ڪتاب جو نالو: سوکڙي ڳالهين جي
مصنف: ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 22 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 700 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 128 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
برٽش لئبرري لنڊن مان ھٿ ڪيل 1865ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سوکڙي ڳالھين جي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ/جوڙيندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي آھي جڏھن تہ سنوار انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي پڙھڻ مان گهڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجهس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گهڻو دل خوش رھندي ۽ منجهس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گهڻو فائدو ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت اي بوڪ ايڊيشن
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سادا اکر
  • (پھرئين ڇاپي جو مھاڳ
  • پھريون باب: لالچ جي گلا جو

  • ۱-۱ ڳالھ پھرين: پورھيت ۽ قاضيءَ جي
  • ۱-۲ ڳالھ ٻي: فقير ۽ ٻن ڪتن جي
  • ۱-۳ ڳالھ ٽين: بگھڙ ۽ گدڙ جي
  • ۱-۴ ڳالھ چوٿين: لوڪڙي ۽ اٺ جي
  • ۱-۵ ڳالھ پنجين: سرڻين جي
  • ۱-۶ ڳالھ ڇھين: پڃاري ۽ بٺاري جي
  • ۱-۷ ڳالھ ستين: ٻن ٻلن جي
  • ۱-۸ ڳالھ اٺين: شينھن ۽ گدڙ جي
  • ٻيون باب: ڪوڙ جي گلا جو

  • ۲-۱ ڳالھ پھرين: شخص ھڪڙي جي چور کان ڦُرجڻ جي
  • ۲-۲ ڳالھ ٻي؛ زال جنھن ڪوڙو مڙس قبول نه ڪيو
  • ۲-۳ ڳالھ ٽين؛ ٻار جي، جنھن ڪوڙي جي گھر بُبو نه پيتو
  • ۲-۴ ڳالھ چوٿين؛ مريد ۽ پير جي
  • ۲-۵ ڳالھ پنجين؛ جان ڪرلينگ صاحب ۽ وڏي ماڻھوءَ جي
  • ٽيون باب: ماٺ جي ساراھ ۽ بڪ جي گلا جو

  • ۳-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪڇون ۽ ٻن پکين جي
  • ۳-۲ ڳالھ ٻين؛ گلاب جي گلن جي
  • ۳-۴ ڳالھ چوٿين؛ موتيءَ جي
  • ۳-۵ ڳالھ پنجين؛ بٺاري جي گڏھ جي
  • چوٿون باب: بڇڙي ڪم مان خرابي ٿيڻ جو

  • ۴-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪوريءَ ۽ چاڪيءَ جي
  • ۴-۲ ڳالھ ٻين؛ سوداگر جي جوءِ جي
  • ۴-۳ ڳالھ ٽين؛ نيت ۽ مراد جي
  • ۴-۴ ڳالھ چوٿين؛ سڄي ۽ کٻي ھٿ جي
  • ۴-۵ ڳالھ پنجين؛ ريس-مئيءَ پٺاڻيءَ جي
  • پنجون باب: ري استاد ڪم ڪرڻ مان گھاٽي جو

  • ۵-۱ ڳالھ پھرين؛ ڀولڙي جي حجامت جي
  • ۵-۲ ڳالھ ٻين؛ ڄٽ جي ترار جي
  • ۵-۳ ڳالھ ٽين؛ ڄٽ طبيب کان زال مرڻ جي
  • ۵-۴ ڳالھ چوٿين؛ باندر جي ڪاٺ چيرڻ جي
  • ۵-۵ ڳالھ پنجين؛ ڄٽ طبيب کان شھزادي مرڻ جي
  • ڇھون باب: لُچن سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽي جو

  • ۶-۱ ڳالھ پھرين؛ فقير ۽ نانگ جي
  • ۶-۲ ڳالھ ٻين؛ سوار ۽ نانگ جي
  • ۶-۳ ڳالھ ٽين؛ ڀولڙن ۽ گدڙ جي
  • ۶-۴ ڳالھ چوٿين؛ شينھن، گڏھ، ڪانءَ ۽ گدڙ جي
  • ۶-۵ ڳالھ پنجين؛ باندر ۽ چيھي جي
  • ستون باب: سياڻن جي سھڻن نُڪتن جو

  • ۷-۱ ڳالھ پھرين؛ تيمور لنگ ۽ دولت جي
  • ۷-۲ ڳالھ ٻين؛ لالا دولت رام جي
  • ۷-۳ ڳالھ ٽين؛ ديوان گدومل جي
  • ۷-۵ ڳالھ پنجين؛ نواب غازي خان جي
  • ڪتاب جي پڄاڻي

  • سنڌ سلامت اي بوڪ ايڊيشن

    ڪتاب: سوکڙي ڳالھين جي
    جوڙيل: ديوان ڪيولرام (سلامتراءِ آڏواڻي)
    سنوار سڌار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    ڇاپو پهريون: پنڊت جيشتا برھم ڪمپنيءَ، سال ۱۸۶۵ع ڌاري، وديا ساگر ليٿوگرافي پريس حيدرآباد مان ڇپايو.

    ٻيو ڇاپو: (اِي بوڪ) نومبر ۲۰۱۹ع
    ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    “Sookhrri gaalhyun ji”
    Author: Devan Kevalram Salamatrai Advani
    Composed & Explained: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: (E-Book) November 2019 A.D
    Published by: SindhSalamat.Com
    E-mail: sulemanwassan@gmail.com


    هيءُ ڪتاب محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچي پاران پڌرو ڪيو. 


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سوکڙي ڳالھين جي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ/جوڙيندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي آھي جڏھن تہ سنوار انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب ڪئي آھي. ڪتاب بابت انجنيئر عبدالوھاب سھتو صاحب لکي ٿو:

    ”ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي پڙھڻ مان گهڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجهس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گهڻو دل خوش رھندي ۽ منجهس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گهڻو فائدو ٿيندو.“

    ھي ڪتاب 1865ع جو ڇپيل آھي، جنھن جي ڪاپي برٽش لئبرري لنڊن مان ھٿ ٿي ۽ غلام محمد لاکي صاحب ذريعي انجنيئر عبدالوھاب سھتي تائين پھتي جنھن نئين سر سنوار ۽ ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڏانھن موڪلي آھي.اسان سندس ٿورائتا آھيون.




    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سادا اکر

    سادا اکر

    آگسٽ ۲۰۱۹ع ڌاري ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب جن جي ڪال آئي. ڪو به حال احوال ڪرن کان اڳي پوسٽل ايڊريس موڪلڻ بابت چيائين. ٻڌايائين ته انگريز دور جو اوڻويھين صديءَ ۾ ڇپيل ھڪڙي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي موڪلڻي آھي. برٽش لئبرري لنڊن مان اھا ھٿ ٿي آھي. مون وٽ رکئي رکئي چڱو وقت ٿي ويو اٿس. اھو موجودہ صورتخطيءَ ۾ آڻي عام استفادي لائق بنائڻ لاءِ، منھنجو ڌيان اوھان ڏانھن ويو آھي. ان ڪري اھو اوھان ڏانھن موڪلجي ٿو.
    کيس پوسٽل ايڊريس ايس ايم ايس ذريعي ڏياري موڪليم. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ سندن پاران ٽي سي ايس ذريعي لفافو پھتو جنھن ۾ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي به ھئي ۽ ساڻس چٺي به ھئي، جيڪا جيئن جو تيئن ھيٺ پيش ڪجي ٿي ته جيئن رڪارڊ تي رھي.
    ”فوٽو ڪاپي وغيرھ جو ڳرو خرچ ڏھر صاحب برداشت ڪيو.

    محترم
    عبدالوھاب سھتو صاحب
    دعا سلام-
    فريئر صاحب سنڌ جي ڪمشنر (۱۸۵۱ع- ۱۸۵۹ع)، جي حڪم تي، سنڌي-الف بي جي رسم الخط تيار ٿي. بعد ۾ ليٿو تي ڪتاب به ڇپجڻ شروع ٿيا.
    ۱۰-۱۲ سال اڳ پنھل ڏھر حڪم ڪيو ته، برٽش لئبرري لنڊن مان ڀنڀي زميندار جي ڳالھ فوٽو گھرائي ڏي. ان وقت لاھور جو ھڪ دوست، اتي علمي ڪم سان موجود ھو. ان صاحب جاچ پڙتال ڪري ٻڌايو ته ذڪر ڪيل مواد کان علاوھ، ھڪ جلد ۾ ٻه ٻيا ڪتاب به آھن. ڏھر صاحب جي حڪم موجب، صاحب موصوف کي اي-ميل ڏنيم. ھو واپس آيو ته ٽپال ۾ لفافو موڪلي ڏنائين. محمد پنھل کي حسب حڪم ’ڀنڀو‘ موڪليو ويو. ٻيو مواد مون وٽ رھيو.
    چند ڏينھن اڳ، ڪنھن پني پرزي جي ڳولا ڪندي ’ڪتاب سوکڙي ڳالھين جي‘ ملي ويو. مون محسوس ڪيو ته، ھي ڪتاب/ مواد اوھان جي ڪم جو آھي، ڇو نه خدمت ۾ پيش ڪجي. ان ارادي سان ته شايد اوھان ھن کي نئين انداز ۾ آڻي ڇپرائي ڇڏيو ته بھتر.

    مخلص
    ۳۰/۰۸/۲۰۱۹ع“

    ڪتاب، سيپٽمبر ۱۸۶۵ع ڌاري جو ڇپيل ھيو. ليکڪ جو نالو، ٽائيٽل تي ته ڪيولرام لکيل ھيو، پر اندر وضاحت سان ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي لکيل ھيو. ساڳيي مصنف جا ٻه ڪتاب، گلشڪر (تصنيف ۱۸۶۸ع) ۽ گل (تصنيف ۱۸۷۱ع) سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آھن. گلشڪر ڪتاب پھاڪن ۽ چوڻين بابت آھي، جيڪو پھريون ڀيرو ۱۹۰۵ع ڌاري ڇپيو ھيو. جڏھن ته گل ۾ (جنھن جا پڻ ٻه حصا آھن؛ گل ۽ قند) نصيحت آموز ٽوٽڪا ۽ اصطلاح آيل آھن. جيئن ته راقم جو موضوع پڻ ساڳيو آھي. جنھن ڪري ڪتاب ڏانھن ڌيان اڃا وڌي ويو.
    ھن ڪتاب بابت اڳي ڪين ٻڌو ھيو. يا ڪٿي به ڪنھن ان ڪتاب بابت حوالو نه ڏنو ھيو. مصنف جي مٿي بيان ڪيل ٻنھي ڪتابن منجھ به ھن ڪتاب بابت ڪو اشارو آيل ڪو نه آھي.
    الھرکيو ٻٽ صاحب، جيڪو سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ ترتيب ڏئي، مھراڻ رسالي ۾ ڇپايو ھيو، تنھن جي چوٿين قسط ۾، آکاڻين وارن ڪتابن ۾ ھن ڪتاب جو نالو آھي. باقي ڪتاب اندر ڇا آھي، تنھن بابت ڪٿي به ڪو تذڪرو ڪو نه مليو.
    ڪتاب کي ورجائي ورجائي پڙھڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري، ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنگين ۾ ڏئي، پھاڪن ۽ چوڻين جي نشاندھي ڪري، محققن ۽ پھاڪن/ چوڻين جي شائقين لاءِ پيش ڪجي ٿو.
    اميد ته ھيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪارايتو ثابت ٿيندو.


    انجنيئر عبد الوھاب سھتو


    (پھرئين ڇاپي جو مھاڳ

    بسم الله الرحمان الرحيم

    ساراھيان سچو ڌڻي، پرٿويءَ پالڻھار،
    جوڙيو جنھن جھان جو، عجائب اسرار،
    پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، جنھن جڳت جو جنسار،
    لھي سار سڀن جي، عالَمَ جو آڌار.

    سڀوئي سنسار آڌار آھي ان جي.

    آڌار آھي ان جي، سارو سڀ جھان،
    مالڪ سو ملڪ جو، سوڀارو سلطان،
    رزق رسائي سڀ کي، سو رازق رحمان،
    پالي پکي ۽ پسون، جن، پري، انسان،
    سياڻن سار لھي، ڏڏن به ڏئي ڏان،
    آڌر ڏئي انڌن کي، منڊن ڏئي مان،
    ڳائي ڳڻ انھيءَ جا، ڪري ڪير بيان،
    ملائڪ ماندا وتن، ڇا آھي انسان.

    سونھارو سبحان، عالَمُ جنھن جي آسري.

    ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي سگھ سان اڀ کي ري-ٿنڀي-ٿوڻئين بيھاري، ڌرتيءَ کي پاڻيءَ تي پکيڙيو آھي. جنھن جي قدرت سان چنڊ ۽ سج، راتيان ڏينھان ھلي، ڌرتيءَ ۽ اڀ تي سوجھرو ڪن ٿا. جنھنجيءَ سگھ سان، ڏينھن ۽ رات، ھڪ ٻئي پٺيان ٿا ڊوڙن. جنھنجيءَ سگھ ليکڻ (قلم، پين) کي اھڙي ڪلّ ڏني آھي، جا ريءَ-ڄڀ، اھڙو ٿي ڪاڳر (پني/ ڪاغذ) تي ڳالھائي، جو پري پري ٿو سُڄي (ٻڌجي). جنھنجيءَ سگھ دل جي وھم کي اھڙو ٺاھ ڏنو آھي جو ريءَ-کنڀن اڏامي پل ۾ پري پري ٿو پھچي. جنھنجيءَ سگھ، پاڻيءَ جي ھڪڙي ڪني ڦڙي کي ڳڀيرڻ ۾ ويھاري، تنھن مان طرح طرح جا ماڻھو؛ ھڪڙا راجائون ھڪڙا وزير، ھڪڙا ساوا ھڪڙا سڃا، ھڪڙا سياڻا ھڪڙا اياڻا، ھڪڙا پڙھيا ھڪڙا ڏَڏَ، ھڪڙا چڱا ھڪڙا مٺا اپائي ٿي. تنھن جي وڏائيءَ جي لکڻ لاءِ جيڪڏھن ڪو سڄو سمنڊ مس ڪري ۽ سڀ وڻ راھ ليکڻ (قلم، پين) ڪري ۽ سڄي ڌرتي ڪاڳر ڪري، تڏھن پڻ ھن جي وڏائيءَ جو ڇِھُ نه لھي. تڏھن مون اڀري اياڻي، ٿوريءَ سمجھ واري جي ڇا دال ڳرندي جو ھن جي سگھ کي ساراھي سگھندس. پر پنھنجي ڄاتي آھر، گھڻي مان ٿورو، جھڙو ھنبار (ڍير، ديرو، کوڙ) مان ڪڻو چيو گھرجي. تنھن سگھاري جي اپايلن مان آ پڻ ھڪڙو ٻانھو، اڀرو اڄاڻ، ڪيولرام پٽ سلامت راءِ جو آڏواڻي حيدرآباد جو رھاڪو آھيان.

    ڪتاب جو سبب

    ھڪڙي وقت دل ۾ آيم ته جيڪر ڪو ننڍو وڏو ڪتاب جوڙي پوءِ پرھئين (پيڙھيءَ، آڪھ، خاندان) جي نالي رھڻ جو وسيلو ڪريان. جي توڻي ته (جيتوڻيڪ) ڄاڻان ٿو ته جيڪڏھن اھڙو ننڍو سادو ڪتاب فارسي يا ھندي زبان ۾ جوڙيان ته جوڙي سگھان. پر اھو اھڙو پڌرو ۽ پسند نه ٿيندو. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) اڄوڪي سمي ۾ سنڌ جي سرڪار کي سنڌي ٻولي ۽ اکر وڻندڙ آھن. سياڻا چوندا آھن؛ ”ڍارو پوي، سو داءُ، راجا ڪري سو نياءُ.“ يعني؛ ”راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.“ تنھنڪري ھن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪري، پنھنجي ٿوري سمجھ آھر، ڪي آکاڻيون ماڻھن ۽ پکين ۽ مرن جي ٻوليءَ جون چونڊي ھن ڪتاب ۾ لکيم. ڀانيان ٿو جو ھن جي پڙھڻ وارا اھي پڙھي منھنجي اياڻپ تي کلندا. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪتابن جي جوڙڻ وارا سڀ سرھا گل آھن، جھڙو جاءِ ۽ گلاب. تن ۾ آ ھڪڙو اڪ جي گل جھڙو آھيان ۽ ڪتابن جي پڙھڻ وارا ڀونئر، واس وٺندڙ آھن. تن کي ڪھڙي پر، اڪ جي گل جي بانس وڻندي. پر ڏٺو اٿم جو چيٽ مھيني ۾ ڀونئر، ڀلائي ڪري، اڪ جي گل جو پڻ واس وٺندو آھي. تنھنڪري مون کي پڻ سوس آھي جو پڙھندڙ ڀلائي ڪري ھيڪر ھن ڪتاب کي، مھربانيءَ جي اکين سان ڏسي، جيڪو منجھس ڀولو رولو ھوندو سو جوڙيندا. جيڪڏھن ڪتاب جي ڪچائيءَ کي ڏسي، مون تي توڻي ڪتاب تي کلندا. تڏھن به ڪس ڪا نه لڳنديم. ڀانئيندس جو پورھيو گھڻن جي کلي خوش ٿيڻ جو ٽول جوڙيم. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) سياڻا چوندا آھن؛ ”جنھن ڳالھ ۾ گھڻا خوش ٿين، سا چڱي.“

    ڪتاب جو احوال

    هي ڪتاب اھڙو چڱو نه ٿيو آھي، جنھن جي ساراھ ڪجي. پر ”نڪي ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي، نڪي ڪنھن کي عقل منجھايو آھي.“ سڀ ڪو پاڻ کي سھڻو ۽ سياڻو ڄاڻي. تنھن ريت آ پڻ پنھنجي ڪتاب کي چڱو ڄاڻان ٿو. تنھن ڪري ”ڳالھين جي سوکڙي“ نالو رکيو اٿمانس. ڀانيان ٿو پڙھڻ وارا اھو ڪتاب جو نالو ڏسي چٿرون ڪندا. پر ھيءَ ڳالھ پڌري آھي، جو ”پنھنجي ڌونئري کي، کٽو ڪو به نه چوي.“ اھو عذر، منھنجي اگلائيءَ کي (جو) بچاءُ ڪندو. تنھنڪري اميد اٿم جو ڪتاب پڙھڻ وارا ان ڏوھ کي اسراڻ (معاف، وساري) ڪندا.

    ڪتاب جي وِڳيتِ (فھرست)

    ھن ڪتاب ۾ ھڪڙي ھڪڙي ڏوھ ۽ صواب لاءِ ھڪڙو ھڪڙو باب ڌار ڪري سڀ ست باب ڪيا اٿم.

    تن جي وِڳيتِ (فھرست)

    ۱ پھريون باب، لالچ جي گلا جو، تنھن ۾ نو ڳالھيون.
    ۲ ٻيون باب، ڪوڙ جي گلا جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
    ۳ ٽيون باب، ماٺ جي ساراھ ۽ بڪ جي گلا جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
    ۴ چوٿون باب، بڇڙي ڪم ڪرڻ مان خرابي ٿيڻ جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
    ۵ پنجون باب، ري-استاد ڪم ڪرڻ مان خرابي ٿيڻ جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
    ۶ ڇھون باب، لچن سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽي جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.
    ۷ ستون باب، سياڻن جي سھڻن نقطن (نڪتن) جو، تنھن ۾ پنج ڳالھيون.


    پھريون باب: لالچ جي گلا جو

    ۱-۱ ڳالھ پھرين: پورھيت ۽ قاضيءَ جي

    ۱-۱ ڳالھ پھرين: پورھيت ۽ قاضيءَ جي

    پورھيت ھڪڙي، گھڻا پورھيا ڪري، سؤ روپين (جو) گڏ ڪيو ھو. ھڪڙي ڏينھن، پرڏيھ ڏي تيار ٿيو. اھي روپيا ڌراوت (امانت طور) رکڻ لاءِ، کڻي ھڪڙي ھٽائيءَ وٽ ويو. پر ھٽائيءَ ڌراوت رکڻ جي نھ ڪئي. ان ڳالھ جو پورھيت ۽ ھٽائيءَ جو پاڻ ۾ ڳچ سوڌو چؤٻولو ھليو. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڌراوت رکڻ لاءِ پورھيت ماندو (پريشان) ۽ ھٽائي ڀڄندڙ.
    ايتري ۾ ڳوٺ جي قاضيءَ جي ٻانھي دمڙيءَ جو تيل وٺڻ آئي. پر ھٽائيءَ ۽ پورھيت جي رڳڙي ڪري (سبب) ويرم (دير) لڳيس. تنھن کان قاضيءَ ويرم جو سانگو (سبب، بھانو) پڇئو. تنھن پورھيت ۽ ھٽائيءَ جي سؤ روپين ڌراوت جي ريڙھ پيڙھ جي ڳالھ ڪري سڻايس. قاضي اھا ڳالھ ٻڌي، ٺڳي دل ۾ رکي، دمڙي ٻي ان کي ڏني. تنھن، قاضيءَ جي چوڻ موجب، ٻئي ھٽ تان تيل وٺي، ان ھٽائيءَ جي تيل ۾ گڏي، ورائي ھٽائيءَ وٽ وڃي، چيائينس؛ جو تو ڀلجي تيل وڌيڪ وجھي ڏنو آھي. پر قاضيءَ کي پرائو وڌيڪ نه گھرجي. پنھنجو تيل لاھي وٺ. ھٽائيءَ تيل لاھي ڏنس. پورھيت اھا ڳالھ ٻڌي، قاضيءَ جي رڃ کي پاڻي ڄاڻي، ناڻو وٽس ڌراوت رکي ويندو رھيو.
    ٿورن ڏيھاڙن کان پوءِ وري اچي ڌراوت قاضيءَ کان گھريائين. قاضي، ڌراوت اَلي ويو. ويچاري کي ڌراوت جو ساکي (ساک پت، شاھد گواھ) ڪو نه ھو، تنھن ڪري قاضيءَ تي ڌراوت ورجائڻ (موٽائي وٺڻ) اھنجي (ڏکي) ڏسي ماٺ ڪري ڳوٺ ۾ وڃي ھڪڙي رن زال وٽ ٽڪيو. پر ارمان سان ڀرجي، ڏاڍا شوڪارا ٿي ڀريائين. اھو حال ڏسي، رنڙيءَ پڇيس. تنھن کان گھڻو گسايائين. پر نيٺ قاضيءَ واري ڳالھ سڄي ڪري ٻڌايائينس. تڏھن زال چيس ته جيڪڏھن مون کي پنج روپيا مِٺائيءَ جا باسين ته ڊُول (ڍونگ، ڊرامو) ڪري ڌراوت وٺي ڏيانءِ. پورھيت گھڻي خوشيءَ سان اھا ڳالھ باسي. جھڙيءَ ريت ڪو سوريءَ بدران ڪنڊو باسي.
    رن دل جاءِ ڪري، پورھيت کي متِ سيکاري، اُچا ڪپڙا ڍڪي، دٻلي ھڪڙي ننڍن پاھڻن سان ڀري، رومال ۾ ويڙھي، مُرڪو ڍڪي (منھن ڍڪي، برقعو پائي)، قاضيءَ جي گھر وئي. تنھن اُچا ڪپڙا ڏسي، ڀال ڀلائي پڇيس. رن ڊوھ ڪري چيو ته؛ امڪي (منھنجي) امير تي، راجا ڏُسڪيو (ڪاوڙيو) آھي. ڀانئجي ٿو ته متان گھر ڦرائيس. تنھنڪري سندس گھران جواھرن جي دٻلي ڌراوت (امانت طور) رکڻ لاءِ تو ڏي ڏني اٿن. قاضي، رن جي جَوَن کي ڪڻڪ ڄاڻي، خوش ٿيو. ايتري ۾ پورھيت اچي قاضيءَ کي سلام ڪيو. قاضيءَ پنھنجي سچائيءَ لکائڻ (ظاھر ڪرڻ) لاءِ، روپين جي ڳوٿري ان گھڙيءَ ڪڍي ڏنس. پورھيت، پنھنجو ويل مال ھٿ ڪري، خوش ٿي، ٻاھر نڪتو.
    واٽ تي دھل وڄندا ڏسي، جھمر ھڻڻ لڳو. ايتري ۾ زال پڻ قاضيءَ وٽ دٻلي ڇڏيندي، پورھيت وٽ اچي، دھلن تي نچڻ بيٺي. تيستائين قاضيءَ دٻلي پٽي، پاھڻ ڏسي، زال جي ٺڳيءَ تي تپرس کائي چوڻ لڳو؛ ”چورن مٿان مور پيا.“
    قاضي، ڊوڙي زال جي پويان پيو. ٻاھر نڪري ٻنھي کي نچندو ڏسي، پاڻ به نچڻ لڳو.
    ماڻھن ٽنھي کي نچندو ڏسي چيو؛ ”پرائي دھلين، احمق نچي.“
    اھا ڳالھ ٻڌي، پورھيت چيو ته؛ ”مون سؤ روپين (جو) وڃايل لڌو آھي، تنھن ڪري خوش ٿي ٿو نچان.“
    زال چيو ته؛ ”آ ٻه ٽي ڏوڪڙ ڏيھاڙي ڪمايان. اڄ پنج روپيا مليا اٿم، تڏھن ٿي جھمر ھڻان.“
    قاضيءَ چيو ته؛ ”ٻيا ڪتاب گھڻا پڙھيو ھيس، پر اڄ نئون سبق سکيو آھيان. تنھن ڪري ٿو نچان.“
    فقط حاصل ڳالھ جو؛ قاضيءَ دٻليءَ جي لالچ تي، سؤ روپين جو ھٿان ڇڏيو. ڏسو لالچ جا ڪم، جنھن قاضيءَ جو ڪھڙو حال ڪيو. سياڻا چوندا آھن جو؛
    ”ھڪڙي واءَ کان گھڻا ڪڪر ۽ ھڪڙي شينھن کان گھڻا مِرون، ھڪڙي مور کان گھڻا سپ ۽ ھڪڙي سيڱ (ڪمان) کان گھڻا ڪانءَ ڀڄن.“ تنھن ريت، ھڪڙي لوڀ کان، گھڻا ڳڻ ڀڄي وڃن.
    تنھنڪري تو کي جُڳائي جو جوفي (لالچ) جھڙيءَ بڇڙيءَ بلا کي دوس (دوش، ڪلھو) نه ڏي. ۽ اھڙي بلا کان پنھنجو پاڻ بچاءِ!

    بيت
    تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي ترار،
    ڦِٽيءَ ڦٽيا ڪيترا، ڪري ڪِني ڪارِ،
    ڏيئي چشَ چوڙنگ ڪري، مارئا ھن مردار،
    گُھٽي گھوٽن کي گھٽيءَ، ڌڙ ڪيائين ڌار،
    پنھنجو ساھ سنڀار، سِپَر ڏيئي سيل جي.


    ۱-۲ ڳالھ ٻي: فقير ۽ ٻن ڪتن جي

    ۱-۲ ڳالھ ٻي: فقير ۽ ٻن ڪتن جي

    فقير ھڪڙي ماني ويٺي کاڌي. اڳيانئس (سندس اڳيان) ڪتا ٻه، ھڪڙو ھيڻو ۽ ھڪڙو ڏاڍو، بيٺا ھوا. فقير، ماني ھڪڙي، ٻه اڌ ڪري، ھڪڙو ھڪڙي کي ۽ ٻيو ٻئي کي، اڇلائي ڏنا.
    ڪتي ڏاڍي، پاڻ وارو اڌ رکي، ھيڻي ڪتي جي اڌ ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙيو. پر ھيڻو ڪتو، ڀڄي ويس. تيستائين ٽيون ڪتو، ڏاڍي ڪتي وارو اڌ مانيءَ (جو) نڌڻڪو ڏسي، کڻي، ويندو رھيو.
    ڏاڍو ڪتو، وري (موٽي) اچي، پڙ پالھو ڏسي، ڦڪو ٿي چوڻ لڳو ته؛ ”سياڻن سچ چيو آھي ته، ’جيڪو اڌ کي ڇڏي سڄي پٺيءَ ڊوڙي، تنھن جو اڌ پڻ وڃي.‘.“
    فقط ڏسو لالچ جو حال. لالچ، بڇڙي آھي. جي ڏاڍو ڪتو، پرائي اڌ مانيءَ جي لالچ نه ڪري ته پنھنجو اڌ مانيءَ (جو) رھندو نه وڃائي. تنھنڪري لالچ ڪرڻ چڱي نه آھي. تو کي پڻ گھرجي جو؛ ”لالچ کان اھڙو ڀڄ، جھڙو ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.“

    بيت
    لالچ لچيءَ لوڪ ۾، گھڻا گھمايا،
    وجھي ڀولو ڀرم جو، ڀڙويءَ ڀلايا،
    ڏيئي چاٽي چش جي، رُليءَ رلايا،
    ڏيکاري رند ريب جو، موڙھي منجھايا،
    ڏسن ڏک ڏکيءَ جا، انڌا اجايا،
    پنھنجي ھٿان پاڻ ڪن، سوريءَ جا سعيا،
    آجا سي آيا، جن ٿُڪي ٿيلھي ڇڏي.


    ۱-۳ ڳالھ ٽين: بگھڙ ۽ گدڙ جي

    ۱-۳ ڳالھ ٽين: بگھڙ ۽ گدڙ جي

    مھاڻي ھڪڙي، مڇي ڦاسائڻ لاءِ، ڍنڍ ھڪڙيءَ ۾ رَڇُ (مڇين ڦاسائڻ لاءِ وڏو ڄار) ٽنگي. رَڇَ جي چوڌاري ڦڙتيون (ڪوڙڪيون) منڊي (اڏي) ڇڏيون ھيون ته متان ڪو ڪتو ٻلو رڇ مان مڇي ڪڍي. جي ڪڍي ته ڦاسي. ۽ پاڻ پري وڃي سمھي رھيو.
    اوچتو، ڄرڪو ھڪڙو، رڇ ۾ ڦاٿو. پر مھاڻي کي ننڊ وچئون، سُڌِ (خبر، ڄاڻ) ڪا نه رھي. سو ڄرڪو، گدڙ ھڪڙي ڏٺو. پر ڦڙتين (ڪوڙڪين) جي ڊپ کان ڪڍي نه سگھيو. ۽ ڄرڪي جي کائڻ جو ارمان، دل ۾ پائي جھنگ ڏي ڊوڙيو.
    اوچتو بگھڙ ھڪڙي، گدڙ کي ڊوڙندو ۽ سھڪندو ڏسي پڇيو. تنھن کي گدڙ چيو؛ جو اسان جي ذات جو پريو مڙس مري ويو آھي ۽ ذات وارا پريي مڙس جي پڳ ٻڌڻ لاءِ مون کي ٿا چون، پر مون کي نه ٿي وڻي. تنھن ڪري ڀڄي آيو آھيان. بگھڙ اھا ڳالھ ٻڌي چيس ته، گدڙ اياڻا! پَرَ-مڙسيءَ جي پڳ ٻڌڻ چڱي آھي، جنھن ۾ پنھنجي ڀائر وٽ مڃتا ۽ چڱي مَٺَي وٽ مانُ مُھت (عزت افزائي) ٿيندو. ۽ يارن جي سرھائي ۽ وزيرن جي ارھائي آھي. تنھن ڪري ھن ھاج (ڪم) کان متان گسين (ھٿان وڃائين).
    تڏھن گدڙ چيس؛ مون کان ھي اجايو بار کنيو نه ٿو ٿيئي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) سياڻا چوندا آھن؛ واھ غريبي واھ. وڏو چوائڻ وڏو ڏک پائڻ، ڇُٽيءَ ڳئيءَ ۾ اڪُ ڏھائڻ. تنھن ڪري آ نه ٿو گھران. جي تو کي وڻي ٿي ته ھلي ٻڌ.
    بگھڙ اڄاڻ، گدڙ جي ٺڳيءَ تي وسھي ساڻس گڏجي ھليو.
    جھڙي ريت پھاڪو آھي؛ ”ڪاڻي وسوڙي، چي؛ مڙسم ويو اک کي.“
    گدڙ ڄاڻي ٻجھي، جاتي ڄرڪو رڇ ۾ ڏٺو ھو، بگھڙ کي ساڻ ڪري اتاھون لنگھيو. مڇي ڏسي، بگھڙ کي چيائين؛ جو مڇي جو سوڻ ڀلو ٿيو آھي، سا ڪڍي کائي ھلجي ته چڱو.
    بگھڙ ويچاري کي ڦڙتين جي سُڌِ ڪا نه ھئي، تنھن ڪري گدڙ جي ڳالھ تي لڳي ٺھ ڦھ ڊوڙي ڄرڪي کي ھٿ وڌائين ته ڄرڪو اچي ٻاھر پيو. سندس ھر ھالا منھن ڪالا، ڦڙتيءَ ۾ ڦاسي پيو. تيستائين گدڙ ڄرڪو کڻي پري وڃي کائڻ لڳو.
    ھيڏي مھاڻي، کڙڪي تي جاڳي، بگھڙ ڦاٿل ۽ ڄرڪو گدڙ جي وات ۾ ڏسي، ڪاوڙجي، بگھڙ کي ڏاڍي مار ڏني. تڏھن بگھڙ دانھن ڪري گدڙ کي چيو ته، مون کي ٻوھي (جنجل) ۾ وجھيپاڻ ڄرڪو کڻي ڀڳو ٿو وڃين. تنھن کي گدڙ چيو؛ ”اھا مار سُوَڻ ڳنڍاڻيءَ جي کائين ٿو. اڃا پڳ ٻڌاڻيءَ جي پري آھي. پَرَ-مڙسيءَ جي پڳ جي سُٿري (سولي، آسان) ھئي ته جيڪر مون ڇو نه ٻڌي.“
    ڏسو لالچ جو گھاٽو، جو بگھڙ پاتو. جي بگھڙ لوڀ نه ڪري ته پنھنجي ڇٽل جند (جان) ڦاسائي، مار ڇو کائي.
    تنھن ڪري، لالچ بڇڙي آھي. ڳڻي ڏسو؛ جو پکي اڀ مان داڻي جي لالچ تي ڦاھيءَ ۾ ٿو ڦاسي ۽ مڇي درياھ مان ڳاھ جي لالچ ساڻ ڄار ۾ ٿي اَڙي (ڦاسي).
    تنھن ڪري ھن ڏُوَار (بيماري) جي ٻُڪي (دوا، ستي) ھيءَ اٿئي جو لالچ نه ڪر. سياڻا چوندا آھن؛ ”جوفو، سڀن پاپن جي پاڙ.“

    بيت
    لالچ لُنڊيءَ رن مان، ڀؤ اٿي ڀولو،
    گھُٽيءَ گھڻا گھايا، رن وجھي رولو،
    ڦِٽِيءَ ڦيرايا گھڻا، جيئن کھٻڻ (گليل) گلولو،
    آ جو سندس آسري، گولن جو گولو،
    ان جو ڇڏ اولو، ته سدا رھين سرھو.


    ۱-۴ ڳالھ چوٿين: لوڪڙي ۽ اٺ جي

    ۱-۴ ڳالھ چوٿين: لوڪڙي ۽ اٺ جي

    لوڪڙي ھڪڙي، سھي جي شڪار لاءِ، گھڻو رُلي. پر ھٿ ڪو نه لڳس. گھمندي ڦرندي، اوچتو اٺ ھڪڙو ويٺل جھنگ ۾ پسي، پنھنجي اڄاڻائيءَ کان، سرھي ٿي ڀانيائين؛ ”شڪار وڏو آھي، منجھانئس گھڻن ڏيھاڙن جو ڍءُ ٿيندو.“ ان لالچ سان پنھنجو پڇ، اٺ جي پڇ سان ٻڌي، پنھنجي ڏر تي گھلي نِيڻ (پڄائڻ) لاءِ ڇڪيائين.
    اٺ، پڇ جي ڇڪ اچڻ سان، اٿي کڙو ٿيو. لونبڙي، قد جي ننڍائيءَ کان، لڙڪڻ لڳي.
    گھمندي، ٻي لونبڙيءَ، سندس حال ڏسي، پڇيو ته، ادي ڇو ٿي لڙڪين؟
    جواب ڏنائينس؛ ”بس ادي! ڏاڍي سان ڳئي اڙائي اٿم.“
    نيٺ، لونبڙي لالچ جي مارئي، اتي لڙڪي ساھ ڏنو.
    لالچ جو ڇيئو (نقصان)، لوڪڙيءَ پاتو سو ٻڌي جي ڀڙوي اھڙي لالچ نه ڪري ته پنھنجي پراڻي جند ڇو وڃائي.
    تنھنڪري سياڻن کي لالچ ڪين وڻي. لالچ کي فارسيءَ ۾ طمع چوندا آھن. جنھن ۾ (آھن) ٽي اکر؛ ط، م ۽ ع. سي ٽيئي ٺلھا، ري نقطن آھن. تنھن جو مطلب ھي آھي؛ لالچ وارو پڻ ٺلھو رھندو. تنھن ۾ تو کي جڳائي؛ ھنن سڀني ڳالھين کي ڏسي، لالچ کان ڊڄ ۽ ڀڄ.

    بيت
    جوفي جھڙي جوءِ کان، پري ڪر پاسو،
    گھڻا رن رلايا، ورتس جن واسو،
    سڙيا ساڻس ڪيترا، سمجھي سو باسو،
    مٿو ھنيائون مڻ کي، ملين نه ماسو،
    ڪڻو جي ڪاسو، ڀلو اٿئي ڀرم جو.


    ۱-۵ ڳالھ پنجين: سرڻين جي

    ۱-۵ ڳالھ پنجين: سرڻين جي

    سرڻ ھڪڙي، ڇيڇڙو چنبن ۾ کڻي، ٿي اڏاڻي. تنھن کي ڏسي ٻيون سرڻيون، ڇيڇڙو ڇڏائڻ لاءِ پٺس (پٺيانئس) لڳيون. جيترو ڪيترو سرڻ ويچاري پنھنجي بچڻ لاءِ ڀڳي پر ڇٽي نه سگھي. تڏھن ورچي (بيزار ٿي) ڇيڇڙو کڻي ھٿن مان ڇڏيائين. تنھن کي ڏسي سرڻيون اوڏانھن ڊوڙيون. پاڻ سکي ٿي ھلندي رھي.
    مراد ڳالھ جي؛ جاسين جوفي جو ڇيڇڙو تنھن جي ھٿ ۾ ھوندو تاسين ٻين جي چنبي بجي کان ڪين ڇٽندين.
    تنھنڪري تو کي جڳائي؛ سياڻن جي ميڇن (اشارن) کي ڌيان ۾ رکي، جوفي کي ڇيڇڙي گھاءِ (وانگر) ڇڏ.

    بيت
    جوفي جھڙي جوءِ کي، جتي ھڻي ڪر جاءِ،
    رنڙي ري-جاءِ کي، موران منھن نه لاءِ،
    ندوريءَ جي نينھن کان، پنھنجو پاڻ بچاءِ،
    محبت لڳ مُٺيءَ سان، اکيون ڪين اڙاءِ،
    سپريان جي ساءِ، رتو وتين رنگ ۾.


    ۱-۶ ڳالھ ڇھين: پڃاري ۽ بٺاري جي

    ۱-۶ ڳالھ ڇھين: پڃاري ۽ بٺاري جي

    ٻه ڄڻا؛ ھڪڙو پڃارو ٻيو بٺارو، گڏجي واٽ وٺي ٿي ويا. اوچتو واٽ تي ھڪڙي نُسري سون جي، گھڻو ڳري، ڏٺائون. جا ٻن ڄڻن جي کڻڻ کان ٻاھر ھئي. سا کڻي نه سگھيا. تڏھن ٻنھي ڄڻن پاڻ ۾ پھ ڪري بٺارو نُسريءَ جي واھپ لاءِ ويٺو ۽ پڃارو بٺاري جي کاڄ ۽ سون وڍڻ جي ڪھاڙي آڻڻ لاءِ ڳوٺ ڏي ويو.
    پڃارو ڳوٺ ۾ وڃي، پاڻ کاڄ کائي، بٺاري لاءِ کاڄ ۾ وِھُ (زھر) گڏي (ملائي)، ڪھاڙو ڳنھي (وٺي، خريد ڪري) آيو. ھيءَ رٿ ڪيائين ته بٺارو کاڄ کائي مرندو ته سون سڄو کيس ھٿ لڳندو.
    پر ڌڻي دلين جو مالڪ آھي. جنھن ھِن کي سيکاريو، سو ھُن کي پڻ سيکاري ويو.
    ھيڏي بٺاري ڪھاڙو پڃاري جي ھٿ مان وٺي پڃاري کي ھڻي، ماري دل ۾ پھ ڪيائين ته کاڄ کائي دلجاءِ ڪري، سون ٽڪر ڪري، کڻي گھر وڃي. ھن ريت ھو پڻ وھُ-گڏيل-کاڄ کائي، مئو. سون جاتي جو تاتي رھيو.
    جوفائين (لالچين) جو حال اھو آھي جو بٺاري ۽ پڃاري جو ٿيو. جي ٻئي ليڙ-پئي اجايو جوفو (لالچ) نه ڪن ته ڇا لاءِ ھڪ ٻئي جي ھٿان ناس ٿين.
    تنھنڪري جوفو بڇڙو آھي. تو کي گھرجي جو مور نه ڪر. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) سياڻا چوندا آھن؛ ”جوفو مارائيندڙ آھي.“

    بيت
    چڱا چڱو نه چون، جوفي کي جائي،
    طمع مان ترت، ٿئي نِلي نِلائي،
    مڇي ھٿان ميي جي، طمع تاڻائي،
    پکي پوي پڃري، لالچ جي لائي،
    سِپئي سانگي بوند جي، ڇاتي ڇيڪائي،
    لالچ لڳ ليو ڪري، ٻانھيءَ جو ٻائي،
    ڇاڻي وجھ ڇائي، جوفي کي جھان ۾.
    (جوفي؛ جوفو، لالچ. ۲. طمع؛ سڌ. ۳. نلي؛ نجي. ۴. نِلائي؛ نلو، تُتو، سڃ. ۵. ميي؛ مھاڻي، ميربحر. ۶. سِپئي؛ سِپَ. ۷. ڇيڪائي؛ چيرائي. ۸. ٻائي؛ اميراڻي عورت، شھزادي، بادشاھ جي ڌيءَ. ڇائي؛ ڌوڙ)


    ۱-۷ ڳالھ ستين: ٻن ٻلن جي

    ۱-۷ ڳالھ ستين: ٻن ٻلن جي

    ھڪڙيءَ ٻڍيءَ زال جي گھر ۾ ڀوري نالي ٻلي رھندي ھئي ۽ ٻڍيءَ جا رکا سڪا ٽڪر ٽيرا کائي گذران ڪندي ھئي ۽ گھر کان ٻاھر ڪين نڪرندي ھئي. تنھنڪري سدا ڏٻري ھئي. تنھن کي جيڪڏھن ٻيون ٻليون ٻاھر اندر اچڻ وڃڻ ۽ ڇيڇڙن ڇلرن جي کائڻ پيئڻ جي ڳالھ ٻولھ ڪنديون ھيون ته انھن کي ھيئن ورندي ڏيندي ھئي.

    بيت
    لسي لڄ شرم جي، توڙي ڇڙي ڇاھ،
    رڳي رٻ ڀرم جي، پيئڻ پنھنجي آھ،
    پرائي پلاءَ کان، سينو پري ساھ،
    ڦوڪي ڏجي باھ، سھمن جي سيري کي.

    ڀوري ويچاري، اھا ڳالھ ڳنڍ ٻڌي، ٻڍيءَ جي گھر ۾ ڏکيا توڙي سکيا ڏھاڙا لنگھائيندي ھئي.
    ھڪڙي ڏيھاڙي، گھر جي کڏَ (ڇت) تي چڙھي ھيڏي ھوڏي ٿي ڏٺائين ته گوريءَ نالي ٻلي، گھڻو ٿلھي، اتي آئي. تنھن کان ڀوريءَ، ٿلھي ٿيڻ جي واٽ پڇي. گوريءَ چيو؛ ”فلاڻي بادشاھ جي کاڻانڍي (بورچيخاني) ۾ ڏيھاڙي وڃي اوبر سوبر، طرح طرح جي، کائيندي آھيان. تنھن ڪري ٿلھي ٿي آھيان.“ ڀوريءَ کي اھا ڳالھ ٻڌي، بادشاھ جي رنڌڻي ۾ وڃي ۽ اوبرن سوبرن جي کائڻ تي دل سرڪي.
    اھا ڳالھ پنھنجي ڌياڻيءَ (مالڪياڻي) کي ٻڌايائين. تنھن ورندي ڏنيس؛ ”پرائي بنگلي جي سوس تي پنھنجو مَنَھُ ڇڏڻ ۽ پرائي پلاءَ جي آسري پنھنجي رٻ ھارڻ؛ سياڻپ نه آھي. تھان (تنھن کان) سواءِ بادشاھن جي کاڻانڍن ۾ طرح طرح جا راکا (رکوال، چوڪيدار) رھندا آھن. تنھن ڪري تو کي اتي پھچڻ ۽ اھڙن ھّلَ-بکيڙن مان ڳپل (چڱو خاصو) ھٿ آڻڻ، اھڙو اھنجو آھي جھڙو ميھي کي اڀ تي اڏامڻ. ۽ ٻڌو ھوندئي جو سياڻا چوندا آھن؛ ’حرص جي اک کي قناعت ڀري يا ڳور (قبر) جي مٽي‘. تنھن ڪري تو کي گھرجي جو گھر جي بي-ڀئي (بنا ڀؤ جي، بنا ڊپ جي) جائي مسي ٽڪر تي قناعت ڪري ڀوَ گاڏڙ چُورمن ڏي مَ نھار.“
    پر ٻليءَ کي زال جي مت دل سان نه لڳي. نيٺ ھڪڙي ڏيھاڙي، گوريءَ سان گڏجي، بادشاھ جي رنڌڻي ڏي ھلي وئي.
    پر تنھن کان اڳي، ھڪڙي ڏيھاڙي، بادشاھ جي کائڻ مھل، ٻلن وڙھي بادشاھ جو کاڄ وڃايو ھو. تنھن ڪري راجا حڪم ڏنو ھو؛ ”کاڄ مھل جيڪا ٻلي اچي، تنھن کي ڪتن کان مارائي ڇڏجو.“ تنھن موجب، کاڄ جا راکا، ڪتا وٺي، واٽ تي بيٺا ھيا. ايتري ۾ ھي ٻليون اتاھون لنگھيون. تن کي ڏسي، راکن ڪتا ڇڏيا. پر گوري ٻلي متاري ھئي، سا ڀڄي پاڻُ بچائي ويئي ۽ ڀوري کاڄ جي لالچ تي پاڻ ڪتن جو کاڄ ٿي. جھڙيءَ طرح؛ ”باشو ڊوڙيو تتر ڏي، مٿان پيس عقاب، مڇي ڳولي ڳاھ کي، ڪسي ٿئي ڪباب.“
    لالچ جو حال اھو آھي، جو (جيڪو) ڀوريءَ ٻليءَ جو ٿيو. جي ڀڙوي، ٻڍيءَ جي سادي سودي ٽڪر تي ويھي، بادشاھ جي حلون ۽ چورمن جي طمع نه ڪري ته ڇو اجايو پنھنجو ساھ وڃائي، ڪتن-ھاب ٿئي. تنھنڪري ڀانئجي ٿو؛ ”لالچ سڀ کان بڇڙو ڪم آھي.“

    بيت
    جوفي منجھان جس، ڪڏھن ڪنھن کي نه ٿئي،
    طمع سندو تس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.


    ۱-۸ ڳالھ اٺين: شينھن ۽ گدڙ جي

    ۱-۸ ڳالھ اٺين: شينھن ۽ گدڙ جي

    ھڪڙي جھنگ ۾ شينھن ٻه، پاڻ ۾ وڙھيا. چنبن سان ھڻي ھڪ ٻئي کي رتورت ڪيائون. گدڙ ھڪڙو لالچ جو ماريو، شينھن کي رتَ-ڇاڻ ڏسي، اتي اچي سندن رتُ چٽڻ لڳو. ھيءَ ڳالھ پڌري آھي؛ ”سانن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.“ اوچتو ھڪڙو بُجو، گدڙ کي لڳو، جنھنڪري ڦوسيءَ وانگي ساھ نڪري ويس. جھڙي ريت؛ ”آئي سڱن کي، پر ڪن به وڍائي ويئي.“
    سياڻا چوندا آھن؛ ”لالچ کي پنج آڱريون آھن. ڪم مھل ٻه آڱريون اکين تي رکي، انڌو ڪري ۽ ٻه آڱريون ڪنن کي ڏيئي ٻوڙو ڪري ۽ ھڪڙي وات تي رکي گونگو ڪري، نه-ڪرڻ-وارا-ڪم ڪرائي.“
    (ور) نا ته گدڙ کي اکيون وات ۽ ڪن ھيا پر جوفي لڳي، انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو ٿي، پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي، ري-کُٽِيءَ مئو. تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو؛ ”لالچ جھڙي ڇَپيري ٻليءَ کي بڇڙو ڄاڻي، ڳرانس (کانئس) اھڙو پاسو ڪر، جھڙو پاپي ڪري ڌرم کان ۽ ڌرمي ڪري پاپ کان.“

    بيت
    لالچ جھڙي لچ کي، ڦيري ڏي ڦاھي،
    جوفي منجھان جيءَ کي، جوکو ئي آھي،
    طمع جي تنوار جو، ڊول ڇڏج ڊاھي،
    لالچ کي لاھي، جُتي ھڻ جھانَ ۾.

    ۱-۹ ڳالھ نائين: گدڙ ۽ لوڪڙي جي.
    گدڙ ھڪڙو بکايو، قُوتَ جي ڳولا ڪاڻ جھنگ ۾ رليو. گھڻي ڳولا کان پوءِ، اوجھري ٻڪر جي، جا بگھڙ ھڪڙي اوباري ھئي، ڏٺائين. جيتوڙي (جيتوڻيڪ) اوجھري پاروٿي ھئي، پر؛ ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ سياڻن جو چوڻ آھي؛

    بيت
    بکيي کي بصر سان، روٽي رکيائي،
    سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي.
    گدڙ، اوجھريءَ کي چڱو ٽول ڄاڻي، کڻي ھليو. واٽ تي ڦيڪاري (ڦشري-خور) ھڪڙي اچي مليس. ٻئي گڏجي، اوچتو فقير ھڪڙي جي اوتاري وٽان لنگھيا، جاتي فقير جا ڪڪڙ گھڻا ٿي چڳيا. پر فقير کي دوا لاءِ گدڙ جو پتو گھربو ھيو، تنھنڪري گدڙ جي ڦاسڻ ڪاڻ اوتاري جي چوڌاري ڦڙتيون منڊي (ڪوڙڪيون ھڻي) ڇڏيون ھيائين. ھيڏي گدڙ کي، فقير جا ڪڪڙ ڏسي، وات پاڻي ٿيو. ڀانيائين ته اوجھري اتي رکي، ڪڪڙ ھڪڙو وٺي. تنھن کي ڦيڪاريءَ چيو؛ ”ھن طرح سادو سودو کاڄ ھٿان ڇڏي، اُوچي جي پٺيان ڊوڙڻ سياڻپ جو ڪم نه آھي ۽ ھن ريت پراون ڪکن ۾ اک رکڻ، پنھنجي جثي ڪاڻ جوکو وھائڻ آھي.“ ڏاها چوندا آھن؛

    بيت
    سڪو ٽڪر ساءَ جو، چڱو ۽ چوکو،
    لعنت ان لپيءَ کي، جنھن ۾ جيءَ-جوکو.

    پر گدڙ کي لوڀ، انڌو گونگو ٻوڙو ڪري ڇڏيو ھئو. تنھن ڪري ڦيڪاريءَ جي سمجھاڻي، اھڙي سنديس دل تي بيٺي، جھڙو پاڻيءَ تي ليڪو. ۽ قبي (گنبد) تي کينھون (بال). نيٺ اوجھري ڇڏي، ڪڪڙ جو لوڀ ڪري، اوتاري ڏي ھليو. ويندي سان ڦڙتيءَ ۾ ڦاٿو. ڪڪڙ ھٿ اچڻ بدران، فقير جھلي، پتي ڪڍڻ لاءِ، پيٽ ڦاڙيس. ڦيڪاري ھيءُ حال ڏسي، کلي چوڻ لڳي ته؛ ”جاتي لوڀي ھجي، تاتي ٺوڳي بک نه مري.“ جي گدڙ لوڀ نه ڪري ھا ته فقير ٺڳ ھٿان ڇو پيٽ ڦاڙائي ھا. ڏسو لالچ جو ڪم، جنھن گدڙ جو پيٽ ڦاڙايو. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ لوڀ بڇڙو آھي. جيڪو ساڻس وھنوار رکندو، تنھن جو حال گدڙ جھڙو ٿيندو. تنھن ۾ تو کي گھرجي، جو طمع جھڙي ڪني رن کي طلاق ڏي، ۽ پاڻ کي آجو (آزاد) رک. جي منھنجيون ڳالھيون ٻڌي پاڻ کي لوڀ کان بچائيندين ته سدائين سکي رھندين ۽ گھڻو مانُ لھندين.

    بيت
    جن ڪڍيو جان مان، طمع کي تاڻي،
    لعنت ھڻي لوڀ کي، ڇڏيائون ڇاڻي،
    انھن کي آڻي، ھوت ويھاري ھنج ۾.


    ٻيون باب: ڪوڙ جي گلا جو

    ۲-۱ ڳالھ پھرين: شخص ھڪڙي جي چور کان ڦُرجڻ جي

    شخص ھڪڙي، اڌ رات جو پنھنجي گھر ۾ پيھي، دانھن ڪري چيو؛ ”گھوڙا! چور ڙي چور.“
    اھا دانھن ٻڌي، پاڙيوارا ماڻھو اچي گڏ ٿيا.
    تڏھن چيائين؛ ”چرچا ٿي ڪيم.“
    تنھن ڪري سڀ ڪو وڃي گھر ويٺو.
    ٿورن ڏيھاڙن کان پوءِ ھڪڙي رات، چور سندس گھر ڦُرڻ لڳا. تڏھن چور چور ڪري ٻاڪاريائين. جيتوڻيڪ اھا ٻاڪار، گھڻن ٻڌي. پر سڀڪنھن ڄاتو؛ ’ھيءُ اڳي پڻ اھڙا چرچا ڪندو آھي.‘ تنھن ڪري ويجھو ڪو نه آيس. چور دلجاءِ ڪري، ڦُري ويندا رھيا.
    ڏسو ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڇيئو. جيڪو ھيڪر ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ پڌرو ٿئي، تنھن جي سچي ڳالھ تي پڻ ڪو نه وسھي. تنھنڪري ڪوڙ ڳالھائڻ ڏاڍو بڇڙو آھي.
    سياڻا چوندا آھن؛ ”ڪوڙ ايمان جي ڪتر آھي.“
    تنھن ۾ جي تو کي ايمان جو بچاءُ گھرجي، ڪوڙ کان اھڙو پاسو ڪر، جھڙو چور ڪري پرڀات کان.

    بيت
    جنھن جي ھيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي،
    تنھن تي ٻيھار، سچي ساک نه وسھان.


    ۲-۲ ڳالھ ٻي؛ زال جنھن ڪوڙو مڙس قبول نه ڪيو

    ۲-۲ ڳالھ ٻي؛ زال جنھن ڪوڙو مڙس قبول نه ڪيو

    زال ھڪڙي، ڪنھن ڳوٺ ۾ مڙس ھڪڙو سھڻو ڏسي، ساڻس پرڻجڻ جي دل ڪئي. پر مڙس جي دل پرڻجڻ تي نه ھئي. جيترو زال سعيو ڪيو، تيترو مڙس نه مڃيو. سياڻا چوندا آھن؛ ”دل کوٽي، عذر گھڻا.“
    نيٺ زال جڏھن مڙس کي پائي (تپائي) کنيو، تڏھن مڙس داءُ گسائڻ لاءِ چيو؛ ”آ چور آھيان.“
    زال، چورُپَڻ قبول ڪيو.
    تڏھن مڙس جوئا، حرام، شراب ۽ ٻيا طرح طرح جا عيب، پنھنجي نالي چيا.
    زال انھن سڀني عيبن سوڌو، ساڻس پرڻجڻ باسيو.
    تڏھن مڙس چيو؛ ”ڪوڙ پڻ ڳالھائيندو آھيان.“
    اھا ڳالھ ٻڌندي، زال چيو؛ ”ڪوڙي مڙس جي سھاڳ کان رناپڻ جو ڏھاڳ چڱو.“
    ڏسو ڪوڙ جو مانُ! جو زال مڙس جا ٻيا عيب سڀ باسيا، رڳي ڪوڙ کان ڀڳي. تنھنڪري ڪوڙ بڇڙو آھي. تو کي گھرجي جو ڪوڙ سان وھنوار نه رک. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ماڻھوءَ جو سڄو بت ۽ ماس حرام ۽ رڳي ڄڀ حلال آھي. پر ڪوڙ ڳالھائڻ سان ڄڀ پڻ حرام ٿيو پوي. سو حرام وات ۾ رکڻ نه گھرجي.
    مراد ھيءَ آھي؛ ”ڪوڙ نه ڳالھائڻ گھرجي.“

    بيت
    ڪوڙايون ڪوڙو ڪري، سڙيو ڪري نه سچ،
    سوني جو سودو ڇڏي، ڪوڙ وِھائي ڪچ،
    ٻريو ٻاري پاڻ لاءِ، ملامت جو مچ،
    پِرائي ٿو پَچُ، لعنت سندو لوڪ ۾.


    ۲-۳ ڳالھ ٽين؛ ٻار جي، جنھن ڪوڙي جي گھر بُبو نه پيتو

    ۲-۳ ڳالھ ٽين؛ ٻار جي، جنھن ڪوڙي جي گھر بُبو نه پيتو

    مڙس ھڪڙو، ڪنھن ولايت ۾ ويو، جاتي ماڻھو ڏاڍي سيل ۽ سچائيءَ وارا ھئا. اتي ڪو ڊول شول (نمونو شمونو) ڪري، ھڪڙي زال سان پرڻيو. ٿوري گھڻي ڏھاڙي، ان زال مان پٽ ڄائس. ھڪڙي ڏھاڙي، اھا زال، ٻار کير-ڌائڪ کي پينگھي ۾ سمھاري، مڙس کي پارت ڪري، پاڻ ڪنھن ڪم لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي.
    پر اتي ويرم، ڳچ جھڙي، لڳيس. ايتري ۾ ڇوڪر بک کان جاگي روئڻ لڳو. تنھن کي پڻس ٺَڳائڻ لاءِ ٻه ٽي ڀيرا چيو؛ ”ماٺ ڪر! اجھا ماءُ آيئي.“ ان ريت ڇوڪر کي مِھَائڻ (پرچائڻ، ڀنڀلائڻ) لاءِ ڪوڙ ڪري گھڻا ڀرڪا (ڀيرا، دفعا) ماڻس جي اچڻ جو دلاسو ڏنائين، پر ڇوڪر ماٺ نه ڪئي.
    ڳچ ويرم کان پوءِ زال گھر ۾ اچي پٽ کي ببو پيارڻ ويٺي، پر ڇوڪر ببو نه ڌاتو ۽ ڌڻيءَ جي قدرت سان اھو ٻار، کير-ڌائڪ، ڳالاڻو (گفتو) چيائين؛ ”ماڻم (منھنجي امڙ) جي اچڻ ۾ ويرم (دير) ھئي ۽ پڻم ڪوڙ ڪري سندس اچڻ جا دلاسا مون کي ٿي ڏنا، تنھنڪري اھڙي ڪوڙي جي گھر ۾ ببو ڪين ڌائيندس.“ اھا ڳالھ ٻڌي اھا زال پڻ مڙسس کان وِرتي (بيزار ٿي). نيٺ ڳوٺ جي سکرن (پريا مڙس، چڱا مٺا) گڏجي ان ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڏوھ مڙس تي ورجائي (ھڻي) زال جي پچر ڇڏايائونس.
    ڏسو ڪوڙ ڳالھائڻ جو رنگ جو ويچاري ريءَ-ڄاتي رڳي ٻار جي مھائڻ لاءِ ٿورو ڪوڙ ڳالھايو، تنھن جو حال اھو ٿيو، جو زال پٽ سوڌي وڃائي ويٺو. تڏھن ڳڻي ڏسو ته جو ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪندو، تنھن جو ڪھڙو حال ٿيندو.
    تنھن ۾ تو کي جڳائي جو ڪوڙ کي برو ڄاڻ. پھچي سگھئي ته سپني ۾ پڻ، ڪوڙ نه ڳالھاءِ. چڱن چيو آھي؛ ”سچ سون ۽ ڪوڙ ٽامون آھي.“ جي ٿورو ئي ٽامون، سون ۾ گڏجي ته سڀ سون مَٺو ليکجي. تھڙي ريت ڪوڙ ٿورو پڻ، گھڻي سچ کي ڪوڙو ڪري. جھڙيءَ طرح سنباڻ جو ڦڙو، کير جي چاڏيءَ کي کٽو ڪري. تنھن ۾ تو کي واجب آھي ته پنھنجي سچ جي گھر کي، ڪوڙ جي باھ کان بچاءِ! سو ڪو ته (جڏھن ته) باھ ٿوري به ساڙ گھڻو ڪري. منھنجو چوڻ مڃيندين ته واھ، نه ته کلارو ٿيندين.

    بيت
    سڙيو سچائي ڇڏي، ڪوڙو ڪري ڪوڙ،
    مُٺو ان مرم ۾، موڳو ڇو نه مري،
    کريو کنڊ ڦٽي ڪيو، وِھُ ۾ وات ڀري،
    ڇڏي سونو سچ، جو ڪنجھو ڪوڙ ڌري،
    ٽريو ڪين ٽري، گڏھ ان گوھيءَ کان.


    ۲-۴ ڳالھ چوٿين؛ مريد ۽ پير جي

    ۲-۴ ڳالھ چوٿين؛ مريد ۽ پير جي

    مريد ھڪڙي، پنھنجي پير جي چاڪري گھڻي ڪئي ھئي. ھڪڙي ڏينھن پير مٿس راضي ٿي چيس؛ ”گھر! جيڪي گھرڻو اٿئي.“
    مريد ھٿ ٻڌي چيو؛ ”ڌڻيءَ جي گھر سوال ڪري، ڏوھ اُسراڻ (معاف) ڪرائي ڏي.“
    پير، ڌڻيءَ جي در سوال ڪري، جواب لھي، مريد کي چيو؛ ”ڌڻيءَ وٽان ٻيا ڏوھ سندءِ سڀ اسراڻ ٿيا، باقي ھڪڙي ڏيھاڙي پينار تنھنجي در سين ھنئي، ان مھل واندو ويٺو ھئين، پر ڪوڙ ڪري پينار کي چيئي؛ ’ھٿ واندو نه آھي، پِنَ ڪين ملندئي.‘ پينار ٺلھو (سکڻو) وري (موٽي) ويو. اھو ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڏوھ اسراڻ نه ٿيندو. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪوڙ جھڙو پاپ ۽ سچ جھڙو ڌرم ڪو نه آھي.“
    ڏسو، ڪوڙ جو حال، جو ڌڻيءَ جي درٻار ۾ ڪھڙو اڻ وڻندڙ آھي. تنھن ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ، پاڻ کي ڌڻيءَ اڳيان ڏوھاري ڪرڻ آھي. ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ چڱو آھي.
    سياڻن جو چوڻ آھي؛ ”ڪوڙ جو مُسلو ڪوڙ، ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.“

    بيت
    ڪوڙ ڪري، ڪوڙي کي ڦڪو،
    ڪوڙ ڏئي، ڪوڙي کي ڌڪو.
    ڪوڙ پٽي، ڪوڙي جي پاڙ،
    ڪوڙ ڪري، ڪوڙي سان جاڙ.
    ڪوڙ ڪري، ڪوڙي کي ڪوڙ،
    ڪوڙ وجھي، ڪوڙي کي ڌوڙ.
    ڪوڙ ڪپت کي، لڏي ڇڏ،
    ساڻ سچائيءَ، گڏي اڏ.
    ڪوڙو ڪوڙائيءَ سان، جيڪي ڳالھائي،
    پنھنجي ھٿان پاڻ کي، مُنھِن ڇائي پائي.


    ۲-۵ ڳالھ پنجين؛ جان ڪرلينگ صاحب ۽ وڏي ماڻھوءَ جي

    ۲-۵ ڳالھ پنجين؛ جان ڪرلينگ صاحب ۽ وڏي ماڻھوءَ جي

    جن ڏھاڙن ۾، ھالن جي ڊپٽي صاحب بھادر جي آفيس ۾ ھيڊ منشي ٿي حضرت جان ڪرلينگ صاحب بھادر جي خدمت ۾ گذران ڪيم، تن ڏھاڙن ۾ سنڌ جي وڏن ماڻھن مان ھڪڙو، صاحب جي ملاقات لاءِ آيو. تنھن کي، صاحب گھڻو آدر ڏنو. ڳچ ويرم (جھٽ گھڙيءَ) کان پوءِ ڳالھيون ٻولھيون ڪري، جڏھن موڪلائڻ لڳا تڏھن ھن وڏي ماڻھوءَ آڀارڻ جي ريت سان، صاحب کي چيو؛ ”آ صاحب جو نوڪر آھيان.“
    صاحبُ (رب)، مونکي ياد کان نه وساري. تڏھن صاحبَ (آفيسر) پڻ اوترا اکر واري (ورائي) چيس.
    پر ھن جي وڃڻ کان پوءِ، صاحب ڏاڍا ارمان کاڌا ۽ فرمايائين؛ ”ڪوڙي جي سنگ لڳي، پنھنجي زبان جو مانُ وڃائي مون پڻ ڪوڙ ڪري چيس؛ ’آ سندس نوڪر آھيان.‘ تنھن ڪري ڀانيان ٿو جو (ته) ھيءَ منھنجي زبان نرڳ (جھنم) ۾ ويندي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) آ سندس نوڪر ڪين آھيان. رڳي ڪوڙي خوشامد ڪري چيو اٿم.“
    ڏسو مڙسن جون سچايون. جو ڪوڙ کان ڪھڙي بڇان ٿي لڳين. سچ ته مڙس کي پنھنجي زبان کي مانُ ڏيڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪوڙ پت وڃائيندڙ ۽ ڌڻيءَ جي در ڏوھاري ڪندڙ آھي. تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ڪوڙ کان پري ڀڄ.

    بيت
    ڪري ڪم ڪُپت جا، بُرو بُريءَ پَرِ،
    ٿڙيو ٿيئي ڪينڪي، سچائيءَ سان سَرِ،
    ڇوڙي سندرو سچ جو، ٻڌي ڪوڙُ ڪمر،
    سڙيو سڙي سچ کان، ڪري ڪوڙُ ڪُپَرِ،
    ڌڻي ڏيھ ڏمر، اچي اھڙي ھاج کان.


    ٽيون باب: ماٺ جي ساراھ ۽ بڪ جي گلا جو

    ۳-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪڇون ۽ ٻن پکين جي

    ۳-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪڇون ۽ ٻن پکين جي

    پکي ٻه ڍنڍ جا، نر ۽ مادي، هڪڙيءَ ڍنڍ ۾ گذاريندا هئا. تن سان ڪڇون هڪڙي جي ياراڻي لڳي. هڪڙيءَ مند ۾، ڌڻيءَ جي حڪم سان، اها ڍنڍ سڪي رهي. تنھنڪري پکين جو توڙي ڪڇون جو ڍءُ نه ٿيڻ لڳو. تڏهن پکين، ٻيءَ ڍنڍ تي وڃي، آکيري جوڙڻ ۽ گذر ڪرڻ جو پاڻ ۾ پَھُه ڪيو. ڪڇونءَ کي پکين سان گڏ اڏامڻ جي سامرٿي (صلاحيت) نه هئي ۽ يارن ڌاران سڪي سر تي ڏهاڙا ڪاٽڻ اهنجا لڳس، تنھن ڪري پکين کي چيائين؛ ”مون کي هت هيڪلو ڇڏڻ اوھان کي نه گهرجي. سياڻن چيو آهي: ’ڏکيا ڏيھاڙا جن سان، سکيا ڀي تن سان.‘“
    پکين کي اها ڳالهه ٻڌي، يارُ سڃ ۾ هيڪلو ڇڏڻ چڱو نه لڳو. تنھنڪري پاڻ ۾ پھه ڪري ڪاٺيءَ هڪڙيءَ جا ٻئي مٿا پنھنجن ڪلھن تي رکي، تنھن جي وچ کي ڪڇونءَ کان چڪ پارائي، کڻي اُڏاڻا.
    اوچتو ڪنھن ڳوٺ جي مٿان لنگهيا. ڳوٺ جا ڇوڪر تپرس (عجب) جھڙي هاج ڏسي، تاڙيون وڄائي هڪڙا ٻين کي چوڻ لڳا؛ ”هيڏي ساري ڪڇونءَ کي، پکي کڻي وڃن ٿا.“
    ڪڇون اها ڳالهه ٻڌي، چڙي چيو؛ ”ٻوڏ! ڀاڙيا! اوهان جو ڇا وڃي ٿو؟“
    اها ڳالهه چوندي، ڪڇونءَ جو وات ڦاٽي ڪاٺيءَ مان چڪ نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ تي ڪرڻ. ڇوڪرن ڪڇون کي ڌرتيءَ تي ڪريو ڏسي، لٺين سان هڻي ماري وڌو.
    ڏسو ڳالھائڻ جو ڇيئو! جي ڪڇون ان مھل ماٺ ڪري رهي ۽ نه ڳالھائي ته پنھنجي يارن کان وڇڙي ڇو ڇوڪرن جي هٿان مري.
    مطلب ھيءُ جو (ته)؛ ”صبر چڱو ۽ بڪ بڇڙي آھي.“
    تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ٻين جي اجائي سجائي ڳالھائڻ کي نه ڏسي، ماٺ ڪري پنھنجو ڪم ڪر.

    بيت
    صبر سچائي سير، ماٺ مرم ڪر ماڻھپو،
    تنھن جو نه گُسي تير، صبر جنين سينڱ ڪيو.


    ۳-۲ ڳالھ ٻين؛ گلاب جي گلن جي

    ۳-۲ ڳالھ ٻين؛ گلاب جي گلن جي

    شخص ھڪڙي، گلاب جا گل بٺيءَ تي ڪڙھندا ڏسي، پڇين؛ ”ڪھڙو ڏوھ ڪيو اٿو، جنھنڪري اوھان کي باھ تي ساڙي ٿا چِڪائين.“
    گلن چيو؛ ”ادا! ماٺ ڪر! تون پڻ نه ڳالھاءِ. ڳالھائڻ، اسان جو ھيءُ حال ڪيو آھي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) جاسين چَپَ ڀيڙي ماٺ ۾ ھياسين، تاسين ڪنھن ڪين ٿي چيو. جڏھن چپ پٽياسين تڏھن باغائيءَ ھٿان ھيءُ ڏک ڏٺاسين.“
    ڏسو؛ وات پٽڻ جو ڳڻ، جو گلن چيو! وات پٽڻ جي مراد؛ ڳالھائڻ آھي. يعني ڳالھائڻ جو کٽيو جو گلن کاڌو، سو ٻڌءِ.
    تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛
    ”ماٺ، وڏو ٽول آھي.“ جھڙيءَ ريت، داڻو ڌرتيءَ ۾ ماٺ ڪري رھي، نيٺ سنگ ٿو ٿئي.
    وري ”بڪ ڏاڍي بڇڙي آھي.“ جھڙي طرح تِڏو بڪ ڪري، پنھنجو ميڄالو ٿو ڦاڙائي.
    تنھنڪري تو کي گھرجي؛ ”ماٺ ۾ رھُ. نه رھين ته ٿورو ڳالھاءِ.“

    بيت سوال
    اڙي گل گلاب جا، ادا اوري اچ!
    موڳو آھين منھن ۾، ڳريو آھين ڳچ،
    ڇو سڙين ڇا کي ڳرين، صاف ڳڻي سؤ سچ،
    مٿئون جَرُ جاري اٿئي، ھيٺان مَتُئي مَچُ،
    ڪھڙو ڪيئي ڪَچُ، جو سُھمون سھين سيڪ جون.

    بيت جواب
    سورھيه ھن سوال جو، سڻ جواب جُڙي،
    جاسين ڪڇيم ڪين ٿي، ڏيئي ٻوٿ ٻُڙي،
    تاسين ڪنھن نه تات ڪئي، پھتو ڪو نه پُڙي،
    جڏھن چوريم چَپَ کي، منجھان ماٺ مُڙي،
    تڏھن ڪَري گاج گُڙي، باغائيءَ بَٺِ وڌو.

    ۳-۳ ڳالھ ٽين؛ ڪانءَ ۽ گدڙ جي
    ڪانءَ ھڪڙو، ٽڪر ماس جو چھنب ۾ ڪري، وڻ تي ويٺو ھيو. گدڙ ھڪڙي، ماسُ ڪانءَ جي وات ۾ ڏسي، ارمان ڪيو. دل ۾ ڳڻتي ڪيائين ته، ڪو ڊول (کيڏُ) ڪري ڪانءَ جي وات مان ماس ڇڏائجي ته چڱو.
    اھو پھُ ڪري، وڻ ھيٺ اچي، ڪانءَ جي ساراھڻ لاءِ چوڻ لڳو؛ ”ڪھڙو سھڻو پکي، ڌڻيءَ جوڙيو آھي. جنھن جا کنڀ توڙي پير، توڻي چُھنب، سڀ سھڻا آھن. ڄاڻجي ٿو جو (ته) ھن جي ٻولي ته ڪا گھڻو چڱي ھوندي. پر جاسين نه ٻڌبي تاسين ارمان رھندو.“
    ڪانءَ اياڻي، گدڙ جي لنڊي خوشامد ٻڌي، ڊُومَ (مڪر) کي نه سمجھي ھامدي (حامي واري) پنھنجي ٻولي ڪان ڪان ڪئي. ٻولي ڪندي، واتُ پٽجي، ماس جو ٽڪر ڪري پيس. گدڙ ڊوڙي ماس کڻي چيو؛ ”ٻولي ٻڌڻ ۾ ايترو ڪم ھئوم.“
    ڳالھائڻ جو ڇيئو، ڪانءَ پاتو، سو ڏٺوَ. جي ڪانءُ ان مھل نه ڳالھائي ته ڇا لاءِ پنھنجو قوت ھٿان وڃائي.
    تنھنڪري تو کي گھرجي جو ٻين جي للي پتي (ڪوڙي تعريف) ڏي نه نھار. ماٺ ڪري، پنھنجي ڪم ۾ پورو رھ.

    بيت
    صبر سدائين سَرھو، بري بڪ بلاءِ،
    ڳڻي اِنھين ڳالھ کي، مَن کي ماٺ ملاءِ،
    صبر سان ۽ سيل سان، جوڙ جُسو ڪر جاءِ،
    ڪُڇ پُڇ ڪنھين سان ڪينڪي، ٻولي ٻي نه ٻڌاءِ،
    ڪنان بڪ بچاءِ، ڄاڻي پنھنجي ڄڀ (زبان) کي.


    ۳-۴ ڳالھ چوٿين؛ موتيءَ جي

    ۳-۴ ڳالھ چوٿين؛ موتيءَ جي
    موتيءَ ھڪڙي کان پڇيائون؛ ”قد تنھنجو ننڍو، ملھ گھڻو ٿو ڪرين؛ سو ڇو؟“
    موتيءَ چيو؛ ”ملھ ۽ مانُ، قد جي وڏائيءَ ننڍائيءَ تي نه آھي. جھڙيءَ ريت ھاٿي گھڻو وڏو پر حرام ۽ ٻڪري گھڻو ننڍي پر حلال آھي. (تھڙيءَ طرح) منھنجي ملھ جي گھڻائيءَ جو سبب ھيءُ آھي جو گھڻا ڏيھاڙا، سِپَ جي پيٽ ۾ ماٺ ڪيو (ويٺو) ھوس. تڏھن ڄاڻائن اتاھون ڪڍي، گھڻي مانَ سان، وڏو ملھ رکيو.“
    ڏسو ماٺ جو ۽ ڳالھائڻ جو ڦير، جو موتيءَ چيو.
    تنھنڪري ماٺ جو ملھ مھانگو آھي. سياڻا چوندا آھن؛ ”صبر جنين سينڱ، تير نه گسي تن جو.“
    تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي ته؛ ”صبر جھڙي سوکڙيءَ کي، بڪ جھڙي ٽَٽَ وکر تي نه مَٽِ.“

    سوال بيت پرائو
    موتي ڪر مذڪور تون، ڪيئن پھتين پرينءَ کي،
    تون لُڏين لال لبن تي، مون پلپل پون پور،
    ساري عمر سور، مون طلب ۾ تالان ڪيا.

    جواب بيت پنھنجو
    منھن ويڙھي ماٺ ڪيم، پَئي منجھ پاتال،
    ڪڇيم ڪنھن سان ڪين ٿي، سالن سندا سال،
    تڏھن ڀلي ڪيا ڀال، جو لُڏان لال لبن تي.

    سوال بيت پرائو
    موتي ھن مذڪور جي، ڳالھ نه ڪرين ڪا،
    پيو ھئين پاتال ۾، لھرن لک لنگھيا،
    تو ڪھڙا ڪم ڪيا، مٿي بينيءَ بنئين.

    جواب بيت پنھنجو
    مٺو ڀانيم ماٺ کي، صبر رکيم سيني،
    اڄ اڄوڻي ڪنھن سان، ڪڇيو مون ڪينھي،
    تنھنجي تابيني، وٺان چش چپن جي.


    ۳-۵ ڳالھ پنجين؛ بٺاري جي گڏھ جي

    ۳-۵ ڳالھ پنجين؛ بٺاري جي گڏھ جي

    بٺاري ھڪڙي جي گڏھ کي پٺيءَ تي چُٽو پئو، تنھن کي ڪانون ٺونگا ھڻي ٿي ڦاڙيو. بٺاري پَھُ ڪيو ته گڏھ جي پٺي، اڳڙيءَ سان ڍڪي ڪانون کان بچائجي. پر اھڙي اڳڙي ھٿ ڪا نه آيس ۽ ھڪڙي پراڻي کل، شينھن جي، گھر ۾ رکي ھيس. تنھن سان گڏھ جي پٺِ ڍڪي ڇڏيائين. گڏھ ان کل سوڌو ھڪڙي ھاريءَ جي پوک ۾ ويو. ھاري پريان، شينھن جي کل گڏھ تي ڏسي، شينھن ڄاڻي ڊنو ۽ پوک ڇڏي ويو. گڏھ دلجاءِ سان ٻني کاڌي. ھن ريت ڏھاڙي گڏھُ، ھاريءَ جون ٻنيون کائيندو رھيو. تنھنڪري ٿورن ڏھاڙن ۾ گھڻو ٿلھو ٿيو ۽ ھڪڙو ھرڻ به اچي ساڻس گڏيو، سو پڻ گڏھ سان گڏ ٻنيون چري ٿلھو ٿيو. ٻنين جا ڌڻي، ھرڻ کي به شينھن جو يار ڄاڻي، لوڌي نه ٿي سگھيا. جھڙيءَ ريت، حمائتڻ گڏھ عراقيءَ کي لتون ھڻي. پر سياڻا چوندا آھن؛ ”ڪميڻو، ڍءُ نه جھلي.“
    ھڪڙي ڏھاڙي، گڏھ پنھنجي پراڻي پَرِ ياد ڪري ھينگ ڏني، تنھن کي ھرڻ چٿر ڪري چيو؛ ”ڏاڍو چڱو راڳ ٿو ڄاڻين. ھيءُ راڳ ڪنھن کان سکيو آھين.“
    گڏھ چيو؛ ”ڏيڏر، ڌڻي مرھيس، منھنجي راڳ جو استاد آھي.“
    تڏھن ھرڻ کلي چوڻ لڳو؛ ”اھڙي گروءَ جو اھڙو چيلو (ھئڻ) گھرجي.“
    نيٺ ھرڻ، ٻئي راڳ ڪرڻ لاءِ چيس. گڏھ ڳھيلو، ھرڻ جي کِلَ تي ٺيڳرجي ويو ۽ وڏي سڏِ، ھڪڙي ھينگ ڏنائين. سا، ھاريءَ ٻڌي، گڏھ کي سھي ڪري، ڪنھن ڊول سان ڦاسائي، ٻڌو. گڏھ، گھڻا ڏھاڙا، سندس ٻني کاڌي ھئي، تنھن ساڙ کان، پڇ ۽ ڪن وڍي ڇڏيائينس.
    ڳالھائڻ جو سُود اھو آھي جو گڏھ پاتو. نا ته جاسين ماٺ ڪيو ٿي وتيو، تاسين پاڻ ته سکي ھيو پر سندس اجھي ۾ ٻيو پڻ سکي ٿي رھيو. ۽ ڳالھائڻ سان ھُو حال ٿيس.
    تنھنڪري، ماٺ سڀ کان چڱي آھي. ڏاھن چيو آھي؛ ”صبر، دارو سور جو.“
    تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو بڪ بڪ ڇڏي، ماٺ ۾ رھ. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته)؛ ”بڪ، بڇڙي آھي.“

    ڪافي
    مٺي ماٺ ڀلي ڪري ڪوھ نه ويھين، بڪواد بري، ڇڏ ڇوھ ڇِنان،
    اَٿئي صبر، سدا سرھو سھڻو، بڪواد گھڻا ڪري ڪاڄ ڪِنان.
    جاسين ماٺ ڪري، مکڙي نه کلي، تاسين آرائين اچي ڪين جھلي،
    جڏھن وات پٽي، ڪيائين کيلُ کُلي، تڏھن باھ ڏيئي، ڪيائون باس بِنان.
    آھي ماٺ جو مانُ ۽ مُھت وڏو، بڪواد جو آھي، جندُ جانِ جڏو،
    موتي ماٺ ڪري مُلھ مانُ لڌو، سِپَ واتُ پٽي، سرُ ساھُ ڏِنان.
    جو ئي ڳالھ ڪري، سو پوي پڃري، جو نه ڳالھائي، سو کُليو کائي،
    ٻڌي ٻولُ ٻاٻيھي جو، ٻولِ نڪي، ٻڌي ٻوٿ کي ماٺ ۾ رھ مجنان.
    جو ٿو ماٺ رھي، سو ٿو مانُ لھي، جو ٿو ڳالھائي، سو خطا کائي،
    ڏسي ڏوھ صواب، ادا ان جا، جا اچيئي انصاف، سا ڪر امنان.


    چوٿون باب: بڇڙي ڪم مان خرابي ٿيڻ جو

    ۴-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪوريءَ ۽ چاڪيءَ جي

    ۴-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪوريءَ ۽ چاڪيءَ جي

    ڪوري ھڪڙو، ڪپڙي جي جوڙي وڪڻڻ لاءِ کڻي، زال ڍُڪل (پيٽ سان) ساڻُ ڪري، ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي، زال کي چاڪيءَ ھڪڙي وٽ ويھاري، پاڻ بزار ڏي ويو. ايتري ۾ چاڪيءَ زال کي، گھاڻي ھڪلڻ تي ويھاريو. پر زال، چڱيءَ طرح گھاڻو ڪين ڪاھيو. تنھنڪري چاڪيءَ ڪاوڙجي، لت ھڻي، ٻارُ ڪيرائي وڌس.
    ڳچ کان پوءِ، ڪوريءَ اچي اھو حال ڏسي، ڳوٺ جي دِڳي-دار (چڱي مڙس) وٽ دانھن ڪئي.
    دڳي-دار، چاڪيءَ کي گھرائي، پڇيو. چاڪيءَ، ڏوھ پنھنجو باسي، چيو؛ ”ڪوري، پنھنجي زال کي ڇڏي وڃي ته واري اوترن مھينن جي ڍڪي ڪري ڏيانس.“
    دڳي-دار، چاڪيءَ جي ڳالھ کي نياءُ پورو ڄاڻي، بحال ڪيو.
    ڌڻيءَ جي وڏائي! انڌ ڌنڌ ننگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    سياڻا چوندا آھن؛ ”جنھن ڏيھ تي، ڌڻي ڪوپُ اچي، سو بي سمجھ دڳي-دار جي ھٿ ۾ ڏيئي.“ نا ته ھيءُ نياءُ پورو آھي، اھڙو جھڙو ڏنڀ ڏيڻ واري سور کي ملم.
    نيٺ، ڪوري ويچارو، اھو نياءُ ڏسي، ماٺ ڪري، زال پنھنجي وٺي، ويندو رھيو.
    ٿورن ڏھاڙن کان پوءِ، انھيءَ ڳوٺ ۾ ھڪڙي واپاريءَ جي گھر جي ڀت ڪري ته ھيٺ ھڪڙو مسافر مري پيو. ساڳئي دڳي-دار، اھا ڳالھ ٻڌي، ڀت جي ڌڻيءَ کي گھرايو. تنھن عذر ڪيو؛ ”فلاڻي رازي، ڀت ۾ ورُ ڪيو ھو، تڏھن ڪري آھي.“
    دڳي-دار، رازي کي ڏوھاري سمجھي، گھرايو. رازي عرض ڪيو؛ ”ڀت جوڙڻ مھل، ڀت جي ڌڻيءَ جي جوءِ، سينگار ڪيو ويٺي ھئي. تنھن تي اک پيم. تنھنڪري ڀت ۾ ڦير ٿي پيو.“
    تنھنڪري دڳي-دار، اھا زال ڏوھڻ سمجھي، سڏائي. زال چيو؛ ”ان مھل، فلاڻي پاٽوليءَ ڳھڻا پوئي آندا ھيا، سي پھري ٿي ڏٺم.“
    تڏھن دڳي-دار، پاٽوليءَ کي ڏوھاري سمجھيو ۽ سڏائي پڇيائينس. سو ويچارو، ورندي نه ڏيئي سگھيو.
    تڏھن دڳي-دار، ان تي ڏوھ ڄمائي، ڦاھي چاڙھڻ جو حڪم ڏنو. ڪوٽارن، ان کي ڦاھيءَ واري ھنڌ نيئي، ڳچيءَ ۾ نوڙي وڌي. پر نوڙي ڳچيءَ ۾ پوري نه آيس. سا ڳالھ، دڳي-دار کي سڻايائون. تنھن چيو؛ ”جنھن کي ڳچيءَ ۾ پوري اچي، تنھن کي وڃي ڦاھو ڏيو.“
    ڌڻي سڀ ڪم جو ڄاڻندڙ ۽ نياءُ ڪندڙ آھي.

    بيت
    بندو برائي ڪري، لڪيو لڪائي،
    آگي اڳيان، ان جي آگاھي آھي.

    ڌڻيءَ جي قدرت سان، ڪوٽارن جي ڳولا پٽ-اندر، ان ساڳئي چاڪيءَ جي ڳچيءَ ۾ نوڙي پوري ٿي. تنھن کي وڃي، ڦاھيءَ چاڙھيائون.
    ڏسو؛ ڪرڻيءَ جو حال. جھڙي ڪو ڪري، اھڙي لھي. چاڪيءَ بڇڙي ڪئي، جيتوڙي دڳي-دار، نياءُ پورو نه ڪيو، پر چاڪيءَ، جيئين تيئين، پنھنجو ڪيو پاتو. تنھنڪري متان ڀانئين ته ڪيئو نه لوڙيندين.
    سياڻا چوندا آھن؛ ”بڇڙي ڪري، چڱي ڪو نه پائي، ٻٻر پوکي، انب ڪو نه کائي.“ تنھنڪري تو کي گھرجي؛ ”چڱو ڪر ته چڱو ڏسين، جي پھچي نه سگھين، ته بڇڙي نه ڪر.“

    بيت
    بڇڙو بڇڙائي ڪري، ھر ھر ھچارو،
    ندورو نيڪيءَ کان، ٽريو ڪري ٽارو،
    کريو کڻي پاڻ تي، بديءَ جو بارو،
    چلولو چڱي گھري، موڳو منھن ڪارو،
    اڪن سان آرو، ڪري باس بھار جو.


    ۴-۲ ڳالھ ٻين؛ سوداگر جي جوءِ جي

    ۴-۲ ڳالھ ٻين؛ سوداگر جي جوءِ جي

    سوداگر ھڪڙي جي جوءِ، پنھنجي ٻانھي تي عاشق ٿي. بڇڙي ڪم لاءِ، ٻانھي کي گھڻو چيائين. پر ھُن نه مڃيو. تڏھن زال ٻانھي جي بڇڙي ٿيڻ لاءِ ڪوڙُ ٻَڌي، پنھنجي مڙس کي چيو؛ ”ٻانھي حراميءَ، بڇڙي ڪم جي لالچ ڪري ساڻس ھٿ چُراند ڪئي آھي.“
    سوداگر ڳھيلي، رن جي ڪوڙ کي، سچ ڄاتو. ھيئن نه ڄاتائين؛ ”رنون، مڪر جنون، تتر تار ڪن، رڌيون پڪيون ڪونجڙيون، اڏائي ڏين.“
    اھا ڳالھ دل ۾ رکي، گولي جي مارائڻ جو پَھُ ڪري، نھريوار (ڪاسائيءَ) ھڪڙي کي، پنج ڏھ روپيا باسي چيائين؛ ”سانجھيءَ مھل، جيڪو منھنجو ماڻھو، گوشت وٺڻ لاءِ اچي، تنھن کي ڪھي، سسي وڍي رکج، گھڙيءَ کن کان پوءِ ٻيو ماڻھو ايندءِ، تنھن کي اھا سسي ويڙھي ڏج.“
    سانجھيءَ مھل سوداگر، رن جي چئي، بيڏوھي ٻانھي کي، گوشت آڻڻ جو مِنھن ڪري، ڪسڻ لاءِ ڪاسائيءَ ڏي موڪليو. گولي ويچاري کي ڪسڻ جي پھ جي سُڌِ ڪا نه ھئي. ڌڻيءَ جي چوڻ موجب، گوشت لاءِ باسڻ کڻي ھليو.
    ڌڻي، حق وڪيل آھي. واٽ تي ھڪڙو پراڻو يار، ٻانھي کي گڏجي ويو. تنھن سان ڳالھين (۾) لڳي، بيھي رھيو. اوچتو سوداگر جو سالو، رن جو ڀاءُ، اتاھون لنگھيو. ٻانھي دل ۾ ڄاتو جو متان گوشت وڪامي وڃي ۽ يار جو ڇڏڻ پڻ اڻانگو لڳس. تنھنڪري سوداگر جي سالي کي منت ڪري پنھنجي پاران گوشت لاءِ موڪليائين. ڪاسائيءَ ان کي سوداگر جو موڪليل ڄاڻي، اندر وڃي، ڪھي، سسي ويڙھي رکي.
    ڳچ ويرم کان پوءِ ٻانھو، يار جي ڳالھين کان واندو ٿيو. پر گوشت جي اچڻ ۾ ويرم ڏسي، پاڻ ڪاسائيءَ وٽ ويو. تنھن کي ڪاسائيءَ، باسڻ ۾ گوشت ۽ ڪپڙي ۾ ويڙھيل سسي ڏني. اھي کڻي آڻي پنھنجي ڌياڻيءَ کي ڏنائين. رن پنھنجي ھٿ ۾ ڀاءُ جي سسي ڏسي تپرس جي کوھ ۾ ٻڏي ويئي ۽ ٻانھي کان پڇيائين. تنھن پيرائتي ڳالھ ڪري سڻايس. رن اھو حال ٻڌي بيوسي چيو: ”سياڻن سچ چيو آھي؛ ’ڪرند، پسند.‘ ’ڪوري کڏ کڻي پر پاڻ پوي.‘“
    ٻڌو ڪرڻيءَ جو حال. جي رن بي ڏوھي ٻانھي جي مارائڻ لاءِ پھ نه ڪري ته ڇو ڀاءُ مارائي نِڀائي (بنا ڀاءُ جي) ٿئي. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ ”جو بڇڙي ڪندو، سو چڱي ڪڏھن ڪين لھندو.“ سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) چڱائي، لھڻو ۽ مدائي، ڏيڻو آھي. تنھن ۾ جيڪو قرض کڻندو سو ڀريندو.
    ٻڌو ھوندئي؛ تنھنجي ڄمڻ مھل، ھڪڙي تو رنو ٿي ۽ ٻين گھڻن کليو ٿي. ھاڻي جيئڻ جا ڏھاڙا پڻ اھڙا لنگھاءِ جو مرڻ جي ويل تون ھڪڙو خوش رھين، گھڻا تو کي ياد ڪري روئن. منھنجو چوڻ ايترو اٿئي جو ڪنھن سان بڇڙي نه ڪر. جي سياڻو آھين ته اھو چوڻ گھڻو اٿئي؛ ”ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.“ نا ته تون ڄاڻُ (جلد) پنھنجو راڌو (پوکيل) لڻندين.

    بيت
    ھتان ھلندين ھيڪلو، ھٿ کڻي ڏاٽو،
    پوکِي لڻندين پانھنجي، سُوڌو سُواٽو،
    سانباھو سوير ڪر، پَؤُ نه پاڇاٽو،
    ڪم نه ايندءِ ڪو ٻيو، سھرو ڪي ڄاٽو،
    واڌو جي گھاٽو، پاڻ ڀريندين پنھنجو.


    ۴-۳ ڳالھ ٽين؛ نيت ۽ مراد جي

    ۴-۳ ڳالھ ٽين؛ نيت ۽ مراد جي

    پينار ھڪڙو، ڪنھن ڳوٺ ۾ پنندو ھو. سين ھيءَ ھڻندو ھو؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    ان ڳوٺ ۾ ھڪڙي بٺاري، نيت نالي، ھئي. تنھن جي ڌيءُ جو نالو مراد ھو. سا فقير جي سين ٻڌي، ڄاڻندي ھئي؛ ”فقير جيڪس ڄاڻي ٻجھي، ماءُ-ڌيءُ، ٻنھي جي نالي، گلا ٿو ڪري. اھا ڳالھ دل ۾ رکي، ڏمرجي پھ ڪيائين ته پينار کي وھَ گڏيل کاڄُ (کاڌو) کارائي مارجي.
    ان ريت کاڄُ، وھَ گڏيل، جوڙي رکيائين. پر پينار جي اچڻ ۾ ويرم ٿي ۽ پاڻ ڪنھن ھاج (ڪم) لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي. ايتري ۾ مڙسس، بکائجي، گھر ۾ اچي کاڄ ڳولي، اھو کاڄ وھَ-گاڏڙ لھي، کائي، مئو.
    بٺاري وري (موٽي) اچي، ھيءُ حال ڏسي، پينار جي سين ياد ڪري چيو؛ ”سچ جھڙي نيت، تھڙي مراد. جو پينار جي مرڻ جي نيت ڪري، مڙس جي مرڻ جي مراد ڏٺم.“
    ڏسو بڇڙيءَ جو حال. جو جھڙي ٿو ڪري، سو تھڙي ٿو ڀري. جي رن بٺاري، پينار جي مارڻ جي رٿ نه ڪري ته ڇا لاءِ جڙيو ڪيو ڪوڏن جھڙو مڙس مارائي، رناپڻ جو سور سھي ۽ جيڏين سرتين ۾ پاڻ کي رن چوائي.
    تنھنڪري ڄاڻُ؛ ”بڇڙي جو آڳو پيڇو، بڇڙو آھي.“
    تنھن ۾ منھنجو چوڻ ڳنڍ ٻڌج؛ ”بڇڙي ڪري، چڱي ڪڏھن ڪين پائيندين.“
    ڏاھن جو ٻول آھي؛ ”ڪنڊا پوکي، گل ڪو نه چُڻي، جَوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو نه لُڻي.“

    بيت
    بُرو برائيءَ سان وڌائي وھنوار،
    ڪوجھو ان ڪمن کان، کريو ٿئي خوار،
    لعنت جو لڏي کڻي، بُغديءَ وانگي بارُ،
    بدي جي بدران، مڱي موچاري مردارُ،
    کريو ڏيئي کارُ، گھري کائڻ کنڊ جو.


    ۴-۴ ڳالھ چوٿين؛ سڄي ۽ کٻي ھٿ جي

    ۴-۴ ڳالھ چوٿين؛ سڄي ۽ کٻي ھٿ جي
    سڄي ھٿ ۽ کٻي ھٿ جي، پاڻ ۾ چؤپچؤ ٿي. سڄي چيو کٻي کي؛ ”آ ڏاٽو کڻي، جيڪو سنگ لُڻان سو سڀ تون کڻين وڃين ٿو. سو ڇا لاءِ جو، کٽي ھڪڙو، کائي ٻيو. جھڙي ريت؛ ’مار کائي ڀولو، کٽيو کائي فقير.‘“
    کٻي چيو؛ ”ياد ھوندءِ جو جڏھن تو ۽ منھنجي ڌڻيءَ اھا ساڳي ٻني پوکي ٿي، تڏھن تو ھر جو مُٺيو جھلي کيڙ ٿي ڪئي ۽ مون ان جا داڻا، ناڙيءَ ۾ ٿي وڌا. تنھن ڪري ھاڻي، لُڻڻ مھل پڻ، ھر جي مٺ بدران تو کي ڏاٽي جو ڳن ۽ مون کي داڻن جي بدران سنگ ملن ٿا. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ھيءَ ڳالھ پڌري آھي ته، جو ھٿ ڪري، سو ھٿ ڀري. تنھن ۾ بڇڙي ڪري، چڱي جو سوس (اميد) رکڻ، اھڙو آھي جھڙو اڪ جي وڻ مان انب ڳولڻ.“
    ڏسو ڪرڻيءَ جو ڪم، جو سڄي ھٿ چيو کٻي ھٿ کي.
    تنھن ڪري تو کي پڻ گھرجي جو چڱا ڪم ڪر، بڇڙيءَ کان ڀڄُ ته نيٺ چڱو ٿيئي.
    ھڪڙي پھاڪو چيو آھي؛ ”ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.“

    بيت
    ندورو نيڪيءَ کان، پري رکي پاڻُ،
    بڇڙيءَ بدناميءَ کي، سٽيو وتي ساڻُ،
    مُٺو مدائيءَ جو، موڳو ڀري ماڻُ،
    چريو چڱائي گھري، ڄاڻي ڪين اَڄاڻُ،
    انبن جو اھڃاڻُ، اچيو ڳولي اڪَ ۾.


    ۴-۵ ڳالھ پنجين؛ ريس-مئيءَ پٺاڻيءَ جي

    ۴-۵ ڳالھ پنجين؛ ريس-مئيءَ پٺاڻيءَ جي

    ريس-مُئي نالي ھڪڙي پٺاڻي جوان ۽ گھڻو سھڻي ھئي ۽ بچو نالي پٺاڻُ، سندس يار ھو. سو لڪ ڇپ ۾ ساڻس گھاريندو گذاريندو ھو. بچي نالي ٻانھي، ريس-مُئيءَ جي، گھڻو بڇڙي صورت ھئي. تنھن کي ڏسي، بچو پٺاڻ عاشق ٿيو. جيتوڙي بچي، پنھنجي آگي اڳيان (مالڪياڻيءَ آڏو) سونھن ۾ اھڙي ھئي جھڙو سج اڳيان کرکٽ. پر عشق نه پڇي ذات. پٺاڻ جي دل، جيتري ريس-مُئيءَ سان ھئي تنھن کان وڌ بچيءَ سان لڳي. جھڙيءَ ريت؛

    بيت
    ڪنھن جو اگھي ڪوڙ، ڪنھن جو سچ به سھمن گاڏئون،
    ڪنھن جي ماني ڪري نه مور، ڪنھن جو ٽُڪر ٿو ٽيڻا ڪري.
    نيٺ ٿوري گھڻي ڏھاڙي، پٺاڻ ۽ گوليءَ جو پاڻ ۾ ٺاھ ٺھيو. ھڪڙي ڏھاڙي پٺاڻي گھر ۾ ڪا نه ھئي. پٺاڻ ۽ گولي، پِڙُ پالھو ۽ گھر واندو ڏسي، پاڻ ۾ پيالا نوالا پي کائي، گڏ ٿي ستا ۽ نشي جي مارئي ننڊ اچي وين ۽ پٺاڻيءَ جي اچڻ جو ڊپ، دل تان لھي وين. سو ڪو جو (ڇاڪاڻ ته)؛ ”ننڊ، موت جي ڀيڻ آھي.“
    اوچتو پٺاڻي گھر ۾ اچي، بچيءَ کي يار سان ستل ڏسي، ريس ۾ مئي. سچُ جي ھن ريت ريس ۾ نه ڀرجي ته ريس-مُئي ڇو نالو پويس.
    نيٺ رن پٺاڻيءَ ڪاوڙجي، پٺاڻ کي مارائڻ جو پھُ ڪري، ناس وھَ جي جوڙي، نڙيءَ ۾ وجھي، پٺاڻ جي نڪ تي رکي، نڙيءَ جو ٻيو پاسو پنھنجي وات ۾ ڪري، ڀانيائين ته ڦوڪ ڏيئي، پٺاڻ جي ڪاپار ۾ وجھي.
    مارائڻ واري کان رکڻ وارو ويجھو آھي.
    سچ سياڻا چوندا آھن؛ ”بندي جي من ۾ ھڪڙي ۽ صاحب جي من ۾ ٻي.“
    ڌڻيءَ جي حڪم سان، اوچتو پٺاڻ کي ڇڪ آئي. جنھن جي زور سان، ناس سڀ، اُبتي پٺاڻيءَ جي ميڄالي ۾ چڙھي وئي. جنھنڪري رن پٺاڻي مري رھي. جھڙي ريت ھڪڙو پھاڪو آھي؛ ”ماريندي ئي ميئي، ميئي مٿي په آئي.“
    ڏسو! جو ٻئي جي بڇڙائيءَ جو جوڙ جڪ ڪري ٿو، تنھن جو حال اھڙو ٿو ٿئي. رن پٺاڻي جيڪس پنھنجي مرڻ لاءِ ناس جوڙي ھئي. ڇا لاءِ جو جيڪڏھن پٺاڻ جي مارڻ لاءِ ناس نه جوڙي ھا ته ڇو ان ناسَ جي وگھي پاڻ ناسُ ٿئي ھا.
    تنھنڪري ڄاڻجي ٿو ته جو چڱائيءَ جو توڙي بڇڙائيءَ جو پھُ ڪري ٿو، سو پاڻ لاءِ.
    تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ڪنھنجيءَ بريءَ جو جوڙ جڪ نه ڪر ته متان ريس-مُئيءَ جو حال ٿيئي.

    بيت
    بُري گُھر نه ڪنھن جي، بُري برائي،
    چڱو چڱن جو چوڻ، چڱي چڱائي،
    جو پوکي جائي، سا ئي لُڻي سو سھي.


    پنجون باب: ري استاد ڪم ڪرڻ مان گھاٽي جو

    ۵-۱ ڳالھ پھرين؛ ڀولڙي جي حجامت جي

    ۵-۱ ڳالھ پھرين؛ ڀولڙي جي حجامت جي

    شخص ھڪڙي، پنھنجي حجامت، پاڪيءَ سان پاڻ ٿي جوڙي. ڀولي ھڪڙي، ھيءُ حال ويٺي ڏٺو. جنھن مھل ھو شخص، پاڪي رکي ٻاھر نڪتو. تنھن مھل ڀولي، ھنڌ واندو ڏسي، پاڪي کڻي، ڏاڙھي ڪوڙڻ لاءِ، کاڏيءَ تي رکي زور ڏنو ته پاڪيءَ کاڏي ۽ نڙگُھٽُ وڌي وِڌُس. جنھن ڪري مري پيو.
    جيڪو اڻ-ڄاتي-ڪم ۾، ري-پُڇيي، ھٿ وجھي، تنھن جو حال ان ڀولي جھڙو آھي. ھو ڀولو جو اڻ-ڄاتي-ڪم ۾ ھٿ نه وجھي ھا ته ڇو مري جند وڃائي ھا.
    تنھن ۾ تو کي پڻ گھرجي جو استادن جي گَمِ (ڏَسَ) کان سواءِ، ري-ڄاتي-ڪم ۾ ھٿُ نه وجھ، متان ڀولي وانگي پنھنجا ھٿ ويري ٿيئنين.
    سياڻا چوندا آھن؛ ”ھنر واري جو ھنر کپي، بي ھنر جي جند کپي.“

    بيت
    ري رستي استاد جي، جيڪو ڪم ڪري،
    سڙيو سنواري ڪينڪي، ويتر کريو کري،
    موڳو ماڻُ ڄمارَ جو، ڀڙوو ڀليو ڀري،
    رُليو رَندن وچ ۾، موڙھيو مفت مري،
    اٿس پنڌ پري، ري رستي رھبر جي.


    ۵-۲ ڳالھ ٻين؛ ڄٽ جي ترار جي

    ۵-۲ ڳالھ ٻين؛ ڄٽ جي ترار جي

    هڪڙي ڄٽ جي ترار کي ور پيو. سو ور لھرائڻ لاءِ، لُھر وٽ کڻي ويو. لھر، اڌ رپيو پورهيئي جو وٺي، ترار کي نڪ جي سامھون جهلي، ور تي نگاهه ڪري، آڱر جي زور سان ور لاهي ڏنس. ڄٽ، اهو حال ڏسي، ارمان کاڌو. ڀانيائين جو ترار جو ور لاهڻ سؤلو آهي. اجايو اڌ روپيو لُھر کي ڏنم.
    ٿورن ڏهاڙن کانپوءِ، وري ترار کي ور پيس. تڏهن لھر جي هاج کي ياد ڪري، پنھنجي اَڄاڻائيءَ کان ترار کي نڪ تي رکي، زور ڏنائين ته زور جي ڏيڻ سان نڪ وڍجي پيس.
    ڏسو جو اڻ-ڄاتي ڪم ۾ ري-سيکت استاد جي، ھٿُ وجھي، تنھن جو حال اھو ٿو ٿئي. جيڪڏھن ڄٽ ري-ڄاتي، ترار نڪ تي رکي زور نه ڏئي ھا ته اجايو پنھنجي ھٿان، پنھنجو نڪ نه وڍي ھا.
    تنھن ۾ تو کي گھرجي جو ري-ڄاتي ڪم کي ويجھو نه وڃ. متان ڄٽ وانگي بڇڙو ٿين. ھن ڳالھ لاءِ ھڪڙو پھاڪو آھي؛ ”جنھن جو ڪم، اھو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گھاٽو ڀري.“

    بيت
    ڪچو، ڪم ڪچا ڪري، موڳو پنھنجي مَتِ،
    سمجھي سُڄاڻن کان، گُڏيو وٺي نه گَتِ،
    سمجھو سمجھي پاڻ کي، ڀلو ڀليءَ ڀَتِ،
    پنھنجي پٽي پَتِ، ري-اولي استاد جي.


    ۵-۳ ڳالھ ٽين؛ ڄٽ طبيب کان زال مرڻ جي

    ۵-۳ ڳالھ ٽين؛ ڄٽ طبيب کان زال مرڻ جي

    ڄٽ هڪڙو، طبيبي سکڻ لاءِ ھليو. واٽ ۾ ڏٺائين جو هڪڙو جت، اُٺ ناچڱو، ڏاھي وٽ وٺي آيو هو. ڏاهي، اُٺ کي ڏسي، جت کان پڇيو؛ ”اُٺ متان وليون چنيون آهن؟“
    جت چيو؛ ”سچ گدرن جي ولين ۾ ھڪڙي ڏيھاڙي چِنو هو. تنھن کان پوءِ ناچڱو ٿي، چرڻ پيئڻ ڇڏيو اٿس.“
    تڏهين ڏاهي سھي ڪيو ته اُٺ جي نڙگهٽ ۾ ڪو پتو اَڙيو آهي. تڏھن اُٺ کي نڙگهٽ تي مڪ هڻي، وات ۾ پاڻي نايو ته پتو ڦسي، اُٺ جي پيٽ ۾ ويو.
    اُٺ چڱو ڀلو ٿيو.
    ڄٽ اهو حال ڏسي دل ۾ ڄاتو؛ ”طبيبي ايتري آهي، جا سکيس.“
    دل ۾ پاڻ کي طبيب ڄاڻي، ڪنھن ڳوٺ ۾ ويو، جاتي هڪڙي ٻڍي زال ناچڱي هئي. ڳوٺ جي ماڻھن، ڄٽ کي ويڄ ڄاڻي، زال جي ٻڪيءَ لاءِ کيس نيو. ڄٽ، زال کي ڏسي، اُٺ واري ڳالهه ياد ڪري، سندس مائٽن کان پڇيو؛ ”هن گدرن جون وليون کاڌيون آهن؟“
    هنن چيو؛ ”نه.“
    تڏهين ڄٽ چيو؛ ”جاسين اها ڳالهه نه باسيندا، تاسين زال کي ٻڪي ڪا نه لڳندي.“
    ويچارن ڳوٺاڻن، ڄٽ جي چريائيءَ کي سياڻپ ڀانئي، چيو؛ ”وليون کاڌيون اٿس.“
    تنھن مھل ڄٽ، زال کي نڙگهٽ تي مڪ هڻي، وات ۾ پاڻي نايو. ان مھل زال ويچاري، بيڏوھي مري پئي!
    سچ آھي؛ ”اڌ-پڙھيو ويڄ، جان جو ڊپ. اڌ-پڙھيو ملو، ايمان جو ڊپ.“
    اھا ڳالھ ٻڌي، ڏيھ-ڌڻيءَ ڄٽ کي ڦاھيءَ ڏياريو.
    اڻ-ڄاتي ڪم ڪرڻ جو حال اھو آھي. جي ڄٽ اڄاڻ، اھڙي اڄاڻائي نه ڪري ته ڇا لاءِ ويچاري زال کي ماري ۽ پاڻ ڦاھو کائي.
    تنھن ڪري، ري-ڄاتي ڪم ڪرڻ مان، ڪنھن کي ڳُڻ (چڱائي) نه ٿيئي.
    تو کي پڻ گھرجي جو استاد جي سکڻ کان سواءِ، ري ڄاتي ڪم ۾ ھٿ متان وجھين. نا ته ھن ڄٽ وانگي بڇڙو ٿيندين.

    بيت
    عقل سان استاد جي، موٽي وڃج ماڳ،
    ڇڏي ناست ننڊ جي، سمجھي رھ سجاڳ،
    ڀلو ھجيئي ڀاڳ، ته وٺج اَڙَ استاد جي.


    ۵-۴ ڳالھ چوٿين؛ باندر جي ڪاٺ چيرڻ جي

    ۵-۴ ڳالھ چوٿين؛ باندر جي ڪاٺ چيرڻ جي

    واڍي ھڪڙي، ڪاٺ ھڪڙو، ڪرٽ سان ٿي چيريو. ڳچ ٽڪر چيري، چير جي ويڪرائيءَ لاءِ چَپَر ڏيئي، تنھن کان پوءِ ٻيو ٽڪر چيري، اتي ٻي چپر ھڻي، مٿين چَپَر ڪڍيائين ٿي. ھن ريت ڪم ٿي ڪيائين.
    ڀولي ھڪڙي، ھيءُ ڪم ويٺي ڏٺو. ھڪڙي مھل واڍو، اوزارن سوڌو ڪم ڇڏي، ڪاڏي ويو. ڀولو، پڙ پالھو ڏسي، ڪاٺ تي چڙھي، واڍي وانگي چيرڻ لڳو. پر ڪاٺ تي ويھندي، آنورا ڪاٺ جي چير ۾ لنگھي پيس. ٽڪر ڪاٺ جو چيري، واڍي وانگي مٿين چپر ڪڍي ورتائين. پر ھيٺ واري چپر وجھڻ ڏانءُ نه آيس. تنھن ڪري ڪاٺ جو چير پورجي ويو. تنھن ۾ آنورا اٽڪي رھيس. جيترو ڪي زور لاتائين پر ڇُٽي نه سگھيو ۽ اتي ئي ڦٿڪي مئو. جھڙيءَ ريت؛

    بيت
    ”ھنجھن سان حرص ڪري، اڏاڻي چڙي،
    چڻون ھئس چنھنب ۾، سو به پيس ڪري.“
    ڏسو ري-ڄاتي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ جو ڦر، جو ڀولي کاڌو. جي ڀاڙيو چريائي ڪري پرائي ھاج ۾ ري-ڄاتي ھٿ نه وجھي ته ڇو ري-کُٽيءَ اجايو مري.
    تنھنڪري ڀانئجي ٿو جو اڻ-ڄاتي پرائو ڪم ڪرڻ، پاڻ لاءِ جنجل وِھائڻ آھي. تنھن ۾ تو کي جڳائي جو ڄاتي آھر، پنھنجي ڪم ۾ پورو رھُ. ري-ڄاتي پرائي ڪم ۾ ھٿ نه وجھ. نا ته ڀولي وانگي مرندين. اڳتي تون ڄاڻ. چوڻ مون وس، ٻڌڻ تو وس.

    بيت
    موڳو پنھنجي مت تي، ڪري ڪمائي،
    ري-اولي استاد جي، آھي اجائي،
    سا ئي سَڻائي، جنھن ۾ اَڙَ استاد جي.


    ۵-۵ ڳالھ پنجين؛ ڄٽ طبيب کان شھزادي مرڻ جي

    ۵-۵ ڳالھ پنجين؛ ڄٽ طبيب کان شھزادي مرڻ جي

    ڄٽ ھڪڙو، ٿورا ڏھاڙا، طبيب ھڪڙي وٽ، ٻيلي (نوڪر) ھيو. طبيب جي حال چال ڏسي، پاڻ کي به طبيب ڄاتائين. جيڪي پنج ڏھ رپيا، پورھيي ڪارھيي جا گڏ ڪيا ھيائين، تن جا لٽا ليڙا ڪري، طبيب جو ٻيلپو ڇڏي، ھڪڙي شھر ۾ وڃي طبيب جُڙي ويٺو. ٻن ٽن ماڻھن جي جي ڪوڙي سچي دوا ٻُڪي ڪيائين. جيتوڙي ته ٻُڪيون، ڏُوار (مرض) کي پوريون نه ٿي ڄاتائين، پر؛

    بيت
    ڪنھن ويلي ڪو ڇوڪر، ڪڍي ھڻي ڪانُ،
    بنا ڄاتي بي عقل، نِھوڙي نيشان.
    ماڻھو ڇٽي پئا. تنھن ڪري شھر ۾ سندس ناماچار گھڻو ٿيو ۽ ماڻھن کي ڄٽ جي طبيبيءَ تي گھڻو ويساھ وڌيو.
    جھڙي طرح؛ اڄاڻ، ڦٽڪيءَ کي مصري ڄاڻي. ان شھر جي راجا جي نياڻي ناچڱي ٿي. جنھن جي دوا ٻُڪي ڪرڻ لاءِ، گھڻا ويڄ طبيب سڏي پُڇائين پر ڪنھن ڏُوار کي نه ٿي سڃاتو ۽ ڪنھن جي دوا مان سکر نه پئي ٿي. تنھن ڪري راجا گھڻي ويماس (پريشانيءَ) ۾ ھيو.
    آڳاٽو ھڪڙو طبيب، راجا جو نوڪر ھيو. پر وڏتڻ کان انڌو ٿيو ويٺو ھيو. راجا ان کي سڏائي، ڇوڪرِ جو حال ڏيکاريو. تنھن ناڙَ (نبض)، ڇوڪرِ جي ڏسندي، ڏُوار کي سڃاڻندي چيو؛ ”آڳاٽو، ھن ڏُوار جي ڇٽڻ جي معجون جوڙي ھيم. تنھن مان ڳچ جھڙي فلاڻي طرح جي دٻليءَ ۾ پيئي آ. راجا جي دواخاني ۾ رکي آھي. پر اکين سواءِ سڃاڻي نه سگھندس.“
    اوچتو، تنھن مھل، ھو ڄٽ طبيب ويٺو ھو سو دٻلي ۽ دوا جي سڃاڻڻ جي ھام ھڻي، اٿي دواخاني ۾ ويو. پر، انڌي کي دانگي ۽ آھري ھڪ جھڙا. ڄٽُ، طبيب جو اھڃاڻ ياد ڪري، ان جھڙي ھڪڙي دٻلي کڻي آيو. تنھن مان ٿوري ڇوڪَرِ کي کارايائين. جيڪس ان دٻليءَ ۾ ڪا دوا وِھُ گڏيل ھئي، جا ڄٽُ ڀلجي کڻي آيو ھيو. سا کائيندي، ڇوڪَرِ مري پيئي.
    ھيءُ حال ڏسي، راجا ڪاوڙجي، ڄٽ کي ڦاھيءَ ڏياريو.
    ڏسو اڻ-ڄاتي ڪم ڪرڻ جو حال. جي ڄٽُ، اڻ-ڄاتي ڪم ۾ ھٿ نه گڏي ته ڇا لاءِ راجا جي ڌيءُ، جا پيءُ جي ڏاڍي پياري ھئي، مري ۽ ڇو پاڻ ڦاھو کائي.
    تنھن ۾ ڄاڻجي ٿو جو جيڪو ري-ڄاتي ڪم ۾، استاد جي پڇي بغير، ھٿ وجھندو، سو ھن ڄٽَ گھاءِ پنھنجو مٿو اجايو وڃائيندو.
    تنھن ڪري تون پڻ ري-ڄاتي ڪم ۾ ھٿ نه گڏ ۽ جي پنھنجو ڀلو گھرجيئي ته استادن کان واٽ پڇي ڪم ڪر ته سڻائي ٿيئي.

    بيت
    اچي نه استاد کان، پُرجھي وٺي واٽَ،
    موڳو پنھنجي مت تي، گھڙي ويٺو گھاٽَ،
    اھڙا کوٽي کاٽَ، جنھن مان جوکو جيءَ جو.

    بيت
    ري-رستي استاد جي، ٻڌي بادي بَمَ،
    موڳو منجھاڻو وتي، دليان ھڻي دَمَ،
    ڪري ڪچا ڪَمَ، جنھن مان سِرُ سوريءَ ڏئي.


    ڇھون باب: لُچن سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽي جو

    ۶-۱ ڳالھ پھرين؛ فقير ۽ نانگ جي

    ۶-۱ ڳالھ پھرين؛ فقير ۽ نانگ جي

    فقير ھڪڙي، سياري جي ڏينھن ۾، سپ ھڪڙو پاري ۾ ڏڪندو ڏٺو. تنھن تي ٻاجھ ڪري، سيءَ لاھڻ لاءِ کڻي پنھنجي ھنج ۾ ڪيائين. ڳچ کان پوءِ، سپُ بودِ ۾ اچي، پاڻ کي ماڻھوءَ جي ھنج ۾ ڏسي، پنھنجي پراڻي ھير ياد ڪري، فقير کي ڏنگ ھڻي، ماري وڌو.
    ڏسو بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽو، جو فقير پاتو. سچُ سياڻن چيو آھي؛ ”بڇڙي سان چڱائي، جھڙي چڱي سان بڇڙائي.“ تنھن ۾ ڀي سپ سان ڪھل، جھڙو ماڻھوءَ سان وير. ڇاکان (ڇاڪاڻ) جو نيٺ، سپُ ماڻھوءَ جو ويري آھي. سياڻا چوندا آھن؛ ”سَپھو، نه وِسَھو، وِسَھو ته مُسَھو.“

    بيت
    ڪھلپ ڪميڻن سان، جھڙو سانڍڻ سَپُ،
    منجھان مھر مَدَنِ جي، ڊاءُ گھڻو ۽ ڊَپُ،
    مَدَنِ مٿي مھر جو، متان چورين چَپُ،
    شابس اتي ڇا ڪري، جاتي ڪکن کَپُ،
    جو ڪم ڪري ڪَپُ، آڱر اَجائي اُتي.


    ۶-۲ ڳالھ ٻين؛ سوار ۽ نانگ جي

    ۶-۲ ڳالھ ٻين؛ سوار ۽ نانگ جي

    سوار ھڪڙو، واٽ وٺي ٿي ويو ته جھنگ ھڪڙي کي، چؤڌاري باھ لڳي ھئي. تنھن جي وچ ۾ نانگ ھڪڙو کامندو (سڙندو) ڏسي، دانھن تي ڪھل ڪيائين ۽ توٻرو گھوڙي جو، نيزي جي ڪاٺيءَ ۾ وجھي، نانگ کي ويجھو ڪيائين. تنھن ۾ نانگ ويڙھجي ويٺو. تنھن کي باھ کان بچائي، ڪڍي، سمجھائڻ لڳو؛ ”مون تو کي باھ کان بچايو آھي. تنھن ڪري اڄ کان پوءِ متان، ڪنھن کي ڏکوئين.“
    تڏھن نانگ چيو؛ ”ماڻھن کي گھرجي ته نانگ کي ڏسي مارڻ ڌاران نه ڇڏين ۽ نانگ پڻ پڄنديءَ آھر، ماڻھوءَ کي جيئرو نه ڇڏي. تنھن ۾ تو پنھنجي ذات جي پَرِ ڇڏي، مون کي باھ مان ڪڍيو آھي. آ پنھنجي ذات جي ريت ڪين ڇڏيندس. تنھن ۾ تو جھڙي ڪَپُٽَ کي، جو پنھنجي ذات جو ڌرم ڇڏي، جيئرو ڇڏڻ پاپُ آھي. تنھن کان سواءِ ھن جھان جي ريت آھي؛ جيڪو چڱائي ڪري، تنھن سان بڇڙائي ڪجي. تنھنڪري تو کي ڏنگڻ ڌاران ڪين ڇڏيندس.“
    سوار، اھا ورندي ٻڌي، نانگ کي چيو؛ ”ٻيون جيڪي ڳالھيون، تو چيون سي سڀ سچ، پر چڱائيءَ جي بدران برائي ڪرڻ نه گھرجي.“
    تڏھن نانگ پنھنجي ڳالھ سچي ڪرڻ لاءِ، سوار کي ساڻُ ڪري، جھنگ ڏي ھليو، جاتي ھڪڙي مينھن بيٺي ھئي. تنھن کان نانگ پڇيو؛ ”چڱائيءَ بدران ڇا ڪجي؟“
    مينھن چيو؛ ”آ فلاڻي ڀاڳيي جو مالُ آھيان. جنھن کي طرح طرح جا ڦر ڄڻي ڏنم ۽ گھڻا کير کٽا پياريم. پر جڏھن ڪراڙي ٿي، ويامڻ کان رھيس، تڏھن گھر مان لوڌي، جھنگ ۾ ڇڏيائين. ھاڻي جڏھن وس ۾ جھنگ جا گاھ کائي، ٿلھي ٿي آھيان، تڏھن ڪاسائيءَ کي چُڪائي (اگھ طئي ڪري) ڏنو اٿس. تنھن ڪري ڀانيان ٿي جو چڱائيءَ بدران بڇڙائي ٿيندي آھي.“
    سوار ويچارو، اھا ڳالھ ٻڌي، ماندو ٿيو.
    تنھن وچ ۾ اوچتو گدڙ ھڪڙو، اچي نڪتو. نانگ، پنھنجي ڳالھ سچ ڪرڻ لاءِ، گدڙ کان پڇيو؛ ”چڱائيءَ جو بَدرُ ڇا ڪجي؟“
    تڏھن گدڙ چيو؛ ”جاسين ڳالھ جو مطلب نه ٻڌندس، تاسين ورندي ڪين ڏيندس.“
    تڏھن سوار چيو؛ ”نانگ کي باھ مان بچايو اٿم. تنھن جي بدران کائي ٿو.“
    گدڙ چيو؛ ”نانگ کي تو ڪھڙيءَ طرح ڪڍيو ھوندو ۽ ڪھڙيءَ ريت ڪڍي سگھيو ھوندءِ؟“
    تڏھن نانگ چيو؛ ”اھا ڳالھ سچ آھي، جو سوار توٻرو نيزي ۾ وجھي، مون کي ويجھو ڪيو، تنھن ۾ ويڙھجي ويٺس. سو ڇڪي، مون کي باھ مان بچائي ڪڍيائين.“
    تڏھن گدڙ تپرس کائي چيو؛ ”تون ھيڏو سارو، ھيڏڙي توٻري ۾ ڪاٿي مائيو ھوندين.“
    تڏھن نانگ، پنھنجي ڳالھ سچ ڪري ڏيکارڻ لاءِ، توٻري ۾ ويڙھجي سيڙھجي ويٺو. تنھن مھل، گدڙ جي ميڇ موجب، سوار توٻري جو ٻوٿ ٻنڌي، لٺين سان ھڻي نانگ ماريو. نيٺ نانگ، پنھنجي بڇڙائي لوڙي بڇڙو ٿي مئو ۽ سوار پنھنجي چڱائيءَ پٽاندر، پنھنجي جند بچائي ويو. ڏاھن جو ٻول آھي؛

    بيت
    نيڪيءَ منجھان نيٺ، چؤڌاري چڱي ٿئي،
    بُري پائي بيٺ، چڱي چوڙي ڪو نه ڪو.
    ھن ڳالھ جي ھت آڻڻ جو مطلب ھيءُ آھي جو بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ جو گھاٽو اھو آھي، جيڪو سوار ڏٺو. جيتوڙي ته سوار، پنھنجي جند، پنھنجي ڀلائيءَ جي وِتَ سان بچائي ويو پر گدڙ جي سياڻپ سان. جيڪڏھن نانگ جھڙي بڇڙي کي باھ مان نه ڪڍي ته ڇا لاءِ ھيترا گھپاٽا کائي، طبيبين تات پئي. گدڙ جھڙي گانڊوءَ جي، ٿوري-ھابُ ٿئي. تنھن ۾ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ، پاڻ ڪاڻ بُڇڙيءَ جو ٻج پوکڻ آھي.
    ڏسو جو مينھَن جي ڀلائيءَ ۾ ڦير ڪو نه آھي. پر جي مٺيءَ ڌرتيءَ تي وسي ته گل ۽ گاھ ڄاپن، جي ڪلر تي وسي ته ڪنڊا ۽ ڪک.
    تنھنڪري تو کي جڳائي جو بڇڙي سان چڱائي ڪر. نا ته ھن سوار گھاءِ، آڌيڙا کائي، در در جو محتاج ٿي، پنھنجي جند بچائڻ لاءِ، حيران ٿيندين.

    بيت
    ڪھلپ ڪميڻن سان، چٽي چريائي،
    ڪرڻ مھر مدن تي، ماڳان موڳائي،
    جھڙو ڀال ڀَٽونءَ (وڇون) تي ڀائڻ، ڀلائي.
    جاتي ڪري ڪم جي، پادر پورائي،
    جَسُ چوڻ جائي، آھي اَجائي اتي.


    ۶-۳ ڳالھ ٽين؛ ڀولڙن ۽ گدڙ جي

    ۶-۳ ڳالھ ٽين؛ ڀولڙن ۽ گدڙ جي

    ڀولا، ڳچ جھڙا، ٿڌ ۾ ڏڪندا وتيا ٿي. اوچتو، جھنگ ۾ کرکٽ (کڙکٻيتو، ٽنڊڻي) ھڪڙو ڏٺائون. تنھن کي باھ جي چڻنگ ڄاڻي، ڪانا ڪک مٿس وجھي ڦوڪڻ لڳا. پر کڙکٻيتي مان باھ ڪاٿي ٻري. اوچتو گدڙ ھڪڙو اتي آيو، ته ھي رنگ ڏسي کليو. تنھن کي کلندو ڏسي، ڀولن ڄاتو جو چٿر ڪري ٿو. تنھن لاءِ ڪاوڙجي گدڙ کان پڇيائون. گدڙ چيو؛ ”ھيءُ کرکٽ آھي. ھن کي ٽانڊو ڄاڻي، مٿس ڪک وجھي، باھ ٻارڻ لاءِ ڦوڪڻ، اھڙو آھي جھڙو مٺين سان واءُ مئڻ. تنھنڪري اجايو مٿو نه کپايو.“
    گدڙن پنھنجي اڻ-ڄاڻائيءَ کان، گدڙ جي ان ڳالھ کي پڻ چٿر ڄاتو. ۽ گدڙ کي جھلي، چيري ڦاڙي، ماري ڇڏيائون.
    ڏٺو جو ڪميڻن تي ڪھل ڪري، گدڙ کٽيو کاڌو. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو جو بڇڙن سان چڱي ڪرڻ، پاڻ لاءِ ڪنڊن جو ٻج پوکڻ آھي. تنھن ۾ تو کي گھرجي جو ھن ڳالھين تي ڌيان ڪري، لچن تي ڪھل ڪرڻ کان پاسو ڪر.
    سياڻا چوندا آھن؛ ”ڇتي ڪتي جي دوا؛ ڀتر.“

    بيت
    ڪميڻن جي ڪھل کان، پري رکج پاڻ،
    ڪري مھر مدن تي، اھڙو ڪو نه اڄاڻ،
    جو پُرجھي پادر سان، تنھن کي ڏجي نه ڏاڻُ،
    سوٽي ھجي ساڻُ، ته گڏھ گوھي نه ڪري.


    ۶-۴ ڳالھ چوٿين؛ شينھن، گڏھ، ڪانءَ ۽ گدڙ جي

    ۶-۴ ڳالھ چوٿين؛ شينھن، گڏھ، ڪانءَ ۽ گدڙ جي

    ھڪڙي جھنگ ۾، ھڪڙو شينھن ۽ گڏھ ۽ ڪانءُ، پاڻ ۾ يار ٿي گذاريندا ھيا. ھڪڙي ڏينھن شينھن، شڪار ڏي ويو. گڏھ ۽ ڪانءُ ويٺا ھيا ته اوچتو گدڙ ھڪڙي، اتي اچي ساڻن ڳالھيون ڪري، چيو؛ ”جيڪر مون کي پڻ پنھنجو يار ڪريو ته چڱو.“
    گڏھ اھا ڳالھ ٻڌي چيو؛ ”ويري ھڪڙو ڀي گھڻو ۽ سڄڻ ھزار ڀي ٿورا.“
    تڏھن ڪانءَ چيو؛ ”گدڙ جھڙي ڪميڻي کي پنھنجي سنگت ۾ آڻڻ، ڄاڻي (ڏسي وائسي) صحبت ۾ ڏُڦيڙ وجھڻ آھي. ۽ چڱن جي صحبت ۾ لچ جو رھڻ اھڙو آھي، جھڙي کير ۾ موري. ۽ ٻڌو اٿم ھڪڙي ڏَڦير، جھنگ ۾ بگھڙ جو ٻچو، ننڍڙو ڇورڙو ڏسي، مٿس ڪھل ڪري گھر ۾ آڻي، کير پياري نپايو. نيٺ ھڪڙي ڏھاڙي ان بگھڙ، ڏَڦير کي ستو ڏسي، پيٽ ڦاڙي وڌو. تنھن وانگي گدڙ جي ياراڻيءَ مان نيٺ ڀلائي ڪا نه ٿيندي.“
    تڏھن گڏھ چيو؛ ”چڱائي ۽ بڇڙائي، چئن طرحُن جي آھي. تنھن مان ھڪڙي چڱائي چڱن سان، سا جھڙي گڏھن جي کنھڻي. ھو ھن کي کنھي ۽ ھيءُ ھن کي. ٻي بڇڙي بڇڙن سان، جھڙي ڪتن جي ويڙھ. ھيءُ ھُن کي ڦاڙي ۽ ھُو ھِن کي. ھنن ٻنھي ڪمن ۾ نڪي ڏوھ، نڪي صواب. ٽين بڇڙائي چڱن سان. جنھن جي ڪرڻ سان، ڏوھ وڏو آھي. چوٿين چڱائي، بڇڙن سان. جنھن جي ڪرڻ مان نالو ۽ صواب وڏو ٿئي. تنھنڪري گدڙ جيتوڙي ته (جيتوڻيڪ) بُڇڙو آھي، پر سياڻا چوندا آھن؛ ’ھڪڙو گھر، ڏائڻ به ٽاري.‘ تنھن وانگي، گدڙ کي سنگت ۾ آڻڻ مان گھاٽو ڪو نه ٿيندو.“
    تڏھن ڪانءَ چيو؛ ”ڪوڏي، گھڻو ڪي سُھڻي ھجي، پر موتين جي سَرُ (لڙھ) ۾ وجھڻ نه کپي. ۽ ٽوھ گھڻو ئي ٺاھوڪو ھجي پر گدرن جي واڙيءَ ۾ پوکڻ نه ٺھي. تنھن ريت گدڙ کي پنھنجي سنگت ۾ آڻڻ اھڙو آھي، جھڙو ڪيوڙن (ڪيلن) وچ ۾ ٻيرِ پوکڻ.“
    نيٺ گڏھ پنھنجي ڳالھ اڳي ڪري، شينھن جي خدمت ۾ عرض ڪري، گدڙ کي پنھنجي يارن ۾ آندو. ان ريت ڳچ جھڙا ڏھاڙا گڏ گذاريائون جو گڏھ جھنگ جا گاھ کائي، پيٽ ڀري. گدڙ ۽ ڪانءُ، شينھن جي اوبر سوبر کائي گذارين.
    ھڪڙي ڀيري، ٻه ٽي ڏھاڙا ساندھ، شينھن کي شڪار ھٿ ڪو نه لڳو. پر پنھنجي وڏائيءَ جي ھٺ کان ماٺ ڪيو وتيو. ڪانءَ ۽ گڏھ، ھيڏي ھوڏي جا داڻا ڪڻا، ڪک ڪانا کائي، ٿي گذاريو. پر گدڙ کي بک ماندو ڪيو. تڏھن شينھن ۽ گڏھ جي پر پٺ، ڪانءَ سان پَھُ ڪيائين ته جيڪڏھن گڏھ کي شينھن جي ھٿان مارائجي ته سڄي سنگت جي بک لھي.
    ڪانءَ اھا ڳالھ ٻڌي، گدڙ کي لعنت وجھي چيو؛ ”ھن ريت، چڱي ڪرڻ واري جو بڇڙو گھرڻ، حرامين جو ڪم آھي.“
    گدڙ، اتي پنھنجو منھن ڪارو ڏسي، ڊوڙي وڃي گڏھ ڀيڙو ٿيو. اوچتو پريان شينھن کي ايندو ڏسي، گڏھ کي منھن، منھن ۾ ڏنائين، جھڙيءَ ريت ڪو ھوري ھوري ڳالھ ڪري. پر ڳالھ ڪا ڪا نه چيائينس. جيتري ۾ شينھن اوڏو آيو، تيتري ۾ گدڙ ڀڄي، گڏھ کان پري ٿيو. شينھن ايندي سان گڏھ کان پڇيو؛ ”گدڙ، ڪن ۾ ڇا چيئي؟“
    گڏھ ويچاري، موران گدڙ جي واتان ڪي ڪين ٻڌو ھيو. تنھن ڪين باسيو. تڏھن شينھن شڪ ڀرجي، گدڙ کي پاسي ڪري پڇيو. گدڙ حراميءَ، ڪوڙ ڪري چيو؛ ”فلاڻو شينھن، جو تنھن جو ويري آھي، تنھن ڏي نياپو ڏنائين؛ ’اسان جو شينھن، ھاڻي بک ماندو ڪيو آھي. جي اچڻو آھين ته ويرم نه ڪر.‘ پر مون نه باسيو.“
    شينھن، اڳي بک ڇتو ڪيو ھيو، ويتر ھيءَ ڳالھ ٻڌي، ڪاوڙيو. جھڙيءَ ريت، اڳي نچڻي، ويتر پيس گھنگھرو.
    نيٺ شينھن، ھڻي گڏھ ماري وڌو. ڳچ ويرم کان پوءِ، ڪانءُ اچي گڏھ کي شينھن جي ھٿان مئو ڏسي، کلي چوڻ لڳو؛ ”ھڪڙو چوي، ٻيو مڃي؛ ته ان جو پورھيو، ڌڻي نه ڀڃي، ۽ ھيءُ چوي، ھو نه مڃي، ته ھُن جي اڳين پوئين وڃي. جي گڏھ، منھنجو چوڻ وٺي، گدڙ کي پنھنجي صحبت ۾ نه آڻي ته ھن ريت بيڏوھو، ڏوھَ-پَن جي نه مري.“
    حاصل ڳالھ جو؛ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ مان ڳُڻُ اھو آھي، جو گڏھ پاتو. تنھنڪري چڱو ھيءُ اٿئي جو بڇڙي کي آڌر نه ڏي ۽ بڇڙي جي سنگ کان پڻ ڀڄ.

    بيت
    ڪميڻن جي ڪھل جو، ڀڃي ڇڏج ڀيرُ،
    ندورن جي نينھن کان، پري رکج پيرُ،
    جيئن ٻٻر مان ٻيرُ، تيئن نيڪي ندورن مان.


    ۶-۵ ڳالھ پنجين؛ باندر ۽ چيھي جي

    ۶-۵ ڳالھ پنجين؛ باندر ۽ چيھي جي

    رُوھيءَ جي ڏھاڙن ۾ ڀولو ھڪڙو، سيءَ جو ماريو، ڏڪندو ڦرڪندو، وڻ ھڪڙي ھيٺ وڃي ويٺو. تنھن وڻ ۾ چيھي جو ھڪڙو آکيرو ھيو. چيھي باندر کي ڦرڪندو ڏسي چيو؛ ”آ پکي، ٻه-ڄنگھو آھيان. تڏھن به پنھنجي سُکي ٿي ويھڻ لاءِ آکيرو جوڙيو اٿم. جنھن ۾ سياري جي ڏوجھري کان بچيو ويٺو آھيان. تو کي ڌڻيءَ سڀ لڱ ماڻھن جھڙا ڏنا آھن، ته به پنھنجي ويھڻ لاءِ، ڏَرِ توڙي آکيرو، ڪو نه جوڙيو اٿي. جنھن ڪري ٿڌ ۾ ڌڪا ٿو کائين.“
    ڀولي اھا ڳالھ ٻڌندي، ٽپو ڏيئي، چيھي جو آکيرو ڇني، ڦاڙي، چيو؛ ”پنھنجو ڪين جوڙيان، پر پرائو ڊاھيان.“
    بڇڙي کي چڱي مت ڏسڻ جو اھو حال آھي. جنھنڪري ويچاري چيھي پنھنجو جڙيو آکيرو ڊھرايو. ڏاھن جو پھاڪو آھي، جو؛

    بيت
    ڌاتوري ڌاري، ڪجي ڪار ڪماند جي،
    ته به اصل انھيءَ پار جا، ڏينا ڏيکاري.
    تنھنڪري ڄاڻجي ٿو جو؛ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ، ڀلائي نه آھي. تو کي پڻ گھرجي جو بڇڙي سان ڀلائي نه ڪر. پنھنجي پڄنديءَ آھر، بڇڙي سان سنگ نه ڪر.

    بيت
    ڪمائي ڪميڻن سان، آھي اجائي،
    جھڙو ھَرُ ڪلر ۾، ڪاھڻ ڪچائي،
    واريءَ وسي مينھُن، ڪا پوک نه پچائي،
    طوطي طرح ڪانءَ سان، ڪجي ڪمائي،
    ته به ٻولِي ٻولَي پنھنجي، عادت اھا ئي،
    ڪري ڀال بگھڙ سان، ڪنھن لوڙي چڱائي،
    ڪجي کُنڀِ کُوري کي، ته به ڪڍي ڪارائي،
    ڳالھيون ڳڻن جون ڪري، ڪنھن ڳوھ نه ريجھائي،
    اوڙڪ اھڙيائي، نيڪي ندورن سان.
    ---
    نيڪي ندورن سان، ڦٽاڻي ۽ ڦير،
    جھڙي نيڪي نانگ سان، ويتر وڌي وير،
    پالي پُٽُ بگھڙ جو، ڪونئرو ڪري ڪير،
    ڇتو ڇڏي ڪينڪي، بگھڙ وارو ڀير،
    ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، ٻٻر نه ڏئي ٻير،
    اڱر اڇو نه ٿئي، جي صابڻ ھڻي سير،
    پُرجھي پائج پير، پليتن جي پَرِ ۾.
    ---
    پليتن جي پَرِ جا، ٻُڌو ويھي پارَ،
    سونھن ڪين سھي، جيان ٻليءَ وارا ٻارَ،
    ھرڻن وانگي نه ھلي، سندي ڪتن قطارَ،
    ڪٻر ڪنان ڪين ٿئي، ڪبوتر جي ڪارَ،
    ڪڏھن ٿئي ڪينڪي، سائين منجھان سارَ،
    گڏھ گابو نه ٿئي، جي ڪري حرص ھزارَ،
    سَوَ ڪري سينگارَ، ته به کودڙيءَ پُٽُ کودڙو.


    ستون باب: سياڻن جي سھڻن نُڪتن جو

    ۷-۱ ڳالھ پھرين؛ تيمور لنگ ۽ دولت جي

    ۷-۱ ڳالھ پھرين؛ تيمور لنگ ۽ دولت جي

    تيمور لنگ بادشاھ، ھڪڙي ڏھاڙي، شڪار ڏي چڙھيو ٿي ويو. واٽ تي ھڪڙي زال انڌيءَ، سوال ڪري پِنَ گھريس. بادشاھ، زال اڀري ڏسي، بيھي رھيو. ۽ پڇيائينس؛ ”نالو ڇا اٿئي؟“
    انڌيءَ ھٿ ٻڌي چيو؛ ”منھنجو نانءُ دولت آھي.“
    تڏھن بادشاھ چٿر ڪري چيس؛ ”دولت، انڌي ڇو ٿي آھين؟“
    زال چيو؛ ”جي دولت انڌي نه ھجي ته تو منڊي وٽ ڇو اچي؟“
    ڏسو! زال انڌيءَ ڪھڙي سھڻي ورندي، ٻن ارٿن (معنائن) سان، بادشاھ کي ڏني، جا ٻڌي زال جي عقل کي شابس چئي، بادشاھ گھڻو مُجرو ڏياريس.
    سياڻن جو مانُ، جاتي ڪاٿي، ڌڻيءَ ڪيو آھي. تو کي پڻ گھرجي جو سياڻن جو سنگُ ڪر ته سياڻو ٿين. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) سياڻن جو سنگُ؛ جھڙو پارِس جو پاسو. پارِس کي لڳي، لوھ به سون ٿئي.

    بيت
    سنگُ سياڻن جو، اڇو اُجارُو،
    جيئن ڪَنجھي ڪائي کي، پارِسُ ۽ پارُو،
    ڪَسُونبي ڪيسون کي، جھڙو گٽِ گارُو،
    جيئن سوني سونارو، اُجاري اڇو ڪري.

    (ڪسُونبي؛ آفيمي، اَملِي، افيم جو مَوالي. نَشائي، خماريل، نَشئي. ڪيسون؛ ٻٻر بازو؟ گٽِ؛ ڪاٺ جو ٿلهو ٽڪر جو زيان ڪندڙ ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي، گَٽوُ، طوقُ.)


    ۷-۲ ڳالھ ٻين؛ لالا دولت رام جي

    ۷-۲ ڳالھ ٻين؛ لالا دولت رام جي

    سنڌ جي ڏيھ ۾، آڳاٽو ھڪڙو لالا دولت رام ملتاني، ناليرو ٿي لنگھيو آھي. سو ھڪڙي ڏھاڙي، سمرڻي (مالھا، تسبي) ھٿ ۾ ڪري، مير صاحب مراد علي خان بھادر، سنڌ جي صوبي جي سلام تي ويو. مير صاحب، سمرڻي ڏسي پڇيس؛ ”سمرڻي ۾ ڪيترا داڻا آھن؟“
    چيائين؛ ”ھڪڙو سؤ اٺ.“
    مير صاحب چيو؛ ”ھندو حق تي ڪين آھن. نا ته داڻا، پورو سؤ رکڻ گھرجي.“
    اھا ڳالھ ٻڌي، لالا چيو؛ ”ابجد جي ليکي ۾، حق جا عدد، ھڪڙو سؤ اٺ آھن. ھن ريت جو ح جا اٺ، ق جو ھڪڙو سؤ. تنھنڪري، سمرڻي جا داڻا پڻ اوترا برابر آھن.“
    اھا ڳالھ ٻڌي، مير صاحب گھڻو سرھو ٿيو. جيتوڙي ته ھيءَ ورندي، مير صاحب جي مرضيءَ ۽ مذھب جي ابتڙ ھئي. پر سياڻا چوندا آھن؛ ”سُورِ ۾ سڄي کي، ويري وَکاڻي.“ تھڙي ريت، مير صاحب سندس عقل کي جَسُ چيو.
    سياڻن سچ چيو آھي؛ ”سياڻپ؛ اڌ ڪرامت آھي.“
    تنھن ڪري تو کي پڻ گھرجي جو سياڻن جو سنگُ ڪر. من تون پڻ سندن سنگ ۾ سياڻپ پرائين. جھڙيءَ ريت، ڪرڙ جي ڪاٺي، سرکنڊَ (صندل) سان لڳي سرکنڊُ ٿئي.

    بيت
    سياڻن جي سنگَ ۾، جو گڏجي گذاري،
    اندر ان جو اجرو، جيئن شيشو سان پاري،
    ماڻھن جي مت لڳي، جيئن طوطو تنواري،
    لائي پاسو لوھ کي، پارِسُ جيئن پاري،
    اوجاري جيئن اُجاري، سونارو سون کي.


    ۷-۳ ڳالھ ٽين؛ ديوان گدومل جي

    ۷-۳ ڳالھ ٽين؛ ديوان گدومل جي

    جن ڏھاڙن ۾ سنڌ جو ڏيھُ، ڪلھوڙن جي ھٿن ۾ ھيو، تن ڏھاڙن ۾ ڪلھوڙا، خراسان کي ڍل ڀريندا ھيا. ديوان گدومل، جنھن کي مَلُ ڪري چوندا ھيا، ڪلھوڙن جي پاران وڪيل ٿي، بُجڪا اُچن اُچن ڪپڙن جا ۽ صندوقون چڱن چڱن ھٿيارن جون، دٻليون جواھرن جون ۽ ٻيون سوکڙيون چڱيون چڱيون ساڻُ ڪري، خراسان جي بادشاھ ڏي ھليو. واٽ ۾، سوکڙين جي واھِرُن (واھت ڪندڙن، چوڪيدارن)، ويرين (دشمنن) جي سيکارڻ پٽاندر، ڊوھُ (ٺڳي) ڪري، دٻلين مان جواھر چورائي، تن جي بدران چيڪي مٽي وجھي ڇڏي. نيٺ جنھن مھل ديوان، بادشاھ جي درٻار ۾ اھي سوکڙيون ڪڍيون سي سڀ بادشاھ ڏسي سرھو ٿيو. پر پڇاڙيءَ ۾ دٻلين ۾ چيڪي مٽي ڏسي، تپرس کائي پڇيائين؛ ”ھيءَ شيءِ ڪھڙي آھي؟“
    ديوان پنھنجي ڳالھ مٿي ٿيڻ لاءِ، ٺاھُ ڪري (ھٿ جي ٺاھي) چيو؛ ”اسان جي سنڌ ۾ سوا لک (۱۲۵۰۰۰) پيرن جو آھي. ميان صاحب يعني ڪلھوڙي، سڀن پيرن جي خاڪ گڏ ڪري، بادشاھ لاءِ سوکڙي موڪلي آھي.“
    بادشاھ اھا ڳالھ ٻڌي، سرھو ٿي، ھيءَ سوکڙي سڀن سوکڙين کان وڌ ڄاڻي، پنھنجي ۽ پٽن ۽ بيگمن جي مٿي تي لاتي. ۽ ديوان کي گھڻو ڪي پھراڻي ڏياريائين.
    ڏسو! سياڻن جا ڪم، جو سياڻپ جي وِتَ سان مٽيءَ جو مانُ، جواھرن کان وڌِ ڪيائون. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ سياڻپ، ڀلو ٿوڪُ آھي. سياڻپ جھڙي موڙيءَ کي، چور جو توڙي باھ جو، ڊپ ڪو نه آھي. جي سياڻپ جھڙو ناڻو تو کي ساڻُ ھوندو ته ڪاٿي بک ڪين مرندين ۽ جاتي ڪاٿي مانُ مُھَتُ لھندين. تنھن ۾ تو کي گھرجي جو ڏاھپ لاءِ ڏاھن جو سنگُ ڪر ته ڏاھو ٿين. سنگ کان سواءِ ڏاھپ، ھٿ نه اچي. ھيءَ ڳالھ پڌري آھي؛ ”ماءُ پيٽان سکي، ڪو نه نڪري.“

    بيت
    اڪثيران اڳرا ڪري، سياڻا سُڃاڻُ،
    ھو ڪَنجھي کي ڪندن ڪري، ھو ڪُن جھڙو ڀرپاڻُ،
    سُرمو سياڻپ جو، سانڍيو وتن ساڻُ،
    جنھن کي پنھنجي جُود سان، ڪن اکين جو اُھڃاڻُ،
    ڏسي ڏاھو ٿئي، انڌو ۽ اڻ ڄاڻُ،
    ڏَڏَ! ڏاھن جي ڏَسَ تي، سمجھي ٿي سُڄاڻُ،
    ڏاھپَ وٺج ڏاڻُ، تون پڻ تن جي توھَ سان.

    ۷-۴ ڳالھ چوٿين؛ مُھاڻي ۽ وزير جي
    مُھاڻي ھڪڙي جي ڄار ۾، مڇي ھڪڙي، گھڻو سھڻي، ڦاٿي. جنھن جھڙي اڳي ڪا نه ڏٺي ھيائين. سا مڇي ڍوئڻو ڪري (ڪاسبي ماڻھوءَ جو تحفو، سوکڙي)، راجا وٽ کڻي ويو. راجا، اھا مڇي ڏسي، سرھو ٿيو ۽ ٻه سؤ رپيا مُھاڻي کي مُجرو (انعام) ڏياريائين. وزير کي، ٿوري ڍوئڻي جو گھڻو مُجرو ڏيڻ، نه وڻيو. تنھنڪري مُھاڻي جي پَرَ پُٺِ ھٿ ٻڌي، راجا کي عرض ڪري پَھُ ڪيائين ته مُھاڻي کي، سڏي پڇجي ته ھيءَ مڇي جي نَرُ ھجي ته سندس مادي، جي مادي ھجي ته سندس نَرُ ڦاسائي اچي ته مُجرو مليس. يعني ان مڇيءَ جو جُتُ (جوڙ) ھٿِ ڪو نه ايندس. تنھنڪري مُجرو ٿورو ڏبس.
    ان ريت مُھاڻي کي سڏي پڇيائين؛ ”ھيءَ مڇي نَرُ آھي ڪي مادي؟“
    مُھاڻي چيو؛ ”ھيءَ مڇي، کدڙي آھي.“
    راجا، ھيءَ سياڻپ مُھاڻي جي ٻڌي، گھڻو سرھو ٿيو. ٻيا پڻ ٻه سؤ رپيا مُھاڻي کي ڏياريائين.
    سياڻپ، اھڙي آھي جو مُھاڻي سياڻپ ڪري وزير جي ڳالھ کان پنھنجي ڳالھ مٿي ڪئي. نه ته ’ڇا ڏجي ڪوريءَ، ڇا ڏجي ترار.‘ ڪاڏي مُھاڻو، ڪاڏي وزير.
    سياڻن جو مانُ ۽ مُلھ، ڌڻيءَ وڏو ڪيو آھي. جاتي ڪاتي سياڻن جي اڳيان، اياڻن جو مانُ گھٽ آھي. ۽ جيڪي سياڻن جو سنگُ ڪن، تن جو پڻ نيٺ ڀلو ٿئي.
    جھڙيءَ ريت سکر چيو آھي؛ ”عطريءَ جي ھٽ تي ويٺي ري-عطر ملڻ باس گھڻي ملي.“
    تنھنڪري تو کي گھرجي جو (ته) پنھنجي ڄمار، اجائي نه وڃاءِ ۽ سياڻن جو سنگ ڪر ته من تون پڻ ان جي برڪت ساڻُ، سياڻن جي ليکي ۾ اچين. جھڙيءَ ريت، لوھ ڪاٺ سان لڳي، پاڻيءَ تي تري.

    بيت
    سياڻن جي سنگ جي، پارِسَ جھڙي پَرِ،
    ھو لائي پاسو لوھ کي، زودئون ڪري ٿو زَرِ،
    ڏاھپ ملي ڏيل کي، ھنن جي آڌر،
    چيو ان جو چاھ سان، سيني سانڍي ڌر،
    پير نه پاسي ڪر، لڳي ساڻن سونُ ٿيءُ.


    ۷-۵ ڳالھ پنجين؛ نواب غازي خان جي

    ۷-۵ ڳالھ پنجين؛ نواب غازي خان جي

    پنجاب جي ملڪ ۾، ھڪڙو شھر غازي خان جو ديرو، پڌرو آھي. ان شھر جو نواب، غازي خان سياڻو مڙس ھيو. تنھن جي حياتيءَ وارن ڏھاڙن ۾ ھڪڙو ٺڳ، ڳچ جيترا ھيرا دٻليءَ ۾ پائي، ڳھُ رکڻ لاءِ، ھڪڙي شاھوڪار وٽ کڻي آيو. شاھوڪار، ان ٺڳ کي شاھوڪار ڄاڻي، اھي ھيرا ڏسي ڀالي، دل جاءِ ڪري، ڳَھُ رکڻ باسيو. پر پيسن جي وياج تي چؤٻولو ڪيائين. ايتري ۾ ٺڳ اھا دٻلي کڻي، پنھنجي کيسي ۾ وڌي. ڳچ کان پوءِ ٺڳ، ان شاھوڪار جي چوڻ موجب، وياج باسيو. تڏھن شاھوڪار، ھيرا ڏيڍ ھزار جو مالُ ڄاڻي، تن جي ڳھَ جو ھڪ ھزار رپيا، ٺڳ کي ڏنو. ۽ ٺڳ دٻلي ھڪڙي، ان جھڙي جنھن ۾ اصلي ٺڳيءَ لاءِ، ان ھيرن جي نموني، ڪوڙا داڻا وجھي آيو ھيو، ڪڍي شاھوڪار کي ڏيندي، رپيا کڻي ھلندو رھيو.
    ويچاري شاھوڪار وسوڙل، اھا دٻلي ساڳي ڄاڻي، رکي. ڳچ ويرم کان پوءِ دٻلي پٽي منجھس ھيرا ڪوڙا ڏسي، ارمانُ کاڌائين. پر ٺڳ جو ڏسُ کُرُ ڪو نه ھيس. تنھن ڪري ناڻي (موٽي) ملڻ جو سوس پلي (آسرو لاھي) (ويھي) رھيو.
    ايتري گھاٽي جو سور، پڻ دل ۾ سانڍي نه سگھيو.
    نيٺ اھا ڳالھ، واندڪائيءَ ويلي، شھر جي نواب کي سڻايائين. نواب اھا ڳالھ ٻڌي، ڳڻتي (سوچ) ڪري، شاھوڪار کي پھُ (رستو) ڏسيو.
    تنھن موجب شاھوڪار، ٻه ٽي ڏھاڙا وٿي وجھي، ھڪڙيءَ رات پنھنجي گھر کي کاٽُ ھڻي، گھر جي شيءِ ٻيءِ ھيٺ مٿي ڪري ڇڏي ۽ صبح جو چورن کان ڦرجڻ جو بھانو ڪري، پڪاريائين.
    سا ڳالھ ٻڌي، ماڻھو گھڻا اچي مڙيا. تنھن مھل شين ٻين جون سارون ڪري، چوڻ لڳو؛ جيڪا گھر جي وَٿُ سَٿُ ويئي، تنھن جو سانگو ڪو نه آھي. پر ھڪڙي دٻلي ھيرن جي پرائي، ڳَھَ ۾ ھئي، جا چوري ٿي ويئي آھي. تنھن جي ڌڻيءَ کي ڪھڙو جواب ڏبو.
    ڳچ ويرم ۾ اھا ڳالھ، سڄي شھر ۾ پکڙي سُڄي رھي (سُئي/ ٻڌي وئي).
    ٺڳ اھا ڳالھ ٻڌي، پنھنجو مڪو متو ڏٺو. جھڙيءَ ريت پھاڪو آھي؛ ”ڪنگ کي لڙ ۾ مزو.“ دل ۾ وَڳڙو سِٽي، اھا ساڳي ڳوٿري ناڻي جي ۽ ٻه ٽي رپيا وياج جا ساڻُ ڪري، شاھوڪار وٽ آيو، ۽ اچي پنھنجا ھيرا گھريائين. شاھوڪار ناڻو ھٿ ڪري اھا دٻلي، جا ھٿ سان پاسي ڪئي ھيائين، ڪڍي ٺڳ کي ڏني. ايتري ۾ نواب جي ماڻھن، جي (جيڪي) ماڻھن جي سَمَنَ تي بيٺا ھيا، ٺڳ کي جھلي ھٿيڪو ڪيو.
    ڏسو سياڻپ جا ڪم! جو نواب ڪھڙي کيڏ ڪري، ٺڳُ ھٿ ڪيو. ۽ شاھوڪار جو مالُ ھٿ ڪري، پنھنجو ناماچار وڌايائين. پھاڪو آھي؛ ”ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي.“ تنھن ڪري ڄاڻجي ٿو؛ سياڻپ، سڀ کان چڱي آھي. ۽ عقل کان سواءِ ماڻھو اھڙو آھي جھڙو اکين کان سواءِ انڌو. سياڻا چوندا آھن؛ ”بخت پڻ، عقل جو محتاج آھي.“ پر سياڻن جي سنگ کان سواءِ، سياڻپ ھٿ نه اچي. تنھن ۾ تو کي پڻ گھرجي جو سياڻن سان سنگ ڪر ته سياڻو ٿين.

    بيت
    پارِسَ جھڙا پارَ، سياڻن جي سنگ جا،
    سِيھي منجھان سونُ ڪن، لائي پنھنجي لارَ،
    ڏيکارين ڏڏن کي، عقل جا اسرارَ،
    موڳن کي مت ڏين، موچارا مھندارَ،
    سمجھي وٺ سنڀارَ، تون پڻ سندن سنگ مان.


    ڪتاب جي پڄاڻي

    ڪتاب جي پڄاڻي

    ھن ڪتاب کي، ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڻي ته منجھس ڳالھيون ڪچيون ۽ ڦڪيون آيون آھن. پر سندن مطلب، گھڻو سُپَڪ ۽ سوادي آھي. جھڙو ڪڙيءَ (ڪؤڙيءَ) باداميءَ جو تيل. تنھن ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گھرجي ۽ سندس حاصل کي ڏسجي. جھڙيءَ پَرِ اڪ ۾ ماکي ڏسي، اڪ-ڪڙائيءَ کي نه نھاري، ماکي لاھجي. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪم ماکيءَ سان آھي. تنھن وانگي، ڳالھين جي ڪچائيءَ تي، باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اڪ جي کارائيءَ طرح ڌيان نه ڪري، مطلب جو تيل ۽ ماکي ھٿ ڪبا ته گھڻن ڏکن جي ڏُوار لاءِ ٻُڪي ٿيندي. ھن ڪم ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اھڙو آھي، جھڙو مک سڄو بُتُ ڇڏي، ڦٽ تي ويھي.
    تنھن ڪري چڱو ھي آھي؛ ”ڀونئر وانگي ڳالھين جي جھنگ مان، ڳُڻن جو واسُ وٺجي.“

    بيت
    ڳالھين مان ڳُڻُ وٺي، سيني ۾ ساراھ،
    ڪڍي اڇي انّ کي، بُھُ ڦوڪي ڏي باھِ،
    ڇا کي ڇاڻي ڇاھِ، مطلب ڪر مکڻ مان.

    بيت
    ٻاجھاري جي ٻاجھ سان، نيڻن سندي نِرِتِ،
    ڳڻن سنديون ڳالھڙيون، جيڪي ڏينُمِ جِتِ،
    رکي اُرُ انھن تي، تاڻي وتيم تِتِ،
    ٺاھي آندم ٺاھ ۾، سَڻائيءَ سِرِتِ،
    ڪمائي ڪتاب ڪيم پورو، ساڻُ پِرِتِ،
    ليکِڻ (قلم، پين) ھلي ھِتِ، بس ڪري بيھي رھي.

    ڌڻيءَ جي ٻاجھ سان

    پورو ٿيو ڪتاب سوکڙي ڳالھين جي، تصنيف ۽ صحيح ديوان ڪيولرام پينشندار جو، ھٿان حافظ علي محمد خوش نويس جي، تاريخ ۲۱، مھيني سيپٽمبر ۱۸۶۵ع جي. وديا ساگر ليٿوگرافيءَ پريس حيدرآباد جي ۾ ڇاپِئو ٿيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2451071
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627229
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ