9
جڏھن مان تنھنجي عمر جي ھيس ته منھنجو مڙس به جيل ۾ ھو. مون کي تو وانگر ڏاڍا ڏک ڏسڻا پيا. ان سان مان جيل ۾ ملڻ ۽ کيس کاڌي جون شيون پھچائڻ ويندي ھيس. ھن کي آزاد ڪيائون، پر ٻيھر گرفتار ٿيو. آخر ھو چِي ھُوا جيل ۾ مري ويو.
کيس ٻه پٽ ۽ ھڪ ڌيءُ ھئي. پٽس ستن اٺن سالن کان سويت روس ۾ پڙھي رھيو ھو. ٻيو سپاھي ھو ۽ اُتر جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ھو. ڌيڻس چار سال جيل به ڪاٽيو. ھن کي ڏکڻ ويٽنام جي قومي محاذ آزاديءَ جي اعلان جا اشتھار ورھائيندي گرفتار ڪيو ھئائون. ھاڻي مسز ’ج‘ پنھنجي ڀاڻيجيءَ وٽ رھندي ھئي، ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ ڦيري ڪري شيون وڪڻندي ھئي. ھن مون کي چوريءَ آندل ڪجھ تصويرون ڏيکاريون، جيڪي روس ۽ اتر ويٽنام مان آيون ھيس. ھڪ ۾ سندس پٽ ڊائلن سان ڀريل ڪنٽرول پئنل تي ويٺو ھو. ٻي ھَنوئيءَ ۾ قومي ڏينھن تي ڪڍايل ھئي، جنھن ۾ نُھڻس پنھنجي ٻارن سان بيٺي ھئي. مسز ’ج‘ تصويرون ڏيکاريندي اُتساھه مان چيو، ”اسان ڪنھن ڏينھن ھِنن وانگر خوشين واري حياتي ماڻينداسين-“
پوءِ ھن چيو، ”تُروئِيءَ کي چئجانءِ ته مون کي روس ۽ اُتر ويٽنام وارن ٻارن کان وڌيڪ اُنھن جي ڳڻتي آھي، جيڪي چِي ھُوا جيل ۾ آھن.“
ان مان سندس مطلب تُروئِيءَ ۽ پنھنجي ڌيءُ جو ھو.
ھن ڀيري مان ننڍڙي ڪِينِ کي به وٺي ويس. اسان ورانڊي کان لنگھي اُتي پھتاسين، جتي تُروئِي اسان جو انتظار ڪندو ھو.
ھن تي پھريائين ڪِينِ جي نظر پيئي، ۽ رڙ ڪيائين، ”ادا-“
ھن کي ڏسي، منھنجي دل بھار بھار ٿي ويئي. ھن جي صحت اڳي کان سڌريل ھئي. ھن جا وار به ڪٽيل ھئا. پر سندس ٽَنگ اڃا پوري طرح ٺيڪ نه ٿي ھئي. ھو منڊڪائيندو، در ڏي آيو، ۽ ننڍڙي ڪِينِ جي وارن تي شفقت سان ھٿ ڦيرائيندي پڇيائين-
”بابا ۽ امان خوش آھن؟“
”بلڪل خوش آھن. تون ڪجھ ٿُلھو ٿي ويو آھين. ھائو نه-“
ھن مرڪيو، گرفتاريءَ کان پوءِ اھڙي سٺي صحت ڪڏھن به نه ٿي ھُيس. ھُن منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي چيو-
”منھنجي تور وڌندي رھندي. پر تون ڇو لھي ويئي آھين؟ ايڏي گھڻي محنت نه ڪر.“
مون کيس آٿت ڏيڻ لاءِ چيو، ”ائين ناھي- مان روز اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪندي آھيان.“
ننڍڙي ڪِينِ پڇيس، ”توھان کي ڪھڙي ٽَنگ ۾ ڌڪ لڳو ھو؟“
ھن ساڄيءَ ٽَنگ ڏي اشارو ڪري چيو، ”ھِن ۾- پر ھاڻي ته ھيءَ بلڪل ٺيڪ آھي.“
ڪين چيو، ”پوءِ مونکي کڻو نه!“
ھُن ڪِينِ کي ھنج ۾ کنيو، ۽ چيائين، ”اسڪول ويندي آھين؟ اُتي ڪجھ لکڻ پڙھڻ سکيو اٿئي؟“
”ھا- ھاڻي مان الاھي لفظ پڙھي ويندي آھيان. ادي ڪوئِينِ ھاڻي اسڪول مان ته وٺي آئي آھي! توھان ڪٿي رھندا آھيو؟“
”مٿي ٽين ماڙ تي- ڏاڍو مٿي-“
”مان به ڏسڻ ھلان؟“
تُروئِيءَ ٽھڪ ڏيئي، ٻڌايس، ”توکي ڪيئن ڇڏيندا. مان ته اتي قيدي آھيان.“
”توھان گھر ڪڏھن موٽي ايندؤ؟“
تُروئِي کيس دلاسو ڏيئي، چيو، ”نئين سال موٽڻ جي ڪوشش ڪندس. تون ڪوئِينِ سان ملندي رھندينءَ نه!“
”مان جڏھن به ملڻ ويندي آھيانس، روئندي آھي-“
ننڍڙي ڪِينِ منھنجو راز ظاھر ڪري ڇڏيو. تُروئِي جي منھن تي ڳڻتي ظاھر ٿي. ”تون سدائين روئندي ڇو آھين؟“
”مان ڪڏھن روئندي آھيان!“ مون ڪوڙ ڳالھايو.
”ھن کي ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڪھڙو ضرور؟“ ھن عمر ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ ناممڪن آھي. ھوءَ ضرور سچ چوندي ھوندي. تون ضرور روئندي ھوندينءَ.“
مان لاجواب ٿي، ماٺ ٿي ويس. تُروئِي چوڻ لڳو.
”تون اھڙين حالتن ۾ ٿي رھين، جڏھن تحريڪ روز بروز وڌندي ۽ زور وٺندي ٿي وڃي. توکي خوش رھڻ کپي، ۽ ٻين ماڻھن جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ کپي. گذريل ڏينھن کان ھتي جا ساٿي قيدي ڏاڍي جوش ۽ خوشيءَ مان ڳائيندا آھن. سائيگان ۾ ھڙتال ٿيڻ، سڄي شھر ۾ پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو بند ٿيڻ، اِھي ڪھڙيون نه دل وڌائيندڙ ڳالھيون آھن! ھن کان اڳ ھڙتال جي اپيل تي رڳو ڪارخانن جا مزور ھڙتال ڪندا ھئا. ھن ڀيري سڀ شامل ٿي ويا. جڏھن مون کي ’نوجوان سنگت‘ ۾ داخل ڪيائون، ته پڙھائيءَ جي مختصر ڪورس تي موڪليائون. اسان جو ليڪچرر وڏي ڪمال جو ماڻھو ھو. ھُن مون کي ڪيتريون ڳالھيون ٻڌايون. مان ھڪ مزور ھوس، پر اُن ڪورس کان پوءِ پھريون ڀيرو پنھنجي مزور طبقي جي طاقت جي خبر پيم. ھڪ ڀيري ليڪچرر مون کي چيو، ”تون بجليءَ جو ڄاڻو آھين نه- چڱو ٻڌاءِ، تنھنجي گھر ۾ بجليءَ جون گھڻيون شيون آھن؟ مون وٽ ته ھڪ به نه آھي!“ مون مون جواب ڏنو ته، ’اسان وٽ روشنيءَ جو ھڪڙو ئي ذريعو گاسليٽي بتي آھي. مان جنھن ضلعي ۾ رھندو آھيان، اُتي سڀني جي اِھا حالت آھي.‘ اھو ٻڌي، ھو مرڪيو- ’واھه، بجليءَ جا ڄاڻو، بجليءَ جي ڪمن ڪرڻ وارا خود بجليءَ کان خالي رھن! ڇا اِھو دستور چڱو آھي؟ آمريڪن ڪوارٽرن کي ته ھڪ نظر ڏس. سندن ڪُتن جي ڪمرن ۾ به بجليءَ جا بلب پيا ٻرن. بجليءَ وارن کي فقط ھڪ ڏينھن ڪم بند ڪرڻ ڏيو، پوءِ ڏسو ته سڄو شھر اوندھه ۾ وٺجي ويندو. ھو سڀ ٽارچ کڻي اوندھه ۾ نه ڀٽڪن ته شرط آھي! ھنن کي ڪھڙي خبر ته بجليءَ جو جنريٽر ڪيئن ھلائبو آھي!‘ مان سُن ٿي، سندس ڳالھيون ٻڌندو رھيس. پر اُن ڳالھه جو سوچي به نه پئي سگھيس ته سڀ مزور پنھنجي طاقت ڏاکارڻ لاءِ ھڪ وقت ڪم بند ڪرڻ تي راضي ٿي ويندا. پر پوءِ ھڪ ڏينھن سموري بجلي بند ٿي ويئي، ۽ سڄي جيل جو پاڻي به بند ٿي ويو. شھر ۾ ٽريفڪ جو گوڙ بند ٿي ويو، ۽ اسان ٻڌو ته سائيگان ۾ عام ھڙتال ٿي آھي. شھر ۾ ٽريفڪ بيھي رھي. بازار سڃي ٿي ويئي، ۽ سڄي شھر جي زندگي بيھي رھي. اُن ڏينھن اسان ڏاڍو خوش ٿياسين. ڦاسيءَ وارو بلاڪ اسان جي انقلابي نغمن سان گونجڻ لڳو. سنتري اسان کي اجايو مارڻ لڳا، پر ھو اسان جي نغمن کي قيد ڪري نه سگھيا. اسان کي پنھنجي جان جي ڪابه پرواھه ڪانه ھئي. ڇوته اسان سمجھي ورتو ته اسان جي طاقت زبردست ٿي ويئي آھي. جي ھنن اسان کي ماري به ڇڏيو، تڏھن به سندن ڏينھن ٿورا آھن!‘
مون بينچ تي ويٺي سنتريءَ ڏانھن ڏٺو. ھو رسالن جا پنا اٿلائي رھيو ھو. مون جلدي ٿيلھو کوليو ۽ تُروئِيءَ لاءِ تيار ڪيل وڳو ڪڍيو. ڀرٿ وارو رومال ھيٺان رکيل ھو. مون ان کي مُٺ ۾ ۾ بند ڪيو، ۽ آھستي پڇيو، ”جيڪي شيون مان توکي ڏيندي آھيان، تن جي تلاشي وٺندا آھن ڇا؟“
ھن ڪنڌ لوڏي ھائو ڪئي.
مان سپاھيءَ جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڪپڙن کي کولڻ ۽ ويڙھڻ لڳيس ۽ تُروئِيءَ کي رومال ڏيکاري، چيم، ”ھي کڻي وڃي سگھندين؟“
ھو رومال تي ڳاڙھي رنگ جو ڀرت ڏسي، ششدر ٿي ويو-
”پر ھي ڪنھن ڀريو آھي؟“
مون کي ان گھڙيءَ جو ڏاڍو انتظار ھو. ھن جي اُنھيءَ پڇڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
”مون پاڻ-“ مون ٻڌايس. ”جيل جي ساٿاڻين مون کي ڀرت جو ڪم سيکاريو ھو.“
تُروئِيءَ جي منھن تي اطمينان ظاھر ٿيو.
”تون ڏاڍي سٺي آھين.“ ھن مرڪي چيو، ”جي جيل ۾ وڌيڪ رھين ھا، ته اڃا به گھڻيون ڳالھيون سکين ھا. مون کي ته ھيءُ گيت برزبان ياد آھي، پر ڪوٺيءَ ۾ موٽي ٻين قيدين کي به ٻڌائيندس. ھِن کي لڪائي گھر کڻي وڃ. جي ھنن تنھنجي تلاشي ورتي، ته توکي ڏاڍو ماريندا.“
”ھنن توکي الاھي گيت سيکاريا ھوندا.“
”ھا- مثلاً ’مجاھدن لاءِ ڪپڙا ٺاھيو‘ – ’ھين لانگ پُل وٽ‘ – ’اشتراڪي روح‘ – ’اميد جو نغمو‘ – ’وطن جو اشتراڪي بھار‘ – ’اباڻو وطن‘ – اُن کان سواءِ مون ڪيترا ٻيا گيت به سِکيا آھن، مثلاً ’ڦاسيءَ تي ويندڙ جو گيت‘ – ’اچو ته اڳتي وڌون‘ – ھو ھر گيت جو عنوان ورجائيندو ويو ۽ چيائين-
”تون ھاڻي اشتراڪي نغما به سکي ويئي آھين- ڏاڍو چڱو! ھڪ مزور جي حيثيت ۾ تنھنجي لاءِ اھو ضروري آھي. پراڻن ساٿين مون کي ٻڌايو آھي ته جڏھن اسان سوشلسٽ سماج اڏينداسين، ته اسان مان ھر ھڪ کي خوشي نصيب ٿيندي. اسان مان ھر ڪو پنھنجي محنت جو ڦل حاصل ڪندو ۽ ڪوبه دُکي نه رھندو. اتر جا ماڻھو ته اڳ ۾ ئي اُن واٽ تي ھلي رھيا آھن. جيتوڻيڪ مان ڪميونسٽ نه ٿي سگھيس، پر تڏھن به چاھيان ٿو ته ھڪ ڪميونسٽ وانگر جدوجھد ۾ حصو وٺان!“
”مون کي اُھي گيت چڱيءَ طرح ياد ڪونھن، ڇو ته مان لکي نه سگھيس، تڏھن به منھنجي دل اُنھن گيتن ڪري ڏاڍي وڌي ٿي، ۽ سٺي آئيندي جي آس سان اُھا ڀرجي ٽمٽار ٿي وڃي ٿي.“
”جي ھي سوئر ھتي نه ھجي ھا ، ته مان توکان گيت ٻڌان ھا- اسان جا ساٿي ھڪ ئي مقصد جي حامي ھجڻ ڪري ھڪ ٻئي کي ڀائيندا آھن. مِٺي! تون به سندن مثال تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجان. مان ھجان يا نه ھجان، ھنن وانگر زندگي گذارجان ۽ اُنھن وانگر انقلاب سان وفادار رھجانءِ!“
ھو ڪجھ دير سوچيندو رھيو، پوءِ وري ڳالھايائين-
”ڏس تو وري روئڻ شروع ڪيو. تڪليفن کي ھمت سان سَھه، ياد رک، تون منھنجي زال آھين-“
ھن منھنجي اکين ۾ نھاري مُرڪيو، ۽ زوريءَ پنھنجي منھن تي خوشيءَ جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر ھن جون اکيون ڳوڙھن سان ٽمٽار ھيون. ھن پنھنجي موت جي خيال کان منھنجو ڌيان ھٽائڻ لاءِ آئيندي جي باري ۾ ڳالھيون شروع ڪيون. ھو ننڍڙيءَ ڪِينِ سان کيڏندو رھيو، ۽ ان سان انجام ڪيائين ته، ”جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ توکي بندر جي ڀر واري باغ ۾ گھمائڻ وٺي ھلندس، ۽ الاھي ڪيڪ کارائيندس.“ شاديءَ کان پوءِ جڏھن اسان گھر ويا ھياسين، ته ننڍڙي ڪِينِ سان گڏ انھيءَ باغ ۾ گھميا ھياسين.
تُروئِيءَ پوءِ مون کي پنھنجي ميڊولين سنڀالي رکڻ جي ھدايت ڪئي. پاڻ جڏھن ٻاھر ھو، تڏھن چانڊوڪين راتين ۾ پاڙي جا ٻار ھن جي ميڊولين ٻڌڻ ايندا ھئا.
جڏھن منھنجي اٿڻ جو وقت ٿيو، ته ھن چيو-
”پندرھين آڪٽوبر تي، جي توکي ملاقات ڪرڻ ڏين، ته خط لکجانءِ- مان انتظار ڪندس.“