ناول

جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

هي ناول ”جي ماريا نه موت“ ويٽنام جي انهن ڪردارن تي لکيل آهي جن غلامي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ گيدي ۽ بزدل قومن لاء هڪ مثال قائم ڪيو۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جن ڪيو آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
Title Cover of book جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)

1

اُن ڀيري ڀيڻ ڪوئِينِ کي گھڙيءَ جو به آرام نه مليو. اِھا خبر مشھور ٿي ويئي ته نگوين تُروئيءَ جي گھر واري ڏکڻ ويٽنام جي عورتن جي ڪانگريس ۾ حصو وٺڻ آئي آھي، ۽ خبر ٻڌڻ سان، سڀني علائقن ۽ ديھن جا عيوضي ساڻس ملڻ آيا. اولھ جي ھڪ ڇاپا مار عورت ته وفد جي رھڻ واريءَ جاءِ ۾ ڊڪندي آئي ۽ جذبات سان ڀريل آواز ۾ ٻڌائڻ لڳي، ”منھنجي ديھ جا ماڻھو ڀاءُ تُروئيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ سڄو مھينو وڙھندا رھيا. ان مھم ۾ مان زخمي ٿي پيئي ھيس. اسان جي دِل ٿي گھري ته ڪوئِين ڀيڻ اسان جي وفد وٽ ھڪ ڏينھن رھي ۽ اسان کي پنھنجي مڙس جون ڳالھيون ٻڌائي. جڏھن اسان اُھي ڳالھيون ٻڌي واپس ورنديون سين، ته دشمنن کي مارڻ جو جذبو اسان ۾ اڃا به وڌندو.
پنجين ڏينھن ٻارن واريءَ ھڪ مائيءَ ڪوئِينِ کي شفقت مان چيو، ”خبر اٿئي، تُروئي ڪُوانگ نام ڳوٺ جو ھو! تون اُن پاسي جي ماڻھن جي نُنھن آھين. اسان جي دل ٿي چوي ته تون اسان وٽ ھلي رھه.“
ان کان پوءِ ڪوئِينِ ڀيڻ ھڪ جاءِ تي نه رھي. ڪڏھن ھوءَ ھڪ وفد جي مھمان ھئي، ته ڪڏھن ٻئي جي. سائيگان کان نڪرڻ کان پوءِ، تُروئيءَ جي شاندار ۽ پاڪ حياتيءَ جي احوال لکڻ لاءِ ھي جيڪو موقعو مون کي ساڻس ڳالھائڻ جو مليو ھو، اُن مان آءٌ گھڻو فائدو وٺي نه سگھيس. تڏھن به ھن واعدو ڪيو ته ڪانگريس جي ھر اجلاس کان پوءِ شام جو ڪجھ وقت لاءِ مون کي تُروئيءَ جي صحبت ۾ پنھنجي گذاريل ڏينھن، ساڻس جيل جي ملاقاتين ۽ ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيل ڳالھين جو احوال ٻڌائيندي رھندي.

************************

ڏھين مئي 1964ع جي تاريخ ھئي. آچر جو ڏينھن ھو. صبح صبح جو مون کي اُلڪو پيدا ٿي پيو، جو تُروئي سڄي رات گھر نه آيو ھو. ٻئي ڪنھن آچر کان وڌيڪ اُنھيءَ آچر تي مون کي ھن جو ڏاڍو انتظار ھو. سڄو ڏينھن اسان ڪيڏانھن ٻاھر نڪري نه سگھيا ھئاسين. ڪنھن مِٽ مائٽ ڏي به نه وڃي سگھيا ھياسين. منھنجا پيءُ ماءُ اُتر جا رھاڪو ھئا. ھو وان گياپ ديھ مان، جيڪا نُونگ پِن جي ضلعي ۾ ھاڊوِنگ پرڳڻي ۾ آھي، ساٺيڪو کن سال اڳ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ لڏي آيا ھئا. ايترن سالن گذرڻ کان پوءِ به ھو سڀ پنھنجي اباڻي علائقي جي ريتن رسمن کي چھٽيل ھئا. ھنن جي ھڪ رسم ھئي ته گھوٽ ڪنوار شاديءَ جي ٻئي ڏينھن ڪنوار جي پيڪن ۾ ويندا ھئا. اسان جي شاديءَ کي ڏينھنِ بدران ھفتا گذري ويا، پر تُروئي ھر آچر تي ڪو نه ڪو بھانو ڪري، ڳالھ نٽائي ڇڏيندو ھو. مان انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھيس ته ھِن آچر به ڪنھن نه ڪنھن ڪم جو بھانو ڪندو.
پر جڏھن اسان جي شاديءَ جو موقعو آيو، ته ھو پنھنجي انجام تي نه بيٺو. ان ڏينھن ھن پنھنجا وڌيل وار به نه ڪترايا. شاديءَ کان پوءِ ھو گھڻو ڪري دير سان گھر ايندو ھو. رات جو دير تائين ويھي الائي ڪھڙا ڪھڙا نقشا ٺاھيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھو مون کي پنھنجي ھڪ دوست جي گھر وٺي ويندو ھو، جتي مون کي اڪيلو ڇڏي، ھو ٻيئي اڱڻ ۾ نه کُٽندڙ ڳالھين ۾ لڳي ويندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھو پٿرين کي ائين ويٺا اڳتي پوئتي ڪندا ھئا، ڄڻ شطرنج کيڏي رھيا ھجن. ھڪ ڀيري مون ھن کان پڇيو، ”اھڙا ڪھڙا توتي وڏا ڪم اچي پيا آھن!“ ھن جواب ڏنو ته ”منھنجي آفيسر بجليءَ جي ھڪ مشين جي مرمت جو ڪم مون تي رکيو آھي، پر اڃا تائين مان ان ڪم جي پوري ڪرڻ جو رستو لھي نه سگھيو آھيان.“ ھڪ ڏينھن، شاديءَ واري مُنڊي سندس ھٿ مان گم ٿي ويئي. اُن جي نگ تي انگريزي اکر ’ڪيو‘ اُڪريل ھو. اھا مُنڊي مون سال 1964ع جي پھرئين چنڊ واري ڏينھن کيس سوکڙي ڪري ڏني ھئي. ھن ٻڌايو ته مُنڊيءَ سندس ڪم ۾ رندڪ ٿي وڌي! ان جواب مون کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇوته جڏھن مون اھا مُنڊي کيس ڏني ھئي، ته ھو خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو- ڄڻ کيس ڪا مقدس شيءِ ملي ويئي ھئي! ھن گھڻي پيار مان مُنڊي پنھنجي آڱر ۾ پاتي ھئي، ۽ پوءِ ان کي ڦيرائي، ڏسي، پڪ ڪئي ھئائين ته متان ڪم ڪرڻ وقت ڪٿي کسڪي ڪِري نه پوي! مُنڊي پائيندي، ھن کلندي چيو ھو ته ”ھيءَ منھنجي ھٿ کان تڏھن جدا ٿي سگھندي، جڏھن ڪنھن حادثي ۾ منھنجي آڱر ڪٽجي وڃي.“
اسان جي شاديءَ کان اڳ به ھن کي مون سان اٿاھه محبت ھئي. سندس ھڪ سوٽِ منھنجي ساڻس واقفيت ڪرائي ھئي، جيڪا ڪارخاني ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندي ھئي. ٽپھريءَ جو، روزانو، جڏھن به اسان کي ڪم تان موڪل ملندي ھئي، ته ھو ٻاھر بيٺو منھنجو انتظار ڪندو ھو- پوءِ کڻي اُس ھجي يا مِينھن واچ ھجي. ھڪڙي ڀيري ھو ٻن ھفتن لاءِ پنھنجي ڳوٺ ڪُوانگ نام ويو، جتان مونکي ٻه ڊگھا خط لکيائين. اُھي خط پڙھي، مون کي ائين لڳو، ڄڻ اسان ڪيترن سالن کان ھڪٻئي کان جدا ٿي ويا ھئاسون. مان ڏاڍي چاھه سان اھي خط پڙھندي ھيس. انھن جو اکر اکر مون کي بر زبان ياد ٿي ويو. مان فخر ڪندي ھيس ته مون کي اھڙو وفادار ۽ اٿاھه محبت ڪرڻ وارو پرين مليو آھي. منھنجي گھر وارا به سندس عزت ڪندا ھئا.
ٻين نوجوانن به مون کي پاڻ ڏي ڇِڪڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھو سڀني کان اڳرو ھو. ھن ڪڏھن بَڙ بڙ ۽ چاپلوسي نه ڪئي. ھن جو پيار اونھو ۽ سچو ھو، پر ان سان گڏو گڏ ھُو مانائتو ۽ ڳنڀير ھو. ڪا رواجي اوڻائي به وساريندو نه ھو. ھو چوندو ھو ته ”مان توکي اڃا به سٺي ڇوڪري بڻائڻ ٿو چاھيان. اسان جو فرض آھي ته اسان ھڪٻئي سان جيتري محبت ڪريون، اوترو ھڪٻئي کي بھتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.“
پر شاديءَ کان پوءِ سندس بدليل رخ منھنجي سمجھ ۾ نه ايندو ھو. ھو چُپ چاپ رھندو ھو. مون ڏاڍيءَ اُڻ تُڻ سان ان اوچتي ڦيري جي سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين سو ضرور ھو ته روزانيءَ زندگيءَ ۾ ھو اڳي کان به وڌيڪ منھنجو خيال رکندو ھو. ھڪ ڏينھن مان ڪجھ بيمار ٿي پيس ۽ اڌ ڏينھن ڪم تي وڃي نه سگھيس. ھو ڳڻتيءَ کان بي حال ٿي ويو ۽ دوا درمل لاءِ ائين ڀڄ ڊُڪ ڪرڻ لڳو ڄڻ مان سخت بيمار ھجان. منھنجي دل پرڀائڻ لاءِ ھن مينڊولن وڄائي. مون کي چانورن جي پيڄي ۽ ميوو کارايائين. ڏاڍي قرب سان مون کي دلداريون ڏنائين. رات جو دير تائين ھو منھنجي مٿي کان ويھي پکو ھڻندو رھيو. اسان جي گھر ۾ وھنجڻ جي جاءِ نه ھئي، ۽ اسان پاڙي وارن جو غسلخانو ڪم آڻيندا ھئاسين. ھو منھنجي وھنجڻ لاءِ سدائين مون کي پاڻيءَ جي بالٽي ڀري اُتي رکي ڏيندو ھو. ان ڇنڇر تي شام جو، ٻاھر وڃڻ کان اڳ، ھن منھنجي وھنجڻ جو بندوبست ڪيو. پر جڏھن مون ھن کي ٻاھر وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو ڏٺو، ته مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ مون چيو-
”جي توکي ٻاھر وڃڻو آھي ته ڀلي وڃ. مان پاڻ به پاڻي ڀري سگھان ٿي.“
”اڙي نه- رستي ۾ ھيٺ مٿاھين آھي. ڪٿي ڪِري نه پوين!“ جڏھن ٻاھر وڃڻ لڳو، ته دروازي وٽ بيھي، موٽر سائيڪل ھڪ ھٿ ۾ جھلي، چوڻ لڳو. ”مان مشين جي مرمت مان جلدي واندو ٿي ويندس. سڀاڻي جتي چوندينءَ اُتي توکي گھمائڻ وٺي ھلندس. جي تنھنجي دل چيو، ته ھڪ ٻه ڏينھن ٻاھر به ھليا ھلنداسين-“
ان ڪري مون کي پڪ ھئي ته ان آچر تي ھو ضرور گھر ايندو، ۽ اسان گھمڻ وينداسين. مون شاديءَ جو وڳو ڪڍيو، ۽ ٻاھر وڃڻ جو پروگرام سوچڻ لڳيس ته ’ڪھڙن مائٽن وٽ پھرين وڃڻ کپي. ان کان پوءِ تُروئيءَ کي مان پنھنجي ساھيڙين وٽ ضرور وٺي وينديس.‘ ڇوته اُنھن ستائي ستائي، منھنجو ساھه ڪڍي ڇڏيو ھو. چونديون ھيون، ”تنھنجو مڙس ته ڪنوار وانگر لڄارو آھي. اڄ ڏينھن تائين اسان کي شڪل نه ڏيکاري اٿس!“
ان ڏينھن صبح جا نَو وڳا ھوندا. اوچتو پوليس جا اٺ نَو ماڻھو ھڪ ماڻھوءَ کي گھليندا، اسان جي گھر ۾ گھڙي آيا. ان ماڻھوءَ جا ھٿ پٺيان ھٿڪڙين ۾ قابو ھئا. مان پھرين تُروئيءَ کي سڃاڻي نه سگھيس، پر ھن مون ڏسندي ئي واڪو ڪيو- ”ڪوئِينِ- مون کي گرفتار ڪيو اٿن.“ مان وسميءَ ۾ پئجي ويس. ۽ ھُو منھنجي ويجھو آيو. ھو ته رڳو ھڪ رات ٻاھر رھيو ھو، پر ھن جي حالت ئي مٽجي ويئي ھئي! ھن جو لباس رت ۽ گَپ سان لِتل ھو- ايترو، جو ڪپڙن جو اصلي نيرو رنگ ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي. ھن جو مُنھن ڌَڪن ڪري سڄيل ھو. وار ڇنل ۽ کنڊريل ھئا. سپاھين بي رحميءَ سان کيس ڌِڪو ڏنو، ۽ ھو ٿيڙ کائي اچي پلنگ تي سٽيو. انھن مان ھڪڙي، جيڪو شايد ڪمانڊر ھو، اسان جي ڪوٺيءَ کي چؤڦير ڏسڻ شروع ڪيو- پوءِ ھو ڪروڌ ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳو- ”ڏاڍو آرام وارو گھر آھي. نئين شادي ڪيل جوڙي لاءِ مزي واري جاءِ آھي. تڏھن به ھي ٻاھر وڃڻ ۽ فساد ڪرڻ کان نه مُڙيو-“
ھو ڪوٺيءَ جي شَين ڏي اشارو ڪندي، چوڻ لڳو،
”مينڊولين- نوان ڪپڙا-“
۽ پوءِ جڏھن مون تي نظر پيس ته چوڻ لڳو-
”۽ ھڪ نوجوان ڪنوار! توکي ته خوش ٿي وڃڻ گھربو ھو- آخر توکي ٻيو ڇا گھرجي- ؟
تُروئي وارن کي اکين اڳيان ھٽائڻ لاءِ مٿي کي جھٽڪو ڏيئي چيو، ”مون توکي رات ڪيئي ڀيرا ته ٻڌايو ھو ته مون کي ھيءُ کپي ته سڀني يانڪين کي ناس ڪرڻ چاھيان ٿو—ڏکڻ کي آزاد ڏسڻ چاھيان ٿو- “
پوليس ڪمانڊر تُروئيءَ جي آڏو ميز تي جھڪيل ھو. ھن تکين اکين سان تُروئيءَ ڏانھن ڏسي، ڌمڪيءَ سان چيو، ”تنھنجي انھيءَ سورمائيءَ جو جلد علاج ڪري ڇڏينداسين.“ ان کان پوءِ ھو سپاھين تي اچي ڪڙڪيو، جيڪي اڱڻ ۾ بارود جي ڳولا ۾ لڳل ھئا، ۽ کين ھوشياريءَ سان جھاڙو وٺڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ھو بستري ڏي وڌندي چوڻ لڳو-
”ھيءُ بسترو- ھي ڪمبل- ۽ ھي وھاڻا نوان نڪور آھن. ڪھڙا نه نرم ۽ آرام ڏيندڙ آھن! تون پنھنجي گھر ۾ رھي ۽ گھر جي اِنھن سُکن تي خوش ٿي، ويھي نٿو سگھين! اُن جي بدران ويٽ ڪانگ جي ڏٽن ۾ اچي سورمائي ڪرڻ نڪتو آھين! ويٽ ڪانگ پاڻ ته ڀڄي ويا، پر تون اسان جي ھٿ چڙھي وئين! ترس، اڃا توکي ٻيو به مزو چکائينداسين.“
تُروئيءَ سندس اکين ۾ اکيون وجھي ڏٺو ۽ ٺھ ڦھ چيو، ”جڏھن يانڪِي منھنجي ملڪ جي ماڻھن کي مارڻ لاءِ بندوقن ۽ بمن جا انبار کڻي ٿا اچن، ته مان تو وانگر ناھيان، جو ذلت سان آرام جي زندگي گذاريان.“
ھو پنھنجي چوڌاري بيٺل سپاھين کان بي پرواھه ٿي، پلنگ جي مٿي کان ٽيڪ ڏيئي، ڏاڍي مزي سان ويٺو ھو. ھن جون اکيون پنھنجي ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ جي چئن ئي پاسي ڦري رھيون ھيون. ھن پنھنجي ڀاڻيجي جي مدد سان ھڪ ھڪ تختو ۽ ناريل جي وڻن جو ھڪ ھڪ پَن ڪري گڏ ڪيو ھو ۽ وڏيءَ محنت کان پوءِ ٻن سالن ۾ ھيءُ گھر ٺاھيو ھئائين. ھو ڪيتري مھل مونکي ڏسندو رھيو. ھن جي اکين ۾ پيار ۽ پاٻوھه جو سمنڊ ڇوليون ھڻي رھيو ھو. ائين پئي لڳو ڄڻ ھو ڪجھ چوڻ ٿو چاھي ۽ مونکي آٿت ڏيڻ ٿو چاھي. جيئن جيئن مون کي ھن جي اٿاھه محبت جو احساس پئي ٿيو، تيئن تيئن غم کان منھنجي حالت خراب ٿيندي پئي ويئي. ھن کي نه سمجھي سگھڻ تي مون پنھنجو پاڻ کي ڏوھاري پئي سمجھيو، ۽ ھن جي وفاداريءَ تي شڪ ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي مجرم سمجھڻ لڳيس. تجربي نه ھئڻ سببان مان سندس خيالن کان واقف نه ٿي سگھي ھيس، پر ھن جي زندگيءَ جا سڀ راز اڄ منھنجي آڏو کليل ڪتاب وانگر ھئا. مون کي خبر پئجي وئي ھئي ته انقلاب جي لاءِ ھن پنھنجي ذاتي خوشين کي قربان ڪري ڇڏيو ھو. ايستائين جو ھڪ گھُمري ھو پنھنجي شاديءَ کي به ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ھو. ھاڻي مون کي معلوم ٿيو ته ھو پنھنجي شادي ٻئي ڪنھن موقعي تي ڪرڻ لاءِ ڇو چوندو ھو. مون کي ان وقت شڪ ٿيو ھو ته مون کي ڇڏڻ ٿو گھري. مان پنھنجي شاديءَ جا دعوت ناما به ماڻھن کي موڪلي چڪي ھيس. مان ان فڪر ۾ ھيس ته اسان جي شادي ھٽي ويئي، ته ماڻھو ڇا چوندا! پوءِ منھنجي اعتراض ڪرڻ تي جڏھن ھو مون کي مڃائي نه سگھيو، ته چپ چاپ ويھي رھيو ھو، ۽ پوءِ چيو ھئائين-
”مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي توکي ڪيئن سمجھايان! اسان جي شادي پروگرام موجب ئي ٿيندي. پر مان توکي منٿ ٿو ڪريان ته منھنجي لاءِ ڪو برو خيال دل ۾ نه آڻجان. توکي خبر ناھي ته مان توسان ڪيترو پيار ڪريان ٿو. مان توکي ڇڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگھان. ھاڻي توکي ڪاوڙ ٿي لڳي. پر ھڪ ڏينھن تون سموري ڳالھ سمجھي ويندينءَ.“
آخر مان سمجھي ويس، ھن کي گرفتار ڪيو ھئائون. مان ڪوٺيءَ جي ھڪ ڪُنڊ ۾ مُنھن لڪائي ڏاڍي رنيس.
سپاھين بارود جي تپاس وارن اوزارن سان اسان جي اڱڻ جي ذري ذري جي تلاش ڪئي، پر انھن کي ڪابه شيءِ نه ملي. ان کان پوءِ تُروئيءَ کي گھيرو ڪري بيھي رھيا، ۽ مون کان پڇيائون-
”ڇا توکي خبر آھي ته تنھنجي مڙس ڪا بارودي شيءِ گھر ۾ لِڪائي آھي؟ ڇا، تو ھن کي ڪا شيءِ لِڪائيندي ڏٺو؟“
مون روئڻ شروع ڪيو، ۽ کين جواب ڏنو-
”مون کي پنھنجي مڙس جي ڪمن جي باري ۾ ڪابه خبر ناھي- نه ئي مون کيس ڪا شيءِ لڪائيندي ڏٺو آھي.“
”جي تون صاف ٻڌائيندين ته بارود ڪٿي لڪل آھي، ته ھي گھر توھان لاءِ بھشت آھي، بھشت ئي رھندو. جي تون انڪار ڪندين، ته ياد رک ھي گھر توھان لاءِ دوزخ جي باھه بڻجي ويندو ۽ ھتي ئي تون چيچلائي دم ڏيندين.“
”مون کي بارود جي ڪابه خبر ناھي.“ تُروئيءَ جواب ڏنو. اھو ٻڌندي ئي، سپاھي کيس ورائي ويا. ڏاڍو ماريائونس. بجليءَ جا شاڪ ڏنائونس. شاڪ ايڏا سخت ھئا، جو ھو بستري تي ڦٿڪڻ لڳو. ھاڻي مون لاءِ ماٺ رھڻ ممڪن نه ھو. منھنجي دل مان ڊپ ۽ عقل اڏامي ويو. مان ھنن بدمعاشن سان اٽڪي پيس، ۽ پنھنجي مڙس کي بچائڻ لاءِ جُھد ڪرڻ لڳيس. ھڪ سپاھيءَ مون کي پڪڙي ورتو، ۽ مون کي زور سان ھڪ ڪرسيءَ تي ڪيرائي، منھنجي مٿان بيھي رھيو. مون گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. ھو پستول ڪڍي مون تي تڪي بيٺو. ھاڻي ھنن تُروئيءَ کي مارڻ بند ڪري، کانئس وري پڇا ڪرڻ شروع ڪئي- ”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ! بارود ڪٿي آھي؟“
ھن کي اڀ- ساھي ٿي پيئي ھئي. تنھن ھوندي به ھن اڳي کان وڌيڪ زوردار آواز ۾ چيو، ”مون توھان کي ٻڌايو آھي ته مون کي ڪابه خبر ناھي. جي اڃا به توھان کي ضد آھي ته ٻُڌو! جتي يانڪي ھوندا، اتي ئي بارود ھوندو.“
ھن ڀيري پوليس ڪمانڊر پاڻ ھن کي مارڻ شروع ڪيو. ھن لَڪڻ سان تُروئيءَ تي ڌَڪن جو وسڪارو ڪيو، ۽ ھر ڀيري ماري بس ڪرڻ کان پوءِ ھو کانئس پڇا ڪندا رھيا. اھڙيءَ ريت ھڪ ڪلاڪ لنگھي ويو. پر ھو کانئس ھڪ به اکر اڪلرائي نه سگھيا. پوءِ ڪمانڊر سپاھين کي حڪم ڏنو ته، ”ھن کي وٺي وڃو!“
ھو وڏي ڪوشش سان پيرن ڀر بيٺو ۽ مون کي چيائين، ”ڪوئِينِ، ڪوبه فڪر نه ڪجانءِ. منھنجي ڀاڻيجي سان ھتي ئي گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ.“
ھن جو لباس اڳڙيون ٿي ويو ھو. ھن جي ڪپڙن ۾ ھڪ به بٽڻ نه بچيو ھو. سندس ڇاتيءَ ۽ مُنھن مان رت وھي رھيو ھو. ھن جا پير آھستي آھستي دروازي ڏانھن وڌي رھيا ھئا، پر سندس اکيون مون تي ڄميل ھيون. ھو زوريءَ مُرڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. مان ھن سان چِنبڙڻ لاءِ سپاھين جي وچان اڳتي وڌيس، ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳيس، ”تُروئي! منھنجي توسان اٿاھه دل آھي- ياد رکجانءِ، اٿاھه دل آھي-“
ڪماندر مون ڏي گھوري، چوڻ لڳو-
”اِن اٿاھه دل کي پاڻ وٽ رک. ھاڻي ڪو ٻيو مڙس ڳول. ھن جي سزا موت آھي.“
اُن رات، رات جو يارھين وڳي پوليس جا سپاھي وري آيا. ھنن چيو ته ”تنھنجو مڙس توسان ملڻ ٿو گھري- اصل ھاڻي جو ھاڻي-“
ھن سان ملڻ جي اميد ۾ مان جھٽ پٽ موٽر تي چڙھي ويٺيس. سوچيم ته جي مون کي اھا خبر پئجي ويئي ته کيس ڪٿي رکيو اٿن، ته مان سندس سار سنڀال لھي سگھنديس ۽ کيس ماني ٻاني پئي پھچائينديس. ٿوريءَ دير ۾ موٽر ھڪ گھٽيءَ ۾ مڙي ويئي، جتان ھنن ھڪ شاگردياڻيءَ کي گرفتار ڪيو. ان کان پوءِ اسان ٻنھي کي شھري پوليس جي ھيڊ ڪوارٽر تي وٺي ويا. پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان پتو پيو ته ان ڇوڪريءَ تي به تُروئيءَ سان واسطو رکڻ جو شڪ اٿن. ان رات ئي مون کان پڇا ڪئي ويئي. ھڪ پوليس سپريڊنٽ مون کان پڇيو-
”ڇا توکي پنھنجي مڙس جي سرگرمين جي باري ۾ ڪنھن ڳالھ جي خبر آھي؟“
”نه-“
”تنھنجي شاديءَ کي گھڻو وقت ٿيو؟“
”پورا اوڻيھ ڏينھن.“
”ڇا توکي خبر آھي ته اُھي ڏينھن تُروئيءَ ۽ تو جھڙن نَون جوڙن لاءِ ڏاڍا پيارا ۽ خوشين جا ڏينھن ھوندا آھن.“
”ھا- مون کي اھو احساس آھي.“
”چڱو- جي تون سڀ ڪجھ ٻڌائيندينءَ، ته تو لاءِ زندگيءَ جا اھي پيارا ۽ خوشين ڀريل ڏينھن ڪڏھن به ختم نه ٿيندا-“
اھو چئي، ھن ڪر موڙيا ۽ ڪرسيءَ سان ٽيڪ ڏئي ويٺو. ھن جو مُنھن ڪُوئي جي منھن جھڙو ھئو ۽ افعالن مان آفيمي ٿي لڳو. چوڻ لڳو-
”تُروئيءَ جي سڀ کان گھڻي اچ وڃ ڪنھن وٽ ھئي؟“
”ھو ته سڄو ڏينھن ڪم ڪندو ھو. شام جو به ڪم ۾ لڳو پيو ھوندو ھو. ھو ٻاھر تمام گھٽ نڪرندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر نڪري، گھٽيءَ ۾ گھمندو ھو. مون کي خبر ناھي ته ڪنھن وٽ ايندو ويندو ھو.“
”ڇا ھن وٽ ڪو ماڻھو گھر ۾ ملڻ ايندو ھو؟“
”ڪڏھن ڪڏھن- ان وقت به ھو يا گڏجي ساز وڄائيندا ھئا، يا گانو ڳائيندا ھئا- يا وري مرمت جو ڪم ڪندا ھئا، جيڪو کين ٺيڪي ۾ مليل ھو. اسان جي شاديءَ کي اڃا ٿورا ڏينھن ٿيا آھن. ان ڪري مون کي سندس دوستن سان ايتري واقفيت ڪانھي.“
”پنھنجي يادگيريءَ تي زور ڏيئي، جيڪا خبر اٿئي، سا ٻڌاءِ. جي تون ڪجھ به نه لڪائيندينءَ ته ھن کي آزاد ڪيو ويندو. مان ھاڻي ھاڻي تُروئيءَ سان مليو آھيان. سچ پچ توھان جو جوڙو ڏاڍو چڱو آھي. مون کي توھان تي رحم ٿو اچي.“
ھن منھنجو ۽ تُروئيءَ جو ھڪ فوٽو ميز تي اڇلايو، جيڪو اسان جي شاديءَ جي موقعي ڪڍيو ويو ھو. مون کي ان فوٽي ۾ نيري رنگ جي گلن وارو چولو پاتل ھو، ۽ ھٿ ۾ دائودي گلن جو ھڪ گلدستو ھيم. مون سان گڏ تُروئي بيٺو ھو. سپريڊنٽ وڏيءَ ڪوشش سان پنھنجي آواز ۾ نرمائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي-
”خدا جو قسم توھان جھڙي نوجوان جوڙي جي جدا ٿيڻ جو سوچي، ھر شخص جي دل ڀڄي پوندي. مان ڪيترن ڏينھن کان ان ڪم تي آھيان ۽ ڪيترن ئي ڪٽنبن جي باغ کي ويران ٿيڻ کان بچايو اٿم. تون مون تي پورو اعتبار ڪري سگھين ٿي. تون تُروئيءَ جي اڳواڻن ۽ ساٿين جي ڳولا ڪرڻ ۽ بارودي شين کي تلاش ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪر. پوءِ پڪ ئي پڪ تون ۽ تُروئي ھڪ ٻئي سان وري ملندؤ ۽ سدائين سکيا ستابا گذاريندؤ.“
مون چيو، ”مون کي اِنھن معاملن جي ڪابه ڄاڻ ڪانھي. منھنجو سڄو وقت فيڪٽريءَ ۽ گھر جي ڪم ۾ گذري ويندو آھي. اوھان ان فيڪٽريءَ ۾ وڃي ته ڏسو، جتي مان ڪم ڪندي آھيان. توھان کي مون تي اعتبار اچي ويندو. مان ته آچر ڏينھن به ڪم ڪندي آھيان. ھفتي جا باقي ڏينھن لڳاتار ٻارھن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو اٿم.“
پوليس سپريڊنٽ تُروئيءَ جي واقفڪارن جي پتي لڳائڻ لاءِ مون کان ۽ اُن شاگردياڻيءَ کان پڇا ڪندو رھيو. اڌ رات جو ھو اسان کي عذاب واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو- ۽ اسان کي مار ۽ ايذاءَ جا اوزار ھڪ ھڪ ڪري ڏيکارڻ لڳو- ”ڇتن مان لٽڪندڙ ھي رسا قيدين کي ٻَڌڻ لاءِ آھن. رٻڙ جون ھي ڳوڻيون اُنھن جي لاشن کي بند ڪرڻ لاءِ آھن. ھي صابڻ جو پائوڊر آھي، جيڪو زوريءَ قيدين جي نِڙيءَ ۾ اوتيو ويندو آھي.“ ھڪ جاءِ تي ڪيترن قِسمن جون سُيون پيون ھيون. اُنھن مان ھڪڙي کڻي، چوڻ لڳو، ”ھي قيدين جي نَنھنِ ۾ چُڀايون وينديون آھن. ھوڏانھن اُھا پاڻيءَ جي ھودي ڏسو. اُھا ڇالاءِ ھوندي، سو اوھان پاڻ سمجھي وڃو!“
پوءِ ھو اسان کي ڌمڪائڻ لڳو-
”جي توھان اسان کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ھي اوزار توھان تي به آزمايا ويندا.“
اٽڪل 2 وڳي صبح جو اسان کي پُڇا جي ڪمري ۾ موٽائي آندائون. واٽ تي ھر ڪمري وٽان لنگھڻ وقت مون ان ۾ ليئو پائي ٿي ڏٺو، ته من تُروئيءَ جو مُنھن نظر اچي وڃي. پر مون کي ڪٿي به تُروئي نظر نه آيو، مون پوليس سپريڊنٽ کان پڇيو-
”اوھان چيو ھو ته منھنجو مڙس مون سان ملڻ ٿو چاھي. ھو ڪٿي آھي؟“
ھو چوڻ لڳو، ”ڪالھ منجھند مھل پڇا ڳاڇا لاءِ ھتي ھو. سرڪار کيس ’ٽريننگ پاليسي‘ سمجھائڻ ٿي چاھي، جيئن ھو پنھنجي ڏوھه تي شرمندو ٿي، ويٽ ڪانگ کي ڇڏي، سرڪار سان مِلي وڃي. جي ھو مڃي وڃي ھا، ته توھان جو ميلاپ ٿي وڃي ھا. پر اڃا اسان ڳالھ ئي شروع مس ڪئي، ته ھن دريءَ مان ٻاھر ٽپو ڏنو ۽ پنھنجي ٽَنگ ڀڃائي ويٺو. ھاڻي ھو ’چُورن اسپتال‘ ۾ آھي.“
اُھو ٻڌي، مان زار زار روئڻ لڳيس.
”توھان ماري ماري سندس ٽَنگ ڀڃي وڌي ۽ ھاڻي ماڻھن کي ٿا چئو ته ھن دريءَ مان ٽَپو ڏنو-“
ھن وچ ۾ ڳالھايو، ”اڌ رات جي وقت گوڙ نه ڪر- مون توکي سچ ٻڌايو آھي. جلد ئي توکي خبر پئجي ويندي. ھتي ڪنھن به شخص توکان ڪجھ به لِڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.“
”جي منھنجو مڙس اسپتال ۾ آھي، ته مون کي گھر وڃڻ ڏيو.“
”جڏھن تنھنجي موڪل ٿيندي، ته توکي ٻڌايو ويندو.“