ناول

جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

هي ناول ”جي ماريا نه موت“ ويٽنام جي انهن ڪردارن تي لکيل آهي جن غلامي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ گيدي ۽ بزدل قومن لاء هڪ مثال قائم ڪيو۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جن ڪيو آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
Title Cover of book جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

13

پندرھين آڪٽوبر تي صبح جو مان چِي ھُوئا جيل پھچي ويس. در تي ھڪ وڏو نوٽيس لڳل ھو- ”نئين تنظيم جو مرڪز، اعليٰ قومي ڪائونسل جو آڌرڀاءُ ٿو ڪري.“ اُتي ڪو خاص واقعو ٿيڻ وارو ھو. موت جي سزا واري بلاڪ تائين ٻنھي پاسي فوجي بيٺا ھئا. مون سوچيو ته شايد ھو اعليٰ قومي ڪائونسل جي ميمبرن کي سلامي ڏيڻ لاءِ بيٺا آھن. مان فوجين جي قطارن مان چپ چاپ لنگھي، جيل جي آفيس ڏي ويس.
موت جي سزا وارن ڏي ملاقات لاءِ ايندڙ زالن مان ڪابه ايتري بي خوف ۽ آسائتي ٻي ڪابه نه ھئي، جيتري مان ھيس. مون سوچيو پئي ته جي ملاقات جي موڪل ملي ويئي، ته ڪيڏي نه وڏي خوشخبري ٻڌائيندي مانس. اخبارن جيڪي مضمون لکيا ھئا، اُھي سڄا سارا ٻڌائيندي مانس. اھو به ٻڌائيندي مانس ته سڄي شھر ۾ ڪيڏي نه خوشي پئي ملھائجي!
مان دير تائين انتظار ڪندي رھيس. ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت گذري ويو. ھڪ پوليس واري ٻڌايو ته ”اڄ ھتي ڪي مھمان اچڻا آھن، ان ڪري سڀ ملاقاتون رد ڪيون ويون آھن، ۽ کين ڪابه شيءِ وٺڻ جي موڪل ناھي. تون ڪنھن ٻئي وقت اچجانءِ“
مون چيو ته گھٽ ۾ گھٽ ھي شين جا پئڪيٽ ته منھنجي مڙس تائين پھچايو، پر ھن انڪار ڪيو، ۽ منجھند کان پوءِ اچڻ لاءِ چيائين. مان وري فوجين جي قطارن جي وچ مان لنگھي، وڏي دروازي ڏي موٽي آيس. فوجي بُتن وانگر چُپ ڪيو، ڄميا بيٺا ھئا. موت جي قيدين واري اڱڻ کان ٻاھر مون کي ڪيئي اخباري عيوضي نظر آيا، جن ۾ ويٽنامي به ھئا، ته پرڏيھي به. ھو تڪڙ ۾ اتاولا ٿي نظر آيا، ۽ سندن ڪلھن تان ڪئميرائون پئي لڙڪيون.
وڏي دروازي تان ھڪ فوجي گاڏيءَ کي ايندو ڏسي، مان ھٽي ويس. گاڏيءَ ۾ جنازو ھو. مون سوچيو، ”شايد اڄ ڪو قيدي مري ويو آھي.“ جيل جي ديوار کان ٻاھر آھُونگ گھٽيءَ ۾ فوجين جا دستا چست بيٺا ھئا. مان پنھنجي سائيڪل کڻڻ لاءِ اسٽينڊ تي ويس، ته ڪنھن چيو، ”ھيءَ ان ماڻھوءَ جي زال آھي، جنھن ڪانگ لائي پُل ھيٺان سُرنگ لڳائي ھئي- پر ھيءَ موٽي ڇو آئي آھي؟“
اُن پاڙي جا ماڻھو ھاڻي مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا ھئا، جو مان مھينن کان مڙس سان ملڻ ايندي ھيس، ته ھنن جي دڪانن تان شيون وٺندي ھيس. ھنن جي تُروئِيءَ سان محبت ھئي ۽ مون سان به ڏاڍي ھمدرديءَ سان پيش ايندا ھئا. ھو سدائين مون کي سٺا ميوا ۽ ڪيڪ ڏيندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته، ”توھان کان اسان نفعو نه وٺنداسين. رڳو لاڳت جا پئسا ڏيو.“
مان مڙيس، ته پوڙھيءَ اشاري سان مون کي سڏيو. ھن جي مُنھن تي غم جا ڪڪر ڇانيل ھئا. ”تون موٽي ڇو آئينءَ- تنھنجي مڙس کي ڄاڻ ته موت جي سزا ڏنائون- تون ملاقات جو مطالبو ڇونه ٿي ڪرين؟“
مون کي پنھنجي ڪَنن تي اعتبار نه آيو-”نه! نه!- اھو ڪيئن ٿيندو؟- ائين ٿي نٿو سگھي- مان ھاڻي اُتان ٿي اچان. ھنن چيو ته منجھند کان پوءِ ڀلي مڙس لاءِ کائڻ جون شيون موڪلجانءِ. سزا ته روڪي اٿن. اخبارن ۾ به اھڙيون خبرون آيون آھن.“
”اِھا ته سڀني کي خبر آھي. اڄ صبح تائين اسان به خوشيون ٿي ڪيون. اسان جيل وٽ سالن کان شيون پيا وڪڻون. اھو پھريون موقعو ھو جو ٻن انساني حياتين جي مٽا سٽا پئي ٿي. پر ھي پنھنجي انجام تان ڦري ويا. ھن پرانھين مُلڪ ۾ آمريڪي ڪرنل کي ته ڇڏي ڏنو اٿن، پر تنھنجي مڙس کي موت جي سزا ملڻ واري آھي. فوجين ٻڌايو آھي ته ڪانگ لائي پل ھيٺان سُرنگ لڳائڻ واري ماڻھوءَ کي گولي ھڻندا-“
مان چري ٿي ويس. اُھا مائي مون کي پنھنجي گھر وٺي ويئي، ۽ سڏڪندي، چوڻ لڳي، ” ھنن ڪوڙ نه ڳالھايو آھي. ھو اڄ صبح جو تنھنجي مڙس کي گولي ھڻندا. ھن لاءِ ڪائي به آندي اٿن. اخبار جا عيوضي ۽ فوٽوگرافر به اچي ويا آھن. ٻچڙي، تون جلدي موٽي وڃ. اھا ڳالھ ھڪ واقف ڪار مون کي ٻڌائي آھي.“ ھن جي ڳالھ برابر نڪتي. مان روئندي، سڏڪا ڀريندي، جيل جي در ڏي ڊوڙيس. لوھي در مضبوطي سان بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ڪجھ فوجين مون کي ڇِڪي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان رڙيون ڪري انھن کان پاڻ ڇڏائڻ لڳيس. ”توھان منھنجي مڙس کي ماري نٿا سگھو. توھان کي ان جو ڪو حق ناھي. توھان کي ملاقات ڪرائڻي پوندي.“
پر ھڪ فوجيءَ منھنجون ٻئي ٻانھون پڪڙي ورتيون، ۽ چيائين، ”ڪنھن کي به اندر وڃڻ جي موڪل ناھي. توکي پاس وٺڻ لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي.“
پوءِ ھو مون کي پري گھلي ويا ۽ جيل جو رستو بند ڪرڻ لاءِ فوجين جو ھڪ ٻيو ٽولو پھچي ويو. مان موت جي سزا واري بلاڪ ڏي منھن ڪري، پنھنجي سڄيءَ طاقت سان پنھنجي مڙس جو نالو وٺي پڪاريو. مون ڀانيو ٿي ته ٿي سگھي ٿو ته ھِن ئي گھڙيءَ کيس گولي ھڻڻ لاءِ وٺي ويندا ھجن. پر فوجين مون کي ڌڪا ڏيئي در کان ھٽائي ڇڏيو. جڏھن منھنجو وس نه ھليو، ته مان سائيڪل اسٽئنڊ ڏي ڀڳيس، ۽ پنھنجي سائيڪل تي تيزيءَ سان گھر جو رخ ڪيم، جيئن بابا سان صلاح ڪيان ته ھاڻي ڇا ڪجي. ڪجھ ماڻھو مون کان پڇڻ لڳا-
”موٽي ڇو آئينءَ- ڇا ملاقات جي موڪل نه ڏنائون؟“
”ھنن مون کي روڪي ڇڏيو- مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ھنن ھڪ به نه ٻڌي. ھنن در جو رستو به بند ڪري ڇڏيو. ھاڻي بابا کي ڳولڻ گھر ٿي وڃان-“ ماڻھو اھو ٻڌي سرڪار کي وڏي وات گاريون ڏيڻ لڳا.
”اھو ظلم آھي- وحشي پڻو آھي- مڙس کي قتل ٿا ڪن- ھن جي زال کي پويون ڀيرو ملڻ به نٿا ڏين- وحشي ڪٿان جا.“
تُروئِيءَ جو پيءُ به ڪوانگ نام کان اچي ويو ھو. ھن به حياتين جي مٽا سٽا واري خبر ٻڌي ھئي، ۽ ان جي نتيجي جي انتظار ۾ ھو. جڏھن مون گھر پھچي کيس احوال ٻڌايو، ته منھنجي ۽ تُروئِيءَ جي ماءُ تي ڄڻ وِڄ ڪري پيئي. اسان ٽيئي وڪيل وٽ پھتيوسين. وڪيل کي به اعتبار نه آيو. چيائين، ”اُھا اڻ ٿيڻي آھي. موت جي سزا ھٽائڻ جو حڪم باقائدي نڪتو آھي. اُن ۾ ڪابه ڦير گھير ٿئي ھا ته مون کي ضرور سُڌ ڏين ھا. مان بچاءَ جو وڪيل آھيان. جنھن کي موت جي سزا ٿا ڏين اُھو ڪو ٻيو ھوندو-“
مون چيو ته، ”جيل جي ڀرسان رھندڙ ماڻھن چيو آھي ته ھي ساڳئي ئي ماڻھوءَ کي سزا ٿا ڏين، جنھن ڪانگ لائي پل کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي- توھان پڃا ته ڪريو ته اسان کي به آٿت اچي.“
وڪيل ڪجھ ترسيو. نيٺ ھن جيل جي آفيس کي ٽيليفون ڪيو. ھن جي منھن تي وحشت ڇانئجي ويئي- ”ڇا اھو سچ آھي- سچ آھي-“
”ھن کي سزا ڏيئي ڇڏيائون- يارھين بجي- ھاڻي ته اسان رڳو ميت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.“
اِھو ٻڌي، منھنجون ٽنگون ساھه ڇڏي ويون ۽ مان ھڪ ڪرسيءَ ۾ ڪري پيس. مان ميز تي ڊگھي ٿي پئجي رھيس ۽ ان ڳالھ مون تي ايترو اثر ڪيو، جو اکين جا ڳوڙھا به سُڪي ويا.
”ھا- ھاڻي ته ميت وٺڻ جي ڪوشش ڪجي-“ بابا سڏڪندي چيو، ”اُن لاءِ اسان کي ٻين تي ڀاڙڻ نه کپي-“ مون ٽيڪسي ڪئي ۽ مڙس جي لاش جي ڳولا ۾ سڄي شھر جا ٿاڻا ۽ ڪورٽون رُليس. پر ھو يا ته منھنجي ڳالھ ئي نه ٻڌن، يا اُبتو سُبتو ڏس پيا ڏين. ان کان پوءِ مان شھر جي قبرستانن ۾ رُليس. ھڪ ھنڌ ٽيڪسي ڊرائيور حيران ٿي پڇيو، ”توھان قبرستانن ۾ ائين ڇو ٿيون رُلو؟“
”ھنن منھنجي مڙس کي ماري ڇڏيو آھي- خبر ناھي لاش ڪٿي دفن ڪيو اٿن-“
”ڇو ماريو اٿن توھان جي مڙس کي؟“
مان چپ رھيس، پر ھن پنھنجو سوال ورجايو.
”ھن ڪانگ لائِي پُل ھيٺان سُرنگ ھنئي ھئي-“
”ڇا چيو تو؟“ ھن ايترو زور سان چيو، جو رستي جا ماڻھو به ڏسڻ لڳا. ”سندس نالو تُروئِي آھي- نِگويِن وان تُروئِي؟“
منھنجي چپن مان اَکر به نه اُڪليو. منھنجي اکين مان ڳوڙھا وھي نڪتا. مون اُڌمن کي سوگھو رکڻ لاءِ چَپن ۾ کڻي چڪ وڌو. ڊرائيور منھنجي مڙس جو نالو ائين ورتو، ڄڻ ان سان پراڻي دوستي ھيس. ھن جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو. ھن وري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، ”ڇا نِگويِن وان تُروئِي توھان جو مڙس آھي، جنھن ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.“ مون ڪنڌ لوڏيو-
ھن سيٽ جي پٺيان اخبار ڪڍي، مون کي ڏني- ”اخبار ۾ ته لکيل آھي ته سزا روڪي اٿن- پوءِ ھن کي ماري ڇڏيائون.“
مان اخبار تي نظر وجھي نه سگھيس. دل تي ڏاڍي چوٽ آئي.
”ادا- اڃا به ڪو قبرستان رھيل ھجي ته اُتي وٺي ھل-“
ڊرائيور در بند ڪيو. ٽئڪسي ھوا سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي. مون کي ياد ناھي ته ان ڏينھن ڪيڏو ھلي ھيس. مٿي ۾ ڏاڍا چڪر پئي آيا.
بين ٿينڪ مارڪيٽ جي ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ ھُن پنھنجي ٽئڪسي جھلي، ۽ ڪجھ ماڻھن کي گڏ ڪري چيائين-
”ڀائرو! اڄ صبح نِگويِن وان تُروئِيءَ کي ماري ڇڏيائون-“ پر ماڻھن کي اعتبار نه آيو- ”اِھو ڪيئن ٿيندو- آمريڪي سفارت خاني سزا روڪڻ جو حڪم ڏنو ھو-“
ڊرائيور مون ڏي اشارو ڪري چيو-
”ھيءَ تُروئِيءَ جي گھر واري آھي ۽ ميت جي تلاش ۾ ڀٽڪندي ٿي وتي-“ سڀني جون اکيون مون تي کُپي ويون-
”ڇا اِھو سچ آھي؟“
”ھا-“
ھو سڀ ماٺ ٿي ويا. اسان جي ٽيڪسيءَ جو مُنھن ھاڻي گياڊِن ڏي ٿيو. سج لھي ويو ھو، پر پتو اڃا به نه پيو ته ھن کي ڪٿي دفن ڪيو اٿن. مان ٿڪجي ٽُججي گھر موٽيس. ڊرائيور منھنجي گھر وٽ ٽيڪسي بيھاري. ھو ڏک مان سيٽ تي ليٽي پيو. سڄو پگھر ۾ شل ھجي- قميص به پگھر ۾ پُسي ويئي ھيس. نيٺ ھو ٽيڪسيءَ مان لھي پيو-
”مان رات جو وڌيڪ ڳولا ڪندس- جي ڪا خبر پيئي ته توھان کي ٻڌائيندس-“
مون ھن کي ڀاڙي جا پئسا ڏنا. ھن پئسا ڳڻي، اڌ مون کي موٽائي ڏنا.
”مان رڳو اوترا پئسا وٺندس، جن مان منھنجي زال ۽ ٻار ماني کائي سگھن. ھي پئسا رکي ڇڏيو، متان سڀاڻي ڪم اچنَوَ-“
ٻئي ڏينھن صبح جو اخبارن مان خبر پيئي ته سرڪار منھنجي مڙس کي ميونسپالٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو آھي. اسان سڀ گھر جا ڀاتي اوڏانھن وياسين. ھڪ ننڍڙو ڪَتبو به کڻي وياسين، جنھن تي سندس نالو لکيل ھو. اُھو اسان قبر تي ھنيو. قبرستان ۾ پوليس اسان جي انتظار ۾ ھئي، ۽ اسان جي چر پر تي نظر پئي رکيائين، ۽ ھڪ ھڪ ڄڻي جو فوٽو ڪڍيائون-
اسان جي گھر ۾ منھنجي ماءُ سڀني کان پوءِ اِھا خبر ٻڌي. ھوءَ بِن لونگ ۽ بن ھُوئا ۾ ڦيري تي ويئي ھئي. اتان موٽندي، ھوءَ گوشت ۽ ميوو وٺي آئي. اُھو سڄو بندوبست ھُن تُروئِيءَ جي ملاقات واري ڏينھن لاءِ ٿي ڪيو. ھوءَ در تي پھتي، ته ننڍڙيءَ ڪِينِ اُھا دھشت ناڪ خبر ٻڌايس.
”امان- ھنن ادا کي گولي ھڻي ڇڏي-“
امان اِھو ٻڌي، اڌ چري ٿي ويئي ۽ زمين تي ليٽي پار ڪڍڻ ۽ ’کانِ‘ ۽ آمريڪين کي پِٽڻ لڳي. گوڙ تي پاڙي وارا ڊوڙندا آيا. پوليس جا جاسوس جيڪي اسان جي گھر جي جاسوسي ڪندا ھئا، اھي به دروازي تي پھچي ويا. بابا کي اچي ڳڻتي ٿي ۽ ھو امان کي سمجھائڻ لڳو.
”ايترو گوڙ نه ڪر- مون کي تنھنجي بيماريءَ جي خبر آھي. پاڻ تي ضابطو رک.“ پر امان ھڪ به نه ٻڌيس. ”مون کي جيئن وڻندو، تيئن ڪنديس- روئي پنھنجو ڏک ھلڪو ڪنديس- تُروئِيءَ جي خونين تي ڪو قھر پوي، ڀلي اچي مون کي به مارين. مان ھنن کان نٿي ڊڄان- منھنجو ڪھڙو نه سھڻو ناٺي ھو- دنيا ۾ ھن جھڙو ڪو آھي!“
غم ۽ نفرت جي شدت سببان ھوءَ آپي کان ٻاھر نڪري ويئي. کانِ ھوئيءَ کان ڊوڙندي ھوءَ فونوھان ۾ منھنجي گھر اچي پھتي. اُتي تُروئِيءَ جي تصوير ڏسي، وري اچي روئڻ ۾ پيئي. گھر جي ٻئي حصي ۾ جتي ’ب‘ رھندو ھو، ٽوڊي سرڪار جو جھنڊو لڳل ھو. امان اھو لاھي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري لتاڙيو.
امان اُتر جي رسم موجب کانِ ھُوئي جي پيگوڊا ۾ منھنجي مڙس جي ماتم ۾ ستن ھفتن جي دعائن واري رسم ملھائڻ جو بندوبست ڪيو. پھرين ھفتي جي شروع ۾ راھبن ھڪ ڪاري تختي تي ھيءَ عبارت لکي پيگوڊا جي ٻاھران ھڻي ڇڏي-
”22 آڪٽوبر 1964ع تي شام جو ستين بجي نِگوين وان تُروئِيءَ جي روح کي ثواب پھچائڻ لاءِ پيگوڊا ۾ دعائون گھريون وينديون. مھاتما ٻڌ جا پوئلڳ ان مجلس ۾ شريڪ ٿين!“
دعا جي مجلس شروع ٿيڻ کان اڳ پوليس جا جاسوس دروازي تي چوڪسيءَ لاءِ پھچي ويا. مون کي ڊپ ھو ته پوليس جي خوف کان ڪو ماڻھو اچڻ جي ھمت نه ڪندو، پر ايترا ماڻھو گڏ ٿيا، جو اڳي ڪڏھن به اھڙيءَ مجلس ۾ ايترا ماڻھو نه آيا ھئا. گھڻا ماڻھو پاڻ سان لوبان ۽ گل کڻي آيا ھئا. پيگوڊا جي ان رسم ۾ منھنجي دل کي ڏاڍو آٿت مليو. تُروئِيءَ جي مرڻ واري ڏينھن تي سائيگان ۾ ماڻھن ڪيترائي اشتھار ورھايا، جن سندس قاتلن ’کانِ‘ ٽولي کي ننديو ويو ھو، ۽ تُروئِيءَ جي بھادريءَ جي تعريف ڪئي ويئي ھئي. اسان جي فيڪٽريءَ ۾ ڪپھ کڻي ايندڙ ھڪ ڊرائيور مون کي ٻڌايو ته بن ھُوئا جي شاھي رستي تي، جتي رات ڏينھن ٽريفڪ ھوندي آھي، ان جي مٿان به ھڪ ڪپڙو ٽَنگيل ھو، جنھن تي لکيل ھو، : ”نِگوين وان تُروئِيءَ جو جذبو زندھه باد.“ گھڻين ھوٽلن ۽ سَرائُن جي مالڪن 16 آڪٽوبر 1964 وارين اخبارن کي سنڀالي رکيو ھو، جو سندن گراھڪ انھن کي ڏسڻ جي فرمائش ڪندا پئي آيا. انھن اخبارن ۾ تُروئِيءَ جي آخري گھڙين جون تصويرون ھيون. 16 آڪٽوبر صبح جو بن ٿان مارڪيٽ جي فضا ايتري ڏک واري ھئي، جو سڄو ڪم ڪار بند ٿي ويو ھو. مسز ’م‘ مون کي ٻڌايو ته اُن ڏينھن پوليس سپرنٽيڊنٽ مارڪيٽن جو ماحول ڏسي، حيرت مان چوڻ لڳو ته، ” ھِن ويٽ ڪانگ لاءِ ھي سڀ ماڻھو ڏک ڇو ٿا ڪن!“
اُن ڏينھن پوليس جي موجود ھوندي، پيگوڊا ۾ ڪافي ماڻھو گڏ ٿي ويا. اتي مون کي ڏسي، ڪيئي ماڻھو مون وٽ آيا، ۽ اسان جي خانگي حياتيءَ جي بابت پڇڻ لڳا: مثلاً، ”توھان جي شاديءَ کي گھڻو وقت ٿيو؟“- ”تون ڇا ڪندي آھين؟“- ”اھڙي بھادر پٽ جا پيءُ ماءُ ڪيئن ھئا؟“ ان کان پوءِ ھو ڏک ۾ ڀرجي چوڻ لڳا، ”تنھنجي مڙس وطن لاءِ جان قربان ڪئي آھي ۽ توتي ڏُکن جو ڏونگر ڪِري پيو آھي. جي پوليس تنھنجي پٺيان نه ھجي ھا، ته اسان توکي وٺي وڃي پنھنجي گھر رھايون ھا-“
”توھان ھن مجلس ۾ اچي، وڏي مھرباني ڪئي آھي. مون کي ڊپ ھو ته پوليس جي ڀؤ کان ڪوبه نه ايندو!”
”تون ٺيڪ ٿي چوين. ڪجھ ماڻھو برابر ڊنل آھن ۽ ھن وقت پنھنجي گھرن ۾ تنھنجي مڙس لاءِ دعائون ٿا گھرن، پر مون ۽ منھنجي ساھيڙين چيو، ھُن ته موت جي مُنھن ۾ به بھادري ڏيکاري، ته اسان رڳو دعائن جي مجلس ۾ به وڃڻ کان ڇو ڊڄون.“
ڀيڻ ’ڪ‘ به ان مجلس ۾ آيل ھئي. ڪجھ ڏينھن اڳ ھن خوشيءَ مان ٻھڪندي مون کي چيو ھو، ”تُروئِيءَ جي آزاد ٿيڻ تي دعوت ڪرين ته مون کي نه وسارجانءِ!“
ھوءَ مون کي ڏسي چوڻ لڳي، مون کي ھن مجلس جي خبر دير سان پيئي، ان ڪري مان گل ۽ خوشبوءِ نه آڻي سگھيس-“ پوءِ پڇيائين، ”تو آزاد ريڊيو ھَنوئي ٻُڌو آھي؟“
”مون وٽ ته ريڊيو ئي نه آھي. جي ھجي به ھا، ته ايترن جاسوسن ھوندي اُھي اسٽيشنون ٻڌي به ڪيئن سگھان ھا-“
”اعلان ڪيو اٿن ته ھُنن تُروئِيءَ کي ’ڏکڻ ويٽنام جي سُورمي‘ جو لقب ۽ ان سان گڏ ’ويٽ نام جي قومي نشان‘ جو مان ڏنو آھي. ويھن سالن جي آزاديءَ جي جنگ ۾ ايڏو وڏو اعزاز ڪنھن کي به نه مليو آھي. توکي فخر ڪرڻ کپي.“
”مون شھر ۾ ھڪ پَترو ورھائبو ڏٺو آھي، جنھن ۾ تُروئِيءَ جي حياتيءَ، ۽ ھُن جي اَمر ڪارنامن ۽ انھن اعزازن جو ذڪر ھو-“
پيگوڊا جي ايوانن ۾ ماڻھن جو ميڙ منھنجي چوڌاري گڏ ٿي ويو.مون ھنن کي ٻڌايو ته حڪومت ھن کي قتل ڪرڻ کان اڳ مون کي پوئين ملاقات جي موڪل به نه ڏني. ھنن لاش به منھنجي حوالي نه ڪيو. سندس موت جي خبر ته اخبارن ۾ آئي ھئي، پر مون سان ۽ جيڪو منھنجي ڪٽنب سان وحشي پڻو ڪيو ويو، ان جي خبر ماڻھن کي ھاڻي پيئي.
چئن ھفتن کان پوءِ مان تُروئِيءَ جي اباڻي ڳوٺ ڪوانگ نام رواني ٿي ويس. اُن ڳوٺ ۾ ھيءُ منھنجو پھريون ڀيرو وڃڻ ٿيو ھو. وڃڻ وقت ماڻھن کي چيم ته جي وقت تي موٽي نه سگھان ته دعائن جي مجلس جي ڪم ڪار کي سنڀالين-
ھنن مون کي پڪ ڏياري ته ”جيترا ڏينھن توکي وڻن تون وڃ. تُروئِي اسان سڀني لاءِ، پنھنجي ساٿين لاءِ ۽ مُلڪ لاءِ جان قربان ڪئي آھي. اُنڪري سندس ڪم جي نظرداري ڪرڻ اسان جو فرض آھي. ھڪڙو ڪم ڪجانءِ، تُروئِيءَ جي ھڪ تصوير آڻي پيگوڊا ۾ رکجانءِ، ته اسان ھر پندرھين تاريخ ان تي گل چاڙھينداسين ۽ اگربتيون ٻارينداسين.“
مان پڇاڙيءَ جي ھفتي جي دعائن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وقت تي سائيگان پھچي ويس. اُن ۾ پھرين کان وڌيڪ ماڻھو آيا. ھو مون کان تُروئِيءَ جي ڳوٺ جي باري ۾ پڇڻ لڳا. مون ھنن کي ٻڌايو ته ڪيئن اُتي آزادي محاذ جا ماڻھو مون سان ملڻ ايندا ھئا ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ڪندا ھئا. ھنن تُروئِيءَ جي بدلي ۾ اڻ ڳڻيا دشمن ماريا آھن ۽ انجام ڪيو اٿن سندس بھادر زندگي سدائين سندن رستي جو سوجھرو بڻيل رھندي. ھنن تُروئِيءَ جي ساراھه ۾ گيت به چيا آھن. ھنن مون کي ھدايت ڪئي ته تُروئِيءَ جي خاندان کي به انقلاب ۾ حصو وٺي، پاڻ کي اُن قومي سورمي جي لائق ثابت ڪرڻ کپي، جنھن کي قومي آزادي محاذ طرفان وڏي ۾ وڏو اعزاز ڏنو ويو آھي.