4
مان ھاڻي سوچيان ٿي ته منھنجي شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ، تُروئيءَ کي پنھنجي انتھائي مشڪل ۽ خطرناڪ فرض لاءِ ڪيڏي نه قوت ۽ سوچ خرچ ڪرڻي پيئي ھوندي، ۽ ان سان گڏ منھنجي دل وٺڻ لاءِ منھنجو خيال به ڪرڻو پيو ھوندس.
ڀيڻ ’الف‘ منھنجي آلين اکين ۾ ڏسي چيو-
”ڳوڙھن کي پِي وڃڻ جي ڪوشش ڪر- جي تون روئڻ لڳينءَ، ته ھو شڪ ڪندا ۽ اسان کي وري بند ڪري ڇڏيندا.“
مون چيو، ”ٻين ماڻھن کي پنھنجي انقلابي ڪمن ۾ پنھنجي مڙس يا زال جي مدد ملندي آھي. ۽ ھِتي مان آھيان، جا نه رڳو تُروئيءَ جي ڪا مدد نه ڪري سگھيس، پر ڪيترا گھمرا سندس راھه ۾ رڪاوٽ پڻ بڻجي پيس. مون کي اُن ڳالھ جو ڏک آھي ته مان تُروئيءَ جو ڀروسو حاصل ڪري نه سگھيس-“
ڀيڻ ’الف‘ مون کي سمجھائيندي چيو، ”انقلابي ڪم ۾ھر شخص کي پنھنجو ڪم پاڻ ئي پورو ڪرڻ گھرجي. جيستائين سندس فرض ۾ اھا ڳالھ شامل نه ھجي، پنھنجي ڪم جي باري ۾ ٻئي شخص سان ڳالھ ٻولھ نه ڪرڻ گھرجي. اِھو اَٽل قاعدو آھي، ۽ ھر واسطيدار ماڻھوءَ تي ان جي پابندي ضروري آھي. جي تُروئيءَ کي توتي ڀروسو نه ھجي ھا، ته ھو توسان شادي ڇو ڪري ھا؟ توسان پيار ڇو ڪري ھا؟ ڀلا اِھو ته ٻڌاءِ ته توھان پاڻ ۾ ڪنھن معاملي تي ڳالھ ٻولھ به ڪندا ھئا؟“
”ھا- ھو گھڻو ڪري مون سان اٽڪي پوندو ھو-“
”ڪھڙين ڳالھين تي؟“
مون ڪجھ سوچي چيو، ” جيڪڏھن مان پاڙي وارن جو خيال نه ڪندي ھيس، ته ھو مون تي نڪته چيني ڪندو ھو. ھن کي ڀڀڪيدار پوشاڪ پسند نه ھئي. ھو چوندو ھو، ’اسان مزدور ماڻھو آھيون، ۽ اسان کي ڏيک ويک کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ان ڪري منھنجا ڪپڙا يا ته نيرا آھن يا اڇا- کيس اِھي رنگ ڏاڍا پسند ھئا. ھو سئنيما وڃڻ کان انڪار ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته ’جڏھن سائيگان به ھنوئيءَ جھڙو ٿي ويندو، ته اسان ڏاڍيون سئنيمائون ڏسنداسين.‘ ٻن سالن جي گڏ رھڻ ڪري اسان ھڪ ٻئي جي عادتن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وياسين، ۽ اُن عرصي ۾ ھڪ ڀيرو سئنيما ڏٺيسين-“
ڀيڻ ’الف‘ پچيو، ”ھاڻي ته توکي خبر پئجي ويئي ھوندي ته تُروئِي يانڪِين کان ڪيتري نفرت ڪندو ھو- ڇا تنھنجي آڏو به ھن اھا ڳالھ ظاھر ڪئي؟“
”ھا ھا- ڪيترا ڀيرا. ھن مون کي ٻڌايو ھو آمريڪي ڊِيَم ٽولي 1954ع ۾ ڪميونسٽن جي خلاف جيڪي ڪاھون شروع ڪيون، ھن پھريون ڀيرو پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ اُنھن جو نظارو ڏٺو. ھن مون کي ٻڌايو ھو ته ’مون چاڊِ وڪِ ۽ وان ٽِرنِ جھڙا ماڻھو به ڏٺا، جن جا ھٿ تارُن سان ٻڌل ھئا، ۽ ڪنھن کي به خبر ناھي ته ھو ڪاڏي ويا- انھن مان ڪوبه ماڻھو اڄ تائين موٽي نه آيو آھي.‘ اُنھن جي ڳالھ ڪندي، ھن جي ڀيڻ ھڪ ڀيري ھن ھن کي تڏھن چيو ھو ته ’چڱو ٿيو جو تون اڃا ٻار آھين، نه ته تنھنجو به اھڙو حشر ٿئي ھا.‘ اسان جي لاڳاپن وڌڻ کان پوءِ ھن کي اِنگ نام ضلعي ۾ پنھنجي ڳوٺ وڃڻو پيو. ان کان پوءِ ھو ’ھُوئِي‘ ويو. اُنھن ڏينھن ۾ اُتي ٻوڌين کي پھريون ڀيرو ڪچليو پئي ويو. جڏھن ھو سائيگان موٽي آيو، ته ھن جي اندر ۾ ڪاوڙ جا مچ پئي ٻريا. ھن مون کي ٻڌايو ته ’مون پنھنجي اکين سان انسان کي ٽئنڪن ھيٺان چپجندي ۽ بمن سان انساني جسمن جا عضوا اڏامندي ڏٺا آھن. سچ پچ ته يانڪي فرانسين کان به وڌيڪ وحشي آھن.‘ ان کان پوءِ جڏھن ھو اُنھن واقعن جو ذڪر ڪندو ھو، ته چوندو ھو، انسانن جي مظاھرن کي دٻائڻ لاءِ توبن جو استعمال- سڄيءَ دنيا ۾ شايد ڏکڻ ويٽام ئي ھڪ اھڙو مُلڪ آھي، جتي اِھو ڏاڍو ٿو ٿئي. ھن ڪڏھن غلطيءَ مان به آمريڪي حمله آورن کي آمريڪي ڪونه چيو ھو- اسان جڏھن گھمڻ نڪرندا ھئاسين ۽ ڪو آمريڪي ٽولو سامھون ايندو ڏسندو ھو، ته چوندو ھو، ’ھِنن گندن سُوئرن کي لنگھي وڃڻ ڏي.‘ ۽ مون کي پوئتي ھٽائي ڇڏيندو ھو. آمريڪي حمله آورن کي ھو ائين سڏيندو ھو. ڪجھ ڏينھن اڳ، آمريڪين خلاف ھن ۾ ڪنھن به سرگرميءَ جو آثار نه ڏٺم. پر ھن جي ڳالھين ۽ ڪم ڪار مان ڀائيندي ھيس ته ھي ڪنھن اھڙي جماعت ۾ شامل ٿي ويو آھي، جيڪا آمريڪين جي خلاف آھي. اسان جي شاديءَ کان يڪدم پوءِ ھڪ ڏينھن ھو گھر آيو، ته سندس منھن جوش ۽ خوشيءَ سان ٻھڪي رھيو. ھن چيو، ’اڄ ته زبردست خبر آھي. تو ٻڌي آھي؟‘ مون اڻ ڄاڻائي ظاھر ڪئي. ھن چيو، ’اسان جي عوام ھڪ پندرھن ھزار ٽنن جو جھاز ٻوڙيو آھي. ۽ ان تي ڪيئي ھوائي جھاز به چڙھيل ھئا. ڪاش مان به ڪو اھڙو ڪارنامو ڪري سگھان.‘ ان کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ھو منجھند جي مانيءَ تي گھر نه آيو. اُنھي ڏينھن مَئي جي 6 تاريخ ھئي.
”ٻين مزدورن سان گڏ ھو ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي جنازي سان ويو. جڏھن ھو گھر آيو، ته مون کي ٻڌايائين ته جنازي کُلم کُلا آمريڪين خلاف مظاھري جو صورت اختيار ڪئي ۽ ماڻھن نعرا لڳايا ته، ’آمريڪي قاتل- مرده باد!‘ ان ڏينھن 22 مَئي تائين آمريڪا خلاف ھفتي ملھائڻ جو فيصلو ٿيو. ٽيڪسي ڊرائيورن فيصلو ڪيو ته اُھو ھفتو ھو آمريڪين کي پنھنجي ٽيڪسين ۾ ويھڻ نه ڏيندا. ٻين ڌنڌن وارن، ايتري تائين جو اخبار وارن ۽ بوٽ پالش وارن به، آمريڪين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو. تُروئي پڻ آمريڪا جي خلاف جدوجھد جي اُن ھفتي جي انتظار ۾ ھو. پر 9 مَئي تي ھو گرفتار ٿي پيو.“
ڀيڻ ’الف‘ ڪنڌ ڌوڻيو--”پياري ڪوئِينِ- تون ڏاڍي سادي ڇوڪري آھين. توکي اِن ڳالھ جي خبر ئي نه پيئي ته تُروئيءَ کي توتي پورو ڀروسو آھي! ھو توکي ڪنھن انقلابي ڪم لاءِ تيار ڪري رھيو ھو. سائيگان جھڙي شھر ۾، جتي دشمن قبصو ڪيو ويٺو آھي، عوام جي محبت ۽ پناھه کان سواءِ ڪوئي به شخص يڪدم جاسوسن جي ھٿ چڙھي سگھي ٿو. تُروئيءَ جي نڪته چينيءَ جو سبب اِھو ھو ته جيئن تون پنھنجي پيرن تي بيھي سگھين، جيئن توکي چڱي مَٺي جي خبر پئجي وڃي. ھن جو مطلب ھو ته توکي آھستي آھستي خبر پئجي وڃي ته ڏکڻ ۾ ھي مصيبتون ڪنھن پيدا ڪيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ تنھنجي دل ۾ نفرت جو جذبو پيدا ٿئي ۽ توکي انقلاب ۾ شامل ٿيڻ جي ضرورت جو احساس ٿئي. تنھنجون ڳالھيون ٻڌي، منھنجي دل ۾ تنھنجي مڙس لاءِ عزت ويتر وڌي ويئي آھي. سائيگان شھر ھر قسم جي براين سان ڀريل آھي. ان ۾ ويھن سالن جي نوجوان جو رڳو ھڪ ڀيرو فلم ڏسڻ، سو به پنھنجي زال جي دل رکڻ لاءِ، ڏاڍو حيران ڪندڙ آھي.“
اِنھيءَ ڳالھ تي مان پريشان ٿي ويس، ۽ چيم ”اسان جيڪا فلم ڏٺي ھئي، اُھا مھاتما ٻُڌ جي حياتيءَ جي باري ۾ ھئي.“ مون کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، جڏھن مون ھن کان فلم جي باري ۾ پڇيو، ته ھن چيو ته ”مون کان ته سڄي فلم وسري ويئي آھي!“
ٻين قيدين اھا ڳالھ ٻڌي وڏا ٽھڪ ڏنا. ڪن پنھنجي کِل لڪائڻ لاءِ وات تي ھٿ ڏنو. ڀيڻ ’الف‘ پڇيو، ”ڇا ھن توکي پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو!“ اسان جون سڀ ساٿياڻيون ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان اسان جون ڳالھيون ٻڌي رھيون ھيون. اِھو ڏسي اسان ٻيئي اڱڻ جي ٻئي ڇيڙي تي کسڪي ويونسين، ۽ مون پنھنجي ڪھاڻي وري شروع ڪئي.
”مون کي ھن جي ڳوٺ ۾ وڃڻ جو موقعو ڪڏھن به نه مليو. ھن انجام ڪيو ھو ته ’اسان ڪنھن ڏينھن اوڏانھن ھلنداسين، ۽ شاديءَ کان پوءِ ڪجھ ڏينھن جي موڪل اُتي گذارينداسين.‘ ھن ٻڌايو ته ’ڪوانگ نام ھڪ غريب علائقو آھي. اُتي چانورن جي ڪجھ پوک ٿيندي آھي ۽ ماڻھن کي روزگار جي ڳولا ۾ ٻين علائقن ۾ رُلڻو پوندو آھي. البت اُتي ھڪ شيءِ گھڻي آھي- اُھا آھي پاڻي. اُتي سائيگان وانگر ماڻھن کي سرڪاري نلڪن تي ھڪ ڏول پاڻيءَ لاءِ پاڻ ۾ وڙھڻو نه پوندو آھي.‘ ھن ٻڌايو ته سندس ڳوٺ وٽان وَھندڙ درياھه، ٿوبُون، ڪيڏو نه سھڻو آھي! ھن جي گھر کان درياھه سؤ ميٽر تي آھي. اُن جو پاڻي ڏاڍو شفاف آھي. ان جي ڪنارن تي بانس جا جھڳٽا پاڇو ڪيون بيٺا ھوندا آھن. ’جڏھن سائيگان جا ماڻھو وانگ تائو ۾ سمنڊ جي ڪناري خوشين لاءِ گڏ ٿيندا آھن، ته مان کين چوندو آھيان ته جي توھان اسان جي ڳوٺ ھلو، ته ڏسندؤ ته اسان جي درياھه جا واريءَ وارا ڪِنارا سمند جي ڪناري کان گھٽ ناھن. اُتي اسان کي اُس تي ويھڻ لاءِ گھڻو وقت ملندو. ھن ننڍپڻ ڏاڍن ڏکن ۾ گذاريو ھو. ھو اڃا ٻار ھو، ته ھن جي ماءُ لاڏاڻو ڪري ويئي. ھو اڃا ٽن سالن جو ھو ته فرانسين انقلابين جي ڳولا ۾ ان علائقي تي حملو ڪيو. ھن جي ماءُ ھن کي کڻي جھنگ ۾ لِڪي ويئي، ۽ ڪجھ مھينن کان پوءِ بُک ۽ بيماريءَ کان مري ويئي. ھن جي پيءُ کي فرانسين گرفتار ڪيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھو روزگار جي تلاش ۾ پري پري نڪري ويو ۽ سالن کان پوءِ گھر ايندو ھو. تُروئيءَ کي سندس چاچي، ڀاءُ ۽ ڀاڻيجيءَ پاليو.“
’شاديءَ کان اڳ ۾ اسان ڪنھن ڳالھ تي وڙھي پياسين. اُن تي ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ چيائين، ’ننڍپڻ کان ئي مان پنھنجي ماءُ جي ھنج کان پري ٿي ويو آھيان. مان پنھنجي پيءُ کي به سالن ۾ ھڪ ڀيرو ڏسندو آھان. سدائين گھر جي ماحول لاءِ سِڪندو آھيان. ھاڻي مون کي پنھنجي پياري ملي آھي- اُھا به ڪاوڙجي مون کي ڏکوئي ٿي! تنھنجي ڪٽنب کي اتر کان اچي ھتي رھڻو پيو ۽ مون کي روزگار لاءِ ڪوانگ نام کي ڇڏڻو پيو. اسان ٻنھي جا مسئلا ھڪجھڙا آھن. ھاڻي قسمت سان اسان جو ميلاپ ٿيو آھي. اسان کي ھڪ ٻئي سان قرب ونڊڻ کپي.‘
”جڏھن تُروئِي پندرھن سالن جو ٿيو، ته ھو روزگار جي اُميد ۾ وڏي ڀاءُ وٽ وانانگ ويو. پر سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي بيحد غريب ھئا، ۽ ھن محسوس ڪيو ته کيس مٿن بار ٿيڻ نه کپي. ان ڪري ھن سائيگان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ ڏينھن ھو بندر تي ويو ۽ سائيگان وڃڻ واري جھاز ۾ چڙھي پيو. ھن وڃڻ کان اڳ ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ ڏي ھڪ دوست ھٿان خط لکي موڪليو، جنھن اُھو کين تُروئيءَ جي رواني ٿيڻ کان اڳ پھچايو. تُروئيءَ جھاز جي ڊيڪ تي بيھي، جڏھن ڪناري ڏي ڏٺو، ته پنھنجي ڀاءُ کي سائيڪل تي ڏاڍو تيز بندر ڏي ايندو ڏٺائين. ھو جھاز جي ھيٺئين حصي ۾ لڪي ويو. ڀاڻس پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪري رھيو ھو. ’تُروئي! گھر ھليو آ! اسان گڏجي گذارو ڪنداسين! تنھنجي ڀاڄائي ۽ آءٌ تنھنجو چڱيءَ طرح خيال رکنداسين! منھنجا ڀاءُ، نه وڃ! ايترو پري نه وڃ!‘ ڀاءُ جو آواز ٻڌي، تُروئِي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ھن کي پنھنجي ڀاءُ سان بيحد پيار ھو، پر ھن پنھنجي ڀاءُ تي بار بڻجڻ نه پئي گھريو، ڇوته زال کانسواءِ ڀاڻس کي ڪيئي ٻار پڻ ھئا. ڀاڻس بندر تي زور سان سڏيندو رھيو، ’تُروئِي، موٽي آءُ! اسان وٽ جو ڪجھ آھي، گڏجي کائينداسين- منھنجا ڀاءُ، موٽي آءُ!‘ تُروئيءَ جو ڀاءُ ائين پڪاريندو رھيو، جيستائين جھاز لنگر کنيو. ڪيترا ڀيرا تُروئِيءَ مون سان ڀاءُ جي اُن دردناڪ پڪار جو ذڪر ڪيو- ۽ اھو ذڪر ڪندي ھو ڏَڪي ويندو ھو.
”ھتي پھچڻ کان پوءِ نه ھن کي ڪنھن ڪم سِکڻ جي مُھلت ملي ۽ نه وري ھو پنھنجي پيءُ کي لھي سگھيو. ان ڪري ھن رڪشا ڊرائيور بڻجي، روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪئي. شھر جي واقف نه ھجڻ ڪري سوارين کي رلائڻو پوندو ھوس، جنھن تي گراھڪ کيس گھٽ وڌ به ڳالھائيندا ھئا ۽ ڀاڙو به گھٽ ڏيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ته رستو به پڇائڻو پوندو ھوس. ان ڪري ڪنھن سوار کي ڪاوڙ لڳندي ھئي، ته بنا ڀاڙي ڏيڻ جي ٻي رڪشا ڪري ھليو ويندو ھو. ھن جي زندگيءَ جو اُھو دور ڏاڍين مشڪلاتن ۾ گذريو. گھڻو ڪري ھو رات جو خالي پيٽ تي سمھندو ھو. ھو چوندو ھو ته ’ماڻھو چون ٿا ته پوڙھا روزيءَ ڪمائڻ لائق نه ھوندا آھن، پر مان ته جوان ۽ سگھارو آھيان- سڄو ڏينھن سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ به پيٽ ڀري کائي نه ٿو سگھان!‘ ھو پنھنجي چوڌاري ماڻھن وٽ ايتري دولت ڏسندو ھو، جو کين خبر ئي نه ھئي ته ايڏي دولت ڪاڏي ڪجي. جيئن سندس رڪشا جو مالڪ ھو، جنھن کي فقط ھڪ ڪم ڪرڻو پوندو ھو- اھو ھو غريب ماڻھن جا ڪمايل پئسا ڳڻي وٺڻ ۽ گڏ ڪرڻ، جيڪي سندس رڪشائون مسواڙ تي وٺي ھلائيندا ھئا. اھڙن رڪشائن ۾ رڪشا ھلائيندڙن جي مالڪن وٽ کاڌي جي ڪابه کوٽ ڪانه ھئي. ھو ڊرائيورن کي گارگند ڪرڻ پنھنجو حق سمجھندا ھئا.
”ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سندس پري جي ھڪ مائٽ کيس بجليءَ جي دڪان تي ڪم سکڻ لاءِ لڳايو- ھن ٻن ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو، جتي پڻ کيس پيٽ ڀري کائڻ جيتري به ڏھاڙي نه ملندي ھئي. ان کان پوءِ ھو نِگو ڪاٽِ ھليو آيو، ۽ گرفتار ٿيڻ تائين اتي ئي ڪم ڪندو رھيو.“
اسان جو اُس ۾ ويھڻ جو وقت ختم ٿي چڪو ھو. وارڊر، رڙ ڪري اسان کي واپس ڪوٺين ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ جڏھن به وجھ ملندو ھو، تڏھن ٻيون قيدي عورتون مون کي تُروئيءَ جي ڳالھين ٻڌائڻ لاءِ چونديون ھيون. مون کي پنھنجي مڙس جي باري ۾ ڳالھائيندي شرم ايندو ھو، پر ڀيڻ ’الف‘ ھڪ ڀيري مون کي چيو، ”اسان جھڙا ماڻھو، جن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آھي ۽ جن کي لڳاتار سختيون سَھڻيون ٿيون پون، تن کي پنھنجي بھادر ساٿين جي زندگيءَ ۽ جدوجھد جي ڳالھين مان ھمت ۽ حوصلو ٿو حاصل ٿئي. انھن ڳالھين مان اسان کي ھر آزمائش جي مقابلي ڪرڻ لاءِ نئين طاقت ٿي ملي، ۽ دشمن جي خلاف اسان جي ڌڪار وڌي ٿي وڃي. مان تُروئِيءَ جي باري ۾ ٻيون به ڳالھيون ٻڌڻ چاھيان ٿي، جيئن اسان ھن جي ڪارنامن جي پيروي ڪري سگھون. ڀاءُ ڊُونگ بابت گيت لکيو ويو آھي. جيل ۾ قيد ڪاٽڻ وارن ساٿين لاءِ ھاڻي ڀاءُ تُروئِيءَ بابت به ھڪ گيت جي ضرورت آھي.“
ھڪ ڏينھن ڪن پوليس وارن مون کي سڏايو، ۽ پڇيو- ”ڇا تون پنھنجي مڙس سان ملڻ گھرين ٿي؟“ مون جواب ڏنو، ” مان ھر وقت ساڻس ملڻ لاءِ تيار آھيان.“ ھنن چيو، ”پر ھڪ شرط سان- ته تون کيس ڏوھه باسڻ لاءِ تيار ڪر-“
مان چپ ٿي ويس. ڀيڻ ’الف‘ مون کي پوليس جي اٽڪلن کان واقف ڪيو ھو. پوليس وارا ڪن زالن کي پنھنجي مڙسن تي دٻاءَ وجھڻ لاءِ استعمال ڪندا ھئا. اھو گُر ھاڻي مونتي ٿي آزمايائون. ھو مون کي ايترو جلد وٺي ويا، جو مان تُروئِيءَ لاءِ ڪا کائڻ جي شيءِ به وٺي نه سگھيس. مون سمجھيو ھو ته اسپتال ۾ ايترا ڏينھن رھڻ ڪري ھو ڪافي سَگھو ٿي ويو ھوندو، پر ھن کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته سندس حالت ساڳي ھئي. ھن جو رنگ پيلو ھو ۽ مُنھن ۾ لٿل ھو. ھن جا وار وڌي، ڪَنن تائين اچي ويا ھئا. ھن جي کاڏيءَ ۾ کُٻ پئجي ويو ھو. ھن جي جسم تي مٽيءَ جا تھ ڄمي ويا ھئا. ھن جي سُڪل ھٿن ٿي نيريون رڳون اڀري آيون ھيون. ھن منھنجي ٻانھن کان وٺي، مون کي پنھنجي ڀرسان ويھاريو ۽ چوڻ لڳو-
”ھاڻي منھنجي طبيعت ٺيڪ آھي. مان چڱو ڀلو ٿي ويو آھيان.“ ھن جي ڇاتي اگھاڙي ھئي. ھن جو جسم ھڪ ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھو، جيڪو پگھر ۾ ٻڏل ھو. ھن جا وکريل وار ھن جي نرڙ تي پيل ھئا. مون پنھنجي آڱرين سان سندس وار سنواريندي، پڇيو.
”ڇا توکي اڳي کان آرام آھي!“
ھن جي جواب ڏيڻ کان اڳي ئي ھڪ پوليس واري مون کي اتان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. تُروئِيءَ مضبوطيءَ سان منھنجي ٻانھن پڪڙي، پر ھن بدمعاش زور سان جھٽڪو ڏيئي، منھنجي ٻانھن ڇڪي ورتي، ۽ منھنجي مڙس کي چوڻ لڳو-
”پنھنجو ڏوھه باس، نه ته توکي جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ وٺي ويندس. اُتي توکي اڳي کان به وڌيڪ ايذاءَ ڏيندا. چڱيءَ طرح سوچ ته تون اُنھن ايذائن کي سَھي سگھندين!“
تُروئِيءَ چيو، ”مون ڪوبه ڏوھه نه ڪيو آھي. مان فقط ھڪ ڳالھ قبول ڪيان ٿو ته مون ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ان ۾ ڪامياب نه ٿيس-“
”جيڪڏھن تون ڏوھه نه باسيندين، ته توسان خاص قسم جو سُلوڪ ڪنداسين. ان وقت اسان کي ظالم نه چئجانءِ. جي تون پنھنجو ڏوھه نه باسيو، ته ياد رک تنھنجي زال به جيل ۾ سڙندي رھندي.“
تُروئي اھو ٻڌي چپ ٿي ويو، ۽ ان بدمعاش ڏي ڪاوڙ ڀريل اکين سان ڏٺائين. تنھن تي بدمعاش تيش ۾ اچي، چيو-
”تولاءِ آزاد ٿيڻ جو ھيءُ پويون وجھ آھي، ۽ تون اھو به وڃائين ٿو! تون حڪومت خلاف بڪواس ڪندو ٿو رھين، ۽ آمريڪين تي گند اڇلائيندو ٿو وتين. تون جيڪي ڳالھيون ساٿين سان ٿو ڪرين، اسان اھي ٽيپ ڪري ڇڏيون آھن. تون جو ڪجھ چوندو رھيو آھين، اُھو پنھنجي ڪَنن سان ٻڌڻ چاھين ٿو؟ تو آمريڪي بچاءَ وزير کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ھاڻي تون قومي فوج تي الزام تراشي ٿو ڪرين؟ تون وزير اعظم جي بي عزتي ڪرڻ کان به نه مڙئين-“
”مون پنھنجي خيالن کي ڪڏھن به لڪل نه رکيو آھي، ۽ سدائين سچي ڳالھ چئي اٿم. تون اھڙيون اخبارون آڻيدو رھيو آھين، جيڪي آمريڪي مشيرن جي تعريف ۾ زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏينديون آھن، ۽ ھنن کي ويٽام جي عوام جو دوست سڏينديون آھن. مون انھن کي ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيو، جو اھي ڪوڙ لکنديون آھن. مان چاھيان ٿو ته انھن اخبارن جي پڙھندڙن کي مان آمريڪي مشيرن جو اصلي روپ ڏيکاريان، جي ويٽ نام جي عوام جا دوست نه، پر جاني دشمن آھن- ۽ انھيءَ ڪري اُنھن سڀني کي ڳولي ڳولي ختم ڪرڻ گھرجي.“
پوليس واري ڪاغذن جو ھڪ ٿھو ڪڍيو، جنھن تي ھن تُروئِيءَ کان صحيح وٺڻ ٿي گھري. ھن انھن ڪاغذن جي لکت پڙھي ٻڌائي، ۽ پوءِ چوڻ لڳو-
”ھاڻي توکي صاف ٻڌائڻو پوندو ته ان ڪم لاءِ توکي ويٽ ڪانگ کان گھڻا پئسا مليا ھئا-“
تُروئِي بستري تي ئي ليٽيو رھيو، ۽ لفظ لفظ تي زور ڏيندي چيائين، ”مان پئسن جي ڪري آمريڪين جي مخالفت نه ٿو ڪريان، پر مان ته اُنھن جو ساھه ڪڍڻ ٿو گھران. مون جو ڪجھ ڪيو آھي، اُن جو مقصد آھي ڏکڻ ويٽام کي آزاد ڪرڻ ۽ ظلم جي چنبي مان ڇڏائڻ. اِھوئي منھنجو جواب آھي.“
اُھو ٻڌي، ھو بدمعاش مون ڏي وريو- ”پنھنجي مڙس کي چئو ته پنھنجو ڏوھه باسي، نه ته کيس ماري ڇڏيندا-“
مون چيو، ”مون کي ھن جي ڳالھين جي خبر ئي ناھي- مان ڪھڙي ڏوھه باسڻ لاءِ چوانس.“
تُروئي بستري تي سنئون سمھيو پيو ھو. ھن جون ٻانھون بستري تي ھيون ۽ ھن جون اکيون ڇت تي ڄميل ھيون. ھن جي مُنھن تي اونھي ڳنڀيرتا ھئي. ھو پنھنجي آس پاس کان بيخبر پئي لڳو.
پوليس واري چيو، ”تون اُھوئي ماڻھو آھين، جنھن ڪانگ لائي پُل اڏائڻ جو ارادو ڪيو ھو-“
”منھنجو ارادو ميڪنمارا کي مارڻ جو ھو- آمريڪي بچاءَ جي وزير کي-“
”تو آپگھات جي نيت سان دريءَ مان ٽپو ڏنو. تو پنھنجي خلاف سڀ ثابتيون لڪائڻ ٿي گھريون- ڇا اِھو صحيح آھي؟“
”اھو غلط آھي- مون جھڙا ماڻھو آپگھات نه ڪندا آھن. مان ڪجھ وقت جيئرو رھي، آمريڪي حملي آورن کي ماري سگھڻ جي نيت سان ٽپو ڏنو ھو. جي مان مري وڃان ھا، ته اھو ھڪ اتفاق چئي سگھجي ھا-“
ھو بدمعاش وري وري کانئس سوال ڪندا رھيا، ۽ مٿس واھيات ڳالھيون مڙھيندا رھيا. ھنن جو مقصد ھو ته ھن جي جراَت واري ڪاروائيءَ کي بدنام ڪيو وڃي، جنھن جو سڄي سائيگان ۾، خاص ڪري نوجوانن ۽ شاگردن تي، ڌاڪو ڄميل ھو. ھنن کيس اُٿاري ويھاريو ۽ کانئس ڪاغذن جي ٿھي تي صحيح وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ ڪُوڙ جا دفتر ڀريل ھئا. ھن ڪاغذن کي پڙھڻ کانپوءِ قلم کنيو ۽ ھڪ ھڪ ڪري سڀني فُقرن کي ڪاٽيندو ويو، ۽ سڀ ڪاغذ آڏين سِڌين لڪيرن سان ڀرجي ويا. پڇاڙيءَ ۾ ھن قلم پوليس واري جي جھول ۾ اڇلايو ۽ بستري تي ليٽي پيو.
ھن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، ھو کيس اڳي کان به وڌيڪ ايذاءَ ڏيڻ جا دڙڪا ڏيڻ لڳا. ھنن مون کي به دڙڪا ڏيئي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ چيائون ته ”خبردار، جي ھڪ به لفظ ٻاھر ڪڍيو اٿئي، نه ته تنھنجو خير نه ھوندو-“ مان اڱڻ ۾ بيھي روئڻ لڳيس. جڏُن مون ڊوڙي پنھنجي مڙس وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻن ٺوڳي بدمعاشن مون کي ٻانھن کان پڪڙي ڪار ڏي گھلڻ شروع ڪيو.
جڏھن قيدخاني جي ڪوٺيءَ ۾ موٽي آيس، ته منھنجون ساٿياڻيون ڦِري آيون، ۽ ’ب‘ مون کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن کان پوءِ به جڏھن ھوءَ منھنجون اکيون آليون ڏسندي ھئي، ته مون کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، ۽ منھنجي ڏک ميسارڻ لاءِ مون کي ڪھاڻيون ٻڌائيندي ھئي، يا ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندي ھئي. تازو مون ويھاڻي جون ٻه ڇُھون ٺاھيون ھيون. ڀيڻ ’ب‘ مون کي انھن تي ڀرت ڀرڻ ۽ تُروئيءَ سان گڏ پنھنجو نالو سِکڻ سيکاريو. جيتوڻيڪ سندس ھٿ سُئـيُن لڳڻ ڪري، اڃا به سڄيل ھئا، پر ھوءَ سَنھي ڪم سيکارڻ وقت پاڻ سُئي کڻي، ڪم شروع ڪندي ھئي. ھوءَ چوندي ھئي، ”جڏھن تون ڇُـھُن تي ڀرت جو ڪم پورو ڪرين، ته انھن کي پنھنجي مڙس وٽ کڻي وڃجانءِ، ۽ کيس چئجانءِ ته ’ کولي نمبر 4 جي قيدياڻين کيس شاديءَ جي سوکڙي ڏني آھي. جيتوڻيڪ دير ٿي ويئي آھي، پر اسان کي اميد آھي ته ھو ضرور قبول ڪندو!‘ ڪم جي وقت اسان ڀيڻ ’ب‘ جي پسند جو گيت ”پنھنجي مجاھدن لاءِ ڪپڙا ٿا سِبون-“ ڳائينديون ھيون سين-