11
”ان کان پوءِ تُروئِي ضرور اُتر ڏي ويندو. پنھنجي زال کي به وٺي ويندو.“
”زالس کي ھتان وڃڻ ڏيندا؟“
”ڇونه- قومي آزادي محاذ وارا ڪو ماڻھو موڪلي، گھرائي وٺندس.“
”ڪوئِينِ ڀيڻ، سچ ٻڌاءِ! تون سچ پچ ويندينءَ ھلي-“
مان اِھي ڳالھيون ٻڌي، خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس. پر مون پنھنجي جذبن کي لڪايو پئي.
”ايترو پري ڇو ٿا وڃو! اڃا ته پڪ ئي ناھي ته اڳتي ڇا ٿيندو-“
”پر ھيءَ حقيقت آھي ته جي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ڏيندا، ته آمريڪي ڪرنل کي به گولي لڳندي.“
منجھند جو ھڪ عورت پئي چيو ته ”ڏاڍي ڏک جي ڳالھ آھي ته اسان ڪوئِينِ کان الڳ ٿي وينديوسين ۽ ھوءَ پنھنجي مڙس سان ھلي ويندي-“ منھنجي ھڪ ساھيڙيءَ ريس مان چيو، ”تنھنجا ڀاڳ وڏا آھن. جلد ئي تون اُتر ڏي ويندينءَ-“
سڀ اسان جي مستقبل جي باري ۾ ڳالھائي رھيا ھئا. مان وڪيل جي آفيس ۾ پنھنجي مڙس جي جان بچائڻ لاءِ قانوني مدد جو بندوبست ڪري رھي ھيس. منھنجي دل ۾ خوشين جا گل ٽڙي پيا ۽ مان آئيندي جي سھاڻي تصور ۾ گم ٿي ويس. مون کي رڳو اُھا خوشي نه ھئي ته تُروئِيءَ جي جان بچي ويندي يا ھو وري آزاد ٿيندو. مون کي وڏي خوشي ان ڳالھ جي ھئي ته ھو اتر وڃي سگھندو ۽ اُتي ھن کي چاچي ھو (ھوچي مِن) سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو، ۽ سندس زندگيءَ جي وڏي خواھش پوري ٿيندي. ھو مون سان ھوچي مِن جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي چوندو ھو: ”جي قسمت سان اتر وياسين، ته کيس ڏسڻ لاءِ سندس گھر جي سامھون ويھي انتظار ڪنداسين-“ پوءِ ھو چوندو ھو ته ”اُتر جي ساٿين کي ساڻس ملڻ جو موقعو ملي ٿو، اسان کيس ھڪ ڀيرو به ڏسي نٿا سگھون-“
مون سوچيو ته مٽا سٽا جي خبر ھن کي ڪيڏو نه خوش ڪندي! خاص ڪري جڏھن ٻڌندو ته ھو جلد ئي اتر روانو ٿيڻ وارو آھي، ته ھن جي خوشين جي حد ئي نه رھندي.