7
گذريل ڀيري ھن جي پٽ پنھنجي پيءُ جي ھڪ جھلڪ ڏٺي ھئي. ھو ھڪ سنتريءَ پٺيان لڪي لڪي اندر وڃي رھيو ھو، ته پڪڙي ورتائونس، ۽ مار ڏيئي، ٻاھر ڪڍي ڇڏيائونس.
وڏي در ۾ پوليس وارن جي اچ وڃ لاءِ ھڪ ننڍڙو دروازو به ھو. مريض قيدين لاءِ کاڌي پيتي جون شيون اتي وٺندا ھئا. ھڪ ڀيري مان دروازي تي تُروئِيءَ ھڪ ھڙَ پئي ڏني، ته ڪجھ وڌيڪ وقت لڳي ويو. ۽ دروازو ھڪ يا ٻه منٽ کليل رھيو. تُروئِيءَ مون کي در وٽ ڏسي، خوشيءَ مان رڙ ڪئي-
”تون آزاد ٿي وئينءَ؟“
”ھا-“
”ھاڻي ڪيئن آھين؟“
”بلڪل ٺيڪ آھيان.“
ھو بيساکين تي ھلي، لوھي سيخن واريءَ دريءَ وٽ آيو، ۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍي لوڏڻ لڳو. پوءِ ان کان اڳي جو مان ڪوئي جواب ڏيان، دروازو بند ٿي ويو.
مان ڊڪي وڏي در وٽ پھچي ويس ۽ اندر ليئو پاتم. ھو اڃا بيساکين تي پريشان بيٺو ھو. مون سندس نالو وٺي سڏ ڪيو ۽ ھٿ دروازي جي سوراخ ۾ وجھي لوڏڻ لڳيس. اندران سنتريءَ مون تي گارين جو وسڪارو لڳائي ڏنو، ۽ ھڪ پٿر کڻي مون ڏي اڇلايائين، جيڪو دروازي کي اچي لڳو. منھنجي مڙس کي ڏاڍو صدمو آيو ۽ ھن چيو-
”پياري ڪوئِينِ! تون ھفتي ھفتي نه، پر پندرھين پندرھين ڏينھن ھتي ايندي ڪر. ڇوته ھتي ھر ڀيري توکي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. ڪوئِينِ، تون منھنجو آواز ٻڌين ٿين-“
مون پنھنجا سڏڪا جھليندي چيو، ”مون کي ڇونه ھن کان ڏھوڻي تڪليف ٿئي، ته به مان توسان ملڻ لاءِ اينديس. تون منھنجي ڳڻتي نه ڪر!“
مون کيس سٺي کاڌي پھچائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيئن به ِٿي ٿي سگھيو، مان کيس ڪافي شيون پھچائيندي رھيس. مون کي خبر پئجي ويئي ته چوڪُوآن اسپتال ۾ قيدين کي آھستي آھستي ماريو ويندو آھي. ھنن کي وچڙندڙ بيمارين وارن، خاص ڪري سلھ ۽ ڪوڙھه جي مريضن سان گڏ رکيو ويندو آھي. ماني کين صفا ردي ۽ اڻ پوري ملندي آھي. ان ڪري مون چاھيو ٿي ته تُروئِي جلد ئي صحتمند ٿي وڃي، جيئن ھو ٽيون ڀيرو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري سگھي.
منھنجي ماءُ به ھن سان ملڻ لاءِ بيقرار ھئي، پر مون ھن کي جھليو. ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته ناٺيءَ سان ھوءَ ھڪ لفظ به ڳالھائي نه سگھندي، ۽ کيس صدمو ٿيندو. پر ھن منھنجي ڳالھ نه مڃي، ۽ ايندڙ ملاقات تي منھنجي ننڍي ۾ ننڍي ڀيڻ ڪِينِ ۽ پاڻ تيار ٿي بيٺيون. ھوءَ چوڻ لڳي ته، ”مان ھڪ منٽ ڇا ھڪ سيڪنڊ ئي تُروئِيءَ کي ڏسان، ته به چڱو-“
منھنجيءَ ماءُ جو ھو دلگھريو ناٺي ھو. امان کي يارھن ٻار ھئا، پر ھن ناٺيءَ کي ھوءَ سڀني کان وڌيڪ ڀائيندي ھئي. ھڪ ڀيري مزدورن جي بستيءَ ۾ باھه لڳي. تُروئِي ۽ ٻيا مزدور ڪم ڇڏي، باھه وِسائڻ ۾ لڳي ويا. اُھا باھه اسان جي گھر وٽ ھئي. ھن اسان جي گھر مان ڪيتريون شيون ڪڍي، سڙڻ کان بچايون. اُن واقعي کان پوءِ اُن بستيءَ جا ماڻھو تُروئِيءَ جي ڏاڍي عزت ڪرڻ لڳا- خاص ڪري منھنجي ماءُ. اِن ڪري مجبور ٿي، امان کي ملاقات تي وٺي وڃڻو پيم. ھن ڀيري ڀاڳن سان ڪجھ گھڙين لاءِ در کليل رھڻ جو موقعو ملي ويو. جيئن ئي امان منھنجي مڙس کي ڏٺو، خوشيءَ مان وٺي رڙ ڪيائين- ”منھنجا ٻچا، ڏس! تنھنجي ماءُ آئي آھي! تنھنجو حال ڪيئن آھي؟“
ننڍڙيءَ ڪِينِ دانھن ڪئي- ”ادا! ادا!“
تُروئِي کين ڏسي مرڪيو. ھن جواب ۾ ڪجھ چيو، پر ان وقت اڱڻ ۾ ايترو گوڙ ھو، جو سندس لفظ ٻڌڻ ۾ ئي نه آيا. اسان جي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا ۽ ھوءَ الاھي دير در وٽ بيٺي رھي. اُتي ڊزن کن مائرون ھڪ ٻئي سان ڏک سور اوري رھيون ھيون. ايتري ۾ ھڪ موٽر آئي، جنھن مان ھڪ پوليس آفيسر لھي، انھن عورتن وٽ ويو ۽ ھڪ کي چوڻ لڳو، ”تون وري ھتي به آئي آھين؟ مان جتي به وڃان ٿو، توکي ڏسان ٿو. ڇا تنھنجي ڇوڪري بيمار ٿي آھي، جو ھتي ڏسڻ آئي آھينس؟“ اُن عورت ڪنڌ ورائي، بنا ڪجھ ڪڇڻ جي، غمگين اکين سان پوليس واري کي ڏٺو. مون کيس سڃاڻي ورتو. ھوءَ چاچِي ’ج‘ ھئي، جنھن سان ٿورا ڏينھن اڳ منھنجي واقفيت ٿي ھئي. اُھو ڏينھن اربعا جو ھو ۽ ڏاڍو مينھن پئي پيو. مون در تي چنبڙي سوراخ تي اکيون ڄمائي، پنھنجي مڙس کي ٿي ڳوليو. پر مينھن جي ڪري ھو مون کي نظر نه آيو. مون ھن کي ڪيترائي سڏ ڪيا، پر منھنجا سڏ به برسات جي شور ۾ گم ٿي پئي ويا. مان سڄي پُسي ويس، ۽ ٿڪجي در وٽ روئڻ لڳيس، ته ڪنھن منھنجي ڪلھن تي برساتي ڪوٽ وڌو ۽ مون کي ٻانھن کان جھلي، ھڪ ويجھيءَ جاءِ ۾ وٺي آئي. اھا چاچي ’ج‘ ھئي. جڏھن ٻڌايومانس ته مان تُروئِيءَ جي زال آھيان، ته پيار مان ٿپڪي ھڻي، چيائين، ”مون ھتي توکي ڪيترا ڀيرا ڏٺو آھي.“
پوليس آفيسر کيس چيو ته، ”مون توکي اڳي به چيو آھي ته پنھنجيءَ ڌيءُ کي رڳو ان ڳالھ تي راضي ڪر ته ھوءَ آمريڪي جھنڊي کي سلام ڪري ۽ مڃي ته ڪميونسٽ دھشت پسند آھن، ته کيس يڪدم آزاد ڪري ڇڏينداسين. تون چئن سالن کان رلندي ٿي وتين ۽ جيلن جي درن تي ڌِڪا ٿي کائين. ائين اجايو پنھنجي زندگي خراب نه ڪر.“
چاچيءَ ’ج‘ جواب ڏنو، ”مون ھن کي ڄڻيو آھي. ان ڪري سنديس سار سنڀال لھڻ به منھنجو فرض آھي. ھوءِ جھنڊي کي سلام ڪري يا نه- ڪميونسٽن کي چڱو سمجھي يا خراب- اھا سندس مرضي- مان پنھنجي ڌيءُ کي اُن لاءِ ڪجھ نه چونديس.“
مان ڏھون ڀيرو تروئِيءَ سان ملڻ ويس، ته ھو چوڪُوآن ۾ ڪونه ھو. گيٽ واري مون کي اڻ سڌو ٻڌايو ته ”تنھنجي مڙس جي طبيعت ھاڻي ٺيڪ ٿي ويئي آھي ۽ کيس جيل موڪليو اٿئون-“ منھنجو شڪ برابر ثابت ٿيو. ھن کي ٻيھر جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ جي قيدخاني ۾ موڪليو ھئائون. ڀيڻ ’الف‘ جيل مان ڀڄڻ کان پوءِ مون کي ٻڌايو ته-
4 آگسٽ جو صبح ھو. جيل جي اڱڻ ۾ پورھئي ڪرڻ وارن جو گوڙ ھو. ھڪ گاڏي زالن جي کولِين واري بلاڪ وٽ اچي بيٺي. گاڏيءَ جو در کليو ئي مس، ته اندران ڪنھن وڏي آواز ۾ چيو ته ’مان پاڻ ھلي سگھان ٿو-‘ ان کان پوءِ اسان ھڪ قيديءَ کي ڏٺو، جيڪو پوليس جي ٻن بدمعاشن جي ھٿن کان پاڻ ڇڏائي رھيو ھو. پر ھو ھلڻ کان معذور ھو ۽ گاڏيءَ جي فرش تي رڙھي رھيو ھو ۽ پنھنجي معذور ٽَنگ کي گھليائين پئي، جيڪا سڄي پٽين ۾ ويڙھيل ھئي. ھن کي چڍي ۽ ڀوري رنگ قميص پيل ھئي. جڏھن ھن اکيون مٿي کنيون، ته مون کيس سڃاڻي ورتو ۽ واڪو ڪيم- ’تُروئِي موٽي آيو آھي-‘ اُھو ٻڌي سڀ قيدياڻيون ڊڪ پائي، وراندي ۾ اچي پھتيون، جتي اچڻ جي منع ھئي. ھر ڪنھن جي دل ٽپا کائي رھي ھئي. سڀ چئي رھيون ھيون، ’ڪوئِينِ جو مڙس اچي ويو- تُروئِي موٽي آيو-‘ اھا خبر جھٽ پٽ کولين ۾ پھچي ويئي. مرد قيدي به اچي پھتا. سندن جسم پگھر ۾ آلا ھئا. ڄنگھن ۽ ٻانھن تي گاري ۽ سيمينٽ جا تھ چڙھيل ھئا. ھو گاڏيءَ کي ڦري آيا، ۽ اتاوليءَ مان پڇڻ لڳا، ’تُروئِي ڪٿي آھي؟‘ ان وقت يڪدم ڊزن کن پُٺا جھڪي ويا ۽ گاڏيءَ سان لڳ انساني پٺن جو ڄڻ ٿھو ٺھي پيو. تُروئِي ٻاھر نڪري آيو ۽ ھڪڙي قيديءَ جي چيلھ ۾ ٻک وڌائين. ساٿي سندس ڳِٽن سان ڳٽا گسائي رھيا ھئا. ٻين سندس جسم ۽ معذور ٽَنگ کي سھارو ڏنو. اھو سڀ ڪجھ ايترو تڪڙو ٿيو، جو ھو ڀاڙيتو ٺڳ ڏسي، وائڙا ٿي ويا. پوءِ ھو گاريون ڏيڻ لڳا- ’پري ٿيو- توھان کي ھن خونيءَ جي ويجھو اچڻ جي موڪل ناھي-‘ ھنن تُروئِيءَ کي پنھنجي ساٿين جي گھيري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. اسين قيدياڻيون درين جي سيخن مان کين پِٽينديون رھيونسين- ’ناپاڪ سوئر- توھان کي ھڪ زخميءَ سان اھڙيءَ ھلت جي جرئت ڪيئن ٿي- ھي ظلم آھي- سراسر ظلم-‘ مرد قيدي تُروئِيءَ کي گھيري ۾ وٺي ’سي‘ بلڊنگ ۾ آيا، جتي ھر نئين آيل جي ڪاغذن کي ڏٺو ويندو آھي. اُتي ھنن تُروئِيءَ کي ھڪ بينچ تي ليٽايو ۽ پوءِ پوليس وارن کي پنھنجي مڪروھه ڪاروائيءَ جي موڪل ڏني-
”ٻئي ڏينھن يعني 5 آگسٽ تي تُروئِيءَ کي مقدمي جي شنوائيءَ لاءِ کوليءَ مان ڪڍيائون. ھو پنھنجي دوست لوئيءَ جو سھارو وٺي، ڏاڍيءَ تڪليف سان ھلي، عورتن جي بلاڪ جي ڇيڙي تائين پھچي، گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ گاڏي آئي ۽ ھن کي کڻي ويئي.“
ھتي پھچي، ڀيڻ ’الف‘ ٿوري دير چپ ٿي ويئي. پوءِ ھن تفصيل سان مون کي انھن ڏھن منٽن جو احوال ٻڌايو، جيڪو ھوءَ تُروئِيءَ جي ويجھو رھي ھئي. ڀيڻ ’الف‘ انھن ڏھن منٽن کي زندگيءَ جو قيمتي حصو چوندي آھي. ھن چيو، ”مان ھن کان اٽڪل ٽي وال پري ھيس. عورتن جو بلاڪ ننڍڙيءَ ميز جي بلڪل سامھون آھي، جتي جيل اندر ۽ ٻاھر ويندڙ گاڏين جي داخلا ٿيندي آھي. تُروئِي ميز وٽ ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺل ھو. ھن کي چڍي ۽ نيري قميص پيل ھئي. ھن جي وارن کي ڦڻي ڏنل ھئي. ھاڻي ھو ايترو ڏُٻرو نه پئي لڳو. سندس چپن تي مُرڪ ته نه ھئي، پر تڏھن به اسان کي ھن خوشيءَ ڀريل نظرن سان پئي ڏٺو. ھنن ڪميڻن کي ھن جو اسان جي ويجھو ويھڻ نه وڻيو. ھنن اسان کي مار جو دڙڪو ڏيئي، اتان ھٽائڻ جي ڪئي، پر اسان ڄمي ويھي رھيون سين، ۽ اتان چُريوسين به ڪين. پوءِ ھنن تنگ ٿي اسان کي چوڻ ڇڏي ڏنو. تُروئِي زالن جي بلاڪ آڏو ويھي رھيو. ھن جي اکين ۾ جياريندڙ ٻھڪ پيدا ٿي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھو مُرڪي ڪجھ چوڻ ٿو گھري. اسان سُس پُس ڪري ھڪٻئي کي تنھنجو پيغام ياد ڏياريو، پر افسوس آھي جو اسان اھو کيس نه پھچائي سگھيونسين، ڇوته چار بدمعاش لڳاتار سندس چوڌاري بيٺا رھيا، ۽ تي ته اصل چُريائي نٿي. توکي ته سندن نالا به ياد ھوندا- گياپ، لُوڪ ۽ تام ھيُو. تُروئِيءَ کي اتي ويٺي ٻه منٽ ٿيا ھوندا ته بدمعاش لُوڪ کيس ٽوڪ مان چيو: ’تون اڃا جوان آھين- مون کي خبر آھي ته تنھنجي زال به سھڻي ۽ جوان آھي، ۽ توھان جي شادي نئين نئين ٿي آھي. توکي پنھنجي خوشيءَ جو خيال ڇونه ٿو اچي. تون ويٽ ڪانگ جي گَشن ۾ اچي، اھري قِسم جو ڏوھه ڪيو-‘
تُروئِيءَ اسان تان نظرون ھٽائي، زھريلي مُرڪ سان چيو- ’ڏوھه- ؟ مون ته پنھنجي وطن جي ڀلائيءَ لاءِ ھيءُ ڪم ڪيو- ڇا آمريڪي حمله آورن کي قتل ڪرڻ ڏوھه آھي؟‘
’تون پنھنجي ڪم کي صحيح ڪيئن ٿو چوين! تون معذور ٿي ويو آھين- ويٽ ڪانگ جي گَشن تي لڳڻ جو اھو نتيجو اٿئي-‘
ھاڻي تُروئِيءَ ان بدمعاش جي اکين ۾ اکيون وجھي، سختيءَ سان جواب ڏنو، ’مون کي ڪنھن به گَشو نه ڏنو آھي. مون کي آمريڪي حمله آورن کان سخت نفرت آھي. مون کي ميڪنمارا کان نفرت آھي، جنھن ڏکڻ تي ايتريون مصيبتون آنديون آھن. مون کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.‘
”گياڊِنِ جيل جو بدنام ٺڳ گياپ سندس سامھون ويھي رھيو ۽ چوڻ لڳو، ’ان جو نتيجو به ته ظاھر آھي! تو پنھنجي ٽَنگ به ڀڃائي- ۽ جيل ۾ به پيو آھين-‘
تُروئِيءَ جو منھن ڪاوڙ مان لال ٿي ويو- ھن ميز کي جھلي، ھڪ ھڪ لفظ چِٻي چِٿي چيو، ’اوھان سڀ ڪن کولي ٻڌو- جيڪو ڪجھ مون چيو آھي، اُھو صحيح آھي. مون حمله آورن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھيءُ ڪم ڪيترو به خطرناڪ ڇونه ھجي، مان زخمي ۽ اپاھج ٿي وڃان يا مري وڃان- اُن ۾ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي حاصل ٿئي. مان اُنھن ٽوڊين، پڇ- لٽڪائو ڪتن وانگر جيئڻ نٿو گھران، جيڪي پنھنجي حياتي سلامت رکي، پنھنجي وطن کي ۽ وطني ڀائرن کي نقصان ٿا پھچائين.‘
اُھو ٻڌي، گياپ جي مُنھن تي ڦڪائي ظاھر ٿي-
’تو اسان کي ٽوڊي چيو آھي.‘
تُروئِيءَ ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اسان جون دليون ڌڙڪڻ لڳيون. ھن جي چوڌاري بيٺل بدمعاش جھنگلي جانورن وانگر گِرڻ لڳا، پر ھن کي ھيسائي نه سگھيا. اُن کان اڳ مان حياتيءَ ۾ اھڙو بي ڊپو شخص نه ڏٺو آھي. مون کي اھڙن مجاھدن سان گڏجي وڙھڻ ۽ سندن ساٿي سڏائڻ تي فخر آھي. ھُن وڏيءَ دليريءَ سان سندن بڪواس جو جواب ڏنو.
گياپ چڙي پيو، ’ائين سھي- پر اسان ته ھڪ ڏينھن به ڏکيو نه گھاريو آھي. اسان کي خوب کائڻ پيئڻ لاءِ ملي ٿو. اسان جون زالون توڙي ٻار عيش پيا ڪن. جي تون ائين ڳالھائيندين ۽ ڪِئي تي نه پڇتائيندين، ته پوءِ اسان مان نرميءَ جي اميد نه رکجانءِ-‘
تُروئِيءَ اِھو ٻڌي، بگڙي ويو، ۽ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيائين، ’مان توھان وانگر زندگي گھاري نٿو سگھان. اھڙيءَ حياتيءَ کان موت بھتر ٿو سمجھان-‘
اُن تي ڳاڙھي وات واري ڊگھي تام ھِيؤ کِلي، تُروئِيءَ جي ڀڳل ٽنگ ڏي اشارو ڪري چيو، ’تون موت جي منھن ۾ اچي به ضد تي قائم آھين. پنھنجي ڀڳل ٽنگ ته ڏس! ھي ويٽ ڪانگ جي ڦندي ۾ اچي وڃن جو نتيجو آھي.‘
ھاڻ تُروئِيءَ کان جھليو نه ٿيو. ھو ڀڳل ٽنگ سان اٿي بيٺو، ۽ پنھنجي ٻانھن مٿي ڪري ٻه ٽي قدم اڳتي ھليو. پوءِ بدمعاش ڏي ڏسڻ کان سواءِ زورائتي آواز ۾ چيائين، ”توھان ڪميڻا آھيو. مان توھان سان ڳالھائڻ نٿو گھران-“
لوئِي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ھو. ھُن تُروئِيءَ کي بيٺل ڏسي، يڪدم ٽپو ڏنو- ۽ ڊوڙ پائي وٽس پھچي ويو، جيئن ھو ڪِري نه پوي. پر ان وقت مون کي تُروئِيءَ جي شخصيت ۾ اڻ ڄاتي طاقت آيل پئي لڳي. ھو سڌو ٿي بيٺو ۽ آسمان ڏي نھارڻ لڳو.
موٽر جي پھچندي ئي ھنن کيس ڌڪو ڏيئي، ان ۾ ويھاريو. ان ڏينھن لوئِيءَ ۽ سندس خلاف ڪيس ھلڻو ھو. جڏھن گاڏي رواني ٿي، ته اسان سڀ بيھي رھيوسين ۽ نعرا ھڻي، کين روانو ڪيوسين. ھو موٽر جي در کي جھلي، مڙي، اسان کي ڏسڻ لڳو. ان کان پوءِ جڏھن به ٻين قيدين سان ملڻ ٿيندو آھي، ته اُنھن املھ ڏھن منٽن جي ڳالھ ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا آھن، جن ۾ مون کي تُروئِيءَ کي ويجھو ڏسڻ جو وجھ مليو آھي. اُن کان پوءِ جڏھن به پوليس اسان کي ماريندي آھي يا جلاوطنيءَ جو حڪم ڏيندي آھي، ته اسان ھڪ ٻئي کي چونديون آھيون ته ’اسان کي تُروئِيءَ وانگر بھادر ٿيڻ کپي ۽ اُن وانگر زندگي گھارڻ کپي.‘