8
مان اُن ڳڻتيءَ ۾ ڳري رھي ھيس. ڇا، ھو اڃا به چِي ھُوا جيل ۾ آھي، يا مونکي بيوقوف بڻائڻ لاءِ روز سندس جيل مٽائيندا رھن ٿا! ممڪن آھي ته ھِن وقت تائين ماري ڇڏيو ھجننس. مان کيس ڳولڻ لاءِ جيل ۾ موت جي سزا وارن قيدين جي وارڊ ۾ پھتيس. مان اڃا ھڪ سنتريءَ جي جواب جو انتظار ڪري رھي ھيس، ته اوچتو منھنجي ڪنن تي آواز پيو، ”ڪوئِينِ- ڪوئِينِ!“
اُھو منھنجي مڙس جو آواز ھو. جڏھن مان ڊوڙ پائي ٻاھر آيس، ته جيل جي ھڪ گاڏي منھنجي آڏو لنگھي ويئي. گاڏيءَ جي ننڍڙيءَ دريءَ مان مونکي تُروئِيءَ جو منھن نظر آيو. ھو مونکي سڏي رھيو ھو ۽ الوداع چئي رھيو ھو. مان بدحواس ٿي گاڏيءَ جي پٺيان ڊوڙيس ۽ رڙيون ڪرڻ لڳيس ته ”ماڻھؤ، منھنجي مڙس کي بچايو- ھي کيس مارڻ ٿا وٺي وڃن-“ گاڏي ھڪ موڙ وٽ نظرن کان اوجھل ٿي ويئي. مان رستي جي اڏامندڙ دز کي ڏسندي رھجي ويس. مان مدد لاءِ پڪاري رھي ھيس ۽ ”تُروئِي، منھنجا تُروئِي!“ پڪاري رھي ھيس. آفيس جي دريءَ مان منھن ڪڍي، ھڪ سنتريءَ چيو، ”ڇاجي لاءِ ٿي رڙيون ڪرين. ھو تنھنجي مڙس جون تصويرون ڪڍڻ ويا آھن. ٽپھريءَ جو موٽي ايندا. مان توکي پاسِ ڏيندس. ٽين وڳي اچجانءِ توکي ملاقات جي موڪل ملندي.“
مون کي ھن کي اعتبار نه آيو- ”سچ ٿو چوين؟“
”ھا ھا- ھي وٺ پاسِ.“
اُن کان پوءِ مون کي اطمينان ٿي ويو. ٽين وڳي مان اُتي پھتيس. موت جي سزا وارن قيدين جي ڪمري ۾ تُروئِي منھنجي انتظار ۾ ھو. ھو پنھنجي ٻانھن ڪَنڌ جي ھيٺان ڏيئي، ھڪ بينچ تي ليٽيو پيو ھو. سندس ڀرسان ھڪ قيدي ويٺو ھو، جيڪو ٽماڙ تان سھارو ڏيئي کيس ھيٺ لاھي آيو ھو. ڪجھ فُٽ پري، ھڪ پوليس جو ماڻھو ننڍڙيءَ ميز آڏو ويٺو ھو. تُروئِيءَ جو دوست مونکي ايندو ڏسي، اٿي ويٺو. ھن کي اڇي قميص ۽ ليڪن واري چڍي پيل ھئي.
مون کاڌي جي شين جي ٽوڪري ھٿ ۾ مضبوط جھلي، ته ڪٿي ڪِري نه پوي. مون کي پنھنجي قيدي ساٿين جي نصيحت ياد آئي ته ”پنھنجو ڪَنڌ سدائين مٿي رکجانءِ. ڇا به ٿئي، روئجان نه! روئڻ سان تنھنجي پيارن جي پريشاني وڌي ويندي.“ مون نٿي گھريو ته تُروئِيءَ کي زندگيءَ جا بچيل ٻه ٽي ڏينھن منھنجي ڪري پريشاني ٿئي. اُن ھوندي به بي اختيار منھنجي اکين مان لُڙڪ وھي ھليا، ۽ مان انھن جي لوڻياٺ پنھنجي چَپن تي محسوس ڪئي. مون سندس نالو وٺڻ گھريو، پر منھنجي نِڙي گھُٽجي ويئي.
مون لُڙڪ پي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. چَپ ۾ چڪ وڌم. ۽ ڪجھ چوڻ کانسواءِ سندس ويجھو ويس. ھن پنھنجون ٻانھون کولي ڇڏيون ۽ منھنجون ٻيئي ٻانھون سوگھيون جھلي، مون کي پنھنجي ڀرسان بينچ تي وھاريو. مون پنھنجو مٿو سندس ڪُلھي تي رکي ڇڏيو. پر مونکي غم تي ڪو وس ئي نه ھو. مون ڳالھائڻ گھريو، پر زبان مان سندس نالو به اڪلي نه سگھيو. مان ھن کي چنبڙي پيس، ۽ منھنجي جھلَ جي آخري ڪوشش به نه ھلي ۽ مان سڏڪا ڀرڻ لڳيس.
ھن ڪيترو وقت منھنجي وارن کي پئي پيار سان لسايو، ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”توکي اھا خبر پڙھي صدمو ٿيو ھوندو-“ مون سُڏڪن سان گھُٽيل آواز ۾ چيو، ”مان ڇا ٻڌايان- مون کي مائٽن ۽ سڄڻن ڏاڍي رک رکاءَ سان اھا خبر ٻڌائي، پر ھو پاڻ به روئڻ لڳا. مان ڪيترا ڏينھن ڳوليندي رھيس ته تون ڪھڙي جيل ۾ آھين. بابا اپيل ڪرڻ لاءِ ھڪ وڪيل ڪيو آھي.“
تُروئِيءَ ان تي ڪاوڙجي چيو، ”وڪيل ٻڪيل نه ڪيو- اجايو پئسا ٿا وڃايو-“ ان کان پوءِ ھن منھنجا ڳوڙھا اُگھي چيو، ”مون سان ناتو رکي، تو ڏاڍا ڏُک پرايا آھن. ڇا تون به مونکي ڏوھي ٿي سمجھين؟“
”مان توسان پيار ٿي ڪريان، مون کي توسان شڪايت ڇو ٿيندي؟ مون گھڻن وقتن تي توکي سمجھڻ ۾ ڏاڍي غلطي ڪئي، پر جيل ۾ ساٿين مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي غلطين کي سمجھڻ لائق بڻايو. جڏھن مون غلطي محسوس ڪئي، ته مان ڏاڍي شرمندي ٿيس. مون کي اھو وھم گمان ۾ به نه ھو ته تون انقلابي ڪم ۾ لڳل آھين، اِن ڪري مان ڪڏھن ڪڏھن شَڪي ۽ جھيڙاڪار ٿي پوندي ھيس، ۽ تنھنجي ڪم ۾ رنڊڪ وجھندي ھيس-“
ھو چوڻ لڳو، ”اسان جي شاديءَ کان ٿورو ئي اڳ مان اُن ڪم ۾ ڏاڍو رُڌل ھوس. اُن ڪري مون کي ڏينھن رات گھر کان ٻاھر رھڻو پوندو ھو. اُنھيءَ قسم جي ڪمن ۾ اصول موجب پنھنجي ڪم کي راز ۾ رکڻو پوندو آھي. اِنھيءَ ڪري ڪڏھن ڪڏھن مان توسان ڪوڙ به ڳالھائيندو ھوس. اِن ڪري ئي تون منھنجي وفاداريءَ تي شڪ ڪرڻ لڳينءَ. مون کي اُن جي خبر ھئي، ۽ تولاءِ مون کي ڏُک ٿيندو ھو. جڏھن کان اسان جي شادي ٿي، مان انجام موجب توکي گھمائڻ نه وٺي ويس، پر اُن کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ھو. مون کي خبر آھي ته مون توسان چڱو ورتاءُ نه ڪيو. شاديءَ کان پوءِ روز شام جو مان نڪري ويندو ھوس ۽ رات جو دير سان گھر موٽندو ھوس، جو مون کي گڏجاڻين ۾ وَڃڻو پوندو ھو، ۽ پنھنجي اوزارن کي ٺيڪ طرح سان لڳائڻ لاءِ دشمن جي چرپر تي نظر رکڻي پوندي ھئي. آءٌ پاڻ کي سٺو مڙس نه بڻائي سگھيس. جي تون ڪاوڙجي ويندي ھئينءَ، ته مان اھو چئي، لنوائي ڇڏيندو ھوس ته مون کي پنھنجو ڪم ڪرڻو آھي. جي تنھنجي جاءِ تي مان ھجان ھا، ته اھڙيون حالتون مون کي پڻ شڪي بڻائي ڇڏين ھا. تون وفادار زال ثابت ٿي آھين. ڪا ٻي رواجي عورت اھڙين حالتن جو مقابلو نه ڪري سگھي ھا. مون کي خبر ھئي ته تون ڏاڍي پريشان آھين، پر مان توسان کولي ڳالھ نه ٿي ڪري سگھيس. مون سوچيو ته پنھنجو ڪم پورو ڪري، پوءِ توکي ٻڌائيندس. ھاڻي ته تون سڀ ڪجھ سمجھي ويئي آھين-“
”مون کي ان وقت خبر پئجي ويئي ھئي، جڏھن ھو توکي ھٿڪڙيون ھڻي گھر وٺي آيا ھئا.“
ھن چيو، ”مان ڪيترا ڀيرا چوندو ھوس، ته مون کي ڪُوڙن ۽ دوکيبازن کان سخت نفرت آھي، ۽ ماڻھوءَ کي ننڍي کان ننڍيءَ ڳالھ لاءِ به ڪوڙ نه ڳالھائڻ نه کپي. ان ھوندي به مون پاڻ ئي توکي دوکو ڏنو ۽ ڪُوڙ ڳالھايا. مون کي ان لاءِ ڪابه ڦِڪائي، ڪوبه پڇتاءُ ڪونھي، ڇوته اِئين مون انقلاب جي عظيم مقصد خاطر ڪيو- ايندڙ وقت ۾ جي توکي سائيگان جي شھر ۾ انقلابي ڪم ڪرڻو پيو، جيڪو دشمن جي ايجنٽن ۽ جاسوسن سان ڀريو پيو آھي، ته توکي به ڳالھيون ٺاھڻيون پونديون.“
مان ھڪ سنگتڙو ڇلڻ لڳيس، ته ھن مون کي جھليو ۽ چيائين، ”اِھو مان پوءِ کائيندس. اسان وٽ ڪجھ گھڙيون بچيل آھن. مون کي اڃا گھڻيون ڳالھيون ڪرڻيون آھن. جڏھن ھو مونکي جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ جي قيدخاني ۾ وٺي آيا، ته ٻين قيدين مون کي تنھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌايون. ھنن ٻڌايو ته تون ڪافي اڳتي وڌي آھين. تون ھنن جون نصيحتون ڌيان سان ٻڌندي ھئينءَ. منھنجي لاءِ اِھا خبر مِٺي گيت مثل ھئي. اڃا به مون کي قيد مان ڀڄي سگھڻ جي اميد آھي. ٿي سگھي ٿو دشمن ڪنھن به وقت ڪابه ڪاروائي ڪري. جيڪڏھن ڪو بُري ۾ برو واقعو ٿئي، تڏھن به تون دوستن سان ڪم کي جاري رکجانءِ.“
ھو خبرداريءَ سان ڳالھائي رھيو آھي، پر مون سندس مطلب جھٽي ورتو ۽ سمجھي ويس ته ”بُري ۾ بُرو واقعو“ ڇا آھي. ھن رومال ڪڍيو ۽ منھنجا ڳوڙھا اگھيا. ۽ پوءِ منھنجي ڪَن ۾ چيائين، ”منھنجا ساٿي اھو بندوبست ڪندا ته تون اڪيلي نه رھجي وڃين. تو جيل ۾ پنھنجي اکين سان سڀ ڪجھ ڏٺو آھي. مان اڪيلو ناھيان. ظلم ۽ ڏاڍ جي ھوندي، ھزارين ساٿي انقلاب سان وفادار آھن. تون جن ماڻھن کي گھٽين ۾ گھمندو ٿي ڏسين، اھي رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ ھڏ نٿا ھڻن، پر انقلاب لاءِ پڻ ڪم ڪن ٿا. ھر شخص پاڻ تي مقرر ٿيل فرض پورو ٿو ڪري. بيشمار عورتون پنھنجي مڙسن، ماءُ پيءُ پنھنجن پٽن ۽ ڀينرون پنھنجن ڀائرن کان ڌار ٿي چڪيون آھن. تون به انھن جي مثال تي ھل. توکي به ڪونه ڪو انقلابي ڪم ڪرڻ کپي- پوءِ رڳو اشتھار ورھائڻ يا ڪا سٺي خبر مشھور ڪرڻ جو ڪم ڇونه ھجي.“
مون چيو، ”مان ڊڄان ٿي- ھو مون تي اعتبار نه ڪندا- مان ڪو نه ڪو انقلابي ڪم ڪرڻ گھران ٿي- تنھنجي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ اڳي کان وڌيڪ اُن تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي چاھنا اٿم-“
ھُن ڳالھه جو رخ ٻئي پاسي موڙيو-
”ڇا- سچ پچ ھُنن اُتر تي بمباري ڪئي آھي؟“
”ھا-“
”گھڻا ڀيرا؟“
”رڳو ھڪ ڀيرو-“
”ڇا اسان جي ماڻھن ڪو ھوائي جھاز ڪيرايو؟“
”چار آمريڪي جھاز-“
”اسان جو ڪو نقصان ٿيو؟“
”گھڻو نه- ڪناري سان فقط ڪجھ ڳوٺن تي حملو ٿيو-“
ھو ڏاڍو خوش ٿيو- ”اتر تي حملو ڪري، ھو رڳو تباھيءَ کي سڏيندا. جي ھو وري حملو ڪن، ته خبرون خيال سان پڙھجان، ۽ ايندڙ ملاقات ۾ مون کي تفصيل سان ٻڌائجان.“ (آمريڪا 5 آگسٽ 1964ع تي اتر ويٽ نام تي پھريون ھوائي حملو ڪيو ھو.)
ان کان پوءِ ھو دوستن ۽ مائٽن جي باري پڇڻ لڳو. “جڏھن تون مائٽن سان ملين، ته منھنجي پاران کانئن معافي وٺجانءِ. ھو اسانجي شاديءَ تي به آيا، پر مان ھڪ ڀيرو به انھن وٽ نه ويس. امان ته ڏاڍي ڏکويل ھوندي-“
سنتريءَ ملاقات جي وقت ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو. مون تُروئِيءَ کي اٿي بيھڻ ۾ مدد ڏني ۽ ساڻس چنبڙي پيس. مون کي ائين لڳو ته ڄڻ وري مان ھن سان ملي نه سگھنديس. مون آخري سوال ڪيو-
”ڇا مان توسان وري ملي سگھنديس؟“
ھن مونکي ٻانھن ۾ وٺي چمي ڏني. سندس ڳَل منھنجي ڳوڙھن سان ڀڄي ويا. ھن منھنجي مُنھن کي ڏسندي چيو، ”اسان ضرور ملنداسين- خاطري ڪر-“
مون ٻنھي ھٿن سان سندس ڪُلھن کي پڪڙيو ھو. ھن آھستي آھستي منھنجي مٿي کي پنھنجي سيني کان الڳ ڪيو، ۽ ھو منھنجي وارن کي پيار سان لسائڻ لڳو.
”پنھنجي جيل جي ساٿين وانگر حياتي گذار- مصيبتن کي صبر ۽ ھمت سان سَھڻ سِک ۽ دل وڏي ڪر-“
مون ھن کي ڪمري جي ٻئي ڇيڙي تائين سھارو ڏنو. اتان ٻئي قيديءَ کيس سنڀاليو ۽ ٻيئي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳا. منھنجون نظرون کيس اوستائين ڏسنديون رھيون، جيستائين ھو اُنھن کان اوجھل ٿي ويو، ۽ مان اتان موٽي آيس.
مون ٽيھين آگسٽ جو جو ڏاڍيءَ بي صبريءَ سان انتظار ڪيو. ان ڏينھن مون کي تُروئِيءَ سان وري ملڻو ھو. مون سوچيو ته ’ڇا اسان جي ھيءَ ملاقات آخري ٿيندي! مون تُروئِيءَ لاءِ اِلاھي شيون تيار ڪيون. ڪپڙن ۽ ٿيلھن تي مون پنھنجي ھٿ سان تُروئِيءَ جو ۽ پنھنجو نالو ڀريو. پلاسٽڪ جي ھڪ لَڪڻ ۽ ھڪ ڪوپ تي به مون ٻيئي نالا لکيا. مون قيدين کان ٻُڌل سڀ گيت ياد ڪيا ھئا ۽ انھن مان سڀ کان وڌيڪ وڻيل گيت رومال تي ڀريم. ان ڪم ۾ مون کي ڪي ٽي راتيون لڳيون، ڇو ته ھڪ ھڪ ٽاڪو خبرداريءَ سان ھڻڻو ٿي پيو- تُروئِيءَ ھي سڀ ڏسي ڪيترو نه حيران ٿيندو. ھو اعتبار ئي نه ڪندو ته ڪو اِھو سڄو ڪم مون ڪيو آھي.‘ ڀرت ڀري، مان پيڪن ۾ ويس، ۽ مشين تي ڪپڙن کي جھالر لڳايم. منھنجي ڀيڻ اِھو گيت بابا کي پڙھي ٻڌايو-
”لھرن ۽ تيز ھوائن ۾،
طوفانن ۽ واچوڙن ۾،
دل توسان وفا ڪندي رھندي،
تون خطرن کان محفوظ رھين،
شل کَٽي اچين ھت خيرن سان،
۽ وطن وري ٿئي ھڪ مِلي-“
بابا دانھن ڪئي، ”اڙي جي پوليس تو وٽ ھي ڏسي ورتو، ته توکي ماري ڇڏيندي- اڳ ۾ ئي گھڻيون تڪليفون ڏٺيون اٿئي-“
”توھان فڪر نه ڪريو. ھاڻي مون کي ڪوبه پڪڙي نٿو سگھي-“ 30 آگسٽ صبح جو مان چِي ھُوا جيل ۾ پھتيس. مان اڃا جيل جي آفيس ۾ گھڙيس مَس، ته اتان جي پوليس سارجنٽ مون ڏي اشارو ڪندي چيو، ”سرڪار نگويِن وان تُروئِيءَ سان تنھنجي ملاقات تي بندش وجھي ڇڏي آھي. اڳئين گھمري، تو ھن جي ڪَن ۾ الائي ڪھڙي ڦوڪ ڏني، جو ھن جيل ۾ ھنگامو مچائي ڇڏيو.“
”مون ھن جي طبيعت پڇي ھئي، ۽ گھرو ڳالھيون ڪيون ھيونسين. ان کان سواءِ ته مون ڪابه ڳالھ نه ڪئي ھئي-“
مون ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر ڪجھ نه وريو. ھن کاڌي جي شين پھچائڻ کان به انڪار ڪيو. جيل جي در تي مسز ’ج‘ ملي ويئي. ھن مون کي ڏسندي ئي روئي ڏنو-
”تنھنجي مڙس کي موت جي سزا ڏني اٿن نه؟“
”ھائو-“
”تون ھن سان ملڻ آئين آھين-“
”پر ھو ملڻ نه ٿا ڏين-“
ھن کاڌي جي شين پھچائڻ جو بار پاڻ تي کنيو ۽ مون کي اڳتي ملاقات لاءِ پاس ھٿ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو. منھنجي قسمت چڱي ھئي، جو ان ڏينھن ھوءَ ملي ويئي. سنديس ڇوڪريءَ کي تازو چوڪُوآن اسپتال مان چِي ھُوا جيل ڏي موڪليو ھئائون. پنھنجي ڇوڪريءَ جي سار سنڀال لھندي ۽ جيلن جي درن تي رلندي، ھن کي ڪيئي سال ٿي ويا ھئا. ان ڪري ھن جي پوليس وارن سان واقفيت ٿي ويئي ھئي، ۽ پاس ھٿ ڪرڻ جا طريقا سکيا ھئائين.
نيٺ مون کي 18 سپٽمبر تي چِي ھُوا جيل اچڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ان ڏينھن مون کي پاس ملندي، ۽ تُروئِيءَ سان ملاقات جي تاريخ ٻڌائيندا. جڏھن مان اُن تاريخ تي اتي پھتيس، ته پوليس واري ٻڌايو ته ”اڄ ٽپھريءَ جو تون ملاقات ڪري سگھين ٿي.“ ھُن بَڪ ڪئي ته ”تنھنجي مڙس ڪئٿلڪ مذھب قبول ڪيو آھي. اڄ پادري کيس ڪرستان ڪري آيا آھن-“
مان جيل جي در کان ڊڪ پائي ٻاھر آيس، ۽ جلدي جلدي ميوو ۽ ٻيون شيون ورتم. تُروئِي نه سگريٽ پيئندو ھو نه چانھ. ميون سان دل ھيس. مان ٻنھي ھٿن ۾ لفافا کڻي، جھٽ ملاقاتي ڪمري ۾ پھتيس. اُتي ھو منھنجو منتظر ھو.
”توکي ڏاڍو انتظار ڪرڻو پيو-“
ھن منھنجي ڳَلن تان وارن جون چڳون ھٽائيندي چيو، ”ھا، ڪافي وقت کان. تنھنجو ساھه ڇو ڀرجي آيو آھي؟“
”مون کي اميد نه ھئي ته ڪو اڄ توسان ملڻ ڏيندا. انڪري مان ڪپڙا ۽ ٿيلھو نه آڻي سگھيس. مون کي اڄ ئي پاس ملي آھي. ھونءَ ته پاس ملڻ کان ٻه ڏينھن پوءِ ملاقات ڪرائيندا آھن، پر چيائون ته ڪو خاص واقعو ٿيڻ وارو آھي. سو جي ملڻو اٿئي ته اڄ ئي ملي وٺ. ان ڪري مان ڊڪ پائي تولاءِ شيون وٺي آيس، جيئن گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوي.“
ھن منھنجي پارسلن کي ڏسندي چيو، ”تون اجايو خرچ ٿي ڪرين. مون کي ايڏين شين جي ضرورت ناھي. تون شاديءَ جي قرض لاھڻ لاءِ پئسو بچاءِ-“
”قرض جو فڪر نه ڪر- مون بندوبست ڪري ڇڏيو آھي- پر اِھو ته ٻڌاءِ ته تون سچ پچ ڪئٿلڪ ٿي ويو آھين ڇا؟ مذھب مٽايو اَٿئي ڇا؟“
”ڪير ٿو چوي؟“ ھن حيرانيءَ مان پڇيو.
”جيل جي آفيس وارا-“
”اِھو ڪوڙ آھي- مان اِئين ڪڏھن به نه ڪندس. ڪجھ پادري آيا ھئا، ۽ مون کي ھِرکائڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر مون کُتا جواب ڏنن. ھاڻي ھو ڄاڻي واڻي اھڙيون ڳالھيون ٿا ھُلائين، جيئن ٻاھر وارن ساٿين تي اِھو تاثر پوي ته مان دشمن سان ملي ويو آھيان.“
”تنھنجون پٽيون ڪڏھن کُليون؟“
”پندرھين تاريخ. امان ۽ بابا ڪيئن آھن؟“
”خوش آھن- ننڍڙي ڪِين توسان ملڻ لاءِ ضد ڪندي آھي. مان ته ڊان کي به آندو پئي، پر پوليس مون تي ھر وقت نظر ٿي رکي. مان نٿي گھران ته اُن ويچاري جي گھر تي وري ڪا مصيبت اچي.“
”اسپتال ۾ مون سان ملاقات کان پوءِ ننڍڙي ڪِينِ ڇا چوندي آھي؟“
”ھوءَ ماڻھن کي وڏائيءَ سان چوندي آھي، ته مون ادا کي ڏٺو آھي- ھو ڪاٺين تي پئي ھليو، ۽ مون کي ڏسي مُرڪيو ھو-“
”مون کي ھن سان ڏاڍي دل آھي، مون کي ڏسي ھُن ڪيئن نه ھٿ لوڏيو، ۽ ’ادا‘ ’ادا‘، چيو ھو! مون کي سندس ويجھي نه ڏسڻ جو ڏک رھجي ويو. تون ھن مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ ملڻ اچين، ته کيس وٺي اچجانءِ. ڊان لاءِ به ڪجھ رانديڪا وٺي وڃجانءِ ۽ چئجانس ته ھي چاچا تُروئِيءَ موڪليا آھن. اِن عمر ۾ مان به ائين ھوندو ھوس. مون وانگر ھو به پيار جو بکيو آھي. منھنجي خاطر ھُن جو خيال رکجانءِ! انجام؟“
مون چپن ۾ پڇيو، ”اڳئين ملاقات تي تو ھتي ڪھڙو ھنگامو ڪيو ھو! چون ٿا ته تو وڏو گوڙ ڪيو ھو ۽ منھنجي ملاقات به بند ڪري ڇڏيائون-“
”مون ٻين قيدين کي خوش ڪرڻ لاءِ اُنھن کي به اِھا خوشخبري ٻڌائي ته آمريڪين اتر ويٽنام تي بمباري ڪئي، پر اسان جو ڪوبه نقصان نه ٿيو ۽ اٽلو سندن ڪيئي ھوائي جھاز تباھه ٿيا. سڀني ساٿين اھا خوشخبري ٻڌي، خوشي ڪئي. ڦاسيءَ واري سڄي بلاڪ ۾ جوش پيدا ٿي ويو. تنھنجي خبر آمريڪي ڀاڙيتو بدمعاشن جي ڪوڙ کي ظاھر ڪري ڇڏيو.“
”توکي ٽيھين تاريخ منھنجي نه اچڻ تي ضرور مايوسي ٿي ھوندي. مسز ’ج‘ جنھن توکي کاڌي جون شيون پھچايون، تنھن ٻڌايو ته تون سڄو ڏينھن بي آرام ھئين، ۽ ھڪڙي گھڙي به خوش نه ھئين!“
تُروئِيءَ کِلي ڏنو-
”اُنھيءَ ڏينھن انتظار کان ڄڻ مان ڪَنڊن جي سيج تي ڦٿڪيس پئي. منھنجا ڪَن سنتريءَ ڏي ھئا، ته ڄڻ اِجھو ٿو ملاقات لاءِ سڏي. مان توسان ملڻ لاءِ ڏاڍو بي تاب ھيس. مون وٽ تنھنجي تصوير ھئي، جيڪا ھن جھلي ورتي ۽ ڦاڙي ڇڏي. جڏھن سج لٿو ۽ تون نه آئينءَ، ته مون کي اُلڪو ٿي پيو، متان تون بيمار ٿي پيئي ھجين يا توکي گرفتار ڪيو ھجينِ.“
ڦاسيءَ واري بلاڪ مان ھڪ عورت لٿي ۽ بينچ جي ٻئي ڇيڙي تي پنھنجي ماءُ وٽ وڃي ويٺي. سنديس ماءُ روئي رھي ھئي ۽ سُڏڪن کان سنديس آواز گھُٽجي پئي ويو. سندس ڳالھائڻ مان ھوئي جي پاسي جو لھجو پئي ظاھر ٿيو.“
مون تُروئِيءَ کي ٻڌايو ته ڪُوانگ نام کان سندس مائٽ آيا ھئا. ملاقات لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪيائون، پر ڪامياب نه ٿيا.
”ڇا ھو اڃا تائين اِتي آھن؟“
”نه ھليا ويا.“
ھن چيو، ”کين خط لکي ٻڌائجان ته مان خوش آھيان- ........ اڄڪلھه ڪٿي آھي؟ آزاد ٿيو آھي؟“
تُروئِي دلگير لھجي ۾ چيو، ”کيس منھنجا سلام ڏجان. ھن کي رڳو ان ڪري گرفتار ڪيو ھئائون، جو ھو ويچارو اسان سان گڏ ساڳيءَ جاءِ ۾ رھندو ھو. ھن کي چئجان ته فڪر نه ڪري. ھاڻي ته ھُن کي جاءِ وڪڻي، ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃڻو پوندو. ھن جي جاءِ وِڪي ته تون ڪٿي رھندينءَ؟“
ايتري ۾ ھڪ پوليس وارو آيو، ۽ مونکي ھڪ ڪاغذ ڏنائين. تُروئِيءَ ان تي لڳل تصوير ڏسي ورتي ۽ پڇيائين-
”ھيءَ تصوير ڪڏھن ڪڍايئه؟“
”ھاڻي- ھاڻي ملاقات جي درخواست سان گڏ تصوير به لڳائڻي ٿي پوي.“
”تصوير ۾ ڏاڍي لَٿل ٿي ڏسجين-“
ھن پريشان ٿي، مون ڏي ڏٺو.
”تنھنجو رنگ پِيلو ٿي ويو آھي- ڇو؟“
”ڇا، پاڙيوارا اڃا سندن جاءِ ۾ وھنجڻ جي موڪل ڏينئي ٿا؟“
”مان ته خوش آھيان.“
”ھائو، ھو مون سان چڱو ھلندا آھن.“
ھن غسلخاني جي ڏاڪڻ بابت تاڪيد ڪندي چيو، ”اھا ڏاڍي ڏکي آھي- پاڻيءَ جي اڌ بالٽي کڻي چڙھندي ڪر. اِئين ڪِرڻ جو امڪان گھٽ آھي-“
”اِنھن معمولي ڳالھين جو فڪر نه ڪر. ھاڻي مان بدلجي ويئي آھيان. اڳي کان مضبوط ٿي ويئي آھيان. مون کي اڱڻ ۾ اڪيلي نڪرڻ تي به ڊپ اصل نٿو ٿئي.“
ھُن ڳالھ بدلائي-
”شھر جو ماحول ڪيئن آھي؟“
”حاڪمن ڪجھ رعايتون ڏنيون آھن. اِن ڪري ھاڻي گھڻا مظاھرا ڪونه ٿا ٿين. جڏھن بغاوت ٿي، ته مان سڄي رات ھڪ گھڙي به ننڊ ڪري نه سگھيس، ۽ گوليءَ جي آواز جي منتظر ھيس. پر صبح جو حالتون معمول ٿي اچي ويون، ته ڏاڍي مايوس ٿيس. شھر کان ٻاھر سخت لڙائي ٿيندي رھي. پاڙي جا لارين ۽ ٽيڪسين جا ڊرائيور ٻڌائيندا آھن، ته کين آزاد فوج جا سپاھي اڪثر ملندا رھندا آھن. ڪڏھن آزاد فوج جا سپاھي سندن موٽرن ۽ بَسن کي روڪي اُتي ئي جلسو شروع ڪندا آھن. گھڻو ڪري اسان گھر ۾ رات جو گولين ڇُٽڻ جا آواز ٻڌندا آھيون. تون به اھڙا آواز ٻڌندو آھين؟“
ھن ڪنڌ لوڏيو ۽ منھنجي ڳالھ ٻڌندو رھيو.
”ڪُوانگ نام جي دوستن جو چوڻ آھي ته تنھنجو اباڻو ضلعو ذري گھٽ آزاد ٿي ويو آھي، ۽ اتي آزاد فوج جا ھزارين سپاھي موجود آھن. فرانسيسين خلاف لڙائيءَ واري وقت کان ھاڻي وڌيڪ بارود ۽ نوان ھٿيار اٿن. ھاڻي ته سائيگان ۾ به حالتون بدلجي ويون آھن. جي توکي ٻاھر اچڻ جو وجھ مليو، ته پاڻ اچي ڏسندين، ته ننڍڙا ننڍڙا ٻار به نِگويِن کانِ کي گاريون پيا ڏين. ڪو ماڻھو ھن ’سرڪار‘ جي عزت نٿو ڪري. شاگردن ۽ نوجوانن سندس گھر کي گھيراءُ ڪيو، ۽ ھو ٻاھر نڪري معافي وٺڻ تي مجبور ٿي ويو. ڇا اھڙين حالتن ۾ ھيءَ سرڪار قائم رھي سگھي ٿي؟“
مون سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ورتو. مون محسوس ڪيو ته ھو اڳي وانگر ڪمزور ناھي. اسپتال ۾ سندس ھٿ تي نِيريون رڳون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. ھو پنھنجي آڱر کي ھٿ لائي چوڻ لڳو.
”مون پنھنجي شاديءَ جي مُنڊي وڪڻي ڇڏي ھئي. جنھن ڏينھن مونکي سُرنگ لڳائڻي ھئي، اُن ڏينھن تار کُٽي پيئي. ساٿين سان ملڻ جو وقت نه مليو، ۽ مون وٽ ڪوڏي به ڪانه ھئي. ان وقت فقط اُھا مُنڊي ھئي. مون دل کي سمجھايو ته جنھن ڪم لاءِ تون جان به ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو آھين، ان جي خاطر مُنڊيءَ جي قرباني ڪھڙي شيءِ آھي. اُن ڪري جڏھن تو مُنڊيءَ لاءِ پڇيو، ته مان ڪو خاطرخواہ جواب ڏيئي نه سگھيس، ۽ توکي ائين چئي لنوائي ڇڏيم ته اُن ڪم ۾ رنڊايو پئي! توکي اِن ڳالھ تي ڪاوڙ لڳي ھوندي!“
مون پنھنجو مُنھن سندس ھٿن ۾ لڪائي روئي ڏنو.
”ھاڻي اھا ڳالھ نه ڪر. مان ڪيڏي اڻڄاڻ ھيس! جي مان تنھنجي اعتبار لائق ھجان ھا، ته تون سنئون سڌو مون کي تار خريد ڪرڻ لاءِ چوين ھا، ۽ مان توکي موٽايان ڪين ھا.“
”مون کي ھيءُ فرض شاديءَ کان اڳ ۾ سوپيو ويو ھئائون. توکي ته خبر ھوندي ته اُھو ڏاڍو خطرناڪ ڪم ھو. ڪمان وارا مون کي شاديءَ جي موڪل ڏين پيا، پر مون پاڻ زور ڪري ڪم جاري رکيو. مان ڏينھن کان آمريڪي حملي آورن کي مارڻ جو وجھ ڳوليندو ھوس. ۽ وري مون کي سندن سردار کي ختم ڪرڻ وجھ ٿي مليو. اُھو مان ڪيئن وڃان ھا! توکي فڪر کان بچائڻ لاءِ مان ھر ڪا ڳالھ توکان لڪائيندو آيس. اُن فرض پوري ڪرڻ کان پوءِ منھنجو ارادو ھو ته توکي به تنظيم ۾ شامل ڪريان. مون کي اُميد ھئي ته زال سان گڏ ڪنھن ڏينھن تون منھنجي ساٿياڻي به ٿي ويندينءَ-“
ھن ٿوري دير چپ رھي، پوءِ پڇيو-
”ڇا تون اُميد سان آھين؟“
مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
مون کي لڳو ته ان جواب ھن کي مايوس ڪري ڇڏيو. مان ماٺ رھيس. ايتري ۾ سنتريءَ ٻڌايو ته ملاقات جو وقت ختم ٿيو.
تُروئِيءَ جي عمر جو ھڪ قيدي اسان وٽ آيو. تُروئِيءَ اُن جي سڃاڻپ ڪرائي ته، ”ھي منھنجو دوست ھتي منھنجي ڏاڍي سار سنڀال لھندو آھي-“
مون ان دوست کي چيو، ”منھنجو مڙس بيمار آھي، اوھان جي مھرباني، جو اوھان ھن جي سنڀال ٿا ڪريو.“
”ٿوري مڃڻ جي ڪھڙي ضرورت- جيل ۾ گڏ رھڻ وارن کي ضرور ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي. اسان ٻيئي ھڪ ٻئي جو خيال رکندا آھيون. ان ڪري توکي ڳڻتي ڪرڻ نه کپي.“
جڏھن مان موڙ وٽ تُروئِيءَ کي شين جو پارسل ڏنو، ته ھن ٻيھر مون کي سمجھائيندي چيو، ”جي توکي وري ھتي اچڻ ڏين، ته منھنجي لاءِ کاڌي جي شين تي ايڏو خرچ نه ڪجانءِ.“