پنھنجي پاران
انھيءَ ڪري جن ماڻھن سنڌي قوم کي جيارڻ ۽ جدوجھد جي ميدان ۾ آڻڻ جو سوچيو ٿي، تن سڀ کان پھرين اھو ضروري ڄاتو ته سنڌين جي دماغن تان دشمن جا چاڙھيل ڪٽ لاٿا وڃن، سندن ذھنن جا زنجير ٽوڙيا وڃن. کين خاطري ڏياري وڃي ته ’اوھان جي غلامي، بي پھچي، بي وسيلائي، نڌڻڪائي، ڪمزوري ۽ اڻڄاڻائي اِھي سڀ عارضي شيون آھن. اوھين به بھادر آھيو. اوھين به سورما ٿي سگھو ٿا. اوھين به پنھنجي آزادي حاصل ڪري سگھو ٿا، اوھين به پنھنجي قسمت بدلائي سگھو ٿا.‘ انھي قومي پاليسيءَ موجب سنڌي ماڻھن مان ڪنھن به ڪا چڱي يا ٿورڙي به مڙسيءَ واري ڳالھ ٿي ڪئي ته ان ڏانھن سڄي قوم جو ڌيان ڇڪايو ٿي ويو. اديبن ۽ لکندڙن ڪوشش ڪري ننڍڙيءَ ۾ ننڍڙي ھمت کي ساراھي، ھمت وارن ماڻھن جي ھمت وڌائي ٿي. ايتري قدر جو ڪنھن خاص مڙسي نٿي ڪئي، رڳو پنھنجي گھر ماٺ ڪيو ويٺو ھو يا ڪنھن رڳو قوم خلاف ڪو ڪُڌو ڪم نٿي ڪيو ته ان جي به تمام گھڻي ساراھه ڪئي وئي ٿي. مثال طور: ڪو وڏو زميندار رڳو قوم دشمن وزارتن ۾ شريڪ نٿي ٿيو يا ڪنھن پنھنجي قوم وڪڻڻ واري ون يونٽ جي ٺھراءَ تي صحيح نٿي ڪئي ته ان کي انھيءَ پاليسيءَ موجب تمام گھڻو ساراھيو ٿي ويو. اھڙيءَ ريت قوم جي مٿان اھو ڀوت لاٿو ويو ته ڪي سنڌي سڀ ڊڄڻا، گِيدي، بزدل ۽ قوم فروش آھن. انھي ڪري سنڌي قوم ۾ ڪافي خود اعتمادي پيدا ٿي ويئي.
ھر شيءِ جا ٻه پاسا ٿيندا آھن. انھيءَ ھمت افزائيءَ واري پاليسيءَ جو ٻيو پاسو به ھو، جو جلد ظاھر ٿيو. اھو ھي ته ماڻھن ۾ ھي تاثر پيدا ٿي ويو ته ’قومي سورمو‘ ٿيڻ لاءِ ڪا خاص مٿا ڪُٽ ڪرڻ، ڪو ڊگھو ۽ لمبي عرصي وارو قومي ڪردار ادا ڪرڻ، ڪي تمام وڏا ڏک ۽ ڪشالا ڪاٽڻ، ڪا واقعي لاجواب بھادري ۽ سورھيائيءَ ڪرڻ، پنھنجي زندگي ھميشہ ھميشہ لاءِ قوم واسطي وقف ڪرڻ، ڪا وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، سکڻ، تحقيق ڪرڻ، زبردست احتياط ۽ خبرداري ڪرڻ واري دور انديشي، دانائي ۽ ڏاھپ کان ڪم وٺڻ، سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ، غلطيون نه ڪرڻ، ھميشہ ھر گھڙي، ھر پل سِر جي سٽ ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانھي. ’سنڌي سورمو‘ ٿيڻ ھاڻي ھڪ معمولي ڳالھ ٿي ويئي. ڪو نعرو ھڻي، ڪو ٻه ٽي ڏينھن يا ٻه ٽي سال، سواءِ ڪنھن خاص ايذاءَ ۽ عذاب جي جيل ۾ رھي يا ڪو مضمون يا ڪتاب لکي يا شعر چوي، سٺي تقرير ڪري يا ڪنھن کي دشمن راھه گناھه ماري وجھي، اُن کي به اسان ھڪدم عظيم سورمي ۽ جوڌي جو لقب ڏيئي ڇڏيو ٿي.
انھيءَ ڪري قوم جي سورھيائيءَ جو معيار تمام پست رھجي ويو آھي. سورھيائي اکر جي معنيٰ تمام خسيس ۽ کِل جھڙي ٿي پئي. ڪن حالتن ۾ ’قومي سورمو‘ ٿيڻ ڄڻ ھڪ تماشو ۽ مذاق بڻجي پيو آھي. ڏٺو ويو آھي ته ھاڻي جماعت اسلامي جھڙن ڪٽر سنڌ دشمن ٽولن جا سنڌي دلال به پاڻ کي ’فلاڻو خان‘_ ’سنڌڙيءَ جو سَپوت‘ ۽ ’جوڌو جوان‘ سڏائڻ لڳا آھن. انھيءَ ڪري ضرورت ٿي آھي ته انھيءَ باري ۾ اسان پنھنجي قومي پاليسيءَ کي درست ڪريون. اڄ انھيءَ ڳالھ جي ضرورت آھي ته سنڌي قوم کي سيکاريو وڃي ته صحيح معنيٰ ۾ ’قومي سورما‘ دنيا ۾ ڪھڙا ٿيندا آھن، ته جيئن سنڌ جا ماڻھو اڳتي ھلي سچا پچا ۽ ’عظيم سورما‘ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪن، ۽ ڪُوڙن سورمن ۽ دشمن جي دلالن کي ھمت ئي نه ٿئي ته ھو پاڻ کي سورھيائي ۽ سورمائيءَ جا ڪُوڙا لقب ڏيئي سگھن. انھيءَ ڏَس ۾ اسين دنيا جي ھڪ سچي سورمي ۽ ھڪڙي سچي سورھيه جي ھيءَ سچي ڪھاڻي پيش ڪريون ٿا.
ھيءُ ”سنڌي عوامي ڪتاب گھر“ جو پنجون ڪتاب آھي. ھن کان اڳ ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ – ”ھوچي منھ جي ڪھاڻي“- ”مائوزي تونگ“- ”جيڪي بنگال سان ٿيو“ ڪتاب پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري چڪا آھيون.
پڙھندڙ ساٿي پنھنجي راين ۽ تنقيدن سان اسان جي رھبري ڪندا ته مھرباني.
رسول بخش پليجو
تاريخ- 18 آڪٽوبر 1973