڪيو هئم ته هڪ رات اهي وٺي چانورن سان کائبا. انبن سان چانور سڄي سنڌ ۾ نه ته به ڳچ علائقن ۾ شوق سان کاڌا وڃن ٿا. اڪثر گهرن ۾ ته (جيئن منهنجي گهر) انبن جي سيزن ۾ هر روز بلاناغه انب ڀت ٿيندو آهي ۽ وڏي شؤق سان کائيندا آهيون. پر جتي اهڙا شؤقين کائيندڙ آهن اُتي اوترا ئي مٿن حيرت ڪندڙ به موجود هوندا آهن جيڪي اهو ڪم ڪونه ڪن. سندن سوال اهو ته اهو ڪهڙو ڪامبينيشن ٿيو! پر اسان پارا کائڻ وارا ائين ئي چوندا آهن ته جيئن چانهه پراٺو گڏائي کانجن ٿا، تيئن هي به هلن ٿا. باقي اهو ڪامبينيشن ڪنهن جي وات کي ٽيسٽ ٿو ڏي ۽ ڪنهن جي وات کي حيرت مان ڦاڙي ٿو، اهو ته وات وات تي آهي.
    انهيءَ رات اُن هوٽل تي ٽيسٽ وٺندڙ وات صرف هڪڙو هو، باقي سڀ حيرت مان ڦاٽل. ويندي انڊين بيري ۽ نيپالي نانوائي تائين به حيرت پيا ڪن ته هي ڇا ٿو ڪري پر مون کي انهن سان ڇا؟ مون کي پاڻ انهن بيقدرن تي حيرت هئي جن وٽ سڄو سال انب هوندو آهي پر وٽن انب جي ايتري به عزت ناهي جيتري اسان وٽ ڪيلي جي آهي، جيڪو سڄو سال هن مُلڪ ۾ ٿئي ٿو. اُن رات انب جو قدردان آئون هئس جنهن ٽي رينگٽ ۾ هڪ ٿلهو متارو انب ورتو ۽ ڀت جي پوري پليٽ سان کائي نه رڳو مزو ورتو پر اهو تصور به ساڻ رکيو ته اهو آڪٽوبر جو مهينو هو جنهن ۾ پاڪستان ۾ انب ملڻ جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي. انب ته ڇا رات جو ڀت جو تصور به گهٽجيو وڃي. ڇوته سنڌ ۾ انهي مهيني ٿڌا ڏينهن اچيو وڃن، جنهن جي ڪري رات جو ڀت کائڻ گهٽجيو وڃي. گهڻو ڪري سنڌي ماڻهو اهو شؤق ڏينهن جو پورو ڪن، جو ڀت جي تاثير کي ٿڌو سمجهيو وڃي ٿو. گرمين ۾ ته اڪثر سنڌين جي گهرن ۾ رات جو رزانو ڀت ئي ٿئي.
    انب ڀت کائي ڏاڪار ڏيندو اچي اُن انڊين بيري وٽ پُهتس جنهن کان رزوانو پئسا ڏيئي بل وٺندو هئس. اهي سڀ بل واپس اچي پاڪستان سائنس فائونڊيشن وارن کي ڏيڻا هئا جن منهنجي لاءِ انهيءَ وزٽ خاطر پئسا ڏنا. اهي پئسا انهن بلن جي واپسيءَ سان مشروط هئا ۽ ڦُڙي ڦُڙي جو حساب ٿيڻو هو. جيئن ته اها منهنجي ملائيشيا ۾ آخري رات هئي سو کيسي ۾ پيل سڀ سڪا جن ۾ 5، 10 ۽ 50 سينٽ جا هئا ڪڍي ٻاهر رکيم. اها منهنجي پراڻي عادت آهي ته جنهن علائقي جي مخصوص ڪرنسي صرف اُتي ئي هلندي هجي ته گهٽ ۾ گهٽ ريزگاري ته اُتي ئي ڏيو ئي اچان. جيئن ست اٺ سال پهرين جڏهن ڪراچي اچبو هو ٽيسٽ انٽرويز لاءِ ڌِڪا کائڻ ته انهن ڏينهن ۾ هاڻوڪي پنج روپئي کان به وڏو سڪو روپئي جو هوندو هو. ڪراچيءَ ۾ ٽي ڏينهن رهو ته اهي 15، 20 ته گڏ ٿي ويندا هئا ۽ اهي سواءِ ڪراچيءَ جي ٻيو سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به نه هلندا هئا، سو ياد ڪري آخري دفعو مِني بس واري کي ڪرائي ۾ ڏيئي مطمئن ٿِبو هو ته اوهان جي ڪرنسي اوهان کي مبارڪ هجي. ساڳي ڪار انهيءَ رات به ڪيم. کيسي ۾ پيل سڀ سڪا پاڻيءَ جي هڪ رنگٽ 40 سينٽ ۽ ڀت جي 2 رنگٽ عيوض ڏنم ۽ ٻيا جيڪي ٻه ٽي بچيا سي نشاني طور رکيم. انهيءَ رات نيپالي نانوائي ۽ انڊين بيري کي ٻڌايم ته اڄ اوهان وٽ آخري ڊنر هو. صبح سوير نڪري ويندس واپس پنهنجي مُلڪ. سندس شڪريو به ادا ڪيم ته هفتو سڄو رات جي ماني کاڌم ۽ تنهنجي وڏي مهرباني جو تو وٽ ڊشز ۾ جهينگن جا ڊش اقليت ۾ آهن ۽ تو اهو خيال رکندي منهنجي ذؤق مطابق کاڌن جا ڏَس ڏنا. همراهه وڏا ڀاڪر پائي مليو. نيپالي نانوائي انڊيا ۾ به ڳچ وقت نان پچايا هئا، سو کيس انڊين سٺي ٿي آئي. اٽو زور زور سان ڦهلائي تندور ۾ ڦهڪائيندي چوڻ لڳو،
    “ صاب ايترو پنڌ ڪري آئين ۽ هفتي ۾ ئي واپس ٿو وڃين! ڪجهه وقت ته رهين ها.”
    کيس ڇا چوان ته هتي رهڻ لاءِ رنگٽ کپن. آفيس مان موڪل کپي، جيڪي ٻئي في الحال مون وٽ ناهن. هفتي ۾ جيترو گهُمي ڦِري ڏسي سگهبو آهي اوترو يا شايد اڃان ڳچ آئون رُلي ڦري چُڪو آهيان. کين چيم منهنجي موڪل ئي ايتري هئي. چوڻ لڳا: ٻي ڀيري ڊگهي موڪل وٺي اچجو ۽ هتي ضرور اچجو. مون کي سندن هفتي ۾ ئي ڏنل پنهنجائپ جو احساس ڏاڍو وڻندڙ لڳو. واپسيءَ تي هڪ سُپر اسٽور تان بسڪٽ جا ڳچ سارا پيڪٽ ورتم جيڪي واپسيءَ تي ڪنهن کي ڏيڻا هئا. ملائيشيا جا بسڪٽ هونئن به مشهور آهن ۽ بسڪٽن متعلق سائين الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي “ملائيشيا ٻارهن سالن بعد” ۾ ڪافي تفصيل سان لکيو آهي.
    ڪمري تي پُهتس ته وکريل سامان ۾ انهن بسڪٽ جي پيڪٽس جو به اضافو ٿي چُڪو هو. سامان پيڪ ڪرڻ جي همت وري به نه ٿي. اُڻ تُڻ ٿي ته ٻاهر وڃي وري ڏسجي آخر اها رش ڇا جي آهي ۽ جئين پوءِ تيئن ڇو وڃي پئي وڌندي؟ ڪمرو لاڪ ڪري سِڌو رسيپشن تي پُهتس، جتي معمول موجب پٺاڻ ڇوڪري اسڪائيپ تي پنهنجن سان ويٺي ڳالهايو. کانئس پُڇيم: “آج باهر اتنا رش کيون هي؟” هن جيڪو جواب ڏنو سو ايترو ته مختصر ۽ جامع هو جو وڌيڪ ڪجهه به پُڇڻ جي گنجائش ڪانه هئي.
    “سنڊي نائيٽ هي صاب.” اهو ٻڌي فيصلو ڪيم ته پوءِ ته ضرور ڏسجي ته بڪت بنتانگ سنڊي نائيٽ تي ڪيئن هوندو آهي، جتي هونئن ئي ڪافي رؤنق هوندي آهي. هن مهل روزاني واري رونق کان ڳالهه چڙهيل هئي. رش ايتري هئي ڄڻ اوهان عيد کان هڪ ٻه رات پهرين ڪراچي جي جامع ڪلاٿ يا حيدرآباد جي ريشم گليءَ ۾ آيا هجو. پر هتي خريدار نه هئا. دڪاندارن وٽ ڪا به رش ڪانه هئي. جي رش هئي ته فوٽ پاٿن تي هڪٻئي جي چيلهه تي هٿ رکي هلندڙ ٽين ايجرس جي هئي. تمام ٿورا هئا جيڪي مون وانگي ٽين ايج ٽپي آيل هئا هن مهل ٽيز ايج ۾ ٽيز ٿي رهيا هئا. رڳو دوڏا ڦاڙي انهن کي ڏسي رهيا هئا. فوڊ ريسٽورينٽس توڙي فوڊ ريڙهن تي رش سَوائي هئي. اڳي پري کان ڏٺم پر هاڻي ويجهي کان به ڏٺم پئي ته ڇوڪرين ڪيڏي محنت سان ۽ برداشت سان وڏا وڏا ٽيٽو چيلهه جي هيٺين سائيڊ تي پوئين پاسي چٽرايا هئا. ڇا ته ڪمال ڪاريگريءَ سان ڳورين چيلهن تي سائي، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي ميلاپ سان چٽسالي ٿيل هئي. سا به اهڙي هنڌ جو “ڪرڻ واري” هجي ته ٺيڪ پر “ڪرڻ وارو” هجي ته اُن جي ڪاريگريءَ جي وڌيڪ ئي واکاڻ ڪجي، جنهن پنهنجا جذبا قابو ڪري هٿ تي گرفت قائم رکندي اهو ڪم ڪيو. ايتري تڪليف کان پوءِ انهن نينگرين جو به حق هو ته هو ڀلي روڊ تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن ڏانهن پُٺ ڪري فُٽ پاٿي هوٽلن جي اسٽول تي ويهن ۽ شرٽ (اسڪرٽ) ايتري ننڍي پائين جو سندن انگ تي اهي رنگ هرڪو ڏسي سگهي.
    اهي جوڙا اهي چيلهون ۽ کين تڪيندڙ مون جهڙن وائڙن کي ڏسندي اڳتي وڌيس ته هڪ بورڊ تي نظر پئي. لکيل هو “Bukit Bintag Walk” اچانڪ ذهن ۾ ڪلڪ ٿيو ته اهو ٻُڌل ٻُڌل ٿو لڳي. پوءِ ياد به اچي ويو ته ادي فوزيه پاران ڪوالالمپور جي گهُمڻ لائق ڄڳهن جي ڏنل لسٽ ۾ هڪ هنڌ اهو به هو ۽ پينانگ وارن دوستن کان پُڇيو به هئم کين اها لسٽ ڏيکارڻ وقت پر انهن انهيءَ کي ڪا اهميت نه ڏني هئي پر هاڻي سمجهيم ته انهن اهميت ڇو نه ڏني هئي؟ واقعي به اڄ هتي نه ڪو ملائيشين (ملئي) ڏيکاريندڙ (جلوا) ۽ نه وري ڏسندڙ (اسان پارا) ۾ شامل هو. هو ويچارا عشاء نماز پڙهي سمهي رهيا ۽ ملائيشيا جي اڌ آبادي يعني چائنيز بڪت بنتانگ واڪ کي گهمڻ لائق ڄڳهه بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڪافي دير اها واڪ ڪندي گهڻو اڳتي نڪري ويس جتي ماڻهن جي رش گهٽ هئي ۽ ڪجهه ويران پاسو پئي لڳو. روشني به گهٽ هئي. ٻه ٽي گينڊي جهڙا چائنيز بيٺا هئا. ڏسڻ مان ئي موالي ٿي لڳا. هڪڙي مون کي ڪن ۾ اچي چيو “Lady is ready for sex” ”نو، سوري،“ چئي پوئتي موٽيس ته ٻيا به اچي پُهتا ۽ ايئن ڪنوينس ڪرڻ لڳا جهڙو ڪر آئون ان ڪم لاءِ راضي آهيان، پهرين سان بس رڳو ريٽ تي نه پئي ٺهيس ۽ هي مون کي سٺي آفر ڏيندا ته ڳالهه ٺهي ويندي! نيٺ بيزار ٿي سندن بار بار انهيءَ جملي ته “Lady is ready for sex” جو جواب ڏنم:“Many ladies are always ready for sex but many men are not and I am one of those” پر هو انڪار ٻڌي جان ڇڏڻ بجاءِ مختلف عمر جي ڇوڪرين جا ريٽ ٻڌائڻ لڳا، جيڪي ٻڌا اڻ ٻڌا ڪندو نڪري آيس سندن انهي اڏي تان.


    واپسيءَ جو وارو

    رات جا يارهن ٿي چُڪا هئا. بڪت بنتانگ جي رونق ختم يا گهٽ ٿيڻ جو ڪو به امڪان نظر نه پئي آيو سو رُخ رکيم هوٽل جو. هوٽل تي پُهچي رسيپشن تي ويٺل پٺاڻ ڇوڪر کي پارت ڪيم ته موبائيل تي الارم ته سيٽ ڪندس پر پوءِ به صبح سوير اٿارجان ته جيئن ٽائيم سان پُهچان فلائيٽ تي، ڇو جو فلائيٽ مِس ڪرڻ جو تصور ئي مون لاءِ ڀيانڪ هو. نه ٻي فلائيٽ جا پئسا، نه ڪو وري اها خبر ته فلائيٽ مِس ٿي ته ڪيترو ڏنڊ ڏبو جيئن ٻي فلائيٽ ۾ وڃي سگهجي ۽ ڪهڙي خبر ته ڏنڊ سان ئي ڪم هلي ويندو يا ٽڪيٽ ئي نئين سر وٺڻي پوندي! سامان پيڪ ڪندي 12 ٿي ويا. سمهڻ کان پهرين انٽرنيٽ تي ايمريٽس ايئر لائينز جي ويب پيج تي وڃي پڪ ڪرڻ چاهيم ته فلائيٽ آهي ته سهي؟ ليٽ سيٽ يا ڪئنسل يا ڪو ٻيو اسٽيٽس ته ناهي؟ جيئن ئي کوليم ته هيڪر مون وارا وائسر ئي ڦِري ويا، جو لکيل هو: ڊپارٽيڊ. تڙ تڪڙ ۾ هئنڊ بئگ مان ٽڪيٽ ڪڍي فلائيٽ نمبر ۽ ڊيٽ چيڪ ڪيم. پنهنجو پاڻ سان بڙبڙائڻ لڳس “يار، آهي ته 02 آڪٽوبر، ٽائيم صبح جو 9:50، پوءِ هي ڇا ٿيو؟ ڪٿي am يا pm جو چڪر ته ناهي؟” ٽڪيٽ تي ته ٽائيم فارميٽ 24 ڪلاڪ وارو هوندو آهي، جنهن ڪري am يا pm ناهن لکندا.
    ايئن هڪ دفعي عُمري تي ويندڙ اسان جي ڳوٺائين سان به ٿيو هو. همراهن جو فلائيٽ ٽائيم هجي 7:00 يعني صبح جا ست (ڇو ته شام جا ست انهيءَ فارميٽ ۾ 19:00 لکبا) پر هي همراهه بي فڪر ٿيا وارن ۽ ڏاڙهين کي ميندي هنيو ويٺا زائفن تي رعب ڪن ته سامان صحيح طرح پيڪ ڪجو، ڪجهه رهائجو نه، وغيره وغيره. اهو ته ڀلو ٿئي نويد اسلم (منهنجو سؤٽ جيڪو اُن وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليڪام جو شاگرد ۽ هن وقت پاڪستان ايئر فورس ۾ فلائينگ آفيسر آهي) جو جنهن اتفاق سان انهي ٽائيم ٽڪيٽ ڏسي ورتا ۽ پنهنجي والد صاحب سان گڏ ويندڙ ٻن ٻين همراهن کي به هوشيار ڪيو ته ميندي رنگ نه ڪيو ته به عمرو ٿي ويندؤ. رات جا 12 ٿا ٿين. هن مهل ئي نڪرو، فلائيٽ شام نه پر صبح جو ستين بجي جي اٿؤ. ايئن اُهي به جلدي ۾ تيار ٿي رينٽ اَ ڪار گهرائي نڪتا. فلائيٽ ۾ 7 ڪلاڪ ۽ هنن لاءِ 6 ڪلاڪن جو سفر به هو ڳوٺان ڪراچي پُهچڻ جو. سو، مس مس وڃي صبح واري فلائيٽ پڪڙي ۽ آخري مسافرن طور چڙهيا.
    مون به اهو ئي سوچي اهي خدشا به دور ڪيا. اچانڪ پيج اسڪرول ڪندي هيٺ ڏٺم ته دراصل اهو جهاز واقعي انهيءَ فلائيٽ نمبر سان ئي ڊپارٽ ٿيو هو پر ڪوالالمپور مان نه بلڪه ميلبورن (آسٽريليا) مان. ويب سائيٽ تي تفصيلي جائزو وٺڻ سان وڌيڪ خبر پئي ته آسٽريليا کان نار جي ملڪن ڏي ايندڙ سڀ جهاز ملائيشيا يا سنگاپور ۾ اسٽاپ ڪن ٿا. مسافر لاهڻ چاڙهڻ کان علاوه تيل ڀرائڻ لاءِ به. هيءَ فلائيٽ به انهيءَ مهل ئي آسٽريليا مان هلي هئي، جنهن کي اٺن ڪلاڪن جو سفر طئي ڪري صبح جو ساڍي اٺين ڌاري ڪوالالمپور پُهچڻو هو ۽ پوءِ دبئي لاءِ نڪرڻو هو 9:50 تي. جهاز جيستائين هِن ملڪ پُهچي، مون کي ننڊ ڪرڻ لاءِ چڱو وقت هو، سو سمهي پيس. صبح 5:30 بجي الارم سيٽ ڪيو هئم پر پٺاڻ ڇوڪر 5 بجي ئي جاڳائي ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ ۾ شيونگ ۽ باٿ ڪري ڪمري جو آخري دفعو جائزو ورتم ۽ ڪنهن شيءِ جي رهجي نه وڃڻ جي تسلي ڪري هليس رسيپشن ڏانهن. پٺاڻ چيڪ آئوٽ مهل چيو: ٽئڪسي ڪجو ڪٿي دير نه ٿي وڃيوَ پر ٻاهر نڪري سوچيم ته هتي ٽرين پاڪستان ريلوي ناهي پر مونو ريل آهي. نه وري انهيءَ جو وزير شيخ رشيد يا غلام احمد بلور آهي جو دير سان اچي يا دير ڪرائي يا مورڳو هلي ئي نه. ٻيو ته جي آئون ايمريٽس جي قانون مطابق فلائيٽ کان ٽي ڪلاڪ اڳ نٿو پُهچان ته به خير آهي. اهو ته ايئر لائين جي پاران مسافرن جي ڀلي لاءِ ئي شرط رکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مسافر جي ڪاغذ پٽن يا ڪنهن ٻي سبب ايئر پورٽ تي ليٽ ٿي ٿئي ته به وٽس ڳچ ٽائيم هجي ۽ فلائيٽ مِس نه ٿئي. اهو ڊپ ڪراچيءَ ۾ ته هو جو آئون ٻي مُلڪ ٿي ويس ۽ ڪجهه به چيڪ ڪندي يا پڪ ڪندي ايئرپورٽ وارا ليٽ ڪرائي پئي سگهيا. هِتان ته آئون پنهنجي مُلڪ ٿي ويس، سو به هڪ مهيني جي ويزا هوندي به هفتي ۾ ئي واپس پئي موٽيس، سو هي ته پاڻ خوشيءَ سان فيئر ويل ڪندا. هي ڇو دير ڪندا يا ڪرائيندا؟ اهو سوچي صفا ٻروچڪي ڪندي سينٽرل اسٽيشن تائين پُهچڻ لاءِ به ٽئڪسي نه ڪرايم ۽ مونو ريل طرف هليس. اهو ائين ته ايئرپورٽ شهر کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچي شهر کان نوري آباد. آئون ائين هئس ڄڻ ڪينٽ اسٽيشن تي هُجان ۽ اُتان ٽئڪسي ڪري نوري آباد وڃڻ ته ٺهيو پر صدر تائين به ٽئڪسي نه ڪندو هُجان، جِتان ڪنهن گاڏيءَ ۾ نوري آباد وڃجي.
    مونو ريل تي پُهچي مون ڏاڪڻ چڙهڻ بجاءِ خودڪار چاڙھين تي پير ڦٻايا ته جيئن سامان سميت سؤلو مٿي پُهچان. پلان اهو ٺاهيم ته هتان ڏيڍ رنگٽ ڏيئي سينٽرل اسٽيشن تي پُهچبو ۽ اُتان KLIA ايڪسپريس پڪڙي ايئرپورپ پهچبو. دير ٿي ته به اٺين تائين ته پُهچي وڃبو. جهاز ۾ بورڊنگ کان اڌ ڪلاڪ اڳ پھچڻ جي شرط واري حساب سان 9:20 تائين پھچڻ لازمي ھو. پر انهي سڄي پلان ۾ مون سان ٿيل پهرين جُٺ مهل ئي محسوس ٿيو ته ٽيڪسيءَ جو مشورو ڏيڻ وارو پٺاڻ سچو هو. مون رات عقلمندي ڪندي ريزگاري ڏني هوٽل جي بيري کي ۽ هاڻي مون وٽ 10 رنگٽ کان گهٽ جو ڪو به نوٽ نه هو ۽ رسيپشن تي ويٺل مائي چيو ته هُن اڃا هاڻي آفيس کولي آهي. پهرين مونو ريل هاڻي ايندي يعني ڇهين بجي. ترس ته هڪ ٻه گذرن، پوءِ پئسا کُليا ٿيندا.
    “چڱو ڦاٿس! هاڻي موٽي وڃي ٽئڪسي اسٽينڊ تان ٽئڪسي پڪڙي ٽائيم وڃائجي يا هتي هِن مائي وٽ کُلين پئسن جي اچڻ جو انتظار ڪجي؟” پنهنجو پاڻ کان ڪيل ٻنهي سوالن جو جواب “نه” هو. سو بحث ۾ لڳي ويس ته مون وٽ ٽائيم گهٽ آهي، ڪو جهڳاڙ ڪر. پوئتي ڪا لائين نه هئي جو صبح سوير جو ٽائيم هو. نه ته ٻيا چون ها پري ٿي، اسان کي ٽڪيٽ وٺڻ ڏي. اسان اڃا اهو بحث ڪيو ئي پئي ته هڪ پاڪستاني آيو ۽ چيائين “مسئلو ڇا آهي؟” چيم “مائي وٽ پئسا کُليا ناهن ۽ ٽڪيٽ نٿي ڏي.” هُن دير ئي نه ڪئي، کوڙ سارا سڪا جينز جي جيب مان ڪڍي مائيءَ ڏيئي پنهنجي ۽ منهنجي ٽڪيٽ ورتائين. چيومانس ته ”هاڻي تون ئي اهي پئسا وٺ!“ چئي “او جي، ميري پاس ڀي اس لڙڪي ڪي طرح ڇُٽي پئسي نهين هين.” ائين اچي سينٽرل اسٽيشن تي پُهتس پر ٽرين مان لهي خبر پئي ته ٿيلهو سنڀاليندي مشين ۾ ڪارڊ وجهي رڪاوٽ هٽائي ٽرين تائين پهچندي اهو ٽڪيٽ ڪٿي ڪِري پيو هو. هاڻي ٻاهر نڪرڻ مهل به ٽڪيٽ ضروري هو جيئن مشين ۾ لڳائي رُڪاوٽ هٽائي ٻاهر نِڪران. پرهه ڦُٽيءَ جي ويل. اسٽاف پورو سارو. پريان ڪائونٽر تي ويٺل ٻه ڇوڪريون به پاڻ ۾ ڪچهري ۾ مصروف هُجن. جنهن پاسي کان اهي نظر پئي آيون اُتان شيشو هو ۽ کليل پاسو پَريان جتان کين ٽڪيٽ ڏيڻا ۽ پئسا وٺڻا هئا. بار بار خيال پئي آيو ته صحيح ٿا چون ته مهنگا روئي ايڪ بار سستا روئي بار بار. مون کڻي پاڪستاني 2000 بچايا پر چڱو اچي ڦاٿس. خدا ڪيو جو هڪ صفائيءَ وارو پريان کان ايندو ڏٺم. سڏ ڪري سڄي ماجرا ٻڌائي مانس ته پريان هڪ گس کان ڦيرائي وٺي هليو ۽ بنا رڪاوٽن وارو رستو پار ڪرايائين. مون پُڇيو “يار هو مايون ڪجهه چونديون ته ڪونه جي ڏسي ورتائون!؟”
    “تون ڇا ٿو سمجهين ته تون ڪو اليگل پيو نڪرين؟ ٽڪيٽ گُم ٿيڻ کان پوءِ اهو ئي پروسيجر آهي. هاڻي وڃ ۽ کين ٻڌائي. جي ٽڪيٽ ٻيهر وٺڻ لاءِ چون يا فائين ڀرائين ته ڏجان.”
    “يار مون وٽ کُليا پئسا ناهن. آئون ته چوان ٿو پاڻ وٺن ته سٺو.” همراهه مسڪرائي باءِ چيو. مون وڃي ڇوڪرين کي سڄو قصو ٻڌايو ته پُڇڻ لڳيون ڪاڏي ٿو وڃين. ٻڌايم: پاڪستان کان هفتي لاءِ آيو هئس. اڄ واپسي آهي. چيائون “اوڪي. ٽڪيٽ جو خير آهي. شل تنهنجو سفر سلامتيءَ وارو هجي.”
    ٻاهر اچي ڏٺم ته ڪاريءَ وارا ڪک. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هجي، جو پُڇان ته KLIA ڪٿي آهي. هڪدفعو وري پٺاڻ واري ڳالهه ياد آئي ته ٽئڪسي ۾ وڃجان، رِسڪ نه کڻجان. ٿورو بنا اندازي ۽ خبر جي اڳتي هلندو رهيس ته فُٽ پاٿ تان بئگ گهليندي اڳتي ويندڙ ڇوڪري نظر آئي. ڏاڍي خوبصورت هئي. کيس ڪاري رنگ جو سوڙهو بلائوز ۽ اسڪرٽ پاتل هئي، جنهن مان رانن تائين ظاهر سندس ٽنگون چلڪيون پئي. ڪنهن به عام ماڻهوءَ جيان ساڻس پهريون دفعو ڳالهائڻ وقت مون کي به جهجهڪ محسوس ٿي پر ٻيو ڪو آپشن به نه هو. آسپاس ٻيو ڪو ماڻهو به ڪونه هو. پنهنجو وزني بئگ گهليندو ڊوڙندو وڃي کيس پُهتس ۽ KLIA جو پُڇيم “اوهان کي ايئرپورٽ وڃڻو آهي؟”
    “ها.”
    “KLIA ۾ ئي ويندؤ؟”
    “ضروري ته ناهي پر پوءِ به سوچيان ٿو ته ٽائيم تي پُهچان.”
    “فلائيٽ ڪهڙي ٽائيم آهي؟”
    “9:50 تي.”
    مائي پنهنجي سفيد ٻانهن تي ٻڌل ڪارن پَٽن واري گهڙيءَ تي ٽائيم ڏسي چيو، “بس ۾ به وڃي سگهو ٿا. صرف 15 منٽن جو فرق آهي پر ڪرايو 35 بجاءِ 10 رنگٽ لڳندو.”
    سمجهي ويس ته هي به مون وانگي سُڃي، ڪنجوس يا بچت جي هيراڪ هئي. آئون ته بچت جي چڪر ۾ جوکم کڻڻ جي موڊ ۾ هئس. سو، چيومانس “ها بس به صحيح آهي پر وقت جي پابنديءَ جي گارنٽي آهي نه؟”
    “بلڪل برادر!”
    “او ڪي ٿينڪ يو سسٽر” چئي کائنس ڏَس پُڇي هڪ فلاءِ اوور هيٺيان ٺهيل بس اسٽاپ تي پُهتس. ٽڪيٽ وٺي سامان لگيج باڪس ۾ رکرايم. بس 7:00 بجي هلڻي هئي ۽ ان مهل 6:40 ٿيا هئا. بس ٽائيم تي ئي هلي. هلڪي روشني ٿي چُڪي هئي. پويان هڪ سِک فئملي ويٺي هئي. سِک جن کي مخصوص پٽڪو ۽ وڏي ڏاڙهي هوندي آهي.
    اطمينان ڪرڻ خاطر هڪ سِک کان پُڇيم، “هي گاڏي وقت تي ئي پُهچندي نه؟”
    “ها بلڪل ٽائيم تي.”
    ٿوري دير کان پوءِ پُڇيائين، “توکي ڪيڏانهن وڃڻو آهي يا ڪو اچڻو آهي جنهن کي رسيوِ ڪرڻ پيو هلين؟”
    “نه، آئون پاڪستان ويندس، منهنجي روانگيءَ جي فلائيٽ آهي.”
    وڏو ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو، “پوءِ توکي ئي وقت تي پُهچڻ جو فِڪر هُجڻ کپي. اسان ته پنهنجي هڪ عزيز کي رسيوِ ڪرڻ ٿا وڃون. دير به ٿي ته خير آهي. هو همراهه انتظار ڪري وٺندو. تنهنجو ڇا ٿيندو جي بس ليٽ ٿي؟” سِک جي ڳالهه ٻُڌي پريشاني ٿي ۽ مس ڪاوڙ به آئي. پر سِک ته سِک آهن تِن تي ڪهڙي ميار؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ڄٽ جي خوشي اشراف جو موت. سو، سِک ويٺي کِليا، آئون مُنجهيل ته واقعي جي بس ليٽ ڪئي ته ڪم لهي ويندا. بهرحال بس ۾ ويهڻ سان فائدو اهو ٿيو هو ته ڪوالالمپور جي ٻهراڙي ڏسي پئي سگهيس، سا انهيءَ پريشانيءَ ۾ به ڏسڻ کان نه مُڙيس. اهي نظارا KLIA ايڪسپريس ۾ ويهي نه پئي ٿي سگهيا جو اها ڏاڍي تيز ٿي هلي.
    بس وقت تي ئي پُهتي. 7:45 تي آئون ايئرپورٽ جي ڊپارچر لائونج پُهچڻ لاءِ لِفٽ ۾ هئس. ايئرپورٽ پُهچي هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم جيڪا ارائيول مهل نظر انداز ڪئي هئم. اسان وٽ ڊپارچر مهل ڇڏڻ لاءِ آيل ڪنهن مِٽ مائٽ کي اوستائين ٻاهر ئي انتظار ڪرڻو پوي ٿو جيستائين همراهه ويٽنگ لائونج پُهچي ۽ اها تسلي ٿئي ته هاڻي هو ويندو ئي ويندو، سندس ڊي پورٽ ٿيڻ جو ڪو خدشو ناهي. پر هتي ايئن نه هو. هتي اوهان کي ڇڏڻ لاءِ ساڻ آيل همراهه اوهان سان گڏ بيهي سگهي ٿو ايستائين جو اوهان وڃي آخري اسٽيپ تي پُهچو ۽ ٽرين ۾ چڙهي رن وي ايئرپورٽ پُهچو. مون لاءِ ڪراچيءَ ۾ جيڪي سي آف ڪرڻ وارا هئا سي گيٽ تان ئي موٽي ويا ۽ ايئرپورٽ جي امگريشن وارن جي دڙڪن داٻن سان الوداع ٿي. هتي روانگيءَ جي آخري گهڙين مهل ڀر ۾ بيهي بلڪ ڀاڪر ڀري موڪلائڻ جو موقعو هو پر ڪونه هو ڪو باءِ باءِ چوڻ وارو!
    ايئر پورٽ تي ڪافي رش هئي ۽ جڏهن فلائيٽ اسڪيجول بورڊ تي نظر پئي ته رش هُجڻ جو سبب به سمجهه ۾ به آيو. . . . الائي ڪيتريون فلائيٽس هُيون. . . مون ايمريٽس جي ڳولا ڪئي جيڪا دبئي وڃڻي هئي ۽ مون کي به کڻي هلڻو هئس. . . ڏٺم ته فلائيٽ پنهنجي وقت تي هئي ۽ مون کي گيٽ نمبر 22 تي پُهچڻو هو. . . پر اوستائين پهچڻ کان پهرين گهڻو ڪُجهه ڪرڻو هو. لائين ۾ بيهي پنهنجي سامان جو وزن ڪرائي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻو هو. منهنجي اڳيان بيٺل (شايد ملئي) ناريءَ سان گڏ سندس مائٽ به هئا. هوءَ الائي ڇو بار بار ڪُجهه لکندي پئي وئي. مون جڏهن سندس انهيءَ ڪم تي ٿوري حيرت کاڌي ته شايد سمجهي وئي ۽ کلڻ لڳي پر هو سڀ لکندي وئي. مون نه چاهڻ باوجود به هڪ جُملو پڙهيو جنهن ۾ لکيل هو ته
    ”توڙي جو سڀ ڪُجهه صحيح آهي ۽ هر شيءِ ٺيڪ پئي وڃي پر اهو سڀ رڳو بابا ۽ امان جي حساب سان آهي. . . مون لاءِ ناهي.” هو وڌيڪ به لکندي رهي پر مون نظرون ڦيري ڇڏيون جو اهو سندس ذاتي معاملو هو پر ايئن پئي لڳو ته کيس اها پرواهه ناهي ته ڪير کيس ڏسي ٿو يا نوٽ ڪري پيو، هوءَ بس لکندي پئي وئي پنهنجي ننڍڙي ڊائريءَ تي. سندس والدين وري کيس بورڊنگ ڪارڊ وٺي ڏيڻ ۾ پيش پيش هئا. بورڊنگ ڪارڊ اشو ڪندڙ هڪ ايمريٽس يونيفارم ۾ ننڍي قد واري ڇوڪري ويٺل هئي. ڇا ته ڦڙتي هئس. مسافرن جا وڏا وڏا وزني بئگ ڇڪي ويٽ مشين تي رکي بورڊنگ ڪارڊ ايئن پئي اشو ڪيائين جهڙي ڪر ڪا مشين هُجي. مون کي سندس ڦڙتي ڏسي اندازو ٿي ويو هو ته ايمريٽس وارا ڇو ڪامياب آهن؟ اهڙي اسٽاف جي چونڊ ٿا ڪن جيڪو مزدورن وانگي ڪم ڪري، نه ڪي پنهنجي Great people to Fly With پي آءِ اي جنهن جا گريٽ فرد ڳولئي نٿا لڀن. مون کي رڳو سندن فلائيٽ نه هُجڻ جي سرٽيفڪيٽ لاءِ جيڪي جوکم کڻڻا پيا، سا مون کي خبر آهي. الائي ڪيتريون آفيسون رُليس پر ڪو ريسپانس نه هُجي. ڳالهائيندا ايئن جهڙو مفت ۾ سفر پيا ڪرائين ۽ ريٽ ۾ سڀ کان مهانگا، سروس ٽڪي جهڙي!
    سامان وزن ڪرائي جڏهن اميگريشن کان چيڪ آئوٽ تي پُهتاسين ته مون کان اڳ بيٺل مائيءَ سان عملي جو ڦڏو پئي هليو. هُن شايد هتي ويزا جي مليل ميعاد کان وڌيڪ اسٽي ڪيو هو. ڪافي پُڇا ڳاڇا بعد کيس ڇڏيو ته ويو پر اميگريشن وارن جي موڊ مان لڳو پئي ته اجهو ٿا لاڪپ ڪن. هونئن اهو ڪو سٺو عمل ناهي ته ماڻهو ڪنهن مُلڪ ۾ غير قانوني رهي. جڏهن ته هو گهُمڻ آيلن لاءِ ته ايترا سخت به ناهن. پاڻ چاهين ٿا ته ڀلي ڪو ٻه ڏينهن وڌيڪ رهي ته سندن مُلڪ ۾ پنهنجو پئسو خرچ ڪري. مون کي به سندن ڪراچيءَ واري ڪائونسليٽ ته ويزا هڻي ڏيڻ مهل ميعاد واضع نه لکي ڏني هئي. مون ته بس هفتي جي درخواست ڏني ۽ هُنن ويزا هڻي ڏِني ته مهيني اندر اها استعمال ڪندين نه ته ضايع ٿي ويندي پر جڏهن اُتي پُهتس ته هُنن کي ٻڌايم به ته منهنجي هفتي کان پوءِ واپسيءَ جي ٽڪيٽ آهي ته به ٽن مهينن جي ويزا هڻي ڏنن. منهنجي پاسپورٽ تي چيڪ آئوٽ جو ٺپو لڳو ۽ آئون پُهتس چيڪنگ تي. هتي رش اڃا وڌيڪ هئي جو سامان لوڊ ڪري بورڊنگ ڪارڊ ڏيڻ ۽ پاسپورٽ تي چيڪ آئوٽ جو ٺپو هڻڻ ۾ ايترو وقت نه پئي لڳو پر انهن ٻنهي مرحلن کان گذري جڏهن چيڪنگ تي پئي پُهتا ته هتي وڌيڪ وقت پئي لڳو، تنهن ڪري رش هئي. انهيءَ پيهه پيهان ۾ مون کان موبائيل اُتي ئي وسري ويئي جيڪا هئنڊ ڪيريءَ سان گڏ اسڪيننگ مشين مان پاس ٿيڻي هئي. آئون اڳتي وڃي هڪ يورپي (گهڻو ڪري فرينچ) جوڙي تي حيرت ڪرڻ لڳس ته کين سفر وارو انتظار ڪرڻ نٿو پُهچي جو گهر وڃي اهو سڀ ڪن جو هڪ پاسي تي بيهي هِتي ئي فرينچ ڪِس جو سرِعام مظاهرو ڪري رهيا هئا. ايئن پئي لڳو ته ڇوڪري پنهنجي بواءِ فرينڊ کي فرينچ ڪِس سيکاري رهي هئي. ڇوڪريءَ جي لِپ اسٽڪ جو ڳچ رنگ نوجوان جي چپن تي رهجي ويو هو. هو زماني کان بي خبر ۽ آئون موبائيل فون جي وسري وڃڻ کان بي خبر کين ڏسندو رهيس ته پويان ڪنهن همسفر اچي هٿ هنيو ته اوهان پنهنجو فون وساري آيا آهيو. جلد واپس ٿيس ته متان ڪو کڻي نه وڃي پر پر اُها اتي ئي پئي هئي.
    ايئر پورٽ ۽ رن وي ٽرمينل بلڊنگ وچ ۾ هلندڙ ٽرين ۾ چڙهي پُهتاسين ٽرمينل بلڊنگ جتي اسان جا ڪافي همسفر اڳئي ويٺا هئا جيڪي ميلبورن کان اٺن ڪلاڪ جو سفر ڪري هتي ڪلاڪ کن لاءِ ترسيا هئا. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ته جيڪي جهاز بيهن ٿا ته انهن جا مسافر اندر ئي ويٺا رهن ٿا بلڪه ڪُجهه دوست ته پي آءِ اي لاءِ به ٻڌائين ٿا جڏهن انهن جو جهاز نيويارڪ ويندي هيٿرو ايئر پورٽ يو ڪي بيهي ٿو يا وري جاپان ويندي بيجنگ (چائنا) ۾ بيهي ٿو ته مسافر اندر ئي ويٺا هوندا آهن پر هتي سڀ ويٽنگ لائونج ۾ ويٺا هئا. هئا ته سڀ ٿڪل سو پير ڊگهيري جهڙو ڪر ليٽيا پيا هئا ڪرسين تي. اڃا به لڳ ڀڳ اٺن ڪلاڪن جو سفر ڪرڻو هُين پر جڏهن هڪ پوڙهي گوري جي پاسي ۾ شولڊر بئگ رکندي حال احوال وٺڻ شروع ڪيم ته خبر پئي ته هن کي ته اڃا به سورهن ڪلاڪ جو سفر ڪرڻو آهي، ڇو جو هو لنڊن پئي ويو. مطلب ته هاڻي کيس دبئي ۾ لهي (الائي ڪيتري انتظار کان پوءِ) ٻِي فلائيٽ ۾ ويهي يو ڪي وڃڻو هو. پُڇيومانس ته خير ۾ ويو هئين ميلبورن؟ چئي: گهُمڻ ڦرڻ. وري پڇيم ته هن عمر ۾ ايترو سفر ڪيئن ٿو ڪرين؟ جواب بدران سوال ڪيائين: ڇو آئون ڪيترو پوڙهو ٿو لڳان؟ چيم: اسيءَ جي وهيءَ کي ته پهتل ئي ٿو لڳين! اها ڳالهه کيس ڪا بنهه نه وڻي ۽ خفا ٿيندي چوڻ لڳو: يار ڪمال ٿو ڪرين ينگ مين! ايترو غلط اندازو! آئون به پريشان ٿيس ته همراهه کڳ پوڙهو آهي، چم پيو لڙڪيس پر شايد اڃا پاڻ کي ننڍو سمجهي ايترو پيو آڪڙجي، پر جڏهن عمر ٻڌايائين ته مون به مس مس کِل روڪي. عمر هئس ستهتر سال!
    هاڻي ڇا چوانس ته ايڏي آڪڙ به رڳو ٽن سالن جي ڪري . . . !
    جهاز ۾ ويهڻ جو اعلان ٿيو ته نمبر وار اندر ويندا رهياسين. منهنجي سيٽ هاڻي به دريءَ جي ڀرسان هئي. پاسي ۾ ٻه ننڍي ٽهيءَ جا (چائنيز هُجڻ ڪري وڏا هونئن به نه لڳن ها) ٻه چائنيز ويٺا هئا. جهاز اڃا چُريو به نه هو ته هُنن ڪنن تي هيڊ فون لڳائي ڪنهن فائٽنگ فلم جي چونڊ به ڪري ورتي. آسپاس ٻارن ۽ فئمليز هُجڻ ڪري ٿورو شور هو. جهاز جلد ئي چرڻ، هلڻ ۽ پوءِ ڊوڙڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪوالالمپور جو آخري دفعو نظارو به پورو ٿيو، جيڪو ڏٺم به پئي ۽ رڪارڊ به ڪندو ويس پنهنجي ڪئميرا ۾، سو ڪُجهه هن ريت هو: پهريان هر طرف ساوڪ جنهن ۾ گهڻا ته کاڄرو تيل جا وڻ ۽ انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍڙيون ماچيس جي کوکي جيتريون نظر ايندڙ عمارتون ۽ پوءِ ڌنڌ ۽ ڪڪر جيڪي لڳو پئي ته اجهو ٿا وسن ۽ پوءِ سمنڊ. ڪڪرن مان نظر ايندڙ سمنڊ جنهن کي ايندڙ ٽي ڪلاڪ اسان سان گڏ رهڻو هو. جهاز جي ايلٽيٽيوڊ تي پُچڻ کان پوءِ جڏهن هڪ سڌو سفر هو ته ڄڻ سڀ رليڪس هئا. سيٽ بيلٽ کُلي ويا. ڪو ڪنهن ڪتاب ۾ اک هڻي ويٺو هو. ڪنهن آءِ پيڊ تي ويٺي ٺونگا هڻي ڪُجهه پڙهيو يا گيم کيڏي. گهڻا تڻا ڪنن تي هيڊ فون لڳائي ايمريٽس جي شاندار آڊيو وڊيو ڪليڪشن مان ڪُجهه ڳولي ڏسي يا ٻڌي رهيا هئا. مون وٽ ڪُجهه نه هو ڪرڻ لاء،ِ سو في الحال ته سامهون ڏٺم ته فرينچ ڇوڪرو شايد اڃا به ڪِس ڪرڻ نه سِکي سگهيو هو ۽ سندس گرل فرينڊ کيس سبق پڪو ڪرائڻ ۾ رُڌل هئي.
    ايمريٽس وارن وقفي وقفي سان اهو به اسڪرين تي لکيو پئي ته هن وقت اسان زمين جي گولي جي جنهن حصي تي سفر ڪري رهيا آهيون، اتان جو وقت هيءُ آهي. جيئن ته اسان اوڀر کان اولهه پئي سفر ڪيو سو وقت پوئتي ۽ سفر اڳتي ٿيندو پئي ويو. ڪافي دير گذري، تڏهن وڃي ساڍا يارهن ٿيا. اُن وقت اسان بي آف بينگال اُڪري انڊيا جي حدن مٿان سفر ڪري رهيا هئاسين. ايمريٽس وارن ملائيشيا جي روايتي ڊشز سان ڊنر سروِ ڪيو، جنهن لاءِ انهن اڳ ئي مينيو ڪارڊ ۾ لکي ڇڏيو هو. ملئي کاڌو هُجي ۽ جهينگو نه هُجي ممڪن ئي ناهي. مون جهينگو پاسي واري کي ڏنو جنهن خوشي خوشيءَ کاڌو.
    ماني کائي بس ڪئي ۽ هڪ ٻه دفعو جوس پيتا ته جهاز پنهنجي مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ پهرين دبئيءَ جي لوڪل وقت مطابق ساڍي ٻارهين بجي لئنڊ ڪيو. ان وقت ملائيشيا ۾ ساڍا پنج ٿيا هوندا، مطلب ته اسان جو سفر ساڍن ڇهن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو.
    هتي منهنجو هونئن ته پنج ڪلاڪ اسٽي هو پر اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پُهچڻ ڪري ساڍا پنج ڪلاڪ جو اسٽي ٿي ويو هو. هونئن ته وڏي اسٽي تي ڪُجهه ايئر لائينز پاڻ ٽڪيٽ ڏينديون آهن جنهن تي اوهان لنچ يا ڊنر ڪري سگهو ٿا يا اهو ايئرپورٽ تي ٽڪيٽ ڏيکاري وٺي سگهجي ٿو پر مون کي اها خبر نه هئي، سو ايئرپورٽ جو مهانگو کاڌو کائڻو پيو. اهو وقت ليپ ٽاپ تي واءِ فاءِ سان ڪنيڪٽ ڪيل نيٽ تي پنهنجو اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندو رهيس.
    شام جو جڏهن ويٽنگ لائونج ۾ گڏ ٿياسين ته پنهنجي ملڪ جو ماحول پاڻ ڄاڻي ٺهي ويو ۽ گوڙ ڪُجهه سوايو لڳڻ لڳو. شايد هر هنڌ هوندو پر هتي ٻولي سمجهه ۾ اچڻ ڪري وڌيڪ پئي لڳو. جهاز پنهنجي وقت تي اڏاڻو ۽ باقي سفر ۾ برياني کارائي عربي سمند اُڪاري جڏهن ڪراچي ويجهو پُهچايو ويو ته سنڌ جي راڄڌاني الاهي خوبصورت پئي لڳي. روشنيون ئي روشنيون. لڳو ئي نه پئي ته هِن شهر لاءِ هيءُ شعر ايترو سچو آهي:
    ڈھونڈو تو مل جائیں لاشیں ہر موڑ پر
    نہیں ملے گا تو قاتل نہ ملے گا
    ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن گهڻو تنگ نه ڪيو، بس هڪ همراهه چيو ته هفتي ۾ ئي وري آئين، ويزا هيئي ته رهي پوين ها! چيومانس: هڪ ته پويان نوڪري ۽ گهر ٻار به هئا، ٻيو ته هُتي خرچ به کپي۽ سڀ کان اهم ته اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي. خبر هئم ته هاڻي اهي ڪُجهه نٿا ڪري سگهن. دير سوير ٻاهر ئي موڪليندا، ڊي پورٽ پڪ نه ڪندا.
    سامان واري ريلنگ تي پُهتس ته عجيب منظر هُجي. سول ڊريس پهريل ماڻهو ريلنگ مٿي چڙهيو سامان لاهيو ماڻهن کي ٽرالين ۾ پيا رکي ڏين ۽ پوءِ زوري خرچي پيا وٺن. بهرحال، هتي ماڻهو اهڙي جٺ سان ٺهي ويا آهن. جيڪي ڪُجهه چالاڪ آهن سي کين پري ٿا ڌڪين، جيڪي نوان آهن سي پنجاهه سؤ ڏيڻ ۾ عيب نٿا سمجهن. مون پنهنجو سامان کنيو ۽ ڪُجهه رينگٽ ۽ ڊالر واري بچيل ڪرنسي لوڪل ۾ چئينج ڪرائي ٻاهر نڪتس ته مون کي وٺڻ لاءِ آيل پنهنجي زندگيءَ سان مليس. پنهنجن سان مليس. ننڍڙي فائقه ۽ سحاب سان مليس. ڪراچيءَ سان مليس. پنهنجي سنڌ سان مليس. . . . ۽ گذريل هفتو زندگيءَ جي خوبصورت يادن ۾ هڪ ياد جو اضافو بنجي محفوظ ٿي ويو. . . ڪار ۾ ويهي ملير هالٽ واري روڊ کان سچل ڳوٺ پُهچڻ تائين، آئون هفتي کن کان ڌارئي ملڪ ۾ هئڻ جو احساس پاڻ کان ڌار ڪري چُڪو هوس.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388466
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610199
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ