5
اسين سندس ٻاراڻين حرڪتن تي کِلي ڏينديون ھيونسين. مان سوچيندي ھيس ته شايد سندس چاچي جو نالو به تُروئي ھوندو. ھڪ ڏينھن ھو منھنجو نالو وٺي مون کي سڏڻ لڳو. ڪنھن ھن کي چوٿين نمبر چڪري ڏي موڪلي ڏنو. ھن اسان جي کوليءَ جي آڏو اچي سڏ ڪيو- ”چاچِي ڪوئِينِ!“ مون پڇيو، ”ننڍڙا ڪھڙو ڪم اٿئي!“ مون کي عجب لڳو ته ننڍڙي کي منھنجي نالي جي خبر ڪيئن پيئي.
ھن ھڪ سنگتڙو مون کي ڏنو ۽ چيائين، ”ھُتي، جيڪو چاچو آھي، اُنھيءَ ھيءُ سنگتڙو ڏنو اٿئي- ۽ پڇي ٿو ته توھان خوش آھيو-“
مون سيخن مان ھٿ وڌائي، سندس ھٿ پڪڙيو، ۽ سنگتڙو ڇِلي کيس ڏنم، ته چيائين، ”ھُتي چاچن اِلاھي ڏنا اٿم-“ مون سندس پتڪڙو ھٿ جھلي چيو-
”تنھنجو نالو ڇاآھي؟“
”ڊان-“
”چڱو ڊان- ھاڻي وڃي چاچن کي چؤ ته چاچي ڪوئِينِ بلڪل ٺيڪ آھي- ۽ توھان جي ٿورائتي آھي.“
ھو ”چڱو چاچي!“ چئي، مَردن جي بلاڪ ڏي ڊوڙي ويو. ھو ڏاڍو ذھين ٻار ھو، ۽ جلد ئي سڀني رستن جو واقف ٿي ويو. ھو ھڪ کوليءَ کان ٻيءَ تائين نياپن پھچائڻ ۽ شين پھچائڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ۽ سنترين کان لڪائي شيون ھيڏي ھوڏي کڻي وڃڻ جو ڍنگ سکي ورتائين. پوليس جي ايذائن کان ڪمزور ٿيل قيدين کي ماني پھچائڻ لاءِ ھو کولين آڏو بنا ٿَڪجڻ جي ڊڪندو وتندو ھو. جڏھن ڪنھن سنتريءَ کي ڏسندو ھو، ته ھو وڏن وانگر ھٿ پويان لڪائي ڇڏيندو ھو. گھڻو ڪري لوئِيءَ جو وڌيڪ آڳو پيڇو ڪندي ڏِسبو ھو، جيڪو ٿورن ڏينھن کان جيل ۾ آيو ھو. ھڪ ڏينھن کوليءَ کان ٻاھر، مان ڪم تي لڳيس، ته ھڪ شخص ننڍڙي کي ھٿ کان وٺي، مون وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو-
”ھي ڇاھي! تون پنھنجي ڀائيٽي کي نٿين سڃاڻين؟ ڊان تنھنجي مڙس کي سڃاڻندو آھي ۽ گھڻو ڪري ان جي باري ۾ پڇندو آھي. ھن جي ڪٽنب تي به تُروئِيءَ جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو شڪ ڪيو اٿن، ۽ ان ڪري ئي ڏاڏيءَ سان گڏ ھن کي جيل ۾ وڌو اٿن. ان کان پوءِ ھو ٻار کي چوڻ لڳو- ”ھيءَ چاچي ڪوئِينِ آھي- چاچي تُروئِيءَ جي زال- ھن کي سلام ڪر-“
ننڍڙي ادب کان سيني تي ھٿ ٻڌي، پيار سان چيو، ”سلام چاچي ڪوئِينِ-“
مون کيس ھنج ۾ ويھاريو، ۽ چيو، ”ھان- تون چاچھين تُروئِيءَ کي سڃاڻين!“
ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”ھائو، مون لاءِ رانديڪا آڻيندو ھو ۽ پنھنجي موٽر سائيڪل تي چڙھي، اسان جي گھر ايندو ھو.“
”توکي خبر آھي ته چاچھين تُروئِي ھاڻي ڪاٿي آھي؟“
”ان کي جيل ۾ وڌو اٿن-“
مان زار زار روئڻ لڳيس ۽ ننڍڙي ڊان کي پنھنجي سيني سان لڳائي ڇڏيم. گھڻن اسان کي ماءُ پُٽ پئي سمجھيو- ڄڻ اسين وڏي جدائيءَ کان پوءِ مليا ھئاسين. ننڍڙي کي تُروئِي ڪيڏو ياد ھو! ھن سچ پچ اھو سمجھيو ته وارڊر منھنجي مڙس جي سائيڪل تي چڙھيل آھي، ان ڪري ھن واپس وٺڻ پئي چاھيس. ان مان لڳو ٿي ته ننڍڙي کي تُروئِيءَ سان ڪيڏو اُنس ھو! اڃا ڊان جا پھريان ڏند به نه ڀڳا ھئا، ته سندس ماءُ کانئس جدا ٿي ويئي ھئي. پوءِ جيل ۾ اچڻ واري ھڪ قيديءَ ٻڌايو ته تُروئِيءَ جو ان ٻار سان ڏاڍو پيار ھو. ڊان اڃا ڇھن مھينن جو ھو ته ماڻس گرفتار ٿي ويئي، ۽ قيد ۾ ماري ماري کيس ماري ڇڏيائون. ھُن ويچاريءَ جو قُصور اِھو ھو ته ھُن اُنھيءَ دشمن جي ڪٺ پتلي حڪومت کي مڃڻ ۽ ان جي جھنڊي کي سلام ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو، ۽ ڪميونسٽن جي نندا نٿي ڪيائين. پڻس کي روزگار لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ھئي ۽ ننڍڙي ٻار جي سار سنڀال لاءِ وقت ئي نه ملندو ھوس. تُروئِيءَ کي ٻار تي ڪھل ايندي ھئي ۽ گھڻو ڪري ھُن لاءِ رانديڪا وٺي ايندو ھو ۽ کيس وھنجاريندو ھو. ٻار جي ڏاڏي چوندي ھئي ته ’ڊان پيءُ کان وڌيڪ تُروئِيءَ کي ياد ٿو ڪري.‘
مون سوچيو ته ٻار جي سار سنڀال لاءِ ھاڻي مون کي مڙس جي جاءِ سنڀالڻ کپي. قيد جي اُنھن ڏينھن ۾ ڊان منھنجي دُک جو بار ھلڪو ڪري ڇڏيو ھو. ھو سڄو ڏينھن ڳالھيون ڪندو ھو ۽ سوين سوال پڇندو ھو. ڪڏھن ڪاوڙجي پوندو ھو ته دڙڪو ڏيندو ھو ته ”مان چاچا تُروئِيءَ کي چوندس.“ مان کيس ڪجھ کائڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ڪا مٺائي ڏيندي ھيس، ته چوندي ھئيمانس ته، ”ھي چاچھين تُروئِيءَ موڪلي آھي-“ اھو ٻڌي، سندس مُنھن اميد ۽ خوشيءَ کان ٻھڪڻ لڳندو ھو، ۽ يڪدم پڇندو ھو، ”چاچا تُروئِي ڪڏھن ايندو؟“
ڪڏھن ڪڏھن سج لھڻ کان پوءِ سندس ڏاڏيءَ جي کوليءَ مان سندس آواز ايندو ھو- ”چاچي ڪوئِينِ- توکي چاچا تُروئِي ياد ايندو آھي؟“ اِھو ٻڌي، سڀ ٽھڪ ڏيڻ لڳنديون ھيون، ۽ کيس چونديون ھيون، ”بس بس- ھاڻي سمھي پؤ.“
ٻيون قيدياڻيون ڊان کان ھر وقت تُروئِيءَ جون ڳالھيون ٻڌي، چونديون ھيون ته ”ڊان وانگر، جي تُروئِيءَ جو پنھنجو ٻار ھجي ھا، ته ڪيترو پيار ڪريس ھا!“ ان تي مون کي ياد ايندو ھو ته منھنجي مڙس کي ڪيڏي آس ھوندي ھئي ۽ چوندو ھو ته ”ائين ناھي ته ڪو مان ڌيئرن کي نه ٿو چاھيان، پر ھروڀرو دل ٿي چوي ته پھريون ٻار پٽ ھجي-“ اُنھن ڏينھن ۾ مون کي مڙس سان ملاقات جي ڏاڍي خواھش ھئي. مون ارادو ڪيو ته جڏھن به ملاقات جو وجھ مليو، ته مان ننڍڙي ڊان کي ساڻ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنديس. ھن کي ڏسي ھو ڪيڏو نه خوش ٿيندو!