ناول

جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

هي ناول ”جي ماريا نه موت“ ويٽنام جي انهن ڪردارن تي لکيل آهي جن غلامي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ گيدي ۽ بزدل قومن لاء هڪ مثال قائم ڪيو۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جن ڪيو آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
Title Cover of book جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

10

ڪانگريس جي موقعي تي، ڪوئِينِ گھڻو ڪري نوجوان ڇاپه مار عورتن جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندي ھئي. ڇاپه مار عورتون پنھنجن ڪارنامن جو بيان ڪنديون ھيون. اُنھن مان ڪن ته اھڙن معرڪن جي اڳواڻي به ڪئي ھئي. اسان جي آخري گفتگوءَ ۾ ڪوئِينِ اُنھن بابت پنھنجا تاثرات ھيئن بيان ڪيا-
- ھِنن جون ڳالھيون ٻڌي، مان وائڙي ٿي ويئي آھيان. ھي سڀ منھنجي عمر جون آھن، پر ھِنن جي آڏو مان پاڻ کي ٻار ٿي سمجھان. ھِنن جي واتان ڄڻ وڏن جون ڳالھيون ٿي ٻڌان. ھِنن مان ھڪڙي ڇوڪري سؤ کان وڌيڪ لڙايون وڙھي چڪي آھي، ۽ چئن پنجن قسمن جي ھٿيارن کي ھلائي سگھي ٿي. ھوءِ اڪيلي سر وڏي بھادريءَ سان آمريڪي فوجين کي گرفتار ڪري چڪي آھي. مان حيرت مان سندس ڪھاڻيون ٻڌي، سوچيو ته جڏھن ڪانگريس جا اجلاس ختم ٿيندا، ته ڇا مان به ساڻن گڏ وڃي سگھنديس! جي اِئين ممڪن ٿيو، ته منھنجي خواھش ھئي ته مون کي فوج جي ڪنھن دستي ۾ شامل ڪيو وڃي. منھنجو مڙس به آزاديءَ جي فوج ۾ ھو ۽ اُن لِڪل دستي ۾ شامل ھو، جيڪو سائيگان ۾ ڪم ڪري رھيو ھو. ھُن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ سان ئي ميڪنمارا کي مارڻ جو ڪم سونپيو ويو. ھن جي سالن جي آرزو ھئي ته ھو آزاديءَ جي فوج ۾ ڀرتي ٿئي، سائيگان ۾ ڪم ڪري. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ھُن جيڪا درخواست ڏني ھئي، اُھا اڄ تائين سندن ڪمانڊر وٽ سانڍيل آھي. پنھنجي درخواست ۾ ھُن آمريڪين سان نفرت ظاھر ڪئي ھئي. ۽ مرڻ تائين وڙھڻ جو انجام ڪيو ھو. ھُن پنھنجو انجام پورو ڪري ڏيکاريو. سندس خون جي بدلي وٺڻ لاءِ مان سندس ئي نقش قدم تي ھلڻ ٿي گھران. مان چاھيان ٿي ته منھنجي ھٿ ۾ بندوق ھجي ۽ مان دشمن سان جنگ ڪريان. يا مون کي آزاديءَ جي مجاھدن جي خدمت لاءِ ٻيو ڪو ڪم ڏنو وڃي- اُنھن جي خدمت لاءِ، جيڪي تُروئِيءَ جي جيئڻ مرڻ جا ساٿي آھن.
ڪوئِينِ جي دل ۾ ھڪ طوفان متل ھو. مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا جواب ڏيان. نيٺ ھوءَ پاڻ ئي چوڻ لڳي.
”مون پنھنجي ساٿي ڇاپه مار ڇوڪرين سان اھا ڳالھ ڪئي آھي. ھُنن جو چوڻ آھي ته ڇاپه مار جنگ ايڏي ڏکي ناھي. البت اُن لاءِ دشمن کان نفرت ڪرڻ ضروري آھي. ھر اھو ماڻھو، جيڪو دشمن کان نفرت ٿو ڪري، ڇاپه مار بڻجي سگھي ٿو. اُن جي نفرت جيتري وڌيڪ ھوندي، سندس حوصلو اوڏو ئي وڏو ھوندو. بندوق ھلائڻ جي سکيا ۾ گھڻو وقت نٿو لڳي. مون کي پڪ آھي ته جي مان سخت محنت ڪيان، ته ھُنن لاءِ ڪمائتي ٿي سگھان ٿي. منھنجي سيني ۾ دشمن خلاف باھه ڀڙڪي رھي آھي. مان آزاد علائقي ۾ اِن ڪري آئي آھيان ته ھتي پھچي، مان تُروئِيءَ جي خون ۽ پنھنجي تباھيءَ جو بدلو وٺان.“
اِھو چئي، ڪوئِينِ پنھنجي سامان مان ڪاري رنگ جو وڳو ڪڍيو ۽ مُرڪي مون کي ٻڌائڻ لڳي:
”ھتي اچڻ کان پوءِ ماڻھن مون کي گھڻا تحفا ڏنا آھن. سيءَ شروع ٿيڻ سان مون کي ڪمبل ۽ گرم ڪپڙا ڏنا اٿن. پر جيڪا سوکڙي مون کي سڀ کان پياري آھي، اِھو ڪارو سوٽ آھي. اُن ڏينھن مون کي اٿاھه خوشي ملي. سائيگان مان ڀڄي مان آزاد علائقي ۾ سفر ڪندي رھيس. رستي ۾ بي شمار ڇاپه مار عورتن ۽ مَردن سان ملڻ ٿيو. سڀني کي اھڙوئي لباس پاتل ھو. منھنجي رھنمائي ڪرڻ واري لاڳاپي جي ايجنٽ ٻڌايو ته ھيءُ جنگ جي ميدان جو لباس آھي. ڪانگريس جو اجلاس پورو ڪري، مون ھيءُ لباس پائي، ڇاپه مار ڇوڪرين ۽ ٻين نوجوان عيوضياڻين سان سان ڏکڻ ويٽنام جي نوجوانن جي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ وينديس.
اُن ڏينھن رات جو دير تائين اسان ڳالھيون ڪيون. ڪوئِينِ پنھنجي مڙس جي داستان جو آخري حصو ٻڌايو، جيڪو ھيئن آھي:
اٺين آڪٽوبر تي سائيگان جي اخبارن ۾ خبر آئي ته ايندڙ ھفتي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي. اھا دل چيريندڙ خبر مون کي ننڍڙي ھاڪر ٻڌائي. اُن جو منھن به اُڌمي جي ڪري ڳاڙھو ھو. روزاني اخبار ’ھان ڊونگ‘ اھا خبر پھرئين صفحي تي ڇاپي ۽ باڪس ۾ ھيءَ عبارت ڏني ھئي:
”گذريل مئي ۾ جنھن ماڻھوءَ ميڪنمارا جي رستي ۾ ڪانگ لائي پُل جي ھيٺان بارودي سُرنگ وڇائي ھئي، گولين جي مُنھن ۾ ڏنو ويندو. اُھو پھريون شخص ھوندو، جيڪو گولين جي وسڪاري ھيٺ ماريو ويندو.“
ڪجھ اخبارن ۾ صاف صاف لکيل ھو ته جلسن جلوسن ۽ ھڙتالن جي زور وٺڻ ڪري ’کانِ‘ جو ٽولو ڪيترن ماڻھن کي کلي عام موت جي سزا ڏيندو، جيئن ان سان مخالفت جي وڌندڙ تحريڪ کي روڪي سگھجي.
مون موڪل وٺڻ لاءِ فيڪٽريءَ جو طرف ورتو، جيئن تُروئِيءَ جي سزا گھٽائڻ لاءِ ڪا واٽ ڳولي سگھان. اُتي ڪيئي عورتون مون کي ڏسي، پنھنجون اکيون اُگھندي، چپ چاپ ھليون ويون. منھنجون اُھي ساھيڙيون، جيڪي ھونءَ گھڻو ڳالھائينديون ھيون، اُھي به غم جي ڪري ماٺ ھُيون. جڏھن مان فيڪٽريءَ جي در کان نڪتيس، ته ھڪ ڇوڪري ٿورو پنڌ منھنجي پٺيان آئي ۽ منھنجي ڪَن ۾ چوڻ لڳي-
”ھتي پِير مرد پاڻ ۾ چون ٿا ته ھي رڳو دڙڪو آھي. سرڪار اِئين ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگھندي. ان ڪري تون بردبار ٿيءُ. حوصلي کان ڪم وٺ.“
مان ٿڪجي پنھنجي پيڪن ۾ پھتس ته منھنجو پيءُ ھڪ گراھڪ جي وارن ڪٽڻ ۾ مشغول ھو. ھو جلدي واندو ٿي، مون کي ھڪ وڪيل وٽ وٺي ويو. ان وقت مون کي تُروئِيءَ جا لفظ ياد اچي ويا، جيڪي ھن موت جي سزا وارن قيدين جي بلاڪ ۾ پھرينءَ ملاقات وقت مون کي چيا ھئا- ”مون لاءِ وڪيل نه ڪجانءِ. اجايو پئسا وڃائيندينءَ.“ پر ھاڻي مون کي ائين لڳو ته ھن جي چوڻ تي عمل ڪري نٿي سگھان. جيستائين ھن جي سزا گھٽائڻ جي ذري برابر به اميد آھي، مان ڪابه ڪسر نه ڇڏينديس ۽ نه خرچ ڪرڻ ۾ پڪائي ڪنديس. اخبارون پڙھي منھنجي دل خوف کان ڌڙڪڻ لڳي. ڪاش مون کي 15 آڪٽوبر کان اڳ ھڪ ڀيرو ملاقات جي موڪل ملي!
يارھين آڪٽوبر تي جڏھن وڪيل کي پنج ھزار ’پياستر‘ في ڏيئي، گھر موٽيس، ته منھنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ دروازي مان ئي رڙيون ڪيون-
”ادو نه مرندو-“
”مان ان وقت ايترو ته ڪاوڙيل ھيس، جو مون اُن ڏي ڏٺو به ڪونه. ڀلا ھي ڪو مسخريءَ جو وقت ھو مان غم جي بار ھيٺان چپجي رھي ھيس. ھُن اخبار منھنجي ھٿ ۾ ڏني.
”اِھو اخبار ۾ لکيل آھي،“ ھن چيو. ”ڏس، ھِن ۾ ادا جي تصوير به آھي.“ مون اخبار ’ٿِينِ چِي‘ ۾ ڇپيل تصوير تي نظر وڌي. اُن ۾ تُروئِي ھڪ ميز وٽ بيٺو ھو ۽ ميز تي ھڪ سُرنگ ۽ تارون پيون ھيون. مٿان ھيءَ ھيڊنگ ھئي-
”ھڪ ٽيليفون: ويٽ ڪانگ نگويِن وان تُروئِيءَ جي جان جي بدلي ۾ ھڪ آمريڪي ڪرنل جي جان-“
خبر جي عبارت ھيءَ ھئي.
”وينزولا جي ڇاپي مارن ھڪ آمريڪي ڪرنل کي پڪڙيو آھي ۽ ويٽ ڪانگ نگويِن وان تُروئِيءَ جي بدلي ۾ اُن جي جان بخشڻ جي آڇ ڪئي اٿن. ھُنن اعلان ڪيو آھي ته جي نِگويِن کي موت جي سزا ڏني ويئي، ته ڪلاڪ جي اندر ڪرنل سمولن کي گولي ھڻي ڇڏيندا.“
اِھا خبر پڙھي، مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ اُن تي اعتبار ئي نه پئي آيم. مون سوچيو ته شايد اخبارن ھي نئون ڦٽاڪو ڇوڙيو آھي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڙي جا ماڻھو ٻيون اخبارون کڻي آيا، ۽ مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.
ھڪ چيو، ”تنھنجي مڙس جي موت جي سزا جو ٻڌي، منھنجي دل پئي ڏڪي. ھِن عمر ۾ بيوہ بڻجڻ ڪيڏو نه دردناڪ آھي.“
ٻيءَ چيو، ”منھنجو خيال آھي ته ھُن کي سزا ڏيئي ڇڏيندا. اِھا عجيب ڳالھ آھي ته دور ديس جا ماڻھو سندس جان بچائڻ جي ڪوشش ڪن. سچ پچ ته ھو ڏاڍو شريف ۽ ڳنڀير سڀاءَ جو ڇوڪرو آھي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھو ڪو اھڙا ڪم ڪندو.“
مون ھڪ ھڪ ڪري سڀ اخبارون پڙھيون. سڀني ۾ ساڳي ئي خبر ھئي. رڳو سرخين ۾ فرق ھو. ھڪ ھيڊنگ ھيءَ ھئي:
”ڪميونسٽن طرفان ھڪ فون.“
مان اُن معاملي ۾ وڌيڪ خبر رکڻ لاءِ ’فونوھان‘ ۾ پنھنجي گھر روانِي ٿيڻ لڳيس. رستي ۾ ھڪ ڄاتل سڃاتل آواز منھنجو نالو وٺي، مون کي سڏ ڪيو. ھڪ واقف در وٽ بيھي، مون کي سڏي رھيو ھو. چيائين، ”اندر اچ، تمام ضروري ڳالھ آھي-“
جڏھن مان ڪمري ۾ ويس ته ھن مون کي ٻه اخبارون ڏيکاريندي چيو ته ”ڌيءُ تون ڏاڍي ڀاڳ واري آھين. جيتوڻيڪ تُروئِيءَ جو بم ڦاٽي نه سگھيو، تڏھن به آمريڪي بچاءَ جي وزير جھڙي موٽي مرغي جي جان وٺڻ جي ڪوشش جي بدران ھو سندس حياتيءَ پٺيان پيا آھن. پر ھاڻي پڇاڙيءَ ۾ ھُنن جي خلاف معاملو اُٿلي ويو آھي.“
ڀر واري ڪمري مان ھڪ ڇوڪري آئي ۽ دل جي اُڌمي سان مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي، ”ڪوئِينِ ڀيڻ ، اسڪول ۾ اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. اڄ منجھد جو اسان ھڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ تُروئِيءَ جي باري ۾ ڳالھايوسين. ھن جو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿي ويو آھي. آھي نه؟ ايترو پري ڏکڻ آمريڪا جي ماڻھن کي به سندس گرفتاريءَ جي خبر پئجي ويئي آھي، ۽ ھو کيس بچائڻ جي ڪوشش پيا ڪن-“
مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوان. مون کي اُن خبر جي صحيح يا غلط ھجڻ جي ڄاڻ نه ھئي. اُن ڪري جواب ۾ مون رڳو مُرڪيو. ڇوڪريءَ جي پيءُ چيو، ”منھنجو اندازو برابر نڪتو. تُروئِي گھڻو ڪري ھتي ايندو ھوسندس ڳالھائڻ مان مون کي سندس شخصيت جو پتو پئجي ويو ھو. ھو ٻين نوجوانن کان بلڪل مختلف ھو. آمريڪين بابت ڪڏھن به چڱو نه ڳالھايائين. ھو سدائين اُتر جي باري ۾ چڱيون ڳالھيون ڪندو ھو.“
جڏھن مان گھر پھتيس، ته پاڙي واريون منھنجي انتظار ۾ ھيون. مون کي ڏسي، ھنن شرارت شروع ڪئي- ”ٻڙي، مڙس جي گھر اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ جون تياريون شروع ڪر! چڱو ڀلا، ھاڻي خوشيءَ ۾ ته روئي ڏيکار-“
فونوھان جا ماڻھو ڏاڍا غريب آھن. گھڻو ڪري سڀ گھورڙيا آھن. مشڪل سان ڪو اخبار يا ڪتاب پڙھندو آھي. ھن مان ڪنھن کي به خبر ناھي ته وينزولا ڪٿي آھي. اُنھن کي حيرت ھئي ته وينزولا جي ماڻھن کي تُروئِيءَ جي سزا جي خبر ايڏي جلد ڪيئن ملي! ان کان وڌيڪ حيران اِن ڳالھ تي ھئا ته ھو تُروئِيءَ جي بدلي ۾ آمريڪي آفيسر کي ڪيئن پڪڙي سگھيا. ھنن مون کان پڇيو. مان به ھُنن وانگر صفا اڻ ڄاڻ ھيس ته وينزولا وڏو ملڪ آھي يا ننڍو- امير آھي يا غريب. ايترو سمجھيم پئي ته ڏکڻ ويٽ نام وانگر اُتي به آمريڪا جي خلاف ڇاپه مار ڪم پيا ڪن. تُروئِيءَ سان ھمدردي به ان ڪري ھين.
ماڻھو مون سان ملڻ ايندا رھيا ۽ پاڻ سان گڏ اخبارون کنيو پئي آيا. اُن ڏينھن سائيگان ۾ اخبارن جي وڪري جو رڪارڊ ڀڄي پيو. چاچو ’م‘ جنھن کي پڙھڻ به نه ايندو ھو، ”سانگ مونگ“ اخبار جو پرچو کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو-
”مون بازار ۾ گِلم پئي وِڪيا، ته افواھه ٻڌم ته جنھن ماڻھوءَ ڪانگ لائي پُل پئي اُڏائي، ان کي موت جي سزا کان بچايو ويو آھي. اخباري ھاڪر زور زور سان ھوڪا پئي ڏنا: ’اچي ويئي تازي خبر- ٽيليفون ڪال ھڪ جان بچائي-‘ مون تُروئِيءَ جو نالو ٻڌي، ھڪ اخبار ورتي. پڙھي ته نٿو سگھان، پر اُن ۾ تُروئِيءَ جي تصوير ته سڃاڻي ٿو سگھان.“ گھڻا ماڻھو ڪم تان موٽڻ مھل منھنجي گھر آيا. ڪن کي تڪڙ ھئي، انڪري تُروئِيءَ واري خبر تي ڳاڙھي پينسل سان نشان ڪري، اخبار ڇڏي ويا. منھنجي گھر ۾ عرصي کان اُداسي ڇانيل ھئي. ھاڻي اُھو وري خوشين سان ڀرجي ويو. ھر ڪنھن ڄاڻڻ ٿي چاھيو ته نيٺ وينزولا جا ماڻھو منھنجي مڙس سان ايڏي محبت ڇو ٿا ڪن-
اُنھيءَ شام جو چاچي ’ز‘ سان ملڻ ويس. مون ڀانيو ٿي ته ھو اُن ”زندگين جي سودي“ واري ڳالھ تي روشني وجھندو. چاچو ’ز‘ تُروئِيءَ کي چڱي طرح سڃاڻندو ھو ۽ اسان جي شاديءَ تي به آيو ھو. ڊيِئم سرڪار جي ڏينھن ۾ ڪيترا سال جيل ڪاٽي آيو ھو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ماڻھن جي ڪاروبار جي حساب ڪتاب رکڻ جو ڪم ڪندو ھو ۽ ائين روزي ڪمائيندو ھو- ھن ٻڌايو ته،
”اڄڪلھ دنيا ۾ ھر ھنڌ آمريڪين جي مخالفت لڳي پيئي آھي. تنھنجو مڙس مون سان ملڻ ايندو ھو ته اھڙيون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو. ڇا، ھُن توکي اُن بابت نه ٻڌايو ھو!“
ھن مون کي اِھو ٻڌايو ھو ته سائيگان ۾ ھنن جي مخالفت آھي، پر ٻيو ڪنھن لاءِ ڪونه ٻڌايائين-“
”وينزولا ۾ به اھوئي پيو ٿئي- اُھو ملڪ آمريڪا جي ڀرسان آھي- اُتي آمريڪا جو ظلم ڏاڍو سخت آھي. اُتي تيل جا وڏا ذخيرا آھن، پر يانڪي اُھي کنيو وڃن. اِن ڪري وينزولا جا ماڻھو سندن مخالف آھن. وينزولا ۾ به ڏکڻ ويٽ نام وانگر ڇاپي مار آھن ۽ آزاديءَ جو محاذ آھي. جي تنھنجو مڙس ميڪنمارا کي ماري ڇڏي ھا، ته وينزولا جا ماڻھو به خوشيون ۽ شادمانا ڪن ھا، ڇوته سندن مُلڪ تي حملن ڪرائڻ ۽ سندن ماڻھن کي قتل عام ۽ گرفتار ڪرائڻ وارو ساڳيوئي ميڪنمارا آھي. اِن ڪري تنھنجي مڙس جي گرفتاريءَ جو مٿن ڏاڍو اثر پيو-
سندن مُلڪ ۾ به ھزارين ماڻو قيد آھن ۽ ڪيترن ئي کي موت جي سزا ڏني اٿن. تنھن ھوندي به ھنن سڀ کان پھرين تنھنجي مڙس ۽ ڏکڻ ويٽ نام جي ماڻھوءَ جو فڪر ڪيو-“
ان کان پوءِ ھُن نقشي تي وينزولا ڏي اشارو ڪري چيو، ”سائيگان جي ماڻھن ۾ ھِن ڳالھ تي ھِن ملڪ لاءِ ڏاڍي محبت ۽ عزت پيدا ٿي آھي. منھنجي زال به پڇيو پئي ته وينزولا ۽ اسان جي ملڪ ۾ ايڏي دوستي ڪيئن ٿي-“
جڏھن مان جيل ۾ ھيس ته ڀيڻ ’الف‘ پھريدارن کان لڪي، سياسي حالتن جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي ھئي. ھوءَ ٻڌائيندي ھئي ته سڄيءَ دنيا جا ماڻھو آمريڪا جي خلاف ڏکڻ ويٽ نام جي ماڻھن جي جدوجھد جي پٺڀرائي ٿا ڪن. انھن ڏينھن ۾ مون کي خيال به نه ھو ته اُن پٺڀرائي جو مطلب ڇا ٿو ٿي سگھي. ھاڻي وينزولا کان آيل ھڪ خبر سڄي سائيگان کي ڌوڏي رکيو. منھنجون اکيون کُلي ويون. دور ديس وارا دوست نه رڳو آمريڪين خلاف اسان جي جدوجھد کان واقف ھئا، پر ھنن کي ڏکڻ ويٽنام جي اُن شخص جو نالو به ايندو ھو، جنھن کي موت جي سزا اچڻي ھئي. منھنجي مڙس لاءِ اھڙي قسم جي حمايت وڌندي رھي. ھي رڳو سائيگان يا ڏکڻ ويٽنام جو نه، پر سڄيءَ دنيا جو مسئلو ھو.
مون گھٽين مان لنگھندي ماڻھن کي اُن خبر جي بابت ڳالھائيندي ٻڌو. ھو حيران ھئا ته ايترو گھڻو پري واري لاطيني آمريڪا جي مُلڪ ۽ اسان جي ملڪ جي جدوجھد ۾ ڪيڏو نه قرب آھي! اِھي ڳالھيون ٻڌي، مان خوشي وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس. ھر ڪنھن تُروئِيءَ بابت پئي ڳالھايو. ماڻھو اِن ڳالھ تي خوش ھئا ته تُروئِيءَ کي موت کان بچڻ جو وجھ ملي ويو آھي. پوليس مون تي سخت نظر رکي ھئي، تڏھن به ماڻھو اھا خوشخبري ٻڌي مون کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ آيا پئي. سائيگان ۾ اخبارن وارا واڪا ڪري اِھا خبر ٻڌائي رھيا ھئا. ائين ٿي لڳو ته ھو گھر گھر اِھا خبر پھچائڻ ٿا گھرن. ھو وڏي واڪي چئي رھيا ھئا: ”ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري کي بچايو ويو-“ ھڪ ڇوڪري ته اخبار کي ٽوپلي تي ويڙھي مٿي ۾ پاتو جو اُن ۾ تُروئِيءَ جي تصوير ھئي. تصوير ۾ ھو ٽريبونيل جي آڏو بي ڊپائيءَ سان بيٺي مرڪيو. ان کان پوءِ، ھو ڇوڪرو ماڻھن جي انبوھه کي چيري، اڳتي ويو. اُن اخبار تي ايڏي ھيڊنگ ھئي، جا ويھن والن کان به پڙھڻ ۾ پئي آئي. اھا ھئي: ”نِگويِن وان تُروئِيءَ جي موت جي سزا ھٽي ويئي-“ اخبار واري رڙيون ڪري پئي ٻڌايو: ”ويٽ ڪانگ نِگوين وان تُروئِيءَ کي ڪميونسٽن جي ھڪ فون بچايو-“
ان وقت مون کي پنھنجي ھڪ ساھيڙيءَ جي ڀيڻ ’و‘ ياد آئي. ھوءَ اسڪول ۾ پڙھندي ھئي ۽ پڙھڻ کان پوءِ اخبارون وڪڻندي ھئي. ٻه ڏينھن اڳ ھن روئندي مون کي ٻڌايو ته جلد ئي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ملندي. مون سوچيو پئي ته ھِن وقت ھوءَ ڪٿي ھوندي! ممڪن آھي ته ڪٿي نه ڪٿي اخبارون وڪڻندي ھجي، ۽ تُروئِيءَ واريءَ خوشخبريءَ لاءِ رڙيون ڪري، نِڙي پئجي وئي ھونديس.
مان ڪپھ جي جنھن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي ھيس، ان جي سڀني کاتن ۾ ان خبر تي تبصرو پئي ٿيو. سڀ مزور مون کي پِٽائڻ لڳا. چي: ”تنھنجي مڙس جي آزاد ٿيڻ تي ڊپ ۾ ميڪنمارا جا لونءَ ڪانڊارجي ويندا.“ ھن ويل سڄو شھر تنھنجي مڙس بابت ٿو ڳالھائي. اِھا وڏي عزت آھي-“